سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: وڏا اديب وڏيون ڳالهيون

باب-

صفحو :1

وڏا اديب وڏيون ڳالهيون

عبدالقادر جوڻيجو

مترجم طرفان

        لکڻ توڙي پڙهڻ اهڙا ڪم آهن جيڪي پهرين شوق بڻبا آهن پوءِ عادت بڻبا آهن ۽ نيٺ بيماري ٿي پوندا آهن لکڻ پڙهڻ واري لاءِ اهي ٽي عدد مرحلا آهن جڏهن ته جن ماڻهن جو لکڻ پڙهڻ سان ڪو به واسطو آهي پر رڳو لکندڙن ۽ پڙهندڙن سان واسطو آهي، انهن جي نظر ۾ اهي ٽيئي مرحلا بيماري آهن بلڪ ٰ نه ڇڏ ٰ قسم جي بيماري آهي.

        پڙهڻ جي بيماري ، عادت يا شوق ته ڪنهن به وقت پورو ڪري سگهجي ٿو. بس! ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙهڻو ئي ته آهي ڪانگ ڦاسائڻا ته نه آهن. پر لکڻ جو ڪم ، سو به ڪنهن تخليق ڪار جو ته اُهو ڪم ڪانگ ڦاسائڻ کان به ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪانگ ڦاسائڻ کان پنهنجو پاڻ کي ڦاسائڻ ڏکيو ئي ڪم آهي. تخليقي لکڻيءَ لکڻ لاءِ جڏهن وڃي مَنُ وري! نه وري ته پوءِ ڀلي هٿ هٿ تي ڏيو ويٺو هج. تخليقي لکڻيءَ

لاءِ من وري يا نه وري پر لکـڻ جي جيڪا عادت ٿيو وڃي، اها ته هر حال ۾ پوري ڪرڻي هوندي آهي.

        انهيءَ ڏس ۾ هت ڪنهن تخليق ڪار جو پنهنجو ڪيس هوندي  آهي. منهنجو ڪيس اهو آهي ته آءُ لکڻ جي عادت پوري ڪرڻ لاءَ جڏهن ڪجهه تخليق ڪري نه سگهندو آهيان ته پوءِ تخليق کان ننڍا ڪم يعني ڪنهن موضوع تي ريسرچ ڪرڻ، يارن پيارن کي خط لکڻ، صاف ڪاغذن تي اونڌا سونڌا ليڪا ڪڍڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم ڪري عادت پوري ڪندو آهيان.

        ترجمي جو ڪم پڙهڻ جي بيماريءَ مان جنم وٺندو آهي.جڏهن ڪي تخليقي شاهڪار پڙهبا آهن ۽ انهن ۾ وٺجي وڃبو آهي ته پوءَ دل اهو چاهيندي آهي ته جن ماڻهن اِهي شاهڪار تخليق ڪيا آهن انهن سان ڏيٺ پيدا ڪجي ته آخر اِهي همراهه يا همراهياڻيون ڪير آهن، ڇو ٿا لکن، اهڙيون من کي ڇڪيندڙ لکڻيون ڪيئن ٿا لکن؟---- انهن سوالن جا جواب ڳولي لهڻ لاءِ اهڙيون سوانح عمريون، انٽرويو، سفرناما ۽ مضمون پڙهڻا پوندا آهن  جيڪي انهن وڏن تخليق ڪارن جا لکيل هوندا آهن يا سندن متعلق لکيل هوندا آهن . اهڙي قسم جي دلچسپ لکڻين ۾ جتي انهن وڏن ليکڪن متعلق سوالن جا جواب ملندا آهن، اُتي ادب  جي عام مسئلن متعلق به پتو پوندو آهي. پنهنجي ٻوليءَ جي اديبن ۽ ادب جو پتو به پوندو آهي ته اسان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهيون. اسان وٽ  ٰلکڻ ٰ ۽  ٰليکڪ ٰ متعلق جيڪي بحث ڇڙي پوندا آهن جن ۾ ٰمعيار ٰ ٰ ٽيڪنڪ ٰ   ٰمواد ٰ  ٰ نظريو ٰ  ٰ تخليقي عمل ٰ  ٰسماج ٰ جهڙن لفظن جي حوالي سان وڏي وٺ پڪڙ ٿيندي آهي، انهيءَ سڄھيءَ وٺ پڪڙ جو حال معلوم ٿي ويندو آهي ۽ اک کلندي آهي.

        سال 1953ع ۾ تازو ڪاليجن مان پڙهي نڪتل ۽ يورپ ۾ رهندڙ ذهين پر سُڃائيءَ جو شڪار بڻيل بيروزگار آمريڪي نوجوان اديبن وڏي  ڀڄ ڊُڪ ڪري ۽ چندا چوڙيون ڪري جارج پلمپٽن جي اڳواڻيءَ هيٺ 1000 ڊالرن جي موڙيءَ سان هڪ ادبي معياري رسالو ڪڍيو. جنهن جو نالو رکيائون        “paris Review”  همراهه رسالو ته ڪڍي ويٺا  پر بيسٽ سيلرز ۽ ڪمرشل لکڻين ۽ شاهڪار ادبي ناولن جي اشاعتي ڌم ڌمام جي وچان هڪ معياري ادبي رسالي کي هلائڻ جو ٽوٽي  وارو ڪم لاڪانئن ڏکيو ٿي پيو.

        ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ همراهه جڏهن سوچڻ ويٺا ته کين اِهو ئي حل نظر آيو ته رسالي ۾ وڏن وڏن نالن کي آڻجي ۽ انهن نالن جي ڀَر تي رسالي جو وڪرووڌائجي. پر اِتي وري اُهو مسئلو پيدا ٿيو ته وڏن نالن وارا وڏا اديب نئينءَ مان نڪتل هڪ رسالي کي ڇو لفٽ ڏين؟ ڀلا جي لفٽ ڏين به سهي ته انهن جو معاوضو ڪير ۽ ڪٿان ڏيئي پوري پوي؟

نيٺ صلاح اها بيٺي ته وڏن اديبن کان انٽرويو وٺجن ۽ انٽرويو جي بهاني رسالي جي ٽائيٽل ڪور تي پاڻيهي وڏا نالا اچي ويندا. ۽  بقول مالڪوم ڪائولي جي همراهه  F B I جي جاسوسن وانگر وڏن نالن جو شڪار ڪرڻ نڪتا.

         انهن ٰ جاسوسن ٰ پهريون انٽرويو دنيا ۾ هاڪاريل اديب اي- ايم فاريسٽر جو ورتو. پهرين پهرين  سوالنامو ٺاهي فاريسٽر جي حوالي ڪيائون. ڪجهه وقت کيس سوچڻ لاءِ ڏنائون ۽ پوءِ مُنهان مُنهن انٽرويو ورتائون. فاريسٽر ساڻن اِها مهرباني ڪئي جو سوالن جا جواب کين چٻي چِٿي يريءَ رفتار ۾ ڏنا ۽ ائين کين لکڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪا نه ٿي.

 اهڙي قسم جي ڪجهه انٽرويوئن وٺڻ کان پوءِ جوانن ٽيپ رڪارڊر کي وچ ۾ آندو. پهرين سال جواب رڪارڊ ڪندا هئا. پوءِ اهو سڄو مواد ٽيپ تان لاهي، ان کي صحيح ڍنگ ۾ ترتيب ڏيئي انٽرويو ڏيندڙ ليکڪ جي حوالي ڪندا هئا. انٽرويو ڏيندڙ ليکڪ اهو مواد پڙهي نه رڳو ان ۾ ڪاٽ ڪوٽ ۽ اضافا ڪندا هئا پر انهيءَ مسودي ۾ پنهنجي پاران به سوال شامل ڪري انهن جا جواب ڏيئي ڇڏيندا هئا. ائين ڪرڻ سان اِهي انٽرويو وڌيڪ جامع ۽ ڀرپور ٿي بيٺا. اسان وٽ ته وري قصوئي الٽو آهي. انٽرويو کي انٽرويو سمجهي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن ليکڪ پنهنجي طرفان انٽرويو ۾ سوال شامل ڪرائي ته ان کي وڏي ٺڳي ۽ وڏو عيب سمجهيو ويندو آهي. حالانڪ انٽرويو وٺڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته انٽرويو ڏيندڙ وڌ ۾ وڌ ڳالهين  جي اُڀٽار ڪري. پوءِ لکت ۾ ڪري يا زباني ان سان فرق نٿو پوي.

بهر حال ڳالهه پئي هلي  “Paris Review “ جي. اهو رسالو ادبي ۽ معياري هوندي به انهن انٽرويوئن جي آڌار تي پورا ستاويهه سال هليو ( هاڻي جي خبر نه آهي ته اڃا اهو رسالو نڪري ٿو يا نٿو نڪري)

        تازو دنيا جي وڏي اشاعتي ڪمپنيءَ “Penguin Books” اِهي انٽرويو گڏجي جلدن ۾ ڪتاب ڇپايو آهي. ڪتاب جو عنوان آهي “ Writers  of Work”. انهيءَ ڪتاب جا پنج جلد پاڪستان ۾ پهچي چڪا آهن ۽ ٻيا جلد شايد اڃا  اچڻا آهن. “ Writers of Work “ ۾ گڏ ٿيل 75 انٽرويوئن مان مون رڳو 4 انٽرويو ترجمو ڪري لکڻ جي عادت پوري ڪئي آهي تخليق جو وڏو ڪم نه ئي سهي ترجمي جو ننڍو ڪم ئي سهي.

        سوال ٿو پيدا ٿئي ته 75 انٽرويوئن مان هروڀريو فاڪنر، موراويا، اسٽيئن بيڪ ۽ سينڊارس ڇو ؟ ٻيا ڇو نه ؟ --- اهو ان ڪري جو هڪ ته اِهي انٽرويو ٻين انٽرويوئن جي بنسبت سنڌي ادب ۽ اديب جي مسئلن کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ٿا ڏين. ٻيو سبب پنهنجي ذاتي پسند يا نا پسند به آهي. ذاتي طور مون لاءِ انهن چئن ئي ڄڻن جي انٽرويوئن ۾ ڌار ڌار دلچسپي موجود آهي. فاڪنر دلچسپ ان ڪري لڳم جو فاڪنر جا ناول مون کي سمجهه ۾ نه اِيندا آهن پر انٽرويو سمجهه ۾ اچي ويم ۽ دلچسپ لڳم، اِها لئه ٿي ويم ته گهٽ ۾ گهٽ فاڪنر جون ڪي ڳالهيون ته سمجهي ويس. البرٽو موراويا جو انٽرويو ان ڪري چونڊيو ويو جو  انهيءَ ليکڪ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيون آهن ۽ سندس نالو سنڌي ادبي حلقن ۾ ڄاتل سڃاتل آهي. جان اسٽين بيڪ جي ٽرمنالاجي ، لکڻيءَ جي وهڪ، رشتن متعلق اظهار ۽ ڪردار نگاريءَ جو ڍنگ اهڙو ئي آهي، جهڙو ڪو سنڌي سياڻو ڳوٺاڻو ڳالهيون ڪندو هجي ۽ شين جا اتا پتا ڪڍي ٻاهر ڪندو هجي، ٻين انٽرويوئن جي بنسبت سندس انٽرويو کي (توڙي سندس تخليقي شاهڪارن کي پڻ) ترجمو ڪرڻ تمام سولو ۽ سڌو ڪم آهي. لفظي ترجمو ڪجي ٿه به جهول نه ايندو رهيو سينڊر ارس ته ان جي شاعري يا نثر مون پڙهيو ته نه آهي پر انٽرويو ۾ ڳالهيون ڏاڍيون دلچسپ ۽ غير رواجي ڪيون اٿس. مون کي سندس دلچسپ شخصيت ۾ الائي ڇو سنڌي زبان جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار علي بابا نظر آيو.

        جيتريقدر انهن انٽرويوئن کي ترجمي ڪرڻ جو تعلق آهي، ته ان سلسلي ۾ انهن ٻٽاڪن هڻڻ جي ضرورت نه آهي ته ترجمو ڪيترو ڏکيو ڪم آهي يا اهو “ Trnascreation”  ۽ تخليقي ڪم آهي وغيره وغيره. البت اِهو عرض ڪري ڇڏيان ته انهن ترجمن ۾ مون هڪڙي بي ايماني ڪئي آهي ۽ اُها آهي ته ڪن هنڌن تي مون پاڻ سينسر وهاري آهي، بجاءِ اِن جي ته ڪو ٻيو انهن ڳالهين کي اچي سينسرڪري. ڏاڍيون خوبصورت ڪچيون گاريون ۽ ڪن مجبورين جي ڪري ڪجهه ڳالهيون ڪٽڻيون پيم. انهي ءَ ڳالهه جو مون کي پاڻ ڏک آهي. آخر ۾ آءُ محترمه مهتاب اڪبر راشدي ۽ خير محمد لاڙڪ (چيئرمين انگلش ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ) جو ٿورائتو آهيان. جن ڪجهه انگريزي لفظن، اصطلاحن ۽ جملن جي معنيٰ مون کي ٻڌائي ۽ سمجهائي.

 

 

عبدالقادر جوڻيجو

6 جون ١٩۸۴ع

 

وليم فاڪنر

                وليم فاڪنر سن 1879ع ۾ نيوالبني، مسپيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ريل جي پٽڙين جي سار سنڀال جو ٺيڪيدار هو.اهي ريل جون پٽڙيون سندس پڙ ڏاڏي ڪرنل وليم فاڪنر جون وڇرايل هيون. جنهن “The white rose of Memphis “  جي عنوان سان مشهور ڪتاب لکيو هو.

                وليم فاڪنر جي جنم کان ستت ئي پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي آڪسفورڊ ۾ ويٺو، آڪسفورڊ سندس اباڻي ڳوٺ کان 35 ميلن جي پنڌ تي هو. آڪسفورڊ ۾ وليم فاڪنر تمام گهڻي پڙهائي ڪرڻ جي باوجود هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪري نه سگهيو.1918ع ۾ وري رائل ڪينيڊين  ايئرفورس ۾ هوائي جهاز اُڏائڻ جي سکيا وٺڻ لاءِ داخل ٿيو، پر اُتان به سگهو ئي ڪڪ ٿي ڇڏي ڏنائين. بعد ۾ سال کن اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پڙهيو پر اُتي به پڙهائي راس نه آيس، ان ڪري اتان پڙهڻ ڇڏي اسٽيٽ يونيورسٽي جي اسٽيشن تي اسٽيشن ماستر وڃي مقرر ٿيو. کيس ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ان ڪري پوسٽ ماستري ڪرڻ بدران آفيس ٽائيم ۾ ويٺو ڪتاب پڙهندو هو. سندس اِها حالت ڏسي اختياريءَ واري کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.1926ع ۾ آمريڪا جي مشهور ترقي پسند ليکڪ شيروڊ اينڊرسن جي همت ڏيارڻ تي “ Soldiers’s pay” جي عنوان سان ڪتاب لکائي ڇپايائين. پوءِ ته هڪ ٻئي پويان سندس ڪتاب اچڻ لڳا، جيڪي هن ريت آهن. ‘Mosquitoes’ (1927     ( ‘Sartoris’ (1929), ‘The sond and the furry’ (1929),  ۽‘As I Lay dying’ (1930).  کيس صحيح معنيٰ ۾ ڪاميابي تڏهن ٿي، جڏهن 1930ع ۾ جذبات سان ڀرپور ناول ‘Sanctuary’ لکيائين. ان ڪتاب کان پوءِ مسلسل ڪاميابي سندس قدم چمندي رهي ۽ هي ڪتاب لکيائين. “Light an August”(1932) “pylon” (1935) “Absalom Absalom” (1936) The unvanquished (1938) The Wild Palms” (1939) “The Halmet” (1940) “Godown Moses” (1941) “Intruder in dust”  (1948) “A Fable” (1954)  ۽ The   Town (1957) 1949 ۾ کيس سندس ڪهاڻين تي  نيشنل بڪ ايوارڊ مليو. اهو ساڳيو ايوارڊ کيس 1955ع ۾ “ A fable “  تي پڻ مليو. 1949 ۾ دنيا جو مشهور انعام نوبل امن انعام به حاصل ڪيائين.

        هي انٽرويو کائنس 1956ع ۾ نيو يارڪ ۾ ورتو ويو.

انٽرويو وٺندڙ: فاڪنر صاحب ڪجهه عرصي کان تو بار بار اهو پئي چيو آهي ته انٽرويو ڏيڻ جو ڪم تو کي نٿو وڻي.

        اها ڳالهه ڪيتريقدر آهي؟

فاڪنر: انٽرويو ڏيڻ ان ڪري نٿو وڻيم جو انٽرويو وٺڻ وارا ذاتي زندگيءَ متعلق سوال ٿا پڇن.ذاتي سوالن تي مون کي چڙ لڳندي آهي. ها ! البت سوال جيڪڏهن منهنجين لکڻين جي باري ۾ هوندا آهن ته انهن جا جواب ڏيندو آهيان. پر جيڪڏهن سوال منهنجي ذات متعلق هوندا آهن ته پوءِ منهنجي مرضي آهي ته انهن جا جواب ڏيان يا نه ڏيان. ذات متعلق جواب ڏيندي ائين به ٿيندو آهي ته اڄ آئون هڪڙي ڳالهه ڪريان ۽ سڀاڻي ان تان ڦري وري ٻي ڳالهه ڪريان.

انٽرويو وٺندڙ:  ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿو ڄاڻين؟

فاڪنر:  آءُ هجان، دوستو وسڪي هجي يا هيمنگي هجي--- اسان نه هجون ها ته اسان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اچي اهڙيون لکڻيون لکي ها. در حقيقت اهميت لکڻي جي آهي، نه پر  “Hamlet” جي آهي. ليکڪ جيڪا اهميت حاصل ڪري ٿو سا به پنهنجين لکڻين جي ڪري ڪري ٿو. لکڻين کان ٽٽي هو پاڻ ته ڪا به شيءِ نه آهي. شيڪسپيئر، هومر ۽ ڊالزاڪ جيڪڏهن هزار ٻه هزار سال جيئرا رهن ها ته ڪر ذر ذر ساڳئي ڍنگ جون شيون لکن ها ۽ پبلشر وٽانئن ڀڄي جند ڇڏائين ها.

انٽرويو وٺندڙ : ليکڪ لاءِ پنهنجي انفراديت به ته ضروري آهي!

فاڪنر: تمام ضروري آهي پر رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ هر ليکڪ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ انفراديت قائم رکڻ کپي؟

انٽرويو وٺندڙ؛ پنهنجن هم عصر ليکڪن جي باري ۾ ڪهڙي راءِ اٿيئي؟

فاڪنر: اسان سڀني جيڪو تڪميل جو خواب ڏٺو، اُهو پورو نه ٿيو آهي اسان کي ان ڪري ٿي آهي جو اسين اڻ ٿيڻي جي پويان پيل آهيون. آءُ اڳ ۾ ئي لکيل پنهنجين لکڻين کي جيڪڏهن ٻيهر لکڻ وهان ته پڪ سان اڳي کان سٺو لکي ويندس. هڪڙي فنڪار لاءِ اها صورتحال صحتمديءَ واري آهي. اها صحتمنديءَ جي ئي نشاني آهي ته ليکڪ جيئن پوءِ تيئن بهتر کان بهتر ڳالهه چوڻ جي چڪر ۾ رهندو آهي ۽ ائين ئي سوچيندو آهي ته من هن ڀيري تڪميل تائين پهچي وڃان. اها حقيقت به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ته ليکڪ تڪميل تائين پهچي نه سگهندو آهي. تڪميل جي باري ۾ ليکڪ جيڪو تصور گهڙيندو آهي، جيڪو خواب ڏسندو آهي ۽ هو ان طرف جڏهن ڊوڙندو آهي ته ڪجهه به نه ورندو اٿس. الٽو دل کي وڍ ايندا اٿس. بلڪ ائين کڻي چئجي ته هو هڪ طرح سان خودڪشي ڪندو آهي. مون لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ ڦٻي نه سگهيس ته شاعري ڇڏي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ ناڪاميابيءَ  کان پوءِ ڪهاڻي ئي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي ڪو ماڻهو جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ به ڪامياب نه ٿيندو آهي ته پوءِ ئي هو ناول لکندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: سٺي ناول نگار ٿيڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟

فاڪنر: ٩٩ سيڪڙو ڏات، ٩٩ سيڪڙو جوڙجڪ جو شعور ۽ ٩٩ سيڪڙو محنت. ناول نگار پنهنجي ڪم مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هو جيترو سٺو لکڻ گهري ٿو اوترو سٺو لکي نٿو سگهي. جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌڻ جو خيال ذهن ۾ رکجي.پنهنجن هم عصر ليکڪن جي مقابلي ۾ اچڻ جي بدران پنهنجين اڳين لکڻين کان بهتر لکڻ جي خواهش من ۾ ڌارجي. فنڪار هڪ اهڙي قسم جو جناور آهي جنهن کي الائي ڪهڙا جن ڀوت ٿا هلائين. کيس اها به خبر نه هوندي آهي ته آخر اهي جن ڀوت کيس ڇو ٿا هلائين. فنڪار هڪ اهڙو بداخلاق شخص هوندو آهي جيڪو مواد جي ڏس ۾ ڪنهن کان به ڦُر ڪري سگهي ٿو، ڪنهن جي به چوري ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کان به پِني يا قرض کڻي سگهي ٿو.ڪجهه به ڪرڻو پوي پر لکڻ جو ڪم ضرور ٿئي.

انٽرويو وٺندڙ:تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فنڪار صفا بي رحم هوندو آهي.

فاڪنر: ليکڪ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه سان ٻڌل نه آهي، هو صرف پنهنجي فن سان ٻڌل آهي. جيڪڏهن ڪو سٺو ليکڪ ٿيڻ ٿو گهري ته کيس سورهن جا ويهه آنا بي رحم ٿيڻو پوندو ڏيندا رهندا آهن ۽ هو انهيءَ پيڙا مان جند ڇڏائڻ چاهيندو آهي. ڪتاب جي چڪر ۾ هو ڪنهن به خوشيءَ تحفظ، چڱائيءَ، عزت ۽ وڏائي کي صفا نه ليکيندو آهي. ليکڪ کي لکڻ لاءِ جيڪڏهن ماءُ کان ڦُر ڪرڻي پوي ته هو اها به ڪري . “ Ode on Grecian urn “ جهڙيون لکڻيون گهڻين پوڙهين کان چڱيون آهن.

انٽرويو وٺندڙ: انهي ءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ليکڪ کي تخليق ڪرڻ وقت ڪنهن به تحفظ خوشيءَ ۽ عزت جي ضرورت نه آهي!

فاڪنر: اهي شيون ماڻهو جي ذاتي  امن ۽ سڪون لاءِ ته ضروري آهن پر فن جو امن ۽ سڪون سان ڪو به تعلق نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ته پوءِ ليکڪ لاءِ ڪهڙي ماحول جي ضرورت آهي؟

فاڪنر: فن ليکڪ جي ماحول سان ٻڌل نه آهي. ماحول ڀلي ڪهڙو به هجي ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هونئن مون هيستائين جيڪي به ڌنڌا ڏٺا آهن انهن مان سٺي ۾ سٺو ڌنڌو ڏوهارين جي چڱمڙسي آهي. منهنجي خيال ۾ ليکڪ لاءِ اِهو سٺو ڌنڌو آهي ۽ تمام سٺو ماحول پيدا ڪريو ٿو ڏي. انهيءَ ڌنڌي ۾ مڪمل اقتصادي آزادي آهي ڍءُ تي ماني۽ مٿو لڪائڻ لاءِ ڇت آهي. صرف ٿورو گهڻو حساب ڪتاب رکڻو ٿو پوي ۽ هر مهيني پوليس کي خرچي ڪرائڻي ٿي پوي. صبح جو ماٺ لڳي پيئي هوندي آهي، ڪو به گوڙ شور نه هوندو آهي لکڻ جو بهترين وقت صبح جو پهر آهي. شام جو آتڻ تي رونق لڳي پيئي آهي. حساب ڪتاب به ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ٿو رکڻو پوي. حساب به وچ واريون ڌريون  پاڻيهي پييون رکنديون آهي ۽ ”سائين ۽ سائين“ به ڪنديون. ٽياڪڙ به حاضريءَ ۾ بيٺا هوندا. پوليس وارا به وهڻ لاءِ ريڙهي ڪرسي ڏيندس. بحرحال ماحول ڪهڙو به هجي پر ماڻهو تنهائيءَ ۽ آرام ۾ هجي، بشرطيڪ ليکڪ کي انهي جي قيمت ادا ڪرڻي نه پوي. اڻ وڻندڙ ماحول ليکڪ کي پاڻيءَ مان ڪڍيو ڇڏي، مانيءَ ٽڪر ۽ وهسڪي جي ڍڪ جي ضرورت هوندي آهي. وڌيڪ ڪجهه پاڻ کي کپيئي ڪو نه.

انٽرويو وٺندڙ: بوربون ؟

فاڪنر: نه. هروڀرو بوربون ڪا ضروري نه آهي. ڪا به اسڪاچ هجي، ڪم ٽپي ويندو.

انٽرويو وٺندڙ: تو اقتصادي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي. ڇا ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت آهي ڇا؟

فاڪنر: نه. ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت نه آهي بس پنا ۽ پينسل ملي وڃن. مفت ۾ مليل امداد جا ڏوڪڙ ليکڪ کي نه کپن. سٺو ليکڪ ڪڏهن به پئسن جيءَ پِن تي نه ڀاڙيندو آهي. ليکڪ ته بس رڳو پنهنجي ڌندي سان ٻڌل آهي جنهن کي سُٺو لکڻ ئي نه ايندو آهي اُهو پوءِ اِهي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته  “ سائين مون وٽ وقت ڪونهي.”يا“سائين مون  کي ڪا به اقتصادي آزادي نه آهي  وغيره وغيره. ڪو به کاٽڙيو، ڪو به دلال ڪو به چوراٽيو سٺو فن تخليق ڪري سگهي ٿو. بُک ۽ ڏوجهرا ماڻهوءَ کي برابر تنگ ڪندا آهن، پر سٺي ليکڪ جو ڪنهن به ڍنگ ۾ خاتمو آني نٿا سگهن سٺي ليکڪ کي پئسي ڏوڪڙ جو فڪر نه ماريندو آهي. ڪاميابي جنس مونث آهي، عورت وانگر آهي، انهيءَ جي اڳيان ويهي ليلڙاٽيون پائيندين ته گوڏا ڏيئي توتي چڙهي ويهي رهندي، تنهنڪري بهتر ائين آهي ته پري کان آڱوٺو ڏيکارينس ته پوءِ اها ساڳي ڪاميابي تنهنجا پير اچي جهليندي؟

انٽرويو وٺندڙ: تون فلم انڊسٽريءَ ۾ به ڪم ڪندو رهيو آهين. اهو ڪم لکڻين کي نقصان ته نٿو پهچائي؟

فاڪنر: ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا صف اول جي ليکڪ جي لکڻين کي نقصان پهچائي. ها ! جيڪڏهن ليکڪ صف اول جو نه آهي ته پوءِ کيس ڪا به شيءِ مدد ڪري نٿي سگهي. صف اول جي ليکڪ کي ڪا به رڪاوٽ آڏي نه ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي دل تي اڳ ۾ ئي لکڻ جي عشق کي ڏيو ويٺو آهي.

انٽرويو وٺندڙ:فلم لکڻ وقت ليکڪ کي فلم ٺاهڻ وارين ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا؟

فاڪنر: جي ها ! وقت بوقت سمجهوتو ڪرڻو ئي پوندو آهي ڇا ڪاڻ ته فلم شيءِ ئي اهڙي آهي جنهن کي ڳچ ڌريون گڏجي ٺاهينديون آهن. ان ڪري فلم لکڻ وقت هڪٻئي سان ڇڏ ڇوٽ ڪبي آهي. ڌرين جو جيڪو پاڻ ۾ تعاون ٿئي ٿو، اِهو تعاون ئي سمجهوتو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران تو کي ڪهڙو ايڪٽر ڪم ۾ سولو لڳو؟

فاڪنر: هينري بوگارٽ ،  “ To have and have not “   ۽ “The big sleep” فلمن ۾ اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻيءَ ڪنهن فلم ٺاهڻ جو ارادو اٿيئي؟

فاڪنر: ها ! جارج آوريل جي ناول (١٩۸۴) تي فلم ٺاهڻ لاءِ دل چئي ٿي، آءُ جيڪو اهو سدائين ڇيو چوندو آهيان ته “آزاديءَ جي معمولي خواهش رکڻ جي ڪري انسان لازوال ٿي پيو آهي “ اِهو ناول منهنجيءَ انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ٿو ڪري.

انٽرويو وٺندڙ: فلم ٺاهڻ وقت ڪو خاص طريقو به اختيار ڪندو آهين ڇا ته جيئن فلم موچاري ٿي پوي؟

فاڪنر: ڀلي فلم ٺاهڻ لاءِ سٺي ۾ سٺو ڪم اِهو ڪجي ته ڪئميرا اڃا حرڪت ۾ اچي ئي اچي تنهن کان اڳ آخري ريهرسل دوران ايڪٽر توڙي ليکڪ اڳ ۾ لکيل اسڪرپٽ کي ڦٽو ڪري ڇڏين ۽ اُتي جو  اُتي پڙ تي نيون سينون تخليق ڪري وٺن. بحرحال هاڻي مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته آءُ فلم جي ڪم جو نه آهيان ان ڪري فلم لکڻ جي ايتري وڌيڪ ضرورت محسوس نٿو ڪريان. مون وٽ جڏهن اظهار جو ٻيو سٺو ذريعو ناول آهي، ته پوءِ ان کي ڇو نه استعمال ڪريان. فلم جي بکيڙي ۾ ڇو پوان.

انٽرويو وٺندڙ: هالي ووڊ دنيا جو مشهور ادارو آهي. ان اداري ۾ ڪم ڪندي تو کي ڪافي دلچسپ تجربا ٿيا هوندا. انهن تجربن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

فاڪنر:         MGM فلم ڪمپنيءَ سان منهنجو ٿيل معاهدو تازو تازو ختم ٿيو هو ۽ آءُ واپس گهر موٽڻ جا اٺسٺا پيو ڪريان ته مون وارو ڊائريڪٽر هلي مون وٽ آيو ۽ چيائين “ جيڪڏهن تون اڃا فلم ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ ٿو گهرين ته رڳو مون کي ٻڌاءِ ته آءُ ڪمپنيءَ وارن سان تنهنجو نئون معاهدو ڪرائي ڇڏيان.“ مون ٿورا مڃيا مانس ۽ سڌو ساڳئي يار ڊائريڪٽر کي خط لکيو ته “ فلم ڪمپنيءَ ۾  مون کي ٻيهر نوڪري ٿي کپي. “ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي هڪڙو خط اچي مليو ۽ خط سان گڏ هفتي جي پگهار جو چيڪ به هو. ڏاڍي حيرت ٿيم ته نه ڪو معاهدو ڪيو اٿن، نه ڪو نوڪري جو آرڊر ڪڍيو اٿن، ائين ئي کڻي پئسا ڏياري موڪليا اٿن. سوچيم ته شايد آرڊر جي ڪاپيءَ يا معاهدي جي فارم  پوسٽ ۾ دير ڪئي هوندي. پاڻيهي پهچي ويندا. پر ٻئي هفتي وري اچي چيڪ ڪڙڪو ڪيو آرڊر ندارد. چيوسين ٺهيو سائين. چيڪن جو اهو سلسلو نومبر ١٩٣٢ع تائين هلندو رهيو ان کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو MGM ڪمپنيءَ وارن جي تار اچي ڪڙڪو ڪيو. جنهن ۾ لکيل هو. “وليم فاڪنر ! ڪٿي غائب آهين. پتو ڏي.“ مون جواب ۾ تار لکي “ MGM اسٽوڊيو ڪلورسٽي ڪيليفورنيا----وليم فاڪنر ! تار وصول ڪرڻ واريءَ ڇوڪريءَ چيو ته هن تار ۾ ته رڳو نالا لکيا پيا آهن نياپو ڪٿي؟ چيومانس اهو ئي نياپو آهي جواب ڏنائين ته اسان جي قاعدن قانونن مطابق تو کي تار ۾ ڪو نه ڪو چٽو نياپو ڏيڻو آهي نه ته تار نه ويندي ّ خير سندس ئي صلاح سان تار ۾ نياپو لکيم جيڪو هاڻي وسري ويو اٿم. تار رواني ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي اسٽوڊيو مان فون ذريعي حڪم آيو ته “ جيڪو به پهريون هوائي جهاز ور چڙهيئي، ان تي چڙهي نيو اووليئنس ۾ فلاڻي هوٽل تي اچي حاضر ٿي ۽ دخلڪاريءَ جي رپورٽ ڏي. “ آءُ  هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جي بدران جيڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيان ته اُتي پهچڻ ۾ وڌ ۾ وڌ مون کي اٺ ڪلاڪ لڳن ها. پر مون کي حڪم مڃڻو هو ان ڪري ٽيڪسي ڀاڙي ڪري فيمفس هوائي اڏي تي پهتس، جتان ٽئي ٽئي ڏينهن نيو اورليئنس لاءِ جهاز نڪرندوهو. ان ڪري آءٌ ٽي ڏينهن دير سان پهتس. شام جو ڇهين وڳي ڊائريڪٽر صاحب مسٽر ڊرائوننگ وٽ هوٽل تي پهتس. پهچڻ ساڻ چيائين ته “ في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان “ فلم جي ڪهاڻيءَ متعلق پڇيو مانس ته جواب ڏنائين ته “ في الحال فلاڻي ڪمري ۾ هليو وڃ. اُتي فلاڻو خان ويٺو اٿئي، اهو تو کي ڪهاڻي ٻڌائيندو.“ آءُ سندس ڪمري مان نڪري فلاڻي خان وٽ پهتس ته چيائين ته “ پهرين تو ڊائلاگ لکي وٺ، پوءِ ڪهاڻي ٻڌائيندوسانءِ.“ آءُ اِها عجيب  ڳالهه ٻڌي ڪهاڻي ٻڌي موٽي وري برائوننگ وٽ پهتس ته چيائين “في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان . “ ٻئي ڏينهن صبح جو سڀ ڄڻا گڏجي لانچ تي وڃي ويٺاسين، جو اسان کي گرانڊ ٻيٽ تي وڃڻو هو، جتي فلم ٺهڻي هئي. ڏٺم ته ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان لانچ ۾ موجود ئي نه آهي. خير ! سئو ميل ڪري ٻيٽ تي پهتاسين، ايستائين منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم اچي ٿيو. ماني کائي بس ڪئيسين ته ٽپهري اچي ٿي ۽ پوئتي موٽڻ جو وقت ڀرجي آيو. ڇاڪاڻ ته سنجهي کان اڳ هوٽل تي پهچڻو هو. اسان جي انهيءَ اچ وڃ جو سلسلو ٽي هفتا جاري رهيو . صبح جو روانا ٿيندا هئاسين، ٻيٽ تي ماني کائي وري واپس اچڻ لاءِ لانچ تي اچي چڙهندا هئاسين. مون کي ڪهاڻيءَ جي ڳڻتي کڻيو بيٺي هئي برائوننگ کان روز پيو پڇندو هوس ته جواب ڏيندو هو ته “ ميان ڳڻتي نه ڪر. في الحال آرام ڪر صبح جون ڳالهيون صبح سان. “ هڪڙي ڏينهن شام جو جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيس ته برائوننگ جي فون آئي ته  “ هڪدم مون وٽ پهچ “ آءُ وٽس پهتس ته مون کي تار هٿ ۾ ڏنائين ، جنهن ۾ لکيل هو ته “ فاڪنر کي نوڪري مان گولي ٿو ڪجي. ايم جي ايم اسٽوڊيو “ تار پڙهي حيرت مان برائوننگ ڏانهن ڏٺم ته هن چيو “ ميان ڳڻتي نه ڪر. آءُ هينئر جو هينئر اسٽوڊيو ۾ فلاڻي  وڏي صاحب کي فون ٿو ڪريان ۽ چوانس ٿو ته نه رڳو تو کي ٻيهر نوڪري ڏين، پر معافي به وٺن. “ هُن اُها ڳالهه چئي ئي بس ڪيو ته در کليو ۽ ٻيءَ تار اچي ڦهڪو ڪيو ، جنهن ۾ لکيل هو، برائوننگ کي نوڪريءَ مان گولي ٿو ڪجي.“ سو آءُ گهر موٽي آيس برائوننگ جيڏانهن جي بلا هو اوڏانهن ويو. باقي رهيو ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان ، انهي ءَ کي شايد هفتي جو پگهار اچي مليو هوندو. مطلب ته فلم نه ٺهڻي هئي سان نه ٺهي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو چوڻ آهي ته فلم لکڻ وقت ليکڪ کي ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. اها ڳالهه ته ٺيڪ، پر ڪتاب لکڻ وقت به خلق جي دٻاءُ هيٺ رهڻو پوندو آهي؟ سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا ؟

فاڪنر:         ڪتاب لکڻ وقت ليکڪ کي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي دٻاءُ هيٺ اچڻ نه کپي. هو صرف پنهنجوپاڻ جو دٻاءُ قبول ڪري. جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي مٿان سٺو لکڻ جي ڪوشش ڪجي. لکڻ کان پوءِ جيئن وڻيس پڙهندڙن جي اعتراض کي منهن ڏي. جيستائين منهنجي ذات جو تعلق آهي ته آءُ پنهنجي لکڻ ۾ ايڏو ته رڌل هوندو آهيان جو خلق جي پرواهه ڪريان ئي ڪو نه. مون وٽ ايترو وقت ئي نه آهي جو اِهو سوچيندو وتان ته ڪير مون کي پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي يا پسند ڪري ٿو يا اعتراض ٿو ڪري. جان ڊو جهڙا نقاد منهنجين لکڻين جي باري ۾ يا ڪنهن ٻئي ليکڪ جي ڪم جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا ڏين، ان سان آءُ ٻڌل نه آهيان. ها ! ائين ضرور ٿيندو آهي ته آءُ جڏهن “La Tentation de Saint Antoine” يا “ Old Testament” پڙهندو آهيان ته ائين ئي محسوس ڪندو آهيان جيئن پنهنجي لکڻ جي باري ۾ محسوس ڪندو آهيان. اها ڳالهه مون کي وڻندي آهي . وڻندي ته مون کي  پکين جي اُڏام به آهي ٻيءَ جوڻ ۾ آءُ پڪ سان گرڙپکي ٿيندس، جنهن کي ڪا به پرواهه ڪو به کٽڪو نه هوندو آهي. بُک ۾ جيڪي  ڪجهه ور چڙهندو اٿس، ان کي  کائي ويندو آهي. پنهنجا ٻچا ئي کائي ويندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تون جو هن در جي تي پهتو آهين ته ايستائين پهچڻ ۾ لکڻ جي ڪهڙي ٽيڪنڪ اختيار ڪئي اٿئي؟

فاڪنر: جيڪڏهن ڪو ليکڪ ٽيڪنڪ ۾ ٿو دلچسپي وٺي ته ڇڏيس ته هو پنهنجي منان وڍٽڪ جو عمل اختيار ڪري يا سِرَ سِرَ ۾ ڀچائي ڀت ٺاهي. لکڻ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڏسيل طريقي يا شارٽ ڪٽ جي گنجائش نه آهي ڪو جوان مڙس جيڪڏهن ڪنهن ٺهيل ٺڪيل ۽ گهڙيل ٿيوريءَ تي عمل ٿو ڪري ته اهو وڏو بيوقوف آهي. سِيکڻو اٿئي ته پنهنجين غلطين مان ئي سِک. ماڻهو صرف پنهنجين غلطين مان ئي سکندو آهي. سٺو فنڪار اهو آهي جيڪو ڪنهن جي به صلاح نه مڃي. صلاح ڏيڻ وارو ڀلي ڪيترو به هوشيار هجي پر ليکڪ لاءِ هو صفا سکڻو آهي. صلاح ڏيڻ وارو لکڻي ءَ جي ڪيڏي به واکاڻ ڪندو هجي پر جڏهن صلاح به ڏيندو ته مارائي وجهندو.

انٽرويو وٺندڙ: ٽيڪنڪ جي سچائيءَ ۾ اعتبار نه اٿئي ڇا؟

فاڪنر:         سوچيل سمجهيل ٽيڪنڪ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ٽيڪنڪ ته مواد سان گڏ ئي هوندي آهي ڌار ڪا به شيءِ نه آهي. ليکڪ جڏهن ڪتاب لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو ئي مس آهي ته ٽيڪنڪ پاڻيهي جو پاڻهي احساسن ۽ جذبن سان ٻُٽ ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ليکڪ جڏهن پهريون اکر لکڻ شروع ڪندو آهي ته کيس اها خبر پئجي ويندي آهي ته ڪتاب ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو . اکر پويان اکر ڀچندو ويندو آهي.سڄو ڪم سِرن جي اوساريءَ وانگرهوندو آهي. منهنجو ڪتاب “As I lay dying”  به ائين ئي جُڙيو. سڄھو مواد اڳ ۾ ئي منهنجي ذهن ۾ موجود هو.سڄي خبر هيم ته تان ڪٿان کڻي ڪٿي وڃي ٽوڙجي. روزانه صبح جو اٿي ٻارهن ڪلاڪ لکندو هوس. ڇهن هفتن اندر ڪتاب کي گهمائي ورتم. سڄو پورهئي جو ڪم هو. اِهو ڪتاب لکڻ وقت منهنجي ذهن ۾ ماڻهن جو هڪ ننڍڙو گروپ هو، جنهن کي باهه ۽ پاڻيءَ جهڙين معمولي قدرتي آفتن مان فطري ڍنگ ۾ ٽپي ٻاهر نڪرڻو هو. منهنجي ذهڻ ۾ رڳو اهو نڪتو هو ته اِهي ڪردار ڪٿي اُڀار ٿا کائين ۽ ڪٿي پنهنجو ڪم پورو ٿا ڪن. فنڪار جي لياقت انهي ءَ ڳالهه ۾ لڪل آهي ته هو پنهنجي ڪم کي پر کڻ جي ڪيتري همت ۽ ايمانداري ٿو ڏيکاري. جڏهن منهنجي ڪا ڪکڻي انهيءَ معيار تي نٿي لهي ته مون کي ايترو ئي ڏک ۽ اوتري ئي پيڙا ٿيندي آهي جيتري ماءُ کي پنهنجي اولاد جي کرڻ تي ٿيندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو ٻڌائي سگهندين؟

فاڪنر: “The sound and the furry”  اِهو ڪتاب ڌار ڌار وقتن تي مون کي پنج ڀيرا لکڻو پيو. مون کي ڪهاڻي بيان ڪرڻي هئي ۽ پيڙا مان نڪرڻو هو. اها ڪهاڻي ڪئڊيءَ نالي عورت ۽ سندس ڌيءَ جي ٽريجڊي هئي، جيڪي ٻئي ڄڻيون غائب ٿي ٿيون وڃن. ان ڪتاب جو هڪ ڪردار ڊزلي، منهنجيءَ پسند جو ڪردار آهي. ڊزلي هڪ بهادر،باهمت،فياض، سيبائتيءَ ۽ ايماندار عورت آهي بلڪ ائين کڻي چئه ته اها مائي مون کان وڌيڪ بهادر، ايماندار ۽ فياض آهي.

انٽرويو وٺندڙ: “The sound and the furru” ڪتاب جي شروعات ڪيئن ٿي؟

فاڪنر: ان جي شرعات منهنجي ذهن ۾ جُڙيل هڪ تصوير سان ٿي. ان وقت مون کي اِها خبر نه هئي ته اها تصوير علامتي رنگ اختيار ڪندي. اُها تصوير اِها هئي ته هڪ ننڍڙي نينگري آهي، جيڪا ماڙيءَ تي هڪ مٽيءَ هاڻيءَ جاءِ تي ويٺي آهي ۽ دريءَ مان پنهنجيءَ ڏاڏيءَ کي دفن ٿيندي به ڏسي پيئي ته هيٺ بيٺل پنهنجن ڀائرن کي اکين ڏٺي به ٻڌائي پيئي. ان ڪهاڻيءَ ۾ پهرين مون اِهو سمجهيو ته اِهي سڀ ڪير آهن ۽ ڇا پيا ڪن ۽ ننڍڙيءَ نينگريءَ جي پئنٽ مٽيءَ هاڻيءَ ڇو ٿي آهي. پوءِ ڏٺم ته اِها صورتحال مختصر ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪرڻ کان چڙهيل آهي. ان ڪري مختصر ڪهاڻيءَ جي بيان ڪرڻ بدران ڪتاب لکڻو پوندو. اها ڳالهه ڌيان ۾ اچڻ کان پوءِ ڇوڪري جي مٽيءَ هاڻي پئنٽ هڪ علامت طور منهنجي دماغ ۾ آئي ۽ منهنجي تصور ۾ هڪ اهڙي ٻارڙي آئي، جنهن جو پيءُ ماءُ نه آهن. جنهن گهر ۾ هوءَ رهي ٿي ان گهر ۾ کيس ڪا به قربت، ڪو به پيار نٿو ملي، ان ڪري هوءَ نيساري جي پائيپ ذريعي ماڙيءَ تان هيٺ لهي ٿي ۽ گهر مان ڀڄي وڃي ٿي.

                        ان ڪهاڻيءَ جي شروعات مون ان ننڍڙيءَ نينگريءَ جي واتان ڪئي، پر پوءِ ڏٺم ته ائين ڪهاڻي مزو نٿي ڪري ته اِها ساڳي ڪهاڻي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي واتان بيان ڪرايم، جنهن کي اها ته خبر آهي ته ڇا  پيو ٿئي پر اُها خبر نه اٿس ته ائين ڇو پيو ٿئي. ائين ڪرڻ سان به ڏٺم ته ڪهاڻيءَ جا پير نٿا کُپن، ان ڪري اِها ساڳي ڪهاڻي وري نينگريءَ جي هڪڙي ڀاءُ جي واتان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، تڏهن به ڳالهه ساڳي رهي. وري ڇوڪريءَ جي ٻئي ڀاءُ کي جهليم، پر تڏهن به اصل ڳالهه کان گُسي ويس. نيٺ ڇا ڪيم جو سڀني بيانن کي گڏي هڪ ٽياڪڙ جي بيان جي ذريعي ناول جوڙيم. ايڏين سارين ڪوششن کان پوءِ ۽ ڪتاب ڇپجڻ کان پندرهن سال پوءِ به ناول نامڪمل ٿو لڳيم. منهنجي اِها تخليق اهڙي آهي، جنهن سان مون حد کان وڌيڪ نرمي اختيار ڪئي آهي ۽ اڪيلو ڇڏي نه سگهيو آهيانس.ڪوشش ڪندس ته ان ناول کي ٻيهر لکان پر لڳي ٿو ته ان ۾ به ناڪامياب ٿي ويندس.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو هڪڙو ڪردار آهي بئنجي. ان ڪردار جي باري ۾ تنهنجا جذبات ڇا ٿا چون؟

فاڪنر: بئنجيءَ جو ڪردار منهنجي من ۾ لاڪائنس ڏک ۽ رحم جا جذبا پيدا ٿو ڪري. ڪو به ماڻهو بئنجيءَ جي جذبات جي باري ۾ ڪجهه محسوس ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته بئنجي خود پنهجي باري ۾ به ڪجهه محسوس نٿو ڪري. مون کي ته رڳو اهو ڏسڻو پيو آهي ته ڪردار جيئن مون تخليق ڪيو آهي، اُهو تيئن جو تيئن اعتبار جوڳو لڳي ٿو يا نه. ايلز بيٿين دور ۾ جيڪي اسٽيج ناٽڪ ٿيندا هئا، جن ۾ هڪ ڪردار اهڙو هوندو هو جيڪو اسٽيج تي ناٽڪ جي تمهيد ٻڌندو هو. پنهنجو اهو مقصد پورو ڪندو هو ۽ هليو ويندو هو، بئنجي به هڪ اهڙي ئي قسم جو ڪردار آهي. هو نه بُرو آهي ۽ نه ڀلو. ڇاڪاڻ ته کيس بُري ۽ ڀلي جي فرق جي ڪا به خبر نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ بئنجي پنهنجي اندر ۾ پيار ته محسوس ٿو ڪري!

فاڪنر: بئنجي ايترو ته بي سمجهه آهي جو منجهس خودشناسائي نالي ماتر به نه آهي. هو هڪ صفا جانور آهي. کيس نرميءَ ۽ پيار جو اڻ لکو احساس ته آهي پر هو ان کي ڪو به نالو ڏيئي نٿو سگهي. سمجهي نٿو سگهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر آهي ڇا. هو جڏهن ڪئڊيءَ ۾ تبديلي محسوس ٿو ڪري ۽ کيس اُهو ساڳيو نرم ورتاءُ وٽائنس نٿو نصيب ٿئي ته هو رڳو جانور وانگر رنڀي ٿو. هو ايترو ته بي سمجهه آهي کيس اها به خبر نٿي پوي ته هو ڪئڊيءَ کي وڃائي ويٺو آهي. کيس رڳو ايترو احساس ٿو ٿئي ته ڪا نه ڪا گڙٻڙ ٿي پئي آهي  ۽ ڪو نه ڪو خال رهجي ويو آهي. ان تي کيس ڏک ٿو ٿئي ۽ هو اِهو خال پُر ڪرڻ ٿو گهري. اِهو خال ڪئڊيءَ جي ڇڏيل  ڦاٽل جُتي پُر ٿي ڪري. اها ڦاٽل جُتي لاڪائنس پيار ڀريو ڇهاءُ آهي. هو ان جُتي کي ڪو نانءُ اِهو ڏيئي سگهي. کيس جيئن ڀري ۽ ڀلي جي خبر نه آهي، تيئن گندگيءَ ۽ صفائيءَ جو فرق نه معلوم به اٿس. ڪئڊيءَ جي ڦاٽل جتي کيس سڪون ته ڏئي ٿي پر اِها خبر نه اٿس ته اِها جُتي ڪنهن جي آهي ۽ کيس آخر ڏک ڇو ٿي رهيو آهي. اِهو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن اڳيان ڪئڊي ٻيهر پنهنجو پاڻ پڌاري ته شايد سڃاڻيس به نه.

انٽرويو وٺندڙ: بئنجي ءَ جي هٿ ۾ جيڪو گل ڏنو ويو آهي، ان جوخاص مقصد آهي ڇا؟

فاڪنر:                 اِهو گل هروڀرو شعوري طور تي سندس هٿ ۾ نه ڏنو ويو آهي. البت هٿ ۾ گل اچڻ کان پوءِ اِهو گل سندس ڌيان ضرور ڦيرائي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: “A fable” ناول ۾ تو عيسائي تمثيل کان ڪم ورتو آهي. ڇا ناول ۾ تمثيل کي ڪم ۾ آڻڻ سان ڪو لاڀ ملي ٿو ڇا؟

فاڪنر:         “A fable” ۾ عيسائي تمثيل کي ان ڪري استعمال ڪيو اٿم جو ان جي نوعيت جي لحاظ کان ناول ۾ خاص ضرورت هئي. ائين جيئن ڪو گهر ٺاهڻ وقت اِهو ڏسبو آهي ته گهر جي نوعيت مطابق ڪهڙي سِرَ ڪٿي هڻجي.

انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اهو ٿيو ته فنڪار عيسائيت کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ٿو، جيئن واڍو واهولي کي استعمال ڪندو آهي؟

فاڪنر: پاڻ جنهن واڍي (اديب) جي ڳالهه پيا ڪريون انهيءَ وٽ واهولو ته هوندو ئي آهي. ڪو به ماڻهو عيسائيت کان آجو ناهي، بشرطيڪ، وٽس اهو طيءِ ٿي وڃي ته عيسائيت لفظ جي معني ڇا آهي. عيسائيت هڪ منفرد شخص جي ورتاءُ جو انفرادي دستور عمل آهي. ان دستور جي چٽائي ڪبي ته اها هيءَ وڃي بيهندي ته انسان پنهنجين فطري ضرورتن جي باوجود پنهنجيءَ فطرت کان وڌيڪ سٺو ٿي ڏيکاري. پوءِ وٽس نشان ڀلي ڪهڙو به هجي، اُهو نشان ڪراس هجي يا کڻي هلال  جو هجي، ان سان فرق نٿو پوي. بس ماڻهو رڳو انسان ذات ۾ رهندي پنهنجو فرض ياد رکي. انهيءَ دستور عمل جون ڌار ڌار تمثيلون آهن ۽ اهي تمثيلون اهڙا چارٽ آهن، جن سامهون ماڻهو پاڻ کي رکي توري تڪي ٿو ۽ اهو ڄاڻڻ گهري ٿو ته هو پاڻ آخر آهي ڇا! اِهو چارٽ ماڻهو کي چڱائي ته سيکاري ٿو پر ائين نٿو سيکاري ته پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڳولي لهجي. اهو چارٽ لاڪانئس اهڙي قسم جو اخلاقي دستور عمل ۾ معيار پڌرو ڪري ٿو جنهن تحت هو پنهنجين لياقتن ۽ آرزوئن مطابق پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهي. ليکڪ حضرات هن کان اڳ ۾ توڙي هن وقت توڙي هن کان پوءِ به اخلاقيات جي شعور تحت انهن تمثيلن کي استعمال ڪندا رهندا. ڇاڪاڻ ته اهي تمثيلون فاني نه آهن، مستقل موجود رهنديون آهن. “Moby Dick”  ڪتاب ۾ ٽي اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ضمير جي تثليث جو اظهار ڪن ٿا. اها تثليث هيئن ٺهي ٿي: (1) ڪجهه به نه ڄاڻڻ.(2) ڄاڻڻ پر پرواهه نه ڪرڻ (3) ڄاڻڻ ۽ ان جي پرواهه ڪرڻ.

                        منهنجي ناول “A Fable”  ۾ به اهڙي تثليث موجود آهي: (1) نوجوان يهودي چوي ٿو، ” ڏاڍو ڀيانڪ آهي. آءُ ان کي مڃڻ کان انڪاري آهيان،ائين ڪندي مون کي ڇو نه کڻي زندگيءَ کان ئي انڪاري  ٿيڻو پوي. “ (2) فرينچ ڪوارٽر ماسٽر جنرل چوي ٿو، “ ڏاڍو ڀيانڪ آهي. پر اسين کيس برداشت ڪري سگهون ٿا، روئي سگهون ٿا.“ (3) بٽالين جو اڳواڻ انگريز چوي ٿو، “ ڏاڍو ڀيانڪ آهي“ پر تڏهن به ان لاءِ ڪجهه  نه ڪجهه بندوبست ڪري وٺندس.“

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ڪتاب “The wild Palms”  ۾ ٻه اهڙا موضوع اچي ويا آهن، جن جو هڪٻئي سان ڪو به تعلق نه آهي . تو انهن ٻن موضوعن کي ڪنهن خاص مقصد تحت گڏ ڪيو آهي ڇا؟ ڪجهه مشهور نقادن جو چوڻ آهي ته اِها جمالياتي تمثيل آهي. اِها واقعي جمالياتي تمثيل آهي يا اتفاقاً سڄيءَ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ائين بيهي رهي آهي؟

فاڪنر: نه، ائين نه آهي اِها هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جيڪا چارلوٽ رٽين ميئر ۽ هيري ولبورن جي آهي. اهي ٻئي ڄڻا پيار لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اڳتي هلي اهو پيار نٿو رهي. ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اِهي ڌار ڌار ڪهاڻيون ٿينديون. ڪتاب جو پهريون حصو “The wild Pams” لکي پورو ڪيم ته محسوس ڪيم ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا کوٽ رهجي ويئي آهي. ڪٿان ڪا تانَ ڪو سُر رهجي ويو آهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ ڌري سُر سُر ۾ ملائڻ لاءِ ڪتاب جو ٻيو حصو “Old man” لکيم. ۽ ائين ٻئي ڪهاڻيون وارڙيون ٿي پني ٿي آيون.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي لکڻين جو ڪيترو ۽ ڪهڙو حصو تنهنجي ذاتي تجربي جي پيڙهه تي ٻڌل هوندو آهي؟

فاڪنر: ان باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون ڪڏهن به ويهي ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته منهنجين لکڻين جو ڪيترو حصو ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. اهڙي قسم جي ڳڻپ ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي اٿم ڪڏهن . بس ! اها پڪ اٿم ته لکڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي هڪ تجربو، ٻيو مشاهدو ۽ ٽئي تصور جي قوت، انهن ٽنهي شين مان ڪا به ڪسي هوندي ته ٻن ٻين کي ڌڪي وجهندي.منهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڪنهن خيال يا ڪنهن ياد يا ذهن ۾ آيل ڪنهن تصوير سان ٿيندي آهي. جنهن وقت  ائين ٿيندو آهي، تنهن وقت ئي ان تي ڪم شروع ڪري ڏجي. ۽ اهو سمجهائجي ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان جي ڪارڻ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ سٺي ليکڪ جي هميشه اِها ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي ڪردار تخليق ڪيا وڃن، اُهي حقيقي هجن ۽ حقيقي صورتحال ۽ پنهنجي ءَ فطرت مطابق چرپر ڪري اڳتي وڌن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ليکڪ کي اُهو ئي ماحول تخليق ڪرڻو پوندو آهي. جيڪو سندس ڏٺل وائٺل هجي، جنهن جي کيس پروڙ هجي. جيڪڏهن اِها ڳالهه ڳڻي ويهي سوچجي ته منهنجي خيال ۾ اظهار جو سولو ذريعو سنگيت آهي. ڇاڪاڻ ته سنگيت ماڻهوءَ  جي تجربي ۽ تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي آيل آهي، پر منهنجي ڏات سُرن جي بدران لفظ آهن، مڃيان ٿو ته سُرن جي جاءِ تي لفظن وسيلي اظهار وڌيڪ ڏکيو ۽ اڍنگو آهي، پر ان هوندي به آءُ لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهيان. ٻڌڻ بدران پڙهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهيان، تصور لفظن ۾ تڏهن ايندو آهي جڏهن چُپ هوندي آهي، نٽر جي گجگوڙ ۽ موسيقي ماٺ ۾ ئي جنم وٺندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تنهنجيون لکڻيون ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ به سمجهه ۾ نٿيون اچن، انهن کي ڪهڙي صلاح ڏيندين؟

فاڪنر:                 چوٿون ڀيرو پڙهن.

انٽرويو وٺندڙ: تو تجربي، مشاهدي ۽ تصور جي قوت کي ليکڪ لاءِ ضروري ڄاڻايو آهي. انهن شين ۾ انسپائريشن جو اضافو نه ڪندين ڇا؟

فاڪنر:         انسپائريشن متعلق مون کي ڪا به خبر نه آهي. ڇا ڪاڻ ته مون کي ته اهو به پتو نه آهي ته انسپائريشن ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي. ان جي باري ۾ ٻڌو ته گهڻيئ اٿم پر اڃا اکين سان ڏٺي ڪا نه اٿم.

انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ٿو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ تنهنجو ذهن مار ماران ۾ ورتل آهي؟

فاڪنر:         اهو چوڻ ائين ئي آهي جيئن ڪو چئي ته هاري پنهنجيءَ ڪوڏر ۾ ورتو پيو آهي. خير هاري ته ڪوڏر مان ڪم ڪڍيو وڃي پر ليکڪ لاءِ ٻيا به گهڻا اوزار کپن.

انٽرويو وٺندڙ:تنهنجي ليکڪ بنجڻ جي شروعات ڪيئن ٿي؟

فاڪنر: آءُ نيو اورلئين ۾ رهندو هوس. ٻه پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڌنڌو پيو ڪندو هوس. اُتي ئي منهنجي سنگت شيروڊ اينڊرسن سان ٿي. ٻئي ڄڻا گڏجي روز ٽپهريءَ جو شهر ۾ گهمڻ نڪرندا هئاسين. ايندن ويندن ماڻهن سان وات ٽُڪاڻي پيئي ٿيندي هئي. جڏهن رات ڍرندي  هئي ته ٻئي ڄڻا بوتل کڻي ويهي رهندا هئاسين۽ پاڻ ڪچهري ڪندا هئاسين هو ويهي ڳالهائيندو هو ۽ آءُ ٻڌندو هوس. صبح جو همراهه غائب رهندو هو ڪٿي ڪو گوشائتو ڌنڌو ڌاڙي پيو ڪندو هو. اسان جي روز جي اها ڪار هوندي هئي. سوچيم ته جيڪڏهن ليکڪ جي اها ئي زندگي آهي ته پوءِ واه واه. سو پنهنجو پهريون ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. لکندي خبر پيم ته لکڻ وڏي وندر آهي. سو پورا ٽي هفتا لکڻ ۾ لڳو رهيس. اينڊرسن جو يڪا ٽي هفتا مون کي غائب ڏٺو، سو ڪهي اچي منهنجو در جهليائين. اڳي آءُ سندس در تي هليو ويندو هوس، هن ڀيري لاچار کيس اچڻو پيو. اچڻ سان پڇيائين” ڪهڙي مار پيئي اٿئي؟ ڪاوڙجي ته نه پيو آهين؟ “ جواب ڏنومانس ”ڪتات پيو لکان.“ رڙ ڪيائين “ حق منجا موليٰ “ ۽ ائين چئي ٻاهر نڪري ويو. جڏهن اهو ڪتاب “Soldier’s Pay” لکي پوءِ ڪيم ته واٽ ويندي اينڊرسن جي زال ملي. ملڻ سان پڇيائين “ڪتاب جو ڇا ٿيو؟“ ٻڌايومانس، ”لکي پورو ڪيو ٿم.“ ٻڌايائين،“ اينڊرسن ڪنهن پبلشر سان ڳالهائي تنهنجو ڪتاب ڇپائڻ چاهي ٿو.“ چيو مانس، “جيڪا سنگت جي مرضي“

انٽرويو وٺندڙ: تو جيڪو ٻڌايو ته تون ٻه پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي پيو ڪندو هئين. اِهي ڌنڌا آخر هئا ڪهڙا؟

فاڪنر: جيڪو ڌنڌو منهن ۾ ايندو هوم اهو ٻيو ڪندو هوس. ٻيڙي هلائڻ، گهرن جون ڀٿيون رڱڻ، هوائي جهاز اڏائڻ مطلب ته گهڻيئي ڌنڌا ايندا هئم. انهيءَ زماني ۾ شهر ۾ ڏاڍي سستائي هوندي هئي مون کي به ايترن گهڻن ڏوڪڙن جي کپ نه هوندي هئي. پاڻ کي ته سمهڻ لاءِ مختصر جڳهه ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿورو گهڻو کاڌو ٿي کتو. تماڪ جو سوٽو ۽ وهسڪيءَ جو ڍُڪ ٿي کتو. سو پورت پيئي ٿيندي هئي. ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن، ڏينهن رات هڪ ڪري ڌنڌو ڪندو هوس ۽ پوءِ مهينو ويهي ڪئي ڪمائي کائيندو هوس. طبيعتاً رولاڪ ماڻهو آهيان. پئسي جي پويان ڊوڙان ئي ڪو نه. اها ته وڏي بي شرمائي آهي جو دنيا ۾ رڳو ڪم ئي ڪم آهي. ڏکاري ۾ ڏکاري ڳالهه اِها آهي ته هر ڏينهن اٺن ڪلاڪن لاءِ رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اٺن ڪلاڪن لاءِ کائي نٿو سگهي، پيئي نٿو سگهي ۽ پيار ڪري نٿو سگهي. ڊس رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هر ڪو ماڻهو ڏُکارو ۽ ناخوش ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: اها ته پڪ آهي ته تون شيروڊ اينڊرسن جا ٿورا ڳائيندين. پر هو ليکڪ جي حيثيت ۾ تو کي ڪيئن ٿو لڳي؟

فاڪنر:         منهنجي هم عصر ليکڪن گڏجي آمريڪي ادب جي جيڪا ريت وڌي آهي، جنهن ريت کي کڻي ايندڙ نسل جا ليکڪ اڳتي وڌندا. شيروڊ ان ريت جو ۽ منهنجو ۽ منهنجي هم عصر ليکڪن جو پيءُ آهي. کيس صحيح معنيٰ ۾ اڃا مڃوتي نه ملي آهي. لکڻين جي لحاظ کان، ڊريزيئر سندس وڏو ڀاءُ لڳي ۽ مارڪ ٽوائن وري ٻنهي جو پيءُ لڳي.

انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي هم عصر يورپي اديبن جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟

فاڪنر: منهنجن يورپي هم عصر ليکڪن ۾ ٿامس مئن ۽ جيمس جوائس تمام وڏا اديب آهن. جوائس جو ناول “Ulysses” ته ائين ويهي پڙهجي جيئن پڪو پادري وڏي عقيدي سان ويهي “Old Testament” پڙهندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پس منظر ۾ بائيبل جو ڪيترو دخل آهي؟

فاڪنر: منهنجوپڙ ڏاڏو هيري اسان ٻارن لاءِ هڪ پيار ڪندڙ ۽ مهربان شخص هو. جيتوڻيڪ اسڪاٽ ماڻهو هو پر ان هوندي به اسان سان نه ايترو کهرو پوندو هو ۽ نه وري مذهب تي ايتو خاص زور ڏيندو هو. البت پڪن اصولن وارو ماڻهو هو. ان جي باوجود سندس هڪ خاص اصول هوندو هو ته روز جڏهن به اسين صبح جي پهر بائيبل جي ميز تي گڏ ٿيندا هئاسين ته هر ڪنهن کي بائيبل مان ڪا نه ڪا سٽ لس ٻڌائڻي پوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي سٽ ياد نه هوندي هئي ته ان کي بنا ناشتي جي ايستائين ڪمرو ڇڏڻو پوندو هو، جيستائين هو ڪا سٽ ياد نه ڪري. اها سٽ بلڪل صحيح نموني ۾ پڙهڻي پوندي هئي. اسان لاءِ هرڪا صبح انهيءَ ڍنگ ۾ گذرندي هئي. پڙ ڏاڏو  مرحوم پنهنجين نيرين اکين سان اسان ڏانهن ڏاڍي پاٺوهه ۾ پيو ڏسندو هو ۽ سٽ ٻڌندو هو. نيٺ وڏا ٿياسين ۽ هن دنيا ۾ گهڙياسين.

انٽرويو وٺندڙ: پنهنجن هم عصرن جون لکڻيون پڙهندو آهين؟

فاڪنر: نه. آءُ گهڻو ڪري اُهي ڪتاب پڙهندو آهيان جيڪي جوانيءَ ۾ پڙهيم ۽ پسند ڪيم. انهن ڪتابن ڏانهن آءُ        ائين ئي موٽ کائيندو رهندو آهيان، جيئن ڪنهن پراڻي يار ڏانهن موٽ کائبي آهي. آءُ هر سان بائيبل، Don Quixote, Old Testament ۽ ڊڪنز ۽ ڪونراڊ جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ساڳئي طرح فلابرٽ ۽ بالزاڪ کي به پڙهندو آهيان. بالزاڪ ته پنهنجي اهڙي دنيا ويهي تخليق ڪئي آهي، جيڪا رت ڌارا وانگر ڪتابن مان پار ٿيندي آهي.دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ به پڙهندو آهيان. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن ميلوائيل کي به پڙهبو آهي. شاعرن مان مارلو، ڪيمپئن، جانسن، هيرڪ، ڊوني، ڪيٽس ۽ شيليءَ کي پڙهندو رهندو آهيان. ڪتاب مون ايترو ته گهڻو پڙهيا آهن جو هاڻي ڪڏهن به ائين نه ڪندو آهيان ته پهرئين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن هڪ اڌ سين پڙهندو آهيان يا هڪ اڌ ڪردار. بس ائين ئي هوندو آهي، جيئن ڪنهن دوست سان چند منٽن لاءِ ملاقات تي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪبي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڀلا فرائيڊ؟

فاڪنر: آءُ جڏهن نيو اورلئنس ۾ رهندو هوس ته هر ڪو دانشور فرائيڊ جي باري ۾ پيو ڳالهائيندو هو، پر مون کيس ڪڏهن به نه پڙهيو. نه ئي وري شيڪسپيئر کي پڙهيم.

انٽرويو وٺندڙ: پراسرار ڪهاڻيون پڙهندو آهين؟

فاڪنر:         آءُ سائمينون کي پڙهندو آهيان ڇاڪاڻ ته هو مون کي چيخوف جي ياد ڏياريندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي پسند جي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌاءِ.

فاڪنر: مون کي ساراهه گيمپ جو ڪردار وڻندو آهي. هوءَ هڪ ظالم ۽ بي رحم عورت آهي. نشي ۾ ٻڏل، خود غرض ۽ بي گُري عوت آهي. سندس ڪردار خراب هئڻ جي باوجود اصلي ڪردار آهي. ان کان سواءِ مسز هيرس، فلاسٽاف، پرنس هال، ڊان ڪئڪزاٽ، سانچو اوڦيليا ۽ باٽم پڻ وڻندا اٿم. ليڊي ميڪبيٿ جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. مرڪيوٿيو ۽ مسز گيمپ جا ڪردار زندگيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ مدد لاءِ نٿا ٻاڏائين. هڪفن ۽ جم به وڻندا اٿم. ٽام سوايئر ڪو نه وڻيم، جو اهو تنگدل ڪردار آهي. جارج هارٽ 1840 يا 1850ع ڌاري ٽينيسي جبلن جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو ڪردار سوٽ لونگ گُڊ به مون کي ڏاڍو وڻيو. کيس پنهنجي باري ۾ ڪو به مونجهارو نه آهي. هن کان جيڪي پڄي ٿو، اهو ڪري ٿو. ڪن خاص وقتن تي کائنس گڏهپڻو به ٿي وڃي ٿو. پر ان جي باوجود هو ڦڪو نٿو ٿئي. هو ڪڏهن پنهنجيءَ بدقسمتيءَ کي نٿو لونئي ۽ نه وري الله سائينءَ تي ڪا ميار ٿو رکي.

انٽرويو وٺندڙ:ناول جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌاءِ.

فاڪنر: جيستائين ماڻهو ناول پڙهندا رهندا، تيستائين لکڻ وارا لکندا رهندا. يا جيستائين ناول لکڻ وارا لکندا رهندا، تيستائين پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا. اهو قصو ايستائين هلندو جيستائين وڃي باتصور رسالا ۽ ٽوٽڪن جا ننڍا ڪتاب ماڻهن جي پڙهڻ ۾ گهٽتائي آڻين، حقيقت ته اها آهي ته ادب واپس غارن ۾ چٽيل تصويرن ڏانهن موٽ پيو کائي.

انٽرويو وٺندڙ: نقادن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

فاڪنر: فنڪار وٽ ايترو وقت ئي نه آهي جو ويهي نقاد جي ڳالهه ٻڌي. اِهي ماڻهو جيڪي نالي جا ليکڪ بنجڻ گهرن ٿا، اهي تبصرا پڙهندا آهن. پر جيڪي ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ لکڻ گهرن ٿا اُهي نقاد جي ڳالهه تي ڪن نٿا ڏين. نقاد جو مخاطب فنڪار نه هوندو آهي. فنڪار نقاد کان مٿاهون آهي. ڇاڪاڻ ته هو اهڙي شيءِ تخليق ڪندو آهي، جيڪا نقاد کي تحرڪ ۾ ٿي آڻي. نقاد جيڪي ڪجهه لکي ٿو اُها لکڻي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي ته تحرڪ ۾ آڻي سگهي ٿي، پر خود فنڪار کي نٿي متحرڪ ڪري.

انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اِهو ٿيو ته تون پنهنجي لکڻي جي باري ۾ ڪنهن سان به بحث ڪرڻ نٿو گهرين.

فاڪنر: نه. آءُ لکڻ ۾ مصروف آهيان. منهنجي لکڻي مون کي مزو ڏئي ٿي. جڏهن اُها ئي لکڻي مزو ڏئيم ته ٻئي سان اُن تي ڇو ويهي ڳالهايان. ڀلا سمجهه ته جيڪڏهن پنهنجي لکڻي نٿي مزو ڏيئم ته پوءِ ان تي ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ سڌارو ته نه ايندو. ان جو سڌارو صرف ان صورت ۾ ايندو ته ان تي وڌيڪ ويهي ڪم ڪريان. آءُ ڪو ادبي چغادري نه آهيان،بس هڪڙو ليکڪ آهيان. پنهنجيءَ لکڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مان مون کي مزو نه ايندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: نقادن جو چوڻ آهي ته رت جا رشتا تنهنجن ناولن ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿا.

فاڪنر: اهو به هڪڙو نڪته نگاه آهي. تو کي ٻڌايو اٿم ته آءُ نقادن کي نه پڙهندو آهيان. جيڪڏهن ڪنهن ڪردار جي نڪ جو گهاڙيٽو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو ته آءُ نه ٿو سمجهان ته ليکڪ نڪ جي گهاڙيٽي کي ڇڏي رت جي رشتن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندو. مسئلو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ جو آهي، نڪ جي گهاڙيٽي يا رت جي رشتن جو نه آهي. ليکڪ جو اصل مسئلو سچ ۽ انساني دل آهي. نڪن جي گهاڙيٽي ۽ رت جي رشتن متعلق حقيقت ۽ ويچارن جي حيثيت ثانوي آهي. انهن شين جو سچ سان تمام ٿورو واسطو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: نقاد جو چوڻ آهي ته تنهنجن ڪردارن جي نفسيات ۾ بري ۽ ڀلي جي پرک نه آهي.

فاڪنر: زندگي بري ۽ ڀلي سان ٻڌل نه آهي. ڊان ڪئڪزاٽ لاڳيتو بري ۽ ڀلي مان چونڊ ڪرڻ ۾ رڌل هوندو آهي. پر ان لاءِ ته کيس خيالي دنيا ٺاهڻي پئي ٿي. هو هڪ چريو ماڻهو آهي. هو خيالي دنيا مان نڪري حقيقت ڏانهن صرف تڏهن اچي ٿو، جڏهن هن جو واسطو ماڻهن سان پوي ٿو ۽ ان وقت کائنس بري ۽ ڀلي جي فرق جي پرک ڦُرجيو وڃي، جيستائين انسان ذات جو وجود برقرار آهي تيستائين ماڻهو رڳو زنده رهڻ لاءِ وقت ٿو گذاري. زندگي تحرڪ آهي. ۽ اهو تحرڪ ماڻهوءَ لوڀ، طاقت ۽ آسودگي حاصل ڪرڻ ڏي وٺي  ويندو آهي. تحرڪ ماڻهوءَ  کي ان طرف ڏانهن وٺيو پيو وڃي ته پوءِ ماڻهو وٽ ٽائيم ئي ڪهڙو ٿو بچي جو هو اخلاقيات جي پويان ڊوڙندو وتي. خير ائين آهي ته اڄ يا سڀاڻي ماڻهو ان ڳالهه تي مجبور آهي ته چڱي ۽ بري مان چونڊ ڪري. ڇاڪاڻ ته اها کائنس اخلاقيات جي ضمير جي گهر آهي ته جيئن هو سڀاڻي پنهنجو پاڻ سان رهي سگهي. انسان جي اخلاقيات جو ضمير ديوتائن جو ڏنل هڪ سراپ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تو ’فنڪار‘ ۽’تحرڪ‘ جي تعلق جي ڳالهه ڪئي. ان جي وڌيڪ چٽائي ڪندين؟

فاڪنر: فنڪار جو مقصد آهي تحرڪ کي جهٽڻ. ڇاڪاڻ ته تحرڪ زندگي آهي. فنڪار اهو تحرڪ جهٽي پنهنجيءَ تخليق ۾ اهڙيءَ طرح ڏئي ٿو جيئن سئو سال پوءِ ڪو به تخليق کي ڏسي چوي ته واقعي زندگي اِها ئي آهي. ۽ هو ان زندگيءَ کي پائي پاڻ متحرڪ ٿي ويندو.جيستائين انسان فاني آهي تيستائين کيس پويان اهڙي شيءِ ڇڏڻ کپي، جيڪا لافاني هجي، جيڪا ايندڙ زندگيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪندي رهي.

انٽرويو وٺندڙ: مالڪولم ڪائولي چوي ٿو ته تنهنجا ڪردار قسمت جا ٻانها آهن. تون ڇا ٿو چوين؟

فاڪنر: اهو ڪائوليءَ جو نقطه نگاهه آهي. آءُ ته ائين چوندس ته منهنجا ڪي ڪردار قسمت جا ٻانها آهن ته ڪي وري نه به آهن.

انٽرويو وٺندڙ: ڪائوليءَ جو اهو به چوڻ آهي ته تنهنجا جيڪي ڪردار 20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا هوندا آهن، اهي همدرديءَ لائق نه هوندا آهن. اِهو ڇا آهي؟

فاڪنر: 20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا ماڻهو همدرديءَ لائق نه هوندا آهي. ٻار ۾ ڪجهه ڪرڻ جي لياقت آهي، پر سمجهڻ جي نه. 40 سالن کان مٿي ڄمار جا جيڪي ماڻهو هوندا آهن انهن ۾ سمجهڻ جي لياقت ته هوندي آهي، پر ڪجهه ڪرڻ جي نه رهندي آهي. وچ واري جيڪا عمر آهي ان عمر ۾ ماڻهو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ جي اهليت رکندو آهي، پر سندس سمجهڻ جي اڃا شروعات هوندي آهي. ان وقت ۾ ماڻهوءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جي نئين نئين اهليت پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ۽ ماڻهو ماحول جي پيش نظر ڌار ڌار دٻائن هيٺ اچي برائيءَ جي واٽ ڏانهن ايستائين ڌڪيو ويندو آهي، جيستائين مري نٿو. دنيا کي جيڪا پيڙا ملي آهي، اُها 20 کان 40 سالن جي عمر تائين جي ماڻهن ڏني آهي. منهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو ان جا گورا جوابدار هجن يا اُهي شيدي هجن جيڪي ضد ۾ اچي گوريءَ عورت سان زوري زنا ٿا ڪن،  ڳالهه ساڳي آهي. هٽلر هجي، نيپولين هجي يا لينن وارا هجن، اهي سڀ ماڻهو دنيا ۾ ايندڙ تڪليفن ۽ پيڙائن جا جوابدار آهن، ۽ اهي سڀئي 20 کان 40 سالن تائين جي عمر جا هئا.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، جنهن جي باري ۾ تو اخبارن ۾ به بيان ڏنو آهي،ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندين؟

فاڪنر:         ان ڏس ۾ جيڪا ڳالهه مون کي چوڻي هئي سان چئي ڇڏي اٿم. ان کي ٻيهر ورجايان ٿو. اسان آمريڪين کي جيڪڏهن زنده رهڻو آهي ته اسان کي کپي ته اسين جيڪي ڪجهه به هجون، اُهي سڀ کان اڳ ۾ آمريڪي ئي آهيون، اسين ڀلي کڻي گورا هجون، ڪارا هجون يا ساوا نيلا هجون پر پهرين آمريڪي آهيون. منهنجي پاڙي ۾ ٻن نوجوان گورن جيڪو ڪاريءَ ننڍڙي ٻارڙيءَ جو خون ڪيو اِهو بيحد دکدائڪ واقعو آهي. اهو واقعو اسان جي وجود ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي ثقافت پنهنجي مايوسيءَ جي ان حد تائين پهچي ويئي آهي جو ننڍڙا ٻار پيا مارجن. اهڙا واقعا اسان کي جيئڻ جو ڪو به حق نٿا ڏين،قطعي نه.

انٽرويو وٺندڙ: ‘Sartoris ۽ Soldaers pay’ لکڻ واري عرصي دوران تو کي ڇا ٿيو جو تون پنهنجي علائقي يوگنا پاٽاوڦا جو تذڪرو کڻي ويهي رهين؟

فاڪنر: ’Soldiers pay ته وندر طور لکيم. پر ان کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته نه رڳو ڪتاب کي پنهنجي هڪ الڳ صورت آهي پر خود ليکڪ جي سڀني لکڻين جي هڪ گڏيل صورت آهي.Soldier’s pay ۽ Mosquitoes’ ته ائين سمجهي لکيم ته بس ڪتاب لکڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وندرائڻو آهي، پر جڏهن Sartoris لکڻ شروع ڪيم ته پتو پيم ته منهنجي لکڻ لاءِ پنهنجي علائقي ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي. ۽ اهو مواد مون پاڻ ۾ موجود آهي. ان کي ٻاهر نه ڪڍيم ته اڳتي هلي ئي نه سگهبو. ان سڄي اعليٰ مواد کي پنهنجيءَ ڏات ذريعي ٻاهر آڻڻ وڏو ڪم ٿيندو. ان ڪري مون پنهنجي علائقي کي سون کاڻ سمجهي پنهنجي دنيا پاڻ تخليق ڪئي. اِها منهنجي مرضي هئي ته پنهنجن انهن تخليق ڪيل ڪردارن کي فاصلي توڙي وقت ۾ سفر ڪرايان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون پنهنجي اندازي مطابق پنهنجن ڪردارن کي ڪاميابيءَ سان وقت ۾ سفر ڪرايو آهي. وقت هڪ وهندڙ پاڻي آهي. ان ڪري اُهو ’آهي‘ نه ڪه ’هو‘ مون جيڪا دنيا تخليق ڪئي آهي، اها ڪائنات جي پيڙهه ۾ پٿر آهي. اهو پيڙهه جو پٿر تمام ننڍو آهي پر ان کي ڪڍي ڇڏيندين ته پوري ڪائنات ڦهڪو اچي ڪندي. منهنجو جيڪو آخري سونو ڪتاب هوندو اهو ياڪناپاٽا وڦا علائقي متعلق هوندو. ان کان پوءِ آءُ قلم ڀڃي ڇڏيندس ۽ چپ ٿي ويندس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org