سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-5

صفحو :5

باب پنجون

انهيءَ بهار  جي مند ۾ مان ڀڄِي ويس. هڪڙي  صبح جو ڊبل روٽيءَ لاءِ بيڪريءَ تي ويس، بيڪريءَ وارو پنهنجي زال کي گارين ڏيڻ  ۾ ايترو ته مشغول هو، جو منهنجي موجودگيءَ جو  پتو نه پيس، آخر پنهنجي زال کي مٿي وارو وٽ وهائي ڪڍيائين. هوءَ گهٽيءَ  ڏانهن وٺي ڀڳي ۽ اتي ڪري پئي، ماڻهن جا ميڙ اچي گڏ ٿيا.  زائفان کي ڏوليءَ تي رکي اسپتال کڻي ويا، مان به ان   جي پٺيان  ڊڪندو ويس. پتو نٿي پيم ته ڪيڏانهن  وڃي رهيو آهيان، آخر پاڻ کي وولگا نديءَ جي ڪناري تي ڏٺم. ان وقت منهنجي کيسي ۾ ويهه ڪوپيڪ هئا.

بهار جي اُس ڏاڍي وڻندڙ هئي، منهنجي اڳيان ڪشادي وولگا ندي مزي سان وهي رهي هئي  ۽ اتي  زمين  ايتري  ته وسيع  ۽ هڪ ڪري ٿي لڳي، جو ان ۾ منهنجو وجود کوهه ۾ ڏيڏر  مثل ٿي ڏٺو. فيصلو ڪيو ته نه مالڪ ڏانهن موٽندس نه نانيءَ  ڏانهن ويندس  نانيءَ ڏانهن وڃڻ ۾ساڻس انجام ڀڃڻ جو مرم ۽ ناني  جي چٿرن  جو خيال پئي ٿيم. ڪجهه ڏينهن ته ڪناري تي رليس پنيس، رات  جي وقت جهاز جا دريا دل مزور پنهنجن ڇاپرن ۾ مونکي اجهو ۽ ڳڀو ڏيندا هئا، آخر هڪڙي انهن مان چيو، هتي رلڻ پنڻ مان ڇا هڙ حاصل! ٻڌو اٿم  ته جهاز جي  رڌڻي ۾ هڪڙي ڇوڪري جي ضرورت آهي، چڱو ٿيندو ته تون اتي وڃي  ڪا جانچ ڪر. “

مون ائين ڪيو. هڪڙي  قدآور ڏاڙهي واري جهاز  ران مون کان  سوال جواب ڪيا. هن جي مٿي تي ڪاري ريشمي  ٽوپي ۽ اکين تي عينڪ پيل هئي جنهن مان هو مون کي تڪي رهيو هو – ”مهيني ۾ٻه روبل  ملندءِ. “ هن وڻندڙ نموني چيو ”ڪٿي آهي تنهنجو پاسپورٽ؟“

”مون وٽ ته پاسپورٽ ڪونهي. “

 ٿوري خيال کان پوءِ جهاز ران چيو. ”وڃ پنهنجي ماءُ کي وٺي اچ“.

مان نانيءَ ڏانهن ڊڪندو ويس، هن منهنجي  ڳالهه منظور ڪئي، ناني کي پاسپورٽ واسطي مزورن جي سرڪاري دفتر ڏانهن موڪليائين ۽ پاڻ مون سان جهاز ڏانهن گڏجي هلي.

”ڏاڍو سٺو“  جهاز ران اسان کي ڏسندي چيو، ”هليو آ مون سان. “

هو مونکي جهاز جي پاڇيل  ۾وٺي ويو.اتي هڪڙو ڀڪ جهڙو بورچي ننڍڙي ٽيبل تي ويٺو هو، هن کي سفيد ٽوپي ۽ سفيد چوغو پيل هو. هو سواءِ ساهي پٽڻ جي چانهه به پي رهيو هو ۽ هڪڙي ٿلهي سگار مان دونهان به ڪڍي رهيو هو، جهاز ران مونکي هن ڏانهن اڳتي ڪندي چيو. ”رڌڻي لاءِ ڇوڪرو استاد سماوري.“

چڙ مان پنهنجي وارن ڪٽيل مٿي کي ڦيرائيندي، ۽ پنهنجا دوڏا ٻاهر ڪڍندي، بورچي ءَ پنهنجون ٽنگون سڌيون ڪيون ۽ پوءِ رنڀندي ۽ گجندي پڇيائين ”تون ڪير آهين؟“

هو مون کي بلڪل  پسند نه آيو، هن جا ڪپڙا به جيتوڻيڪ صاف نه هئا، پر مون کان به هو گندو پئي لڳو.  هن جي آڱرين  تي کهرا وار اڀري آيا هئا، ۽هن جي وڏن ڪنن مٿان وارن  جا ڇڳا وڌي ويا هئا،

”مونکي بک لڳي آهي.“مون جواب ڏنو.

اهو ٻڌي هن اکيون  ڇنڀيون  ۽ هن جي چهري جي رونق ۾ڦيرو اچي ويو. هن جي منهن تي ڪاوڙ بجاءِ مرڪ پکڙجي ويئي. هن جون سر جي رنگ جهڙيون  ڳاڙهيون  واڇون ڪنن تائين  ڇڪجي ويون جنهن ڪري هن جي وات  جي سرنگهه ۾گهوڙي جهڙا ڏند ظاهر  ٿي بيٺا، هن جون مڇون نوڙي  پيون ۽ هو هڪڙيءَ  متاري ممتا ڀريل عورت وانگر ڏسڻ ۾اچڻ لڳو.

گلاس ۾پيل چانهه  هڪڙي ڪنڊ ۾ هاري،  منهنجي لاءِ ان۾ٻي چانهه وڌائين. ڊبل  روٽي ۽ قيمون مون ڏانهن  وڌائيندي چيائين، ”کائي ڍؤ ڪر.  تنهنجا ڪي مائٽ آهن؟ چوري ڪندو آهين؟ خارنه ”کاءَ پاڻيهي پتو پوندءِ ته هتي چورن جا ڌڻ آهن. “

هن جي گفتگو ڇا هئي، ڪُوڪٽ هئي. هن جو منهن تراکڙو ۽ سانورو ۽ ڪوڙيل ڏاڙهيءَ سبب صاف هو هن جي نڪ جي چوگرد ڳاڙهين رڳن جو ڄار پکڙيو پيو هو، ۽ هن جو نڪ سڄيل ۽ ڳاڙهو هو، جو سدائين مڇن مٿان لڙڪيو پيو هو، هنجو هيٺيون چپ پنهنجي ليکي لڙڪي، هن جي بدصورتيءَ ۾ اضافو ڪري رهيو هو،هن جي واڇ ۾هر وقت سگار پئي دکيو. هو شايد ان وقت گرم پاڻيءَ سان وهنجي نڪتو هو، جو هن جي لوندڙين ۽ ڳچي تي ڪجهه پگهر جون بوندو ن بيٺيون هيون.

جڏهن مون چانهه پي بس ڪئي،تڏهن مونکي هڪ روبل  ڪڍي ڏنائين، ”وڃي پنهنجي لاءِ  ٻه چوغا خريد ڪري آءُ. ترس مان به توسان گڏجي ٿو هلان.“

پنهنجي ٽوپي سڌي ڪر ي هو مونسان  گڏجي هلڻ لڳو، هلڻ مهل هن جو بت ڇليو۽ڇلڪيو پئي ۽ هن جا پير رڇ واريءَ ٽور سان کڄي رهيا هئا.

انهيءَ رات چنڊ پنهنجي  ڦوه جواني  ۾هو ۽ اسان جي جهاز  جي مٿان ٿيندو اولهه طرف چراگاهن  ڏانهن لڙندو پئي ويو، اسان جي دقيانوسي جهاز پنهنجي ڪاري کوهي سان هلڻ ۾ڏاڍو وقت پئي ورتو.۽ ان جا پکا اهڙي عجيب نموني ۽ شور سان چانديءَ جهڙي پاڻيءَ ۾پئي ڦريا جيئن ماٽين ۾منڌيون ڦرنديون آهن، يا سياري وقت پوک ۾ڏاٽا وهندا آهن. ڪناري جي وڻن جا پاڇا جيڪي پاڻيءَ ۾پئي تريا جهاز ڏانهن  اهڙي ريت هڪ ٻئي  جي پٺيان سرڪندا  پئي آيا ڄڻ پنهنجي محبوب جي وصل لاءِ وڌندا ويندا هجن. ڪناري کان پري هارين جي جهوپڙين جون خوشيءَ ڀريون دريون چمڪنديون نظر اچي رهيون هيون، ڳوٺن مان خوشيون ملهائيندڙ ڇوڪرين جي گيتن ۽ نغمن جا آواز پئي آيا.

اسان جي جهاز سان هڪڙو ننڍڙو بتيلو  ٻڌل هو جنهن جو رنگ سرخ هو اهو اسان جي جهاز جي بنايل  پاڻيءَ  جي پٽي مٿان لڏندو لمندو پئي آيو. ان جي مٿان سيخن جو مضبوط جهنگلو ٺهيل هو جنهن ۾اهي قيدي  سلهاڙي بيهاريا ويا هئا، جن کي ياته  شهر نيڪالي مليل هئي يا سخت پورهئي سان قيد آيل هو. بتيلي جي آڳيل  تي هڪڙو سپاهي بيٺو هو جنهن جي بندوق رکي رکي چمڪاٽ ڪري رهي هئي. بتيلي  مان ڪو به آواز ڪو نه پئي آيو.  چانڊاڻ بتيلي کي پنهنجي روشنيءَ ۾وهنجاري ڇڏيو هو ان جي ڪارين سيخن جي ڀيٽ ۾انهن جا اڇا بولٽ ٿورڙا  چمڪندڙ ڏسڻ ۾ پئي آيا، قيدي وولگا نديءُ ڏانهن نهاري رهيا هئا، پاڻيءَ جون لهرون ڪڏهن ائين ٿي لڳيون  ڄڻ روئي رهيون آهن  ۽ ڪڏهن ائين  ٿي لڳيون  ڄڻ کلي رهيون آهن. هتي به چرچ  جهڙي چپ لڳي پيئي هئي ۽ اهڙي ئي بوءِاچي رهي هئي.

بتيلي کي ڏسندي مونکي  ننڍپڻ وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن استر خان کان نجنيءَ ڏانهن ٿي وياسين، امڙ ۽ نانيءَ جا ڳنڀبر چهرا اکين آڏو ڦرڻ لڳا، جن جي ڪري ماڻهن سان اهڙي سخت پر دلچسپ زندگي گذارڻ جو موقعو مليو هوم. نانيءَ جي خيال ايندي ئي، جو ڪجهه برو ۽ بڇڙو ٿي لڳم اهو وڻندڙ ۽ موهيندڙ ٿي ٿي پيو ۽ ماڻهو وڌيڪ مهربان ۽ مٺڙا ٿي لڳا.

وولگا ندي جي راتين جي اهڙي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي، منهنجي نيڻن ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا، مونکي انهيءَ تابوت  جهڙي بتيلي جو ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. جيڪو خواب آور خاموش راتين ۾ڪشادي  نديءَ جي وهندڙ پاڻيءَ مٿان پنهنجي پورن ۾ٻڏو پيو هلندوهو، ڪناري کي هيٺ مٿي ڏسي منهنجو تخيل جوش  ۾ ايندو هو، ۽منهنجي دل اڌما کائيندي هئي ۽ ان ۾ چڱي ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن سان ويهي  رهاڻ ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندي هئي.

اسان جي جهاز جامسافر عجيب قسم جا هئا،جوانن ۽ پوڙهن، مردن ۽ عورتن جا مهانڊا ذري گهٽ سڀ هڪ جهڙا ئي لڳا، ڪم وارن  ماڻهن کي تيز رفتار ٻيڙيون کپنديون هيون. اسان جي  ڍلي  جهاز ۾ سڀ آرسي ۽ ٽوٽي اچي سوار ٿيا هئا. سندن ڪم هو  ڳائڻ ۽ کائڻ  تنهن ڪري بي انت  ڪوپ، بسيون، ڇريون، ڪانٽا ۽ چمچا  گندا ڪري ڇڏيندا هئا، انهن کي ملي صاف ڪرڻ جو ڪم منهنجي حوالي  هو تنهن  ڪري صبح جو  ڇهين بجين کان وٺي  اڌ رات تائين ڪم ۾ سخت رڌل رهندو هوس، البت ٽپهريءَ کان پوءِ جڏهن چانهه بير ۽ ووڊڪا جو دور شروع ٿيندو هو، تڏهن ڪجهه ڪجهه مٿي کنهڻ جي تي واندڪائي ملندي هيم.

ٻين  ڪمن ڪندڙن کي به ان وقت رڌڻ ۽ ڏيڻ  کان واندڪائي ٿيندي هئي، هيڊ بورچي سماوري  پنهنجي  نائب  ياڪوف ٿانورن ڌوئڻ واري مئڪس ۽ پاڻي  پيارڻ واري سرجيءَ سان گڏجي ان وقت چانهه پيئندو هو. سرجي ڪٻو هو، هن جي منهن تي ماتا جا داغ هئا ۽ هڙٻاٽيون  نڪتل هيون جن ۾تيلايون اکيون پيون چمڪنديون هيون. ياڪوف هميشه گنديون ڳالهيون بيان ڪندو هو ۽ روئڻهارڪا ٽهڪ ڏيئي، وچ وچ  ۾ساهي  پٽڻ لڳندو هو جنهن ڪري هن جا مر چڙهيل ڏند ٻاهر نڪري بيهندا هئا، سر جي جو ڏيڏريءَ جهڙو وات جڏهن هو ڏند ٽيڙي کلندو هو، ته ڪنن تائين  ڇڪجي ويندو هو. مئڪس منهن ۾گهنج وجهي پنهنجي سرد ۽ بي رنگ اکين  سان ماٺ ڪيو پيو ٻين کي ڏسندو هو. هيڊ بورچي، مالڪاڻي ڍنگ سان وقت به وقت انهن مان هر ڪنهن جي ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽي  چوندو هو،  ” اڙي آدم خور، اڙي  حرامخور اڙي بدمعاش. “

مونکي اهي ماڻهو پسند نه آيا. گنجو ۽ ٿلهو ياڪوف هميشه هڪڙي موضوع ”عورت “ بابت پيو ڳالهيون ڪندو هو. هن  جو عورتن ڏانهن هڪڙو ئي شهوت ڀريو رويو هو، هن جو ڦيڦو منهن مويهڙن سان ڀريل هوندو هو هن جي هڪڙي ڳٽي تي هسو هو  جنهن جي چوگرد ڳاڙهن وارن جو جهڳٽو  هو، هن جي ور ور ڪري پيو  وٽيندو هو، جهاز  تي جي ڪا وڻندڙ  ۽ رلڻي ملڻي عورت سوار ٿي، ته هنجي چاپلوسي ڪندو هو ۽ ان خوشامد ۾ فقيرن کان به گوءِ کڻي ويندو هو. هن جي زبان ان سان مٺين لسين ڳالهين  ڪرڻ ۾ ڪتي جي  زبان  وانگر لڪ لڪ ڪرڻ لڳندي هئي، خبر نه آهي مون کي ڇو اهو خيال ايندو هو ته ههڙي ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي جلاد ٿيڻ  کپندو هو.

”عورتن کي ڦاسائڻ جون اٽڪلون سکو“، هو وقت بوقت سرجيءَ ۽ مئڪس  کي چوندو هو ۽ هن جي هدايتن ٻڌڻ  وقت انهن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو.  ۽ واڇ گودو هڻي ويندي هين.

”آدمخور!“ بيزاريءَ سان  هيڊ بورچي چوندو هو ۽ ڏکيائي سان اٿي مون کي حڪم ڏيندو  هو. “پيشڪوف هل!“

هو پنهنجي ڪمري ۾هلي برف جي پيتيءَ جي ويجهو ٽنگيل ڪپڙي جي جهوليءَ  تي آهلي پوندو هو.  ۽ مون کي چمڙي جي جلد وارو ڪتاب ڏيئي چوندو هو، ”پڙهه !“

مان پيتيءَ تي ويهي صبرسان  پڙهڻ شروع ڪندو هوس:”جيڪڏهن ستارن جا ڪرڻا  ڇٽيءَ وانگر ٿي وڃن ته خواب لهندڙ تي خدا مهربان ۽ هن کي گناهن ۽ براين کان پاڪ سمجهڻ گهر جي.“

سماوريءَ  سگريٽ جو سوٽو هڻندي دونهين جا بادل ڪڍندي گهگهي  آواز ۾چيو،”اُٺ ! هيءَ به ڪا ڳالهه ٿا لکن!“

”ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي کي ’اگهاڙو  ڪرڻ‘“ مون  پڙهيو. ”معنيٰ معصوم دل. “

”ڪنهن جي ڇاتيءَ جو پاسو؟“

”اهو  ته لکيل ئي ڪونهي. “

”پڪ سان عورت جو ۽ اهو به ڪنهن  ڇنال جو. “

هن پنهنجيون اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنهنجون  ٻانهون مٿي هيٺان ڏيئي پٺتي ليٽي پيو، هن جو سگريٽ آهستي وسامندو ويو ۽ هن جي واڇ ۾هيٺ ڪري پيو، رکي رکي ان کي زبان سان سڌو  ڪري اهڙو زور سان ڪش پئي لڳايائين  جو هن جي نڙي ءَ  مان سيٽي ءَ  جهڙو آواز پيدا ٿيو، ۽ دونهين جي هيٺان  هن جو تراکڙو چهرو لڪي پئي ويو، ڪڏهن ائين سمجهي ته هن کي ننڊ کڻي ويئي آهي، انهيءَ بدبخت ڪتاب کي جنهن  جي پڙهڻ کان مون کي ڏاڍي ڪراهت ايندي هئي، بند کڻي ڪندو هوس، ته هو کهرائيءَ سان مونکي  حڪم ڏيندو  هو.  ”بس ڇو ڪيئه؟ پڙهه !“

”درويش جواب ڏنو. ادا سوويريان، هيڏانهن نهار. !“

”سويرين. “

”هتي سوويريان، ڇپيل آهي. “

”چئبو اها جادوءَ جي ڳالهه آهي،  انهيءَ کان پوءِ پڇاڙيءَ ۾ نظم آهي.

اتان کان شروع ڪجانءِ.“

مون شروع ڪيو.

”سونجهڙؤ ! توهين اسان جا راز  ڳوليو ٿا،

”جيئن انهن کي ناپاڪ بنايو،“

”توهان جون ڪمزور اکيون انهن کي لهي نه سگهنديون.“

”نه ئي اوهان جا ڪن.

حورون ۽ پرين  جا نغما ٻڌي سگندا.“

”بس ڪر !“ سماوري چيو، اهو ڪو نظم آهي؟ ”اهوڪتاب مونکي ڏي.“

خارمان ڪتاب جا پنا هيڏي هوڏي  اٿلائي، پٿلائي، فراسيءَ جي هيٺان رکي ڇڏيائين.

”ٻيو ڪتاب کڻ !“

منهنجي  بدبختي. هن جي لوهي پيتيءَ ۾ڪتابن جا ڍڳ پيا هئا، ڪن جا نالا هي هئا: امن جا اصول، ”سپاهي جون يادگيريون.“، ”لارڊ سينڊنهال جا  خط.“ خطرناڪ جيوڙا ۽ انهن کان نجات“ ۽ ”پليگ کان بچو “ وغيره، پر انهن ڪتابن کي نه منڍ هو نه پڇاڙي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي چوندو هو ته ”سڀني جا نالا پڙهي ٻڌاءِ.“۽ ڪڏهن  اڌ ۾ جهلي، ڪاوڙ مان چوندو هو. ”ڇا ٿو چوين؟“

پڙهين پيو يا ڏندن مان ٿڪون پيو اڇلين؟ الائي ڇا ٿو چوين؟ پتو ئي نٿو پوي، اهو گرواس ڪهڙي شيطان جي پٽ جو نالو آهي!“

ڳاٽي ڀڳا لفظ ۽ اوکا نالا خود منهنجي دماغ کي ٿڪائي رکندا هئا. چاهيندو هوس ته انهن کي وري وري پڙهان جيئن انهن جي ڪجهه معنيٰ سمجهه ۾ اچي، جهاز جي ٻاهران پاڻي نچندو ۽ ڳائيندو  رهندو هو، دل چاهيندي هيم ته پاڇيل وٽ خلاصين ۽ کوهي  وارن سان گڏجي کوکن تي وڃي ويهان ۽ مسافرن کي راڳ ڳائيندو، جوئا کيڏندو ۽ قصا ڪٽيندو ڏسان  ۽ انهن  جي بحث مباحثن مان لطف وٺان. ڪاما نديءَ جي ڪناري ڏانهن نهاريان جن تي صنوبر جا وڻ تارجي ڍيري وانگر هڪ ٻئي جي مٿان آهٽيا پيا هوندا هئا،۽ جتي چراگاهن  جي وچ ۾بهار  جي ٻوڏن کان بچيل پاڻي جي تلائن ۾سج جو عڪس پيو چمڪندو هو. جيتوڻيڪ اسان جو جهاز ڪندي کان دور پئي  هليو تڏهن به گهنڊ جو آواز اسان جي ڪنن تائين پهچي ويندو هو،  جنهن مان پتو پوندو هو ته آس پاس ڪو ڳوٺ آهي،مهاڻن جا پاڻيءَ ۾ترندڙ بتيلا مانيءَ جي ٽڪرن وانگر ڏسڻ ۾ايندا هئا، ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ ڏسبا هئا،ڪٿي ڪنارن تي ڇوڪرن جا ولر  ترندا ڏسڻ  ۾ايندا هئا،۽ ڪٿي  واريءَ جي دڙن مٿان ڳاڙهين قميصن سان ماڻهو گهمندا نظر ايندا هئا، نديءَجي وچ مان نهارڻ  سان اهي  سڀ رنگبرنگي رانديڪن وانگر لڳندا هئا،

دل ۾ايندو هوم ته ڪنارن تي بيٺل  ماڻهن ۽ ترندڙ بتيلن کي قرب ڀريا سلام ڪريان، خاص طرح  اسان جي پنهنجي جهاز وارو بتيلو  مون کي ڏاڍو وڻندو  هو، مان انهيءَ کي جيئن اهو پاڻيءَ جي ڇولين  ۾لڏندو لمندو هلندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڏسندو هوس.انهيءَ کي جهاز ”آنا ڪانيءَ ڪندڙ جانور وانگر رسيءَ۾ٻڌيو ڇڪيو هلندو هو. جڏهن گهليندڙ رسي ڍلي  ٿي ويندي هئي،  ته بتيلو پاڻيءَ ۾پٺتي رهجي ويندو هو ۽ پوءِ وري رسي بتيلي کي زور سان سٽ ڏيندي هئي، منهنجي دل ۾ڏاڍي خواهش  هئي ته انهن  ماڻهن جا مهانڊا  ڏسان، جن  کي بتيلي ۾جانورن وانگر واڙي ڇڏيو هئائون، جڏهن   ”پرم“ شهر وٽ انهن کي لاٿائون پئي، تڏهن مان ماڻهن مان جاءِ ڪري، انهن جي رستي تي وڃي بيٺس. اهي پنجن پنجن جي ٽوليءَ ۾اچڻ لڳا ۽ انهن جي قدمن جو آواز سست ۽ هٿڪڙين جو کڙڪو چست هو، انهن جون پٺيون پٺارڪن جي بار کان جهڪيل هيون. انهن ۾ به عام رواجي ماڻهن وانگر ماڻهو هئا، ڪي جوان، ڪي پوڙها، ڪي سهڻا ڪي ماٺيڻا، انهن ۾۽ عام رواجي  ماڻهن ۾فرق رڳو ويس جو ۽ ڪوڙيل وارن جو هو، جنهن جي ڪري هنن جا منهن بڇرا ٿي لڳا،  شايد  اهي ڌاڙيل  هئا، پر ناني سدائين ڌاڙيلن  جو ذڪر سٺي نموني  ڪندي هئي.

سماوري جنهن وقت انهن جي بتيلي ڏانهن شوڪجي  ڏسندو هو ته ڪوڪٽ ڪندي  چوندو  هو ”منهنجا  خدا! منهنجي عاقبت اهڙي نه ڪجان!“ ان وقت هو هنن کان وڌيڪ ڪاٽڪو لڳندو هو.

مون هڪڙي ڀيري پڇيس، ائين ڀلا ڇو آهي، جو تون واندو آهين ۽ هي خوني ۽ ڌاڙيل  آهن؟

”مان کاڌو رڌيندو ناهيان  مان نظرداري ڪندو آهيان پوڙهيون عورتون رڌينديون  آهن.“ هن لڪندي چيو. گهڙي  کن خيال ڪري پوءِ چيائين ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو فرق سمجهه مان پوندو  آهي. ڪي ماڻهو سياڻا آهن ڪي ٿورا گهٽ ۽ ڪي صفا سادا ڍور. سياڻي ٿيڻ لاءِ سٺن ڪتابن  پڙهڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح ڪاري جادوءَ جا ۽ اهڙا ٻيا، جڏهن سڀ ڪتاب پڙهبا، تڏهن ئي سٺن  ڪتابن جو پتو پوندو“ هو مون کي سمجهائيندو رهندو هو، ”پڙهه ئي پڙهه،  جيڪڏهن هڪ ڀيرو سمجهه ۾ نه اچئي ته ٻارنهن ڀيرا پڙهه. “

سماوري جهاز جي  هر ڪنهن ماڻهوءَ سان کهري نموني پيش ايندو هو، ٻيو ته ڇڏيو  پر جهاز جو نائب  ڪپتان جيڪو ٿور -ڳالهائو هو،ان سان به ساڳي هلت ڪندو هو، پنهنجي هيٺئين چپ کي خار مان ڊولو ڪري پنهنجن مڇن کي مروٽي هو پنهنجن لفظن  سان ماڻهن کي پٿر  هڻندو هو پر منهنجو لخاظ ۽ خيال رکندو هو، هنجي انهيءَ لخاظ  ۾ڪا اهڙي ڳالهه هوندي هئا جا مونکي بي آرام ڪري ڇڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي خيال ايندو هو ته هو به نانيءَ وانگر چريو آهي،ڪڏهن ڪڏهن مونکي چوندو هو ”پڙهڻ بس ڪر“ پوءِ اکيون  ٻوٽي  ماٺ ٿي ويندو،  ۽کونگهرا هڻڻ لڳندو هو، کونگهرن  وقت  هن جو ديڳ جهڙو پيٽ اڀامڻ  لڳندو هو، هن جا بوجرا  هٿ هن جي چيلهه  تي ميت جي هٿن وانگر پيا هوندا هئا،  ۽ هن جون آڱريون  اهڙي ريت پيون چرنديون  پرنديون هيو، ڄڻ ته غيبي سوئن سان  غيبي جورابا اڻنديون هجن. پوءِ هن جي نڙيءَ مان اوچتو رڙ نڪرندي هئي-”پاڻ ڏانهن نهار !توکي عقل آهي. زنده رهڻ لاءِ انهيءَ مان فائدو وٺ، عقل ورهائڻ ۾بخل کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪڏهن سڀيئي عقل وارا هجن ها – پرنه،  ائين ناهي.  هڪڙو سمجهي ٿوٻيو نٿو سمجهي ۽ ڪي ته وري اهڙا  ڪورا آهن جو سمجهڻ ئي نٿا گهرن. “

ڀڳل ٽٽل لفظن ۾هو انهيءَ زماني جون آکاڻيون  ٻڌائيندو هو، جڏهن هو سپاهي هو،مونکي ڪڏهن به اهي سمجهه ۾ نه آيون،نه ئي وري انهن مان ڪو مزو آيم، هو انهن کي وچان ئي وچان  جتان دل ۾ پور پوندو هوس، کڻي شروع ڪندو هو.

”ڪرنل سپاهي  کي سڏ ڪري پڇيو ’ليفٽيننٽ توکي ڇا چيو؟‘ پوءِهن  اکر به اکر حقيقت ڪر ي ٻڌايس، پر ڪرنل هن ڏانهن  ائين نهاريو ڄڻ ته هو ڀت  هو ۽ پوءِ ڪنڌ نوائي هليو ويو، هائو –“

اوچتو ئي اوچتو  هن کي ڪاوڙ لڳي وئي. دونهين جا بادل ڪڍي  رڙ ڪيائين ”پر مون کي ڪهڙو پتو هو ته ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي ڪرڻ نه گهر جي،پوءِ انهيءَ ليفٽيننٽ  کي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيائون ۽ هن جي ماءُ... او منهنجا  خدا،مان ڪيترو  جاهل آهيان، مون کي ڪنهن ڳالهائڻ به ڪو نه سيکاريو آهي.“

گرم هوا هلي رهي هئي. هر ڪا شيءَ پئي لڇي ۽ ڦٿڪي، پاڻي جون لهرون جهاز جي لوهي ڪنٺي سان پئي اچي  ٽڪريون. جهاز جو ڦيٿو پئي ڦريو.ٻنهي پاسي  روشنيءَ جا پاڇا نچي رهيا  هئا،هن جي وچ مان پاڻيءَ جو وهڪرو  تڪڙو تڪڙو ڊڪندي پئي ويو. ڪجهه پنڌ تي وسندڙ ڪنارن تي  وڻ ڪومائل ٿي ڏٺا. جڏهن اسان جا ڪن جهاز جي هر کڙڪي تي  هري ويا، تڏهن اسان کي ائين ٿي لڳو ڄڻ  سانت ۾ هلندا پيا هلون، ايتري  قدر جو رڳو منڍي تي بيٺل خلاصيءَ جو مغموم ۽ مئل آواز ”س – ت... ڇ – هه...“ ڪنن تي پاڻهئي ڄاڻي پيو پوندو هو.

اتي ڪابه اهڙي ڳالهه نه  هوندي هئي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ تي دل جو  شوق ٿئي، مان انهن جي ڪنهن ڳالهه ۾ بهرو وٺڻ نه چاهيندو هوس، مون کي سڀني ڳالهين کان وڌيڪ انهيءَ ۾ مزو ايندو هو، جو بورچيخاني جي گرم ۽ سڻڀي بوءِ کان پري ڪنهن پاڇي هيٺان ويهي، نيم خواب اکين سان پاڻيءَ جي خاموشي ۽ هوريان هوريان وهندڙ  زندگي ڏانهن نهاريان.

”اڳتي پڙهه!“ وڏي بورچي ڪاوڙ ڀريو حڪم نازل ڪيو،

فرسٽ ڪلاس جا خانسامان  به سما وريءَ کان ڪن هڻندا هئا، خود جهاز جي نائب ڪپتان جا به هن جي اڳيان ڍڍر ڍلا هوندا هئا، بورچيخاني  جي ٻين نوڪرن کي ته  سڏيندو هو -. ”سوئر جاپٽ !ايشيائي چور“.  

خلاصي ۽کوري وارا سڀ هن کان پيا ڏڪندا هئا، ۽ هن جي مهربانيءَ جا منتظر هوندا هئا، هو هنن کي گوشت جو ٻوڙ  ڏيندو هو ۽ پوءِ بيهي هنن کان مٽن مائٽن جا احوال پڇندو هو، تيل ۽ دونهين سان ڪاراٽيل  کوري وارا جهاز سڀني کان گهٽ درجي وارا سمجهيا ويندا هئا، ٻيا خلاصي انهن کي جابلو ڍڳا  ڪري سڏيندا هئا، انهن کي چيڙائڻ لاءِ هو ماڻهو چوندا هئا-. ڍڳا ڍڳا، ڏي چونگ ته ڀڳا، ڀڳا !“

هڪ ڏينهن جڏهن سما وري اهو ٻڌو ته هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي هن جو منهن ڳاڙهي ٿي ويو ۽ رنڀ ڪري کوري وارن کي چيائين ”بيوقوفو اوهان هنن کي پنهنجي اهڙي  بي عزتي ڪرڻ ڇو ٿا ڏيو؟ ٻوٿ وارو موچڙو وهائي ڪڍونِ!“

خلاصين جي جمعدار جيڪو  ڏسڻ ۾سٺو پر خر دماغ هو خار  کائيندو سماوري کي چيو، ”جهڙا ڍڳا تهڙا رڇ !“

سماوريءَ هن کي ڳچي ءَکان وٺي کڻي مٿي کنيو-” پٽ تي هڻي پرزا پرزا ڪيان؟“

هنن ٻنهي  جي وچ ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا رهندا هئا۽ جڏهن ڳالهه لڙائيءَ تائين پهچندي هئي ته سماوري هميشه سرسي ءَ ۾ هوندو هو،هڪ ته هن کي ديو جهڙي طاقت هوندي هئي، ٻيو ته ڪپتان جي زال جنهن جو منهن مردانو ۽ وار ڇوڪرن جهڙا هئا، هميشه هن جو پاسو کڻندي هئي.

هو شرابن جا دنگ پي ويندو هو  پر هن کي ڪڏهن  به نشو  نه ٿيندو هو، اک پٽڻ سان ئي  ووڊڪا جي بوتل منهن تي چاڙهيندو هو، ۽ اها چئن ڳيتن سان چٽ ڪري ڇڏيندو هو،پوءِ سڄو ڏينهن  ۽ رات جو دير تائين  بير  جو دور جاري رکندو هو. آهستي آهستي هن جو منهن ڪاراٽبو ويندو  هو ۽ اکيون ٻاهر نڪري اينديون هيس.

ڪڏهن ڪڏهن رات جو لڳاتار ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو اداس اکين سان افق کان به پري پيو نهاريندو هو، ان وقت هن جو ڀت وڌيڪ ٿلهو ۽ رنگ سفيد ٿي  ويندو هو. اهڙي وقت هر ڪو پيو هن کان ڊڄندو هو.پر مون کي هن تي ترس ايندو هو.

ياڪوف، پگهر ۾شل ۽ گرميءَ ۾لال ٿي، بورچيخاني کان ٻاهر نڪرندو هو پري ڪنهن کليل  هنڌ تي بيهي پنهنجي گنجي ٽڪڻ کي کنهندي ۽ هٿن کي مهٽيندي وري بورچيخاني ۾ گهڙي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن  ائين ٻاهر نڪري سماوريءَ جي ويجهو اچي چوندو هو،”مڇي کٽي پيئي آهي!“

”چڱو ته گوبيءَ جي ڀاڄي تيار ڪيو. “

”ڪنهن مڇي گهري ته  ڇاڪنداسين؟“

”چئجان ته تيار ناهي پوءِ پاڻهي جيڪي ايندن سو کائي ويندا. “

ڪڏهن ڪڏهن مان همت ڪري هن ڏانهن هليو ويندو هوس،هو مونکي چتائي ڏسي چوندو هو،  ”توکي ڇاکپي؟“

”ڪجهه به نه. “

ڏاڍو چڱو. “

اهڙي ئي هڪڙي موقعي  تي مون پڇيومانس، تون چڱو ماڻهو آهين. تڏهن به هي سڀ توکان  ڇو ٿا ڊڄن؟“

هن ڪا به ڪاوڙ نه ڏيکاري- ”مان رڳو توسان چڱو آهيان“ پر پوءِ سادگيءَ سان چيائين، تون سچ ٿو چوين، مان سڀني لاءِ چڱو آهيان پر ان جو اظهار  نه ڪندو آهيان. ماڻهن  کي  انهيءَ جي ڏيکارڻ جو ڪو به ضرور ڪونهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو  ڳٿڙ  کان جهلڻ  ۾دير ئي نه ڪندا آهن. نرم دل انسان  کي ماڻهو گڏجي  اهڙي ريت پائمال ڪنداآهن، جهڙي ريت ڀترن کي گاري ۾... ٿورو بير کڻي ڏجانءِ !“

 بوتل خالي ڪري مڇن کي چٽيندي چوڻ لڳو ”جيڪڏهن  تون ٿورو وڏو  هجين ها، ته توکي ڪيتريون ئي ڳالهيون  سمجهايان ها، ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جي مان ٻين کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان،  مان چريو ناهيان.  ها پر تون پڙهندو رهجانءِ.ڪتابن پڙهڻ  سان تنهنجي  هر ڳالهه پوري ٿي ويندي، ڪتاب واهيات شيءَ ناهن، ٿورو بير  پيئندين؟“

”مونکي پسند ناهي. “

”شاباس، ڏاڍو سٺو، جو ان کان پري ٿو رهين. پيئڻ انسان لاءِ تباهي آهي، ووڊڪا ۾شيطان  لڪو ويٺو آهي. جيڪڏهن  مون کي ڏوڪڙ هجن ته توکي تعليم ڏياريان، اڻ پڙهيل ماڻهو ڍڳو آهي،اهو فقط وهڻ ۽ ڪهڻ جي لائق آهي،بس ڇڙو پڇ  ڇنڊي ڄاڻي. “

ڪپتان جي زال هن کي گوگول جو هڪڙو ڪتاب ڏنو. مون ان مان ”خوفناڪ انتقام“واري ڪهاڻي  دلچسپي سان پڙهي  پر سماوري خارمان  چيو،”واهيات ڇڙي ڏند ڪٿا، مونکي پتو آهي ته ان کان  سٺا ڪتاب پيا آهن. “

مونکان اهو ڪتاب وٺي ڪپتان  جي زال کي ڏنائين.۽ ان کان ٻيو ڪتاب وٺي  آيو. ۽ مون  کي رکائيءَ مان چيائين، ۽ تاراس... نالو به چڱو وٺندا اٿس... اهو قصو پڙهه، هوءَ چوي ٿي سٺو آهي. ٿي سگهي ٿو هن لاءِ سٺو هجي، پر منهنجي لاءِ سٺو نه هجي؟ هوءَ پنهنجا وار ڪترائي ٿي.  افسوس جو ڪو ڪن نٿو ڪتريس.“

جڏهن ’تاراس‘، ’اوستوف‘ کي للڪاريو  ته وڏو بورچي ڏاڍيان کلڻ لڳو ”واهه واهه ! بيشڪ  بيشڪ! توکي علم پر مونکي طاقت  آهي! واهه واهه ! پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اڳتي ٻڌاءِ، اڳتي ٻڌاءِ گڏهه ڪنهن جاءِ جا !“

هو ٻڌڻ ۾ گم ٿي ويندو هو پر رکي رکي ناراض ٿي، وچ ۾ ٽپي پوندو هو ”واهيات، ماڻهو کي ڪلهي  کان جو وار ڪيائين ته چيلهه تائين وڍيو ويس،- ائين ٿي نٿو سگهي نه ئي نيزي ۾ ٽنبي، ماڻهو  کي مٿي کڻي ٿو سگهجي ائين ڪرڻ سان نيزو ڀڄِي پوندو، مان پاڻ سپاهي ٿي  رهيو آهيان.“

”ائڊريءَ  جي دوکي  جي ڳالهه تي ڪپڙن مان نڪري ويو – ”ذليل ڪنهن جاءِ جو ! حيف هجيس... عورت جي ڳالهه تي !“

پر ”تاراس“ پنهنجي پٽ کي ماري ٿو- جڏهن اتي آيس  ته هو پنهنجي بستري ٿي اڀو ٿي ويهي رهيو ۽ گوڏن تي هٿ هڻي اچي روئڻ ۾ ڇٽيو جيئن پئي  سڏڪا ڀريائين تيئن ڳوڙها هن جي ڳٽن تان وهندا پٽ تي پئي ڪريا – ”او منهنجا ڌڻي. او خدا !“

۽ مون کي سٽ  ڪڍندي   چيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو،؟ اڳي پڙهه شيطان جا پڇ.اڳتي پڙهه !“

پر پوءِ جڏهن تاراس جو پٽ اوستاف مرڻ کان اڳ پيءُ کي سڏ ڪري چوي ٿو-”منهنجا بابا! تون مون کي ٻڌين ٿو؟“ انهن لفظن تي آيس ته سماوري پاڻ کي جهلي  نه سگهيو ۽ اچي  ڍونڍ ڪارن ۾پيو – ”ختم ڳالهه ئي ختم ـــــــ؟ گهوڙا. اتي وڃي ڳالهه ختم ٿي! اهي هئا مڙس اهو هو مڙ سن جو انصاف، واهه ڙي تاراس واهه! خدا جو قسم ته مڙس هئين !“

جهٽ ڏيئي،  منهنجي  هٿن مان ڪتاب کڻي ورتائين ۽ خيال  سان ان کي سنڀالي رکيائين هن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ڪتاب جي جلد تي پئي ڪريا- ”ڏاڍو عمدو ڪتاب هو ان جوٻڌڻ نعمت هو. “

ان کان پوءِ ”اونهو“ ڪتاب پڙهيو ويو ان ۾بادشاهه  رچرڊ پلئنٽجنٽ   هن کي ڏاڍو وڻيو. ڳرو منهن  ڪري چوڻ  لڳو، بادشاهه  هجن ته اهڙا !“

پر مون کي اهو ڪتاب خشڪ  لڳو.

حقيقت ۾اسان جي پسند ۾ فرق هو، مونکي يتيم ٿامس جونس جي ڪهاڻي  جو ڪتاب ڏاڍو وڻيو هو،ان تي سماوريءَ بڙڪندي چيو  ”واهيات! تنهنجو تامس منهنجي لاءِ بيڪار آهي،هن مان  مونکي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ کڻ ته ڪي ٻيا ڪتاب پڙهون. “

مون هن   کي هڪڙي ڀيري ٻڌايو  ته ٻيا ڪتاب به هئا –منع ڪيل ڪتاب – جيڪي لڪي گهرن ۾پڙهي  سگهجن ٿا، هن جون اکيون ڦاٽي ويون.

”ڇا؟ ڇو ٿو ڪوڙ بڪين؟“

”مان ڪوڙ نٿو ڳالهايان،جڏهن پادري وٽ گناهن جي معافيءَ لاءِ ويو هوس ته هن انهن بابت مون کان پڇيو هو، مون پاڻ پنهنجن اکين  سان ماڻهن کي اهي پڙهندي ۽ روئندي ڏٺو آهي. “

سماوريءَ مون کي گهوريندي چيو، ”ڪير پئي رنو؟“

”عورت جنهن ٻڌو پئي ٻيءَ کي اهڙو خوف ٿيو جو ڪوٺي مان نڪري  ٻاهر هلي وئي.“

”تو ضرور ڪو خواب لڌو هوندو. پنهنجي  اکين تي هٿ گهمائيندي چيائين.

پر ٿوري گهري کان پوءِ وري ڀڻڪيو، ”ها ڪيتريون اهڙيون  شيون  هونديون جيڪي مون نه ڏٺيون آهن... ڪٿي ته ڪو راز هوندو.... پر منهنجي عمر هاڻي گذري ويئي آهي... مان انهن جي لائق به ناهيان... خير ڇا به هجي...“

۽ هو ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو پر پوري چٽائي سان نه، اها هن جي عادت هوندي هئي. ڳالهائڻ  تي ايندو هو ته ڪنهن جي ڳالهه جو ڪن،  ڪنهن ڳالهه جو پڇ - پيو ائين ڀڻ ڀڻ ڪندو هو.

مون کي پتو ئي نه  پيو ته مونکي پڙهڻ  جي عادت ڪيئن پيئي ۽ ڪتاب پڙهڻ مان ڪيئن ايترو مزو اچڻ لڳو، منهنجي روزاني  زندگي  ڏينهون ڏينهن ويئي پئي  مصيبت بڻبي، تنهن ڪري مون کي ڪتابن مان پاڻ وڌيڪ رس اچڻ لڳو.

سماوري کي ته ڪتابن  جو نشو هو تنهن ڪري مون کي ڪم تان به سڏي وٺندو هو- ”پيشڪوف اچي ڪجهه ته پڙهي ٻڌاءِ. “

”مون کي اڃا ڪجهه  پليٽون ڌوئڻيون آهن. “

”مئڪس پاڻهي ڌوئندو. “

مئڪس کي ڇڙٻ ڏيندي، منهنجي  ڪم ڪرڻ  جو حڪم ڏنائين ۽ مئڪس ساڙ کان گلاس ڀڃي ڇڏيا. نائب ڪپتان  مون کي ڏاڍي نرميءَسان چتاءُ ڏيئي ڇڏيو، ”خيال ڪر نه ته جهاز تان لاهي ڇڏيندوسانءِ !“

هڪڙي ڀيري مئڪس ڄاڻي واڻي گندي پاڻيءَ جي ڏول ۾ڪي گلاس رهائي ويو، مون جڏهن  اهو پاڻي جهاز تان هيٺ هاريو ته گلاس به ان سان گڏ هليا ويا.

”منهنجي غلطي آهي ”نائب ڪپتان کي سماوريءَ چيو ”انهن جا پيسا مون کان وٺجو.“

کاڌي جي ڪمري ۾ سڀ ڪم ڪندڙ به مون کي شوڪجي ڏسندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن  بڇڙا لفظ  به ڪڍندا هئا، ڪتابن  جا ڪيڙا، تڏهن  ڇاجي لاءِ ٿو پيسا وٺين؟“

هو مون  کي تنگ ڪرڻ لاءِ منهنجو ڪم وڌائي ڇڏيندا هئا ۽ هرو ڀرو بسيون ۽ ٿالهيون منهنجي  ڌوئڻ  ڪاڻ گنديون  ڪري ڇڏيندا هئا.

هڪڙي ڏينهن  شام جو اسان جي جهاز ۾ ٻه عورتون اچي سوار ٿيون. وڏي جو منهن سرخ ۽ جسم متل هو ۽ننڍي، جا ڇوڪري ٿي لڳي پنهنجي  ڦڪي  ويس تي نئون ڳاڙهو واسڪوٽ پايو ويٺي هئي، ٻيئي نشي ۾چور هيون.  وڏي  عورت سڀ ڪنهن ڏانهن ڏسي، پيئي مرڪي، ۽ سڀ ڪنهن کي پئي سلام ڪيائين ۽ جڏهن ڳالهايائين  پئي ته،  ’س‘ جو  اوچار ڪڍندي چپن  مان سينڍون پئي ڪڍيائين  -” دوستو معاف ڪجو ٿورو چڪو سرس پي وئي آهيان. مون تي  ڪورٽ ۾ڪيس پئي هليو،جتان سڌي ڇٽي آئي آهيان، تنهن ڪري خوشي  ٿي ڪيم. “

ڇوڪري به کلي  پيئي ۽کيپ وارين اکين  سان پئي مسافرن کي گهوريائين. وڏي عورت  کي ٺونٺ هڻندي چيائين، ”اڙي مصيبت، ڳالهه کي کٽاءِ، اسان کي خبر آهي، خبر....“

 اهي سيڪنڊ ڪلاس جاين  جي ڀرسان ٿي ويٺيون، جتي سامهون مئڪس  ۽ سرجي ءَ جي سمهڻ  جو ڪئبن هو. جڏهن وڏي عورت  اٿي ويئي ته سرجي پنهنجو ڏيڏر جهڙو وات پٽي  انهيءَ جي جاءِ تي ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ اچي ويٺو.

انهيءَ رات مان پنهنجو ڪم ختم ڪري ميز تي ننڊ ڪرڻ لاءِ آ هلي پيس ته سرجي  اندر ڌوڪيندو آيو، مون کي ٻانهن کان گهلي،چوڻ لڳو ”هل  تنهنجي شادي ٿا ڪرايون. “

هو نشي ۾ ٻڏل هو، جيئن مان پنهنجي  ٻانهن ڇڏائڻ  جي ڪوشش ڪئي،  ته مڪ وهائي ڪڍيائين –”جلدي هل !“

مئڪس  به شراب جي نشي ۾ مست اچي پهتو هو ٻيئي مونکي ڊيڪ تائين گهلي آيا ۽پنهنجي ڪئبن ڏانهن گهليندا هليا، پر در جي ڀرسان  ڪٿي  سماوري بيٺو هو ۽ ياڪوف دروازي کي ٻانهن ڏيئي  ڇڏي هئي ڇوڪريءَ هن کي پٺيءَ ۾ هٿن  جا ڌڪ به پئي هنيا ۽ نشي ۾ٻڏل رڙيون به پئي ڪيون  ”ڇڏيو ته مان وڃان  ڇڏيو ته مان وڃان...“

سماوريءَ مون کي سرجيءَ ۽ مئڪس  کان ڇڏايو ۽ هنن کي  وارن کان وٺي کڻي ڦٽو ڪيائين  ۽ هو اتي ڦڙهه ٿي پئجي رهيا.

”ايشيائي چور !“ هن ياڪوف تي رومڙ ڪيو ۽ زور سان دروازي کي

ڌڪ هنيائين مونکي  ڌڪو  ڏيندي چيائين،”جلدي هتان  ٽر !“     

مان پاڇيل ڏانهن هليو ويس.آسمان ۾ڪڪر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، نديءَ جو پاڻي ڪارو ٿي ڏٺو جهاز جي پٺيان ٻه ڀوريون لهريون،گجي ڪڍنديون  هڪ ٻئي کان الڳ ٿي اڻ ڏٺل  ڪناري ڏانهن ڊوڙينديون  پئي ويون. انهن جي وچ ۾ بتيلو گهلبو  پئي آيو. ڪڏهن کاٻي  ڪڏهن ساڄي روشنيءَ  جا ڪرڻا ڏسڻ ۾ پئي آيا،  پر اهي  ڪنهن به شيءَ  کي چمڪائي نه پئي سگهيا ۽ اوچتو ايندڙ ڪنارن جي ورن وڪڙن ۾اهي گم ٿي پيئي ويا، جنهن ڪري هر ڪا شيءَ وڌيڪ اونداهي ۽ ڀوائتي ٿي پئي ويئي.

وڏو بورچي مٿي آيو ۽ منهنجي ڀرسان ويٺو ”توکي زوري هن ڇوري ڏانهن وٺيو پئي ويا؟“ حيف هجي مردارن تي مون سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو هو. “

”انهيءَ ڇوڪريءَ کي به انهن کان ڇڏايئه. “

”هن کي؟“ جڏهن  هن ڇوڪريءَ تي خوب ڇوهه ڇنڊي  بس ڪيائين، تڏهن اداس ٿي  چوڻ لڳو ”هن جهاز تي هر ڪا ڳالهه گندي لڳي پئي آهي، ٻهراڙيءَ کان به برو  حال آهي خاص طرح سياري جو. “

سگريٽ پاڻيءَ ۾قٽو ڪري ڪجهه وقت خيال  ۾گم ٿي ويو ۽ پوءِ وڻ لڳو. اڙي  نوريئڙا مون کي  تنهنجو  ڏک آهي،جو تون سوئرن جي وچ ۾ ڦاٿو آهين، مون کي سڀني  تي افسوس ٿو ٿئي ڪڏهن ڪڏهن  منجهي پوندو آهيان   ته ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان، دل  ۾ ايندو اٿم ته گوڏن ڀر ويهي هٿ جوڙي چوان ته ”ڪتي جا پٽو، اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ انڌوءَ!  توهين هي  ڇا پيا ڪريو؟ گڏهو!“ جهاز جي سيٽي وڻندڙ نموني وڄڻ لڳي، رسو هيٺ ڦٽو ڪيو  ويو، بتي جي روشني  هيٺ مٿي ٿي ڪري اسان جي بندر ڏانهن رهنمائي ڪرڻ لڳي پوءِاوندهه ۾ٻيون  ڪيتريون  بتيون چمڪنديون ڏسڻ ۾اچڻ لڳيون.  

”هيءَ ’مڌ مست  بندر‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ’نشو پيتل‘“ وڏي بورچي هوريان چيو ”۽ اها ندي آهي جنهن کي پڻ ’مڌ مست ندي‘ ٿا سڏين. هتي  ڪنهن زماني ۾هڪڙو راشن آفيسر  رهندو هو جنهن  کي مڌ مست چوندا هئا، ۽ هڪڙو ڪلارڪ هوندو هو جنهن کي شرابي، شرابي ڪري سڏيندا هئا، ـــــ مان ڪناري  تي ٿو وڃان. “

ڊگهيون ۽ سهڻيون  ’ڪامسا‘ ڇوڪريون ٻارڻ جي ڪاٺين  جون ڀريون ڪناري تي گاڏڙن ۾ کنيو پئي آيون، پٺي ءَ  تي بار کڻڻ ويل جهڪي ٿي  ويون، پوءِ ٻن ٻن جون جوڙيون ٺاهي  اڳتي پئي وڌيون ۽ ڪاٺين کي دونهاٽيل  کوري ۾اڇلائيندي دانهون پئي ڪيائون، ”ڪاٺيون ٻاريو ! ڪاٺيون ٻاريو !“

جڏهن ائين ڀريون لاهي  وانديون ٿي اهي موٽيون ٿي ته خلاصين  انهن  جي ڇاتيَ ۽ ٽنگن  کي هٿن لائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جنهن  تي هنن  دانهون ۽ ڪوڪون پئي ڪيون ۽ خلاصين ڏانهن ٿڪون پئي اڇلايون ۽ انهن کي پري ڪرڻ لاءِ رسا پئي وهايائون ۽مڪون  پئي هنيائون. مون اهڙو تماشو ٻين لنگر گاهن تي به ڪيئي ڀيرا  ڏٺو  جتي به جهاز ڪوئلن ۽ ڪاٺين  لاءِ ترسيو پئي اتي اها ڳالهه شروع ٿي پئي ويئي.

مون ائين پئي محسوس ڪيو  ڄڻ ته انهيءَ جهاز تي رهندي رهندي مان پير مرد ٿي ويو هوس، ۽ مان اها اڳڪٿي ڪري پئي سگهيس ته اڄ   کان هفتو پوءِ ڇا ٿيندو، گرميءَ جي پڇاري ۾ڇا ٿيندو  ۽ سال جي خاتمي تي ڇا ٿيندو.

ڏينهن ٿي رهيو هو. ديال جي ٻيلي  جو هلڪو  خاڪو ڪناري جي ڀرسان وارين وارياسين  ٽڪرين  تي  چٽو  ٿيڻ لڳو، پري کان ڇوڪرين جي کلڻ ۽ ڳائڻ  جو آواز اچي رهيو هو،  اهي ڇوڪريون سپاهين جي ٽولن وانگر  پنهنجن  پنهنجن گاڏڙن کي اڳيان  ڪيو مٿي ٽڪرين تي چڙهنديون پئي ويون.

منهنجي دل ڀرجي آئي، ڳوڙها  اکين ۾ ترڻ لڳا  ۽ دل به انهن سان گڏ وهي وڃڻ لاءِ بيقرار  ٿيڻ لڳي،  ڳوڙها روڪڻ  ڏاڍي  ڏکي ڳالهه هئي، پر انهن کي هارڻ به گهٽتائي هئي تنهن ڪري بورن خلاصيءَ کي جيڪو ڊيڪ ڌوئي رهيو هو ڪم ۾ مدد ڪرڻ لڳس.

بورن الائي  ڇو اداس ۽ غمگين ڏسڻ  ۾ايندو  هو ۽ هميشه اڪيلو ئي اڪيلو ڪنڊ پاسو وٺيو ويٺو هوندو هو، جتي  هن جون تيز اکيون  ٽانڊاڻي وانگر پيون چمڪنديون هيون – ”منهنجو  اصلي  نالو بورن  ڪونهي – منهنجي  ماءُ بڇڙي زندگي گها ريندي هئي، تنهن ڪري مون کي ’وورن‘ (بڇڙيءَ جو ) ڪري چيڙائيندا هئا، پوءِ بوورن مان ڦري اهو بورن نالو ٿي ويو، مون کي هڪڙي ڀيڻ آهي اها به اهڙي آهي انهن جي قسمت ئي اهڙي هئي. قسمت جو ڪيتو هر ڪو ٿو ڏيئي،ڪو اڄ وڌي ٿو، ۽ سڀان تيرن ڀر ٿو ڪري.“

جڏهن ڊيڪ کي ٻهارو هڻڻ لڳو تڏهن هوريان  چيائين،  ”ڏس عورتون ڪهڙا ٻارڻ ٿيون ٻارين؟ آلي ڪاٺي  دکي دکي نيٺ ٻري. مونکي اهڙيون ڳالهيون پسند ناهن، نه ئي مونکي وڻنديون آهن جيڪڏهن مان عورت ٿي ڄمان ها ته ڍڪڻ جي ڍڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏان ها. اهڙيءَ ريت مان حضرت عيسيٰ سان گڏ  بهشت ۾هجان ها. ۽ ڪنهن به ماڻهو کي مون مان هرج نه رسي ها، پر جيسين حياتي آهي، تيسين باهه  جو  خطرو لاڳو آهي، مان توکي  پڪ سان چوان  ٿو مخنثن کي احمق نه سمجهجانءِ  اهي عقلمند آهن  ۽ انهن  کي جادو به ايندو آهي، اهي  دنيا جا عيش  مزا ڇڏي الله عبادت ٿا ڪن.“

ڪپتان جي زال اسان  وٽان  اچي لنگهي، جيئن سامهون  هاريل پاڻيءَ  جي مٿان هلڻ لڳي ته پنهنجو گرارو مٿي ڪيائين. هوءَ ڊگهي ۽ جانٺي هئي هن جي منهن ۾تازگي ۽ سڻڀ هو منهنجي دل  ۾اهو ڏاڍو  خيال هو ته هن جي پٺيان  وڃي  دل سان منٿ ڪري چوانس ”مون سان ٿورو ته ڳالهاءِ، ٿورو  ته ڳالهاءِ. “

هوريان هوريان جهاز دڪي تان پٺتي  هٽڻ لڳو، بورن  پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي، هوريان چيو. ”ڪوچ ٿاڪيون. “

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org