سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-20

صفحو : 20

 

باب ويهون

 

        مون پنهنجي جوانيءَ جا پورا ٽي سال انهيءَ مردار ۽ سڃي شهر ۾ ڪاريگرن تي سندن ڪم ۾ نظرداري ڪندي گذاريا، جڏهن اُهي سرءُ ۾ بازار جي پراڻين جاين کي ڊاهيندا ۽ بهار ۾ انهن کي وري نئين سر جوڙيندا هئا. منهنجو مالڪ منهنجي ڪم جي سلسلي ۾ پوري تسلي ڪندو هو ته هو جيڪي پنج روبل مونکي ڏئي ٿو، اُن کان ٻيڻ مان هن کي ڪمائي ڏيان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن دوڪان ۾ نئون فرش وجهڻو هوندو هو، ته اهو منهنجو ڪم هوندو هو ته مان ان جي ٻن فوٽن تائين هيٺ کوٽائي ڪيان. جيڪي ڪمي روز تي مقرر ٿيندا هئا، انهن کي اهڙي ڪم لاءِ هڪ روبل ملندو هو پر مون کي اِن جو معاوضو ڪجهه به نه ملندو هو. اِن کان سواءِ سندن ٻين به اهڙن سنهن ٿلهن ڪمن جي جوابداري منهنجن ڪلهن تي هوندي هئي.

        ڪاريگر ۽ ٺيڪيدار هر ڪنهن قسم جي حرفت هلائي، مون کي ٺڳي، شين کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اُن ۾ هو ايترا ته تيز هوندا هئا، ڄڻ ته اهو شين جو تڳائڻ به اِنهن جي ڪم جو حصو هوندو هو. جيڪڏهن مان انهن کي ڪجهه چوندو هوس ته هنن کي ڪاوڙ بجاءِ حيرت لڳندي هئي-”اڙي، تون به عجيب انسان آهين! ٽڪي جي شيءِ لاءِ آسمان کڻي مٿي تي کنيو اٿئي!“

        مون مالڪ کي چيو ته منهنجي ٻئي ريزڪي ڪم ڪرڻ ڪري جيڪا هن کي بچت ٿئي ٿي، انهيءَ کان ڏهوڻي قيمت جون شيون منهنجي غير حاضريءَ ۾ کڄي وڃن ٿيون، پر هن اکيون ڇنڀي، منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي، چيو، ”ڪم کي لڳو پيو هج! تون اجايا خيال پيو ڪرين.“

        مون محسوس ڪيو ته منهنجي مالڪ کي شڪ آهي ته مان به هنن سان ٻڌيءَ ۾ آهيان. مونکي انهيءَ ڳالهه ڪري دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ هن کان اوپرائپ محسوس ڪرڻ لڳس، پر اِن هوندي به مون کي هن تي ڪاوڙ نه آئي. جنهن دنيا ۾ مان رهيس ٿي، اُن دنيا ۾ چوري هڪ قسم جي رواجي ڳالهه هئي، منهنجو مالڪ به لاوارث شين کي هضم ڪرڻ کان نه رهندو هو. جڏهن ميلو پورو ٿي ويندو هو ۽ منهنجو مالڪ دڪانن جو معائنو ڪرڻ لڳندو هو، جن کي وري نئين سر جوڙڻو هوندو هو، ته اُتي ماڻهن جون ڇڏيل شيون، جهڙوڪ سماوار، ٿالهه، تڏا، ڪئنچيون يا ٻيو ڪو اهڙو ڪم جو سامان ڏسي، مرڪي، حڪم ڏيندو هو، ”شين جي فهرست جوڙي گدام ڏانهن کڻي هل.“ اتان پوءِ انهن مان ڪيتريون شيون گهر کڻي هلندو هو ۽ چوندو هو ته ”اِهي شيون فهرست مان ڪڍي، نئين فهرست جوڙي ڇڏا!“

        مون کي ڪنهن ملڪيت بنائڻ جي هوس ڪانه هئي. نه ئي شين جي ڪٺي ڪرڻ جي ڪا طمع هوندي هيم. ٻيون شيون ته ڇڏيو، پر پاڻ وٽ ڪتاب ڪٺا ڪرڻ به ڏکيا لڳندا هئم. مون وٽ  رڳو ’برينجر‘ جو ننڍڙو جلد ۽ ’هائني‘ جي نظمن جو ڪتاب هوند هئا. مان جيڪر انهن ۾ پشڪن جي ڪتاب جو اضافو ڪريان ها، پر پوڙهي لالچي ڪتب فروش ان جي ڳاٽي ڀڳي قيمت پئي گهري، منهنجي مالڪ جي گهر ۾ فرنيچر، آئينن  ۽ ڪمبلن جا ڍڳ لڳي ويا هئا، مونکي انهن ۾ ڪابه دلڪشي ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، الٽو انهن بيڪار شين مان نڪرندڙ وارنش جي ڪنيءَ بوءِ کان بيزار پيو ٿيندو هوس. گهر جي سڀني ڀاتين مان بڇڙو  ڪمرو منهنجي مالڪياڻيءَ جو هوندو هو. انهيءَ کي ڏسي، مون کي گندين شين سان سٿيل ڪنهن ڳوٺاڻيءَ عورت جي صندوق خيال ۾ ايندي هئي. مون کي مالڪ جي اها ڳالهه به ڪراهت جهڙي لڳندي هئي جو هو گدام مان پراڻيون شيون کڻي، پنهنجو گهر ڀريندو ويندو هو. ملڪ مارگاٽ جي ڪمري ۾ به شين جي ڪمي ڪانه هوندي هئي، پر اهو ڪمرو ڏاڍو سوڀيا وان ۽ شاندار هوندو هو.

        دراصل مون کي اُها سڄي زندگي بي مزي لڳندي هئي، اُها ڪيترين ئي اجاين شين، ڪيترين ئي نامعقول ڳالهين سان ڀريل هوندي هئي. هيڏانهن اسان بازاريون ۽ دڪان پيا ٺاهيندا هئاسين، هوڏانهن بهار جي موسم جي ٻوڏ فرشن کي ٻوڙي، درن جا تختا ڪڍي، ۽ ٿنڀن کي ڳاري، کائي چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. لڳاتار ڏهن سالن کان ميلي جو ميدان ٻڏندو رهيو هو، پر ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رخ ڦيرائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه ٿي کنيو ويو، ڄڻ ته اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته پاڻي هو، ڀلي جيڏانهن وڻيس تيڏانهن منهن ڪري وهي، اُن کي آڏو بند ڪهڙا ڏبا! لکن جو نقصان ٿيندو رهندو هو، ۽ هر ڪنهن کي خبر هئي ته ٻوڏ از خود ته ڪڏهن بند ٿيڻي ڪانه هئي.

        ساڳيءَ ريت هر ڪنهن بهار جي موسم ۾ برف رجڻ ويل بتيلن ۽ ٻيڙين جا تختا ٽڙڪي پوندا هئا، انهن ۾ سير پئجي ويندا هئا، ۽ ماڻهو روئي پٽي وري نوان بتيلا ۽ نيون ٻيڙيون جوڙيندا هئا، جن کي وري آئينده بهار ۾ برف زبون ڪري ڇڏيندي هئي. انهن ماڻهن جي حالت انهيءَ چوڏول وانگر هئي، جنهن جو هر خانو لوڏي کان پوءِ ساڳيو ترو اچي وٺندو هو.

        جڏهن مون اوسپ سان ان جو ذڪر ڪيو، ته هو کلي، عجب مان چوڻ لڳو، اڙي ٻگهه، تنهنجو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ توکي ڳڻتيءَ ڇو اچي ورايو آهي؟“

        پوءِ جيتوڻيڪ هن جي اکين ۾ اڃا چرچي واري چمڪ هئي، پر هن جو آواز سانتيڪو ٿي ويو، ۽ چوڻ لڳو، ”اهڙيون ڳالهيون تون ڏاڍي دلچسپيءَ سان جانچين ٿو. جيتوڻيڪ انهن ڳالهين سان تنهنجو ڪو واسطو ڪونهي. پر ٿي سگهي ٿو ته اهڙين ڳالهين کي جانچڻ تنهنجي لاءِ ڪڏهن فائدي واري ٿي به پوي. اچ ته آءٌ ٿو توکي ٻڌايان ته ڳالهه ڇا آهي. پوءِ لفظن جي وهڪري، پهاڪن جي اٿل، تشبيهن ۽ سياڻپ ڀريل چوڻين جي روانيءَ سان شروع ٿي ويو-”بهار ۾ وولگا جي اٿل زمين کي پائي ٿي ڇڏي ۽ پاڻ سان اُها مٽي کڻي، وڃي ٿي سير ڪري، ۽ ٻئي هنڌ يا ٻئي پاسي وڃيو ريٽن جا ريٽ ڪڍيو ڇڏي. اُهي ڪڏهن ڪڏهن واريءَ جا دڙا بنجي وڃن ٿا ۽ ڪيتريون آباد لٽاشي زمينون غير آباد ٿي وڃن ٿيون، ۽ وولگا آهي، جا ائين ٿي بودلي بهار وانگر وهندي ٿي رهي....“

        هو اهو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ مصيبت زدن سان همدرديءَ جو ڪو نشان ئي نه هو، بلڪ ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ اهو به ڪو زندگيءَ جو راز هو، جنهن کي بيان ڪندي هن کي خوشي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ هو جو ڪجهه چئي رهيو هو، اهو منهنجي ئي خيالن جي تائيد ڪري رهيو هو، پر آءٌ اهو سڀ ٻيءَ طرح سوچيندو هوس.

        ”جڏهن باهيون لڳن ٿيون....“

        مون کي اهو ڪو اونهارو ياد نٿو اچي، جنهن ۾ ٻيلي کي باهه نه لڳي هجي. باهه جو ميرانجهڙو ڦڪو دونهون آسمان جي منهن تي نقاب وانگر پيڙهي ويندي هو، جنهن مان سج هڪ اُٿيل اک وانگر پيو هيٺ واجهائيندو هو، ڄڻ اُن جي روشني جهڪي ٿِي ٿِي، اُجهامڻ تي اچي بيهندي هئي.

        ”پر ٻيلن جي ڪنهن کي پرواهه آهي؟“ اوسپ چوڻ لڳو.

        ”اهي بادشاهه جي ملڪيت آهن يا اميرن جي ملڪيت آهن. غريب ماڻهن جو انهن ۾ حصو پتي ڪونهي. جيڪڏهن شهر کي باهه لڳي وڃي. ته به ڪا خطري جهڙي ڳالهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ شاهوڪار رهن ٿا، انهن تي افسوس اجايو آهي. پر جي ڳوٺ کي باهه لڳي ته ٻي ڳالهه آهي، هر اونهاري ۾ ڪيترا ڳوٺ به سڙي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو هڪ به نه پر گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن-البت اُها ڪجهه ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي....“  ۽ هو هوريان کلڻ لڳو.

        ”ڪي  ماڻهو جن کي ملڪيت آهي. اهي پنهنجي ملڪيت جي پوري سنڀال ڪري نٿا سگهن، تون پاڻ ئي ڏسين ٿو ته ماڻهوءَ جي محنت جو ڦل هن کي ملڻ بجاءِ هِنن ٻوڏن ۽ باهين جو نذر ٿي وڃي ٿو.“

        ”پوءِ تون کلين ڇو ٿو؟“

        ”ڇا ٿي پيو؟ منهنجي ڳوڙهن سان نه باهه وسامندي نه ٻوڏن ۾ ڪو ڦيرو ايندو.“

        مون کي يقين هو ته جن به ماڻهن سان مان مليو هوس، انهن سڀني کان هي پوڙهو وڌيڪ عقلمند هو. پر هو ڪهڙيءَ شيءِ سان محبت ۽ ڪهڙيءَ شيءِ کان نفرت ڪري ٿو؟ اهو سوال هميشه انهيءَ وقت جڏهن هو پنهنجي ڳالهين سان منهنجي معلومات جي خزاني ۾ اضافو ڪندو هو، منهنجي دل تي پيو ترندو هو.

        ”ڏس ته ماڻهو پنهنجون ۽ ٻين ماڻهن جون قوتون ڪيئن نه برباد ڪن ٿا. تنهنجو مالڪ تنهنجي قوت برباد ڪري رهيو آهي ۽ ووڊڪا سان ڏس ته ماڻهو پنهنجو ڪهڙو حال ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن ڳالهه جو ڪو حساب آهي؟ اچي ٿو ڪو توکي ڏسڻ ۾؟ تو کڻي ڪيترا به ڪتاب پڙهيا هجن، تنهنجو ذهن ڪيڏو به تيز ڇونه هجي! جيڪڏهن ڪا جهوپڙي سڙي ٿي پوي ته وري جڙي به سگهي ٿي. پر جي ڪو چڱو ماڻهو خود ئي برباد ٿي پوي، ته اُن کي ڪيئن ٿو ٺاهي سگهجي! سمجهه ته ڪو انڌو ٿي ٿو پوي، ته هن کي نيون اکيون ڪٿان ملنديون. اردلان ۽ گريگوريءَ جو ئي مثال وٺ. اردلان ته بيوقوف آهي، پر گريگوري سمجهو ماڻهو آهي، پر هن کي ڀُتي ڀاڻ وانگر باهه لڳي ويئي، ۽ هن جي مٿان رنن جو ائين مارو ٿيو، جيئن جهنگ ۾ پيل ڍونڍ جي مٿان جيتن جو.“

        ڪاوڙ نه پر پڇا جي خيال کان مون هن کي چيو، ”تنهنجي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي تون منهنجي مالڪ کي ڇو ٻڌائيندو آهين!“

        هن ششدر ٿيڻ کان سواءِ ڏاڍي ٿڌي نموني وراڻيو، ”انهيءَ لاءِ ته هن کي پتو پوي تي تنهنجي دماغ ۾ خطرناڪ خيال پچي رهيا آهن. هن کي پتو پوڻ گهرجي ته جيئن هو تنهنجي چڱيءَ ريت اصلاح ڪري، هُن کان سواءِ هتي ٻيو ڪير تنهنجي سڌارڻ وارو آهي؟  مان هن کي انهيءَ لاءِ اُهي ڳالهيون ڪين ٻڌايون هيون ته توکي تڪليف پهچي، پر انهيءَ لاءِ ته تنهنجو ڀلو ٿئي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته تون بيوقوف ڪونه آهين پر تنهنجي دماغ تي شيطان جو قبضو آهي. جيڪڏهن چوريءَ يا شراب يا ڪنهن رن روڳڙيءَ جي ڳالهه هجي ها ته کڻي ماٺ ڪيان ها، پر تنهنجي واتان اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌندس، جنهن ۾ باهه جي ڄڀي يا وولگا جي اٿل هوندي، ته اُها ضرور تنهنجي مالڪ کي ٻڌائيندس-اُن جي توکي به خبر هجڻ گهرجي.“

        ”ته پوءِ مان توسان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس.“

        هو ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ پنهنجي هٿ جي تريءَ تي دور آسمان جي ڪنهن تاري جو عڪس جهٽيندي، ۽ پوءِ مون ڏانهن هڪ وار پيار ڀرين نظرين سان نهاريندي، چوڻ لڳو، ”هائو، تون ڳالهائيندين. نه ته ٻيو ڪير آهي جنهن سان تون ڳالهائيندين؟ ڪم از ڪم هتي ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ئي ڪونهي.“

        اوسپ کي ڏسي ڪڏهن مون کي مجسمن وارو هٺ ڌرمي پيٽر ۽ ڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ وارو پوڙهو پيٽر، جيڪو ناني وٽ گاڏي وهائيندو هو، ياد اچي ويندا هئا، هن کي ڏسي، ڪڏهن خود نانو ياد اچي ويندو هوم. سچ پچ ته هن کي ڏسي، جن به پوڙهن کي مان ڄاڻندو هوس، سي سڀ ياد اچي ويندا هئم. اهي سڀئي ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا، پر اُنهن جي ويجهو مان محسوس ڪندو هوس ته انهن سان گڏ زندگي گهارڻ ڏاڍي ڏکي ۽ عذاب جهڙي ٿي سگهي ٿي. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو سدائين پنهنجن عقلمند سبقن ۽ نصيحت سان ماڻهوءَ جي روح ۽ دل کي تڪيندا ۽ ڳاريندا ٿي رهيا. ’ڇا، اوسپ چڱو ماڻهو هو؟‘ نه. ’ڇا، هو خراب ماڻهو هو؟‘ نه. پر مون کي هڪڙيءَ ڳالهه جي پڪ هئي ته هو ڏاهو ۽ ڄاڻو هو، پر جڏهن هن جي اُن ڏاهپ ۽ ڄاڻ تي عجب کائيندو هوس، تڏهن اِهو به محسوس ڪندو هوس ته هن جي ڏاهپ جا اُهي خيال ۽ هن جي اُن بي برڪتيءَ  ڄاڻ جا اُهي نُڪتا منهنجي  دل کي بيجان مڙهه وانگر نستو بنائي رهيا هئا، ۽ اُهي منهنجي سمجهه ۽ منهنجي دل جي ويچارن جي ابتڙ هئا.

        هن کي ٻڌندي ٻڌندي، منهنجي دل ۾ پليت خيال پيدا ٿيڻ لڳا هئا-’اِن جي باوجود، جو انسان هڪ ٻئي کي سهڻن لفظن ۾ کيڪار ڪري ملن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان مٺڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، هو هڪ ٻئي اجنبي آهن، هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اُن کان به وڌ، اسين قدرت کان الڳ رهون ٿا ۽ ان لاءِ ڌاريا آهيون، جنهن لاءِ ڪن ٿورن جي دل ۾ محبت جو جذبو آهي. رڳي ناني ئي اهڙي هئي، جنهن کي زندگيءَ ۽ ماڻهن سان سچ پچ پيار هو-ناني ۽ ملڪه مارگاٽ.‘

        اهڙي قسم جي خيالن جو ڌنڌ مون کي وڪوڙي ۽ ٻوساٽي رهيو هو. جنهن ڪري زندگيءَ مان منهنجي خوشي ختم ٿيندي ٿي ويئي، ۽ منهنجو روح ٻوساٽجڻ لڳندو هو. ’ڀلا مان ٻي ڪهڙي قسم جي زندگي گهاري سگهان ٿو؟ ۽ مون کي اها ڪٿي ملي سگهي ٿي؟‘ اوسپ کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪوبه نه هو، جنهن کي مان پنهنجي دل جا راز ٻڌايان. تنهن ڪري جيئن پوءِ تيئن هن سان وڌيڪ دل جون ڳالهيون ڪندو رهندو هوس. هو منهنجون اهي ڳالهيون  ڏاڍي خيال سان ٻڌندو هو، سوالن پٺيان سوال پڇندو هو، آخر ڪنهن نتيجي تي پهچي چوندو هو. ”ڪاٺ ڪٽو اورچ ۽ ضدي پکي آهي ۽ پاڻان وڏي وڻ کي ٽُڪيندو رهندو آهي، پر ان مان نه وڻ کي ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ڪو خوف ٿيندو آهي! مان پنهنجيءَ سچيءَ دل سان توکي صلاح ڏيندس ته تون ڪنهن چرچ ۾ وڃي داخل ٿيءُ-جيستائين وڌي، وڏيءَ عمر جو ٿين. اُتي ڌڻيءَ جي پاڪ ٻانهن جون ڳالهيون تنهنجي دل کي صاف ڪري ڇڏينديون ۽ توکي دل جو اطمينان حاصل ٿيندو، اتي رهڻ جي ڪري تون هنن تي ڪا چٽي به ڪانه بنبين، ڇو ته تون انهن کي سندن وعظ ۽ تبليغ جي ڪم ۾ مدد به ڏيئي سگهندين. اِها منهنجي توکي نيڪ صلاح آهي. منهنجو خيال آهي ته تون هِن دنيا جو ناهين ۽ هيءَ دنيا تنهنجي لاءِ ناهي.“

        جيتوڻيڪ پاڻ کي دنيا جي هن گورک ڌنڌي ۾ اٻاڻڪو ۽ اداس محسوس ڪندو هوس، ته به مون کي خانقاهي حياتيءَ لاءِ ڪابه ڪشش ڪانه هوندي هئي. مان هِتي اهڙي زندگي گهاري رهيو هوس، ڄڻ ته سرءُ جي ماريل ڪنهن ٻيلي ۾ رهندو هجان، جنهن ۾ گل ختم ۽ ٻُٽا ٿي ويا هجن ۽ چؤطرف ڪابه چڱي شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي.

        مون کي نه شراب پسند هو نه عورت. مون کي انهن ٻنهي جو مزو ڪتابن مان ملندو هو. ڪتابن جي مطالعي ڪري پنهنجي آسپاس جي سڃي ۽ بيڪار زندگي منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿيندي پئي ويئي.

        مون هاڻي اٽڪل پندرهن ۾ پير وڌو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي پوڙهو سمجهڻ لڳندو هوس. ڏسندي ڏسندي، پڙهندي پڙهندي ۽ سوچيندي سوچيندي منهنجو دماغ ٿڪجي پيو هو.

        جڏهن مان پاڻ بابت خيال ڪندو هوس، تڏهن محسوس ڪندو هوس ته مون زماني جون ڳالهيون ائين ڪٺيون ڪيون آهن، جو اهي ڪٻاڙ خاني ۾ اڇليل گند ڪچري ۽ ٺڪرن ٺوٻن وانگر ٿي ويون آهن، جن جو ڇنڊڻ ڇاڻڻ ۽ صاف ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. انهن ڳالهين مون کي يڪجا، اڏول ۽ پختي ارادي وارو بنائڻ بجاءِ بيحد ڦلهڙو ۽ بي اثر ڪري ڇڏيو هو.

        مون کي مصيبتن، بيمارين ۽ ناانصافين کان نفرت هئي. جهيڙن جهٽن، خونريزين ۽ ڪنهن به قسم جي ظلم، ٻيو ته ڇڏيو لفظي ’تون ڇا تون ڇا‘ جا نظارا به منهنجي جيءَ ۽ جان ۾ طوفان مچائي ڇڏيندا هئا. ۽ مون کي اهڙي باهه وٺي ويندي هئي، جو مان ڇتي جانور وانگر جهيڙي ۾ ڏاڍي شرمساري محسوس ڪندو هوس. ڪڏهن ڪنهن ظالم کي ظلم ڪندو ڏسندو هوس ته چرين وانگر بنان ڪنهن سوچ ويچار جي اُن جي مٿان وڃي ڪڙڪندو هوس. اڄ ڏينهن تائين مون کي پنهنجون اهڙيون ڳالهيون ياد آهن.

        منهنجي اندر ۾ ٻه شخصيتون لڪل هيون. ان مان هڪڙيءَ بيحد بڇڙايون ۽ برايون ڏٺيون هيون، جنهن ڪري چيڙاڪ ٿي پيئي هئي. زندگيءَ جي غلاظتن ان کي منڪر ۽ شڪي بنائي ڇڏيو هو ۽ اُنهيءَ ۾ مون کي ٻين سان ۽ پاڻ سان بيڪسي ڀريل همدردي ٿيڻ لڳندي هئي. اُنهيءَ شخصيت جي اِها تمنا هوندي هئي ته ماڻهن ۽ شهرن کان ڪناره ڪش ٿي، سانتيڪي حياتي گهارجي. اُها شخصيت ايران وڃڻ، خانقاه ۾ شريڪ ٿيڻ، ڪنهن جهنگ ۾ اڪيلي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ يا شهر جي ڪنهن ڪنڊائتي حصي ۾ چوڪيدار ٿيڻ جا خواب لهندي هئي. ان کي ٿورن ماڻهن ۽ ڏورانهين هنڌ جي تصور مان وڌيڪ مزو ايندو هو.

        منهنجي ٻي شخصيت عظيم الشان ڪتابن جي مطالعي جي پيدائش هئي. مان محسوس ڪندو هوس ته زندگيءَ جي روزانه گندگين جي طاقت انسان جي دل جي سگهه کي جهڪائي، پنهنجن گندن پيرن هيٺان پائمال ڪري ٿي ڇڏي. مان انهيءَ جي مقابلي لاءِ ٻانهون کنجي، سندرو ٻڌي، تيار ٿيو بيٺو هوندو هوس. انهيءَ ۾ محبت ۽ همدرديءَ جو رخ عملي قسم جا هئا. مان ڪنهن روماني قصي جي بهادرن وانگر جنگ لاءِ تيار لڳو وتندو هوس. پهرئين ئي موقعي تي منهنجي تلوار مياڻ مان ٻاهر نڪري ايندي هئي.

        انهيءَ زماني ۾ منهنجو هڪڙو جاني دشمن هو، جو پوڪروسڪايا چڪلي جو دربان هو. هڪڙي ڏينهن صبح جو ميلي جي ميدان ڏانهن ويندي ڏٺم ته هڪڙي گاڏي چڪلي جي شاهي دروازي اڳيان اچي بيٺي، ۽ هيءُ اُنهيءَ گاڏيءَ مان نشي ۾ بي خبر هڪڙيءَ ڇوڪريءَ کي هيٺ لاهي رهيو هو. ڇوڪريءَ جي ٽنگن کي هُن اهڙو بي درديءَ سان ڇڪيو، جو هوءَ چيلهه تائين اگهاڙي ٿي ويئي، ۽ پوءِ هُن زور سان ٽهڪ ڏيئي، اُن جي اگهاڙي جسم تي ٿڪ وهائي ڪڍي. پوءِ ان کي زور سان اهڙو وٺي ڊوهيائين، جو هوءَ، گاڏيءَ جي پائدان سان ٽڪربي، اچي هيٺ رستي تي ڪري، ۽ مٿو وڃي پٿرن سان لڳس.

        گاڏيءَ وارو ته پنهنجي گاڏي هڪلي هليو ويو. دربان ڇا ڪيو، جو ڇوڪريءَ جا ٻيئي پير پنهنجي هٿن ۾ جهلي، اهڙيءَ ريت هن کي ڇڪڻ لڳو ڄڻ ته هوءَ بُنڊ هئي. مون کي اهڙو غصو آيو، جو لُوهه ڪري هن تي چڙهي ويس. اِها منهنجي خوش نصيبي هئي، جو جيڪا رنبي منهنجي هٿ ۾ هئي، سا مون پاڻ ڦٽي ڪري ڇڏي يا اُها اتفاق سان منهنجي هٿ مان ڪري پيئي هئي-نه ته هو توڙي آءٌ ٻيئي وڏي نقصان هيٺ اچي وڃون ها. زور سان، جو ڊوڙي وڃي هن تي ٽٽو هوس، تنهن ڪري هيڪر هن کي ڪيرائي وڌم، ۽ پوءِ ڏاڪي تي پير رکي، گهنڊ کي ڌڙا ڌڙا وڄائڻ لڳس، جنهن ڪري ڀوائتا مهانڊا چوڌاري درن ۽ درين مان منهن ڪڍي بيهي رهيا، جن کي ڏسي، آءٌ هيڪاري ڊڄي ويس، ۽ لُوهه ڪري، پنهنجي رنبي پٽ تان کڻي، اُتان گولي ٿي، ڀڄي ويس. رستي ۾ ٿورو پري اُهو گاڏيءَ وارو بيٺو هو، جيڪو پنهنجي گديءَ تان ويهي تماشو ڏسي رهيو هو-”واه واه، ڦيرائي کڻي پٽ تي هنيئيس!“

        مون پنهنجو ڇوهه هن تي ڇنڊيو-”تو دربان کي هن ڇوڪريءَ سان اهڙو ظلم ڪرڻ ڇو ڏنو!“

        هن ڇڙٻ ۽ سخت جواب ڏيندي چيو، ”منهنجي لاءِ سڀ وڃي جهنم ۾ پون. مون کي ڀاڙو مليو، ته ڇوريءَ کي هتي پهچايان. منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو ته ڪير ڪنهن کي ٿو ماري.“

        ”جيڪڏهن هو هن کي خون ڪري وجهي ها، ته!“

        ”اهڙيون رنون اڄ نه سڀاڻي هونئين ئي خون ٿي وينديون.“ گاڏيءَ واري اهڙي نوع ۾ چيو، ڄڻ ته نشي ۾ چُور ڇوڪرين کي خون ڪرڻ هن جي ڪا روزمره جي عادت هئي.

        انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اهو دربان هر روز مون کي ملندو هو. هو چڪلي جو رستو صاف ڪندو رهندو هو يا ڏاڪڻ تي اهڙي ڍنگ سان ويٺو هوندو هو، ڄڻ ته منهنجي ئي انتظار ۾ ويٺل هو. جڏهن مان اتي اچي بيهندو هوس ته، اٿي بيهي پنهنجون ٻانهون کنجي،مون کي چوڻ لڳندو هو، ”توکي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس.“ هو مڙس چاليهن کان مٿي هو، هن جو قد بندرو، ڀڀ ٻاهر نڪتل ۽ ڄنگهون ڦڏيون هيس. هو جنهن نموني سان مون ڏانهن ڏند ڪرٽي نهاريندو هو، اهو ڏاڍو ڀوائتو هوندو هو. هو مقابلي ۾ منهنجو مٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته قدر آور هئڻ ڪري منهنجا هٿ هن تائين سولائيءَ سان پهچي سگهيا ٿي، ۽ بندري هئڻ ڪري هو مون تائين پهچي نه ٿي سگهيو. ٻه ٽي ڀيرا مون سان هٿ به ڳنڍيائين، پر واري واري سان دسجي پوندو هو، ۽ پوءِ مون مان هٿ ڪڍي، چوندو هو، ”اڙي ڦڙتي باز، متان من وڌايو اٿئي، مان توکي ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو سبق سيکاريندس، جو ياد ڪندين.“

        آخر، روز روز جي جهڳ جهڳ کان ڪڪ ٿي، چيو مانس، ”اڙي اُلو، تون مون کي تنگ ڇو تو ڪرين؟“

        ”تون مون سان ڇو وڙهيو هئين؟“

        جواب پڇيومانس، ”تو هن عورت سان اهڙو بڇڙو برتاءُ ڇو پئي ڪيو؟“

        ”تنهنجو ان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا، توکي هن تي رحم پئي آيو؟“

        ”بيشڪ.“

        هن چپ کڻي ڀيڙيا، ۽ ٿورو دم ماٺ ۾ رهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو، ”ڇا، توکي ٻليءَ تي به رحم ايندو؟“

        ”هائو.“

        ”اڙي بدمعاش، چئبو تون بيوقوف آهين.“ هن چيو، ”مان توسان پڄي پوندس.“

        ٻيو ڪو اتان وڃڻ جو اهڙو رستو ڪونه هو، تنهن ڪري جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ مان صبح جو سوير اٿندو هوس، ۽ هن جي اُتي پهچڻ کان اڳ اُتان نڪري ويندو هوس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏٺم ته هڪڙيءَ ڀوريءَ ٻليءَ کي گوڏن تي ويهاريو، منهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي. اڃا مان هن کان ٽي چار قدم پري هوس، ته هن ڇا ڪيو، جو ٻليءَ جي مٿي کي پٿر جي ڪٽهڙيءَ سان ڦيرائي، اهڙيءَ ريت ٺڪاءُ ڪرايائين، جو ٻليءَ جو مٿو ڀڄي پيو، ۽ ان جو وهندڙ گرم رت جون ڦنگون اچي منهنجي بت تي پيون، پوءِ ٻليءَ کي منهنجي پيرن ۾ اڇلائيندي چيائين، ”ڏسان، هاڻي ڪهڙو ٿو آڱوٺو پٽين؟“

        اسين ٻيئي ڇتن ڪتن وانگر هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وياسين. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ آءٌ ساڻو ٿي پيس ۽ پري ڇٻر تي ڪري پيس. هن جو ڇا حال ٿيو، تنهن جو پتو نه پيم، پر هو اُتي ويجهو ڪٿي ڪونه ڏٺم. منهنجي دل کي ايڏو ايذاءُ ٿيو، ڄڻ اُن کي ڪنهن ڇريءَ سان وڍ ڏيئي ڇڏيو هجي. انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ لڳس ته پاڻ کي اهڙن جهيڙن جهٽن کان ڪيئن پري رکان. هاڻي جڏهن اها ڳالهه ياد اچيم ٿي ته منهنجي بت کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي، ۽ عجب لڳندو اٿم ته ان وقت مان ڇتو ڇونه ٿي پيو هوس، ۽ ڪنهن کي قتل ڇونه ٿي ڪري وڌم.

        مان اهڙين ڌڪار ڀريل ڳالهين جو ذڪر ڇو ٿو ڪيان؟ منهنجا پيارا پڙهندڙو، انهيءَ لاءِ جيئن اوهان کي پتو پوي ته اِهي ماضيءَ جون ڳالهيون ناهن. اوهان کي هيبت ناڪ افسانا ۽ خوني ڪهاڻيون پسند هونديون آهن. پر مان انهن کان وڌيڪ ڀوائتيون ۽ خوفناڪ روز مره جون سچيون ڳالهيون بيان ڪري سگهان ٿو، ۽ بهتر ائين ٿو سمجهان ته اهي اوهان کي ٻڌايان ته توهان کي محسوس ٿئي ته اسين ڪيئن رهون ٿا ۽ ڪهڙين حالتن هيٺ زندگي گهاري رهيا آهيون. سچ چوڻ ۾ لڄ ڪهڙي آهي! اسان جي زندگي سچ پچ ته ذليل زندگي آهي!

        مان انسان سان پيار ڪيان ٿو، ۽ ڪنهن کي ڏک ڏيڻ منهنجو مذهب ناهي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ جذباتي نه ٿيڻ گهرجي، نه ئي تلخ حقيقتن کي حسين لفظن ۽ سهڻين سٽن ۾ لڪائڻ گهرجي. اسان کي زندگيءَ کي ائين پيش ڪرڻ گهرجي. جيئن سندس صحيح روپ آهي. اسان جي دلين ۽ دماغ ۾ جيڪا چڱائي ۽ نيڪي آهي، ان کي هر وقت حقيقتن جي علم سان تازگي ملڻ گهرجي.

        ان وقت، جا ڳالهه مون کي سڀ کان زياده رنج رسائيندي هئي، اها مردن جي عورتن سان روش هوندي هئي. ڪتابن جي مطالعي مان اهو محسوس ڪندو هوم ته عورت اها شيءِ آهي، جا زندگيءَ کي حسين ۽ معنيٰ بخشي ٿي. ناني جيڪي ”مئڊونا“ ۽ ”واسيليتسا“ جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، انهن به منهنجي دل ۾ ساڳيا خيال ويهاريا هئا. بدقسمت نتاليا ڌوٻڻ سان ملڻ ۽ عورتن جي سون پيار ڀرين مهانڊن ۽ مرڪن کي ڏسي، منهنجو اهو يقين اڃا به پختو ٿي ويو هو.

        ترجنيف جي ناولن ۾ عورتن جي واکاڻ جا گيت ڳايل هئا، مون کي عورتن جي جن به خوبين جو علم ٿيندو هو، اهي سڀ ملڪه مارگاٽ ڏانهن منسوب ڪندو ويندو هوس. هيني ۽ ترجنيف جي ڪتابن مان عورتن جي خوبين جي چڱي ڄاڻ پيئي هيم.

        شام جي وقت ميلي جي ميدان کان موٽڻ وقت اها منهنجي عادت ٿي ويئي هئي ته ٽڪريءَ تي بيهي وولگا نديءَ ۾ ٻڏندڙ سج ڏانهن نهاريندو هوس. باهه جا الا آسمان ۾ پکڙجي ويندا هئا، ندي ۽ زمين قرمزي ۽ آسماني رنگ جي آميزش ۾ ٻڏي ويندا هئا. اهڙن وقتن تي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هوم ته ڌرتي قيدين سان ڀريل بتيلو آهي، جو ڪنهن رسيءَ سان ڪنهن جهاز ۾ ٻڌل آهي ۽ اهو جهاز ان کي ڪيڏانهن گهليندو اڳتي ڪاهيندو ٿو وڃي.

        منهنجي دل ۾ ٻاهريان ملڪ، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ پڙهيو هوم، اُهي ۽ اتي جي ماڻهن ۽ انهن جي مختلف ريتن رسمن جا خيال پيا ڦرندا هئا. ٻاهرين ملڪن جا ليکڪ پنهنجن ڪتابن ۾ جنهن زندگيءَ جو ذڪر ڪندا هئا. اُها مهنجي چوگرد ڦهليل بيڪار زندگيءَ کان وڌيڪ وڻندڙ هوندي هئي. انهيءَ ڪري منهنجي دل کي ڪجهه آٿت ملندو هو ته هن مرده زندگيءَ کان بهتر  زندگي به ڪا ٿي سگهي ٿي، ۽ مان يقين سان دل ۾ اها اميد رکندو هوس ته ڪنهن ڏينهن ڪنهن اهڙي سياڻي ۽ سٻاجهي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿينديم، جيڪو انهيءَ بهتر زندگيءَ ڏانهن ويندڙ شاهراهه جو مون کي ڏس ڏيندو.

        هڪڙي ڏينهن جيئن ٽڪريءَ تي پيل بينچ تي ويهي نظارو ڏسي رهيو هوس، ته مامو جاڪوف اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. مون هن کي ايندي ڪين ڏٺو هو، ۽ نه ئي هن کي ڏسڻ سان هڪدم سڃاڻي سگهيو هوس. جيتوڻيڪ اسان ساڳئي شهر ۾ رهندا هئاسين، پر اسان جو هڪ ٻئي سان ملڻ ڪو ورلي ٿيندو هو-اُهو به رسمي کيڪار ۽ خوش خوش کان وڌيڪ نه.

        هن چرچو ڪندي چيو، ”اڙي تون ته وڌي وڻ ٿي ويو آهين!“ ان کان پوءِ اسين پاڻ ۾ اهڙن ماڻهن وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين، جي پاڻ ۾ عزيز نه پر گهڻي وقت جا واقفڪار هجن.

        نانيءَ جي ڳالهين مان پتو پيو هوم ته مامو جاڪوف ويجهڙائيءَ ۾ بيروزگار ٿي رهيو ۽ جهيڙاڪ ٿي پيو هو. اهو پتو به پيو هوم ته ڪنهن وقت هو ننڍو جيلر مقرر ٿيو هو، پر ان عهدي تان بي آبرو ٿي نڪتو هو. وڏو جيلر ڪو بيمار ٿي پيو هو، تنهن ڪري جيل جي چارج مامي جاڪوف جي حوالي ڪئي ويئي هئي. پر ان جي هلائڻ ۾ ايترو ته حد اُڪري ويو هو، جو قيدين کي پنهنجي خانگي ڪمرن ۾ دعوتون ڏيندو هو. جڏهن هن جي خلاف جانچ هلي، ته ٻين الزامن سان گڏ وڏو الزام، جو هن جي مٿان لڳايو ويو هو، اُهو اِهو هو ته هن قيدين کي جيل جي ديوارين کان ٻاهر گهمڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. انهن قيدين مان ڪو ڀڄي ته ڪونه ويو هو، پر هڪڙو قيدي ٻاهر شهر ۾ هڪڙي پادريءَ کي گهٽو ڏيندي پڪڙجي پيو هو! جانچ ته تمام گهڻو وقت هلي، پر مقدمو ڪورٽ تائين  پهچي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته جيل جي جمعدارن ۽ قيدين اهڙا بيان ڏنا، جو مقدمو بيهي نه سگهيو. بهرحال هاڻي هو بيروزگار هو ۽ پٽ جي ڪمائيءَ تي، جيڪو چرچ جي سنگيت منڊليءَ ۾ ملازم هو، پيو وقت گذاريندو هو.

        مون سان هو پنهنجي اُن پٽ جون عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو-”اڄ ڪلهه ڏاڍيءَ آڪڙ وارو ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته چرچ جي سنگيت منڊليءَ ۾ ڪم ٿو ڪري! جيڪڏهن هن جي حڪم مطابق سماوار گرم ناهي يا هن جي ڪپڙن کي برش هڻندي، ڪٿي ٿوري مٽي رهجي ٿي وڃي، ته مڙس اڀامي ٿو وڃي. ڪپڙي لٽي، ۽ بت جي صفائيءَ  جو ڏاڍو خيال ٿو رکي.“

        مامو جاڪوف پنهنجي عمر کان اول پوڙهو ٿي ويو هو. منهن ۾ لٿل ۽ بت ۾ ڏٻرو ٿي ويو هو. هن جي وارن جون اڳيون چڳون بلڪل گم ٿي ويون هيون، جنهن ڪري هن جا ننڍڙا ڪن بلڪل هيڪلا ۽ عجيب ٿي لڳا. هن جي اکين جي سفيد ڪٽورين ۽ ڳلن جي کَلن ۾ ڳاڙهيون نسون نظر پئي آيون. جيتوڻيڪ هن جي ٻٽيجي سلامت هئي، پر چرچي ڀوڳ وقت هن جو آواز روڪجي ٿي نڪتو.

        مون موقعي کي غنيمت ڄاتو، جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيو هوس، جنهن زندگيءَ جا چڱا ڏينهن ڏٺا هئا ۽ جنهن کي ندي جو چڱو آزمودو هو. مون کي هن جا قديم راڳ ۽ نانيءَ جو هن بابت رايو ياد اچي رهيو هو-”راڳ ۾ حضرت دائود جو مٽ آهي، باقي ڌنڌي ۾ شيطان واريون سازشون سٽي ڄاڻي.“

        ويٺي ويٺي، اسين ڏسي رهيا هئاسين ته ٽڪريءَ تي هوا خوريءَ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۾ سٺن ۽ فئشنيبل ڪپڙن ۾ معزز شهري، مليٽري آفيسر ۽ سرڪاري عملدار هئا. مامي جاڪوف کي ليڙن لٿل ڪوٽ، ڦاٽل ٽوپي ۽ چتين لڳل بوٽ پيو هو، جنهن ڪري هو پنهنجي دل ۾ شڪي ٿي رهيو هو. انهيءَ ڪري ترت ئي اسين ٻيئي اٿي، ويجهو هڪڙي هوٽل ۾ هليا وياسين، جتي دريءَ جي ڀرسان پيل هڪ ميز تي ويهي رهياسين. اتان ميلي وارو ميدان صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو.

        ”توکي ياد هوندو ته تون ڪيئن هڪڙو گيت ڳائيندو هئين:

        ’هڪڙي پينوءَ پتلون سڪڻ ڪاڻ ٽنگي ڇڏي،

        ٻيو پينو آيو ۽ اُها چورائي ويو......‘“

        جڏهن مون اهي لفظ چيا، تڏهن مون کي انهن لفظن ۾ لڪل طنز پهريون ڀيرو سمجهه ۾ آئي ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ٿيو ته مامو ٻاهران ته خوش باش ڏسبو هو، پر اندر ۾ هو ڪيڏي نه تلخي لڪائي پئي گهميو.

        گلاس ۾ ووڊڪا اوتيندي، ڄڻ منهنجي اُنهيءَ ۽ ٻين اهڙن اڻ پڇيل سوالن جو جواب ڏيندي، چوڻ لڳو، ”حقيقت هيءَ آهي ته مان پوڙهو ٿي رهيو آهيان، ۽ مون کي پتو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو پورو لطف ڪيئن حاصل ڪيو اٿم. اهو راڳ منهنجو نه هو، پر ان راڳ جو بنائيندڙ هڪڙو اسڪول ماستر هوندو هو. ها، هن جو نالو ڇا هو؟-اسين گهرا دوست هئاسين، پر هينئر ياد نٿو اچيم. هو مري ويو آهي. هو ڇڙو ڇانڊ هو. ۽ هڪڙي ڏينهن هو پي وڃي سمهيو هو ۽ وري نه اٿيو. ڪيترا نه منهنجا واقفڪار پيئندي پيئندي مري ويا آهن-بيشمار! تون ته نه پيئندو آهين نه؟ ڏاڍو چڱو. ان کان پري رهندو ڪر. بابي سان اڪثر ملندو هوندين؟ هن جو ٻڍاپو به سولو ڪونه ٿو بسر ٿئي. ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هن جو دماغ سالم نه رهيو آهي.“

        ووڊڪا هن ۾ تازگي ۽ جوش پيدا ڪيو. هو کڙهو تڙو ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجي جوانيءَ واري ڏِک ڏيڻ لڳو ۽ هن جي ڳالهين ۾ مزو پيدا ٿي ويو. مون، موقعي جو فائدو وٺي، هن کان قيدين واري ڳالهه پڇي.

        ”چئبو تو به اِها ڳالهه ٻڌي آهي؟“ هن چيو، ۽ چؤطرف خبرداريءَ سان نهاري، آواز کي هوريان ڪري چوڻ لڳو، ”قيدي؟“ مان ڪير هوس، جو ويهي انهن بابت فيصلا ڏيان! منهنجي لاءِ اهي سڀ انسان هئا، ۽ مون انهن کي چيو، ’اچو ته هتي خوشيءَ جون گهڙيون گهاريون ۽ هڪ ٻئي سان قرب محبت ’رهون.‘ هڪڙو راڳ آهي ته-

        ”پنهنجي قسمت ڪهڙي به هجي، اچوته خوش گذاريون،

        اچو ته خوش گذاريون، جيسين پنهنجي حياتيءَ جو سفر پورو ٿئي،

        اُهي بيوقوف آهن، جي غم ۽ ڏک اڳيان سر جهڪائين ٿا.

        اسين جيسين جيئنداسين، کِل خوشيءَ ۽ مزي لاءِ جيئنداسين.“

        هو کليو، ڏاڙهيءَ کي کنهيائين ۽ ٻاهر رستي جي مٿان شام جي ڪرندڙ پاڇن ڏانهن نهارڻ لڳو.

        ”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته اُهي جيل ۾ رهي رهي بيزار ٿي پيا هئا، رات جي حاضريءَ کان پوءِ مون وٽ هليا ايندا هئا. پوءِ شراب ڪباب جو دور هلندو هو، جنهن جو بندوبست ڪڏهن مان ڪندو هوس ۽ ڪڏهن هو ڪندا هئا. مان راڳ ۽ ناچ جو شوقين ته آهيان ۽ انهن ۾ به ڪيترائي راڳ ۽ ناچ جا ماهر هوندا هئا. توکي ته شايد ويساهه ئي نه ايندو! انهن مان اڌ کان وڌيڪ قيدين کي زنجير پيل هئا، زنجيرن سان ڀلا ڪير ٿو نچي سگهي! پوءِ مون هنن کي چيو ته زنجير لاهي ڇڏيو. هائو، اهو سچ آهي. پر توکي حيرت لڳندي ته هنن لوهر جي مدد کان سواءِ پنهنجو پاڻ زنجير لاهي کڻي پري ڦٽا ڪيا. اِهي ماڻهو ڏاڍا حرفتي ٿا ٿين. پر جيڪي ماڻهو چون ٿا ته مان هنن کي ڇڙواڳ ڇڏيندو هوس ته وڃي ماڻهن کي ڦرين، اهي واهيات ٿا بڪن، اهڙي قسم جي ڪابه شاهدي ڪانه ملي هئي.“

        هو وري ماٺ ٿي ويو ۽ دريءَ مان ٻاهر هڪڙي دڪاندار کي، جو دڪان بند ڪري رهيو هو، ڏسڻ لڳو. ڪڙن جو ٺڙڪو، ڪلفن جو کڙڪو ۽ تاڪن جو سٽڪو صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پوءِ اک ڀڃندي، وري ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويو، پر اڃا به هوريان آواز ۾-”ايمان جي ڳالهه ته هيءَ آهي ته هڪڙو قيدي ٻاهر ويو هو، پر اهو به هٿڪڙين وارن مان نه هو، اهو قيدي شهر جو ئي رهاڪو هو ۽ آسپاس جون چوريون ڪندو هو. هن جي سريت نزديڪ رهندي هئي، ۽ پادريءَ سان هن جي معاملي واري ڳالهه اتفاقي هئي. دراصل هن پادريءَ کي واپاري سمجهيو هو. برفاني رات هئي ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي بنڊل بنائي پئي هليو. هو ترنگ ۾ هو. هن کي تڪڙ ۾ پادريءَ ۽ واپاريءَ جو پتو ئي نه پيو.“

        اها ڳالهه مون کي کِل جهڙي لڳي ۽ هو به مون سان کلڻ ۾ شريڪ ٿي ويو-”خدا جو قسم! پوءِ ان تي ڪهڙي نه قيامت مچي ويئي....“

        پر اِتي منهنجي مامي کان ڪاوڙ جي جوجڪي اچي ويئي. پنهنجي اڳيان پيل کاڌي کي پري کڻي ڦٽو ڪيائين، هن جي منهن ۾ گهنڊ پئجي ويو، ۽ خار ۾ اکيون ڪاراٽجي ويس. پنهنجي سگريٽ کي سوٽو هڻندي، چوڻ لڳو، ”ماڻهو اول هڪ ٻئي کي ٺڳين ٿا، پوءِ هڪ ٻئي کي پڪڙن ٿا ۽ پوءِ هڪ ٻئي جيلن ڏانهن، سائبيريا ڏانهن ۽ کاڻين ڏانهن موڪلين ٿا. منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مان انهن سڀني ڳالهين کي ٿڪ ٿو هڻان. پوءِ کڏ ۾. مان پنهنجي جان جو فڪر ڪندس.“

        ان وقت هو مون کي آگ مئن جئڪ جي ٻيءَ صورت وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن کي به ”هڻين کڏ ۾“ چوڻ جي عادت هوندي هئي.

        ”ڇا پيو سوچين؟“ مامي آهستي پڇيو.

        ”ڇا، توکي قيدين تي افسوس ٿيندو هو؟“

        ”هنن سان همدردي ٿيڻ لازمي آهي، توکي عجب لڳندو ته هو ٻارن وانگر آهن. ڪڏهن ڪڏهن مان هنن مان ڪنهن ڏانهن نهاري خيال ڪندو هوس ته ’مان هنن جي بوٽ صاف ڪرڻ جي به لائق ڪين آهيان، پر مون کي هنن تي حڪم هلائڻ جو اختيار مليل آهي!‘ سچ پچ ته اهي پيارا شيطان ڪهڙا نه چالاڪ ۽ ڏاها هوندا هئا!“

        شراب جي نشي ۾ گذريل زماني جي يادگيرين هن جي طبع کي تازو ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٺونٺ دريءَ جي ڪانس تي کڻي رکيائين. پنهنجي آڱرين ۾ سگريٽ دکائي جهليائين، ۽ گجندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو، ”انهن ۾ هڪڙو نوجوان هو، هو واچن ٺاهڻ ۽ ڀترن تي رنبيءَ جي ڪم ۾ ماهر هو، هن کي ڪوڙن سڪن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ قيد اماڻيو ويو هو. هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. ’توهين، جي سمجهائي سگهو ته سمجهايو‘، هو چوندو هو، ’خزاني وارا ته پئسا ٺاهين، باقي مان ڇونه ٺاهيان؟ ٻڌايو؟‘ ۽ ڪوبه هن کي اها ڳالهه سمجهائي نه سگهيو. ٻيو هڪڙو ماسڪو جو مشهور ڳنڍي ڇوڙ هوندو هو. هو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ صاف سٿرو هوندو هو. پنهنجي ٺاهوڪي نموني چوندو هو، ’ماڻهو ڪم ڪري ڪري، ڊهي ٿا پون، مان ائين ڪرڻ نه چاهيندس. مون ائين ڪري به ڏٺو آهي. ڪم ڪري منهنجون آڱريون ئي گسي ويون، پر اُن مان مون کي ڇا مليو؟ اهي ٻه چار ڏوڪڙ. ڪجهه شراب جو گلاس اڌ پيتو نه پيتي جهڙو، ٻه ٽي پيسا رميءَ ۾ هارائجي وڃن، ٻه ٽي ٽڪا ڪنهن جوانڙيءَ کي ڏنا ته ڏيڻ جهڙا-پئسا خلاص، کيسا خالي ۽ ماڻهو اُهو ئي گهٽين جي حوالي ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، ساڳي بک، ساڳيو نشو، ساڳي جسم جي سڌ. ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي! نه ته، مون کان ائين نه ٿيندو.‘ اِهو هن جو تڪيو ڪلام هوندو هو-’مون کان ائين نه ٿيندو‘.“

        مامو جاڪوف بينچ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺو. هن جو منهن هن جي ننڍن ڪنن تائين سرخ ٿي ويو هو، جي هن جي باقي جسم وانگر جوش ۾ پئي ڏڪيا.

        ”منهنجا ڀاءُ اهي قيدي بيوقوف ۽ جاهل ڪين آهن. هنن کي هر ڪنهن ڳالهه جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. وڃي کڏ ۾ پون! مون ڏانهن نهار. مان توکي پاڻ بابت ڇا ٻڌايان؟ جڏهن مان پنهنجي ماضيءَ ڏانهن نهاريان ٿو ته ڏاڍي اداسائي ٿي ٿئيم. ان ۾ خوشيون گهٽ هيون. مون کي ڏک کليو کلايو ملندا هئا ۽ خوشيون مان چوريءَ چوريءَ حاصل ڪندو هوس. هڪڙي پاسي منهنجو پيءُ، ٻئي پاسي منهنجي زال، پيا رڙيون ڪندا هئا-’هيئن ڪر! ۽ هيئن نه ڪر!‘ مون کي ايتري همٿ نه ٿيندي هئي، جو پاڻ تي کڻي هڪ روبل خرچ ڪريان. اهڙيءَ ريت منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گذري ويا، ۽ هاڻي ڇاهي؟ مان پنهنجي پٽ جو ٻانهو آهيان. سچ هيءُ آهي ته مان نوڪرن وانگر هن جي خدمت ڪندو آهيان ۽ هو مالڪن وانگر مون تي حڪم هلائيندو آهي. هو مون کي ’بابا‘ ڪري سڏ ڪندو آهي، ۽ مان غلامن وانگر وڃي هن جي اڳيان بيهندو آهيان. ڇا، انهيءَ واسطي ئي مون کي هيءَ حياتي ملي هئي؟ ڇا، انهيءَ لاءِ مان جيئرو آهيان ته پٽ جي چاڪري ڪيان؟ ڀلا، اِنهيءَ ڳالهه کي کڻي ڇڏ. تون مون کي ٻڌاءِ ته مان پيدا ڇا لاءِ ٿيس؟ مون کي زندگيءَ مان ڇا مليو؟“

        منهنجا خيال ٻئي پاسي ڏي ڦري ويا هئا. جڏهن هن پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، تڏهن مون پڇيس، ”نه ڄاڻان منهنجي زندگيءَ جو انت ڪهڙو ٿيندو؟“

        هو اچي ٽهڪن ۾ پيو-”ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙو پتو؟ مون کي ته اڃا اهڙو ماڻهو ڪونه مليو آهي، جنهن کي اِهو پتو هجي. بس، ماڻهو پيا زندگي گهارين ۽ جهڙو واءُ ٿو لڳي تهڙو پيا اُن کي منهن ڏين—“

        وري هن جو لهجو خار ۽ چڙ ۾ ڀرجي ويو—”قيد ۾ اوريل شهر جو هڪ خانداني ماڻهو هوندو هو. زوريءَ زنا جي ڏوهه ۾ هن کي جيل اماڻيو ويو هو. مگر هو ڏاڍو لاجواب ناچ ڪندو هو. هو اسان کي پنهنجي هڪڙي راڳ سان وندرائيندو هو، جنهن کي هو ’معشوق جو گيت‘ ڪري سڏيندو هو—

        ’معشوق، تون قبرستان مان ته هليو وڃين ٿو،        

        پر قبر کان ڪاڏي هليو ويندين....‘

        اهو راڳ هاڻي ته مون کي مزيدار نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته اها بلڪل حقيقت آهي ته انسان کي نه ئي پنهنجي ويل حياتي واپس ملي سگهي ٿي، نه ئي قبر کان نجات، سڀ سان ساڳيو حساب لاڳو آهي، چاهي قيدي هجي، چاهي جيلر.“

        ڳالهيون ڪندي ڪندي، هو ٿڪجي پيو، ووڊڪا ختم ڪري، پکين وانگر اکيون چنجهيون ڪري، شراب جي خالي بوتل ڏانهن گهورڻ لڳو. سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو. دونهون هن جي مڇن جي وارن ۾ پکڙجي ويو.

        ”ڪشمڪش بيڪار آهي. ڪنهن شيءِ جي توقع رکڻ اجائي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي—“ اهي لفظ اوستي پيٽرڪ وٽان ٻڌا هئم، پر هو منهنجي مامي کان بلڪل مختلف هو. مون کي انهيءَ قسم جا ڪيترا عام ٻول اڃا تائين ياد آهن.

        مون کي مامي سان وڌيڪ ڪي به ڳالهيون ڪرڻيون نه هيون. اهڙي ماڻهوءَ جي صحبت ۾ ويهڻ، جنهن تي رحم ايندو هجي، البت نراسائي ٿو ڏيئي ڇڏي. منهنجي دل هن جي خوشيءَ ڀرين گيتن ۽ ستار جي سرن کي ياد ڪري، غمگين ٿي پئي ويئي. پر مون کي کلمک سگنوڪ به وسري نه ويو هو. نه، هو مون کان وسري ڪونه ويو هو. اُن وقت جڏهن مامي جي زماني هٿان لپاٽن لڳل منهن ڏانهن پئي نهاريم، ته منهنجي دل ۾ وري وري خيال پئي آيو ته ’الائي هن کي اهو ياد هوندو به يا نه هوندو ته هُن سگنوڪ کي صليب جي هيٺان ڪيرائي ماري ڇڏيو هو.‘

        منهنجي دل اهو نه گهريو ته هن کي اها ڳالهه ياد ڏياريان. مان ٻاهر سڙڪ ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن جي مٿان آگست جو ميرانجهڙو ڪوهيڙو ڪري رهيو هو. اتي پڪل صوفن ۽ گدرن جي خوشبوءِ پکڙجي پيئي هئي. شهر جي گهٽين ۾ بتيون روشن ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. انهيءَ وقت جهازن جي روانگيءَ جو بگل وڄڻ لڳو هو.

        ”هلڻ گهرجي!“ مامي چيو. جڏهن هوٽل جي دروازي وٽ هڪ ٻئي سان هٿ ملائي، موڪلائڻ لڳاسين، ته مامي چرچي طور چيو، ”اجاين پورن ۾ نه رهندو ڪر. تون البت اداس ٿو رهين. تون جوان آهين، ۽ اها ڳالهه ياد رکجانءِ ته قسمت ڪهڙي به هجي، ان کي کڏ ۾ هڻي، زنده رهجي ۽ خوش رهجي.“

        ائين چئي، منهنجو خوش مزاج مامو، مون کي وڌيڪ پورن ۾ وجهي، ويندو رهيو.

        مان شهر لتاڙي، ٻاهر کليل پوکن وٽ اچي پهتس. اڌ رات جو وقت هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، جن جي پاڇي ۾ منهنجو پاڇو ڏسڻ ۾ ئي نه ٿي آيو. هلندي هلندي مان وولگا نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتس، جتي سڪل ڇٻر جي مٿان ليٽي، نديءَ، پوکن ۽ بي حرڪت زمين ڏانهن نهارڻ لڳس، هوريان هوريان ڪڪرن جو قافلو وولگا جي ٻئي پاسي ڏانهن وڌندو پئي ويو. ۽ جڏهن اتي پئي پهتو تڏهن ائين ٿي چمڪيو ڄڻ ته وولگا ۾ ٽٻي هڻي نڪتو هجي. هرڪا شيءِ ننڊاکڙي ٿي لڳي، هر ڪا چرچر بيدلي ۽ مجبور ٿي لڳي، ۽ ان ۾ اهو جوش ۽ اتساهه جيڪو دلي شوق جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، ڏسڻ ۾ نٿي آيو.

        ان وقت منهنجي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿي ته ڪاش مان پاڻ سميت اُن بيٺل زمين کي اهڙو ڪو ڏٽو هڻي سگهان، جو سڄي دنيا ۽ اُن جي هر شيءِ. مون سميت، خوشيءَ ۽ مستيءَ ۾ نچندڙ اُنهن ماڻهن وانگر ننهن کان چوٽيءَ تائين امنگ ۽ تحرڪ ۾ اچي وڃي، جيڪي هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، زندگيءَ سان پيار ڪن ٿا. هن زندگيءَ سان، جيڪا هڪ ٻيءَ زندگيءَ لاءِ گذارجي ٿي-آئينده زندگي، هن ئي جهان جي آئنده زندگي، هڪ وڌيڪ حقيقت زندگي، هڪ وڌيڪ حسن ۽ همت ڀري زندگي.

        پوءِ مان سوچڻ لڳس ته ’مون کي واقعي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جي مون ڪجهه نه ڪيو ته مان تباهه ٿي ويندس.‘

        ڪڏهن ڪڏهن سرءُ جي اداس موسم ۾، جڏهن سج جو ڪو نشان پتو ئي نه هوندو هو، ۽ نه ئي سج جي گرمي محسوس ٿيندي هئي، جڏهن ماڻهن جي دلين تان اهو خيال به لهي ويندو هو ته ڪا سج جي روشني به ٿيندي آهي، مان ڪيترائي ڀيرا پري جهنگل ڏانهن هليو ويندو هوس-وڏو رستو ڇڏي، اونداها پيچرا لتاڙيندو هوس، تان جو ايترو ٿڪجي پوندو هوس، جو مون کي اُهي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا هئا. پوءِ پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي، مٺيون ڀيڙي، نڪ سامهون هلڻ شروع ڪندو هوس، ۽ سڙيل بنڊن، ڌٻن ۾ آيل پيچرن، ۽ گپ چڪ ڀريل ميدانن کي لتاڙيندو، ۽ انهن تان اڪرندو، آخرڪار اچي ٻاهر، شاهي سڙڪ تي پهچندو هوس.

        انهيءَ سرءُ جي مند ۾ مان ڪازن هليو ويس، دل ۾ اها ڳالهه ڳجهي رکيم ته اتي وڃي ڪنهن طرح تعليم حاصل ڪندس.

 

1914ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org