سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-2

صفحو :2

باب ٻيو

جڏهن مان گهر پهتس ته نانو اڱڻ ۾ ڪهاڙي سان ڇيڻي ٺوڪي رهيو هو، منهنجو استقبال مٿي واري ڪهاڙي والارڻ سان ڪيائين ، پوءِ ٽوڪ طور پنهنجو ٽوپلو لاهي چوڻ لڳو، ” حضرت جن جو ڪهڙو حال آهي؟ـــ نه ، سرڪار نامدار جو؟ نوڪريءَ جو مدو ختم ٿي ويو ڇا ؟ هاڻي جيئن  وڻئي تيئن موجون ڪر. هان ؟ تنهنجي ھھڙي تھڙي !

” اسان کي سڀ ڪا خبر آهي، “ ناني ءَ ائين چئي هن کي ٽرڪندو ڪيو. پنهنجي ڪمري ۾ سماور  تيار ڪري مون کي چوڻ لڳي ، ” نانهن صفا سڃو ٿي ويو آهي،جيڪا به موڙي هيس سا پنهنجي گود جي پٽ  نڪوراس کي وڏي وياج تي ڏيئي ڇڏي هئائين ، پر ان جي ڪابه لکپڙهه  نه هئي، پتو ناهي ته هاڻي معاملو ڪٿي وڃي پهتو آهي، پر نانهن  صفا  ڀينگيو ٿي ويوآهي ۽ پيسا ويا کوھ جي تري ۾   اهو سڀ غريبن جي مدد نه ڪرڻ ۽ مفلسن تي رحم نه کائڻ جو نتيجو آهي، خدا چيو ته ؛ ” ڪشروفن تي عنايت  ڇو ڪيان ؟  تنهن ڪري اسان کان سڀ ڪجهه کسي ورتائين.“

ڪمري ۾ چوڌاري  نهاري چوڻ لڳي  ”مان ڪوشش ڪندي رهي آهيان ته رب کي راِضي  ڪيان ،جيئن هو پنهنجي ٿورڙي  ٻاجهه ڪري ، ۽ ويچاري پوڙهي تي ايتري سختي  نه ڪري ، رات جي وقت  چپ چاپ پنهنجي کٽئي مان ٿورو خير ڪڍندي آهيان ،جيڪڏهن چاهين ته مون سان گڏ هلجانءِ . اڄوڪي رات لاءِ ٿورا ڏوڪڙ اٿم.“

نانو اندر آيو ۽ اکيون ڇينڀيندي چيائين ، ” ڳڀي  ٽڪر  پيا کائو ڇا؟“

” تنهنجو ناهي ، “ نانيءَ  وراڻيو ، ”پر جيڪڏهن چاهين ته اسان سان شامل ٿي سگهين ٿو ، ڪافي آهي .“

هو ميز تي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ،” چڱو ! چانهه وجهينس .“

ڪمري ۾ هر ڪا شيءَ پنهنجي  پنهنجي هنڌ  هئي، پر صرف امڙ  واري  ڪنڊ خالي هئي، ۽ ناني جي بستري واريءَ ڀت جي مٿان هڪڙو ڪاغذ ڌاڳي سان ٽنگيل هو، جنهن تي وڏن اکرن ۾لکيل هو : ” عيسيٰ دنيا  کي زندگي  ڏيندڙ ! تنهنجو پاڪ نالو جيستائين مان جيئرو آهيان صبح شام منهنجي زبان تي هجي !“

” اهو ڪنهن لکيو آهي؟“

ناني ڪو به جواب نه ڏنو ، پر نانيءَ  ٿورو ترسي مرڪندي چيو ، ” انهيءَ ڪاغذ  ٽڪر جي لاءِ سو روبل ڏيڻا پيا، آهن !“

”تنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي !“ ناني رڙ ڪئي ، ”مان پنهنجا پيسا ٻين کي ٿو ڏيان .“

”هاڻي ته چڱو  ٿو ڪرين ، پر ڪو اهو به وقت هوندو هو جو ڪجهه به نه ڏيندو هئين .“ نانيءَ آهستي چيو .

” وات بند ڪر ! “ ناني دانهن ڪئي ۽ وري اڳئين زماني واري ڳالهه تازي ٿي وئي .

ڪنڊ ۾ پيل صندوق جي مٿان رکي ٽوڪريءَ  ۾ ستل ” نڪي “ جاڳي پيو ،هن جون هلڪيون نيريون  اکيون مشڪل سان ٿي  ڏسڻ ۾ آيون ، هو وڌيڪ ڦڪو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو . هو مون کي سڃاڻي  نه سگهيو . پنهنجو ڪنڌ ڦيري ،چپ چاپ اکيون بند ڪري ڇڏيائين .

محلي جي خبر اداس ڪندڙ هئي ، وياخر مري ويو هو ، ايسٽر کان هفتو اڳ لاڏاڻو ڪيو هئائين ،خابي  اتان هليو ويو هو، ياز جا پير وڍيا ويا هئا، ۽ هو وري ڪڏهن به هلي چلي نه ٿي سگهيو، اها خبر ٻڌائيندي ، ڪارن اکين واري ڪوسترم خار مان چيو.  ڇوڪرا جلدي مري ٿا وڃن . “

”رڳو وياخر ئي ته مري ويو آهي!“

” ساڳي ڳالهه آهي ، محلو ڇڏڻ  به  ته مرڻ جي برابر آهي، اڃا ڪنهن سان دوستي ڳنڍجي ٿي ۽ ناتو وڌائجي ٿو. ته ڇوڪرا  يا ته سانگي  شهر هليا ٿا وڃن يا مري ٿا وڃن. توهان جي چيسنڪو واريءَ  پراڻي ءَ جاءِ ۾نوان مسواڙي اچي ويٺا آهن ، انهن جي ذات  ايوسينڪي  آهي، هنن جو هڪڙو ڇو ڪرو نڪوشا نالي آهي ،پر ان ۾ڪا خاص ڳالهه ڪانهي ، هن کي جوڙو ڀينرن جو آهي، جن مان هڪڙي تمام ننڍڙي ۽ ٻي لنگڙي آهي. اُها گهوڙين تي هلندي آهي. پر ڏاڍي ٺاهوڪي آهي ، ٿورو دم کڻي چيائين ، ” چرڪا ۽ مان ان کي پيار ڪندا آهيون ۽ وڙهندا  آهيون .“

” هن سان وڙهندا آهيو؟“

” نه ، چرڪا  ۽ مان وڙهندا آهيون.  اسين هن سان ڪڏهن به نه وڙهندا آهيون ، نه ڪڏهن به نه !“

مون ڄاتو ٿي ته وڏا ڇوڪر ته ٺهيو پر وڏي  عمر وارا مرد به عشق ڪندا آهن، انهيءَ موضوع تي ڪافي واهيات ڳالهيون ٻڌيون هيم تنهن ڪري هن جي ڳالهه تي حيرت  نه ٿيم ، مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي، پر هن جي ڏٻري جسم ، سڄيل منهن ۽ ڪارين اکين کي ڏسي ، بيچيني ٿي ٿيم.

ساڳيءَ شام جو انهيءَ لنگڙيءَ ڇوڪريءَ سان ملاقات  ٿي. ڏاڪڻ تان اڱڻ ڏانهن لهندي هن جي گهوڙي هيٺ ڪري پئي هئي ۽ هوءَ پنهنجن ڪمزور ۽ شيشي جهڙن صاف ننڍڙن هٿن سان جهنگلي کي جهليو ڏاڪن تي بي سهاري بيٺي هئي، مون پنهنجن پٽيءَ ٻڌل هٿ سان گهوڙيءَ کي کڻڻ جي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي ۽ پنهنجي ناڪاميابيءَ تي  جڪ پئي کاڌم، هوءَ مٿان مون کي ڏسي رهي هئي ۽ چپن ۾ مٺڙي نموني پئي مرڪيائين .

” تو پنهنجن هٿن سان ڪهڙي جٺ ڪئي آهي؟“

” سڙي پيا آهن .“

” مان لنگڙي آهيان، تون هتي رهندو آهين؟ اسپتال ۾ گهڻو وقت هئين ڇا؟ مان اتي تمام ،تمام گهڻو وقت هيس ، “ ۽ ٿڌوساهه کڻندي چيائين ، ” ڏاڍو گهڻو وقت .“

هن کي سفيد ڪپڙا ، ۽ هلڪا  آسماني، کٿل، پر صاف جوتا پيل هئا، هن جي وارن جي گهاٽي ۽ لسي چوٽي ڪيل هئي ۽ اها هن  جي ڇاتيءَ تي ٿي پيئي، هنجون اکيون وڏيون ۽گنڀر هيون، انهن جي خاموش  گهرائيءَ مان هڪڙي جوت پئي نڪتي ، جنهن  هن جي سنهڙي نڪ واري چهري کي چمڪائي ٿي ڇڏيو، پر جيتو ڻيڪ  هن جي مرڪ مٺڙي  هئي، هن جو مون تي ڪو اثر نه ٿيو. هن جو بيمار بدن ڄڻ چئي رهيو هو ،  ” مهرباني ڪري مونکي هٿ نه لايو .“  پر منهنجا دوست  الائي هن تي ڪيئن ڇڪن ٿي پيا هئا.

” ڪافي  گهڻن ڏينهن کان وٺي مان لنگڙي ٿي پيئي آهيان .“ هن پاڻمرادو  پر فخر سان چيو .” مون سان اسان  جي  هڪڙي پاڙي  واريءَ جنهن جو امان سان جهيڙو هو ساڙ وچان ڊوهه ڪيو هو . ڇا تون اسپتال ۾ڊڄندو هئين؟“

” هائو .“ ۽ ڦڪائي محسوس ڪندي، اندر هليو ويس .

اڌ رات جو منهنجي نانيءَ مون کي ننڊ مان اٿاريو ۽ چيائين ، ” مون سان هلين ٿو ؟ ٻين سان چڱائي ڪندين ته تنهنجا هٿ ٺيڪ ٿي ويندا .“

هوءَ منهنجي ٻانهن وٺي،  شهر جي اونداهين گهٽين مان انڌي  جي اڳواڻ وانگر هلڻ لڳي، رات اونداهي ۽ گهميل هئي، سوساٽ  ڪندڙ  هوا،  جنهن نديءَ جي وهڪري کي تيز پئي ڪيو، منهنجي ڄنگهن  تي ٿڌي واري ويڙهي ٿي  ڇڏي. ناني  خيال سان پير ۾ پير کڻي ، اونداهين  جهڳين جي درين وٽ ٿي ويئي، ۽ پاڻ تي ٻه ڀيرا صليب جو نشان ڪڍي، ڪجهه پئسا ۽ ٽي بسڪوٽ درين جي ڪانس وٽ رکي ۽ وري پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍي، ڪجهه پئسا ۽ ٽي بسڪوٽ درين جي ڪانس وٽ رکي ۽ وري پاڻ صليب جو نشان ٿي ڪڍيائين، اونداهي آسمان ڏانهن نهاري، هوريان ٿي چيائين  ، ”جنت جي پاڪ راڻي ،هنن  جي مدد ڪر ! مٺڙي ماءُ  تنهنجي اڳيان اسين  سڀ گنهگار آهيون .“

رات جي خاموشي  ۽ پاڇا وڌندا ٿي ويا ۽ اسين اڳتي هلندا ٿي وياسين، آسمان ۾گهگهه اوندھ هئي، هلڻ ئي مشڪل هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ چنڊ ۽ تارا هميشه لاءِ موڪلائي ويا آهن. ايتري ۾ هڪڙو ڪتو گِرڻ لڳو. مون کي هن جي تارن جي چمڪ اوندهه ۾ڏسڻ ۾ پئي آئي. مان ڊڄي، نانيءَ جي پٺيان  ٿي بيٺس ، مون کي دلداري ڏيندي چيائين  ”ڪائي ڳالهه ڪانهي  . هيءُ ته ڪتو آهي، پر جنن ڀوتن جي ئي نڪرڻ جي ويل   ٽري وئي آهي، ڪڪڙن دس هڻڻ شروع ڪيا آهن .“ ڪتي کي پاڻ ڏي ڪوٺي ، ان کي ٺپرڻ ۽ ڇينڀڻ لڳي . ”توکي منهنجي ڏوهٽي کي ڊيڄارڻ نه گهرجي .“

ڪتو پيار وچان منهنجي ڄنگهين ۾ ليٿڙڻ  لڳو، ۽ اسان  ٽنهي  اڳتي پنڌ وهايو .

اهڙا ٻارنهن  خيرات نانيءَ درين تي رکيا، پره باکون ڪڍيون ،اونداهن  پاڇن مان سفيد  گهر ۽ جايون ظاهر  ٿيڻ لڳا، سامهون سفيد  چرچ جو گهنٽا گهر مصريءَ جي سنگ وانگر مٿي ڪر کنيو بيٺو هو، قبرستان جي ڀت جي پريان به سڀ ڪجهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو .

 ”هيءَ ٻڍڙي ويچاري ٿڪجي پئي آهي،“ ناني چوڻ لڳي ، ”هاڻي گهر  هلڻ گهرجي ،جڏهن گهرن واريون جاڳنديون ، تڏهن ڏسنديون ته بيبي مريم هنن جي ٻچڙن لاءِ ڪجهه رکي وئي آهي،جڏهن ڪجهه به نه  هجي تڏهن ڪڻو به ڪاسو آهي، او، الڪسي! ماڻهو ڏاڍا غريب آهن. پر ڪوبه انهن جو خيال نٿو ڪري .“

۽ پوءِ هي سٽون جهونگارڻ لڳي:

” امير الله کي وساري ٿا ڇڏين ،

کين قيامت جو ڊپ ڪونهي .

غريبن کي پنهنجو دوست ۽ ڀاءُ  نٿا سمجهن .

ڪڏهن به هنن  جي سارنٿا لهن .

هنن کي رڳو سون ڪٺي ڪرڻ جي سڌ آهي .

اهو دوزخ جا ٽانڊا ٿي ،سندن اڳيان ايندو .“

”سچ پچ ته آهي به ائين ، اسان کي هڪ ٻئي واسطي رهڻ گهرجي ، جهڙيءَ ريت خدا  يسوع مسيح رهيو الڪسي تنهنجي  اچڻ  ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي .“

مان به دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيس ، خاص طرح جڏهن محسوس  پئي ڪيم ته اهڙي  ڪم ۾ بهرو ورتو اٿم، جو وسارڻ  جهڙو نه آهي ، ڀورو ڪتو منهنجي پاسي ۾ پئي ڊڪيو . مون هن جي سرد ڄاڙيءَ  ۾ هن جي نماڻين  اکين  ڏانهن ، جن ۾ ڪهل جو سڏ هو، نهاريندي چيو، ”مان هن کي گهر ڪاهي هلان؟“

” ڀل، جيڪڏهن هلي اچي ، هن لاءَ بسڪوٽ ، مون وٽ باقي رڳو ٻه آهن ، اچ ته بينچ تي ويهون ،ڪيڏي  نه ٿڪجي پئي آهيان !“

اسين ٽڪ ڀڃڻ  لاءِ ڦاٽڪ جي ويجهو بينچ تي ويهي رهياسين ، ۽ ڪتو اسان جي پيرن وٽ ويهي بسڪوٽ چٻاڙڻ لڳو، ناني  چوڻ لڳي ، ” هتي هڪڙي يهودي عورت رهندي آهي، ان کي هڪ ٻئي کان ننڍا ڏهه ٻار آهن ، هڪڙي ڀيري پڇيومانس، او موسيٰ جي ڌيءُ ! تنهنجي پورت ڪيئن ٿي ٿئي؟ ، ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان  ٻيو ڪيئن ؟، هن جواب ڏنو .“

ناني ءَ جي گرم جسم جي ڀرسان ڪرونڊڙو  ٿي ليٽيس ۽ مونکي ننڍ وٺي ويئي .

هڪ ڀيرو وري منهنجي زندگيءَ جو وهڪرو تيز وهڻ لڳو، مشاهدن جون لهرو منهنجي لاءِ هر روز ڪا نئين شيءَ پاڻ سان کنيو اينديون هيون، جيڪي منهنجي دل ۾ امنگ، بي قراري ۽ ڏک  پيدا ڪري ڇڏينديون هيون، ۽ اهي آخر مونکي سوچڻ تي مجبور ڪنديون هيون،  مان به جلد ئي انهيءَ لنگڙي ڇوڪريءَ سان ملڻ ۽ در جي ڀرسان خاموش يا ڳالهائڻ لاءِ ويهڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳس ، هن سان گڏجي ويهڻ ۾ ماٺ به مٺي ٿي لڳي، هوءَ صاف سٿري هئي ۽ هن جو آواز گيت ڳائيندڙ پکيئڙن  جهڙو هو . هوءَ ڏاڍي سهڻي نموني ڊان نديءَ تي رهندڙ  قزاقن جي زندگيءَ جو احوال ٻڌايائيندي هئي. هوءَ انهيءَ علائقي ۾ پنهنجي چاچي سان جيڪو تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخاني ۾ڪم ڪندو هو گڏ رهي هئي، هاڻي هن جو ڪلف جوڙيندڙ پيءُ نجني نوو گورڊ اچي وسائي ويٺوهو .

 ”۽ منهنجو هڪڙو ٻيو چاچو خوم زار جي محل ۾ ڪم ڪندو هو .“

آرتوار  ۽ ٻين موڪلن جي ڏينهن تي سڀ محلي وارا ڦاٽڪ وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، ڪي انهن مان قبرستان ڏانهن فاتح خوانيءَ لاءِ ويندا هئا، ڪي وري شراب خاني ۾ ميڙ ڪيو ويٺا هوندا هئا، ۽ زالون ۽ ٻار ڦاٽڪ وٽ بينچن يا  واريءَ  تي ويهي رهندا هئا .

ٻار کينهوءَ جي سٽ ڪٽ يا ٻيون  رانديون ڪندا هئا، مائر انهن کي ويٺيون ڏسنديون هيون ، چڱو  کيڏندا هئا ته انهن کي شاباس  ڪنديون  هيون،جي غلطيون ڪندا هئا، ته مٿن کلنديون هيون ، جيتوڻيڪ لڙ ۾ ڪن ٻوڙا ٿي ويندا هئا ، ته به ڏاڍو رونشو لڳو پيو هوندو هو، وڏن  جي دلچسپي ايترو ته  جوش پيدا ڪندي هئي، جو ننڍڙيون ۽ خسيس ڳالهيون به سخت چٽا ڀيٽي  ۽ مقابلو پيدا ڪري وجهنديون  هيون. ڪهڙي به مزيدار راند هوندي هئي ،ته به ڪوسترم ، گرشڪا ۽ مان ڪجهه وقت کان پوءِ ڪو بهانو ڪري لنگڙيءَ ڇوڪريءَ وٽ وڃي ويهندا هئاسين .

”لـُڊِملا، تو ڏٺو بال راند ۾ منهنجو نشان ڪهڙو نه سڌو آهي؟“ انعام ۾ ڪنڌ ڌوڻ ۽ مٺي مرڪ ملندي هئي.

        اڳي اسان جو ٽولو راندين ۾ هڪ ڌر ٿي مقابلي تي ايندو هو، پر هاڻي ڪوسترم  ۽ گوشڪا  هڪ ٻئي جي مخالف بيهندا هئا، هو هڪ ٻئي کي طاقت  ۽ هنر جي رندين ۾ جيتڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن  ته سندن معاملو ڌڪن بجن تائين وڃي پهچندو هو، هڪڙي مقابلي۾ اهڙو ڳنڍجي ويا، جو هنن کي ڇڏائڻ ئي محال ٿي پيو، ايتري قدر جو وڏن کي هنن جي مٿان ميل ۾ وڙهندڙ ڪتن وانگر ٿڌو پاڻي هارڻو پيو. لُڊملا بينچ تي ويٺي پنهنجي تندرست پير سان زمين تي لتون هنيون، ۽ جڏهن هو وڙهندا هن جي ويجهو آيا، تڏهن پنهنجي گهوڙي ءَ سان هنن کي ڌار ڪندي ،گهٻرايل آواز ۾ حڪم ڏيندي ، چيائين ، ” بس ڪريو !“ هن جي منهن جو رنگ سُڪي ويو هو ۽ هن جون اکيون جن واري ماڻهوءَ وانگر پئي ڦڙڪيون ۽ چمڪيون  .

        هڪڙي ڀيري نشاني بازيءَ  ۾ ڪوسترم گرشڪا  کان هار کاڌي، سو پساريءَ جي دڪان ۾ جَوَن جي گنديءَ  جي پٺيان ويهي روئڻ لڳو، مون کان اهو ڏٺو نٿي ٿيو ، سڏڪا  هن جي ڀيڙيل  ڏندن مان به ٻاهر هليا ٿي آيا هن جي ڳلن جا هڏا ائين ٿي لڳا، ڄڻ کَلَ مان ٻاهر نڪري آيا، هئا، ۽ هن جو هڏائون چهرو ڄڻ پٿر جهڙو ٿي ويو هو، هن جي سڄيل ڪارين اکين مان ڳوڙها وڏن ڦڙن وانگر پئي ڪريا، منهنجي دلداري ڏيڻ  تي ڳوڙها اگهندي خوفناڪ ڌمڪيون ڏيندي، چيائين ، ”ڏسجانءِ، مٿي واري هڪ ئي سر ڏيندومانس.“

        گرشڪا ٽيڳر سان پرڻيل جوانن وانگر گهٽين جي وچ مان هلڻ شروع ڪيو هو، هٿ کيسي ۾، ٽوپي نرڙ تي . هو ڏندن جي وٿين مان ٿڪ اڇلڻ سکيو هو ، ۽ ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ” جلد ئي سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي اٿم . پر بيمار ٿي پيو آهيان.“

        اهو ڏسي مون  کي پريشاني  ٿيندي هئي، مان ڏسي رهيو هوس ته منهنجادوست  مون کي ڇڏي رهيا آهن، ۽ مان انهيءَ لاءِ لـُڊملا کي جوابدار ٺهرائيندو هوس. هڪڙيءَ شام جو اڱڻ ۾ مان جيئن سڙيل هڏن ٿڳڙين ۽ ٻين شين کي صاف ڪري رهيو هوس ،ته هوءَ منڊڪ منڊڪ ڪندي ، منهنجي ويجهو آئي ۽ هٿ لوڏڻ لڳي، ” ڪيئن آهين ؟“ هن ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻي چيو ، ”گرشڪا ۽ ڪوسترم  کي ڪٿي ڏٺو اٿئي؟ “

        گرشڪا هينئر اسان جو دوست نه رهيو آهي ۽ اها سڀ تنهنجي ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته هو توکي پيار ٿا ڪن ، تنهن ڪري ٻنهي پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو آهي.“

هوءَ شرمائجي ويئي۽ ورنديءَ ۾ چيائين ،” منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“

”تو ڇا جي ڪري هنن کي پنهنجي عشق ۾ورتو آهي؟“

”ڇا، مون هنن کي چيو آهي ته وڙهو! “ ڪاوڙ ۾ ويندي ويندي ، چيائين، ڪهڙي بيوقوفي  جي ڳالهه آهي! مان هنن کان عمر ۾ وڏي  آهيان، منهنجي عمر چوڏهن سال آهي، ڇوڪرن کي پاڻ وڏن سان عشق نه ڪرڻ گهرجي .“

” توکي رڳو ايترو ئي پتو آهي؟“ مون هن کي ساڙڻ جي خيال کان چيو: ”خلستو جي ڀيڻ لاءِ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ اڌيڙ آهي ته به ڳڀرو ڳڀرو هن جي دڪان جي چو ڦير پيا ڦرن.“

لـُڊملا مڇرجي مون ڏانهن نهاريو، پنهنجي گهوڙي واريءَ ۾ کوڙي روئڻهارڪي آواز ۽ سهڻين اکين ۾ جوش ڀريل چمڪ سان چيائين، ”توکي پاڻ پتو ڪونهي ، هوءَ رن بڇڙي آهي ۽ مان ته ننڍي ڇوڪري آهيان توکي، ڪام  شڌلڪا، جو ٻيو ڀاڱو پڙهڻ گهرجي ،تڏهن ئي توکي ڳالهائڻ  جي تميز ايندي.“

ٻئي ڏينهن لـُڊملا سان ٺاهه ڪرڻ خاطر مان هن وٽ  هن جي وڻندڙ مٺائي وٺي ويس، ”ٿوري کائيندين؟“

” هليو وڃ !“ هن ڦوڪجي چيو ، “اسان جو  هڪ ٻئي سان ڪو به واسطو ڪونهي.“

پر جلد ئي هن اها وٺندي چيو ،”ڪاغذ ۾ ويڙهي اچين ها. تنهنجا هٿ ڪهڙا نه گندا آهن .“

”گهڻائي ڌوتم ، پر مٽي لٿي ئي ڪانه.“

هن منهنجو هٿ پنهنجي خشڪ ۽ گرم چنبي ۾جهلي ڏٺو ۽ ڏسندي رڙ  ڪئي ”اڙي هي ته  کهرا به آهن .“

”تنهنجا به ته کهرا آهن.“

”سئيءَ جي ڪري. مان گهڻو سبندي آهيان.“ پوءِ چوڌاري نهاري رٿ ڏنائين. ”هل ته اهڙي هنڌ هلون ، جتي تون مان اڪيلا هجون ،۽ ڪام شڌلڪا. پڙهي سگهون ،تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

جاءِ ڳولڻ ۾ ڳپل وقت لڳي ويو،  ڪو به هنڌ موزون نٿي لڳو، آخر ڌوٻي گهر کي ئي بهتر سمجهيوسين.اتي اوندهه هئي، پر ان کي هڪڙي دري هئي، جنهنجو منهن ڀر واري ڪچري ڀريل ميدان ڏانهن هو. ان کان پرڀرو هڪڙو ڇاپرو  ۽ پاسي ۾ ننڍي مال جو ڪوس هوس. ڪوئي ڀلجي به اتي ليئو نه پائيندوهو ، هو ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي منڊي ڄنگهه اسٽول تي ۽ ساڄي ڄنگهه پٽ تي رکي ڇڏيندي هئي ، پنهنجو منهن ڪتاب ۾ وجهي ،ڏکين ۽ بي معنيٰ لفظن کي جوش سان سرڙريندي ويندي هئي،ته به ان کان متاثر ٿيندو هوس. مونکي هن جون ٻه اکيون اهڙن ٻن شعلن وانگر ڏسڻ ۾ اينديون هيون جن پنن تي هيڏي هوڏي پيا ڦرندا هئا، گهريءَ گهڙي هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، هن جو آواز گهٽجي ويندو هو، هن جي واتان تڪرا ۽ غير مانوس لفظ نڪرندا ويندا هئا، تڏهن به ڪي لفظ مونکي ياد ٿي ويندا هئا، جن کي آءٌ پنهنجي دل ۾ اتي  جو اتي شعر ۾ پوئڻ لڳندو هوس يا انهن جي تڪبندي ڪرڻ لڳندو هوس، جنهن ڪري جيڪي هوءَ پڙهندي ويندي هئي، تنهن جو مطلب ئي پورو نه  سمجهندو هوس .

منهنجو ڪتو جنهن جو نالو مون ”طوفان“ رکيوهو، ڇاڪاڻ ته هو  وڏو، بوجرو ۽ تيز هو ۽ هن جي ڀونڪڻ  جو آواز اهڙو هوندو هو، جهڙو سياري جي تيز هوا جيڪا بخاري مان کڙ کڙ ڪندي ايندي آهي،منهنجي گود ۾ ستو پيو هوندو هو .

”ٻڌين ٿو؟“ لُڊملا پڇندي هئي، ۽ مان ڪنڌ ڌوڻيندو هوس ، مان لفظن کي دل ئي دل ۾ شعر جي بحرن وزنن ۾ پوري بيهارڻ  جي ڪوشش ڪندو هوس، ۽ چاهيندو هوس ته لفظ اهڙيءَ طرح سان بيهن جهڙا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ تارا،۽ ان ڪوشش ۾ آخر مونجهارو پيدا ٿي ويندو هو.

جڏهن اوندهه ٿي ويندي هئي ته لُڊملا جو هٿ  ڪتاب کي بند ڪري ڇڏيندو هو،۽ چوڻ لڳندي هئي ، ”ڪيئن سٺو آهي نه؟“

ڌوٻي گهر ۾ ڪتاب پڙهڻ جو سلسلو ”ڪام شُڌلڪا “ جي ختم  ٿيڻ کان پوءِ به هلندو رهيو، اهو اڻ کُٽ ڪتاب ٻڌڻ هڪڙي وڏي آزمائش هئي، هوءَ مون کي ٻيو ڀاڱو ٻڌائي رهي هئي  ان کان پوءِ ٽيون ۽ چوٿون ڀاڱو اچڻو هو، ڇنڇر  کان سواءِ جنهن ڏينهن ڌوٻي  گهر جي بٺي ءَ ۾ باهه ٻاريندا هئا، باقي ٻيا خاص ڪري برسات وارا ڏينهن اسان لاءِ نهايت چڱا هوندا هئا،جڏهن برسات پوندي هئي ته اڱڻ ۾ گپ ۽ چڪ ٿي ويندي هئي، تنهن ڪر ي ڪو به ٻاهر نڪرڻ جي ئي نه ڪندو هو، نه ئي ڪو اسان کي ڏسي سگهندو هو .

لُڊ ملا کي به مون وانگر پڪڙجي پوڻ جو کٽڪو هوندو هو،اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ ويهندا هئاسين ۽ جيڪي به دل ۾ايندو هو ، ان بابت ڳالهيون ڪندا هئاسين ،مان هن کي نانيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيو ن  ٻڌائيندو هوس، ۽ هوءَ وري ميڊوزا نديءَ تي رهندڙ قزاقن جون ڳالهيون بيان ڪندي هئي.

” اتي ڪهڙو نه مزو هو! “ هوءَ ٿڌو ساهه کڻي ، چوندي هئي ، “ هتي ڇا آهي؟ هيءُ فقيرن جو ملڪ آهي.“

پوءِ اسان کي ڌوٻي گهر جي ضرورت نه رهي. لُڊ ملا جي ماءُ کي پوستينن واري وٽ نوڪري ملي ويئي هئي،تنهن ڪري هوءَ سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهندي هئي، هن جي ننڍي ڀيڻ اسڪول ويندي هئي ۽ هن جو ڀاءُ سرن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ ويندو هو،  تنهن ڪري گهر نويڪلو اسان جي حوالي هوندو هو، مينهن وارن ڏينهن ۾ مان هن وٽ ويندو هوس ، ۽ هن کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪندو هوس، هوءَ کلندي چوندي هئي، ”اسين ته پرڻيل جوڙي وانگر پيا رهون، پر ان کان بهتر نموني، ڇو ته مڙس ته زالن کي ڪم ۾ مدد ڪن ئي ڪونه .“

جڏهن به پيسا ملندا هئم ، ته انهن جون ڪوڪيون خريد ڪندو هوس، جي اسين چانهه سان گڏ کائيندا هئاسين ،پوءَ هن جي نوس نوس ڪندڙ ماءُکان لڪائڻ واسطي سماور کي ٿڌي پاڻيءَ سان ٺاري ڇڏيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ناني به اسان سان اچي شامل ٿيندي هئي ۽  پاڻ سان گڏ زري ڀرڻ يا سڀڻ جو ڪم به کنيو ايندي هئي ، نانو جڏهن سير ۽ سفر تي شهر ڏانهن ويندو هو ته لُڊ ملا اسان ڏانهن هلي ايندي هئي ۽ ڏاڍا مزيدار جشن ملهائيندا هئاسين ، ”ڪهڙا نه خوش ٿا گذاريون !“ ناني چوڻ لڳندي هئي ، ” پنهنجا پيسا پنهنجي مرضي!“

ناني منهنجي ۽ لُڊملا جي دوستيءَ جي واکاڻ ڪندي هئي ”ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پاڻ ۾ دوستي ڳنڍڻ ٺيڪ آهي پر انهيءَ ۾ حرفت ۽ حرڪت نه هئڻ گهرجي ،“ پوءِ سنون سڌن لفظن ۾ “ حرفت ۽ حرڪت “ جو مطلب سمجهايائين. نانيءَ  اسان کي جيڪي چيو هو ، اها هڪ سهڻي نصيحت هئي، مان چڱي ريت سمجهي ورتو هو ته اڻ ٽڙيل مکڙيءَ کي پٽڻ جي غلطي ڪري اسين سندس سونهن ۽ سرهاڻ وڃائي ٿا ويهون.

اسين انهيءَ ”حرفت ۽ حرڪت “ کان پاڪ هئاسين ،تڏهن به انهيءَ منع ڪيل موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين جنسي ناتا پنهنجو پاڻ پنهنجي بڇڙين شڪلين ۾ اسان جي اڳيان نروار ٿيندا هئا، ۽ اسان کي ڏک پهچائيندا هئا، جنهن ڪري اسين انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا  هئاسين .

لُڊملا جو ٺاهوڪي شڪل وارو پيءُ چاليهن سالن کن جو هو، هن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار گهنڊيدار هئا، هو هڪڙي ءَ ئي اک سان ماڻهو کي مطيع ڪري ڇڏيندو هو، هو ڏاڍي ماٺيڻو هو، مون کي ياد ناهي ،جو هنکي  ڪڏهن ڳالهائيندو ڏٺو هجيم.ٻارن کي پيار ڪرڻ وقت به هن جي وات مان گونگن جهڙا آواز نڪرندا هئا، ۽ جڏهن جوءِ کي ڪٽيندو هو تڏهن به ماٺ هوندو هو .

آرتوار يا وڏي ڏڻ جي شام جو آسماني رنگ جي قيمص ، بخملي پتلون ۽ پالش ڪيل چمڪندڙ بوٽ پائي ڪلهي تي هار مونيڪا باجو لڙڪائي سپاهين وانگر کڙو تڙو ٿي ڦاٽڪ وٽ وڃي بيهندو هو، جلد ئي اتي ملٽري پريڊ جهڙو تماشو شروع ٿي ويندو هو، هڪ ٻئي پٺيان ڇوڪرين ۽ عورتن جون قطارون وڌڻ لڳنديون هيون ،ڪي هن کي اکڙين جا هلڪا اشارا ڪنديون،  ڪي ساڻس اکيون ملائينديون هيون،۽ هو وات کوليو ، پنهنجن ڪارين اکين سان پيو انهن کي گهوريندو هو ، انهن جي اکين جي اشارن ۾ هڪ ٻين لاءِ ڪانه ڪا نئين ڳالهه هوندي هئي، عورتن جي سست ۽ بيهوشيءَ جهڙي چال مان پتو پئجي سگهندو هو ته هن جي اک جي هڪ اشاري سان ئي هن جي پسند ڪيل عورت مورڇا ٿي اچي پٽ پوندي .لُڊملا جي ماءُ ويٺي بڙڪندي هئي- ”موالي ، منهن ڪارا!“ هوءَ کتل ٻهاري وانگر ڊگهي ۽ سڪل لڳندي هئي هن جو منهن اڀو ۽ رنگ پيلو هو. هن جا وار وڏي تپ کان پوءِ ڇنڊي ننڍا ڪيا ويا هئا،لُڊ ملا هن جو ڌيان ٻئي پاسي ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون  ڳالهيون ڪندي هئي، پر سڀ اجايو، هن جي ماءُ هن ڏانهن ڏاڍي جوش ۽ شور  سان نهاري ، چوندي هئي ” بس بس ڏائڻ !“ هن کي اکين ۾ منگولين واري شوخ  چمڪ هئي ۽ اهي هميشه ڪنهن نه ڪنهن  شيءِ ڏانهن سواءِ ڪنهن به چر پر جي ، پيون گهورينديون هيون.

”امان پاڻ کي ڇو ٿي ڏکوئين؟ ڇاٿي پيو؟“ لُڊ ملا چوندي هئي، “ڏس ته هن تَڏي واري جي زال پاڻ کي ڪهڙو نه سينگاريو آهي؟“

”جيڪڏهن اوهان ٽنهي جو اونو نه هجي ها، ته مان به جيڪر پاڻ کي سينگاري سگهان ها، توهين مونکي کائي ويا آهيو،“ هن جي ماءُ پنهجي ڳوڙهن ڀريل اکين مان تَڏن واري جي زال جي ٿلهي منهن ڏانهن نهاريندي چيو اها عورت ڇپر پيل جاءِ وانگر هئي. هن جي ڇاتي ڇپر جي ڪرنگهي وانگر مٿي بيٺي هئي ۽ هن جو ڳاڙهو منهن، جنهن جي اڌ تي سائو رومال ويڙهي ڇڏيو هئائين ، سج ۾ چمڪندڙ ڪوٺي جي دريءَ وانگر ٿي لڳو.

ايونسڪوف هارمونيڪا  کي وڄائڻ شروع ڪيو ، ۽ هڪ ٻئي پٺيان ويو، سُر ڪڍندو. ان جو آواز پري پري پئي ويو، جنهن تي ٻارڙا واريءَ تي جوش ۾ ڊوڙندا، ٿڙندا ٿاٻڙندا ، اچي هن جي پيرن وٽ ڪٺا ٿيا .

”ترس ،مان توکي مزو چکائيندس!“ جوڻس ڌمڪي ڏنيس .

هن ان ڏانهن حقارت سان نهاريو،پر ڪجهه به نه ڪڇيو، تڏن واري جي زال ان جي ويجهو خلستو جي دڪان اڳيان بينچ تي ويهي رهي ۽ هن ڏانهن بي خود ٿي نهارڻ لڳي، سج قبرستان جي پٺيان  ٻني ءَ کي سرخ ڪري ڇڏيو. ماڻهو ائين ٿي لڳا، ڄڻ گوشت  جا لٿڙا هجن، جي رنگ برنگي  ڪپڙا ڍڪيو ، رستي جي وهڪ ۾ هيڏي هوڏي پيا ترندا هجن، ٻار هوا جي جهوٽن وانگر اڏامندا  ٿي ويا، هوا گرم ۽وڻندڙ  هئي، سج ۾ تتل واريءَ مان هڪڙي سڳنڌ ٿي نڪتي، ڪوس مان جيڪا رت جي ڌپ پئي آئي، سا نڪ ۾ گهڙندي پئي وئي، ۽ پوستينن واري جي اڱڻ  مان وري صاف ٿيندڙ کلن جي بانس پکڙجندي  پئي ويئي .عورتن جي جهڳ  جهڳ مردن جون رريون ٻارنجو گهنڊڻين جهڙو مٺو آواز، هارمونيڪا جو گيتن ڀريو سُرُ-سڀ گڏجي ، هڪڙو پڙاڏو ٿي پئي ويو، جيڪو ائين ٿي لڳو ڄڻ دائما ڳهندڙ  ڌرتيءَ جو ٿڌو ساھ هو.

جيتوڻيڪ انهيءَ نظاري ۾ گندگي  گوڙ ۽ چريائپ هئي ته به اُن انهيءَ سخت ۽ اگهاڙي حيواني  زندگيءَ جي مستقبل ۾ ايمان ۽اعتماد پيدا پئي ڪيو ، انهيءَ هڪ هنگامي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اهڙا  نه وسرڻ جهڙا اثرائتا جملاٻڌڻ ۾  ايندا هئا، جي دل ۾ گهڙي ويندا هئا- ” هر ڪو پنهنجي واري سان، ”اهو مناسب ناهي جو سڀ گڏجي هڪ جو مقابلو ڪيو . ” جيڪڏهن اسين پاڻ تي رحم نه کائينداسين ته پوءِ رحم ڪٿي ملندو؟“ ” ڇا ، الله عورت رڳو کلڻ لاءِخلقي آهي؟“

رات اچڻ لڳي ، هوا ۾ تازگي اچي ويئي، آواز جهيڻا ٿيندا ويا، پاڇن جا وڳا پهريل جايون ۽ گهر اوچا ۽ ڪشادا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا .

ٻارن  کي کڻي ”هنڌن “ ۾سمهاريو ويو، انهن مان ڪن کي لوڙهن جي ويجهو، ڪن کي مائرن جي جهوليءَ ۾ڪن کي مائرن جي پيرن وٽ ئي ننڊ وٺي وئي هئي، اوندهه جي ماٺ ۾ ٻار به ماٺ ٿي ويا هئا.

ايونسڪوف  اک وٺي ائين کسڪي ويو، ڄڻ ته هوا ۾ گم ٿي ويو هجي، تڏن واري جي زال به غائب  هئي. هارمونيڪا جا سوز ڀريا سر پري قبرستان جي پاسي کان اچڻ لڳا، لُڊملا جي ماءُ بينچ تي جهڪي  ويٺي هئي، هن جي ڪُٻ ٻليءَ وانگر ٻاهر نڪري آئي هئي، ناني هڪڙيءَ دائيءَ سان چانهه پئي  پيتي ، جنهن کي پاڙي وارا ڏائڻ سمجهي پيا ، ڊڄندا هئا، هوءَ جيتوڻيڪ بدن ۾ ڀڪ هئي، ته به سندس سينو سنئون سڌو هو ، هن جو نڪ بدڪ جي چهنب وانگر اڀو هو ۽ هن جي مردن جهڙي ڇاتي تي ” بهادريءَ جو ٻلو“ پيو لڙڪندوهو، چوندا  هئا ته هڪڙي  ڪرنل جي باهه لڳل گهر مان هوءَ هڪڙي ءَ عورت ۽ ٽن ٻارن کي ٻاهر ڪڍي آئي هئي، نانيءَ ۽ هن جي ساهيڙپ هئي،جڏهن به هڪ ٻئي کي ڏسنديون هيون، چاهي ڪيتريون به پري هجن ته به مرڪنديون هيون ،ڄڻ ڪنهن خاص عمديءَ شيءَ  تي اک پئي هجين.

لُڊملا ڪوسترم  ۽ مان ڦاٽڪ واريءَ بينچ تي ويهي رهياسين، گرشڪا لُڊ ملا جي ڀاءُ کي ڪشتي ءَ جي مقابلي لاءِ للڪاريو هو، هو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ پئي سهڪيا ۽ جوش مان زمين تي لتون پئي هنيائون.

”بند ڪر يو!“  لُڊملا  ڊڄي چيو ، ڪوسترم پنهنجين ڪارين اکين سان لُڊ ملا کي اک ٽيٽ ڪري نهاري ،هڪڙي سفيد مٿي ۽حرفتي اکين واري شڪاريءَ ”ڪالينن “ جو قصو ٻڌائڻ لڳو .

اهو شڪاري سڄي شهر ۾ بدنام هو ۽تازو ئي مري ويو هو، پر سندس لاش کي اڃا تائين دفن نه ڪيو ويو هو، هن جي ڪاري تابوت کي قبرن کان پري هڪڙي دڙي تي رکيو ويو هو، هن جي تابوت جي تختي تي اڇي رنگ سان صليب ، ڀالي ، لٺ ۽ ٻن  هڏن جي شڪل بنائي ڇڏي هئائون ،هو هر ڪنهن رات جو سج لٿي کان پوءِ پنهنجي تابوت مان نڪري شڪار جي تلاش ۾ هليو ويندو هو،۽صبح جو تيستائين نه موٽندو هو جيستائين  ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندا هئا.

”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ، “ لڊملا منٿ ڪندي چيس ،”اهي زٽ آهن.“

گرشڪا پنهنجي  مقابلي  واري جي ڀاڪر مان نڪري چيو. ”ڇو ٿو اهڙا ڪوڙ هڻين!“ مون پاڻ ڏٺو ته هن کي پوري، مٿان اهو يادگار بنايو  هئائون، باقي مُردن جي گهمڻ واري ڳالهه هن پڙٻاٽي لوهار جي پنڪي آهي، ۽ ان ئي ان ڳالهه کي مشهور ڪيو آهي.

ڪوسترم هن ڏانهن بغير نهارڻ جي چيو ، ” وڃي قبرستان ۾ سمهه ته پتو  پوئي .“

ائين ئي هنن جو رڳڙو شروع ٿي ويو. لُڊملا اداسائيءَ سان ڪنڌ لوڏي، پڇڻ لڳي، ” امان مُردا رات جو گهمندا آهن؟“

”هائو .“

هُن اهڙيءَ ريت جواب ڏنو ،ڄڻ ته هن کي ڪنهن ڏور انهينءَ دنيا مان واپس سڏيو ويو هو.

ايتري ۾ دڪاندا ر جو پٽ ، واليڪ ، جيڪو قد جو ڊگهو ، بت ۾ ڀريل ۽ ڳٽن ڳاڙهو ويهن ورهين جو جوان هو، اتي اچي نڪتو ، ۽ جهيڙو ٻڌي چوڻ لڳو، ”جيڪو به اوهان ٽنهي مان اُنهيءَ تابوت جي مٿان صبح تائين  وڃي سمهندو، مان انهيءَ کي ٽي ڪوپيڪ ۽  ڏهه  سگريٽ ڏيندس.“

اهڙي دعويٰ ٻڌي، اسان جا وات بند ٿي ويا، لُڊ ملا جي ماءُ حيرت مان چوڻ لڳي ، ”ڪهڙي نه چريائي! آخرڇا جي لاءِ ٿو ڇوڪرن کان اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪرائڻ گهرين ؟“

”روبل ڪڍ ته مان ٿو وڃان .“ گرشڪا چيو.

ڪوسترم يڪدم ٽوڪ هڻندي چيس، ”ٽي ڪوپيڪ ڏڪائي ٿا ڇڏينئي ڇا؟“ ۽ واليڪ ڏانهن منهن ڪندي ،چيائين ، ”ڏينس روبل. مجال آ، جو وڃي، ڇڙو وات ٿو ٺوڪي،“

”چڱو، وٺ روبل!“

گرشڪا  اٿيو ، ڪو به  اکر نه ڪڇيائين، ذري گهٽ وڃي لوڙهي ۾ وچڙيو. پوءِ هوريان هوريان هليو ويو. ڪوسترم وات ۾ آڱريون ڏيئي ،هن تي ٺٺولي طور سيٽي  وڄائڻ لڳو، لُڊملا خفي ٿي چيو ، ” آخر اهڙي ڊاڙ ڇو هڻجي.“

” اڙي ڀاڙي ، ڪاڏي ٿو ڀڳو وڃين ؟“ واليڪ طعنو هڻندي چيس ، هي آهي پاڙي جو بهادر مڙس!“

مون کان هن جا اهي طعنا سٺا نه ويا،اسان مان ڪنهن کي به اهو بت نڪتل ڊمي نه وڻندو هو . هو هميشه ڇوڪرن کي شرارت  ڪرڻ لاءِ مڇرائيندو هو، انهن کي بڇڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ڇوڪرين سان مستي ڪرڻ لاءِ هرکائيندوهو ، نتيجي ۾ ڇوڪرا  آويءَ ۾ اچي ويندا هئا، خبر ناهي ڇو هن کي منهنجي ڪتي کان نفرت هئي، هو ان کي پٿر هڻندو هو ۽ هڪڙي ڀيري ان کي ماني ءَ ۾ سيون وجهي ڏنيون هئائين ، مون کي گرشڪا کي شڪي ۽ لڄي ٿي ڀڄندو ڏسي ، اچي خار ورتو.

مون واليڪ  کي چيو ، ”روبل ڪڍ مان ٿو وڃان.“

هو يڪدم مون تي کلڻ ۽ مسخري ڪرڻ لڳو، ۽ منهنجي دل ۾ ڊپ ويهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، هن روبل ڪڍي ،ضمانت لاءِ لُڊ ملا جي ماءُ کي ڏنو ، پر هن انڪار ڪندي ڪاوڙ مان چيو، ” مون کي اهڙي ڪابه ڳالهه نه چئو.“ ۽ هوءَ هلي ويئي. لُڊملا کي به روبل رکڻ جي همت نه ٿي ، تنهن ڪري پاڻ هو وڌيڪ خندو ڪرڻ لڳو، مان پئسن کان سواءِ ئي وڃڻ وارو هوس ، جو ناني اچي نڪتي ۽ ڳالهه ٻڌي روبل کڻي ورتائين. مونکي چوڻ لڳي، ”اوور ڪوٽ پهري ڇڏ، ۽ ڪمبل کنيو وڃ. اسر جو ٿڌ ٿي پوي.“

هن جيڪي  چيو ، انهيءَ پاڻ منهنجي همٿ وڌائي،۽ سمجهيم ته اتي مون کي ڪو به خوف ۽ خطري جهڙو واقعو پيش نه ايندو .

واليڪ اهو شرط وڌو ته مونکي سڄي رات انهيءَ تابوت تي ئي ويهي يا ستي گذارڻي پوندي ، توڻي تابوت ، پوڙهي ڪالينن جي ٻاهر نڪري ڪري ڪيترو به کڻي چري پري ،“ جيڪڏهن اتان  لٿين ، ته بازي هارايئه، ياد ڪجان!“

هن چتاءُ ڏنو . ”مان اکيون پٽيو پيو توکي ڏسندس“.

جيئن مان  قبرستان ڏانهن وڃڻ لڳس ، نانيءَ چمي ڏني ۽ منهنجي مٿان صليب جو نشان بنايائين –”جيڪڏهن ڪا به شيءَ ڏسين  ته ماٺ ڪيو ويٺو هججانءِ. صرف ،مريم زنده باد! پيو چئجاءِ.“

مان تڪڙو وڃڻ لڳس ،اهوئي اونو هوم ته جلد اُتي پهچي وڃي تابوت  تي ويهي رهان ، ڪوسترم ۽ ٻيو هڪڙو ڇوڪرو مون سان همراهه ٿي هليا، ڀت تي چڙهندي،ڪمبل ۾ وچڙي ويس ۽ ڪري پيس، پر اهڙو تڪڙو اٿي کڙو ٿيس، ڄڻ ڌرتيءَ مون کي کڻي مٿي اڇليو هجي  مان هلڪڙو ٽهڪڙو ٻڌو. منهنجي دل سست ٿي ويئي ۽ بت ۾ ڏڪڻي وٺي ويم.

مان ڪاري تابوت تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي پهتس ، انهيءَ جي هڪڙي پاسي واري ڪٺي ٿي ويئي هئي، ٻئي پاسي ڪلا، جن جي ٽيڪ تي ان کي بيهاريو ويو هو، ظاهر بيٺا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن تابوت مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ ان کي ڪجهه پاسيرو ڪري کڻي  ڦٽو ڪيو هو، تابوت جي مٿان ويهي چو  طرف نهارڻ لڳس، پٿريلو ميدان صليبن سان سٿيو پيو هو . پاڇا  قبرن جي مٿان نچي رهيا هئا، قبرن جي وچ ۾ بيدن جا سنوان سڌا  وڻ بيٺا هئا، انهن جي ٽارين جي پاڇن  هڪ ٻئي جي ڀرسان جڙيل قبرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي ڇڏيو. انهن پاڇن جي مٿان ڇٻر جا ساوا ۽ کهرا ٻوڙا اڀريا بيٺا هئا.

سفيد ديول  جو اولڙو  ائين پئي ڏٺو، ڄڻ برف پئجي رهي هئي، ۽ مٿي آسمان ۾ سنهڙو لهندڙ چنڊ ماٺ ڪيو بيٺل ڪڪرن ۾ پئي چمڪيو. مان ياز جي پيءُ کي ڏاڍيءَ ڍلائيءَ سان جهوپڙي ءَ ۾ گهنڊ وڄائيندو  ٻڌو. جڏهن نوڙيءَ کي زور سان ڇڪ  پئي ڏنائين ته ان مان چيڪٽ پئي نڪتو ۽ انکان پوءِگهنڊجو تيز ۽ اداس آواز پئي آيو، مان هن جا هيٺيان لفظ ذري گهٽ چٽا ٻڌي رهيو هوس-” اي ڌڻي ،تون اسان تي ٻاجهه ڪر!“

گذريل وقت جي ياد سخت ۽ اداس ڪندڙ  هئي، جيتوڻيڪ رات ٿڌي هئي ته به مان پگهر ۾ شل ٿي ويو هوس . جيڪڏهن  سچ پچ پوڙهي ڪالينن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي ياز جي جهوپڙيءَ ڏانهن ڀڄڻو پوي ها، مونکي قبرستان  جي چپي چپي جي خبر هئي، ڪڏهن ڪڏهن  اسين –ياز ۽ ٻيا دوست – اتي هڪ ٻئي کي ڊوڙائي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين.امڙ جي قبر ديول جي ويجهو هئي.

ماڻهو ڳوٺ ۾ اڃا جاڳي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن جي ٽهڪڙي  ۽ گيتن جا آواز مون تائين پهچي رهيا هئي، شايد ريل واري رستي  تان جتي واري لاٿي پيئي هئا يا پاسي واري  نيزوڪا  جي ڳوٺ مان هارمونيڪا  جو گهٽيل آواز  پئي آيو،۽ دستور موجب مواليءَ مچڪوف لوهار ٿيڙ  پئي کاڌا ،۽ راڳ پئي ڳاتا، مون هن جي راڳ کي سڃاڻي ورتو ، امڙ جو هڪڙو ئي ننڍڙو ڏوهه آهي، ته هوءَ ٻئي ڪنهن سان نه پر بابي سان پيار ڪري ٿي.

ڏينهن جي پوين پساهن کي ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو هو، پر گهنڊ جي آواز سان سانت سرس ٿيندي پئي ويئي، ائين محسوس  ٿيو ڄڻ خاموشي جي ٻوڏ چراگاهن مٿان ڌوڪيندي پئي اچي ۽ هر ڪنهن کي ٻوڙيندي پئي وڃي .

مون پير اندر ڪري پاڻ کي ڪمبل ويڙهي ڇڏيو ۽ پنهنجو  منهن ديول ڏانهن ڪري ڇڏيم .مان جڏهن به چُريس پئي ته تابوت چيڪٽ پئي ڪيا ۽ هيٺان واريءَ مان آواز پئي نڪتا، ٻه ڀيرا ڪا شيءِ اچي منهنجي ڀرسان ڪري ۽ ان کان پوءِ هڪڙو سروٽو آيو،مان خوف کان ڏڪڻ لڳس، پوءِ سمجهيم ته اُهي ڪرتوت واليڪ ۽ ان جي دوستن جا  هوندا جي ڀت جي ٻئي پاسي آهن ۽ مون کي ڊيڄارڻ  ٿا گهرن. پاڻ انهن جي موجودگي ڪري منهنجي همٿ ٻيڻي ٿي ويئي.

امڙ جو خيال پاڻمرادو اچي دل ۾ پيدا ٿيم،هڪڙي ڀيري جڏهن سگريٽ  ڇڪيندي پڪڙي ورتو هئائين ته مارڻ ٿي گهريائين، پر مون چيس، ”مون کي هٿ نه لاءِ مونکي ڏاڍو سور آهي،  مان بيمار آهيان ،“ پوءِ مون کي سزا طور تنور جي پٺيان بيهاري نانيءَ کي دانهن ڏيڻ لڳي، ”هي سخت دل آهي، هن جي دل ۾ڪنهن جي لاءِ پيار ڪونهي.“

مونکي انهيءَ ڳالهه ڏاڍو ڏک پهچايو هو ، مون کي امڙ جو ڏاڍو افسوس ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ مونکي گهڻو ڪري بي سبب ماريندي هئي، ۽ مون هن جو اهو سڄو سلوڪ ڏاڍي دل سان سٺو هو.

ان وقت هو ڀت جي ڀرسان بيٺا هئا، ۽ هنن کي اهو پتو به هو ته مان هن قبرستان ۾ اڪيلي  سمهڻ ڪري ڊڄي رهيو آهيان ،تڏهن به هو مونکي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا.

مون کي جوجڪي آئي، ته چوان ته شيطانو، گم ٿيو! پر ائين چوڻ خطرناڪ هو، ڪهڙي خبر جي ڪو شيطان سچ پچ ويجهو هجي ،۽ ان تي ان جو ڪو اثر پوي؟

واريءَ ۾ مليل ابرڪ جا ذرڙا چانڊاڻ ۾ چمڪي رهيا هئا، مونکي ياد آيو ته هڪڙي ڀيري  هڪڙيءَ ٻيڙي تي ٻوٿ پاڻي  ڏانهن اونڌو ڪيو پيو هوس ته هڪڙي سونهري  مڇي ذري گهٽ مونکي منهن وارو چڪ وڌو هو ۽ پنهنجو پاسو ورائي مون ڏانهن پکين جهڙين گول اکين سان نهارڻ لڳي هئي، پوءِ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي هوءَ اهڙي ريت  وڃي لڳي هئي، جيئن ڪنهن وڻ  تان پن ڇڻي ،هوا ۾ لڏندو  لمندو هيٺ ڪرندو آهي. ان بعد ڳالهين پٺيان ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون جن منهنجي دل ۾ خوف ۽ هراس طريل خيالن کي اچڻ ئي نٿي ڏنو .

ايتري ۾ هڪڙو ڄاهو بولاٽيون کائيندو وڌڻ لڳو۽ پنهنجن ننڍڙن پر سخت پيرن سان واريءَ کي کوٽڻ لڳو، انهيءَ تي مون کي تنور وارو همزاد ياد اچي ويو ، هي به ان وانگر ننڍڙو بڇڙو هو ۽ مون کي ياد آيو ته  ناني ڪيئن تنور تي ويهي همزاد کي سڏ ڪندي هئي، ”اڙي گهر جا  مهربان مالڪ! اسان کي ڪا ڪروچن کان نجات ڏي!“

پري، شهر کان گهڻو پري، جتي انساني اک پهچي نه ٿي سگهي، روشني ٿيڻ لڳي. پرهه جي سرد هوا منهنجي منهن ۽ اکين کي تڪليف ڏيڻ لڳي،مان ڪمبل ۾ ڪرونڊڙو ٿي سمهي پيس، هاڻي مونکي ڪوبه ڀوء نه هو، جيڪي ٿيڻو آهي سو ڀل ٿئي. نانيءَ اچي مون کي اُٿاريو، منهنجي  ڀرسان بيهي ڪمبل  کي ڇڪندي چوڻ لڳي ،‎”هاڻي اٿي به، ٺري ويو آهين،ڇا؟ اڙي رات جو ڊنين پئي ڇا؟“

هائو پر ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجاءِ. ڇوڪرن کي جيئن پتو نه پوي.“

”ڇو نه ؟“ هن حيرت مان پڇيو ،” جيڪڏهن ڊنين پئي ته وري فخر ڇا تي ڪندين؟“

گهر ڏانهن ويندي رستي  تي چوڻ لڳي ”مٺڙا هن ڌرتيءَ تي توکي پنهنجن آزمودن مان سبق حاصل ڪرڻوآهي،جيڪڏهن تون پاڻ کان نه سکئين ،ته ڪنهن کان سکندين.“

شام تائين مان گهٽيءَ جو سورهيه هوس، مون کان پڇيائون ،”ڇا توکي ڊپ نه پئي ٿيو؟“ جڏهن مون جواب ڏنو ”هائو“ مونکي ڊپ ٿيو پئي .“ تڏهن پنهنجا هٿ مهٽي چوڻ لڳا ،” ڏٺوَ !“

هڪڙو دڪاندار سڀني کي وات ڦاڙي چوڻ لڳو ،” چئبو ته ڪالينن  جي گهمڻ وارو قصو ڪوڙو آهي. جيڪڏهن  هو گهمندو هجي ها، ته هي ڇوڪر  ڪيئن سلامت اچي ها؟ اڙي هو ته هن کي لپاٽ ئي هڪڙي ڇڪي ها ته هيءُ بولاٽيون کائيندو قبرستان کان ٻاهر اچي ڪري ها !“

لُڊملا مون ڏانهن تعريف سان ٻڌل مٺڙين اکين سان نهاريو ، نانو به خوشي جو اظهار ڪرڻ لڳو، سواءِ گرشڪا جي سڀ ڪو منهنجي واکاڻ ڪرڻ لڳو، گرشڪا چوڻ لڳو، ”اها هن جي لاءِ ڪاوڏي ڳالهه نه هئي. هن جي ناني  جا ڏائڻ آهي!“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org