سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-16

صفحو : 16

باب سورهون

مان پنهنجي مالڪ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ميلي واري ميدان ۾ ڦيرا پائي رهيو هوس، نديءَ جي اٿل جو پاڻي جاين جي درين تائين پهچي ويو هو. منهنجي هٿن ۾ چپو هو ۽ مالڪ سکان سنڀاليو ويٺو هو. ٻيڙيءَ جي سکان چڱيءَ ريت ڪم نه پئي ڪيو، تنهن ڪري بيٺل ميري پاڻيءَ جي مٿان خاموش گهٽين ۾ ٻيڙي ور وڪڙ کائيندي پئي هلي.

”خدا جي مار پويس، پاڻي اڃا چڙهيو پيو اچي! انهيءَ ڪري اسان جو ڪم ئي روڪجي ويو آهي.“ مالڪ سگريٽ کي، جنهن مان نڪرندڙ دونهين جي بوءِ سڙيل ٿڳڙين جي ڌپ جهڙي هئي، ڪش هڻندي، خار مان چيو، ۽ اوچتو خوفزده ٿي، رڙ ڪيائين، ”خيال سان، ٻيڙي ٿنڀي سان ٿي ٽڪرائجي!“

ٻيڙيءَ جو منهن ڦيرائيندي چوڻ لڳو، ”حراميءَ جي پٽ، اسان کي ڪهڙي نه ٻيڙي ڏني آهي!“

هن مون کي اهو هنڌ ڏيکاريو، جتي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻو هو. هن جي صفا چٽ ڏاڙهيءَ، هن جي ڇنڊيل مڇن ۽ وات ۾ جهليل سگريٽ کي ڏسي، مشڪل سان اعتبار پئي آيو ته هي ڪو ٺيڪيدار هو. هن کي چمڙيءَ جو جئڪيٽ پاتل هو. پيرن ۾ مرن تائين بوٽ هوس. ڪلهي مان شڪاري ٿيلو پئي لڙڪيس ۽ گوڏن جي ڀرسان مشهور برشڪا ڪمپنيءَ جي قيمتي دونالي پيئي هيس. هو بيقرار ٿي ڏٺو. گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجي چمڙي جي ٽوپي پنهنجي اکين ڏانهن لاهي، چپ ڀيڙي، خبرداريءَ سان چؤطرف پئي نهاريائين ۽ پوءِ پنهنجي ٽوپي مٿي تي پٺتي ڪري، ائين مرڪڻ پئي لڳو، ڄڻ ڪا ٻي وڻندڙ ڳالهه ياد اچي ويئي هيس. هو پنهنجي عمر کان ڪيترا سال ننڍو پئي لڳو. هن کي ڏسي، ڪو به ائين نه سمجهي ها ته هن ماڻهوءَ تي جوابدارين جا ايترا بار آهن، يا اٿل جي پاڻيءَ جي نه لهڻ ڪري، هن کي پنهنجي ڪم جي ناڪاميابيءَ جي ڪا ڳڻتي آهي. اِها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي ته هن جي دل ۾ جيڪي خيال آيا وياپئي، انهن جو ڪاروبار سان ڪو واسطو نه هو.

۽ مان، حيرت ۾ ماٺ ڪيو ويٺو هوس. اها عجب جهڙي ڳالهه هئي، جو چو طرف موت جهڙي ماٺ لڳي پيئي هئي، جايون پنهنجي بند درين سميت ٻڏيون پئي ويون. ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل شهر ائين ٿي لڳو، ڄڻ پاڻيءَ تي تري رهيو هو. سج قرمزي رنگ جي ڪڪرن ۾لڪو پيو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن هِتان هُتان ليئو پائي، سياري جهڙي چانديءَ جي روشني پکيڙي پئي ڇڏيائين.

پاڻي به ميرو ۽ سرد هو. اُن ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر ئي نه پئي ٿي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هڪ هنڌ بيهي رهيو هو، بلڪه هڪ هنڌ ائين ڄمي ويو هو، جيئن دڪانن جي پٺيان سکڻا گهر. جڏهن زرد سج ڪڪرن مان جهاتي پئي پاتي، ته هر ڪا شيءِ چمڪڻ پئي لڳي. ڳاڙهه سري پاڻيءَ تي ڳاڙهسري آسمان جو پاڇو پئي پيو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان جي ٻيڙي ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿي بيٺي هئي. پٿر جون ٺهيل عمارتون به ائين پئي لڳيون، ڄڻ وولگا ۽ اوڪا نديءَ ڏانهن ترنديون پئي ويون. ٻيڙي جي چوطرف ڀڳل کوکا، ٽوڪريون، پيتيون، ڪاٺ جا تختا ۽ ڪک پن پئي تريا. ڪاٺ جون لٺيون ۽ بانٺا، جي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پئي هيٺ مٿي ٿيا، مئل نانگن وانگر ٿي نظر آيا.

ڪٿي ڪٿي کليل دريون ڏسڻ ۾ پئي آيون. جاين جي ڇتين تي ڌوتل ڪپڙا ۽ ڪنهن هنڌ نوان ٺهيل بوٽ ٽنگيل ڏسڻ پئي آيا. هڪڙيءَ کليل دريءَ مان هڪڙي عورت ميرانجهڙي پاڻيءَ ڏانهن نهاري رهي هئي. هڪڙي ٻڏل لوهي ٿنڀي سان هڪڙي ڳاڙهي ٻيڙي ٻڌي بيٺي هئي، جنهنجو پاڇولو پاڻيءَ ۾ سڻڀ لڳل گوشت جي ٽڪر وانگر پئي پيو.

زندگيءَ جي انهن نظارن ڏانهن نهاريندي، منهنجو مالڪ چوڻ لڳو، ”هيءُ اُهو هنڌ آهي، جتي بازار جو چوڪيدار  رهندو آهي. دريءَ مان ڇت تي چڙهي ويندو آهي ۽ ڇت تان ٻيڙي۾ چڙهي بازار ۾ چڪر لڳائي، چورن کي ڀڄائيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو به نه هوندو آهي ته پاڻ چوري ڪرڻ لڳندو آهي.“

هن جا لفظ ڍلا ٿيندا ويا ۽ هو ڪنهن ٻئي خيال ۾ گم ٿي ويو. اسانجي چوگرد هر ڪا شيءِ خاموش، ويران ۽ غير حقيقي پئي لڳي. ڄڻ ته سموري خواب جي دنيا هئي. جتي وولگا ۽ اوڪا نديون پاڻ ۾ پئي مليون، اتي هڪڙي وڏي ڍنڍ بڻجي ويئي هئي. مٿانهن ميدانن تي شهر مختلف رنگن ۾ چمڪي رهيو هو. باغ اڃا اجڙيا پيا هئا، پر وڻن غنچا ڪڍڻ شروع ڪيا هئا. تنهن ڪري گهر ۽ ديوليون سبز چادرن ۾ ڍڪيل ڏسڻ ۾ پئي آيون. پاڻيءَ جي مٿان ايسٽر جي گهنڊن جا گهٽيل آواز نچندا پئي ويا. هتي شهر مان ايندڙ آواز ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪي ماڻهو قبرستان ۾ ڳالهائي رهيا هئا.

هاڻي اسان جي ٻيڙي ڪارن وڻن جي جهڳٽن مان لنگهي رهي هئي. اسين چرچ وارو وڏو رستو ڏيو پئي وياسين. هوا اسان جي سامهون پئي گهلي، تنهنڪري مالڪ جي سگريٽ جو دونهون موٽي هن جي منهن ۽ اکين کي پئي لڳو. اتفاق سان هن جي هٿن مان سکان ڇڏائجي ويو، جنهن ڪري ٻيڙيءَ وڃي هڪڙي وڻ سان ٺڪاءُ ڪيو. هن حيرت ۽ چڙ مان چيو، ”ڪهڙي نه واهيات ٻيڙي آهي!“

”توهين به ته چڱيءَ طرح سکان نٿا جهليو!“

”مان ڇا ڪيان؟“ هن شڪايتي لهجي ۾ چيو، ”جڏهن ٻيڙيءَ ۾ ٻه ماڻهو هوندا آهن، ته هڪ چپو هلائيندو آهي ۽ ٻيو سکان سنڀاليندو آهي پر جي هو سنڀالي سگهي. هوڏي ڏس، هوءَ چينين جي بستي آهي.“

مون کي انهيءَ حصي جي ذري پرزي جي خبر هئي. خاص طرح  اُهي واهيات جايون، جن جي عجيب ڇتين جي مٿان مٽيءَ جا ٺهيل چيني بت پلٿي ماريو ويٺا هوندا هئا. ڪيترائي ڀيرا مون ۽ منهنجي دوستن انهن بتن کي پٿرن سان چُٽيو هو ۽ منهنجي پٿرن سان ڪيترن جا منهن ۽ مٿا ڀڄي پيا هئا پر هاڻي اهڙين شرارتن سان منهنجي ڪا به دلچسپي نه رهي هئي.

انهن جاين ڏانهن اشارو ڪندي، منهنجي مالڪ چيو، ”ڪهڙيون نه واهيات آهن! جيڪڏهن انهن جي اڏاوت... مونکي...“ هن سيٽي وڄائيندي، پنهنجي مٿي تان ٽوپي هيٺ لاٿي. پر مون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن انهن پٿر جي اڏاوت جو ڪم هن جي سپرد ڪيو وڃي ها ته به انهن جو اهڙو ئي حشر هجي ها ۽ هر سال ندين جو پاڻي انهيءَ کي ائين ٻوڙي ۽ ڳاري ڇڏي ها.

سگريٽ کي پاسي ڦٽو ڪندي ۽ ان جي مٿان ٿڪ اڇلائيندي، هُن چيو، ”زندگي، وبال آهي! پيشڪوف، وبال! ڪي به سليقي وارا ماڻهو ڪين آهن، جن سان ڳالهائجي. تون پنهنجي قابليت ڏيکارڻ چاهين ٿو- پر ڪنهن جي اڳيان؟ هتي ڪير آهن؟ ڊکڻ، سربند، مٽيءَ وارا...“

هن هڪڙيءَ سفيد مسجد ڏانهن نهاريو، جيڪا هڪڙي ننڍڙي ٽڪريءَ جي مٿان ڪر کنيو بيٺي هئي. هن اهڙي ريت ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ پنهنجي دماغ ۾ ڪنهن وسريل ڳالهه کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

”مون انهيءَ زماني ۾ سگريٽ ۽ بير پيئڻ شروع ڪيو، جڏهن هڪڙي جرمن وٽ ڪم ڪندو هوس. انهيءَ قوم ۾ عمل جي وڏي قوت آهي. بير ٺيڪ آهي پر سگريٽن جو عادي نه ٿيو آهيان. سگريٽ ڇڪجي ٿو ته زال رڙ ٿي ڪري، ’اها ڇا جي بدبو آهي؟ تو مان ته ڍيڍن جهڙي بوءِ ٿي اچي!‘ منهنجا ڀاءُ، مان توکي ٿو ٻڌايان ته جيترو اسين وڌيڪ زنده رهون ٿا، اوترو وڌيڪ ٺڳ ٿيندا ٿا وڃون. پر- چڱيءَ طرح چپو هلاءِ.“

پنهنجو سکان ڇڏي، بندوق کڻي، هڪڙي چيني بت کي وهائي ڪڍيائين. ڌڪ نشاني تي نه لڳو، ڇرا ڇت ۽ ڀتين ۾ گهڙي ويا، جن مان ٿوري ڌڌڙ اٿي.

”مان گسي ويس.“ هن سواءِ هٻڪ جي قبول ڪيو ۽ وري بندوق کي ڀريائين. ”ڇوڪرين سان تنهنجا تعلقات ڪيئن آهن؟ ڪنهن جو پيڇو ڪندو آهين؟ مان ته تيرهن ورهين جي عمر ۾ عشق ۾ ڦاسي پيو هوس.“

جيئن ڪو خواب جو قصو ٻڌائي، تيئن هو مون کي پنهنجي پهرئين عشق جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو ته ڪيئن هو انهيءَ عمارت ساز جي نوڪرياڻيءَ سان جنهن وٽ هو ڪم سکندو هو، دل لڳائي ويٺوهو. ميرانجهڙو پاڻي جاين جي ٻاهر نڪتل پاسن سان هوريان هوريان اچي پئي ٽڪريو. چرچ جي پريان پاڻيءَ جي اڇ لڳي پيئي هئي، جنهن ۾ ڪاريون ٽاريون پئي لڙهيون. مون کي هڪڙو راڳ ياد اچي ويو،جيڪو اسين گهڻو ڪري ڪارخاني ۾ ڳائيندا هئاسين: ”او طوفاني، نيرا سمنڊ...“ اُهو نيرو سمنڊ به انهيءَ راڳ جهڙو ئي بي مزو هوندو.

”منهنجي راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي.“ منهنجو مالڪ قصو چوڻ لڳو، ”ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي هنڌ مان اٿي، هن جي دروازي جي اڳيان وڃي بيهندو هوس ۽ ڪتي جهڙي ڏڪڻي اچي وٺندي هيم. اُهو گهر ڪيترو نه ٿڌو هوندو هو. منهنجو مالڪ رات جو اڪثر هن وٽ ايندو هو. ٿي سگهيو ٿي ته هو مون کي پڪڙي وجهي ها، پر ان ڳالهه جي مون کي پرواهه نه هوندي هئي.“

هو اهڙي خيال ۾ ٻڏل انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن پراڻي ڪوٽ کي جانچي ڏسندو هجي ته آيا اُهو هن سال به ڪم ڏيندو يا نه ڏيندو. ”مون کي هن ڏٺو ۽ ڏاڍو مون تي قياس اچي ويس. پوءِ مون کي سڏ ڪري چيائين، ’ننڍڙا بيوقوف، هلي آءُ!‘

مون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون هيون، ۽ اُهي سڀ بلڪل رواجي ۽ خسيس هونديون هيون، پر ته به انهن ۾ هڪ خوبي هوندي هئي ته پهرين عشق جي ڪهاڻين جي بيان ۾ نه اجائي ٻٽاڪ هوندي هئي نه نفس پرستيءَ جو اظهار. اُهي اهڙي مغمورم انداز ۾ پيش ڪيون وينديون هيون، جو مان ان نتيجي تي پهچندو هوس، ته ”پهرئين عشق“جا قصا ماڻهن جي زندگيءَ جا واقعي بهترين افسانا هئا.

کلندي ۽ ڪنڌ ڌوڏيندي، منهنجي مالڪ عجب کائيندي چيو، ”ڀلا اهڙيون ڳالهيون زال کي ٻڌائي سگهجن ٿيون؟ نه. پر ان ۾ هرج به ڪهڙو آهي! تڏهن به ٻڌائي نٿيون سگهجن. اِهي اهڙيون ڳالهيون آهن...“

هو مون کي نه پر پاڻ کي ٻڌائي رهيو هو. جيڪڏهن هو دم کڻي ها، ته مان ڳالهائڻ شروع ڪريان ها. اهڙيءَ خاموشيءَ ۽ هيڪلائيءَ ۾ انهيءَ کان سواءِ چارو ئي نه هو ته ڳالهائجي، ڳائجي، هارمونيڪا وڄائجي- ورنه اُنهيءَ سرد ۽ پاڻيءَ اندر ٻڏل شهر جي وچ ۾ گهريءَ ۽ ڪنهن هميشه جي ننڊ جي گهيري ۾ گم ٿي وڃڻ جو خطرو هو.

”سؤ ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته ننڍيءَ عمر ۾ شادي ڪرڻ نه گهرجي.“ منهنجي مالڪ مون کي سمجهائيندي چيو ”شادي زندگيءَ تائين ماڻهوءَ کي قابو ڪري ٿي ڇڏي. هاڻي تون ڇڙو آهين- جيئن تون چاهين، تيئن، پنهنجي مرضيءَ مطابق، رهي سگهين ٿو. تون ايران ۾ مسلمان ٿي رهه، يا ماسڪو ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏ. مطلب ته پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ موجب ٺاهه ۽ ڊاهه. نه جهل نه پل. پر منهنجا ڀاءُ جڏهن تون پرڻجندين، تڏهن سمجهه ته تنهنجو طوفان سان واسطو پيو. زال کي تابع ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي ۽ زال مان پراڻي جوتي وانگر جند آزاد به نه ٿي ڪري سگهجي!“

هن جي منهن ۾ ڦيرو اچي ويو هو. منهن ۾ گهنج وجهي، ميري پاڻيءَ ۾ نهارڻ لڳو. پنهنجو ڊگهي نڪ کي کنگهي، وري چوڻ لڳو، ”هائو، سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم اهو آهي، جو ڪم ڪرڻ کان اول ان تي سوچي. سمجهه ته توکي چئن ئي پاسن کان خطرا ويڙهي ويا آهن، تڏهن به توکي مضبوطيءَ سان بيهي رهڻ گهرجي. پوءِ تون پنهنجي دل ۾ ائين سمجهڻ لڳندين ته تون خطري کان ٻاهر نڪري آيو آهين ۽ سچ پچ به ٻاهر نڪري ايندين. پر، منهنجا ڀاءُ، زندگيءَ تنهنجي ڦاسائڻ لاءِ ۽ توکي ڪيرائڻ لاءِ، خاص ڄار وڇايو آهي. اسان سڀني لاءِ اهڙو هڪڙو ڄار وڇايل آهي.“

هاڻي اسان جي ٻيڙي ميشڪر سڪي ڍنڍ جي وولگا نديءَ سان مليل حصي جي سرن مان هلي رهي هئي. ”ش- ش“ مالڪ هوريان چيو ۽ پنهنجي بندوق ٻوڙن تي سڌي ڪيائين. جڏهن هن ٻن ٽن بک ۾ پاه ٿيل پکين کي شڪار ڪيو، تڏهن چيائين، ”هل ته ڪناوان گهٽيءَ ڏانهن هلون، مان اُتي رات رهندس ۽ تون گهر وڃي ٻڌاءِ ته مون کي ٺيڪيدارن رهائي ڇڏيو آهي.“

هو گهٽيءَ جي ٻاهرئين حصي ۾ لهي پيو، جتي به ٻوڏ جو پاڻي پهچي چڪو هو. مان ٻيڙيءَ کي ميلي واري پٽ طرف ڪاهي آيس ۽ ٻيريءَ کي ٻڌي، ان ۾ ويهي ان طرف نهارڻ لڳس، جنهن هنڌٻن ندين جو ميلاپ پئي ٿيو ۽ پوءِ جهازن آسمان ڏانهن اساسائيءَ سان ڏسڻ لڳس. آسمان هڪڙي وڏي پر وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن ۾ سفيد کنڀن جهڙا ڪڪر ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺا هئا. بادلن جي نيرين وٿين مان سج چمڪي رهيو هو. ان جي تجلي زمين ۽ ان جي هر هڪ شيءِ کي نئون روپ ڏيئي ٿي ڇڏيو. منهنجي چؤطرف هر ڪنهن شيءِ ۾ تيز رفتاري هئي. درياءَ جي وهڪري تي سوين شهتير سينو سيني سان ملايو لهوارا تري رهيا هئا. انهن جي مٿان ڳوٺاڻا، پير مضبوط جهليو، بيٺا هئا. چَپوئن بجاءِ انهن جي هٿن ۾ وڏا وڏا بانس جا لڪڙا هئا. هڪ ٻئي کي ۽ ويندڙ کي واڪا پئي ڪيائون. هڪڙو آگبوٽ هڪڙي خالي وڏي بيري کي اوڀارو گهلي رهيو هو. درياءَ ان کي پٺتي پيئي ڌڪيو ۽ هيٺ مٿي پئي ڪيو پر آگبوٽ جو اڳيون حصو لهرين کي چيريندو، اڳتي وڌندو پئي ويو.ٻيڙي تي چار ڳوٺاڻا پاسن کان پير لڙڪايو، پاسو پاسي سان ملايو، گڏيا ويٺاهئا. انهن مان هڪ کي ڳاڙهي قميص پهريل هئي. اهي ڪو راڳ ڳائي رهيا هئا، جنهن جا لفظ نه باقي سُر سمجهه ۾ پئي آيو.

مون ائين محسوس پئي ڪيو ته هن روان دوان نديءَ جي هر چيز کان واقف آهيان، هر چيز سان ڄاڻ اٿم، هر چيز کي سمجهي سگهان ٿو. منهنجي پٺيان ٻوڏ جي گهيري هيٺ آيل شهر گندي خراب مثل هو، يا منهنجي ملڪ جو وهمي خيال، جنهن جو بيان ڪرڻ هن جي شخصيت وانگر ناممڪن هو.

جڏهن مان وولگا جي سڄي نظاري کي ڏسي ڍائس، تڏهن مان گهر ويس، ۽ ائين محسوس ڪرڻ لڳس ته مان هاڻي جوان ٿي ويو آهيان ۽ پنهنجوڪم چڱيءَ طرح پورو ڪري سگهان ٿو. موٽندي، رستي تي ڪرمان ٽڪريءَ وٽ بيهي، اتان وولگا نديءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لڳس. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان زمين وشال ۽ بي انت پئي لڳي ۽ ائين ٿي لڳو ته ان ۾ هر خواهش کي پوري ڪرڻ جو سامان موجود هو.

هاڻي گهر ۾ مون وٽ ڪتاب موجود رهندا هئا. ملڪه مارگاٽ جي جاءِ ۾ هڪڙو وڏو ڪٽنب اچي وسيو هو. ان ڪٽنب ۾ پنج ڪنواريون، سڀ هڪ ٻئي کان سهڻيون ۽ ٻه اسڪولي شاگرد هوندا هئا، جن کي مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي ايندو هوس. ”ترجنيف“ ته مون کي موهي رکيو هو. هن جي بيان جي سادگيءَ، هن جي سمجهه، هن جي بيان جي صفائيءَ هن جي ڪردارن جي بلنديءَ ۽ هن جي مشاهدي جي گهرائيءَ مان مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو.

مون پاميالو وسڪيءَ جو ناول ”تعليم گاهه“ پڙهيو. عجب جي ڳالهه هئي، جو ان ۾ جنهن زندگيءَجو نقش چٽيو ويو هو، اُها هوبهو مون واري مجسمي ساز ڪارخاني جهڙي هئي. انهيءَ جي پڙهڻ سان، اُتي جا غليظ چرچا، خسيس ڳالهيون ۽ اتان جي دم گهٽيندڙ بيزاريءَ واري زندگي، جا هر ڪنهن کي آپي کان ڪڍي ڇڏيندي هئي، ياد اچي ويئي. روسي ڪتابن جي پڙهڻ مان مون کي ڏاڍو مزو اچڻ لڳو. انهن ۾ اهڙي اداسائي سمايل هوندي هئي، جنهن جو مون کي ئي پتو هوندو هو. ڪتاب کولڻ سان مون کي ڄڻ مقدس ايسٽر جي ڏڻ تي وڄندڙ گهنڊن جو گهٽيل آواز انهن ۾ لڪل ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو.

مون کي ”مرده روح“ ۽ ”مردن جو گهر“ پرهڻ ۾ ڪو خاص مزو نه آيو. ”مرده روح“، ”مردن جو گهر“، ”موت“، ”ٽي موت“، ”جيئرو لاش“- جيئن انهن جي نالن مان ئي ظاهر هو، انهن سڀني ۾ هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پئي نظر چڙهيون ۽ اُهي ڪتاب پڙهندي اُنهن کان بيزار پيو ٿيندو هوس. نه ئي وري مون کي ”دنيا جا دور“، ”قدم بقدم“، ”هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي“، ”سيمورن جي هئمليٽ جو قصو“ ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب ئي ڪي وڻندا هئا.

پر ’چارلس ڊڪنس‘ ۽ ’والٽر اسڪاٽ‘ جي ڪتابن پڙهڻ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيم ۽ انهن جا ڪتاب ور ور ڪري پڙهندو هوس. اسڪاٽ جاناول اثرائتا پر ڪنهن دولتمند ڪليسا ۾ ٿيندڙ جشن وانگر اينگهه وارا ۽ ٿڪائيندڙ هوندا هئا. ڊڪنس لاءِ منهنجي دل ۾ اڃا به اهڙي ئي عزت ۽ احترام آهي. هُن حيرت ۾ وجهندڙ سادگيءَ سان قصي نويسيءَ جي فن  ۾ ڪمال ڪري ٿي ڇڏيو ۽ هن جي هر سٽ مان بيحد محبت ڀرئي جذبي سان انساني فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش پيئي بکندي هئي.

رات جي وقت دارلان ۾ ڪچهري لڳندي هئي. انهيءَ ۾ ملڪه مارگاٽ واريءَ جاءِ جا ڀائر ۽ انهن جون جوان ڀينرون ۽ مني نڪ وارو اسڪولي ڇوڪرو يا ڪيسلاسماشڪوف هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مس تنزين هڪڙي وڏي آفيسر جي ڌيءَ به اسان سان شريڪ ٿيندي هئي. گفتگو گهڻو ڪري ادب تي ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. ڇا ڪاڻ ته منهنجو انهن سڀني کان وڌيڪ مطالعو ڪيل هو، تنهن ڪري اُهي ڳالهيون منهنجي آڱرين تي هونديون هيون. جڏهن اسڪول ۽ ماسترن جي سختيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن مان پاڻ کي انهن سڀني کان خوش نصيب سمجهندو هوس، مون کي حيرت ٿيندي هئي ته هو اهڙي مارڪٽ ماٺ ڪري ڪيئن ٿي برداشت ڪندا رهيا. ساڳئي وقت هنن جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي ريس به ايندي هيم.

جيتوڻيڪ منهنجا ساٿي مون کان عمر ۾ وڏا هوندا هئا، پر مان پاڻ کي وڌيڪ بالغ نظر ۽ پختو سمجهندو هوس. مان محسوس ڪندو هوس ته هنن کان وڌيڪ آزمودگار ۽ ڦڙت هوندو هوس. مون کي پنهنجي اُن احساس کان تڪليف ٿيندي هئي. مان چاهيندو هوس ته منهنجي جيڪر هنن سان موافقت هجي. مان مٽيءَ ۽ ڌوڙ سان ڀريل دير سان گهر موٽندو هوس ۽ پاڻ سان گڏ هنن کان مختلف زندگيءَ بابت ڀيانڪ تاثرات کنيو ايندو هوس. هو نوجوان ڇوڪرين جي محبت ۾ گرفتار هجڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ انهن ڏانهن شعر لکي موڪليندا هئا، جنهن ۾ منهنجي مدد وٺندا هئا. مان وڏيءَ خوشيءَ سان هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هوس. تڪبندي ڪرڻ منهنجي ڏائي هٿ جو کيل هو پر منهنجي شعرن تي هميشه چرچي جو رنگ غالب ٿي ويندو هو ۽ مان خاص طرح مس تنزين کي، جيڪا گهڻو ڪري اُنهن شعرن جو موضوع هوندي هئي، ميون ۽ ڀاڄين سان تشبيهه ڏيئي، پيش ڪندو هوس.

هڪڙي ڀيري سماشڪوف چيو، ”ڇا، هي شعر آهي؟ هي ته گند آهي.“

مون به فيصلو ڪيو هو ته ٻين کان ڪنهن ڳالهه ۾ پٺتي نه پوندس. تنهن ڪري مس تنزين سان محبت جو اظهار ڪرڻ لڳس. مون کي ياد نٿو اچي ته هن سان محبت جي ابتدا ڪيئن ڪئي هيم. باقي اُن جي پڇاڙي سهڻي نموني نه ٿي. شهر جي ويجهو واردين نالي بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ هڪڙو بنڊ پيو ترندو هو. هڪڙي ڀيري مون مس تنزين کي چيو ته اچ ته ان تي چڙهي سير ڪيون. مان بنڊکي ڪناري تي ڪاهي آيس. مان جڏهن بنڊ تي چڙهيس ته بنڊ منهنجو بار سهي ويو پر جڏهن فئشنبل مس تنزين ان تي چڙهي ۽ مان لڪڙي سان بنڊ کي اڳتي ڌڪيو ته بنڊ بولاٽي کاڌي ۽ مس تنزين چوٽيءَ ڀر پاڻيءَ ۾ چڀڙڪ وڃي ڪيو. مان به مردانه وار پاڻيءَ ۾ وٺي ٽپو ڏنو ۽ هن کي جهٽ پٽ ٻاهر ڪڍي آيس. حادثي جي اثر ۽ پاڻيءَ تي ڄميل سينور هن جي سڄي حسن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. پنهنجي آلي مڪ مون کي اولاريندي، چيٽ ڪري، چوڻ لڳي، ”تو ڄاڻي واڻي مون کي پاڻيءَ ۾ ڪيرايو آهي.“ هن منهنجي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ منهنجي کُلي کُلائي دشمن ٿي پيئي.

مون کي انهيءَ شهر جي زندگيءَ ۾ ڪجهه به مزو نه پئي آيو. هُن پوڙهيءَ رن جي ساڙ ۾ ڪمي ڪا نه آئي هئي ۽ ننڍي مالڪياڻي به مون کي ڪروڌ ڀريءَ نگاهه سان ڏسندي هئي. وڪٽر، جنهن جي بت تي ڪيترائي نوان تر نڪري آيا هئا، سڀني کي پيو ڏاڙهيندو هو، ڄڻ ته هر ڪنهن کان ازلي وير وٺندو هجي.

منهنجي مالڪ وٽ ايترو گهڻو ڪم هوندو هو، جو هو ۽ ان جو ڀاءُ ان کي پورا پئجي نه سگهندا هئا. تنهن ڪري هنن کي منهنجي ماٽيلي پيءُ کي پاڻ وٽ ملازم رکڻو پيو. هڪڙي ڏينهن جڏهن سوير گهر موٽي آيس ته ڏٺم ته هي ماڻهو، جيڪو منهنجي زندگيءَ مان نڪري ويو هو، منهنجي مالڪ جي ڀرسان ميز وٽ ويٺو هو. هن ملڻ لاءِ پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايو- ”ڪيئن آهين؟“

مان پٺتي هٽي ويس. گذريل وقت جي باه منهنجي سيني ۾ ڀڙڪي اٿي ۽ منهنجي دل کي ساڙڻ لڳي. هن جي خوف جهڙي لٿل چهري تي، جنهن ۾ اکيون اڳي کان به وڏيون ڏسڻ ۾ پئي آيون، مرڪ پکڙجي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي جواني ختم ٿي ويئي هئي. مون نيٺ پنهنجو هٿ هن جي گرم هڏائين هٿ سان ملايو.

”سو، وري مليا آهيون!“ هن کنگهندي چيو.

مان اتان ٻاهر ائين ٿيڙ کائيندو هليو ويس، ڄڻ ڪنهن زور سان پٺيءَ تي ڦٽڪو وهائي ڪڍيو هوم.

اسين هڪ ٻئي کان دور دور رهندا هئاسين. هو مون سان اهڙيءَ ريت ڳالهائيندو هو، ڄڻ پاڻ جهڙي ۽ پاڻ جيڏي سان ڳالهائيندو هجي.

”جڏهن تون دڪان ڏانهن وڃين، ته مهرباني ڪري منهنجي لاءِ تماڪ، سگريٽن جا پئڪيٽ ۽ اٻريل گوشت وٺي اچجانءِ.“

هو جيڪي پئسا ڪڍي ڏيندو هو، اهي هن جي هٿن جي اثر ڪري گرم هوندا هئا. هن کي سلهه اچي پاسو ڏنو هو ۽ هو هن دنيا مان ٽپڙ ٻڌڻ وارو هو. هن کي ان جو پتو هو. پنهنجي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي، پنهنجي اندر مان نڪتل سانتيڪي آواز ۾ چوندو هو، ”مان بلڪل لا علاج آهيان. انهيءَ هوندي به، جي جهجهو گوشت مليم، ته چاڪ ٿي سگهان ٿو.“

۽ هو بي انتها کائيندو هو. هن جي وات مان سگريٽ سواءِ کاڌي جي وقت جي ٻاهر نڪرندو ئي نه هو. مان هر روز هن کي اٻريل حلواڻ جو گوشت، سوئر جو لوڻيل گوشت ۽ مڇي خريد ڪري آڻي ڏيندو هوس. انهيءَ تي پوڙهي موڙو ڏيئي، دل جي ساڙڻ جهڙا فقرا ڪڍندي هئي- ”ڇا، کاڌن سان موت کي ٽاري ڇڏيندا! توهين موت کي ٺڳي نٿا سگهو.“

ننڍي مالڪياڻي منهنجي ماٽيلي پيءُ سان روبرو همدرديءَ جو اظهار ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته هن کي فلاڻي يا فلاڻي دوا کائڻ گهرجي پر هن جي پرپٺ هن تي چٿرون ڪندي، چوندي هئي، ”ڪهڙو نه صفائيءَ وارو مڙس آهي! چوي ٿو ته کاڌي جي ڪمري مان مانيءَ جا ڀورا به صاف ڪري ڇڏجن، ورنه مکيون ٿينديون!“

انهيءَ تي پوڙهي سُر جهلائيندي هيس- ”سچ پچ صفائيءَ وارو مڙس آهي! ڪوٽ ته ڏسينس! کُسي ويو اٿس، ته به سڄو ڏينهن پيو برش هڻيس. ڏاڍو ڪو نازڪ آهي. مٽيءَ جو ذرو به نٿو سهي! اجهو ٿا مٽيءَ جا مڻ وسندس، پوءِ ڀل اُتي ويٺو ڇنڊ ڦوڪ ڪري!“

مالڪ انهن کي تڙي ڏيئي چوندو هو، ”جهنگلي ڪٻريون! ماٺ ڪريو. قبر ۾ ڪير وڃڻو ڪونهي؟“

هُن جي هڪ وڌيڪ چڱي ۽ سمجهو فرد هئڻ ڪري، هُن کان هُنن جي وچولي طبقي وارن ماڻهن واري انڌي حقارت، منهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ مون کي هڪ ٻئي جي قريب ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي. سڙيل کُنڀي صحيح سلامت بيٺي هوندي آهي ته اکين کي پيئي وڻندي آهي.

اُنهن ماڻهن جي گندي ماحول ۾ منهنجي ماٽيلي پيءُ جو اهڙو حال هو، جيئن ڪا اَڌ مُئي مڇي اتفاقن بورچيخاني جي ڪني پاڻيءَ ۾ ڪري پوي. جيتوڻيڪ اِها تشبيهه معقول ناهي، پر اُتي زندگي ئي هڪ نامعقول شيءِ بنجي پيئي هئي.

مان هوريان هوريان ڏسڻ لڳس ته هن ۾ ۽ ”نيڪ خيال“ ۾ ڪجهه هڪجهڙائي هئي. مان ”نيڪ خيال“ کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو هوس. ڪتاب پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ جيڪي چڱا تاثر ٿيندا هئا، اهي مان ”نيڪ خيال“ ۽ ”ملڪه مارگاٽ“ ڏانهن منسوب ڪندو هوس. ڪتابن جي پڙهڻ سان جيڪي پاڪ خيال ڇڻي ڇنڊجي منهنجي دل ۾ پيدا ٿيندا هئا، اهي مان هنن جي يادگيرين تي نڇاور ڪري ڇڏيندو هوس.

منهنجو ماٽيلو پيءُ گهر ۾ ”نيڪ خيال“ وانگر ڌاريو سمجهيو ويندو هو ۽ ڪو به هن سان پيار نه ڪندو هو. هن جو سڀني سان سلوڪ سهڻو هو، ڪنهن جي ڳالهه ۾ به دخل نه ڏيندو هو. جڏهن هو منهنجي مالڪ کي نقشن ۾ ڦير ڦار جا مشورا ڏيندو هو، ته مون کي خوشي ٿيندي هئي. ميز جي مٿان ٿلهن ڪاغذن جا وڏا وڏا نقشا پکڙيا پيا هوندا هئا. هيءُ انهن جي مٿان جهڪي، منهنجي مالڪ کي چوندو هو، ”توکي ڪماڻ جي ٻنهي پاسي ڪجهه وڌيڪ پٿر ڏيئي، ڪماڻ کي اوچو ڪرڻو پوندو، جيئن بار جو زور گهٽجي وڃي، نه ته وچ ۾ ٿنڀو ڏيڻو پوندو.“

”واقعي، ائين ٺيڪ آهي!“ مالڪ حيرت مان چوندو هو. جڏهن منهنجو ماٽيلو پيءُ ٻاهر هليو ويندو هو، ته منهنجي مالڪ جي زال هن سان کهري پئجي ويندي هئي- ”اڙي تون هن کي ائين ڪيئن ٿو ڇڏين، جو هو توکي ڄڻ استادن وانگر پيو سيکاري!“

خاص طرح ماني کائڻ کانپوءِ منهنجي ماٽيلي پيءُ جا ڏند صاف ڪرڻ ۽ گرڙا ڪرڻ، جنهن جي ڪري هن جا دوڏا ٻاهر نڪري ايندا هئا، منهنجي مالڪياڻيءَ کي بالڪل نه وڻندا هئا.

”مان سمجهان ٿي ته ايتري قدر پٺتي ڪنڌ جهڪائڻ تنهنجي لاءِ چڱو ناهي.“ هڪڙي ڀيري ترش ٿي، هن کي چئي ڏنائين.

”ڇو؟“ هن نرميءَ سان مرڪندي چيس.

”ڇا ڪاڻ ته... بس مان ائين سمجهان ٿي.“

ان کان پوءِ هو پنهنجا ميرا نُهن صاف ڪرڻ لڳندو هو. اُن تي پر پٺ هوءَ چرڪو ڪندي هئي-”وري پنهنجانهن صاف ٿو ڪري! مري ٿو پر صفائي کان نٿو مُڙي“.

”اڙي جهنگلي ڪٻر!“ مالڪ ٿڌو ساه ڀري چوندو هوس، ”مون کي ٻڌاءِ ته تون ايتري بيوقوف ڇو ٿيندي ٿي وڃين!“ انهيءَ تي مالڪياڻي وائڙي ٿي ويئي ۽ ڇڙٻ ڏيندي چيائينس، ”ڇا ٿو بڪين؟“

رات جي وقت پوڙهيءَ خدا جي اڳيان شڪايت جو دفتر کڻي کوليندي هئي. ”او خدا، منهنجي مٿان مرض ۾ ورتل اچي ڪڙڪايون اٿائون، ۽ وڪٽر کي پاسيرو ڪري ڇڏيو اٿائون...“

وڪٽر منهنجي ماٽيلي پيءُ جي اٿڻيءَ وهڻيءَ، هن جي هلڻيءَ چلڻيءَ، هن جي هٿن جي اشارن، نيڪ ٽائن جي ٺاهوڪين ڳنڍين ڏيڻ، کاڌي جي ميز تي فضيلت ڀرئي ويهڻ ڪرڻ جو نقل ڪرڻ لڳندو هو.

ويٺي ويٺي وڪٽر هن کان پڇندو هو، ”ڀلا ٻڌاءِ ”گوڏي“ کي فرانسي زبان ۾ ڇا چوندا آهن؟“

هو هن سان ڪجهه هلڪي نموني مخاطب ٿيندو هو، جنهن تي منهنجو ماٽيلو پيءُ هن جي غلطي ننڍڙي ٻار وانگر درست ڪندي، هن کي سمجهائيندو هو ته ماڻهن سان ڪيئن مخاطب ٿجي.

”چڱو،“ وڪٽر چوندو هوس، ”ڀلا ”ڇاتيءَ“ کي ڇا چئبو؟“

ڪڏهن ڪڏهن وڪٽر، پنهنجي فرانسي ٻوليءَ جي علم ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ماءُ سان فرانسي ٻوليءَ جا اکر ڳالهائڻ لڳندو هو.

ماڻس کِل کِل ڪري چوندي هيس، ”اڙي، او فرانسي.“

منهنجو ماٽيلو پيءُ ماٺ ڪريو، ويٺو کائيندو هو، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ڏٺي يا ٻڌي ئي نه هئائين.

هڪڙي ڀيري منهنجي مالڪ اهڙي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ کي چيو، ”چئبو تون فرانسي سکي ويٺو آهين! هاڻي توکي عشق بازي به ڪرڻي پوندي!“

منهنجو ماٽيلو پيءُ مرڪيو ۽ اُهو پهريون ڀيرو هو، جو مون هن کي مرڪندي ڏٺو هو.

مالڪياڻيءَ ڪاوڙ مان چمچو ميز تي ڦٽو ڪندي چيو، ”ڪهڙي نه بي شرميءَ جهڙي ڳالهه منهنجي روبرو ٿو ڪرين!“

منهنجو ماٽيلو پيءُ گهڻو ڪري ڏاڪڻ جي پٺيان ڀانڊي جي ڀرسان جتي منهنجو هنڌ پيو هوندو هو، مون وٽ اچي ويهندو هو. گهڻو ڪري مان دريءَ جي هيٺان ڏاڪڻ تي ويٺو پڙهندو هوس.

هو منهن مان سگريٽ جو دونهون ڪڍندو هو، ته ان سان گڏ سوسڙيءَ جي سڙڻ جهڙو آواز هن جي نڙيءَ مان نڪرندو هو.

هڪڙي ڀيري هن اچڻ سان پڇيو، ”پڙهين پيو؟ ڪهڙو ڪتاب آهي؟“

پوءِ ڪتاب جي نالي ڏانهن نهاري، چيائين، ”مان سمجهان ٿو مون اهو ڪتاب پڙهيو آهي. اچي سگريٽ ڇڪ.“

اسين گڏجي سگريٽ ڇڪڻ لڳاسين. دريءَ کان ٻاهر گندي صحن ڏانهن نهاريندي، چيائين، ”ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي جو تون ڪاليج ۾ ڪو نه آهين. تو ۾ لياقت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“

”مان پڙهان ٿو، اهو ئي ڪافي آهي.“

”نه، اهو ڪافي ناهي. توکي اسڪول ۾ داخل ٿي، باقاعدي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي.

منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته هن کان پڇان، ”چڱا مڙس، تو به ته اهڙي تعليم حاصل ڪئي هئي، پر اُن جو نتيجو ڇا نڪتو؟“

پر مان انهيءَ خيال کي کائي ويس. هن ڄڻ منهنجي دل جي خيال کي پروڙي چيو، ”اسڪول جي تعليم به انهيءَ ماڻهو کي فائدو ڏئي ٿي، جو ان مان فائدو وٺي ٿو. سٺيءَ تعليم سان ماڻهو نالو روشن ڪري سگهي ٿو ۽ هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“

هڪڙي ڀيري مون کي صلاح ڏنائين، ”توکي هن ڪَهَڄَر مان نڪري وڃڻ گهرجي. تنهنجي هتي رهڻ ۾ مون کي ڪو فائدو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“

”مان ڪم ڪريان ٿو.“

”اُن جو مقصد!“

”مون کي ڪم وڻي ٿو، هي مزور ۽ ڪاريگر وڻن ٿا.“

”ڇا ۾ توکي وڻن ٿا؟“

”هي بيڪار ۽ سست نه آهن.“

”ممڪن آهي ته تون ٺيڪ چوندو هجين.“

هڪڙي ڀيري مون کي چيائين، ”اسان جا مالڪ به ڪهڙا نه خسيس ماڻهو آهن- جهڙا جانور!“

مون کي ياد اچڻ لڳو ته منهنجي امڙ هڪڙي موقعي تي اهي لفظ هُن لاءِ ئي استعمال ڪيا هئا. ۽ اهو ياد ڪري، دل کي ڌڌڪو اچي ويم.

”ڇا، تون ائين نٿو سمجهين؟“ مرڪندي هن پڇيو.

”هائو، آءٌ اِهو سمجهان ٿو.“

”واقعي، اها ڳالهه ته صاف پيئي آهي.“

”پر، اِن هوندي به، مان پنهنجي مالڪ کي پسند ڪندو آهيان.“

”هائو، هو واقعي لائق انسان آهي، پر الائي ڇو! آهي کل جهڙو!“

مون چاهيو پئي ته ڪتابن بابت هن جو رايو پڇان، پر ٻاهرينءَ طرح هو ڪتابن ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاريندو هو. هڪڙي ڀيري چيائين، ”ڀنڀلجي نه وڃجانءِ. ڪتابن ۾ خيالي ڳالهيون هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اُهي غلط نموني به پيش ڪيون وينديون آهن. ڪيترائي ليکڪ خود اسان جي مالڪن وانگر گهٽ درجي جا ماڻهو هوندا آهن.“

اهڙي قسم جا خيال مون کي وزني لڳندا هئا ۽ انهن جو مون تي ڏاڍو سٺو اثر پوندو هو.

ڳالهه ڪندي پڇيائين، ”گانشروف“ پڙهيو اٿئي؟

”ها، هن جو ’پالادينوف جهاز‘ پڙهيو اٿم.“

”اهو تمام خشڪ ڪتاب آهي، پر ”گانشروف“ اسان جو سڀ کان هوشمند ليکڪ آهي. توکي هن جو ”اوبلوموف“ پڙهڻ گهرجي، جيڪو هن سڀ کان وڌيڪ صداقت ۽ بي باڪيءَ سان لکيو آهي. اهو ڪتاب روسي ادب جو بهترين شاهڪار چئي سگهجي ٿو.“

ڊڪنس جي ناولن بابت پنهنجي راءِ پيش ڪندي، چيائين، ”هو بلڪل معمولي آهي. جيڪڏهن مون تي اعتبار ڪرين ته. ها، اڄڪلهه ”نيوٽائيمس“ ۾ هڪڙو ڪتاب ”درويش انٿونيءَ  جا گناهه“ ڇپجي رهيو آهي. اُهو ضرور پڙهج. مون کي خبر آهي ته توکي مذهبي معلومات سان دلچسپي آهي. انهيءَ ڪري منهنجو خيال آهي ته اُهو توکي وڌيڪ پسند ايندو.“

هو منهنجي لاءِ ”نيو ٽائيمس“ رسالي جا اڳيان پرچا وٺي آيو. اُنهن ۾ مون لائق ”فلابير“ جو اهو ڪتاب پڙهيو. ان جي پڙهڻ سان ”خدا جي ٻانهن ۽ صالح بندن“ جون جيڪي ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون هيم، اُهي ياد اچي ويم. ”فلابير“ جي اُن ڪتاب، بهرحال، منهنجي دل تي گهڻو اثر نه ڪيو.

منهنجي اها راءِ ٻڌي. منهنجي ماٽيلي پيءُ چيو، ”تنهن جو مطلب ته تون اڃا انهن ڪتابن سمجهڻ جهڙو نه ٿيو آهين. انهيءَ ڪتاب کي نه وسارجانءِ. ڪنهن ٻئي وقت اِهو ضرور پڙهجانءِ.“

ڪڏهن ڪڏهن هو مون وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو ويٺو هوندو هو. سگريٽ پيو ڇڪيندو هو ۽ پيو کنگهندو هو. هن جي خوبصورت اکين جي پٺيان هن جي حياتيءَ کي ساري رک ڪندڙ باهه مون کي صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. منهنجون اکيون هن ڏانهن، جيڪو موت جي منهن ۾ چپ چاپ ۽ سواءِ ڪنهن شڪوه شڪايت جي وڃي رهيو هو، چوريءَ چوريءَ گهورينديون رهنديون هيون. ان وقت هن جو منهنجي امڙ سان رشتو ۽ ان سان سختيءَ واري هلت وارو خيال منهنجي ذهن مان ميٽجي ويندو هو. مون کي پتو هو ته هو هاڻي هڪڙيءَ درزياڻيءَ سان رهندو هو، جنهن جي ڏسڻ لاءِ دل ۾ سڌ هوندي هيم. مان خيال ڪندو هوس ته هن هڏائين پڃري کي هوءَ ڪيئن ڀاڪر پائيندي هوندي ۽ هن جون چميون، جنهن ۾ هن جي فنا جي بوءِ ايندي هوندي، ڪيئن برداشت ڪندي هوندي.

”نيڪ خيال“ وانگر منهنجو ماٽيلو پيءُ به عجيب غريب ڳالهيون ڪندو هو- ”مون کي شڪاري ڪتن جو ڏاڍو شوق آهي. اُهي بيعقل آهن، پر بهرحال مون کي وڻندا آهن. هو ڏاڍا سهڻا ٿين ٿا. سهڻيون عورتون اڪثر ڏاڍيون بي عقل ٿين ٿيون...“

مون فخر سان دل ۾ خيال ڪيو، ته چوانس، ”ڪاش، تو ملڪه مارگاٽ ڏٺي هجي ها.“

هن جي هڪڙي راءِ جيڪا مون پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏي هئي، اها هيءَ هئي: ’جڏهن ماڻهو هڪ گهر ۾ گهڻو وقت ڪٺا رهن ٿا ته انهن جو مَنُ ۽ مهانڊا به اڪثر ساڳي ڏِکَ ڏيڻ لڳن ٿا.‘

مون کي هن جي اهڙين ڳالهين جي ٻڌڻ جو اهڙو انتظار رهندو هو، جهڙو ڪنهن کي رڻ پٽ ۾ پاڻيءَ جو. اُنهيءَ هنڌ، جتي ڳالهه ٻولهه سدائين ڪريل زبان ۾ ٿيندي هجي، اُتي غير رواجي ۽ مهذب گفتگو ٻڌي، روح کي تازگي حاصل ٿي ويندي آهي.

منهنجي ماٽيلي پيءُ ڪڏهن به منهنجي امڙ جو مون سان ذڪر نه ڪيو. انهيءَ ڪري مان هُن جي پاڻ وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳس.

مون کي ياد ناهي ته ڳالهه ڪيئن ڇڙي، پر هڪڙي ڏينهن مان هن کان خدا بابت سوال ڪري ويٺس. هن اکيون کڻي، مون ڏانهن نهاريو ۽ سنجيده ٿي چيائين، ”مون کي پتو ڪونهي. پر آءٌ خدا کي ڪو نه ٿو مڃان.“

هن جي ان ڳالهه تي مون کي استانوف ياد اچي ويو ۽ مون هن کي ان جي ڳالهه ٻڌائي. ساڳئي ئي نموني وراڻيائين. ”ها، پر هو ان لاءِ دليل ڏيندو آهي. جيڪي ماڻهو ڳالهين لاءِ دليل ڏيندا آهن، اُهي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه کي مڃيندا آهن. منهنجو ڪنهن به ڳالهه ۾ ايمان ڪونهي.“

”پر، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

”ڇو نه؟ تون اهڙي ماڻهوءَ کي ڏسي رهيو آهين، جو ڪنهن کي ڪو نه ٿو مڃي.“

مون کي سواءِ مرڻينگ ماڻهوءَ جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ هن کي ڏسي، جيڪي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا، اهي شايد قياس جا جذبا نه هئا، پر هي پهريون ڀيرو هو، جو پنهنجي هڪ همجنس جي موت جو ڳجهو راز منهنجي دل جي پاڙن کي ايترو ڌوڏي رهيو هو.

هو ماڻهو منهنجي ويجهو ويٺو هو. اسان جا گوڏا هڪ ٻئي سان گسي رهيا هئا. هو غور ۽ فڪر وارو انسان هو ۽ ٿڌيءَ دل سان ماڻهن بابت پنهنجي تعلقات جي بنا تي پنهنجا رايا پيش ڪري رهيو هو. هو اهڙي نموني اهي خيال پيش ڪري رهيو هو، ڄڻ هو اُنهيءَ لائق هو، جو ماڻهن بابت پنهنجا قطعي رايا رکي سگهي. مون کي هن ۾ پنهنجي لاءِ ڪا ضروري يا فائدي واري ڳالهه ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جا هن جي ٻين اهڙين ڳالهين سان رليل مليل هئي، جن ۾ سڌيءَ طرح منهنجي لاءِ ڪو خاص فائدو نه هو.

هن مليل جُليل، خود پاڻ لاءِ به غير محرم شخصيت واري انسان ۾ خيالَ آتش فشان وانگر ڦاٽ کائي نڪرندا هئا. هن بابت منهنجا ڪهڙا به احساس ۽ جذبا هئا، پر مان سمجهندو هوس ته هو منهنجو جزو آهي ۽ هن جي جاءِ منهنجي اندر ۾ آهي. خيال ايندو هوم ته هو ٻن چئن ڏينهن ۾ مري ويندو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سڄو ڪٺو ڪيل خزانو، جنهن جو هن جي سهڻين اکين ۾ مطالعو ڪندو هوس، پاڻ سان کنيو هليو ويندو. جڏهن هو مري ويندو، تڏهن مون کي دنيا جي رشتي سان ڳنڍيندڙ هڪڙو ٻيو ڌاڳو به ٽٽي پوندو. پوءِ رڳو هن جي ياد باقي وڃي رهندي ۽ اُها ياد منهنجي سيني ۾ ته جيئن تيئن سلامت رهندي، پر هو زنده انسان، تبديلين جو گهر، گرما گرمين جو مرڪز، هتان هليو ويندو...

اُهي اهڙا جذبا آهن، جن جي اندر ڪا اهڙي شيءِ لڪل آهي، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي ۽ جيڪا خيالن کي اُڀاري ٿي ۽ جنم ڏئي ٿي. اهڙي شيءِ جيڪا اسان کي زندگيءَ جي حقيقت تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اسان کان اِهو پڇڻ گهري ٿي ته ائين ڇو ٿو ٿئي؟

هڪڙي برسات واري ڏينهن منهنجي ماٽيلي پيءُ چيو، ”شايد جلد ئي مان بستري داخل ٿيان، هاڻي ڪمزوري کائي ويئي آهي، ڪنهن ڪم تي دل ئي نٿي لڳي.“

ٻئي ڏينهن چانهه پيئڻ کانپوءِ هو ميز تان ۽ پنهنجن ڪپڙن تان ڪريل ڀورا چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ لڳو. ائين ٿي ڏٺو ڄڻ ڪو ڏسڻ ۾ نه ايندڙ تنڪو به اُتان صاف ڪري ڇڏڻ چاهيندو هجي. پوڙهيءَ عورت، وهمي نگاهه سان هن ڏانهن نهاريندي، پنهنجيءَ ننهن کي هوريان چيو:

”هن ڏانهن ته ڏس، ڪيئن نه پيو ڇنڊ ڦوڪ ڪري!“

ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ڪم واريءَ بينچ تي ڏسڻ ۾ آيو. ٽئي ڏينهن پوڙهيءَ مون کي هڪڙو وڏو سفيد لفافو ڏيندي چيو، ”اچي! توکي ڏيڻ وسري ويو هوم. ڪالهه منجهند جي وقت آيو هو. هڪڙي ڇوڪري کڻي آئي هئي. ٺاهوڪي ۽ جوان هئي. توسان هن جو ڪهڙو ڪم؟ تون ته هاڻي منهنجي سمجهه کان ٻاهر ٿيندو وڃين!“

مون لفافي کي کولي پنو ڪڍيو. ان تي اسپتال جي مهر لڳل هئي. جنهن تي ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ هيئن لکيل هو: ”توکي وقت ملي ته مون وٽ اچجانءِ. مان مارٽينو وسڪي اسپتال ۾ آهيان- اي. ايم“

ٻئي ڏينهن صبح جو مان اسپتال ويس ۽ پنهنجي ماٽيلي پيءُ جي پلنگ جي ڀرسان ويهي رهيس. هو پلنگ کان ڊگهو هو. هن جا پير جن تي موڪرا جورابا پيا هئا، پلنگ کان ٻاهر نڪتل هئا. هن جون سهڻيون اکيون ڏاڍيون بيقرار هيون. هن جون پريشان نگاهون ديوار تان ڀٽڪنديون، ڪڏهن منهنجي چهري تي ۽ ڪڏهن هڪڙيءَ نوجوان ڇوڪريءَ تي پئجي رهيون هيون. هوءَ هن جي سيرانديءَ کان اسٽول تي ويٺي هئي. هُن رکي رکي پنهنجا هٿ جڏهن هُن جي ويهاڻي تي ٿي رکيا، تڏهن منهنجي ماٽيلي پيءُ، کليل منهن سان، پنهنجا ڳل هن جي هٿن سان پئي مهٽيا. هوءَ بت ۾ ڀريل جوانڙي هئي ۽ کيس ڪارو ريشمي وڳو پهريل هو ڳوڙها هوريان هوريان ٽمي هن جي بيضوي چهري تي پئي پيا. هن جي ڀنل نيرن نيڻن منهنجي ماٽيليءَ پيءُ جي چهري ڏانهن نهارڻ کان بس نه پئي ڪئي- انهيءَ چهري تان، جنهن تي انتهائي ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ سبب نستائيءَ جي پيلاڻ ڇانيل هئي.

”پادريءَ جو هجڻ ضروري آهي.“ هن هوريان چيو، ”پر هي انڪار ڪري رهيو آهي، ڳالهه سمجهي ئي نٿو.“ ۽ پنهنجا هٿ ويهاڻي تان کڻي پنهنجي ڇاتيءَ تي اهڙي ريت رکيائين، ڄڻ دعا گهرندو هجي.

منهنجو ماٽيلو پيءُ ڪجهه هوش ۾ آيو ۽ منهن ۾ گهنج وجهي ڇت ڏانهن نهارڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڳالهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. هن پنهنجو سڪل هٿ مون ڏانهن وڌايو:

”تون آهين؟ مهرباني. ڏسين ٿو... هاڻي ته... هوش به ڇڏي ويو اٿم...“

ڪمزوريءَ جي ٿڪ سببان اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مان هن جي سرد وڏن نُنهن وارين آڱرين کي هٿ لاتو. ڇوڪريءَ هوريان چيس، ”يوجين، موڪل ڏي ته پادري...“

”توکي ضرور هِن سان واقف ٿيڻ گهرجي.“ هن چيو، ”هيءَ منهنجي پياري...“

هو ماٺ ٿي ويو، هن جو وات کلي ويو، پوءِ اوچتو هن کان ڪانوَ جي آواز جهڙي دانهن نڪتي ۽ بلئنڪيٽ هڪ پاسي هٽي ويس، گاديلي کي کڻي زورائتو مٺ ۾ جهليائين- ۽ هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو. ڇوڪريءَ بي قابو ٿي پاڻ کي کڻي پلنگ تي اڇلايو، ۽ پنهنجو منهن گهنجيل ويهاڻي ۾ هڻي، رڙڻ ۽ روئڻ لڳي.

منهنجي ماٽيلي پيءُ جو دم ائين پل ۾ نڪري ويو ۽ مرڻ کان فوراً پوءِ هن جي چهري تي سڪون ۽ سونهن جي رونق پکڙجي ويئي.

مان ان ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان جهلي، اسپتال کان ٻاهر نڪتس. هوءَ روئي رهي هئي ۽ هن جا پير بيمارن وانگر پئي وچڙيا. هن جي هٿ ۾ جيڪو رومال هو، سو هُن ويڙهي ويڙهي ڳوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو هن گهڙيءَ هن اک تي ۽ گهڙيءَ هُن اک تي پئي رکيو ۽ جيئن پوءِ تيئن اُن کي مٺ ۾ چيڀاٽيندي سوڙهو ڪندي ٿي رهي ۽ وري وري اُن کي ڏسندي ٿي رهي، ڄڻ اُها ئي هن جي آخري ۽ پياري ۾ پياري ملڪيت باقي وڃي رهي هئي.

هوءَ اوچتو بيهي رهي ۽ منهنجي ويجهو ايتري قدر ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن خطري کان بچاءُ ڳوليندي هجي ۽ پنهنجي آواز ۾ اٿاهه ڏک ۽ بيوسي آڻي، چوڻ لڳي، ”۽ هو سياري تائين به زنده رهي نه سگهيو! او خدا، پيارا خدا! ائين آخر به ڇو ٿيڻو هو؟“

پوءِ پنهنجو ڳوڙهن ڀنل هٿ مون ڏانهن وڌائيندي، چوڻ لڳي، ”خدا حافظ. هو تنهنجي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو. سڀاڻي هن جي جنازي جو ڪفن دفن ٿيندو.“

”مان توکي گهر ڇڏي اچان؟“

”نه. رات ناهي.“

مان رستي جي ڪنڊ وٽ بيهي، هن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جا قدم اهڙي ماڻهوءَ وانگر هوريان کڄي رهيا هئا، جنهن جي هن جهان ۾ ڪا به دلچسپي نه هجي.

اُهو آگسٽ جو مهينو هو. وڻن جا پن ڇڻي رهيا هئا.

مان ٻئي ڏينهن جنازي ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس ۽ اُها ڇوڪري وري مون ڪا نه ڏٺي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org