سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-12

صفحو : 12

باب ٻارهون

سرءُ جي مند اچي پاڇاٽي ٿي هئي، دريائي سفر  جو وقت پورو ٿي چڪو هو. هاڻي، مون هڪ بت ساز جي ڪارخاني ۾ڪم سکڻ جي خيال  کان  شاگردي اختيار ڪئي. انهيءَ دڪان جي مالڪياڻي  هڪڙي نيڪ طبيعت پوڙهي عورت هئي. هن جو شراب سان عشق هو. ٻه ٽي ڏينهن ئي نه گذريا ته مون کي  پنهنجي ڳوٺاڻي لهجي  ۾ چيائين،”اڄڪلهه ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿيون ٿين، تنهن ڪري ڏينهن جو دڪان جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو ڪر، ۽ رات جي وقت ڪم سکندو ڪر.“

هن مون کي هڪڙي تيز نوجوان  دڪان  جي مئنيجر جي حوالي ڪيو، مان هر  روز پره ويل ٿڌ  ۽ اونداهيءَ ۾ هن سان گڏ  شهر لتاڙي ڪاروبار واريءَ گهٽي ۾ جتي  ان وقت سانت لڳي پئي هوندي هئي، پهچي ويندو هوس. اسان جو دڪان هڪڙي عمارت جي ٻماڙ تي هو. اهو  دڪان اول ڪو گدام هو. جنهن ڪري البت اونداهو هوندو هو. ان کي هڪڙي ننڍڙي لوهه جي سيخن  واري دري هوندي هئي، ۽ هڪڙو  وڏو لوهه جو در هوندو هو.سڄو دڪان ننڍن وڏن  مجسمن، انهن جي قالبن  ۽ چمڪندڙ ڦڪي جلد وارن ڪتابن سان،  جن تي انگور جي ولين جا نقش جڙيل ۽ چرچ جي قديم زبان ۾ اکر لکيل هوندا هئا، سٿيو پيو هوندو هو. اسان سان لڳو لڳ ٻيو دڪان هو، جتي به مجسمن  ۽ مذهبي ڪتابن جو وڪرو  ٿيندو هو. انهيءَ دڪان جو مالڪ هڪڙو ڪاريءَ ڏاڙهي  وارو ماڻهو هو، جو وولگا  کان پري ڪرزبيني نديءَ جي ڪناري سان رهندڙ  هڪڙي ڪٽر مذهبي فرقي جي اڳواڻ  جو مائٽ هو. هن سان ڪم ۾ هن جو پٽ  به ٻانهن ٻيلي هوندو هو، جو بت ۾ سڪل پر ڪم ۾ چست هو ۽ پنهنجي عمر  کان اڳ پوڙهو لڳندو هو. ۽ سندس ڪـُئي جهڙيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن ڦڙڪنديون رهنديون هيون.

مان دڪان کولڻ  کان پوءِ ڪنهن ويجهي هوٽل مان گرم پاڻي  وٺڻ ويندو هوس ۽ نيرن کائي،  سامان  کي ڇنڊي ٺاهي  رکي، ٻاهر دروازي وٽ وڃي بيهندو هوس، جيئن گراهڪن  کي ٻئي دڪان ڏانهن  وڃڻ کان روڪي، پنهنجي  دڪان ڏانهن هرکائي وٺي اچان.

”گراهڪ اناڙي ٿيندا آهن،“ دڪان جي مئنيجر مون کي ذهن  نشين ڪندي چيو ” هنن کي اها خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪٿان سودو وٺڻ گهرجي، باقي ملهه جي مروت لاءِ پيا مرندا. هنن کي شين جي قدر  ۽ قيمت جي ڄاڻ ڪڏهن نه پوندي آهي.“

هڪڙي ڪاٺ جي مجسمي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي، پنهنجي ڌنڌي جي ڄاڻ جو مون تي رعب ويهارڻ خاطر، مون کي هدايتون ڏيندي  چيائين،”هن مورت ڏانهن ڏس – ڪاريگري جو چڱو نمونو آهي ۽ قيمت به ڪا گهڻي ناهي اٿس. پنج ست انچ ڊگهي آهي، پر ٽيڪ جي ضرورت ڪانهيس. پنهنجي ليکي بيهي سگهي ٿي. هيءُ وري ڏهه ٻارنهن  انچ ڊگهي آهي ۽ اها به پاڻمرادو بيهي سگهي ٿي، ڇا، توکي دين جي بزرگن  جي احوال  جو ڪو پتو آهي، ۽ انهن جي گڻن جي ڪا ڄاڻ اٿئي؟ هي ڏس، هي بونيفئس  بزرگ شراب کان نجات ڏياريندڙ آهي ۽ هيءُ پاڪ شهيد  باربرا ڏندن  جي سور ۽ هر قسم جي حادثن  کان امان ڏيندڙ آهي ۽ هي بزرگ باسيل هر بخار کي ٽوڙيندڙ ۽ دفعي ڪندڙ آهي. معصوم   مريم بابت توکي ڪهڙي خبر آهي؟ ٻڌ، انهيءَ جا مجسما مختلف ڍنگن جا آهن..... هتي ڏک ۾ آهي ۽ هُتي مرڪي  ٿي هِتي ’امڙ مون لاءِ  غم نه ڪر، جي حالت ۾آهي، ۽ هتي ’منهنجا ڏک ڏور ڪر‘ جي شڪل ۾ آهي، ان جي برڪت سان  دک دور ۽  سک سولا ٿين ٿا،  هن جا  ڪيترا مجسما شهرن جي نالن پٺيان  مشهور آهن، جيئن  ”ڪاران  وارو“ پوڪرون وارو.“وغيره.

مجسمن  جون قيمتون انهن  جي ماپ ۽بناوت تي ٻڌل هيون، اهي مون کي  جلد ياد ٿي ويون، مريم جي مختلف مجسمن  جو فرق به سمجهي ويس، باقي بزرگن جا گڻ  ياد رکڻ  مون کي  ڏاڍا ڏکيا ٿي لڳا.

ڪڏهن ڪڏهن  مان دروازي تي گراهڪن جو اوسيڙو ڪندي پنهنجن خيالن  ۾گم ٿي  ويندو هوس، ته مئنيجر منهنجي امتحان  وٺڻ لاءِ پڇڻ  لڳندو هو –” ڪهڙي بزرگ جي مهربانيءَ سان عورت  جا سور سولا ٿين ٿا؟“ جيڪڏهن منهنجو جواب پورو نه هوندو هو،ته گجندي چوندو هو. ”اڙي  تنهنجي کوپڙيءَ ۾ ڇاهي؟“

مون کي انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ  گراهڪن کي هرکائي اندر و‎ٺي  اچڻ ڏکيو لڳندو هو.مون کي پاڻ انهن مجسمن ۾ڪا چڱي  ڳالهه نظر نه ايندي هئي، تنهن ڪري ٻين  جي مٿي تي انهن کي مڙهڻ تي دل ئي نه چوندي هيم، نانيءَ جي قصن ۽ ڪهاڻين  جي ڪري  منهنجي دماغ ۾ بيبي مريم جو تصور شانائتو  ۽ ٻاجهه ڀريو هو، ۽ اهڙي ريت ”مصور “ رسالي ۾هن کي چٽيل ڏٺو هوم، پر هتي  ليکو ئي اور هو، مجسمن  ۾ هوءَ شوخ ۽ پوڙهي عورت  وانگر ثي ڏٺِي، جنهن جو نڪ مڙيل  ۽ هٿ سخت هئا.

اربع ۽ جمعي  جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو بازار جي خريداريءَ تي نڪرندا  هئا، ته اسان جو  وڪرو چڱو  ٿيندو هو، هاري ناري، پوڙهيون عورتون  ۽ ڪڏهن ڪٽنبن جا ڪٽنب اچي ڪڙڪندا هئا، انهن مان گهڻا ڪٽر  مذهبي  ۽ ٻيا غمن  ۽ ڏکن ۾ ورتل  جهنگ جا رهاڪو هوندا  هئا،  مان جي ڏسندو  هوس ته ڪو ٿلهو متارو مڙس گهر جا اڻيل ڪپڙا پايو  يا رڍ جي کل جو ڪڙتو ڍڪيو. ڪجهه هٻڪندي ڪجهه هڙڪندي پيو اچي.ته مان پنهنجي مونجهاري ۽ بي دلي کي دور ڪري، وڌي  هن سان  گڏ هلڻ لڳندو هوس، ۽ هن  جي اڳيان  پٺيان  ڦري نڙي تي زور ڏيئي چوڻ شروع ڪند هوس، ”سائين  توهان  کي ڇا گهرجي ؟ اسان وٽ مناجات جا بينظير ڪتاب حاضر آهن ۽  آسماني  صحيفا آهن جيڪا شيءِ  اوهان کي گهرجي  سا حاضر  آهي، ٿورو اندر اچو، بيحد  نفيس نازڪ ۽ نادر مجسما، تمام ٿوري اگهه تي اوهان کي ملي ويندا، بهترين نمونا  پائدار رنگ، جيڪڏهن  اوهان کي پسند نه آيا ته دوستن  جي جنم ڏينهن لاءِ عمدن تحفن واسطي سڀ ڪجهه موجود آهي، هي سڄي روس ۾ بهترين دڪان آهي، هتان  کان بهترين شيءِ  اوهان کي ٻئي ڪنهن دڪان تي نه ملي سگهندي...“

هو گراهڪ سواءِ ڪجهه ڪڇڻ  جي ماٺ ڪيو پيو هلندو هو، تان جو پنهنجي ڪاٺ جي ڏنڊي  جهڙي  ٻانهن  سان مون کي پنهنجي اڳيان هٽائي اسان  جي مخالف  جي دڪان  ۾گهڙي ويندو هو ۽ منهنجو مالڪ پنهنجن وڏن ڪنن کي مهٽي جوش  ۾ پوندو هو، ” سو تو هن کي ڇڏي  ڏنو، ڀلا اهڙي  ريت ڌوڙ وڪرو ڪندين !“

جلد ئي ڀرواري دڪان مان شربتي آواز اچڻ لڳندو هو، جنهن ۾ نشي جهڙو اثر هوندو هو،”منهنجا دوست ! اسانجون شيون ڪي جوتا ياکلون ڪين آهن، پر ڌڻيءَ جون املهه نعمتون آهن. انهن  جو ملهه سون ۽ چانديءَ کان گهڻو مٿي آهي، “

”ڪهڙو نه شيطان آهي!“ منهنجو مئنيجر ڪاوڙ  ۽ ساڙ ۾ وٽ کائيندي چوندو هو.”انهي مردود جي اکين تي لعنت هجي، توکي اهڙو ڍنگ سکڻو  پوندو- ها، سکڻو  پوندو.“

مون پنهنجي وسان اهڙين اٽڪلن سٽڪلن سکڻ کان ڪين گهٽايو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو کي ڪنهن به ڪم  سکڻ ۾جيتري ٿي سگهي  اوتري ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پر مان ماڻهن  کي هرکائي اندر وٺي اچڻ توڙي  مال جي وڪري ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي نه سگهيس. اسان  جي دڪان ۾ايندڙ ماڻهو سادا ۽ سڃا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پوڙهيون عورتون ٻليءَ وانگر مسڪين ۽ غريب  نظر اينديون هيون انهن کي ڏسي  منهنجي هانءَ کي جهٻو اچي ويندو هو، ۽ دل چوندي هيم ته انهن کي انهن مجسمن جي سچي بها ٻڌائي ڇڏيان، جيئن هو مٿي  چاڙهيل قيمت ڏيڻ کان بچي پون  ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ بچائي وجهن. مون  کي اهو ڏسي حيرت وٺندي هئي،  ته هنن  کي چڱن  ڪتابن چونڊڻ ۽ مجسمن جي فنڪاريءَ جي  پرکڻ جي ڪيتري نه ڄاڻ  هئي ! هڪڙو پوڙهو ماڻهو جنهن  کي هڪڙي ڏينهن پنهنجي دڪان ۾ ڀنڀلائي وٺي آيو هوس،کڙڪ لفظن  ۾ چوڻ لڳو،”نه  منهنجا پٽ نه، روس ۾ هي نه پر ماسڪو  وارو  روگوزين  بهترين  ڪاريگر آهي،“ مان  هن جي رستي کان هٽي  بيهي رهيس، ۽ هو اسان جي مخالف جو دڪان  به ڇڏيو  هليو ويو.

منهنجي مئنيجر عجب مان چيو.”تو هن کي ڇڏي ڏنو !“

”توهان  ته مون کي روگوزين جي ڪاريگريءَ بابت ڪجهه ٻڌايو ئي نه هو.“

اهو ٻڌي  هو ڪاوڙ ۾ وڦلڻ لڳو. ”هي ميسڻا  ماڻهو!  دنيا  ۾ڪا به  اهڙي  ڳالهه ڪانهي  جن جو انهن کي پتو نه هجي. خدا  جي مار پوين.ڪتن وانگر  وتندا نوس نوس ڪندا.“

هي چلڪڻو  پيٽ ڀريل  ۽ خود غرض جوان غريب  ماڻهن  کان ڪراهت ڪندو هو، جڏهن هو پنهنجي پاڻيءَ ۾ هوندو هو ته شڪايتن جا دفتر کڻي  کوليندو  هو،-”مون جهڙو دماغ وارو  صاف سٿرو ماڻهو  جيڪو عطر ۽ خوشبوءَ  ۾ هر  وقت ٻڏل  ٿو رهي، جنهن  کي پنهنجي لاءِ وڏا  خيال آهن، تنهن کي صرف انهيءَ ڪري جهنگلي ماڻهن جي اڳيان  جهڪڻو ٿو پوي  ۽  انهن  جي ناز  برداري ڪرڻي ٿي پوي، جيئين انهن کان ڪجهه ڏوڪڙ  دڪان جي مالڪياڻيءَ پوڙهيءَ عورت لاءَ ڇڏائي سگهي، تون ئي  چئه، اهو انصاف آهي؟ آخر انهن جهنگلي  ڳوٺاڻن   جي هستي ڪهڙي آهي؟ ليڙون ليڙ لٽا  ۽ جونئن  جا ميڙ - ۽  مان –“ ۽ هو ڏک  ڀرئي  نموني  ماٺ ڪري  ڇڏيندو هو.

مون کي  اُهي غريب ڳوٺاڻا ڏاڍو  وڻندا هئا، جيڪي  مون کي اهڙي ريت حيرت  ۾ وجهي  ڇڏيندا  هئا، جيئن  جئڪ، ڪڏهن  ڪڏهن ڪو ماڻهو  جنهن جي منهن ۾ ڏکن جا ڏرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا،  دڪان  ۾هليو ايندو هو، پنهنجي مر چڙهيل ٽوپي لاهي،آڱرين  سان پنهنجي  ڇاتيءَ  تي صليب جو نشان  بنائي بد برڪت مجسمن کان منهن ڦيري ڇڏيندو هو، ته متان انهن تي نگاه نه پئجي وڃيس، پوءِ چوڌاري اک ڦيرائي  ڪجهه وقت جي ماٺ کان پوءِ چوڻ لڳندو هو، ”شرح سان مناجات گهجي.“

پنهنجي  ڪوٽ جي ٻانهن کي ٿورو مٿي ڪري، هو غور سان نهارڻ  شروع ڪندو هو، آڱرين  سان پنا به اٿلائيندو  ويندو هو ۽ چپن ۾ پڙهندو به پيو هو.

”هن کان اڃا به ڪو قديم نسخو !“

”توکي پتو  آهي قديم نسخن جي قيمت  هزارين روبل کان مٿي آهي!“

”مون کي خبر آهي.“

هو آڱر کي آلو ڪري  پنن کي اٿلائڻ شروع ڪندو هو، جنهن ڪري ڪنارن تي ميرو نشان ٿي پوندو هو. منهنجو  مالڪ  هن جي  پٺيان  بيٺو، اهو لقاءُ ڏسندو هو، ۽  رت جو  ڍڪ پي چوڻ لڳندو هو،” پاڪ ڪتاب  نوان  پراڻا  نه ٿيندا آهن، خدا جي لفظن  ۾ ڦير ڦار  نه ٿيندي آهي.“

”اها سڌ آهي ۽ اهو اول به ٻڌو  اٿئون، خدا  ته ڪا ڦير ڦار ڪين ڪئي آهي. پر ان جي  بندن انهن ۾ڪري ڇڏي آهي.“  پوءِ خاموشيءَ سان ڪتاب  ٺپي ٻاهر  هليو ويندو هو.

منهنجو مالڪ ڪڏهن انهن جهنگ جي رهاڪن  سان اچي  بحث ۾ پوندو هو، اها ڳالهه ته بلڪل پڌري هئي ته  هن جي مقابلي ۾ هن کي مذهبي ڪتابن ۾ وڌيڪ ڄاڻ هئي تنهن تي هو ڪاوڙ ۾ چوندو هو، ”ڪافر ! شيطان  ڪنهن جاءِ جا !“

مان اها ڳالهه ڏسندو هوس ته اهي ڳاٺاڻا  جيتوڻيڪ  نئين ڪتاب کي پسند نه ڪندا  هئا، ته به ان کي ڏاڍي ادب ۽ فضيلت سان کڻندا هئا، ۽ ان کي اهڙي خيال سان جهليندا هئا ڄڻ ته ڪو  پکي هو،  جيڪو  ڍر ملندي ئي اڏامي ويندو.

اهو ڏسي مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو، ڇاڪاڻ   ته منهنجي لاءِ به ڪتاب هڪ طلسم مثل هو، جنهن ۾ مصنف جو روح بند هو، ۽ جڏهن ڪتاب کي کوليندو هوس تڏهن ان جو رح آزاد ٿي، مون سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو،

ڪيترائي ٻـُڍا مرد ۽ عورتون ڪيترائي قديم نسخا ۽ راهبن جي هٿ سان لکيل ڪتاب وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا هئا، ڪي وري قديم مجسما، صليب ۽ ٻيا اهڙي قسم جا تبرڪات، جن تي  قديم تحريرون چٽيل هونديون هيون، ۽ اهڙيون نادر شيون جن کي بادشاهن جي نالي سان مناسبت ڪري تاريخي اهميت حاصل هئي، کڻي ايندا هئا ۽ ڏيکارڻ مهل هيڏي هوڏي پيا، جاچيندا هئا ته کين ڪو ڏسي ته ڪونه ٿو !

منهنجو  مئنيجر ۽ ان جو رقيب اهڙن ماڻهن لاءِ واجهه پيا وجهندا هئا ۽ جيڪڏهن  اهڙو ڪو اچي نڪتو ته هڪ ٻئي  تي چڙهت ڪري هن کي ريهڻ  ۽ ريبڻ  جي ڪوشش ڪندا هئا،  اهڙيون قديم شيون، جي اڪثر هو ڏهن روبلن ۾ خريد ڪري وٺندا  هئا، تن لاءِ ڌنوان مذهبي  ماڻهو سوين روبل کين ڏيئي ويندا هئا.

هڪڙي ڏينهن منهنجي مئنيجر  مون کي سمجهائيندي چيو ته  ”هنن فقيرن جو، هن جي گودڙين ۾ لعل لڪل آهن، گهڻو خيال رکندو ڪر، جتي به اهي توکي  ڏسڻ ۾ اچن ته وٺي ايندو ڪرين، انهن  کان ڪسي پڪي اگهه تي شيءِ خريد ڪرڻ  سان لکن جو لاٽ حاصل ٿي سگهندو. “

جيڪڏهن اهڙو ڪو ماڻهو اچي نڪرندو هو ته هو مون کي هڪدم پيٽر  واسلڪ کي ڪوٺڻ  لاءِ ڊوڙائيندو  هو، هو قديم ڪتابن، مجسمن ۽ ٻين اهڙين  نادر شين جو ماهر هو، هو ٻڍو  مڙس، قد جو ڊگهو هو، هن جي ڏاڙهي باسيل وانگر ڊگهي ۽ هن جو چهرو تازو توانو ۽ بشاش هوندو هو، جنهن ۾ تيز فهم اکيون پيون جرڪنديون هيون، هن جي ڄنگهه جي ڪا  رڳ ٿڙڪي ويئي هئي جنهن ڪري لٺ تي منڊڪائي گهمندو هو، ۽ سياري توڙي اونهاري هلڪو لباس پهريندو هو، ۽ مٿي تي بڇڙي مخملي ٽوپي هوندي هيس، جنهن  جي شڪل  بلڪل اونڌي تئيءَ  جهڙي لڳندي هئي. هوءَ ته هو ڇاتيءَ ڪڍي  آڪڙ جي هلندو هو، پر دڪان ۾ پير رکندي ئي هن جو بت ڍلو  ٿي ويندو هو، مٿو جهڪي ۽ چيلهه ڪٻي ٿي ويندي هئي، ٿڌا شوڪارا ڀري، هو جهٽ پٽ صليب جو نشان بنائيندو هو، ۽ چپن  ئي چپن ۾ ڪجهه دعائون ۽ مناجاتون مڻ مڻ  ڪري پاڻ تي شوڪاريندو هو، اهڙيءَ بزرگيءَ ۽ پاڪائيءَ جو ڏيک انهيءَ ماڻهوءَ  تي هڪدم اثر ڪندو هو، جنهن وٽ اهي نادر شيون هونديو ن هيون ۽ اهي هو اسان کي وڪڻڻ چاهيندو هو.

”ڇا ڳالهه آهي؟ ڪهڙو  مسئلو اچي منڌو آهي؟“ اچڻ سان پڇندو هو.

”ٿورو ڏسجو، هي شخص هڪڙو مجسمو وڪڻڻ ٿو گهري، چوي ٿو ته اڄ کان هزار سال پراڻو آهي ؟“

”ڇا چيئه ؟“

”هزار سال.

”اوه ! ٿورا ڪن  ٻوڙا  اٿم، اهڙيءَ ريت خدا پنهنجي ٻاجهه سان مون کي  بي دين نائڪان جي فرقي وارن  جي ڳالهين  ٻڌڻ کان پناه ڏني آهي.“

پنهنجي ٽوپي  لاهي. مجسمي  کي هٿ ۾کڻي  ان تي لکيل  عبارت کي ڦيري گهيري  ۽ ڪاٺ  جي ڪهنائيءَ  کي جانچي اکيون ڇنڀي  چوڻ لڳندو هو،”انهن نائڪان جي فرقي وارن کي ته خدا جو خوف ئي ڪونهي، هنن کي پتو  آهي ته  اسان کي قديم شين  سان ڪيتري قدر نه پيار آهي، ۽ ڪن کي وري شيطان سبق ڏنا آهن،  تنهن ڪري ماڻهن کي ڀنڀلائڻ لاءِ اهڙيون بناوتي شيون  کڻي تيار ڪيون اٿن، اڄڪلهه  مجسما تيار ڪرڻ ته ڏائي هٿ جو کيل ٿي ويو آهي. پهرين  نظر سان ممڪن آهي هيءَ هڪ هزار سال جو يا اڃا به ان کان پراڻو نظر اچي،  پر  جي غور سان ڏسبو  ته جهٽ پتو پئجي ويندو ته  بلڪل نقل آهي.“

جڏهن هو  ” نقل “ جو لفظ  ڪتب آڻيندو هو، ته ان جو مطلب  اهو هوندو هو ته شيءِ اڻ لڀ ۽ املهه آهي. منهنجي مئنيجر ۽ هن جي وچ ۾ ڪيترائي اهڙا مخفي لفظ  مقرر ٿيل هوندا هئا، هن جي وسيلي هن کي پتو پئجي ويندو هو، ته ڪنهن مجسمي  يا ڪتاب واسطي ڪيتري رقم ڏيڻ گهرجي، مثلن جيڪڏهن ”دکي ۽ اداس“ چوندو هو ته ان جو مطلب هو ته  ڏهه روبل ڏيڻ گهرجن، غريبن کي اهڙي ريت ٺڳبو ڏسي، مان شرم ۾ ٻڏي ويندو هوس، پر ان ڳالهه کي ڇڏي، هنن جي اهڙي حرفت ۽ هوشياريءَ  مان مزو به ايندو هوم.

”اهي ڪافر نائڪان فرقي وارا، جن جو شيطان رهنما آهي، هر ڪا ڳالهه ڪري سگهن ٿا، ٻيو  ته ڇڏيو، پر دستخط به اصلي  معلوم پيا ٿين جيتوڻيڪ  بلڪل ڪوڙا آهن، پر  رنگ  ۽ روغن ڏسو! انهن  ۾ هڪجهڙا ئي بلڪل ڪانهي. حالانڪ اوشاڪوف جهڙي قديم استاد، بي دين  هجڻ  جي باوجود به سڄو مجسمو پنهنجي هٿ سان  مڪمل ڪيو هو، هن پاڻ ڪاٺي  گهڙي  خط ۽ خال  تيار ڪري ان  ۾رنگ ڀريو هو، ايتري قدر  جو آخري هٿ به پاڻ هنيو هئائين ۽ عبارت به پاڻ لکي  هئائين. پر اسان جي ڏينهن  جا گنهگار بندا ايتري به محنت نٿا ڪن. اڳئين زماني ۾ مجسما جوڙڻ مقدس ڪم ليکيو ويندو هو، پر اڄڪلهه اهو هڪ ڌنڌو  ٿي پيو آهي !“

آخر ۾ مجسمي کي نزاڪت سان دخل تي رکي ٽوپي مٿي ۾ وجهي چوندو هو، ”اهو گناه !“ ان جي مخفي اها معنيٰ هئي ته  ”خريد ڪريو،  خريد ڪريو!“

هن جي اهڙي چرب  زبانيءَ ۽ فصاحت کان هڪو ٻڪو ٿي، وڪڻندڙ سست آواز ۾چوندو هو، ”مگر سائين توهان جو هن مجسمي  بابت ڇا خيال آهي!“

”هي مجسمو ڪافر نائڪان جي فرقي وارن مان ڪنهن ڪافر جو جوڙيل آهي.“

”پر ائين ٿي نه ٿو سگهي! اسان جا وڏڙا هن مجسمي  جي اڳيان عبادت ڪندا هئا.“

”نائڪان  فرقي وارا تنهنجي ابن ڏاڏن کان به اول جا آهن، پوءِ هو مجسمي  کي بلڪل وڪڻندڙ جي نڪ  سامهون جهلي، ترش لهجي  ۾ چوندو هو،”هن جي چهري تي  ڪهڙي بي وقتي مرڪ آهي، ڇا ان کي  مقدس مجسمو چئي سگهجي ٿو؟ هي ته هڪ سادو سودو ڪاٺ جو پتلو آهي. ان جي فن ۾نه روح آهي. نه جان، صرف ڪافرن جي کيڏ ۽ اٽڪل آهي. ڇاتون چاهين ٿو ته مان سچ کي لڪائي ڪوڙ ڳالهايان! نه بابا نه، مون کي خدا کي منهن ڏيکارڻو آهي، پنهنجي  قيامت ڪاري ڪرڻي نه آهي.“

پوءِ دڪان مان نڪري ٻاهر ورانڊي ۾ ٿي بيهندو هو، هلڻ وقت پيريءَ سبب ڪمزور ۽ هنجو منهن خار ۾ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ايندو هو، ته ڇو هن جي راءِ کي صحيح  نه سمجهيو  ويو هو.

منهنجو مالڪ پوءِ ڪجهه روبل ڏيئي، وڪڻندڙ کان اهو مجسمو خريد ڪري وٺندو هو، ۽ وڃڻ وقت اهو ڳوٺاڻو  وڪڻندڙ ورانڊي  ۾ بيٺل پيٽر کي جهڪي  سلا م ڪري هليو ويندو هو، ۽ مان جهٽ پٽ چانهه لاءِ هوٽل مان پاڻي  کڻڻ  لاءِ هليو ويندو هوس، جڏهن موٽي ايندو هوس ته ڏسندو هوس ته ٻڍو کڙو تڙو ويٺو هوندو هو. ۽ مجسمي جا عمدا نقطا منهنجي مئنيجر جي فائدي لاءِ ويٺو ٻڌائيندو هو –”ڏس هن کي ڪهڙو نه خيال سان گهڙيو ويو آهي! ان جي  رنگائيءَ جو ڪم  به ڪنهن خدا جي پياري  پوري خوف ۽ مذهبي جذبي هيٺ ڪيو آهي.“

”تنهنجي خيال  ۾ هن  جو بنائيندڙ ڪير هوندو؟ منهنجو مئنيجر  خوشيءَ  ۾ڦاٽندي پڇندو هوس.

”اڃا  ته پتو نه ٿو پوي، چڱو ڀلا، اهو منهنجي حوالي ڪر ته شهر  ۾ ڏيکاري، ڪو گراهڪ  پيدا ڪري وٺان.“

”اوه، پيٽر!“

”جيڪڏهن مون ڪو سٺو  گراهڪ ڦاسايو، ته توکي صرف پنجاه روبل ملندا، وڌيڪ منهنجو آهي.“

”اوه !“

اهي ٻيئي بي ضمير ۽ پوءِ چانهه جا ڍڪ  ڀرڻ ۽ هڪ ٻئي کي چور اکين سان نهارڻ لڳندا هئا، منهنجو مئنيجر بلڪل پوڙهي پيٽر جي قبضي ۾ هو. جڏهن هو هليو ويندو هو، ته منهنجو مئنيجر  مون کي چتاءُ ڏيندي چوندو هو، ”خبردار متان  ٻڍيءَ  مالڪياڻي کي ڪجهه  ٻڌايو اٿئي!“

جڏهن مجسمي بابت مٿو هڻي  ٿڪبا هئا، ته منهنجي  مئنيجر هن کان پڇندو هو، ”شهر ۾ ڇا پيو وهي واپري؟“

ٻـُڍو مزي سان  ڏاڙهي تي هٿ گهمائي، پنهنجن سڻڀن چپن تي زبان  مرڪائي، شهر جون ڪوڙيون  سچيون واپارين  انهن جي وڏن سودن،  دعوتن  شادين ۽ عشق محبت جون  ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪندو هو، هو انهن ڳالهين  کي اهڙو مرچ مصالحا لڳائي ٻڌائيندو  هو، جيئن  ڪو بورچي  ست  رڇي طعام تيار ڪندو هجي، انهن ڳالهين  کان پوءِ هو ان طعام سان  گڏ پنهنجي کل جي چٽڻي پيش ڪندو هو، منهنجي  مالڪ جو منهن حسد ۽ هوس  ۾ ڪاراٽجي  ويندو هو، هن جا دوڏا ساڙ ۾ ٻاهر نڪري ايندا هئا، ۽ شڪايت ڪندي چوندو هو، ” ٻيا  مزا ماڻين، مان پيو هتي ڳهان !”

”هرڪنهن جو نصيب اول ئي لکجي چڪو آهي. هڪڙن  جي مٿان فرشتن  جو سايو آهي،  پيا عيش ڪن، ٻين تي شيطان  جو پاڇو آهي، پيا بکن ۾ سڙن.“

هن ڏنڊي مشٽنڊي پوڙهي کي شهر  جي هر ڳالهه جو پتو هو، هن کي شهر  جي واپارين آفيسرن  پادرين  ۽ عام ماڻهن جي ڳجهن ۽ خانگي معاملن جي به خبر هئي، هن جي نظر  شڪري وانگر تيز ۽ هن جاڪم بگهڙ ۽ لومڙ وارا هئا، مون کي  هن جي چيڙائڻ مان مزو اچي ها، پر هن تائين  پهچي  نه سگهندو هوس، هو مون ڏانهن ائين ڏسندو هو، ڄڻ  پري کان ڪنهن  ڪوهيري جي پردي  مان نهاريندو هجي، مان ائين محسوس ڪندو هوس، ته هن  جي چوگرد هڪ وڏي کاهي کنيل آهي،  ۽ جيڪو  به هن  جي ويجهو وڃڻ  جي ڪوشش ڪندو هو، سو ان ۾ اونڌي منهن ڪرندو. مان محسوس ڪندو هوس ته هن  ۾ ۽ جئڪ شوموف ۾مڙيئي ڪا هڪ جهڙائي هئي.“

جيتوڻيڪ منهنجو مئنيجر  هن جي اڳيان ۽ هن  جي پرپٺ هن جي  هوشياريءَ جي ساراهه جا ڍڪ  ڀريندو   هو ته به  هو چاهيندو هو ته ڪو اهڙو هجي  جو هن  سان ڳالهين ۾ ويڙ کائي  ۽ مات ڪريس.

”تون وڏو ٺڳ آهين! “منهنجو  مئنيجر  ترش ٿي، هن کي چوندو هو، جنهن تي ٻڍو ٽهڪ  ڏيئي، وراڻيندو  هو، بي عيب خدا جي ذات آهي،  ۽ ڌوڪو ڏيڻ  انهيءَ جو ئي  وڙ ناهي، توکي  پتو آهي ته اسان  جون حياتيون  احمقن  جي وچ ۾ئي گذرن ٿيون، پوءِ ڇا، تون بيوقوفن کي  اُلو  بنائڻ  کان سواءِ وهنوار ڪري سگهين ٿو ؟ آخر انهن جي حماقت جو جواب  ڪهڙو ٿي ٿو سگهي ؟“

منهنجو مئنيجر  تپي چوندو هو، سڀئي ڳوٺاڻا احمق ڪين آهن، آخر اهي تاجر ۽ واپاري ڳوٺن مان نٿا اچن ته ڪٿان ٿا اچن ؟“

”اسان  واپارين جي ڳالهه ڪانه پئي ڪئي، بيوقوفن ۽ بدمعاشن ۾ فرق آهي. بيوقوف بدمعاش ٿورا ئي ٿي سگهندا ! بيوقوف ته درويشن وانگر آهن ۽ انهن جو دماغ هميشه آرام ۾ آهي.“

هن ٻڍي جو اينگهه ڏيئي ٽوڪ واري لهجي  ۾ ڳالهائڻ  ماڻهوءَ  کي چوچڙيون ڏيئي ڇڏيندو  هو. ائين  لڳندو هو، ته هو ڌٻڻ جي وچ ۾ هڪڙي  سڪي دڙي تي ويٺو آهي، توهين مٿو ڦاڙي رکو، پرمجال جو هن کي ڪاوڙ اچي. يا  هن کي  ڪاوڙ ايندي ئي نه هئي يا ڪاوڙ کائي  وڃڻ جي کيس ڪا اٽڪل  هئي، انهيءَ هوندي  به پاڻ اڳرائي  ڪري اچي مون سان هٿ ڳنڍيندو هو. هڪڙي ڀيري منهنجي ويجهو  اچي  ڪوڙي  مرڪ آڻي، پڇڻ لڳو، ”ها، انهيءَ فرينچ ليکڪ جو نالو ڇا هي – پونٽوس ؟“

لفظن کي اهڙي ريت ابتي ڪرڻ تي منهنجي رڳ  رڳ ۾ باهه لڳي وئي. پاڻ روڪي  جواب ڏنومانس، ”نه، پونسون  ڊيوٽريل “-” ڇا چيئي؟ ڪنهن جون اکيون ؟“

”ماڻهن  کي بيوقوف بنائڻ  ڇڏي ڏيو، اوهين  کير پياڪ ٻار ڪين آهيو.“

”سچ آهي، مان ٻار ڪين آهيان. ڀلا ڪهڙي ليکڪ جو ڪتاب پيو پڙهين ؟“

”ابرام سائرن جو.“

”ڪير چڱو  لکن ٿا – ٻاهرين ملڪن جا ليکڪ يا هي اسان وارا ؟“

مون ڪو به  جواب ڪونه ڏنس.

”ٻاهريان ليکڪ خاص ڪهڙي موضوع تي لکن ٿا ؟“

”هر انهيءَ ڳالهه تي جيڪا زندگيءَ ۾ ٿي سگهي ٿي.“

”چئبو ڪتن،گهوڙن، گڏهن ۽  ٻين  اهڙين شين تي، جن جو زندگيءَ سان واسطو آهي !“

منهنجو مئنيجر  ڏند ٽيڙڻ لڳو، ۽ مون کي مچ لڳي ويو.

مان پاڻ کي انهيءَ ماحول ۾ اداس ۽ غمگين محسوس ڪندو هوس، پر  جي اتان ڇڏي وڃڻ  جي ڪندو  هوس،  ته منهنجو  مئنيجر روڪي  ڇڏيندو هو...

”ويندين به ڪيڏانهن ويندين ؟“

۽ ٻـُڍو وري مونکي چيڙائڻ لاءِ پڇندو هو، ”چڱو سائين عالم! هڪڙي ڳجهارت ته ڀڃ. سمجهه ته تون هڪ هزار اگهاڙن ماڻهن جي اڳيان بيٺو آهين انهن مان اڌ مرد آهن ۽ اڌ عورتون انهن مان حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي ڳولي ڪڍندين ؟“

هڪڙي ڏينهن  هو مون کان  ور ور ڪري اهو سوال پڇڻ لڳو جڏهن ڪو به  جواب نه مليس، ته فاتحانه نموني  جواب  ڏنائين، ”اڙي ڪم عقل، توکي اهو به پتو نه ٿو  پوي! ڇاڪاڻ ته خدا انهن ٻنهي  کي ڪنهن  پيٽ مان پيدا نه ڪيو  هو، پر خلقيو هو، تنهن ڪري انهن کي دُن َ وٽ ناڙي  جا نشان نه هوندا !“

 منهنجو مئنيجر وري به  ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.

ٻڍي وٽ اهڙين ڳجهارتن  جا انبار هئا، جنهن ڪري هو مون کي بلڪل ٿڪائي رکندو هو.

دڪان تي، شروعات وارن ڏينهن ۾. مون جيڪي ڪتاب پڙهيا هئا، انهن جون ڪهاڻيون پنهنجي مئنيجر کي ٻڌائيندو هوس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ  اهي ڪهاڻيون ابتيون ۽ گندي صورت ۾ مون وٽ اچي پهچنديون  هيون، منهنجو  مئنيجر  ڇا ڪندو هو، جو انهن  کي ڪٽي  سٽي ۽ انهن ۾ فحش اضافو ڪري، پيٽر کي ٻڌائيندو هو ۽ هو حضرت وري ڏاچي  هڻي  ڏهه ته توڏي  هڻي تيرنهن  وانگر انهن ۾ ڪاريگريءَ سان اگهاڙيون ڳالهيون ڳنڍي ڇڏيندو هو. تان جو انهن جي گندين زبانن منهنجن پيارن سورمن ايوجين گرانڊيٽ، هينري چوٿين ۽ لــُڊ ملا جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي.

مان محسوس ڪندو هوس  ته اُهي اها  حرڪت مون کي تنگ ڪرڻ جي خيال کان نه پر پنهنجي وندر لاءِ ڪندا هئا، ڪيئن به هو پر اها ڳالهه  منهنجي  سهڻ کان ٻاهر هئي. اهڙي  گند اوڳاڇڻ کان پوءِ سوئر وانگر  پنهنجي گند ۾ ليٿڙندي انهن کي مزو ايندو هو، اهي  انهن ڪهاڻين  جي چڱين  خوبين کي، جي  هنن کي کل جهڙيون لڳنديون هيون، بدلائي خوشيءَ ۾ ٽهڪ  ڏيڻ  لڳندا هئا.

سڄي  بازار، ان جا سڀ واپاري ۽ دڪاندار غير فطري ۽ هٿرادو زندگي  گذاريندا هئا، ۽ ان کي هميشه ٻاراڻين ۽ بيوقوفي وارين يا ڪريل حرڪتن سان وندرائيندا هئا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو کانئن  ڪو ڏس پتو پڇندو هو ته ان کي ڄاڻي واڻي  غلط ڏس ڏيندا هئا، ۽ اها ڳالهه اهڙي ته  عام ٿي ويندي هئي، جو ان مان پوءِ  هنن  کي مزو ئي نه ايندو هو. ٻه ڪئا ڦاسائي، انهن جا پڇ ٻڌي  ڇڏيندا  هئا، ڪئا ويچارا  هڪ ٻئي کي ڇڪڻ  يا چڪ پائڻ لڳندا هئا، ته ڪئن جي اهڙي بدحواسي ۽ تڪليف ڏسي، هو ٽهڪڙو مچائي ڏيندا هئا يا ڇا ڪندا هئا، جو ڪئن جي مٿان  گاسليٽ هاري، انهن کي باهه ڏيئي، تماشو ڏسڻ بيهندا هئا، ڪتي جي پڇ ۾ ٽين ٻڌي، ان کي ڊڪائيندا هئا، ٽين ڪتي جي پٺيان  ٺڪ ٺڪ ڪندو ويندو هو ۽ ڪتو ويچارو ڊپ ۽ تڪليف وچان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳندو هو ته هي به ٽهه ٽهه ڪرڻ لڳندا هئا.

هنن وٽ اهڙن قسمن جون اڪيچار وندرون هيون، هنن جي هلت سڀني  ماڻهن خاص طرح ڳوٺاڻن سان اهڙي  هوندي هئي، جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته انهن جي زندگي هنن لاءِ محض هڪ وندر جي شيءِ آهي. هنن جي ٻين ماڻهن سان لڳ لاڳاپي مان به اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي  ته ان ۾به هڪ ٻئي جي مذاق ڪرڻ،  هڪ ٻئي کي ڏک ڏيڻ، هڪ ٻئي  جو جيئن حرام ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي، مون کي  انهيءَ ڳالهه  تي عجب لڳندو هو ته ماڻهن جي هڪ ٻئي کي شڪي  ۽ شرمسار ڪرڻ جي انهيءَ ذاتي ۽ حيواني جذبن جو ڪتابن ۾ ذڪر ڇو نه ٿي ڪيو ويو !

خاص طرح  هيٺئين  ڳالهه مون کي حيراني ۽ چڙ ڏياريندڙ لڳي، اسان جي دڪان  جي بنهه سامهون  اوني سامان جو دڪان هو، انهيءَ دڪان جو وڪري  وارو نوڪر سڄي شهر ۾پيٽوڙي مشهور هو، هن جو مالڪ  پنهنجي انهيءَ  ملازم جي خوراڪ جي ڊاڙ اهڙيءَ ريت هڻندو هو، جيئن  ڪو پنهنجي  پهري جي ڪتي  يا ميل جي گهوڙي جي هڻندو هجي  ۽ ڀر وارن  دڪاندارن  سان شرطون ٻڌندو هو – ”آهي  ڪو ماءُ جو لال، جو ڏهه روبل شرط رکي ؟  مشڪا ٻن ڪلاڪن ۾ڏهه پائونڊ گوشت کائي ٿو !“

سڀني  کي پتو  هو ته اهو مشڪا جي ڏائي  هٿ جو کيل هو، تنهن ڪري جواب ڏيندا هئا، ”شرط ڪير رکندو؟ باقي جي تون چوين ته  گوشت  جو خرچ اسين ڀرينداسين ۽ تماشو ڏسنداسين.“ ۽ ٻيو هن کي سُرُ جهلائي چوندو هو، ”پر اهو هڏن کان سواءِ نجو گوشت هوندو.“

هڪڙي ڀيري شام جو هو اڃا  انهيءَ واهيات مذاق ۾هئا، ته اندران اونداهي دڪان مان هڪڙو ڏٻرو مڙس  ٻاهر نڪري آيو، هن جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل ۽ ڏاڙهي صاف هئي، هن جي بت تي ڊگهو ڪوٽ پهريل هو، جنهن  تي ڳاڙهي چمڙي جو پٽو اوني  ڦندڻن سان ويڙهيل هو، هو اچڻ سان پنهنجو ننڍڙو مٿو  ادب سان جهڪائي، پنهنجون خاموش اندر تي پيٺل اکيون کڻي، پنهنجي  مالڪ جي گول، ڳاڙهي ۽ ماس  سان ڦاٽندڙ منهن ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ جواب لاءِ ماٺ ڪري بيهي رهيو، مالڪ اتاڇري نموني  پڇيس، ”ڪيئن ڙي! سوئر جي سڄي  ران کائي ويندين ؟“

”ڪيتري وقت ۾؟“

”ٻن ڪلاڪن ۾.“

”البت مشڪل آهي.“

”ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“

”انهيءَ سان  گڏ شراب جا ڪجهه ڍڪ به ملڻ  گهرجن.“

”چڱو.“

پوءِ مالڪ ماڻهن کي ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ”ائين  نه سمجهجو  ته خالي پيٽ سان کائي رهيوآهي، نيرن تي دستور مطابق ٻه پائونڊ کاڌو اٿائين ۽ منجهند  جو ماني تي به پيٽ  خوب ڏلهيو اٿائين.

جهٽ پٽ ران آئي ۽تماشائي جايون وٺي ويهي رهيا،  واپاري پنهنجي ٿلهن  ڪوٽن  ۾ڪپڙن  جي ڳٺڙين  وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيا،  انهن  سڀني جا ڀڀ ٻاهر نڪتل هئا، ڪي پنهنجي  ٿولهه  جي ڪري ڪٻا  ٿي ويا هئا، پر سڀني جون اکيون  ننڍڙيون هيون، بيزاري ۽ بي مزگي انهن جي لا علاج  بيماري هئي. هو پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي کائيندڙ جي چوگرد گول ٺاهي  بيهي رهيا، مِشڪا کي گوشت وڍڻ لاءِ ڀريون ۽ کائڻ لاءِ مانيون ڏنيون ويون. پاڻ تي صليب  جو نشان  بنائي، هو هڪڙي  ان جي ڳٺڙيءَ تي ويهي  رهيو پنهنجي اڳيان پيل ٽيبل  تي ران  کڻي  رکيائين، ۽ پنهنجون چنجهيون اکيون ان ۾ کپائي ان جو جائزو وٺڻ لڳو.

گوشت جو وڏو ٽڪر ڪپي، مانيءَ جي ٿوري ٽڪر  جي وچ ۾ ڏيئي هڪڙو گرنهه ڪري وات ۾ وڌائين. هن جا چپ ڏڪڻ  لڳا، هن پنهنجي ڪتي جهڙي  ڊگهي زبان ڪڍي  چپن کي آلو ڪيو، ته هن جا تيز چڪيندڙ ڏند چمڪڻ  لڳا، ۽ گوشت کي چٻاڙڻ لاءِ ڄاڙيون هيٺ مٿي ڪرڻ شروع ڪيون.

”شروع  ٿي  ويو !“

”وقت ڏسجانءِ.“

سڀئي اکيون هن جي مشين جهڙي چٻاڙيندڙ منهن ۾کپي ويون. سڀئي هن جي ڄاڙين  جي هيٺ مٿي ٿيڻ ۽ وات جي چٻڪن کي چتائي ڏسڻ لڳا، جيئن ئي هن جي ٻاهر نڪتل کاڏي  هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، ته واپارين  بي حيائيءَ  وارا  چرچا شروع ڪيا.

”بلڪل رڇ وانگر ٿو کائي !“

”ڪڏهن رڇ کي ڀي کائيندو ڏٺو اٿئي ؟“

”ڇا، مان جهنگ  ۾ رهندو آهيان؟ منهنجي چوڻ  جو مطلب  هو ته رڇ وانگر ڳڙڪائيندو ٿو وڃي.“

”تنهنجو مطلب آهي سوئر وانگر.“

”سوئر، سوئر کي نه کائيندو آهي.“

سڀني  ۾ٽهڪڙو  مچي ويو، انهن  مان هڪ پنهنجي آزمودي مان چيو، ”سوئر ته سڀ  چٽ ڪري ويندا آهن، پنهنجا کير پياڪ ٻچا ۽ پنهنجون  ڀينرون به.“

هوريان هوريان مشڪا جو منهن ڪاراٽجي ويو، هن  جي ڪنن جون  پاپڙيون  نيريون ٿي ويون،  هن جون  مايوس اکيون  پنهنجن  کوپن مان ذري گهٽ  ٻاهر نڪري آيون، هن جو  ساه ڏاڍيان  کڄڻ لڳو، پر هن جي ڄاڙي ساڳيءَ رفتار سان هلندي رهي.

”مشڪا آرام سان  اڃا وقت پيو آهي.“

هو ڍڪرن ۾ پئجي ويو، اک کڻي  بچيل  مال جي ڪٿ ڪر ي، شراب جو ڍڪ ڀري، وري شروع  ٿي ويو، جيئن پوءِ تيئن تماشائي  موج ۾ايندا ويا، ۽  گهڙي گهڙي مالڪ جي هٿ ۾جهليل  واچ ڏانهن  نهاري هڪ ٻئي کي چوندا رهيا، ”اڙي ائين ته ناهي ته هن ڪانٽا  پٺتي ڪري ڇڏيا آهن !“ ”ڪنهن ٻئي کي ڏيو  ته اهو واچ جهلي!“مشڪا  کي اک ۾ رکجو، متان  ڪجهه گوشت جهوليءَ ۾نه لڪائي ڇڏي.“ ” ڪڏهن به وقت جي اندر پورو  ڪري نه سگهندو.“

انهيءَ تي مشڪا جي مالڪ گرم ٿي چين،”لڳي روبل روبل شرط؟ شاباس، مشڪا، شاباس!“ سڀ ماڻهو  هن سان بحث ڪرڻ لڳا، پر ڪنهن کي همٿ نه ٿي جو کڻي  هن سان شرط رکي.

مشڪا  برابر کائيندو رهيو، هن جي منهن جو رنگ سوئر جي ران جي چـَٽَ جهڙو ٿي ويو، هن جي چهنبدار نڪ  جون ناسون ڦنڊي ويون، ۽ هن جي حالت ڀؤ  جهڙي ٿي  ويئي. ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄاڻ ٿو بيان ڪري  چوي ته ”خدا لڳ، مون تي رحم ڪريو ؟“

نيٺ هو سڀ گوشت  چٽ  ڪري ويو، پنهنجون ڦرڪندڙ اکيون کولي گهگهي ۽ ٿڪل  آواز ۾ مئنيجر  کي عرض ڪيائين، ”هاڻي  مان سمهڻ  وڃان؟“

مئنيجر ڪاوڙ ۾ واچ ڏينهن نهاري، رڙ ڪئي،”اڙي سوئر! تو چار منٽ وڌيڪ لڳائي ڇڏيا! ائين چئي هو واپاري ڀائرن ڏانهن ڏسي  کلڻ لڳو.

هو سڀ  هن سان  چرچا ڪرڻ لڳا، - ”شڪر ڪر جو اسان توسان  شرط نه رکي نه ته چڱي سيکت اچي وڃئي ها.“

”ڪيئن  به هجي پر مڙس کائڻ جو ڀلا آهي–”خدا به انسان جي شڪل ۾ ڪهڙا نه ديو خلقيا آهن“-” چانهه  بابت ڇا خيال آهي؟“

پوءِ سڀ ٻڪرين جي ولر وانگر هوٽل ڏانهن ڌوڪيندا ويا.

مون کي عجب لڳندو هو  ته  انهن  جي پٿر  جهڙين  دلين ۾ اهو ڪهڙو جذبو هو، جو  هن گگدام  جي چوگرد ميڙ ڪري اچي بيهندا هئا، ۽ هن جي پيٽ ڦاٽڻ جيتري کارائڻ مان مزو حاصل ڪندا هئا؟

اهو تنگ ۽ تاريڪ دڪان  هر وقت ان جي ڳٺڙين، رڍن جي کلن،  نوڙين، جوتن ۽ گهوڙن جي سامان  سان سٿيو پيو هوندو هو، دڪانن جا ٿلها هوا، مينهن ۽ برف خراب ڪري ڇڏيا هئا، ۽ انهن  جي مٿان گارو لنبيل هوندو هو، جو هِتان هـُتان  نڪتو گهارا گهارا ٿيو  پيو هوندو هو، انهيءَ جڳهه جو سمورو نقشو مون کي ياد آهي، اهي رنگ ۽ روغن  کان محروم  ڀتيون، اهي شڪسته حال سرون، چوني  نڪري وڃڻ  ڪر ي پيدا ٿيل وٿيون، مطلب ته هر شيءِ منهنجي ذهن  جي ڦرهيءَ تي اڪرجي ويئي هئي.

اسان جي سامهون پيادل ويندڙ، ڪنارو ڏيئي پيا رڙهندا هئا. گاڏيون  ۽ مال سان سٿيل سليجون  هوريان هوريان چيڪٽ ڪنديون وينديون هيون، گهٽي پار ڪرڻ کان پوءِ چوسول وٽ  بازار هئي، جنهن ۾ منڊي لڳندي هئي. اتي خالي کوکا پلال، مروٽيل ڪاغذ، گپ ۽ لتاڙيل، برف جا ڳنڍا ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا.

هر ڪا شيءِ ماڻهو توڙي گهوڙا، هلڻ چلڻ جي باوجود بي حس ۽ بي حرڪت لڳندا هئا، ائين لڳندو هو، ڄڻ ته هو پنهنجي ڪنهن خيالي مدار جي چوگرد، جنهن سان ڪنهن گمنام رشتي  ۾هو ٻڌل هوندا هئا، ڦرندا ٿي رهيا. جهٽ ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو، ڄڻ ته اُنهن جي زندگي بي آواز هئي يا ته آواز اهڙو سنهڙو هون، جهڙي گونگي جي ماٺ. سليج چيڪٽ ڪندا ويندا هئا، دڪانن  جون دريون  کڙڪڻ لڳنديون هيون،گهورڙين جا هوڪا بلند ٿيندا هئا، پر انهن سڀني جي لهجي ۾مايوسي ۽ مجبوري هوندي هئي. اُهي سڀئي هڪڙي مرضيل ڍنگ ۾ ٻڌڻ  ۾ ايندا هئا ۽ جلد ئي ماڻهو انهن سان ايترو مانوس  ٿي ويندو هو، جو اهي ڄڻ ٻڌڻ ۾ئي نه ايندا هئا !

اويل سويل،  ڪنهن نه ڪنهن  موت  تي وڄندڙ گرجا جا گهنڊ منهنجي ڪنن ۾ وڄندا رهندا هئا، اهو ماتم ڀريو آواز صبح کان وٺي  شام تائين اسان جي ڪنن جي مٿان ڇانيو رهندو هو، ان آواز  منهنجن  خيالن  ۽ جذبن کي وڪوڙي ڇڏيو هو، ۽ منهنجي ذهن  کي اهو اهڙيءَ ريت گهيري ويو هو،  ڄڻ ته اُن  جي چوگرد ٽامي جو قلعو قائم ڪري ڇڏيو  هئائين.

زمين تي ڪريل برف جي ليڙون ليڙ داغدار دامن، ڇتين جي مٿان ڪريل برف جي ميرانجهڙن تهن، گوشت جي وڍيل  ٽڪرن  وانگر ڀتين جي سرخ سر ُن – مطلب ته  هر ڪنهن  شيءِ مان غمگيني،  سرد مهري ۽ غربت پيئي بکندي هئي. گهرن ۽ ڪارخانن  جي چمنبن مان غمگيني دونهين جي صورت ۾ نڪرندي هئي ۽  مٿي آسمان جي خلا ڏانهن هلي ويندي هئي. غمگينيءَ ۾ ڳهندڙ گهوڙا ڦوڪارڻ  ۽ ماڻهو شوڪارن  ۾ پورا  هوندا هئا. هتي  جي ماڻهن ۾ هڪڙي  پنهنجي قسم جي گهري ۽ گندي پگهر، سڻڀ، سوئر جي چرٻيءَ، خاڪ ۽ دونهين جي گڏيل  سڏيل  ڌپ  هوندي هئي. اها ڌپ  ماڻهوءَ  جي مغز  ۾ ائين گهر ڪري ويندي هئي، جيئن  سياري ۾ڪنٽوپ سڄي  مٿي کي ڍڪي  ڇڏيندو آهي. ماڻهوءَ جي دل منجهڻ لڳندي هئي ۽ مٿو اهڙو  ڦرڻ لڳندو هو، جو جيءُ چاهيندو هو ته اکيون  بند ڪري، وٺي  واڪا ڪجن، ۽ ڊڪ پائي، وڃي  پنهنجو مٿو ڀت سان هڻجي.

مان واپارين جي منهن ڏانهن گهوري نهاريندو هوس. اُهي متل هوندا هئا ۽ رت سان پيا ڦاٽندا هئا. هو اهڙا ٽوٽي ۽ سست لڳندا هئا، ڄڻ ننڊ مان هاڻي اٿيا آهن،  ۽ ڪنڍيءَ ۾ ڦاسي، ڪناري تي آيل مڇيءَ وانگر وات پٽي، هميشه پيا اوٻاسيون ڏيندا هئا.

سياري ۾بازار سرد هوندي هئي، واپارين  جي اکين  جي اُها چستي ۽ چمڪ جيڪا ٻين موسمن  ۾سندن جوش ۽ اتساه کي عيان ڪندي هئي، گهٽجي ويندي هئي. هنن جي جسمن تي جيڪي ڳورا پشم جا ڪوٽ پيل هوندا هئا، انهن کان هنن جا بدن جهڪي ويندا هئا ۽ رفتار ڍلي  ٿيو ويندي هئين، هنن  جو ڳالهائڻ ڍلو  هوندو هو، پر ڪاوڙ ويل انهيءَ ۾ دل پئجي ويندو هو. مون کي ائين لڳندو هو ته انهن ڪاوڙ انهيءَ ڪري ٿي ڪئي، جيئن ڏيکاري سگهن ته اڃا  هنن جي جسم ۾جان آهي.

مان چٽيءَ ريت ڏسي سگهندو هوس ته اداسائي  ڪهڙيءَ  ريت نه هنن جو انت آڻي رهي هئي هنن جي غمگين رهڻ جو ۽ ٻين  ماڻهن کي پنهنجي  واهيات مسخرين سان  تڪليف پهچائڻ  جو فقط هي سبب هو ته هو سدائين پنهنجيءَ اُن  اداسائيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ڦاٿل  هوندا هئا.

مان ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ بابت پيٽر سان ڳالهائيندو هوس. جيتوڻيڪ مون سان  هن جي روش گهڻو  ڪري ٽوڪ  ۽ ٺٺول ڀري هوندي هئي، ته به منهنجي  ڪتابن پڙهڻ  جي چاه تي هو خوش ٿيندو  هو ۽ ڪڏهن  ڪڏهن  کـُلي،  گنڀير ٿي ڳالهائيندو هو ۽ سمجهائيندو هو.

”هي واپاري جنهن نموني  جي زندگي گذاري رهيا آهن، ان کان  مون کي نفرت آهي.“ مون چيو.

پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي پنهنجن  ڊگهين آڱرين ۾ مروڙيندي، وراڻيائين، ”تو کي  خبر آهي  ته هو ڪيئن  رهن ٿا، تون هنن جي گهرن  ۾ ڪڏهن ويون آهين؟ منهنجا دوست، هيءَ ته گهٽي  آهي، گهٽيءَ ۾ ته ڪوبه ماڻهو رهندو ڪين آهي. ماڻهو هتي صرف ڌنڌو ڪندا آهن، جڏهن اهو ختم ڪندا آهن، تڏهن جيترو ٿي سگهندو اٿن، اوترو  جلد هو  پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا آهن. ٻاهر  ماڻهو ٺٺ ڪري نڪرندا آهن. توکي خبر آهي  ته اُنهن جي پوشاڪن جي اندر ڇا آهي؟ ماڻهوءَ جو صحيح پتو هن جي گهر جي چوديوارين جي اندر پوي ٿو  ۽ توکي ان جو ڪجهه به پتو ڪونهي !“

”اِهو بلڪل ٺيڪ آهي، پر ڇا، هنن جا خيال هتي ساڳيا گهر وارا نه هوندا آهن ؟“

”توکي  ڪيئن پتو پئجي سگهندو ته تنهنجي  پاڙيسريءَ جي دل ۾ ڇا آهي؟“ پوڙهي پيٽر اکيون ڦرڪائيندي چيو، ”ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي خيالن جو اندازو ڪري نٿو سگهي، اها ڳالهه ممڪن آهي ته  ماڻهو جڏهن پنهنجي گهر واپس پهچي ٿو ته  پنهنجن گوڏن تي جهڪي، ڳوڙها  ڳاڙيندي، ڌڻيءَ کي ٻاڏائي چوي ٿو، ته ’منهنجا مالڪ! مون کي بخشجانءِ، مون اڄوڪو سڄو ڏينهن بيهودگين  ۾ گذاري  خراب ڪري ڇڏيو!‘ جتي هو اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي مالڪ جي اڳيان  حاضر  ٿئي ٿو. هر ڪو  ڪوريئڙو پنهنجي ڪنڊ پاسي  ۾خوش آهي، پنهنجو ڄار اڻي ٿو،  ۽ پنهنجي  روءِ سوءِ رهي ٿو.“

سنجيديءَ گفتگو  ويل هن جو آواز  ايترو ته  جهڪو ٿي ويندو هو، ڄڻ ته  ٻئي کي ڪا راز جي ڳالهه ٻڌائيندو هجي.

”تو وري ماڻهن  تي فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، تون اڃا ننڍو آهين. تو جيتريءَ عمر  واري ماڻهوءَ کي ائين  مٿي کپائڻ  کان وڌيڪ  اکيون کولي ڏسڻ جي ضرورت آهي. توکي اکيون  کولي سڀ ڳالهيون جانچڻ گهرجن. جيڪي ڏسين، دل ۾ سانڍي  ڇڏ، ۽ وات بند رک. دماغ جو واسطو ڌنڌي  سان ۽ دل  جو واسطو ايمان  سان آهي. پڙهڻ  چڱو  آهي، پر پرجهڻ  بهتر، ڪيترائي اهڙا ماڻهو  آهن، جي پڙهي چريا ۽ بي دين ٿي  ويا آهن.“

مان هـُن کي غير فاني سمجهندو هوس.منهنجي  لاءِ اِهو يقين  ڪرڻ ڏکيو هو ته هو ڪو ٻڍو ٿي رهيو  آهي،  ۽ هـُن  ۾ڪو ڦيرو  اچي رهيو آهي.  هو بدنام ٺڳن ۽ دوکيبازي جون ڳالهيون ڏاڍي  چاه سان ٻڌائيندو هو. اهڙيون ڳالهيون  اڳي ئي ناني ٻڌائي، منهنجو پيٽ ڀري ڇڏيو هو، ۽ هـُن جي ڳالهين  جو ڍنگ پيٽر کان وڌيڪ مزيدار هوندو هو، پر ٻنهي جي ڳالهين جو مقصد ساڳيو هوندو هو، ته دنيا  جي دولت  خدا ۽ انسان  ٻنهي  کي رنجائڻ سان  گڏ ٿئي ٿي. ناني وانگر  پيٽر  جي دل ۾ به انسانن  لاءِ همدردي ڪانه هئي،  باقي  خدا جي ذڪر  ويل  هن جو آواز  به نرم ٿي ويندو هو،  ۽ ٿڌو ساهه ڀري هٿ کڻي. اکين تي رکندو هو –

”ٻين کي ته ڇڏيو، پر ماڻهو خدا  کي به ٺڳڻ  جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ يسوع مسيح جڏهن اهو ڏسي ٿو تڏهن ڏک مان چوي ٿو، ’او انسانو! منهنجا ناشاد انسانو ! اوهانجي لاءِ دوزخ جي باه ڀڙڪي رهي آهي.“

هڪڙي ڏينهن چيومانس، ”پر تون پاڻ به ته ڳوٺاڻن کي ٺڳين ٿو.“

هن کي ان ڳالهه تي ڪابه مٺيان نه لڳي، ۽ چوڻ لڳو، ”انهيءَ تي ڇا جي لاءِ ويهي ڳڻتي ڪريان؟ مان هنن کي ڪهڙو ٺڳيندو آهيان. اِهي ٻه ٽي روبل – اها ته ڪا وڏي رقم ڪانهي.“

جيڪڏهن هو انهيءَ وقت اچي نڪرندو  هو، جڏهن مان ڪتاب  ويٺو پڙهندو هوس، ته منهنجي هٿن مان ڪتاب کسي، جيترو پڙهيو هوندو هوم، انهيءَ تي سوال پڇڻ  شروع ڪندو هو، پوءِ عجب  ۾ منهنجي  مئنيجر  کي رڙ ڪري چوندو هو،  ”اڙي  سائين  ٻڌ ته ! هي ڇوڪر ڪتابن کي خوب ٿو سمجهي!“

هڪ ڀيري، ان کان پوءِ هن جيڪا  تقرير ڪئي هئي اها منهنجي  حافظي  ۾اڃا محفوظ آهي –

جيڪي ڪجهه چوان ٿو اُنهيءَ جي ٻڌڻ  مان تنهنجو  فائدو آهي. گهڻو وقت ٿيو، ٻه لاٽ پادري هئا. هڪڙو اسڪندريه ۾ رهندو هو ۽ ٻيو جيروسلم ۾. اسڪندريه واري پادريءَ  هڪڙي دهرئي، جنهن جو نالو اسٽوريس هو، جي  خلاف جهاد ڪيو، ان دهرئي جي دماغ  ۾هڪڙو  ڪمينو  خيال اچي پيدا ٿيو هو  ته، ’بيبي مريم  کان سچ پچ گناه  ٿي ويو هو، تنهن ڪري هوءَ عيسيٰ جي ماءُ  نه هئي ۽ ان جو ٻار انسان هو، پر ان ۾ڪي اهڙيون خوبيون هيون، جن هن کي مسيح“ بنائي ڇڏيو هو، تنهن ڪري مريم کي عيسيٰ جي ماءُ نه پر  مسيح جي ماءُ ڪوٺڻ گهرجي،”توکي اها ڳالهه سمجهه ۾اچي ٿي نه؟ اهو ڪفر آهي! جيروسلم  جي پادريءَ  وري آريه قوم وارن  کي خوب ٽوٽا  چٻايا.“

مان هن جي مذهبي ڳالهين ٻڌڻ  ۾ گم ٿي ويندو هوس. هو  پنهنجي  ڏاڙهي  کي بلڪل پادرين وانگر  هٿ ڦيري، ڊاڙ هڻي،  چوندو هو، ”مان مذهبي تاريخ جي معلومات جو ماهر آهيان. هڪڙي ڀيري ماسڪو ۾بي دين  نڪونائيٽ فرقي وارن سان سندن عقيدن ۽ اصولن تي مناظرو ڪرڻو پيو.  هنن  جي پادرين،  پڙهيلن ۽ جاهلن سڀني سان  منهن ڏنم، ها ها، انهن جي پروفيسرن  سان به بحث مباحثا ڪيم، انهن مان  هڪڙي  کي منهنجن لفظن جو ڌڪ اهڙو سنڌائتو لڳو، جو نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس.“

اهڙين ڳالهين وقت هن جي ڳلن ۾ جوت  پيدا ٿي ويندي هئي. هن جي لاءِ هن جي مخالف جي نڪ مان رت وهڻ، هن جي وڏي فتح هئي، اهڙين   ڳالهين  ڪرڻ ۾هن کي بي انتها  خوشي حاصل  ٿيندي هئي.

”اهو  پادري شڪل جو سهڻو ۽ بت جو سگهارو هو. هو ٿلهي تي بيٺو هو ۽ هن جي نڪ مان رت  جا ٽيپا ڪري رهيا هئا. هن کي کپندو هو ته شرم وچان ڍڪڻ  ۾ ڍڪ پائي ٻڏي ها. پر بي نڪو هو. ڪاوڙ ۾ مڇريل شينهن وانگر  گجگويون پئي ڪيائين. هن جو آواز گهنڊ  وانگر  ڍان  ڍان  ڪري رهيو هو،  پر منهنجا  لفظ تير وانگر  هن جي پاسرين  جي وچ مان اندر هليا ٿي ويا. اهو ماڻهو باه جي کوري  مثل هو، ڪفر جي نفرت ڀريل باه  هن جي اندر  ۾مچ دکائي  ڇڏيو هو، ۽ اُها ئي  هن جي لاءِ  وڏي سزا هئي.“

ڪڏهن ڪڏهن اسان  جي دڪان  تي ٻيا به دين جا پختا  معتقد ماڻهو  ايندا  هئا. انهن ۾هڪڙو بت ۾ ڀريل  ۽اک سان ڪاڻو پاخومي نالي  شخص هوندو هو. هن  جو منهن هميشه  شوڪيل هوندو هو، ٻيو  بندري قد وارو  پوڙهو  ليوشان هوندو هو.  هن جي چال ڪئي وانگر  سانتيڪي، طبيعت ۾ نرمي ۽ وهنوار  ۾ چستي هوندي هئي، ليوشان سان گڏ هڪڙو ٻيو گندو ديو جهڙو ماڻهو  هوندو هو، جيڪو  ڪوچوان  وانگر  لڳندو هو، جيتوڻيڪ هن جو قد بت شانائتو ۽ ڏاڙهي  ڪاري هوندي  هئي، ته به  هن جو منهن موت جهڙو ڀوائتو  لڳندو هو، ۽ هنجون اکيون هڪ هنڌ گهوري پيون نهارينديون  هيون. هي ماڻهو هميشه  پاڻ سان  وڪڻڻ لاءِ ناياب ڪتاب قديم مجسما ۽ پيالا وغيره کڻي  ايندا هئا. ڪڏهن  ڪڏهن  هن سان گڏ  وولگا جي ڪنارن تي رهندڙ ڪو پوڙهو مرد يا ٻڍي عورت به ساڻ  هوندي هئي.  جڏهن سودو ٿي ويندو هو، ته هو اسٽولن تي ائين  چڙهي  ويهندا هئا، جيئن  ڪانءَ ٽاريءَ تي. پوءِ بسڪوٽ  ۽ چانهه  اچي ويندي هئي ۽ نڪونائيٽ فرقي وارن جي پکڙيل بڇڙاين جو ذڪر شروع ٿي ويندو هو –

’.....شهر  جي هڪڙي گهر تي پوليس  چڙهائي ڪري، اُنهن  جا ڪتاب  ضبط ڪري ڇڏيا  هئا، ٻيو گهر، جو هنن جي عبادت  لاءِ ڪم ايندو هو، تنهن کي پوليس فقري 103 مطابق بند ڪري ڇڏيو هو ۽ مالڪ تي مقدمو داخل ڪيو هو، انهيءَ فقري بابت هميشه  پيا  مٿي ماري ڪندا هئا، پر ان جو ذڪر هو پاڻ به  اهڙي ڍنگ سان ڪندا هئا،  جو ڄڻ سياري جي پاري وانگر ڪڏهن نه ڪڏهن ان جو منهن کين به ڏسڻو  پوندو، پوليس،  چڙهائي، جيل، ڪورٽ، سائبيريا جا  لفظ به ڳالهائڻ  ۾اهڙي  ريت  ڪتب آڻيندا  هئا، جو ڄڻ  ڪنهن  ڏينهن حضرت عيسيٰ وانگر  مٿن به ڪو مذهبي  مقدمو  هلي سگهيو  ٿي. هنن جا اُهي  لفظ  منهنجي اندر ۾ٻرندڙ ٽانڊن وانگر دکڻ لڳندا هئا،  ۽ هنن جي ساده دليءَ ۾ پختي ايمان کي ڏسي، منهنجي دل ۾ هنن لاءِ همدرديءَ ۽ برادريءَ جا جذبا پيدا ٿي ويندا هئا. ڪتابن جي مطالعي مون کي اُنهن ماڻهن جي  عزت ۽ قدر ڪرڻ سيکاريو هو، جن جو ارادو مضبوط آهي ۽ پنهنجي مقصد کي سوگهو جهلي ٿا بيهن. مان زندگيءَ  جي مسئلن ڏانهن  انهن  جي اجائي ۽ بڇڙيءَ روش کي نظر  انداز  ڪري ڇڏيندو هوس، ۽ هنن  جي صرف بردباديءَ ۽ همت ۽ حوصلي  ڏانهن ڏسندو هوس، جنهن  جي لاءِ هو وڏي قرباني ڪرڻ لاءِ  به تيار  هوندا هئا.

پر پوءِ جڏهن انهن سـَنـَون سڌن ماڻهن کان سواءِ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي  ماڻهن  سان منهنجي ملاقات ٿي، ته منهنجي سمجهه ۾آيو ته اِها سندن ايمان  جي پختگي نه پر اُها شيءِ هئي، جا ماڻهن  سان مٽيءَ جي تهه وانگر  چمبڙي  ويندي آهي، جڏهن  هو اهڙي  هنڌ پهچي  ويندا آهن،  جتان  هو اڳتي  وڌي نه سگهندا آهن، نه ئي  هنن ۾ اڳتي وڌڻ  جي سگهه ۽ خواهش هوندي آهي! صرف  لفظن  ۽ تصورات جي ڄار  ۾ڦاٿل  هوندا آهن، سندن  ارادي جي  قوت بي سرت ٿي  ويندي آهي، جنهن ۾ مستقبل ڏانهن ڏسڻ جي صلاحيت باقي  نه رهندي آهي، ۽  اهڙن وقتن تي جيڪڏهن  هو پنهنجي چيلهه سان ٻڌل اُنهيءَ رسيءَ مان آزاد به ٿي پون، ته به  پستيءَ ڏانهن اهڙي طرح  هليا ويندا آهن،  جيئن  جبل  جي چوٽيءَ تان پٿر. هنن جي ذهنن  ۾ خارش  جي مرض ۾ ورتل  اهڙي ماڻهوءَ  جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي، جو هو پنهنجن اُنهن ڏکن ۽ تڪليفن مان به مزو ماڻڻ  لڳندا آهن. اِئين هو پراڻيءَ  راهه تي  پنهنجن پاروٿن خيالن جي قبرستان  ۾ قيد  ٿي  ويندا آهن-۽ جيڪڏهن  کانئن هڪدم سندن تڪليفن ۽ ڏکن  جون اُهي ڳالهيون به کسي ورتيون وڃن، ته هنن جو  مرڳو وجود ئي اهڙيءَ طرح غائب ٿي ويندو، جهڙيءَ طرح سج نڪرڻ سان ڌنڌ جو وجود اڏري ويندو آهي.

ظاهر آهي  ته جن عقيدن لاءِ هو ايتري  شوق ۽ فخر سان  پنهنجون جانيون  ڏيئي  ڇڏيندا هئا، انهن تي ڪنهن شڪ  يا سوال جي وٽن گنجائش نه هئي. پر سندن اهي عقيدا اهڙي  وڳي وانگر هئا، جنهن تي ايتري مٽي ۽ مـَر ُ ڄمي وئي هئي، جو انهن  جو وقت جي ڳاراڻي کان بچڻ مشڪل هو. انهن ماڻهن جا خيال تعصب جي صندوقن ۾بند ٿي ڪري، پنهنجو  پاڻ دفن  ٿي ويا هئا، ۽ اُنهن خيالن جون صورتون  ايتريون  ڳري کپي ۽ ميٽجي  ويون هيون، جو خود کين به معلوم نه هو ته  اهي سندن  خيال ڇا هئا ۽ ڇا لاءِ هئا، ۽ ان ڳالهه جي هنن کي  ٿوري به پريشاني  نه هئي.

اسان جي گهاڻي وانگر هلندڙ  زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون  ڳالهيون آهن، جي انهن پراڻن، رواج ۾ آيل  بي سـُرتئي عقيدي تي ٻڌل  خيالن کان وڌيڪ  دکدائڪ ۽ نقصانڪار  آهن، اهڙين ڳالهين جي اوٽ ۾، پٿرن جي ديوارن  جي ڇانوري وانگر،  نئين  شيءِ جي واڌ ڍلي، بدزيبي ۽ ڪمزور ٿئي ٿي. اهڙن اداس  عقيدن جي پاڇي  ۾ محبت ورلي چمڪي ٿي. انهيءَ جي بدران اُتي بي  عزتي رنج،  بغض، حسد ۽ ساڙ،  جن جون  پاڙون نفرت جي زمين  ۾ آهن، اسرن ٿا. اهڙن عقيدن ۽ ويساهن جي روشني فاسفورس جي جلد فنا ٿيندڙ تجليءَ مثل آهي، جيڪا ڀڙڪو ته کائي ٿي،  پر اُن  ۾ آڏو  ڏسي ڪجهه به نٿو سگهجي.

 اُنهيءَ حقيقت تائين  پهچڻ  کان اڳ مون  ڪيترائي ڀوائتا  سال بسر ڪيا، جن ۾ پنهنجي من جا ڪيترائي بت ڊاهي، ڍيري ڪري، ٻاهر ڦٽا ڪري ڇڏيم. پهرين  پهرين جڏهن  منهنجي  پيٽر جهڙن پنهنجي  زندگيءَ جي استادن  سان ملاقات ٿي هئي ته  ماحول  جي گهمسان ۽ گنديءَ گپ ۾ گتو پيو هوس، ۽ تڏهن انهن جي ظاهري  روحاني  طاقت کان تمام گهڻو  متاثر ٿيو هوس، مان سمجهندو هوس  ته اُهي دنيا  جون بي مثال  هستيون هيون،گهڻو ڪري انهن مان هر  ڪنهن کي  ڪورٽ جو منهن، جيل  جي هوا،  ملڪ نيڪالي  نصيب ٿي هئي. ڪڏهن هو پاڻ  جهڙن ٻن جوابدارن سان گڏ هنڌان هنڌ تڙيا ويا هئا،  مطلب ته انهن سڀني بيوسيءَ،  محروميءَ ۽ خوف  ۽ هراس واري زندگي  گهاري هئي.

مون جلد ئي محسوس ڪيو ته  پراڻي  وقت ۾ رهندڙ ماڻهو، جي نڪونائيٽ فرقي  وارن جي هڪ ٻئي  کي بچائڻ لاءِ روپوش ڪري ڇڏڻ واريءَ روش تي چٿرون ڪندا هئا، پاڻ به نه رڳو  هڪ ٻئي  کي پر خود پنهنجي پاڻ کي به روپوش ڪيو ويٺا هئا،  ۽ ان روپوشيءَ مان  ٻاهر نڪرڻ لاءِ  تيار نه هئا.

ڪٻڙو  پاخوسي،  جڏهن شراب جي نشي ۾ چور هوندو هو، ته پنهنجي حافظي جي ٻٽاڪ  هڻڻ شروع ڪندو هو. هن کي يهودين  وانگر ڪيترائي مذهبي  ڪتاب ياد هئا، هو ڪتاب جو ڪوئي  صفحو  کولي،  ڪنهن سٽ تي آڱر رکندو هو، ۽ جنهن اکر تي هن جي آڱر  پوندي هئي، اتان وٺي پڇاڙيءَ تائين  سواءِ ڪنهن هٻڪ جي لس پڙهي ويندو هو، هميشه هن جي هڪ اک اُن وقت  زمين تي هيڏانهن هوڏانهن  پيئي  ڦرندي هئي، ڄڻ  ته اُها  ڪنهن وڃايل خزاني جي تلاش ۾ هوندي هئي.

اهڙي ڪرتب  ڏيکارڻ لاءِ گهڻو ڪري هو پرنس  مشپتڪسيءَ جو ”روسي انگورن جي ول“ نالي ڪتاب آڻيندو هو،   ۽ ان  کي به هو اهڙيءَ  اٽڪل سان  کوليندو هو، جو هميشه ساڳيو باب  نڪري ايندو هو، جيڪو  کيس برزبان ياد هوندو هو،  پوڙهو پيٽر  وري هن جي ٽاڪاڻن ڪڍڻ لاءِ هوشيار  ويٺو هوندو هو.

 بس، هنن جي علم  ۽ عقل  جي دنيا اها هئي، جنهن ۾ هو گم هئا.

”ائين غلط آهي ! اهو حضرت سائپريان  نه پر پاڪ ڊينس  ٿيڻ  گهرجي.“

”ڪهڙو ڊينس؟ شايد تون ڊائنيشس بابت چوندو هوندين.“

”لفظن کي نه منجهاءِ !“

”پنهنجا واعظ بند ڪر !“

جلد ئي ٻيئي  ڪاوڙ ۾ ڀرجي، هڪ ٻئي سان شوخ ٿي، ڳالهائڻ  لڳندا هئا، پيٽر  رڙ ڪري چوندو هو، ”سچ کي بگاڙيندڙ، بي شرم، منهنجي  اکين اڳيان ٽري وڃ!“ ۽ پاخومي جواب ۾ واڪو ڪري چوندو هوس، ”اڙي بدمعاش  ٻڪر،  تون  وري  ڪهڙو  چڱو  مڙس آهين، هميشه  رنن جي پٺيان  نوس نوس ڪندو وتندو آهين !“

منهنجو مئنيجر ڇوڪرن  وانگر جوش ۾ اچي، پنهنجي قميص جي ٻانهن کي مٿي ڪندي، هنن ٻنهي  مذهب جي چڱن مڙسن سان هڪ نه ٻئي  کي هشي ڏيئي، چوندو هو،  ”واه جو ٻڌايئيس ! اِنهيءَ جي لائق هو!“

هڪڙي ڀيري پيٽر پنهنجي مخالف کي منهن واري چماٽ وهائي ڀڄائي ڪڍيو، پنهنجي منهن تان پگهر اگهندي  ڀڄندڙ  کي چيائين،”اهو گناه تنهنجي  مٿان آهي خدا جي لعنت  هجئي! تو ئي منهنجي هٿ کي گناه ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.“

پوڙهي کي پنهنجن ساٿين تي الزام هڻڻ  مان ڏاڍي  خوشي  ٿيندي هئي  ته هنن ۾ ايمان  جو جذبو  گهٽ آهي، ۽ هنن کي پيشنگوئيءَ طور چوندو هو ته، ڏسجو، اوهين ڪنهن ڏينهن  پرو ٽيسٽنٽ ٿي ويندا !“

هڪ ڀيري ڏاڍي  رازداريءَ  سان  مون کي  چيائين، ”اها سڄي چوچڙي هـُن ويڙهو ٻانگي ڪڪڙ  اليڪساشيءَ جي لڳايل آهي.“

پروٽيسٽنٽن کان  هن کي سخت چڙ هئي، پر جڏهن مون پڇيومانس ته انهيءَ فرقي جا اصول ڪهڙا هئا ؟ ته ڪو سمجهه  ڀريو جواب  ڪو نه ڏئي سگهيو –” انهن کان وڌيڪ  ٻيو ڪافر  ڪونهي. اهي هر ڳالهه  کي عقل تي پرکيندا آهن ۽ خدا کي به نه مڃيندا آهن. هو انهيءَ انجيل کان سواءِ ڪجهه نه پڙهندا آهن. جنهن کي جرمنيءَ  جي هڪڙي رهاڪوءَ ’لوٿر‘ ٺاهيو آهي. ’لوٿر‘ نالو ’لوسيفائر‘   (شيطان ) لفظ  مان نڪتو آهي، لٿر  ڪوڙهيو، ڪوڙهيو لوٿر،  انهيءَ جي معنيٰ ’ڪوڙو به آهي، اِها  سڄي  بدعت هيڏانهن اِنهن الهندي جي ملڪن مان آئي  آهي ۽ هاڻي ته عام جام پکڙجي رهي آهي.“

پنهنجي منڊي ٽنگ زمين تي هڻي سرد لهجي ۾ چوندو هو، ”ڏسجانءِ هو مقدس مريم  جي امتي فرقي وارا اِنهن جو سر کڻندا، اُهي سدائين اِنهن کي پنهنجيءَ  اک ۾ رکيو ٿا وتن  ۽ جڏهن ور چڙهندن ته باهه  جو بک  بنائي ڇڏيندن ! هو اسان  جو وار به ونگو ڪري نه سگهندا، ڇاڪاڻ  ته اسان  جو عقيدو سچو ۽ اصلي، اسان جي اڀرندي پٽ وارو  عقيدو آهي، جنهن جو بنياد پختي  روسي  عقيدي تي آهي، پر هنن جو عقيدو ان الحادي الهندي پاسي کان ورتل  ۽ ايمان  بدران  عقل  تي ٻڌل آهي،  اهي جرمن  ۽ فرينچ، انهن  کان ڪڏهن  ڪا چڱي  ڳالهه  به ٿي آهي؟ ٿوروخيال ڪر ته انهن 1812ع ۾ هتي ڪهڙا قهر ڪيا هئا ـــ “

هن کان جوش  ۾ اها ڳالهه ئي وسري ويئي ته هو ڪو  مون ڇوڪري سان ڳالهائي رهيو هو، پنهنجن سخت  هٿن سان منهنجي  پٽي کي جهلي  مون کي گهڙي  پاڻ  ڏانهن پئي  ڇڪيائين ۽ گهڙي  پٺتي  پئي  ڪيائين، ۽ روانيءَ جوش ۽ جوانن واري کڙڪي سان ڳالهايئين به پئي، -”اهڙي انسان جو روح پنهنجي خيالن ۾جي گهاٽي جهنگ برابر آهن، ڀٽڪندو ٿو رهي، ائين جيئن بگهڙ ڀٽڪندو آهي، ۽ آخر  شيطان جي ور چڙهي اهو خدا جي طرفان  رکيل عذاب ۾وٺجي وڃي ٿو. انهن شيطان جي چيلن  ڇا نه ڪيو آهي؟ انهن  غير مقلدن جن  ڪفر جي اها  وبا ڦهلائي آهي، ته بزرگن جو چيو نه مڃو، ڪم کي لت هڻو ۽ ٻارن ٻچن  کي ڇڏي ڏيو ! انهن  جي ڳالهين  ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهو  ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي، نه ئي هن کي ڪنهن چڱائي جو خيال رهي ٿو، شيطان هن کي اشارا ڏيندو  رهي ٿو ۽ جيئن  هن کي من ۾اچي ٿو، تيئن ڪندو ٿو رهي. ٻڌڻ  ۾اچي ٿو ته اهو مردود اليڪساشي  وري  هتي پهچي ويو آهي.“

منهنجي مئنيجر مون کي ڪنهن ڪم لاءِ اندر سڏ ڪيو  ۽ مان هن کي اڪيلو  ڇڏي هليو ويس، پر هن کي بس نه آئي،  هو پنهنجي ليکي  ڳالهائيندو  رهيو – ”اي ڪمزور روح ! ازل  کان انڌا! تنهنجي نجات لاءِ مان ڪيڏانهن وڃان!“ انهيءَ کان پوءِ هو ماٺ ٿي ويو، ۽ چپ چاپ آسمان ڏانهن  گهورڻ لڳو.

هو جيئن پوءِ تيئن مون ڏانهن زياده توجهه ڏيڻ لڳو ۽ مون  سان وڌيڪ  مهربانيءَ  سان  پيش اچڻ لڳو، جڏهن  مون کي پڙهندي ڏسندو هو ته منهنجي ڪلهي تان پٺيان ڪتاب ڏانهن  نهاري،  چوندو هو، ”پڙهه  منهنجا پٽ  پڙهه ! اڳتي توکي ان جو فائدو رسندو. توکي کڻي ڪيترو ئي عقل ۽ سمجهه هجي،  پر وڏن  کي چڱي نگاه سان نه ڏسڻ  بري ڳالهه آهي. تون پاڻ کي سڀني کان سرس  ٿو سمجهين، پر تنهنجي اها گستاخي توکي خبر آهي، ڪٿي پهچائيندي؟ سنئون  سڌو جيل  ۾يا دوزخ ۾. جيڪو  وڻيئي  سو پڙهه، پر اِها ڳالهه دل ۾ رکجانءِ  ته ڪتاب  مڙئي  ڪتاب آهن. ماڻهوءَ جي سمجهه وڏي  وٿ آهي، ڊانيلو، خلسٽ فرقي  جو باني، پڙهي پڙهي  نيٺ انهيءَ ڳالهه تي  اچي پهتو ته پراڻن  توڙي  نون ڪتابن  جو ڪو ضرور ڪونه هو، پوءِ ڪتابن جي ڀري ٻڌي، درياهه جي حوالي  ڪري ڇڏيائين، انهيءَ ۾ڪو شڪ ڪونهي ته اِهو  احمقن وارو ڪم ڪيائين، پر - ۽ هاڻي  هو ڪتو اليڪساشي چؤطرف نوسيندو، ۽ ماڻهن جا دماغ خراب ڪندو وتي.“

انهيءَ عجوبي، اسان جي اڻ ڏٺل اليڪساشيءَ، جو ذڪر هر وقت هن جي وات ۾ هوندو هو. هڪڙي  ڏينهن هو پنهنجن خيالن ۾ گم ۽ سهميل  حالت  ۾ دڪان ۾ داخل ٿيو، ۽ دڪان جي مئنيجر کي چوڻ  لڳو، ”اليڪساشي ڪالهه شهر ۾ پهچي  ويوآهي! پر مون کي لڀي نه سگهيو آهي! شايد پاڻ کي ڪنهن مخفي جـُوهه ۾ لڪائي  ڇڏيو اٿائين! مان هتي گهڙي  ويهان ٿو، ممڪن آهي ته هو هتي ئي اچي نڪري !“

منهنجي مئنيجر رازداريءَ مان چيس، مون کي ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪنهن ڳالهه جي ڪا خبر ڪانهي... ائين نه !“

پوڙهي ڪنڌ لوڏيندي چيس. ”ها بلڪل! تون رڳو پنهنجن گراهڪن  جي خيال ۾ رهه. انهيءَ وچ ۾، ڪو چانهه ڍڪ پيار !

جڏهن مان ٽامي جي وڏي  چانهه جي ڪيٽلي کڻي آيس ته  ڏٺم ته ڪي ٻيا حضرت به اچي حاضر ٿي هئا،  ٻڍو ليوشان مرڪي  رهيو هو، ۽ دروازي  کان پري اونداهي ڪنڊ ۾ هڪڙو اوپرو ماڻهو، ڪاري ڪوٽ سان جنهن  کي پٽو ٻڌل هو بيٺو هو. هن جي پيرن  ۾ڪاٺ جي تري جا بوٽ پيل هئا.  مون کي هن جو منهن چڱيءَ ريت  ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو، ته به هو فضيلت وارو، لڄارو ۽ بلڪل انهيءَ ڪلارڪ وانگر نراسيل ٿي لڳو، جنهن کي تازو اسان وٽان نوڪريءَ کان جواب مليو هو.

ٻڍو پيٽر هن ڏانهن اک کڻي  نهارڻ جي نوازش ڪرڻ کان سواءِ سخت لهجي ۾ڪجهه چئي رهيو هو، ۽ اُهو ماڻهو گهڙيءَگهڙيءَ پنهنجي ٽوپيءَ  کي هيٺ سرڪائي رهيو هو ۽ پوءِ ٽوپيءَ کي ڇنڊيندي، هٿ ائين ڪيائين ڄڻ پاڻ تي صليب جو نشان  بنائيندو هجي. پوءِ پنهنجي ٽوپيءَ کي بلڪل پٺتي هٽائي.  ڇڏيائين، ۽ وري ان کي اڳتي ڪيائين. هن جي منهن تي اهڙي بي چينيءَ جي  حالت طاري ٿي ويئي هئي، جو هن کي ڏسي  مون کي مستانو  فقير اِگوشا ياد اچي ويو،  جنهن  کي اسين  ’اِگوشا  ڄاڻ  مئو !‘ ڪري چيڙائيندا هئاسين.“

”هر قسم  جا نانگ  اسان   جي ندين  جي پاڻيءَ ۾ زهر  هاريندا  ۽ ان کي گندو ڪندا رهن  ٿا“، پوڙهي پيٽر رڙ ڪري چيو.

اوپري ماڻهوءَ، جيڪو اسان جي نڪتل ڪلارڪ وانگر ٿي لڳو، هورڙيان  ۽ ڏاڍي شانائتي  نموني  پڇيو، ” اهو اشارو مون ڏا نهن  آهي ڇا ؟“

”جيڪڏهن  آهي ته ڇا ٿيو ؟“

”تنهنجو پنهنجي  متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“ اوپري ماڻهوءَ مڙساڻي نموني، آواز کي مٿي ڪرڻ کان سواءِ جواب ڏنس.

”مان جهڙو به آهيان، اهو منهنجو ۽ منهنجي خدا جو معاملو آهي.“

”ها، پر منهنجو به ان سان ڪجهه واسطو آهي، اوپري ماڻهوءَ ڳوري ۽ هڪ ڪري آواز ۾ چيس. ”اي شخص تون پنهنجي منهن کي سچ کان نه ڇپاءِ، پاڻ کي پنهنجي  پيدا ڪيل اونداهيءَ ۾ نه رک، ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ هم جنس  ڀائرن جو گناه ڪري رهيو آهين.“

مون کي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي لڳي، جو هو پيٽر کي ”اي  شخص“ جي لفظ سان مخاطب ٿي رهيو هو. انهيءَ ماڻهوءَ  جي ڳري ۽ ڳنڀير آواز ۾ ڪجهه جوش سمايل  پئي ڏٺو. هن جي  وات  مان لفظ اهڙيءَ ريت  فصاحت  سان نڪري رهيا هئا،  جيئين ڪو پادري بائيبل جي آيت ”او خدا!  او منهنجي  زندگيءَ جا مالڪ!“ پڙهي رهيو هجي. هو ٿورو اڳتي جهڪيو، پوءِ پنهنجي ڪرسيءَ  تان اٿي پنهنجا هٿ کولي،  چوڻ لڳو،   ”مون تي حملا  نه ڪر،  ڇاڪاڻ ته منهنجا گناه تنهنجي گناهن کان وڌيڪ ڪين آهن.“

”سماوار ۾ پاڻي  ٽچڪي  رهيو آهي!“، ليوشان وچ ۾ طنز ڀرئي  لهجي ۾چيو.

هوڏانهن  پوڙهي پيٽر جو مـُنهن جيئن پوءِ تيئن ڳاڙهو ٿيندو پئي ويو. پر هن  جو مخالف سواءِ ڪنهن روڪ جي ڳالهائيندو رهيو.

”خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته روح جي پاڪ  چشمي  کي ڪنهن  وڌيڪ  گندو ۽ غليظ  ڪيو آهي. ٿي  سگهي ٿو  ته اهي اوهان  عالم  هجو، جن ڪتابن  جا اٺ پڙهيا آهن. مون وٽ نه علم آهي، نه ڪمال، پر مان صاف ۽ سادي زندگي گذاريان ٿو.

”هائو،  هائو، تنهنجي ساديءَ زندگي لاءِ ڇا چئجي ! – اسان  ان بابت  گهڻو ئي ٻڌو آهي.“

”توهان  جي فتوائن  سان ڪيترا ماڻهوگمراه ٿي ويا آهن ۽ هنن جي ايمان ۾ فرق اچي ويو آهي. مون بابت توهان کي ڇا چوڻو آهي، چئي ڏيو.“

”ڪافر !“ نانگ وانگر  چپن  سان سوسٽ ڪندي، پيٽر  چيو.

اوپري ماڻهوءَ پنهنجا ٻيئي هٿ پنهنجي منهن جي اڳيان اهڙيءَ ريت جهلي، ڄڻ  ڪو ڪتاب پڙهندو هجي، جوش مان وراڻيس. ”ڇا توهين سمجهو ٿا ته ماڻهن کي هڪ فرقي مان ڪڍي،  ٻئي فرقي ۾ آڻڻ  ايڏي ڪا چڱي ڳالهه آهي؟ مان چوان ٿو، ’نه‘ ! ماڻهوءَ کي آزاد هئڻ گهرجي، ٻار،  مال ملڪيت الله جي ڀيٽ ۾ ڇا آهن؟  اچو ته پاڻ کي انهن  ٻنڌڻن مان آزاد ڪريون، جن جي ڪري ماڻهن ۾ جهيڙو  پيدا ٿئي ٿو، ۽ هڪ ٻئي جي ٻوٽين پٽڻ لاءِ تيار ٿي ٿا پون، هي سون ۽ چاندي هي ڌن ۽ دولت، اِهي اسان کي  گنهگار ۽ بڇڙي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪن؟ اسان جي روح کي هن دنيا  جي باغن  ۾ نه پر بهشت جي وادين ۾ سچي راحت  ملندي. مان چوان ٿو دنيا جي سڀني موهن کان منهن موڙيو، سڀ زنجير ٽوڙيو ۽ ٻنڌڻ ڇوڙيو. هن دنيا  جي وڇايل ڄار مان، جنهن جو وڇائيندڙ شيطان آهي، پنهنجو پاڻ بچايو، منهنجي سامهون  سڌي  راه اِها آهي. مان پنهنجي روح سان ڪو ڌوڪو  نٿو ڪيان. مان هِن اونداهيءَ دنيا کان پري رهڻ ٿو گهران.“

”هن دنيا جي لٽي ڪپڙي ۽کاڌي  پيتي کان به پري ٿو رهين !”پيٽر ٽوڪ ڪندي چيس.

پر انهن طنزن ۽ ٽوڪن  جو اليڪساشيءَ تي ڪو به اثر نه ٿيو. جيتوڻيڪ  اڃا به هن جو آواز هوريان ٿي نڪتو، پر اُهو  هاڻي پتل جي بگل وانگر وڄي رهيو هو – ”اي شخص! ٻڌاءِ، توکي  ڪهڙي شيءِ سڀ کان پياري آهي؟ توکي صرف خدا سان ئي پيار ڪرڻ گهرجي. مان پنهنجي سڄي حرص هواس  کي ڌوئي، هن جي اڳيان صاف ۽ پاڪ  بيٺو آهيان، تون به پنهنجي دل مان دنيا  جي موه کي ڪڍي ڇڏ، ۽ خدا سان لئون لڳاءِ،  تون – اڪيلو، هو –اڪيلو ! اهڙيءَ ريت ئي ڌڻيءَ جو قرب حاصل ڪري سگهندين، انهيءَ  کان سواءِ هن تائين پهچڻ  جو ٻيو  ڪو به رستو ڪونهي، اهائي  راه نجات آهي. سڀ ڪا شيءِ،  پيءُ ماءُ، گهر ٻار سڀني کي خيرباد ڪر، ۽ جيڪڏهن تنهنجون اکيون توکي هن جي راه کان ڀنڀلائين، ته انهن کي به ڪڍي  ڦٽو ڪر. جيڪڏهن تون خدا جي لاءِ دنيا کان منهن موڙيندين ته تنهنجو  روح  سلامت رهندو، پنهنجي من ۾ پاڪائي پيدا ڪر، ته تنهنجي روح کي ابدي زندگي حاصل ٿئي. “

”ڪتي جو پڇ اُهڙي  جو اهڙو. توسان  به ساڳيو معاملو آهي.“ پوڙهي  پيٽر چيو، ”سڄو سال گذري ويو،  مون سمجهيو ته ان ۾ توکي  ڪجهه عقل ۽ سمجهه ايندي، پر جيئن ٿڌ، تيئن وڌ. تون اڳي کان به وڌيڪ  گمراهيءَ جي کڏ ۾گهڙي ويو آهين.“ پيٽر منڊڪ ڪندو دڪان مان ٻاهر هليو ويو.

اليڪساشيءَ  حيرت مان پڇيو، ”هليو ويو؟ ڇو ؟“

ليوشان اک جي اشاري سان تسلي  ڏيندي چيس، ”ٺيڪ آهي.“

اهو ٻڌندي ئي اليڪساشي اچي هن تي مـَٽيو – ” اڙي تون! تون به وڏو زماني ساز آهين! تنهنجي بيهوده  بڪواس کي به نه منهن آهي نه سر. خير، توتي  خدا جي رحمت هجي.“

ليوشان اهو ٻڌي، مرڪندو، دڪان کان ٻاهر هليو ويو، ۽ اليڪساشي منهنجي مئنيجر  ڏانهن  منهن ڦيري، چوڻ لڳو، ”انهن  ۾ مقابلي جي قوت ئي، ڪانهي! ائين غائب  ٿي ٿا وڃن جيئن باهه مان نڪرندڙ  دونهون.“

مئنيجر هن ڏانهن ٽيڏيءَ  اک سان نهاريو ۽ رکائيءَ سان چيائينس، ”مان اهڙين ڳالهين تي خيال ئي نه ڪندو آهيان.

”ڇا ! تون چوين ٿو  ته اهڙين ڳالهين  تي خيال ئي نه ڪندو آهين! پر هيءَ  اهڙي ڳالهه  آهي جنهن تي ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي !“

هن جو ڪنڌ جهڪي  ويو  ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو، تان جو  هنن ٻن پوڙهن وري هن  کي سڏ ڪيو ۽ٽيئي ڄڻا گڏجي هليا ويا.

هيءُ اوپرو جوان منهنجي اڳيان  ائين اڀري رهيو هو، جيئن اونداهيءَ ۾ باهه جو مچ هوندو هو، جڏهن  هو  ماٺ ٿيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته  هن جي  ڳالهين  ۾مون کي هڪڙو سچ ڏسڻ ۾ آيو –دنيائي  ڳالهين کان هن جي انڪار ۾.

شام جي وقت موقعو تاڙي، وڏي ڪاريگر آون  لاريونچ کي سمورو  حال  ٻڌايم. منهنجي  ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ هن مون کي سمجهائيندي چيو.” هن جو ’سرگردان فرقي‘ سان تعلق آهي، جيڪي ڪنهن  کي ڪونه مڃيندا آهن.“

”تڏهن هوڪيئن رهندا آهن ؟“

”اُهي ائين، جيڏانهن  ايندو اٿن اوڏانهن رلندا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي  هنن کي  ’سرگردان‘ يعني ’سدائين هلندڙ‘ڪري چوندا آهن. اُهي  ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ تي جيڪو  ڪجهه آهي، اُن جي برخلاف آهن. انهيءَ ڪري پوليس هنن کي خطرناڪ سمجهي، لاڪپ ۾ بند ڪندي آهي.“

مون پنهنجي عمر ۾گهڻيئي ڏک ڏاکڙا ڏٺا هئا، پر اِها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيم ته ماڻهوءَ ڇا جي ڪري مزي ۽ ميٺاج  ڏيندڙ شين  کان ڀڄي ٿي سگهيو، منهنجي  چوگرد زندگي جا عجيب ۽ غريب  لقاءَ لڳا پياهئا،  ۽ جن مان مون کي جيئن پوءِ تيئن  وڌيڪ مزو اچي رهيو هو، تنهن ڪري جلد ئي اليڪساشيءَ جو نقش منهنجي دل تان مٽجي ويو.

انهيءَ هوندي به، ڪنهن نه ڪنهن وقت، اونداهين گهڙين ۾ مون کي  هن جو خيال ايندو هو، مان  محسوس  ڪندو هوس ته هو ٻاهر  کليل ٻنين  مان وڃي  رهيو آهي يا ڪٿان  ڪنهن ٻنيءَ  جو پيچرو ڏيئي مون ڏانهن اچي رهيو آهي ۽ پنهنجن سفيد هٿن سان پنهنجي ٽوپي  گهڙيءَ هيٺ ڪري رهيو آهي، ۽ گهڙيءَ مٿي ڪري  رهيو آهي. ۽ هوريان  هوريان ڀڻ ڀڻ ڪري چئي رهيو آهي –”مان بلڪل سڌي راهه  وڃي رهيو آهيان، منهنجو هن تاريڪ دنيا سان ڪو به واسطو ڪونهي، مون ان سان  سڀ لڳ ۽ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا آهن.“

هن جي خيال  سان گڏ  مونکي منهنجو  پيءُ اهڙي ريت ياد اچي ويندو هو، جهڙي ريت نانيءَ هن کي  خواب  ۾ ڏٺو هو، ته رستي سان وڃي رهيو هو، هن جي هٿ ۾ اکروٽ جي وڻ جو لڪڻ هو، ۽ هڪڙو چٽڪمرو ڪتو زبان لڙڪايو، هن جي پيرن سان لڳو، هن جي ڪڍ وڃي رهيو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org