سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ

باب-

صفحو :4

 

عشق.... ۽ پروانو

آءٌ اڃا نئينءَ مان شاعري ڪندو هئس بس اها منهنجي چند دوستن کي خبر هئي ته آئون شاعري ڪندو آهيان، بس منهنجي شاعري منهن جي ئي نوٽ بڪ ۾ بند هوندي هئي ۽ اهو نوٽ بڪ اهڙي هنڌ تي لڪائي ڇڏيندو هئس جيئن ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي ته مان شاعري به ڪندو آهيان. پر چوندا آهن ته، (عشق ۽ مشق) لڪندو نه آهي، جلديءَ ۾ ظاهر ٿي پوندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن دوست يان ڪو ٻيو چوندو هو ”پروانا پنهنجي شاعري ٻڌاءِ ته، آءٌ شاعري ٻڌائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هئس ۽ اهڙو ته شرمائيندو هئس جيئن (مڱيندي پنهنجي مڱيندي کان شرمائيندي آهي) باقي دل ۾ تمام گهڻو خوش هوندو هئس ته، مان پنهنجي شاعري ٻڌايان، وري ڦڪائي به ٿيندي هئي ته متان منهن جي شاعري ٻڌي مون کي ٽوڪون ۽ کلن نه انهيءَ ڊپ کان آءٌ کين پنهن جي شاعري ٻڌائيندو ڪو نه هئس.

مزي جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي اچانڪ منهنجي ملاقات هڪ (عاشق) سان ٿي، جنهن جو ڪم ئي هو عاشقي ڪرڻ. هن ڪيترا ڀيرا عشق ۾ مارون ۽ موچڙا به کاڌا هئا، پر مڙندو اصل ڪونه هو، چوندو هو (عشق ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي).

اوچتو مون کان هڪ دلچسپ سوال پڇائين، چوڻ لڳو ”پروانا ڪڏهن عشق ڪيو اٿئي....؟“

”اڙي يار پاڻ وانگر مون کي به پادر کارائڻا اٿئي ڇا؟“ مون ٽوڪ منجهان چيومانس.

”اڙي عشق ڪندي ته غلاب ٿيندين“ هن مون ڏانهن نهاريندو چيو. ”نه بابا، ڀڄ پري عشق کان، ڪير ٿو عشق ڪري.“

”ته پوءِ تون به شاعر ڪونه ٿيندين.“

”چڱو....، چڱو ٻڌوسين، آيو آهي نيڪ صلاح ڏيڻ وارو“ مون ڪاوڙ مان چئي ڏنومانس.

هو ته ويچارو مون کي چئي هليو ويو، مون اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچيو ته واقعي انسان لاءِ عشق ضروري آهي، انسان جي دل ۾ عشق هوندو ته  اهو سدائين اڇو اجرو ۽ مرڪندو رهندو، عشق هر انسان جي روحاني غذا آهي. جيئن ٻوٽي لاءِ پاڻي لازم ملظوم آهي، تيئن عشق به انسان لاءِ لازم ملظوم آهي.

”ها....، مون کي عشق ڪرڻ گهرجي! پر مان ڪنهن سان عشق ڪريان؟ مون پنهن جي پاڻ سان سوال ڪيو.

”اڙي عشق ڪندين ته موچڙا کائيندي ”مون کي منهن جي اندر واري انسان چيو.

آءٌ اڳ ۾ ئي ڊڄڻو هئس، ويتر جو اندر واري انسان چيو ته ڊڄي ويس ”نه بابا ڪير ٿو عشق ڪري.“

”پوءِ تون شاعر ڪونه ٿيندين“ مون کي وري منهنجي دوست جا چيل جملا ڪنن ۾ گونججڻ لڳا.

مون پڪو ارادو ڪيو ته عشق ضرور ڪندس، پر ڇوڪريءَ سان ڪريان يا ڇوڪري سان؟ مون وري پنهنجي اندر جي انسان کان سوال پڇيو. سوچيم جي ڇوڪريءَ سان عشق ڪندس ۽ ڇوڪريءَ پنهنجي وارثن کي دانهن ڏني ته (پروانو مون سان ڇيڙ ڇاڙ ٿو ڪري) ته ڇوڪريءَ جا وارث منهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيندا. ڇو نه ڇوڪري سان پيار ڪجي. ها... ڇوڪري سان پيار ڪجي. ها....، ڇوڪري سان پيار ڪرڻ سهي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪير چوندو ته ڪونه، ۽ پوءِ آءٌ هڪ خوبصورت ڇوڪري سان پيار ڪرڻ لڳس، ان خوشنصيب جو نالو آهي (ربڏنو شيخ) نالو ته اهو هئس پر سندس گهر وارا پيار منجهان ربو....، ربو چوندا هئا، ۽ آءٌ به کيس پيار مان ربو چوندو هئس. سڄو ڏينهن سندس وکر جي دڪان تي ويٺو هوندو هئس، بس کيس پيو ڏسندو هئس. رات جو دڪان بند ڪري کيس سندس گهر ڇڏي پوءِ آءٌ پنهنجي گهر ويندو هئس.

هو به مون کي قرب ڏيندو هو، ۽ آءٌ موٽ ۾ کيس محبتون ئي محبتون ڏيندو هئس. ڪڏهن به گهمڻ ويندا هئاسين ته گڏ ويندا هئاسين. زندگيءَ جا ڪئي سال مرڪندي ۽ ٽهڪڙا ڏيندي گذري ويا هئا.

هاڻي ته آءٌ ربڏني جي گهر جو ڀاتي بنجي ويو هئس، سندس گهر وارا به مون کي تمام گهڻو پيار ڏيندا هئا. آءٌ سڄو ڏينهن پيو (استاد بخاريءَ) جو ڪلام (تنهنجي در جو ساري تر جو پيارا پورهيت آهيان) پيو جهونگاريندو هئس. ڇو جو آءٌ سڄو ڏينهن (ربوءَ) جي گهر ۽دڪان جو ڪم ڪندو هئس. سندس پيءُ مون کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندو هو.

مون کي ياد آهي ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ ۾ ڪاوڙبا هئاسين ۽ چاچي لطيف (مرحوم) کي خبر پوندي هئي ته پروانو ۽ ربو پاڻ ۾ نه ٿا ڳالهائين ته اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي پرچائي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جا اهي اڻوسرندڙ منظر ذهن جي اسڪرين تي تري ايندا آهن ته، منهنجون ٻئي اکيون منڇر ۽ ڪينجهر ٿي پونديون آهن ۽ يادن جي نرم هوا لڳڻ ڪري ڇوليون کائي ڇلي پونديون آهن، آئون درد جي صحرا ۾ تنها مسافر جيان پيو ڀٽڪندو رهندو آهيان.

اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ گڏ ڏسي اسان کي (شمع پروانا) چوندا هئا، خاص ڪري ادا حڪيم مون کي چوندو هو ”اڙي شمع خوش اٿئي؟“ ته آءٌ مرڪي چوندو هئس ”ها سائين.“

مون کي پوءِ احساس ٿيو ته مون وارو دوست مون کي سچ چوندو هو ته عشق ڪرڻ شاعر لاءِ ضروري آهي، مون سندس عشق ۾ ڪيترائي غزل ۽ گيت لکيا هئا، جيڪي آءٌ کيس ٻڌائيندو هئس ۽ پاڻ هٿ ٻڌي چوندو هو ”پروانا بور نه ڪر“ ته به آءٌ کيس پنهنجا شعر ٻڌائيندو هئس.

اڄ ربو مون کان تمام گهڻو پري آهي، پر سندس يادون مون سان خوشبوءَ جيان سنگ سنگ آحن.

محبت چوان يا نصيبن جا ميلا
پيو وڻ ڪراچيءَ جا ڪوئي وسائي
­­

(تاج بلوچ)

 

سنڌ جا ماڳ ۽ تاريخي منظر

مون کي ننڍپڻ کان وٺي (ابن بطوطا) وانگر گهمڻ ڦرڻ، سير سفر ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، دل چاهيندي هئي ته هن خوبصورت ڪائنات جا سمورا خوبصورت دل ڪش ڏيک ۽ منظر ڏسان. مون پنهن جي وس ۾ ڪين گهٽايو، سونهاري سنڌ جا ڪيترائي ماڳ ۽ تواريخي منظر ڏٺم.... انهن ۾ موئن جو دڙو، رني ڪوٽ، ٺٽو (مڪلي) ڪينجهر، برهمڻ آباد (منصورا) ڀنڀور، عمرڪوٽ ۽ ٻيا خوبصورت سنڌ جا ماڳ شامل آهن.

ننڍو هوندو هئس ته ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۽ رسالن ۾ (موئن جي دڙي) جون تصويرون ڏسندو هئس ۽ پوءِ ڏهين جي نوٽ تي ڇپيل موئن جي دڙي جي تصوير اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڏٺيون هيون. منهنجي دل ۾ شوق پيدا ٿيو ته آءٌ موئن جو دڙو گهمان، مون کي اها به خبر هئي ته اتي هوائي جهازن جو اڏو به آهي.

موئن جو دڙو ڏسڻ لاءِ آئون گهران تيار ٿي اسٽيشن تي پهتس ۽ ٽرين ۾ سوار ٿي روانو ٿيس. مون ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته (موئن جي دڙي جي تهذيب پنج هزار سان پراڻي آهي) ٽرين پنهن جي رفتار سان ڊوڙندي رهي، ۽ آءٌ موئن جي دڙي جي تصوراتي منظرن ۾ گم هئس. آءٌ سفر ۾ پاڻ کي ائين محسوس ڪري رهيو هئس ڄڻ سچ پچ موئن جو دڙو گهمي رهيو آهيان. آءٌ هاڻي (ڏوڪري) ريلوي اسٽيشن تي پهچي ويو هئس، ۽ ٽانگي ۾ سوار ٿي (ڏوڪري) شهر روانو ٿي ويس مون سان گڏ ڪيترائي اجنبي چهرا ٽانگي ۾ سوار هئا.

آءٌ ٽانگي مان لهي مائٽن جي گهر ويس، رات مائٽن وٽ مهمان ٿيس. مون مامي محرم کي چيو ”ماما مون کي سڀاڻي موئن جو دڙو گهمائجو.“

”ها پٽ توکي سڀاڻي (موهين) ضرور وٺي هلندس“ آءٌ گهڻي رات جاڳندو رهيس ۽ مائٽن سان ڪچهري ڪندو رهيس ۽ پوءِ صبح ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندو رهيس ۽ اوسيئڙي ڪندي ڪندي ننڊ اچي ويئي.

صبح جو سج شاخون ڪڍيون آءٌ ۽ مامو محرم ٽانگي ۾ سوار ٿي موئن جي دڙي روانا ٿي وياسين. آءٌ دل ۾ تمام گهڻو خوش ٿيڻ لڳس ته، اڄ آءٌ موئن جو دڙو گهمندس. اسان جو ٽانگو روڊ تي پنهن جي رفتار سان هلندو رهيو، گهوڙي جي هلڻ سان مون کي تبلي جو آواز ٻڌڻ ۾ پي آيم، ائين محسوس ڪري رهيو هئس ڄڻ ڪو تبلينواز تبلو وڄائي رهيو هجي.

مون سامهون ڏٺو مون کي موئن جي دڙي جا چٽا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، هاڻي اسان جي (بگهي) موئن جي دڙي جي مرڪزي دروازي وٽ اچي بيٺي هئي اسان مامو ۽ ڀاڻيجو موئن جي دڙي اندر داخل ٿي ويا هئاسين. مون چئن ئي طرفن کان نهاري ڏٺو مون کي تمام خوبصورت منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، ڏکڻ طرف کان هڪ سهڻي عمارت ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي، جنهن جي ديوار تي هڪ ڏاند ڇاپيل هو، آئون ڏاند کي وائڙن وانگر ڏسندو رهيس. مامي منهن جي ڪلهي تي هٿ هڻي چيو ”موڳا ڇا پيو سوچين؟“

”ڪجهه به نه ماما، آئون ته سامهون ڀت تي ٺهيل ڏاند کي ڏسي رهيو هئس، آئون ان فنڪار کي دل جي گهراين سان داد ڏيڻ لڳس جنهن پنهن جي فنڪاريءَ سان ڀت تي اهو ڏاند ٺاهيو هو.

اسان سڀ کان پهرين (ميوزم) گهمڻ وياسين ميوزم جي عمارت تمام عاليشان هئي، اسان ڏاڪڻ تي مٿي چڙهي وياسين. ميوزم ۾ داخل ٿيڻ سان سامهون ديوار تي تمام وڏي موئن جي دڙي جي تصوير تي پيم، بس منهن جا قدم اتي ئي کپي ويا ۽ ڪافي دير تائين تصوير کي ڏسندو رهيس. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هي تصوير نه پر حقيقي موئن جي دڙي جو شهر آهي، جيڪو چترڪار پنهن جي سچائيءَ وارن رنگن سان چٽي محفوظ ڪيو آهي. سڄو ميوزم گهمندو رهيس ۽ ميوزم ۾ رکيل شيون ۽ سامان موئن جي دڙي جي تهذيب جي عڪاسي ڪري رهيون هيون. اسين ميوزم گهمي هيٺ آياسين.

هاڻي اسان دڙي جي اندر داخل ٿي ويا هئاسين سمورا گهر پڪين سرين سان جڙيل هئا شهر جون گهٽيون بلڪل سوڙهيون هيون ۽ گهٽين ۾ سرن سان فرشبندي ٿيل هئي. شهر تمام خوبصورت لڳي رهيو هو.

اسان ان ٽڪريءَ تي چڙهي وياسين جنهن جي تصوير ڏهين جي نوٽ تي ڇاپيل آهي. ٽڪري تان اسان کي اڃا به وڌيڪ موئن جي دڙي جو خوبصورت نظارو ڏسڻ ۾ آيو، پر مون اوڀر طرف کان نهاري ڏٺو مون کي سنڌوءَ جون ڇوليون نظر اچي رهيون هيون. اسان سڄو ڏينهن موئن جو دڙو گهميوسين ۽ گهمي گهمي ٿڪجي پياسين، هن ڦٽل شهر جا منظر ڏسي رکي رکي اداس ٿي ٿي ويس ۽ ڪيڏي مهل ته ڏاڍو خوش پي رهيس. هاڻي ته شام ٿي ويئي هئي، سج به لهڻ وارو هو. اسان موئن جي دڙي کي (خدا حافظ) چئي واپس ڏوڪريءَ موٽي آياسين.

٭رني ڪوٽ:

ويٺي، ويٺي سنگتين جو گهمڻ جو پروگرام ٺهيو ته ڪيڏانهن گهمڻ هلجي، پر ڪيڏانهن گهمڻ هلجي ڪجهه دير لاءِ اسان سڀ سوچ ۾ پئجي وياسين. سڀ ساٿي مون ڏانهن نهاري رهيا هئا، ڄڻ مون کان پڇي رهيا هجن ”پروانا ڪيڏانهن هلجي....؟“ مقبول مون ڏانهن نهاري پڇيو ”پروانا تون ٻڌاءِ ڪيڏانهن گهمڻ هلجي؟“

”رني ڪوٽ....“ مون بنا ڪنهن سوچ ويچار جي چيومانس ڪيئن منهن جو آئڊيو ٺيڪ آهي نه.

”ها ٺيڪ آهي“ سڀني دوستن گڏجي چيو“ پر هلجي ڪڏهن؟.

”ايندڙ جمعي تي...؟“

”ٺيڪ آهي اسان سڀ ايندڙ جمعي تي هلنداسين.“

سواريءَ جو ڪوبه خيال نه ڪريو، اهو ڪم مون تي ڇڏيو، آءٌ پاڻهي ڪندس“ مقبول گهلوءَ اسان سڀني کي چيو.

آءٌ جمعي جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس ته جمعي جي ڏينهن مون کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ گهمڻو آهي. مون کي رني ڪوٽ گهمڻ جو حد کان وڌيڪ شوق هو. بس مولا کڻي منهنجي ٻڌي آءٌ روز ڏينهن ڳڻيندو رهيس، اڄ خميس آهي سڀاڻي مون کي رني ڪوٽ گهمڻو آهي، سڄي رات سڀاڻي جو اوسيئڙو ڪندو رهيس ۽ اوسيئڙو ڪندي ڪندي الائجي ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويم.

صبح جو ساجهر جهرڪن جي آوازن تي اکيون مهٽي ننڊمان بيدار ٿيس، ۽ پنهنجي تياريءَ ۾ لڳي ويس.

دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو، مون سمجهيو ته پڪ مون وارا يار پهچي ويا آهن سو تڪڙو تڪڙو وڃي دروازو کوليم، ڏٺم ته مقبول گهلو آهي، مقبول اڄ مون کي اڳي کان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هو، دل ٿي گهريو ته جيڪر چمي ڏيانس.

آءٌ گهر وارن کان موڪلائي اچي جيپ ۾ ويٺس جيپ ۾ ڪجهه نوان دوست به هئا انهن سان مليس.

اختر قريشي ۽ آءٌ سڄي واٽ هڪٻئي سان چرچا ڪندا هلياسين، جيپ پنهنجيءَ منزل ڏانهن تمام تيزي سان ڊوڙندي رهي. سڄي واٽ اختر مون کي لطيفا ٻڌائيندو کلائيندو ٿي هليو.

اسان سن پهچي ويا هئاسين، ڪجهه گهڙيون هڪ هوٽل تي گهاريوسين ۽ چانهه به پيتي سين، ۽ پوءِ وري اسان پنهنجي سفر جي نئين سر ابتدا ڪئي سين.

هاڻي اسان ان رستي تي وڃي رهيا هئاسين جيڪو (رني ڪوٽ) وڃي رهيو هو. رستو هڪ ته وارياسو هو، ٻيو وري حد کان وڌيڪ خطرناڪ هو.

اسان سڀ اڻ سونهان هئاسين، رستي جي خبر اسان مان ڪنهن کي به ڪانه هئي. جيپ واريءَ جي وڏن وڏن خطرناڪ موڙن مان هلندي رهي اسان کي جبلن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. هاڻي اچي سر سان لڳي ته هاڻي ڇا ٿيندو، جي ٿي جيپ واريءَ ۾ خراب ٿئي ته پوءِ اسان جو ڏاڍو حشر خراب ٿيندو هتي ته نه ڪو ماڻهو آهي ۽ نه وري پاڻي آهي، چئن ئي پاسن کان رڃ ئي رڃ آهي. ”مري وياسون، اڄ ڳوٺ پهتاسين ته نوان ڄاواسين“ سڀني دوستن کان ٽهڪ ڏيڻ وسري ويا ڪن ته ائين به پي چيو”يار هاڻي کڻي موٽون بس رني ڪوٽ ڏسي ڇڏيوسين.“

ايتري ۾ اسان جي نظر هڪ ماڻهوءَ تي پئي جيڪو رڍون چاري رهيو هو، پهرين ته اسان ان کي ڏاڍا سڏ ڪيا پر هن اسان کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. اسان اچي پريشان ٿياسين ته، هاڻي ڇا ڪجي.

”پروانا اسان کي واهه جو ٿو رني ڪوٽ گهمائين“ هڪ دوست ٽوڪ مان مون ڏانهن نهاريندي چيو.

”ابا پروانن تي ڪهڙي معيار، پروانا پاڻ ته جلن پر پاڻ سان گڏ ٻين کي به جلايو ڇڏين....، ڪيئن پروانا“ هن منهنجي ڪلهي تي ڌڪ هڻندي چيو.

استاد ستار جيڪو جيپ جو ڊرائيور هو تنهن پنهنجي رمال کي هٿ ۾ کڻي ڌنار ڏانهن لوڏيندي کيس اشارا ڪرڻ لڳو. ڌنار ٿوري دير کان پوءِ اسان ڏانهن وڌڻ لڳو. ڌنار کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي رهيو هئس ته، هي اسان کي صحي گس ڏسيندو.

ڌنار هو ته ٻروچ ماڻهو پر تمام بهترين هو، سڀ کان پهرين ته هو اسان سڀني سان پنهنجن وانگر ڀاڪر پائي مليو ۽ پوءِ خوش خيرآفيت ڪرڻ لڳو.

اسان کيس پڇيو ته رني ڪوٽ جو رستو ڪهڙو آهي.“

”اوهان کي رني ڪوٽ وڃڻو آهي.“

”ها اسان کي رني ڪوٽ وڃڻو آهي.“

”هيءُ رستو سڌو رني ڪوٽ ويندو“ ٻروچ رستي ڏانهن سڌو اشارو ڪندي چيو، جيڪو سڌو رني ڪوٽ وڃي رهيو هو.

اسان ٻروچ کان موڪلائي سندس ٿورا مڃيندي رني ڪوٽ واري ساڳئي رستي تي هلڻ لڳاسين رستو تمام خطرناڪ هو، اسان هتي اچي ڦاٿا هئاسين. هڪ عام چوڻي آهي ته (اهڙو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني) اسان کي به رني ڪوٽ گهمڻو نه هو پر پنهنجا ڪن ڇنائڻا هئا.

ٿورو اڳتي هلياسين ته پري کان رني ڪوٽ جا آثار نظر آيا، آءٌ رني ڪوٽ جي منظرن کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿي رهيو هئس.

اسان هاڻي دنيا جي وڏي ۾ وڏي قلعي جي مرڪزي دورازي تي اچي پهتا هئاسين، انهيءَ دروازي کي (سن دروازو) سڏيو ويندو آهي. اسان سڀ دوست جيپ مان لهي ٽولن ۾ ورهائجي ويا هئاسين.

رني ڪوٽ هو ته هزارين سال پراڻو پر مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ڪاريگر هاڻي قلعي کي جوڙي راس ڪيو هجي. تمام عاليشان قلعو آهي قلعي جي ديوار ايتري ته ويڪري آهي جنهن تي آرام سان جيپ هلي سگهي ٿي.

اسان منجهند جي ماني به قلعي جي برج تي کاڌي هئي سين. هوا تمام تيز لڳي رهي هئي، قلعي ۾ اندر ڪيترا رستا هئا جيڪي اڳتي وڃي رهيا هئا، پر اسان اڳتي گهڻو نه پئي وياسون ڊپ هو ته متان ڪو جانور يا ڌاڙيل مونهن ۾ ملي وڃي، ڪري نه پورو.

اسان وٽ ڪئميرا به هئي جنهن سان ڪوٽ جا حسين منظر به هميشہ هميشہ لاءِ محفوظ پي ڪياسين جيڪي منهنجي البم ۾ موجود آهن، ڪڏهن ڪڏهن البم کولي ڏسندو آهيان ته ماضي جون يادگيريون اچي وينديون آهن.

٭ سيوهڻ کان مڪليءَ تائين:

دوستن جو وري پروگرام ٺهيو ته هاڻي ٺٽو گهمجي ٺٽو سنڌ جو قديم شهر آهي. مقبول مون وٽ آيو چوڻ لڳو ”پروانا ٺٽي هلندي آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان.“

”ها....، آءٌ ٺٽي هلندس“ مون بنا ڪنهن دير جي چيومانس.

”ته پوءِ سڀاڻي تيار ٿي ويهجان“ مقبول مون ڏانهن نهاريندي چيو.

آءٌ سڀاڻي جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس ۽ ٺٽي وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳس، ذهن ۾ ٺٽي جا منظر اچڻ لڳا. مڪليءَ جو قديمي قبرستان به گهمندس، عبدالله شاهه اصحابيءَ جي زيارت به ڪندس، ملان لٽر جي قبر به ڏسندس، شاهي مسجد به ڏسندس ۽ ڪينجهر ڍنڍ جو به سير ڪندس. ٻئي ڏينهن آءٌ دوستن سان گڏ ٺٽي روانو ٿي ويس.

سفر چرچن، ڀوڳن ۽ ٽهڪ ڏيندي گذري ويو ۽ اسان ٺٽي پهچي وياسون.

اسان ڊاٽسن مان لهي ٺٽي شهر جو چڪر ڏنوسين، مون کي بک ڏاڍي لڳي هئي، بک ۾ اصل ساهه پيو نڪري، مون رڙ ڪري مقبول کي چيو ”يار منهنجو ته بک ۾ ساهه ٿو نڪري.“

”سر نه وڃئي ماني کارايانءِ ٿو“ مقبول مون کي چيو.

پوءِ ته مون کي گهمڻ ڦرڻ زهر ٿي لڳو، هڪ ته بک مون کي ڇتو ڪري ڇڏيو ٻيو وري مقبول جو موڊآف هو. الاهجي ڪنهن تي مڇريو هو، پوءِ مون کي خبر پئي ته استاد ستار تي مڇريو هو. نيٺ هڪ هوٽل تي ماني کاڌي سين، مڙئي پيٽ جي باهه وسائي سين. هاڻي ڪجهه مڙئي چرڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو هئس.

مقبول کي شوق هو ته پهرين (ملي لٽر) جي قبر تي هلجي، ڏاڍو شوق هئس (ملي لٽر) جي قبر ڏسڻ جو. سڀ کان پهرين ملي لٽر جي حاضري ڀرڻ وياسين (ملي لٽر جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته جيڪو به سندس قبر تي وڃي ۽ کلي نه ته ان جو سوال ملو لٽر پورو ڪندو) پر آءٌ نه ٿو مڃان ته اها ڳالهه صحي آهي.) پر تنهن هوندي به آءٌ هڪ سوال دل ۾ رکي ويس.....،  پر الائجي ڇو مون کي ملي لٽر جي قبر ڏسڻ سان مون کي وڏا وڏا ٽهڪ نڪري ويا ڇو جو سندس قبر ئي ڪجهه اهڙي نموني جي هئي، پر مان اڪيلو ٿورئي هئس مون سان گڏ سمورا دوست به کليا هئا.

ملي لٽر جي قبر ڏسڻ کان پوءِ اسان پوري مڪلي جو قبرستان گهميوسين، مائي بختاور جي قبر تي وياسين ڪيترائي عاليشان مقبرا ۽ قبرون به ڏٺيوسين، جن کي ڏسي حيرت وچان ڏندن ۾ آڱريون وجهي چڪ هڻڻ لڳس.

سنڌ جي عظيم شخصيتن ۽ بزرگ هستين جي مزارن تي فاتح پڙهي سون ۽ گلن جون چادرون چاڙهيوسين مڪليءَ جي مختلف منظرن جي فوٽو گرافي ڪئي سين. مون کي مڪلي گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. دوستن سان چرچا، ڀوڳ، ٽهڪڙا گهمڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو ڏيئي رهيا هئا.

رات هڪ دوست وٽ ترسياسين. ويچاري ڏاڍي خدمت ڪئي، کيس جس هجي سڄي رات ننڊ ڪانه آئي مڪليءَ جي مڇرن ننڊئي ڪانه ڪرڻ ڏني، سڄي رات پي اسان سان حرڪتون ڪيائون.

صبح جو سج اڀري کان اڳ جهرڪن جي چون....، چونءَ جو آواز ڪنن تي پيو ته اکيون مهٽي ننڊ مان اٿياسين.

مقبول مون کي چيو ”پروانا ڪينجهر هلجي ڪيئن منهنجي آئڊيا ٺيڪ آهي“ ”اهو ته پاڻ سٺو پر پهرين شاهي مسجد ڏسجي“ مون چيومانس.

”ها....، اسان کي پهرين شاهي مسجد ڏسڻ گهرجي.“

اسان سڀ شاهي مسجد گهمڻ لاءِ روانا ٿي وياسون مسجد تمام عاليشان ۽ خوبصورت هئي اها مسجد شاهجهان جوڙائي هئي، مسجد گهمي، آءٌ مسجد جي ڪاريگرن کي داد ڏيڻ لڳس جن مسجد جي ڊزائن تخليق ڪئي هئي. اندر مسجد ۾ تمام گهڻي خاموشي هئي، منهنجي دل کي حد کان وڌيڪ سڪون ملي رهيو هو، دل پي چاهيو بس اتيئي ويٺو هجان. (شاهي مسجد) گهمڻ کان پوءِ اسان جو قافلو ڪينجهر ڪنڌيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. بس ٿورڙي دير ۾ ڪينجهر جي ڪناري پهچي وياسون.

لڳي اتر واءُ ته ڪينجهر هندورو ٿئي.

ڪينجهر ڍنڍ جا من موهيندڙ  منظر ڏسي آءٌ تمام گهڻو خوش ٿي رهيو هئس.رنگ  برنگي لباسن ۾ ڪيترائي چهرا من کي موهي رهيا هئا ۽ آءٌ انهن خوبصورت چهرن کي ڏسي ٿڌا ساهه ڀرڻ لڳس. اڄ موڪل جو ڏينهن هو ان ڪري ڪينجهر ڪپ تي ميلو متل هئو. ٽولن جا ٽولا ڪي ڪٿي ويٺل نظر اچي رهيا هئا ته ڪي وري ڍنڍ ۾ وهنجي رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي پاڻي هڻي وڏا وڏاٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، ڪي وري لانچن ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪري رهيا هئا.

رنگ برنگي چهرن کي لانچن ۾ سير ڪندي ڏسي مون کي به منهنجي اندر وارو انسان چئي رهيو هو ”پروانا مون کي به ڪينجهر جو سير ڪراءِ“ ”ها..... مان توکي ڪينجهر جو سير ضرور ڪرائيندس“ مان پنهنجي اندر واري انسان کي ننڍڙي ٻار وانگر ريجهائيندي چيومانس.

”پروانا اچ ته لانچ ۾ چڙهي ڪينجهر جو سير ڪريون“ مقبول منهنجي خيالن جو سلسلو ٽوڙيندي چيو.

”ڇا پيو سوچين....؟ پڪ شاعريءَ جي موڊ ۾ آهين“ مقبول هڪ دفعو وري مون کي ڪلهي تي ڌڪ هڻندي چيو.

مون پنهنجن سنگتين ڏانهن نهاري ڏٺو جيڪي اسان کان اڳ ۾ لانچ ۾ چڙهيو ويٺا هئا، هڪ يار رڙ ڪندي چيو ”پروانو پاڻيءَ کان ڍڄي ٿو ڇا؟“

”نه – نه اسين اچون پيا“ مون يارن کي هٿن جو اشارو ڪندي چيو. مقبول ۽ آءٌ وڃي لانچ ۾ چڙهياسون ۽ لانچ هلڻ لڳي.

ڪينجهر جا من موهيندڙ منظر ڏسي آءٌ تمام گهڻو خوش ٿي رهيو هئس. ڪينجهر ۾ لانچ ڊوڙون پائڻ لڳي. يار مون سان چرچا ڪري وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، رکي رکي آءٌ به مرڪندي چرچن جو جواب چرچن ۾ پي ڏنومان.... مون کي خبر ڪانه هئي ته لانچ ڪيڏانهن پئي هلي. مون رڙ ڪري ادل موهاڻي کي چيو ”ڀائو اسان کي نوري نماڻيءَ جي مزار تي وٺي هل.“

”سائين آءٌ اوهان کي اوڏهين ته وٺي هلان پيو.“ موهاڻي جواب ڏنو.

اسان کي پري کان ئي نوري نماڻيءَ جي مزار نظر اچي رهي هئي، اها نوري نماڻي هئي جنهن پنهنجي نوڙت سان ڄام تماچي جهڙي بادشاهه جو من جيتي ڇڏيو هو. لاکيڻي لطيف به نوري نماڻيءَ ڪردار کي پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ساراهيو آهي.

اسان هاڻي نوري جي قبر تي پهچي ويا هئاسين، نوريءَ جي قبر سڄي پٿر جي ٺهيل هئي، جيتري نوري پاڻ سادي هئي اوتري وري سندس قبر سادي هئي.

اسان ڪجهه گهڙيون اتي ئي گهاريون سين، هڪ ته هوا تمام گهڻي تيز هئي، ٻيو وري ڪينجهر جي ڇولين جو آواز اهي ٻئي منهنجي دل کي تازگي ڏيئي رهيون هيون. منهنجي دل مون کي چئي رهي هئي ”پروانا تون اتيئي ويٺو هج“ مون کي اتي ويهڻ سان سڪون ملي رهيوهيو.“

پر آءٌ مجبور هئس، ائين ڪري ڪونه سگهيس ۽ سنگتين سان واپس وري پنهنجي ماڳ تي موٽي آياسون.

(کيل ختم پيسا هضم)

 

سرهاڻ ۽ پروانو سيوهاڻي

مون کي ويٺي ويٺي اچي دل ۾ شوق پيدا ٿيو ته آءٌ ڪتاب ڇپرايان، پر مون وٽ ته ايترا پيسا به نه آهن جو ڪتاب ڇپرايان، پر هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪتاب ڇپرائيندس.

دوستن کي چيم ته ”آءٌ ڪتاب ٿو ڇپرايان ته چوڻ لڳا ”يار پروانا مهرباني ڪري اسان سان بور ڳالهيون نه ڪندو ڪر“ ٻئي دوست چيو ”راڳ سکي بس ڪئي، هاڻي وري هليو آهين ڪتاب ڇپرائڻ ڇو اچي ڇتو ٿيو آهين“ مون انهن کي چيو ”پٽ اوهان ڏسجو آئون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪتاب ڇپرائيندس.“

”تو نه ڪتاب ڇپرايو ته اسان توکي سلام ڪنداسون“ آئون اهي يارن جا چيل سمورا جملا پنهنجي جيءَ ۾ سانڊيندو ويس.“

آئون پنهنجيءَ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻارن جو رسالو گل ڦل ۽ ٻيا ڪيترائي ادبي رسالا ۽ ڪتاب گهرائيندو هئس، ان مان جيڪا ڪميشن ملندي هئي ان مان ڪجهه کپائيندو هئس ۽ ڪجهه پيسا گڏ ڪندو ٿي ويس. مون کي اهو ئي جنون هو ته مان ڪتاب ڇپرايان.

انهيءَ دور ۾ ناز سنائيءَ به سن مان (چڻنگ) رسالو ٻارن لاءِ ڪڍيو هو، ۽ اسان جي ڪلاس ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي آيو هو. مون ناز سنائيءَ کي پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلاس ۾ ڏٺو هو. رنگ ڳورو ڳٽا ڀريل اکيون وڏيون، چهرو گول، مون کي حد کان وڌيڪ وڻي رهيو هو.

سائين ناز اسان کي خاموش ڪرائيندي چيو ”ٻارو هيءَ ادو ناز سنائي آهي ۽ اوهان لاءِ ڪتاب کڻي آيو آهي، اوهان هن ادي کان ڪتاب وٺو، ڪتاب بهترين ۾ بهترين دوست آهي“ بس سائين ناز اهي جملا چيا مون يڪدم ناز سنائيءَ کان ڪتاب ورتو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيومانس ”آئون پروانو سيوهاڻي آهيان.“

”اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي“ ناز سنائي مون سان هٿ ملائيندي چيو.

مون سوچيو ناز سنائي ڪتاب ڇپرائي سگهي ٿو ته آئون به ڪتاب ڇپرائي سگهان ٿو، پر منهنجي رهنمائي ڪير ڪندو، ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ته کوڙ پيسا کپن اهي ايندا ڪٿان.

اهو دل ۾ سٽاءُ سٽي وڃي استاد بخاريءَ سان مليس (جيڪو منهنجو استاد به آهي) مون چيومانس ”سائين آئون هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيان پيو، اوهان سلسلي جو نالو تجويز ڪريو، بس منهنجو استاد کي ايترو چوڻ هو ڪجهه گهڙيون مون ڏانهن گهوريندو رهيو ۽ آئون استاد کي ڏسندو رهيس.

استاد مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ”پتڪڙا پروانا ڪتاب ڇپرائڻ ڪا ٻاراڻي راند ڪانهي، ڪتاب ڇپرائڻ هڪ وڏو ڪم آهي.

”سائين ڇا به ٿي پوي آئون ڪتاب ضرور ڇپرائيندس“مون مرڪندي چيومانس.“

”سائين اوهان صرف سلسلي جو نالو تجويز ڪريو، پوءِ ڏسو ته آئون ڪهڙا ٿو اوهان کي رنگ ڏيکاريان.“

”تون نه مڙندين....، آخر پروانو آهين نه“ استاد چپن تي مرڪ آڻيندي مون ڏانهن نهاريندي چيو، آئون به استاد ڏانهن نهاري مرڪڻ لڳس. استاد ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو. ڳوڙهيءَ سوچ ويچار کان پوءِ مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته ”پروانا (سرهاڻ) لفظ ڪيئن آهي.“

”سائين واهه........، واهه، سرهاڻ تمام سهڻو نالو آهي.“

ان ڏينهن کان پوءِ مون (سرهاڻ ڪتابي سلسلي) جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ڪتاب جو مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ٿورئي وقت ۾ منهنجو پهريون ڪتاب (انڌي فقيرياڻي) ڇپجي ٻاراڻي ادب ۾ پڌرو ٿيو. ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ مون کي ادبي ادارن ۽ ادبي تنظيمن تمام گهڻو داد ڏنو. آئون اڄ تمام گهڻو خوش هئس، جو منهنجو پهريون ڪتاب (انڌي فقيرياڻي) ڇپجي ٻاراڻي ادب ۾ پورو ٿيو هو، اڄ منهنجي محنتن رنگ لاتو هو.

اهو پهريون ڪتاب منهنجو ٻارن ۾ ايترو ته مشهور ٿي ويو جو ٻار جتي به مون کي ڏسندا هئا ته (اڙي هو ڏسو انڌي فقيرياڻي) پيو وڃيو، ٻارن جا اهي لفظ ٻڌي آئون تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه وقت ته ٻار مون کي (پرواني سيوهاڻي بدران (انڌي فقيرياڻي) چوندا هئا.

منهنجو حوصلو ۽ همت وڌندي ويئي ۽ منهنجو ٻيو ڪتاب (سهڻي صلاح) جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مون سٺ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي ٻاراڻي ادب ۾ پڌرا ڪيا آهن. اڃا به ٻارن لاءِ ڪتاب ڇپرائيندو رهندس....، جيسين ٻارن ساٿ ڏنو.

 

 

سرهاڻ جو سفر

سرهاڻ جو سفر سيوهڻ کان شروع ٿيو ۽ اڃا تائين ”سرهاڻ جو سفر“ پنهنجي رفتار سان روان دوان آهي. نه رڳو سرهاڻ جو سفر جاري آهي پر ان سان گڏ منهنجو يعني (پرواني سيوهاڻي) جو به سرهاڻ سان گڏ سفر جاري آهي، ۽ جاري رهندو.

مون هن سفر ۾ ڪيترائي ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون ۽ سٺيون آهن، زندگي جي تنها مسافر جيان صحرا ۾ هلندو رهيو آهيان. اها ئي منهنجي جيئڻ جي جستجو آهي مون پاڻ کي سدائين تنها محسوس ڪيو آهي، پر ڪڏهن به حوصلو نه هاريو اٿم، اڳتي وڌڻ جي جدوجهد ڪئي اٿم.

سچ پڇو ته منهنجا گهروارا مون کان ڏاڍا ناراض هوندا آهن ۽ مون کي چوندا آهن ته تون ڪتاب ڇپرائڻ ڇڏي ڏي. آءٌ موٽ ۾ گهر وارن کي چوندو آهيان ”ڇا به ٿي پوي آءٌ ٻارن سان ۽ ٻاراڻي ادب سان پنهنجو ناتو نه ٿو ڇني سگهان.“

مون پنهنجي عمر جو اڌ حصو ٻارن جو ادب لکندي گذاريو آهي، مون کي سموريءَ سنڌ جا ٻار ۽ نوجوان چڱي نموني سڃاڻن ٿا هو جتي به مون کي ڏسندا آهن ته، آڱر جو اشارو ڪري چوندا آهن (اهو بيٺو آهي پروانو سيوهاڻي) ڪي وري ٻار جن کي منهنجو نالو نه ايندوآهي، سي وري مون ڏانهن نهاري چوندا آهن (اڙي هو بيٺو آهي ڪتابن وارو جيڪو اسان جي اسڪول ۾ ڪتاب کڻي آيو هو).

جڏهن ٻارن جا اهي لفظ ٻڌندو آهيان ته تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان، سوچيندو آهيان ته (اڄ منهنجي محنت رنگ لاتو آهي) ڪي ٻار ته مون کان اچي پڇندا آهن ”سائين سرهاڻ اڃا نه ڇپيو آهي“ ۽ آئون موٽ ۾ پيار منجهان چوندو آهيان ”بابا سرهاڻ ڇپجي پيو“ ”سائين سرهاڻ ڇپجي ته اسان جي اسڪول کڻي اچجو“ ٻار مون کي اهي جملا ڏاڍي پيار مان چوندا آهن.

”حاضر بابا.....، حاضر“ آءٌ به ٻارن کي پيار منجهان چوندو آهيان ٻارن جي اها مون سان ۽ (سرهاڻ) سان محبت ڏسي حد کان وڌيڪ خوش ٿيندو آهيان ۽ اڃا به وڌيڪ جذبو جاڳندو آهي ته آءٌ ٻارن لاءِ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڇپرايان.

سرهاڻ جو سفر انڌي فقيرياڻيءَ کان شروع ٿيو ۽ انڌي فقيرياڻي سموريءَ سنڌ جي هڪ هڪ شهر ۾ ويئي ۽ ٻارن سان ڪچهريون ڪيائين. مزي جي اها ڳالهه آهي ته (انڌي فقيرياڻي جي لٺ پرواني سيوهاڻيءَ جي هٿ ۾ هئي، جنهن انڌي فقيرياڻي کي سموريءَ سنڌ جو سير ڪرايو. جتي جتي انڌي فقيرياڻي وئي پئي اتي ٻارن سندس گرم جوشيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ پي ڪيو ۽ تمام گهڻو کيس مان پي ڏنائون ۽ پرواني کي پي چيائون ”ادل پروانا تنهنجا اسان سنڌي ٻارن تي ٿورا آهن جو اوهان اسان لاءِ هيڪلي سر ايڏو وڏو ڪم پيا ڪريو.“

۽ پرواني جواب ۾ ٻارن کي چيو پي ”ٻارو اهو منهنجو اوهان تي ٿورو نه آهي اهو منهنجو فرض آهي، جيڪو پورو پيو ڪريان.“

هميشہ کان وٺي اها ڪوشش هوندي هئي ته آءٌ ٻارن کي اسڪولن ۾ وڃي ڪتاب ڏيان ۽ ٻارن سان ڪچهريون ڪريان. منهنجو جڏهن به نئون ڪتاب ايندو هو ته آءٌ پاڻ ڪتابن جون ڀريون ڪلهن تي کڻي سنڌ جي هڪ هڪ اسڪول ۾ ويندو هئس پهرين ته وڃي اسڪول جي هيڊ ماستر سان ملندو هئس ۽ پوءِ اسڪول جي هڪ هڪ ڪلاس ۾ وڃي ٻارن کي ليڪچر ڏيئي ڪتابن وٺڻ تي آماده ڪندو هئس. ڪي هيڊ ماستر ۽ استاد مون سان تمام گهڻو سهڪار ڪندا هئا ته، ڪي وري اهڙا به هيڊ ماستر هئا جهڙا چمڙا اصل مون کي چنبڙي ويندا هئا ۽ اسڪول مان اگهاڙي پيرين ڊوڙائي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا، اهڙن هيڊ ماسترن تي مون کي ڪاوڙ نه پر کل وٺندي هئي ته اهي هيڊ ماستر ٿيا ڪيئن؟ جن کي آئي جو آڌرڀاءُ به ڪرڻ نٿو اچي پوءِ اهڙن هيڊ ماسترن کان ته ٻار بهتر آهن جيڪي مون کي پيار ته ڪن ٿا....

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org