سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ

باب-

صفحو :3

 

منهنجو اسڪول کان ڀڄڻ

 

آءٌ پنهنجي مائٽن تي ڏاڍيون خارون کائيندو هئس ته مائٽ آخر مون کي زوريءَ ڇو ٿا پڙهائڻ چاهين، اجايو پيسو ٿا پاڻيءَ ۾ ٻوڙين، ڀلي پيا پاڻيءَ ۾ پنهنجا پيسا ٻوڙين، مون کي پڙهڻو نه آهي.

ستين درجي ۾ ٽي سال ناپاس ٿيس، ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آهي جڏهن ٽيون ڀيرو ستين جو امتحان ڏنم ۽ ناپاس ٿيس، مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو هو. مان اسڪول ۾ تمام گهڻو رنو هئم. دوستن مون کي پرچايو هو، مون کي گهر وارن مان خوف هو ته ٻڌندا ته ٽيون ڀيرو به ناپاس ٿيو آهي ته موچڙا به ڏاڍا هڻندا، ۽ گهر مان به ڪڍي ڇڏيندا. بابا مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته ”هاڻي امتحان ۾ ناپاس ٿيو آهين ته گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندوسانءِ.“

انهيءَ خوف کان گهر جي وڃڻ بدران اسٽيشن ڏانهن رخ رکيم، مون دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته هاڻي گهر نه ويندس ۽ اچي اسٽيشن تي پهس گاڏي به مون کان اڳ ۾ ئي پليٽ فارم تي بيٺل هئي آءٌ به چڙهي پيس. مون کي ڊپ به هو ته متان مون کي پٺاڻ نه کڻي وڃن. ڇو جو مون کي ننڍپڻ ۾ امڙ چوندي هئي ته ”ٻاهر اڪيلو نه وڃجان متان پٺاڻ نه کڻي وڃنئي.

آءٌ ٽرين ۾ پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اڪيلو سفر ڪري رهيو هئس ڪيڏي مهل گهروارن جي ياد آئي پي ته اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا پي جيڪي مون پنهنجي ڪميس سان اگهي ٿي ڇڏيا گاڏي هلندي رهي آءٌ چپ چاپ دريءَ کان ويٺو هيس مون کي اڪيلو ڏسي پاسي ۾ ويٺل ماڻهو ڪو ماني پيو کارائي، ڪو فروٽ پيو کارائي، ڪو وري چانهه پيو پياري، جيڪو پيو پڇي ڇوڪرا ڪيڏانهن ويندي ان کي اهو پيو ٻڌايان آءٌ سکر ويندس.... ”سکر ۾ گهر اٿئي....“؟

”منهنجا مائٽ آهن“ مڙئي انهن سان ڪوڙ ڳالهائي مون جان ڇڏائي ٿي. مان اڳ ۾ سکر ڏٺي به ڪانه هئي باقي ڪتابن ۾ پڙهيو هئم ته سکر ۾ معصوم شاهه جو منارو آهي جيڪو وڏي ۾ وڏو آهي ۽ ٻيو سکر واري پل ٻڌي هئم، دل ۾ اها خواهش هئم ته معصوم شاهه جو منارو ڏسندس ۽ سکر واري پل به ڏسندس. گاڏيءَ ۾ رکي رکي گهر وارن جا پور پي پيم ته هاڻي گهر وارا مون کي ڳوليندا هوندا، امڙ منهنجي لاءِ روئيندي هوندي.

رات ٿي ويئي هئي گاڏي به اچي سکر پهتي هئي مان گاڏيءَ مان شهر جون بتيون ڏٺم ته محسوس ڪيم سکر وڏو شهر آهي. بس اها منهنجي گاڏيءَ جي آخري منزل هئي.

آءٌ گاڏيءَ مان لهي وائڙن وانگر پليٽ فارم تي هلڻ لڳس، مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه پئي اچي ته هاڻي آءٌ ڇا ڪريان ۽ نه وري کيسي ۾ ڏوڪڙ پيسو هو جو کڻي ڪا شيءِ وٺي کائي سگهان. ان وقت منهنجي عمر تيرهن يا چوڏهن سال هئي، آءٌ ته اسڪول جي پڙهڻ کان ٿي ڀڳس پر مون هتي اچي ڏاڍو پڇتايو، اجايو گهر کان ڀڳس، ڏاڍي وڏي غلطي ڪيم.

مون کي ياد آهي مون اسٽيشن تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن ڏٺو هو ان وقت رات جا ڏهه ٿيا هئا، بک به ڏاڍي هئي پر کيسي ۾ پيسا ڪونه هئا جو پيٽ جو دوزخ ڀري سگهان، ڀلا سڄي ڏينهن جو بکارو هئس سو بک ۾ اکيون ٻاهر نڪري آيون هئم. مون ڏٺو ته هڪ همراهه ۽ سندس زال ماني کائي رهيا هئا آءٌ به وڃين سندن ڀر ۾ ويٺس ته من مون کي به ماني کائڻ جي صلاح ڪن، پر انهن مون کي صلاح نه ڪئي. آءٌ انهن کي ماني کائيندو ڏسي مون کي اڃا به گهڻي بک لڳي رهي هئي. آئون بکارو سکر جي پليٽ فارم تي مانيءَ جي ڳولا لاءِ ڀٽڪندو رهيس پر ڪٿي به مانيءَ جو ڳڀو به نه مليو (مون کي پنهنجو گهر ياد اچي ويو اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو امڙ مانيءَ ۾ ٿوري دير ڪندي هئي ته سڄي گهر کي مٿي تي کڻندو هئس، پوءِ امڙ جلدي جلدي ماني کڻي ايندي هئي) اڄ آئون ڪنهن کي مانيءَ لاءِ چوان هاڻي ته بک مون کي بيحال ڪري ڇڏيو هو. آئون آهستي آهستي وڃي هڪ هوٽل تي ويٺس،هڪ ته معصوم اڳ ۾ ئي هئس ٻيو وري مايوس ۽ نماڻو هئس دل ۾ پي خيال ڪيم ته هاڻي ڪنهن کي مانيءَ لاءِ چوان ته مون کي ماني کارائي، مون روئي ڏنو هوٽل جي مالڪ مون کي روئيندي ڏسي، سڏ ڪيو آئون روئيندو هوٽل جي مالڪ وٽ ويس هو مون کي پيار ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ”ڇوڪرا روئين ڇو ٿو؟“

مون سڏڪا ڀريندي چيومانس ”مون کي بک لڳي آهي“ وري مون روئڻ شروع ڪري ڏنو.

هوٽل جي مالڪ چيو ”روءُ نه آئون توکي ماني کارايان ٿو.“

آئون ڳوڙها اگهي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺس، بيرو ماني کڻي آيو ۽ اچي منهنجي آڏو رکيئين، آئون ماني کائيندو رهيس ۽ هوٽل جي مالڪ کي دعائون به ڪندو رهيس. ماني کائي هوٽل جي مالڪ کان موڪلائي اسٽيشن تي آيس ۽ وڃي زناني مسافر خاني ۾ سمهي رهيس.

صبح ٿيو ننڊ مان اٿيس اچي نلڪي مان هٿ منهن ڌوئي اسٽيشن تي پنڻ لڳس، شرم به ڏاڍو پي آيو، پر مجبور هئس. ”چاچا الله جي نالي هڪ روپيو ڏيو مسافر آهيان.“

ڪنهن جي دل ۾ رحم پي آيو ته روپيو ڪڍي پي منهنجي هٿ تي ٿي رکيو، ڪنهن ڏهه پيسا، چار آنا، اٺ آنا ٿي رکيا، ڪنهن ته ڇڙٻون ڏيئي ٿي چيو ”فقير معاف ڪر.“

آهستي آهستي مون کي پنڻ جي هير پئجي ويئي مون ٻن – ٽن ڪلاڪن ۾ کوڙ سارا پيسا گڏ ڪري ڇڏيم.

هاڻي مون خيال ڪيو ته سکر شهر گهمجي سو ورتم روڊ، هلندو هلندو گهمندو معصوم شاهه جي مناري تي آيس ۽ حيرت وچان مناري کي ڏسڻ لڳس ڏاڍو مٿي هو، مون مٿي مناري ڏانهن ڏٺو مناري تي بيٺل ماڻهو مون کي پکين جيترا نظر ٿي آيا. آئون پهرين ته گهٻرائجي ويس، ته هن ڊگهي مناري تي ڪير چڙهندو، پر پوءِ ٻين ماڻهن کي مناري تي چڙهندو ڏسي مون کي به شوق ٿيو ته آءٌ به مناري تي مٿي چڙهي وڃان، ۽ آءٌ به آهستي آهستي مناري تي چڙهي ويس کڻي جو هيٺ نهاريان ته مون کي وڏيون وڏيون عمارتون صفا ننڍڙيون پي لڳيون، ائين پي محسوس ڪيم ڄڻ پاٺي جا ٺهيل گهرڙا آهن، پوءِ مون سکر جو سڄو شهر گهميو.

ڏينهن جو ريلوي اسٽيشن تي گاڏين ۾ پنندو هئس رات جو ريلوي پليٽ فارم تي سمهندو هئس، پنڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو اچي ويو هو پوءِ ڪٿي ڪٿي ته ماڻهن جون ڇڙٻون به ملنديون هيون، چوندا هئا ته ”هل ڙي ڇورا هڻاءِ نه چمبو“ اهي لفظ ٻڌي منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو، هاڻي ته منهنجا ڪپڙا صفا ميرا مٽيءَ جهڙا ٿي ويا هئا، وار تيل بنا اڻڀا ٿي ويا هئم. اُس ۾ رلڻ، پنڻ سان چهري جو رنگ ڪارو ٿي ويو هئم، هٿن پيرن تي گر چڙهي ويئي هئم (جيئن لوهه کي ڪٽ لڳي ويندي آهي) منهنجا افعال صفا فقيرن جهڙا ٿي ويا هئا، جيئن ڪو گيڙن جو ٻار هجان) مون گهڻو ئي پڇتايو ته نه اسڪول کان ڀڄان ها، نه اهڙا بڇڙا حال ٿين ها. دل ۾ امڙ، ڀاءُ ۽ ڀينرن جا پور پوندا هئم ته الائجي منهنجي اباڻن جو ڪهڙو حال هوندو، مون کي پڪ هئي امڙ منهنجي وڇوڙي ۾ ضرور روئيندي هوندي، هن مون کي هڪ مزدور جو نه پر بادشاهي ٻار وانگر پاليو هو، جيڪو انگل ڪندو هئس اهو اوڏي مهل جو اوڏي مهل پورو ٿيندو هو ڄڻ (تريءَ تي بهشت) وري اهو به ڊپ هئم ته ڳوٺ ويندس ته مائٽ ماريندا، وري مان ڳوٺ وڃڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيندو هئس.

هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي منهنجي ننڍپڻ جا حسين منظر ذهن جي اسڪرين تي اچانڪ تري آيا، سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون ياد اچي ويون. ڳوٺ، گهر، ابو، امڙ، دوست، يار، رانديون، يارن سان رسڻ، پرچڻ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي ننڍڙي جسم کي هيبتناڪ بلائون بنجي هڪٻئي پويان لڳاتار ڏنگ هڻي رهيون هيون. آءٌ دل ۾ چئي رهيو هئس (اي الله مون کي پر ڏئي ته آءٌ هاڻي جو هاڻي پنهنجي ڳوٺ سيوهڻ پهچان). (موهن جو دڙو) ايڪسپريس گاڏي به پليٽ فارم تي بيٺي هئي، آءٌ هڪدم ٽرين ۾ چڙهي ويٺس ٽرين روهڙيءَ جو پليٽ فارم ڇڏيو.

ٽرين هلندي رهي، منهنجي من ۾ هڪ وڏو مانڌاڻ متل هو ڪا ڳالهه نه پئي وڻي، من اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي ته هاڻ جلديءَ ۾ سيوهڻ اچي ته وڃين پنهنجن پکن ۾ پنهنجي ماروئڙن سان ملان.

مان اڳ ۾ ٽرين يا بس ۾ سفر ڪندو هئس ته اڪثر ڪري دريءَ جي پاسي ۾ ويهندن وهئس ته جيئن قدرت جا حسين دلچسپ نظارا ۽ منظر ڏسي سگهان اها منهنجي نه پر هر هڪ ٻار جي دلي خواهش هوندي آهي ته، مان دريءَ کان ويهان، پر هن سفر ۾ آئون پنهنجي پاسي واري دري بند ڪري ڇڏي هئي، ٽرين هلندي رهي آئون سوچيندو رهيس، منهنجي سوچن جو سلسلو تڏهن ٿي ٽٽو جڏهن ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي ٽرين بيٺي ٿي. مون کي ڪا ڳالهه نه پئي وڻي، بس منزل اچي ته منهنجي ذهني پيڙاهه مان جان ڇٽي، ڪنهن اسٽيشن تي گاڏي گهڻي دير ٿي بيٺي ته مون ٽرين جي ڊرائيور کي دل ۾ گهٽ وڌ ٿي ڳالهايو، ۽ پنهنجي اندر جي باهه ٿي هلڪي ڪيم.

ٽرين اچي دادوءَ جي پليٽ فارم تي پهتي مون پنهنجي پاسي واري دري مٿي ڪري ڇڏي آئون تمام گهڻو خوش ٿيس، مون کي اهو احساس ٿيو ته پنهنجو ديش، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا گهر ۽ پنهنجا ماڻهو ڪيڏا نه پيارا آهن، سکر ۾ آءٌ پاڻ کي هيڪلو زندگيءَ جو تنها مسافر سمجهندو هئس ۽ هتي مان پاڻ کي اڪيلو نه ٿي محسوس ڪيم. مون پليٽ فارم تي ڪيترا ماڻهو (سيوهڻ) جا ڏٺا انهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس مون کي اهو احساس ٿيو ته پنهنجي ڌرتي پنهنجي آ.

ٽرين دادوءَ جو پليٽ فارم ڇڏيو آءٌ دريءَ مان اوسيئڙي سان پي پنهنجي شهر (سيوهڻ) جا نظارا ڏٺم ٽرين پنهنجي تيز رفتاري سان هلندي رهي ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن به تيز ٿيندي پئي وئي. دل ۾ چئي رهيو هئس، امڙ مون کي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي آئون امان کان سواءِ هڪ ڏينهن به ٻاهر اڪيلو نه گذاريو هو هي پهريون ڀيرو هو جو مون اڌ مهينو گهر کان ٻاهر گذاريو هو. امڙ ۽ ٻيا گهر وارا مون کي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندا. وري ساڳئي پل خوف به پي ٿيم ته متان مون کي گهر وارا مار ڪڍن، آئون انهن سوچن ۾ هئس ته گاڏي ڌڏڪو ڏيئي بيهي رهي. منهنجي سوچ جو سلسلو ڪڙيءَ ڪڙيءَ کان ڌار ٿي ويو، مون دريءَ کان ڏٺو ته بوبڪ اسٽيشن هئي، مان اڃا به گهڻو خوش ٿيس جو هاڻي منهن جي منزل سامهون هئي، بس هاڻي (سيوهڻ) اچڻ وارو هو.

ٽرين بوبڪ جو پليٽ فارم ڇڏي هلڻ لڳي، آءٌ دريءَ کان منهن ڪڍي هر هر پيءُ ڏٺم ته ڪيڏي مهل ٿا منهن جي شهر جا منظر ڏيکائي ڏين، مون کي ايتري ته خوشي ٿي ڄڻ مان سالن کان پوءِ پنهنجي ديش ڏانهن واپس وري رهيو آهيان. گاڏيءَ جي تيز هلڻ ڪري منهنجي اکين ۾ مٽي پي پئي ته به آئون دريءَ کان منهن ڪڍي پي ڏٺم ته ڪيڏي  مهل ٿو سيوهڻ اچي. مون وري جهاتي پائي ڏٺو مون کي (لعل سائينءَ) جو علم پاڪ نظر آيو ۽ پوءِ سڪندر جي قلعي جا زبون آثار ۽ پوءِ آهستي آهستي ماڙيون ۽ مٽيءَ جي ٺهيل گهرن جا نشان نظر آيا، آءٌ اهي سمورا پنهنجي شهر جا منظر ڏسي اڃا به وڌيڪ خوش ٿيڻ لڳيس، دل ۾ چوڻ لڳس آءٌ هاڻ پنهنجي شهر پهچي ويو آهيان، جنهن جي گهٽين ۽ ميدانن تي مون رانديون کيڏيندي مون زندگيءَ جا چوڏهن ورميه گذاريا هئا.

ٽرين جي رفتار آهستي گهٽبي وئي ۽ اچي پليٽ فارم تي بيٺي آءٌ ٽرين مان لهي اچي ٽانگي ۾ ويٺس ٿوريءَ درير کان پوءِ ٽانگو هلڻ لڳو ۽ آءٌ اچي شهر پهتس آءٌ ٽانگي مان لهي گهر جو رستو ورتم، رستي ۾ مون کي ڪيترائي دوست مليا، چوڻ لڳا ”پروانا ڪيڏهن ويو هئين، تنهنجا گهر وارا ڏاڍا پريشان آهن.“

آءٌ اڃا پنهنجي گهر کان ٿورو پرڀرو هئس مون کي پنهنجيءَ ڀيڻ ڏسي ورتو، تنهن ڊوڙي وڃين گهر وارن کي ٻڌايو، پوءِ ته سڄي ويڙهي جون مايون ٻار مون کي ڏسڻ لاءِ اچي دروازي تي بيٺيون هيون مون ائين سمجهيو ڄڻ ” آءٌ سومناٿ جو مندر فتح ڪري آيو هجان“ منهنجو گهر ۾ پهچڻ ۽ مائٽن جون مون کي چميون ۽ ڀاڪر پائڻ هو، مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ ڪي مائٽ وري مون کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا.

مون پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ کان امان جو پڇيو ته ”امان ڪٿي آهي....؟“

تنهن مون کي چيو ته ”اندر ڪمري ۾ ستي پئي آهي، جنهن ڏينهن کان تون ويو آهين ان ڏينهن کان وٺي هوش ۾ ناهي“ اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ۽ دل کي صدمو رسيو، آءٌ تڪڙو تڪڙو امان جي ڪمري ۾ ويس، منهنجي پويان ڀينرون، ڀاءُ ۽ پاڙي جا سمورا ٻار ويڙهي جون عورتون ڊوڙنديون آيون ”سڀني جي وات مان اهي جملا پئي نڪتا ”منظور آيو آ..... منظور آيو آ.... منظور آيو آ.“

مون ڏٺو ته امان جي مٿان سوڙ پئي هئي امان.... امان ڪري وڃين مونهن تان سوڙ لاٿي مانس، جڏهن منهنجو آواز امان جي ڪنن تي پيو ته هن اکيون کولي وائڙن وانگر مون کي ڏسڻ لڳي، سندس ٻئي اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. امان پنهن جي دل جو بوجهه هلڪو ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا پار ڪڍي روئڻ لڳي.

”امان تون هاڻي نه روءُ آئون توکي ڇڏي ڪيڏانهن ڪو نه ويندس“ مون امان جا سندس رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهندي چيو.

”پٽ توکي شابس هجي“ بس امان ايترو چئي وري روئڻ شروع ڪيو آئون امڙ جي ڇاتي لڳي ويس مون کي سندس ڇاتي تمام گهڻي گرم محسوس ٿي مون سندس نرڙ تي هٿ لائي ڏٺو ڏاڍو بخار هيس امان مون کي تمام گهڻي دير تائين ڳلن، نرڙ ۽ جسم جي تمام حصن تي چميون ڏيندي رهي ۽ پيار منجهان ڀاڪر پائي سوڙ منهنجي به مٿان وجهي سمجهي رهي.

شام ٿي بابو گهر آيو مان يڪدم وڃين سندس پيرن تي ڪريس معافي ورتي مانس بابي مون سان ڪو نه ڳالهايو، رات جو ماني کائڻ کان پوءِ امان چيس ته ”ميان هاڻي ڇڏ ڪاوڙ، ٻچڙي کي معاف ڪر، اڳتي اهڙي غلطي نه ڪندو.“

پوءِ مس مس امڙ جي چوڻ سان بابي ڳالهايو چيائين ”پٽ آئون مئو ويٺو آهيان، اڄ مران يا سڀاڻي چار اکر پيٽ ۾ هوندئي ته ڪم ايندئي، يار اسين مئا ويٺا آهيون“ بابو گهڻي دير تائين مون کي نصيحتون ڪرڻ لڳو مون بابي کي صاف صاف چئي ڏنو ته ”بابا آءٌ نه اڄ وڃان اسڪول نه سڀاڻي، جي مون کي اسڪول لاءِ چيو ته آئون گهر ڇڏي ويندوسان.“

ان ڏينهن کان پوءِ بابي مون کي اسڪول وڃڻ لاءِ نه چيو ۽ دل تان لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيائين، خرچي گهرندو هو مانس ته دڙڪا ڏيندو هو. آئون پنهنجي ڪئيءَ تي پڇتائڻ لڳس ۽ پڇتايان پيو.

 

 

 

ننڍپڻ جا اڻوسرندڙ منظر

ها.... ذهن جي اسڪرين تي هڪ ننڍو خاڪو ياد آيو اٿم – آهي ته ننڍپڻ  جو پر اڄ به ڄڻ تازو واقعو آهي. آءٌ اڃا تائين انهيءَ خاڪي تي کلندو آهيان، پر اوهان به زور سان کلندا جي خاڪو پڙهندا... پر آءٌ اوهان کي اهڙو خاڪو نه ٻڌائيندس، جو اوهان منهنجي چريائپ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيو ۽ مون کي چريو سمجهي مون تي کلو....! ها، اوهان کي کلڻ گهرجي – کل ته زندگيءَ جو حسين منظر آهي. مون کي ننڍپڻ جا اهي عڪس ۽ منظر هڪ چترڪار جي جوڙيل چتر جيان منهن جي ڪمري جي ديوار تي ٽنگيل هڪ تمام خوبصورت (پورٽريٽ) جيان لڳل آهي جنهن کي ڏسندي ڏسندي مون کي ٻالڪپڻ جون ڳالهيون ياد اچي وينديون آهن ۽ آءٌ ڪجهه دير لاءِ ماضي جي تصوراتي منظرن ۾ گم ٿي ويندو آهيان. ۽ پوءِ جڏهن تصور جا ريشمي پڙدا ڦاڙي ڇيري ٻاهر نڪري ايندوآهيان ته اکين مان لڙڪ ۽ چپن تي مرڪ تري ايندي اٿم.

٭ پهريون اڻوسرندڙ منظر:

منهن جو ننڍپڻ جو پيارو دوست (۽ منهن جو محبوب) ربڏنو عرف ربو جيڪو هاڻي ڪراچي ۾ انجنيئر آهي. اهو ۽ آءٌ  گهر ڏي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ اسان ٻنهي جو هڪ دوست مليو، جنهن اسان کي قورمي جو تباکڙو ڀري ڏنو ۽ چوڻ لڳو ”وڃي ٻئي گهر کائو“. اسان ٻئي (دوست) اهو قورمي جو تباکڙو کڻي گهر آياسون – نالو هيس قورمو پر هو ڄڻ رکو ڀت، اسان قورمي کي کائڻ لڳاسون اوچتو قورمي مان هڪ ٻوٽي نڪري آئي، اسان جون نظرون وڃي ٻوٽيءَ تي پيون. ربڏنو چوي ته اها ٻوٽي منهن جي پيٽ ۾ وڃي، آءٌ چوان ته اها ٻوٽي منهن جي پيٽ ۾ وڃي. ٻوٽي هڪڙي اميدوار ٻه – نيٺ مون ٻوٽيءَ ۾ هٿ وڌو ته ربڏني به هٿ وڌو، بس پوءِ هو ٻوٽي پاڻ ڏانهن ڇڪي آءٌ پاڻ ڏانهن ڇڪيان. مزاڪ مزاڪ ۾ هڪ خسيس ٻوٽيءَ تان وڙهي پياسون. اهڙو ته وڙهياسون جو گهر جا سمورا ڀاتي اسان کي ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙندا آيا، پر مجال جو اسين هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍون. هڪڙيءَ ٻوٽيءَ کڻي سڄو گهر ٿرٿلي ۾ وڌو هو. جڏهن وڙهي وڙهي ساڻا ٿي کٽ تي ڪري پياسون ۽ ٿڌا ٿياسون ته هو مون ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏئي آءٌ هن ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏيان ۽ پوءِ وري ڀت کي کائڻ شروع ڪيوسون. پوءِ مون سوچيو ته اهو ڪم شيطان جو ٿي سگهي ٿو، جنهن رکي ڀت ۾ ٻوٽي اڇلائي اسان ٻنهي دوستن کي پاڻ ۾ ويڙهايو.

٭ ٻيو دلچسپ منظر:

آءٌ ننڍي هوندي ناناڻي گهمڻ ويو هيس. منهن جو نانو هيڪلو پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، دراصل ۾ منهنجي ناني کي ناني ڇڏي الله کي پياري ٿي ويئي هئي، ان ڪري نانو خود پاڻ واڍڪو ڪم به ڪندو هو ۽ گهر جو به رڌو پڪو پاڻ ئي ڪندو هو. آءٌ اڪثر ڪري اسڪول کان ڀڄندو هيس ته وڃي ناني وٽ لڪندو هيس.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ناني جي پاڙي وارن ڇوڪرن سان گڏجي گاهه ڪرڻ ويس. اهي ڇوڪرا منهن جا دوست هئا، جن سان آءٌ رانديون کيڏندو هيس. دوستن مون کي چيو ”منظور گڏهه تي چڙهندين؟“

آءٌ پنهنجي عمر ۾ ڪڏهن به گڏهه تي نه چڙهيو هيس، سوچيو مان ته ”يار آءٌگڏهه تي ڪونه چڙهندس“نيٺ دوستن وري مون کي چيو ”يار گڏهه تي چڙهي ته ڏاڏو مزوايندئي“ آءٌ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته گڏهه تي سواري ٿو ڪيان. مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته گڏهه تي سواري ڪرڻ ثواب آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جن گڏهه تي تولد ٿيا هئا. سو مون به دل ۾ سوچيو ته ڇو نه اهو ثواب مون کي ملي، سو يارن کي چيم ”يارو جيڪا اوهان جي مرضي آءٌ گڏهه تي چڙهان ٿو، پر يار خيال ڪجو ڪٿي مون کي گڏهه ڪيرائي نه، آءٌ گڏهه تي ڪڏهن به ڪو نه چڙهيو آهيان“.

”اڙي ڊڄڻا گڏهه چريو ٿيو آهي جو توکي ڪيرائيندو“ هڪ دوست مون کي ٽوڪ منجهان چيو.

آءٌ به خدا تي آسرو رکي گڏهه تي لانگ ورائي ويٺس، گڏهه آهستي آهستي هلڻ لڳو. مان گڏهه تي پهريون دفعو سواري ڪري رهيو هيس ان ڪري مون کي تمام گهڻو مزو اچي رهيو هو، پر حد کان وڌيڪ خوف به هو ته متان گڏهه تان ڪري نه پوان ۽ پوءِ ٿيو به ائين. گڏهه کي مزاڪ مان الائجي ڪنهن لڪڻ وهائي ڪڍيو ۽ بس پوءِ ته گڏهه وٺي ڀڄڻ لڳو، مان وٺي دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳس تيئن گڏهه وٺي تيز ڀڳي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگهيس ۽ وڃي آٿرن سوڌو زور سان پٽ تي ڪريس، آٿرن ۾ گاهه ڪرڻ جو ڏاٽو پيل هو سو وڃي ڪک جي پاسي ۾ لڳو سڄو پاسو ئي وڍجي ويو هيڏو سارو گهاءُ ٿي پيو، ڪميس ۽ سلوار سڄي رت ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي – ڪجهه دير ته بيهوش پيو هيس جڏهن هوش ۾ آيس ته اکيون ڦيرائي ڏٺم ته منهن جي مٿان مايون ۽ ٻار بيٺل ڏٺم – مون اکيون مٿي ڪري ڏٺو، مون کي ڇت جون پٽيون نظر آيون سوچيم ته آءٌ ڪٿي آيو آهيان. پوءِ مون کي خبر پئي ته آءٌ مامي پيرل پرديسيءَ جي گهر ۾ آهيان....

منهن جو هيڻو حال ڏسي مون وارن دوستن جي مائٽن کي اچي سر سان لڳي، مائن کي اچي خوف ٿيو ته فيضل (نانو) نه ڪاوڙجي پوي. نانو ڏاڍو خارباز هوندو هو، شل نه ڪنهن تي مڇرجي پوءِ ان جو خير ڪونه هوندو هو.

مون پنهنجي ڪپڙن ڏانهن نهاري ڏٺو سڄا رت ۾ ڳاڙهي هئا. آءٌ گهر موٽي آيس، پر منهنجو منهن لٿل هو. ناني مون کي چيو ”ڇا ڳالهه آهي اڄ تون خاموش آهين؟“

مون ناني کي ڪو به جواب ڪونه ڏنو، وڃي اندر ڪمري ۾ سمهي پيس – نانو مون وٽ ڪيترا ڀيرا آيو ۽ ويو، هر دفعي پڇيئين ”ڇوڪرا ڇا ٿيو اٿئي؟“ ۽ مون جواب ۾ چيومانس پي ”نانا آءٌ ٺيڪ آهيان“ مون کي ناني جي موچڙن جو خوف هو، ان ڪري سچي ڳالهه نه پيو ٻڌايانس – سور به ڏاڍو پي ٿيم، پر ناني جي موچڙن جي ڀؤ کان ٻڻڪ به ٻاهر ڪونه ٿي ڪڍيم بس دل جو سور دل ۾ پي سانڍيم. آءٌ دل ئي دل ۾ انهن ڇوڪرن کي گاريون ڏيڻ لڳس جن مون کي گڏهه تي زوريءَ وهاريو هو، منهنجي ته گڏهه تي چڙهڻ جي ڪابه مرضي ڪانه هئي پر دوستن زوريءَ مون کي گڏهه تي وهاريو هو. بس منهنجي قسمت ۾ ڌڪ لڳڻو  هوسو لڳو، مون ناني ڏانهن نهاري ڏٺو هو منهنجي ڪري تمام گهڻو پريشان هو، ناني هڪ ڀيرو وري مون ڏانهن نهاري چيو ”ڇوڪرا تو جهڙو (شيطان) ماٺ ڪري ويهي رهي، اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي.“

آئون سور وچان ناني کي جواب ڏيئي نه سگهيس ۽ ماٺ ڪري چادر وجهي سمجهي رهيس، ناني کي ڪنهن پاڙي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته (فيضل تنهنجو ڏهٽو گڏهه تان ڪريو آهي ۽ پيٽ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿس) بس پوءِ ته نانو مڇرجي پيو ۽ وڃي جهيڙو ڪري آيو جن مون کي گڏهه تي چاڙهيو هو، ۽ صبح جو مون کي به ڳوٺ جي ٽڪيٽ وٺرايائين ۽ آئون اچي ڳوٺ ٺڪاءُ ڏنو ان ڏينهن کان پوءِ مون گڏهه تي چڙهڻ کان توبه ڪري ڇڏيم.

٭ ٽيون دلچسپ منظر:

آئون ننڍي هوندي کان وٺي ڍڄڻو آهيان اڃا تائين به اجايا سجايا ڇرڪ ڀريندو آهيان، گهر ۾ ڪنهن جي هٿ مان گلاس فرش تي ڪري پوندو آهي ته مون کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي، ڪنهن ٻار پستول جو ٺڪاءُ ڪيو مون کان ڇرڪ نڪري ويو، بس پوءِ ته دل تمام تيز ڌڙڪڻ لڳندي آهي جيئن ڪتر جي مشين هلندي آهي.

مزي جي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر ۾ اوچتو ماڻهن ۾ حيراس پکڙجي ويو جڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته هڪ خطرناڪ بلا پيدا ٿي آهي جيڪا ماڻهن کي کنيو ٿي وڃي. هر روز بلا جي متعلق نيون نيون خبرون ٻڌندا هئاسين، ته اڃا سج بيٺو هوندو هو ته اچي گهر ۾ لڪي ويهندو هئس.

هڪ ڏينهن مون کي شهر ۾ دير ٿي ويئي رات ٿي وئي، آئون شهر ۾ هئس يارن دوستن جي ڪچهريءَ ۾ مون کي بلا جو خيال به دل مان نڪري ويو هو، اوچتو بجلي هلي ويئي ۽ پوءِ مون کي بلا جي يادگيري اچي پئي مون دوستن کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته مون کي منهن جي گهر ڇڏي اچو پر سڀني اهو جواب ڏيئي ڇڏيو ته ”نه بابا ايڏانهن ڪير هلندو بلا کان پنهنجو پاڻ کارائڻو آهي ڇا.“

آخر مجبور ٿي مون کي گهر ڏانهن اڪيلو ئي وڃڻو پيو. پوءِ ته بلا جي خوف کان رکيم کڙين تي زور اڳيان پٺيان هر هر نهاريندو پيو اچان رستي ۾ ٻه – ٽي ڀينڊ به هٿ ۾ کنيم ۽ قرآن جون ننڍڙيون آيتون به پڙهندو پي آيس. دل ۽ دماغ تي خوف ۽ هراس جو راڄ پکڙيل هو، ذهن ۾ بس بلا جو ئي تصور هو، منهنجي خدا کان اها ئي دعا هئي ته آئون خير سان وڃي (ڳوٺ) گهر پهچان، ڪٿي بلا نه ڳڙڪائي وڃي.

بس آئون انهن سوچن ۾ هئس ته اوچتو منهنجي چيلهه ۾ هڪ طاقت واري مرد هٿ وجهي ڦيرائي کڻي ڪلهي تي رکيو ۽ (چرٻٽ جي قلعي) ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. بس مون کي پڪ ٿي ويئي ته اها بلا آهي، جيڪا مون کي کنيو ٿي وڃي. بس منهنجو اڄ خير ڪونهي.... آئون پنهنجيءَ جان ڇڏائڻ لاءِ زور سان واڪا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳس ”بلا ڙي.... بلا...... مون کي بچايو.....، کنيو پئي وڃي“ پر مجال آهي جو مون کي پٺيءَ تان لاهي، جيئن آءٌ دانهون ڪريان تيئن بلا وٺي ڊوڙ پائي ڀڄڻ لڳي، منهنجي دانهن ۽ ڪوڪن تي پاڙي وارا ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳا ”پهتا آهيون.... پهتا آهيون بس پوءِ ته بلا ماڻهن کي هٿ ۾ ڏنڊا ۽ لٺيون ڏسي مون کي ڇڏي وٺي ڀڳي. منهن جو ڊپ وچان سموري بدن مان ساهه نڪري ويو.

آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو هئس پوءِ مون کي پاڙي وارا گهر ڇڏي ويا. آءٌ سڄو ٿڙڪي رهيو هئس چپ خشڪ ٿي ويا هئا نڙيءَ مان آواز نه ٿي نڪتو.

منهنجي اهڙي حالت ڏسي گهر وارا پريشان ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته چهٽ پٽ ۾ ڇوڪري کي ٿي ڇا ويو. گهر وارن جلديءَ ۾ بسترو وڇائي مون کي سوڙ مٿان وجهي سمهاري ڇڏيو. مون کي اڃا تائين پوريءَ طرح سان هوش نه آيو هو.

منهنجي ذهن ۾ صرف بلا جو تصور هو، ائين محسوس ڪري رهيو هيس ڄڻ بلا مون کي کنيو پئي وڃي، ايترو چئي رهيو هيس ”بلا.... بلا.... بلا“

گهرن وارن کي شڪ پيو ته ڇوڪري کي غيبات جو اثر ته نه ٿيو آهي، سو لوبان ۽ ڌوپ گهرائي ان جو واس ڏيڻ لڳا، پر مون کي لوبان ۽ ڌوپ جو واس وڻي ئي ڪونه پيو... مون امان کي چيو ”مون کي غيبات جو ٿورئي اثر ٿيو آهي“ پوءِ مون امان کي ٻڌايو ته ”امان مون کي اڄ الله بچايو آهي.“

امان حيران ٿيندي پڇيو ”ڇا ٿيئي....؟“

مون امان کي سموري حقيقت ڪري ٻڌائي، ٿوري دير کان پوءِ ادا غلام حسين آيو ۽ مون ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ مون تي چٿرون ڪرڻ لڳو امان سمجهي ويئي ته اها شرارت سندس ئي آهي، ۽ پوءِ مون کي به خبر پئجي ويئي ته اها بلا نه پر ادا غلام حسين هو.

٭ چوٿون دلچسپ منظر:

ننڍپڻ جي اڻ وسرندڙ خوبصورت منظرن مان هي به اهڙو ئي اڻ وسرندڙ ۽ خوبصورت منظر آهي. آءٌ پنهنجي گهروارن سان حيدرآباد گهمڻ ويو هئس، حيدرآباد ۾ منهنجيءَ پڦي جو گهر آهي جنهن وٽ وڃي رهياسين، آءٌ گهر وارن سان پهريون دفعو حيدرآباد گهمڻ آيو هيس ان وقت منهنجي عمر نو – ڏهه سال هئي.

حيدرآباد جون اوچيون ۽ عاليشان عمارتون ڏسي حيراني به ٿيندي هئي، ته وري دل کي تمام گهڻي خوشي به ٿيندي هئي. ابو مون کي هر روز شام جو ڪلهي تي کڻي شهر جي مختلف رستن تي چڪر ڏياريندو هو. (ابو) مون لاءِ ڄڻ رڪشا هو، ۽ مون کي به بابي جي ڪلهي تي گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، پاڻ ٿڪبو هو ته وري مون کي پنڌ ڪرائيندو هو، شام جو هر روز گاڏي کاتي ۾ هڪ دوست سان ملڻ لاءِ ايندو هو ۽ اهو (چاچو) مون کي هر روز رپيو ڏيندو هو پوءِ بابي مون کي ٻڌايو ته، اهو منهنجو پڳ مٽ يار آهي.

هڪ ڀيري آءُ اڪيلو ٿو گهران نڪري پوان بس پوءِ آئون هيڪلو حيدرآباد جا ويڪرا رستا هلندو وڃان... گهمندو وڃان ڏسندو وڃان، پر وائڙن وانگر ڪٿي ته الاهي دير موڳن وانگر بيهي پي انهن منظرن کي پئي ڏٺم جيڪي منهنجي دل کي وڻي رهيا هئا. جڏهن گهمي گهمي ٿڪيس ۽ هڪ جاءِ تي ويهي ساهه کنيم ته سج به لهي ويو هو، بلبن ۽ راڊن ٻرڻ سان شهر جا رستا اڃا به وڌيڪ خوبصورت پئي لڳا، شهر جي حسن ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ايندو ٿي ويو، ۽ مون کي گهمڻ ۾ حد کان وڌيڪ مزو اچي رهيو هو. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ شهر کي ڪنوار وانگر سينگاريو هجي.

مون کي دير سان احساس ٿيو ته منهنجي امڙ جو الائجي ڪهڙو حال هوندو هوءَ مون کي ڳوليندي هوندي، هاڻ ته مون کان اهي سڀ رستا وسري ويا هئا جيڪي منهنجي گهر ڏانهن هئا، جيڪو مون کي مزو پي آيو اهو مون کي هاڻي (وهه) ٿي لڳو رستن تي هلندو ڪارن، موٽرن، رڪشائن جي آوازن ۾ منهنجي سڏڪن ۽ روئڻ جو آواز دٻجي ٿي ويو، جيئن وڏيون طاقتون ننڍڙي جسم کي ڳڙڪائي ڇڏينديون آهن. منهنجي روئڻ جي آواز تي ڪجهه ماڻهواچي گڏ ٿيا انهن مون کي اڙدوءَ ۾ ڪيترائي سوال پي ڪيا، پر آءٌ سڏڪن ۽ روئڻ ۾ پورو هئس. انهن مون کان گهڻو ئي پڇيو پر آءٌ ڪنهن کي به جواب ڪونه ڏنو. آخر ڪجهه ماڻهو مون کي وٺي پوليس ٿاڻي تي آيا ۽ منهنجي ٻانهن ٿاڻي جي جمعدار کي ڏئي هليا ويا.

منهنجي لاءِ اهو سمورو ماحول بلڪل نئون هو آءٌ انهيءَ کان اڳ ۾ ڪڏهن به پوليس ٿاڻو نه ڏٺو هو.

آءٌ جمعدار کي ڏسي اڃان به گهڻو روئڻ لڳس مون کي اها خبر هئي ته پوليس وارا ڏاڍو ماريندا آهن شايد مون کي به نه مارين، منهنجي سامهون ٻيا به ڪجهه ٻار هئا جيڪي هيٺ پٽ تي ويٺا هئا پوءِ مون کي هڪ سپاهيءَ ٻڌايو ته اهي جيب ڪترا (بشني) آهن انهن ماڻهن جا کيسا ڪتريا آهن ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ پڪڙي آيا آهيون.

جمعدار جلديءَ ۾ منهنجي لاءِ چانهه بسڪوٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته ”پٽ اچي بسڪوٽ چانهه پي“ مون نه ئي بسڪوٽ ٿي کاڌا نه وري چانهه ٿي پيتي نيٺ جمعدار مون کي زوري چانهه به پياري ۽ بسڪوٽ به کارايا، ۽ مون کان پڇڻ لڳو ته تون ڪير آهين ڪهڙو ڳوٺ اٿئي.....؟ هتي ڪيئن آيو آهين.

مون جمعدار کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ته ”آئون سيوهڻ جو آهيان، هتي گهمڻ آيا آهيون، منهنجي پڦيءَ جو گهر فقير جي پڙ ۾ آهي. هو منهنجي من کي وندرائڻ لاءِ مون کان سيوهڻ جون خبرون پڇڻ لڳو، منهنجون مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون جمعدار کي وڻي ويون هو مون کي تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳو.

رات ٿي ويئي هئي، چاچو جمعدار منهنجي لاءِ رات جي ماني به وٺي آيو، مان ماني کائي سمهي رهيس. مون کي چاچي جمعدار پڪ ڏني هئي ته سڀاڻي آءٌ توکي سيوهڻ يا فقير جي پڙ وٺي هلندس هاڻي رات ٿي ويئي آهي.

آءٌ ننڊ ۾ هئس ته مون کي چاچي جمعدار ننڊ مان اٿاري ٻاهر ورانڊي ۾ وٺي آيو مون ورانڊي ۾ چاچي هارون کي ڏٺو جيڪو اسان جي شهر جو واپاري هو.

چاچي جمعدار مون ڏانهن نهاري چاچي هارون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”هن کي سڃاڻي ٿو....؟“

مون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي چيومانس ”هيءُ چاچو هارون سومرو آهي، ۽ اسان جي شهر جو واپاري آهي.“

چاچي جمعدار چيو ”تون هن سان گڏ ويندين.“

ها مان هن سان گڏ ويندس“ مون چاچي جمعدار کي چيو.

چاچو هارون ۽ آءٌ چاچي جمعدار کان موڪلائي حيدرآباد جي سٽي ٿاڻي کان ٻاهر نڪتاسين، رستي ۾ مون کان پڇيائين ”منظور تون هتي ڪيئن ڦاٿين؟“

مون چيومانس چاچا گهمڻ لاءِ نڪتس ته گهر جو رستو ڀلجي ويس ۽ ٿاڻي تي اچي پهتس، پر اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته آءٌ ٿاڻي تي ويٺو آهيان“ مون چپن تي مرڪ آڻيندي پڇيومانس.

چاچي هارون مون ڏانهن نهاريندي چيو ”مون ريڊيو ۾ اعلان ٻڌو ته سيوهڻ جو ڇوڪرو نالي منظور سومرو حيدرآباد مان گم ٿي ويو آهي، وارث سٽي ٿاڻي تان وٺي وڃن. اهو اعلان ٻڌي ٿاڻي تي هليو آيس.“

پوءِ چاچو هارون ۽ آئون شاهي بازار ڏيئي فقير جي پڙ ۾ آياسين. هو مون کي پڦيءَ (گلان جي گهر) ۾ ڇڏي پاڻ موڪلائي هليو ويو.

مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته گهر وارا منهنجي ڪري تمام گهڻو پريشان هئا، امڙ ته روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون هيون.

امڙ مون کي ڏسڻ سان پنهنجي ٻانهن ۾ آڻي، ڇاتيءَ سان لائي مٺيون ڏيڻ لڳي... ۽ مون کي سندس ڀاڪر ۾ ئي ننڊ اچي وئي.

 

 

شاعر ڪيئن ٿيس....!

 

منهنجي ذهن ۾ اهائي ڳالهه هئي ته شاعر ضرور ٿيندس ۽ ٻيو وري مون کي هڪ شاعر به چيو هو ته ”جي اوهان شاعر آهيو ته بيشڪ پروانو سڏايو نه ته“ مون کي الائجي ڇو پرواني جي ڪردار سان ايتري محبت هئي، پروانو ته پتڪڙي جيت جو نالو آهي، مگر آءٌ جيت ٿورئي آهيان، آءٌ ته انسان آهيان انسان ته انسان سان محبت ڪندو آهي، پر آءٌ ته هڪ جيت سان محبت پيو ڪريان، مان پاڳل ته ڪونه ٿي ويو آهيان، ڪٿي آئون، ڪٿي پروانو (جيت).

اڪثر ڪري مون کي دوست چريو چوندا هئا، ۽ مائٽن کي ٽوڪ منجهان چوندا هئا ته (هاڻي ته منظور چريو ٿيو اٿو عشق به ڪرڻ سکيو اٿو، ڪابو ڪريوس نه ته پٽڙيءَ تان لهي ويندو) اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري چوندا هئا ته آئون شاعري ڪندو هئس ۽ مون کي شاعري ڪرڻ جو حد کان وڌيڪ شوق به هو ته، هڪ ڏينهن نالي وارو شاعر ٿيان. اها آس دل ۾ رکي منهنجي اندر جو انسان شاعري ڪرڻ لڳو. بس پوءِ ڪوري ڪاغذ تي پنهنجي اندر جا جذبا ۽ احساس شاعريءَ جي شڪل ۾ ڇٽيندو هئس.

مزي جي ڳالهه آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ شاعر جو گهر هوندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن ان جي جاءِ تي مشاعرا ٿيندا هئا، آئون به انهن مشاعرن ۾ پنهنجا شعر پڙهندو هئس، منهنجا شعر ٻڌي شاعر مون کي تمام گهڻو داد ڏيندا هئا، منهنجا شعر اهڙا سٺا به ڪو نه هوندا هئا پر، شاعر منهنجو حوصلو وڌائڻ لاءِ مون کي داد ڏيندا هئا.

بس پوءِ ڪٿي به مشاعرو ٻڌندو هئس ته اتي وڃي پهچندو هئس. پوءِ چاهي مشاعرو چنڊ تي هجي يا جبل جي چوٽيءَ تي، پروانو وڃي پهچندو هو.

مشاعرن ۾ اچڻ – وڃڻ سان سنڌ جي تمام برک اديبن، شاعرن سان ادبي رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ مون تمام گهٽ وقت ۾ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو.

مون کي اڃا تائين اهو ڏينهن به ياد آهي ته جڏهن منهنجي پهرين ڪهاڻي ۽ تصوير (هلال پاڪستان) جي ٻارن جي صفحي (گلن جهڙا ٻارڙا) ۾ ڇپي هئي. مون کي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، نه رڳو مون کي خوشي ٿي پر منهنجيءَ امڙ کي به تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، هوءَ منهنجي تصوير اخبار ۾ ڏسي اڃا به وڌيڪ خوش ٿي، پر بابا ڏاڍو ناراض ٿيو هو ان کي اهي منهنجون حرڪتون پسند ڪونه اينديون هيون. پوءِ آءٌ لڳاتار ٻارن جي صفحي ۾ لکندو هئس. انهيءَ دور ۾ جيڪي ٻارن لاءِ لکندا هئا اهي هئا نصير مرزا، ادل سومرو ۽ ٻيا جن جا نالا منهنجي ذهن جي پڙدي تان لهي ويا آهن. پر اسان ٽيئي ٻارن لاءِ لکندا هئاسين ۽ اڃا تائين ٻارن لاءِ پيا لکون.... ۽ لکندا رهنداسين.

آءٌ شروع کان اڄ ڏينهن تائين عشقيه شاعري ڪئي آهي ۽ ڪندو اچان پيو. ننڍپڻ ۾ آءٌ ريڊيو حيدرآباد تي (استاد بخاري) جو ڪلام (وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين پيار نٿو پلجي). آءٌ سڄو ڏينهن پيو انهيءَ ڪلام کي ڳائيندو هئس مون کي استاد بخاريءَ جي شاعري تمام گهڻي پسند ايندي هئي. مان شاعري ته ڪندو هئس پر شاعريءَ جي قائدن ۽ قانونن کان بالڪل بيخبر هيس. مونکي اها خبر ڪانه هئي ته بحر وزن ڇا آهي، رديف قافيه ڇا آهي، بس مڙئي شاعري پيو ڪندو هئس. مون کي اهو احساس ٿيو ته آءٌ ڪنهن کان شاعريءَ جي مڪمل تعليم وٺان، ۽ ڪجهه پرايان، باقي ائين گاڏي ڪانه هلندي.

اهو سوچي آءٌ دادو آيس ۽ اچي استاد بخاري سان مليس. استاد بخاري مون کي اڳ ۾ به ڪيترن ئي مشاعرن ۾ ڏٺو هو، ۽ مون کي چڱي نموني سڃاڻيندو هو مون کي ڏسي چيائين ”پروانا ڪيئن آيو آهين....؟“ مون مرڪندي چيومانس ”سائين آءٌ اوهان سان ملڻ آيو آهيان“ سندس پاسي ۾ پروفيسر گل حسن ٻرڙو صاحب به ويٺو هو، ساڻس پهرين ملاقات هئي. سائين گل ٻرڙو اسان کان موڪلائي هليو ويو.

بخاري صاحب وري مون کان پڇيو ”پروانا خوش ته آهين.... شاعري ڪرين پيو....؟“

مون چپن تي مرڪ آڻيندي چيومانس سائين مڙئي ٿوري گهڻي.

بخاري صاحب وري مون کي نصيحت ڪندي چيو ”پروانا پنهنجي تعليم جاري رکجان.“

ها سائين“ مون ڪنڌ لوڏي جواب ڏنومانس.

ها هاڻي ڏي حال احوال ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“

”سائين آءٌ اوهان وٽ شاعري سکڻ آيو آهيان“ مون کي شاعري سيکاريو.“

ڪجهه دير کان پوءِ چيائين ”ها مان اوهان جي رهنمائي ضرور ڪندس.“

اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ آئون سندس جا ٿورا مڃڻ لڳس ۽ پوءِ جيڪا به شاعري ڪئي هئم انهيءَ جي اصلاح به آهستي آهستي ڪرائيندو ويس ۽ پاڻ به مون کي شاعريءَ جي قائدن ۽ قانونن کان واقف ڪندو رهيو، ۽ منهنجي رهنمائي به ڪندو رهيو. آئون سندس جو ٿورائتو آهيان.

هاڻي آئون اڳئي کان به وڌيڪ سٺي ۽ پختي شاعري ڪرڻ لڳس ۽ اها مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳي.

 

 

ڪاش راڳ سکان ها....

 

هي به هڪ اوهان کي کلائڻ لاءِ هڪ مزيدار ۽ دلچسپ خاڪو آهي پڙهندا ته کلندا، جي کلندا نه ته به ضرور مرڪندا ڇو جو خاڪو ئي اهڙو آهي.

هي خاڪو ڪجهه هن ريت آهي ته (اوچتو ئي اوچتو مون کي اچي شوق ٿيو ته آئون راڳ سکان ۽ پاڻ کي راڳي سڏايان.

مون پنهنجي پڦيءَ کي چيو ”پڦي مون کي هارمونيم وٺي ڏي؟“

پڦي راڳ سکندس“ چيومانس.

پڙهي اڪ ڪارا ڪيئي، هاڻي ٿو راڳ سکين“ پڦيءَ ڪاوڙ مان مون ڏانهن نهاريندي چيو... ۽ پوءِ پنهنجي منهن مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي.

مون کي حد کان وڌيڪ راڳ سکڻ جو جنون هو، پر هاڻي راڳ سيکاري ته سيکاري ڪير! مون کي خيال آيو ته ڇو نه (استاد مکڻ فقير) کان راڳ سکان آئون وڃي استاد مکڻ فقير سان مليس. چيومانس ”استاد مون کي راڳ سيکار، ۽ مون کي پنهنجو شاگرد بناءِ.“

سو چوڻ لڳو ”ها.... آئون توکي راڳ سيکاريندس، پر هڪڙي شرط سان.“

استاد مون کي تنهنجي هر شرط منظور آهي“ مون خوش ٿيندي چيومانس.

”جيئن چوندوسئين تيئن ڪندي“ استاد وري مون کي چيو.

مون کي به هو راڳ سکڻ جو جنون سو يڪدم چوڻ لڳس، استاد مون کي تنهنجي هر شرط منظور آهي.“

آءٌ استاد کي ساڻ ڪري پڦيءَ وٽ آيس چيومانس ”پڦي هيءُ استاد مکڻ فقير آهي، راڳ جو ڄاڻو آهي، منهنجو استاد آهي.“

پڦي چيس ته ”پٽ منهنجي منظُور جي پارت اٿئي“

امان تون فڪر نه ڪر آءٌ منظور کي گويو ڪندس، گويو. سندس سريلو آواز جهرجهنگ پيو گوجندو.

اهي لفظ استاد مکڻ جا ٻڌي اڃا به وڌيڪ خوش ٿيڻ لڳس ته واقعي آئون به هڪ ڏينهن گويو ٿيندس. منهنجو آواز ريڊيو ۾ ماڻهو ٻڌندا، پنهنجي پر ۾ تمام گهڻو خوش ٿيڻ لڳس.

استاد مون کي پڦيءَ جي روبرو پشم جو ڳاڙهو ڳانو ٻڌي چوڻ لڳو ”اڄ ڏينهن کان وٺي تون منهنجي شاگرديءَ ۾ آهين.

آئون پنهنجيءَ ٻانهن ۾ ڳاڙهو ڳانو ٻڌل ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس، دوستن ۽ مائٽن مون کان پڇيو ته (هيءُ ڳانو ڇو ٻڌو اٿئي) شادي ڪئي اٿئي ڇا.“

مان انهن کي چوندو هئس ”راڳ ٿو سکان“ منهنجا اهي لفظ ٻڌي دوست ۽ مائٽ ٽوڪون ڪندا هئا، جتي به مون کي ڏسندا هئا ته مون ڏانهن نهاري چوندا هئا، آيو اٿو استاد منظور علي چنان.“

استاد مون کي ڀڳل هارمونيم به وڄائڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو. ايندو ته وڄائڻ ڪونه هو، پر مڙئي سر سان سر ملائيندو هئس منهنجي آواز تي پاڙي جا ٻار اچي مون وٽ گڏ ٿيندا هئا.

استاد مکڻ فقير هر روز مون کي راڳ جي سکيا ڏيڻ لاءِ شام جو منهنجي گهر ايندو هو آئون استاد جي اچڻ کان پهرين سندس لاءِ پنهنجيءَ خرچيءَ مان پن جون ٻيڙيون ۽ ماچيس وٺي رکندو هئس جيئن استاد جي دل راضي ٿئي ۽ مون کي راڳ جلديءَ ۾ سيکاري، جيئن ئي استاد ايندو هو ته آئون سندس اڳيان ٻيڙيون ۽ ماچيس نذراني طور رکندو هئس ۽ استاد چپ چاپ ۾ کڻي پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيندو هو.

استاد سڀ کان پهرين مون کي (مالڪوس) ۽ (درٻاري) راڳ سيکارڻ جي ڪوشش پي ڪيائين پر منهنجي سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه نه پئي اچي (ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون).

مون استاد کي چيو ”استاد مون کي سرگرم سيکار“ ته چوڻ لڳو ته پهرين (درٻاري) راڳ سيکاريندس ان کان پوءِ سرگم سيکاريندوسانءِ استاد هڪڙيءَ تي آئون ٻيءَ تي، آخر هڪ ڏينهن آئون ۽ استاد پاڻ ۾ ڳنڍجي پياسون. آخر استاد مون کان ڪاوڙجي پنهنجو باجو ڪلهي تي رکي هليو ويو.

ڪافي ڏينهن گذري ويا وري مون وٽ ڪونه آيو، مون کي راڳ سکڻو هو سو (استاد مکڻ) کي منٿون ميڙون ڪري پرچائي گهر وٺي آيس.

استاد به هو لالچي سو مون سان گڏ هليو آيو هاڻي استاد مون کي (سرگرم) سيکارڻ شروع ڪيو هو، آئون به پڪو ٿي ويو هئس. اڳ ۾ استاد لاءِ پڙي ٻيڙين جي ۽ ماچيس روز وٺندو هئس. هاڻي اهو بند ڪري ڇڏيو هومانس، استاد کي ٻيڙيون نه ملڻ ڪري سندس مونهن تي ٻارنهن وڄي ويندا هئا، پر مون کي ڪجهه به چئي ڪونه سگهندو هو. مان سمجهي ويندو هئس ته، استاد جي اندر ۾ ڪهڙي ويڌن آهي.

هڪ ڏينهن استاد اٿلي پيو ۽ چئي ڏنائين ”پٽ راڳ سکڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. اسان استادن جون وڏيون خدمتون ڪيون پوءِ راڳ سکياسين، استاد جيڪا به فرمائش ڪندو هئو سو بنا دير جي پوري ڪندا هائون، اسان استادن جون اهي خدمتون ڪيون جو وڃي ٿيا خير.“

آئون ته سمجهي ويس ته استاد چئي ته مون کي پيو پر مونهن جو پڪو ٿي ويهي رهيس، استاد هارمونيم تي هٿ رکي چوندو هو سا..... سا ۽ پوءِ آئون به استاد جي سر سان سر ملائي چوندو هئس ”سا.... سا.“

استاد يڪدم چوندو هو ”بس.... بس، هاڻي (سا) سکين وئين، وڃي چانهه وٺي اچ“ آئون استاد جو حڪم بجاءِ آڻڻ لاءِ يڪ استاد لاءِ چانهه وٺي ايندو هئس.

وري ٻئي ڏينهن مون کي سبق سيکارڻ لاءِ ايندو هو ته مان استاد جي سامهون ويهندو هئس، استاد وري چوندو (ري..... ري).

آئون به ساڳئي انداز ۾ استاد جي سر سان پنهنجو بيسرو سر ملائي نڙيءَ مان آواز ڪڍي چوندو هئس، ”ري.....“ بس پوءِ وري يڪدم فرمائش ڪري چوندو هو بس..... بس، هاڻي (ري) سکي ويو آهين، وڃي ٻيڙين جي پڙي وٺي اچ. آئون راڳ سکڻ جي خوشيءَ ۾ استاد لاءِ ٻيڙين جي پڙي وٺي آڻي ڏيندو هومانس.

وري منهنجو هٿ (هارمونيم تي رکائي چوندو هو ته هاڻي چئو (گا.....) آئون به چوندو هئس ”گا....“ ته استاد چوندو هو ته ”وڃ منهنجي ٻارن لاءِ شيءِ وٺي اچ“ بس پوءِ ته استاد مون کي شاگرد نه پر هڪ (قربانيءَ جو ٻڪرو) ٿي سمجهيو. هر هر فرمائش جي مٿان فرمائش ڪرڻ لڳو. مون کي روز جيڪا خرچي ملندي هئي، سا استاد جي آڏو رکندو هئس...، باقي آئون پيو پنهنجا چپ چٽيندو هئس.... مون دل ۾ سوچيو استاد اڃا ته سا، ري، گا تائين راڳ سيکاريو آهي ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿس، اڳتي ته مون سان الائجي ڪهڙي حالت ڪندو.

پر مون کي راڳ سکڻو هو، سو صبر سان سڀ ڪجهه سهڻو پئجي ويو هڪ دفعي مون کي چيائين ته مون کي گهران کٽ آڻي ڏي، سو مون پڦيءَ کان موڪلايو به ڪونه استاد کي کٽ کڻي ڏنم.

پڦيءَ مون کان پڇيو ته ”کٽ ڪيڏانهن وئي“ ته مون جواب ۾ چيومانس ته ”پڦي کٽ مون استاد مکڻ کي ڏيئي ڇڏي آهي“ بس منهنجو ايترو چوڻ پڦي مون کي ککر وانگر چنبڙي وئي ۽ ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳي ته ”مون کي منهنجي کٽ وٺي آڻي ڏي نه ته آءٌ وڃي ٿي ڏاڙهي پٽيانس.

اها منهنجي استاد جي شان ۾ گستاخي هئي سو مون به ڪاوڙ مان پڦيءَ کي چيو ”منهنجي استاد کي گهٽ نه ڳالهائي توکي کٽ ملي ويندي.“

ان ڏينهن کان پوءِ وري مون کي استاد راڳ سيکارڻ نه  آيو، مون کي به استاد تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. ملي ته سڀ ٿو ڪسرون ڪڍانس فراڊي ڪنهن جاءِ جو.

پڦيءَ ۽ منهنجو گهر ۾ روز کٽ تان جهيڙو ٿيندو هو ۽ چوندي هئي ته ”اهڙو راڳ سکڻ جو شوق هئي ته ماڻهين جي وڃي کٽ ڏينس ها، مون مسڪين جي کٽ ڇو ڏنئي.

آءٌ وري مونهن ۾ شور وجهي چوندو هئومانس ”کٽ ڀري ڏيندو سانءِ ساهه نه وڃنئي.“

هڪ ڏينهن پڦي برقو پائي پاڻ وڃي (استاد مکڻ فقير) جو دروازو کڙڪايو، پوءِ ته استاد سان اهڙو ته ڳنڍجي پئي جو وڃي ٿيا خير..... کٽ ته کڻي آيس پر سندس مٿان اوڙو پاڙو به کلائي آئي. وري مون ڪيترا مهينا استاد کي نه ڏٺو. ان ڏينهن کان پوءِ مان راڳ سکڻ کان توبهه ڪري ڇڏي. (اهڙو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني).

 

 

 

آئون ڪمرو ۽ ڪتاب

آئون شاعري ڪندو هئس، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکندو هئس، مون کي چٽي يادگيري آهي. جڏهن منهنجو پهريون انٽرويو ٻارن جي رسالي (گل ڦل) ۾ ڇپيو هو، نه رڳو مون کي خوشي ٿي هئي، پر منهنجي گهروارن کي به تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. هاڻي ته مون کي دوست به منٿون ڪندا هئا ته ”پروانا ڪو تازو غزل ٻڌاءِ.“

پر آءٌ دوستن کي غزل نه ٻڌائيندو هئس، انهيءَ ڪري ڪو نه ٻڌائيندو هئس جو هو مون کي اڳ ۾ ٽوڪون ڪندا هئا. چوندا هئا، (هي به سوکڙي شاعر ٿيندو). آءٌ مشاعرن ۾ به شعر پڙهندو هئس، ادبي دنيا ۾ سنڌ جي برک اديبن شاعرن سان ملاقاتون ٿينديون هيون انهن سان ملي منهنجي دل کي سڪون ملندو هو.

ٻالڪپڻ کان وٺي آءٌ ڏاهن جي صحبت ۾ رهيس ۽ اڄ آءٌ ”سرهاڻ“ ڪتابي سلسلي جو سرواڻ آهيان، ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿم.

سڄو ڏينهن پيو پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪندو هئس. مون کي خبر هئي ته (ڪتابن جهڙو ڪو ٻيو دوست ٿي نه ٿو سگهي) جيڪا به خرچي ملندي هئي اها ڪتابن تي خرچ ڪندو هئس. مون وٽ تمام گهڻا ڪتاب گڏ ٿيا هئا ۽ مون هڪ ننڍڙي لائبريري ٺاهي هئي، پڦي مون کي تمام گهڻو ڳالهائيندي هئي، چوندي هئي ”ڪتابن تي اجايا پيسا ٿو خرچ ڪرين ڪتاب نه وٺندو ڪر.“

آءٌ چوندو هومانس ”پڦي ڪتاب منهنجا دوست آهن ۽ آءٌ دوستن کي نه ڇڏيندس.“

ته ڪاوڙ مان چوندي هئي ته ”وڃي ڌوڙ پاءِ.“

آءٌ ڪم ڪار کان واندو ٿيندو هئس ته پنهنجي ننڍڙي  ڪمري ۾ (جيڪا منهن جي لاءِ هڪ خوبصورت دنيا هوندي هئي) آءٌ ان خوبصورت دنيا ۾ اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو پڙهندو هئس، بس ڪمري ۾ ڪتاب ۽ مان هوندو هئس، خاص ڪري سنڌ جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن کي پڙهندو هئس جن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، تنوير، تاجل. هڪ ٽهيءَ وارن شاعرن ۾ اياز گل ۽ ادل سومري کي پڙهندو هئس. ڪهاڻيڪارن ۾ وري امر جليل کي پڙهندو هئس مون کي امر جليل جي ڪهاڻيون پڙهڻ ۾ تمام گهڻو مزو ايندو هو.

منهن جي دل ۾ اچي شوق جاڳيو ته انهن اديبن ۽ شاعرن سان ادبي رهاڻيون ڪريان.

آءٌ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد گهمڻ آيو هئس، مون کي خبر هئي ته انور هالائي (ايڊيٽر گل ڦل) ادبي بورڊ ۾ آفيس اٿس، آءٌ گهران هار سينگار ڪري سوسائٽيءَ مان ايس آر ٽي، جي بس ۾ سوار ٿي ڄامشوري آيس مون کي خبر ڪانه هئي ته (سنڌي ادبي بورڊ) جي آفيس ڪٿي آهي. چوندا آهن (پڇڻا نه منجهڻان) آئون به پڇا ڪرائيندو ادبي بورڊ جي آفيس ۾ پهتس اتي منهنجي ملاقات انور هالائي ۽ امداد حسينيءَ سان ٿي انهن مون کي تمام گهڻو پيار ڏنو. سائين نثار حسيني، نصير مرزا، طارق عالم، اياز عالم ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن سان منهنجون ملاقاتون ٿينديون هيون.

ڪيترن اديبن ۽ شاعرن سان ادبي ملاقاتون ادبي گڏجاڻين ۽ مشاعرن ۾ ٿينديون هيون، ۽ پوءِ آهستي آهستي سنڌ جي سمورن ترقي پسند اديبن سان زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ اڃا تائين انهن اديبن سان منهنجا ادبي ناتا قائم آهن، ۽ قائم رهندا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org