سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سچل سارو سچ

باب-

صفحو :3

ملڪ نديم

سچل سرمست جا حاڪم طبقن سان تعلقات

حڪمران طبقن جا رشتا ناتا،  سنگت ساٿ، عقيدتون ۽ دوستيون سڀئي سياسي ٿينديون آهن. هو پنهنجي دور ۾ زندهه يا لاڏاڻو ڪيل جيڪو به ادب شاعر، عالم بزرگ ولي ۽ درويش عوام ۾ مقبول ڏسندا آهن انهن سان سٺا تعلقات ۽ ويجهڙايون رکڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. جيئن عوام ۾ سٺا اثر پيدا ٿين.

انهن کي جاگيرون ڏيندا آهن، انهن جون مزارون ٺهرائيندا آهن انهن جا ميلا ڪرائيندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن عظيم انسانن جي عوام دوستي کي لڪائڻ پنهنجو طرفدار، پنهنجي ڌر جو، پنهنجي فڪر جو ترجمان ۽ محافظ ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪندا آهن ۽ ٻيو ان ڪري به ته حڪمران ملڪ جي لکين ماڻهن جي مادي ضرورتن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ لاءِ خيالي ۽ خالي عقيدتمند ۽ روحانيت تي زور ڏيندا آهن.

سچل به پنهنجي دور ۾ مشهور ۽ مقبول شاعر هو، عام ماڻهو سچل جي گهڻي لهه وچڙ ۾ هوندا هئا. سندس ڪچهري متل هوندي هئي ڇاڪاڻ ته سچل جي شاعري جو مرڪزي نقطو عوام دوستي هو. ان دور جي مخصوص طبقن جي سياست معاشي ۽ سماجي نظام عوام ۾ بي چيني، بي همتي، خوف ڊپ تعصب ۽ تنگ نظري پيدا ڪري ڇڏي هئي جيڪا اوچ نيچ واري سماجن ۾ هر دور جي حاڪمن جي مفاد ۾ هوندي آهي، ان جي ابتڙ عوام جو مذڪوره خامين جي پيدا ٿيڻ ڪري، قومي ۽ طبقاتي ڪردار پست ٿي ويندو آهي. هو پنهنجي قومي ۽ طبقاتي حيثيت، بحال ڪرائڻ واري، سياسي جاکوڙ کان لاتعلق ۽ بيگانه ٿي ويندا آهن اهڙين حالتن ۾ ڀٽائي ۽ سچل جهڙا دورانديش ۽ محب وطن شاعر پيدا ٿيندا آهن. سچل به اهڙين عوامي خامين کي دور ڪرڻ لاءِ شاعري جو گس ورتو. ۽ اهڙي طرح سچل جي شاعري هزارين ماڻهن کي ڇڪي ورتو. جڏهن عام ماڻهو سچل جا پوئلڳ ٿيڻ لڳا ته حاڪمن، سچل سان تعلقات وڌائڻ ضروري سمجهو. اول حڪمرانن، سچل سان تعلقات رکيا نه ڪي سچل پهل ڪئي. اها حاڪم طبقن جي ضرورت هئي دوستي جي موٽ ڏيڻ سچل جي هڪ مصلحت هئي. جنهنکي سچل جي پنهنجي دور ۽ ماحول جي پس منظر ۾ پرکڻ سمجهڻ گهرجي. پر ان تي تاڙيون نه وڄائجن بغليون نه هڻجن ته سچل جهڙي ارڏي انسان جا وقت جي ٽالپر حاڪمن سان سٺا تعلقات هئا. ڇاڪاڻ ته ساڻيهه سانگيئڙن سان پيار ڪرڻ واري شاعر ۽ اديب جو وقت جي طبقاتي نظام جي محافظ حاڪم طبقن سان، سٺا تعلقات رکڻ هڪ وڏو عيب آهي.

سچل سائين پنهنجي چاچي عبدالحق کي مرشد سڏيندو هو. ميان عبدالحق جي ڏينهن ۾، سنڌ جا حاڪم مير سهراب خان ۽ سندس پٽ مير رستم خان هو. فاروقي بزرگن سان تعلقات قائم هئا.

هڪ پاسي مير رستم خان، فاروقي بزرگن کي، ديهه درازا جاگير ڪري ڏني. ڪجهه جاگير، ڪنڊيارو تعلقي ۾ پڻ عطا ڪئي، ان سان گڏ، مير رستم خان، فاروقي بزرگن جي رهائش لاءِ بنگلو جوڙائي ڏنو ۽ درگاهه شريف جو، قبو به تعمير ڪرايو. وقت بوقت درگاهه تي اچي، گهڻو نذرانو به ڏيندا هئا.

ٻي پاسي کهڙن جا مخدوم ۽ ٻيا ملان قاضي، سچل سرمست جا، سندس منصوري نعري ڪري ، سخت مخالف هوندا هئا. مٿس ڪفر جون فتوائون صادر ڪندا هئا پر هو ان دور ۾ ڪيترن، ڪٽرپڻي خلاف جهاد ڪندڙن کي سزائون نه ڏياري سگهندا هئا اهڙن تعلقاتن ڪري. سچل سرمست شرعي سزائن کان بچندي، ملان جي ڪٽرپڻي خلاف، شاعري وسيلي جهاد ڪندو رهيو ۽ عوام کي رنگ نسل، ذات پات، اوچ نيچ جا ويڇا ختم ڪرڻ جا ڏس ڏيندو رهيو عوام ۾ ايڪتا ۽ اتحاد، دليري ۽ عظمت جا جذبا پيدا ڪندو رهيو. سچل جي من ۾، ميرن سان تعلقات رکڻ جي، اولين مراد ئي اها هئي مصلحت به اهائي هئي. ان ڪري سچل ان وقت جي سرڪاري زبان فارسي ۽ ميرن جي گهرو ٻولي سرائڪي ۾ به شاعري ڪندو رهيو عوام کي ذهني غلامي واري فڪر کان به آزاد ڪندو رهيو، ته ٻي پاسي فتوا بازن کان به، پاڻ بچائيندو رهيو.

 

خادم حسين عباسي

”ڪو حق چوي ڪوئي ناحق چوي“

اسان جي سدا حيات صوفي سنتن ۽ شاعرن سان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو هرڪو پارکو سندن ڪوتا کي پنهنجي ذاتي نظرين ۽ سوچ جي پسمنظر ۾ پرکي ۽ پروڙي ٿو. شاعرن جي سوانح توڙي شاعريءَ کي ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي پسمنظر ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي خير ڪا ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

اسان جي شارحن ۽ مرتبن ور ور ڪري اهو ساڳيو پراڻو رينگي جو رڪارڊ پئي وڄايو آهي ته ”هي شاعر ڪاني ڪرامت جا صاحب، شرع جا پابند ۽ پنهنجي وقت جا وڏا بزرگ هئا.“

جيتوڻيڪ انهن سنتن پنهنجي پيغام (جيڪو شاعريءَ ۾ ڏنل آهي) ۾ انهن سڀني مروج نظرين جي وڏي واڪي نهايت بي ڊپائيءَ سان ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي بغاوت ڪئي آهي.

”دل سان ذرو درد قبوليم ڪشف قبور ڪرامت ڪين“

”سر پنهنجو سارو سڃاڻج، ڏي ڪن نه ڪرامت کي“

”من مست خرابات، شدم مست خرابات“

”نه طالب و ظائف نه ڪشف ڪرامات“

”بزرگ شيخ مشائخ يارو نا مخدوم ٿياسي“

”شيخي پيريءَ بزرگيءَ بيحد ڀلايا“

”بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچايا سي“

”عشق شرع ڪيا لڳي“

”عشق ڪيا ڄاڻي شرع دي نال“

اها تند اسانجي هر صوفي شاعر تنواري آهي.

هاڻي، ٿڌي سيني سان غور ڪرڻ گهرجي ته ٺٽي ۽ کهڙن جا مخدوم نهايت متشرع عالم باعمل هئا پوءِ انهن کي اسان جي عوام ايتري جيءَ ۾ جاءِ نه ڏني. جيتري هنن فقيرن ۽ شاعرن کي ڏني.

اسان جي صوفي شاعرن جي مڃتا جو ڪارڻ سندن شاعري به ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته شاعري مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ به ڪئي ”بناءُالسلام“ جهڙو ڪتاب اسلامي عقيدن کي سمجهائڻ لاءِ نهايت تفصيل سان شاعريءَ ۾ لکيو. مگر مخدوم صاحب جي شاعريءَ کي اهو معراج هرگز نصيب نه ٿيو جيڪو اسان جي صوفي شاعرن ماڻيو. دنيا جي جنهن به خطي ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آهي ته اتي اسان جي درويشن جو نام، رام جي نام وانگر ڇپيو وڃي ٿو.

اسان جي مهاپرشن ۽ امرلوڪ درويشن جي مڃتا جو اصل ۽ چٽو سبب سندن پيغام آهي. اهو پيغام اسان جي دردن جو دارون آهي، جنهن ۾ انسان دوستي، خدا شناسي، پاڻ سڃاڻڻ، محبت ۽ مروت جو سنديش آهي،. اهو پيغام اسان جي سنڌي عوام وڏي عقيدت ۽ احترام سان هنئين سان هنڊائي پنهنجي من مان مذهبي ڪٽر پڻي جو مير ڪڍي ٿو.

هينئر مان سندن شاعريءَ جي حوالي سان عرض ڪندس ته الله سان سندن عشق ڪيترو به هجي مگر سندن مجازي محبوب به ضرور آهي. سندن سوانح توڙي شاعريءَ ۾ چٽا ثبوت آهن.

سچل پنهنجي مجازي محبوب جي سوڀيا جي ساراهه جا ڍڪ هينئن ٿو ڀري.

”شمع ڪنون رخ روشن افضل طرحون طرح تجلا،

ويکڻ نال وساريا زاهد تسبيح مسيت مصلا،

ويک حسن حيران ٿئي ڪيا قاضي ڪيا ملا“

مٿئين بيت جي پسمنظر ۾ جيڪڏهن سچل جو محبوب ”خدا“ يا ٻي ڪا مذهبي هستي هجي ها ته سچل کي تسبيح مصلا ۽ مسيت وسارڻو ڪونه پوي ها، پر هت ته اهو محبوب آهي جنهن جي پسڻ سان تسبيح، ۽ مسيت مصلي کي به خيرآباد چوڻو پوي ٿو.

شاهه عبداللطيف به چوي ٿو:

”اڀر چنڊ پس پرين تو اوڏا مون ڏور“

شاه جو پرين پري آهي ۽ پرينءَ کي چنڊ ويجهو آهي. تنهنڪري شاه چنڊ کي قاصد ٿو ڪري جيڪڏهن شاه جي محبوب مان مراد ”خدا“ يا ”رسول ڪريم“ هجي ها ته شاه انهن کان پاڻ کي پري محسوس نه ڪري ها.

ڇاڪاڻ ته ”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد“ (خدا ساه جي رڳ کان به ويجهو آهي)

النبي اوليٰ باالمومنين (نبي ڪريم صلم مومنن کي ويجهو آهي) هت ته اهو پرين آهي جيڪو پري اکين کان اوجهل آهي. جنهن جي ڏسڻ لاءِ اکڙيون آتيون ۽ دل بيقرار آهي.

هاڻي مجازي عشق جي جواز ۾ شاعريءَ مان حوالا پيش ڪجن ٿا.

”لوڪ ڪنون لڄ مول نه آوي عشق گهميان گهٽيان“

”طعني تنڪي زينت انهان دي مول نه ٿيون کٽيان“

”ڪم نه عاشق سو ڪرين جنهن ۾ تنهن جي تعريف ٿئي،[1]

کڻ ملامت سر مٿي مر ڏيهه پيو طعنا ڏئي“

”جا نالو ڳنهندي نينهن جو تنهن کي ايندي شهر نيڪالي“

”برهه جا بار بدناميون، چمي چشمن تي چايا سي“

”بيدل ڇوڙ بزرگي سڃي، پڇون يار سڄڻ دي وڃين،

بند حياءُ شرم دي ڀڃي ويکين نين نظار“

(بيدل)

عشق وڃايو حجاب، ڦٽ ڦڪڙي ڏاج منهنجو

باري بار برهه جو آليم، چم ملامت سر تي چايم

ٻڍل جيڪي محبت مُٺيون، سيئي سهنديون جهيڙا جٺيون

آيو نينهن نواب، طعنا تهمت لاڳ منهنجو

لوڪ کان لڄ نه اچڻ، عشق ۾ گهٽيون گهمڻ، تعريف جهڙو ڪم نه ٿيڻ، ڏيهه جي ملامت ۽ طعنا سهڻ، بزرگي ڇڏي حياءُ شرم جا بند ڀڃي يار جي پويان وڃڻ، نينهن جي نالي وٺڻ ڪري شهر نيڪالي اچڻ، ڦٺ ڦڪڙي سهڻ، چمي ملامت سر تي کڻڻ، جهيڙا جٺيون پلوَ ۾ پائڻ، اهي سڀ مجازي محبت جا مامرا ۽ مرحلا آهن جن جو ذڪر اسان جي شاعرن ڪيو آهي.

هت ٻه ڳالهيون ڪرڻ نهايت وقتائتيون آهن جن جو ذڪر اسان جا برک ڏاها ۽ عقل وارا اڪابر ڏاڍي اڊمبر ۽ پزيرائيءَ سان ڪندا آهن ته صوفي شاعريءَ ۾ رڳو هيٺاهين هلڻ، منهن مونن ۾ پائي غربت ساڻ گذارڻ، سڀ ڪجهه صبر سان سهڻ، رواداري هو چون توکي نه چوڻ، لکئي مان لک نه لهڻ (تقدير) جون ڳالهيون آهن. بيشڪ اهي ڳالهيون سنڌي شاعريءَ ۾ آهن پر هروڀرو سنڌي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو اهو ڪونه آهي. اهي اصطلاح ۽ ورجسون ڏاڍ ۽ ڏمر واري سماج ۾ هونديون آهن پر ان وقت جا ڏاها ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري قوم جي رهنمائي ڪندا آهن.

هيٺ هي سٽون اسانجي سنڌي شاعرن جي شعور جي ساک ڀرن ٿيون:

”اڳيان ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين“

”واهڙ ڀريون نه پاءِ تو پڻ ليکو ڏيڻو“

”جا تون ڀائين اڇ تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا“

”سنها ڀانءِ نه سڀ وياءَ واسينگن ڇا“

”مٿان تيخ ترار مار ته متارو ٿئين“

(شاهه)

”اُهي به انسان جيڪي ننگن تان نثار ٿيا“

”هڪ جُوءِ ٻي جوءِ مڙس نه ڇڏن مينڌرا“

”مذهب ملڪ ۾ ماڻهون منجهايا“

”مذهب مور نه مڃيان آءٌ مشرب منجهه مدام“

”ڪيهي ڪعبي ڪيهي قبلي ايتان سڀ بهاني“

(سچل)

”سو سيون ڏيئي وک وٺجي هيڪڙي“

”کرڙي کائي رت ڀت نه وجهي وات ۾“

”کرڙي کائي ماهه پيئي رت پياليون“

”سوڀيون سر گهرن سرريءَ سوڀ نه سپجي“

”ڪانئر الڪو ڪنڌ سورهه سوٿ سوڀ جو“

(خليفو نبي بخش قاسم)

هي چند حوالا مون مثال طور ڏنا ورنه اسان جي سموري صوفي شاعريءَ تي انهيءَ فڪر جي گهري ڇاپ آهي، ٻي ڳالهه جيڪا ڏاڍي طمطراق سان اسان کي ذهن نشين ڪرائي ويندي آهي اها آهي پکين کان پريت سکڻ (جيتوڻيڪ پکين ۾ پريت ٿيندي ئي ڪانه آهي) اسين طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا ۽ اهوسماج آڱرين تي ڳڻڻ جيترن قوم ۽ سرمائيدارن جو پيدا ڪيل آهي ته جيئن گهڻا (هيڻا) ڪمائن ۽ ٿورا ان جي رت ست جي پورهئي تي عيش ڪن. هاڻي مان شاعريءَ جي حوالي سان ٻڌائيندس ته پکين ۾ پريت ڪانه ٿيندي آهي.

ڇتي جهڙا شاه ڏياري هوتن کي هيڪل،

ڇا بلبل لڙندي باز سان

سامهون سرڻيون ويٺيون آهن، بازن جي ورڳيرو آ“

”مان بازن جي گهيري ۾ ڳيري ڏسان ٿو“

”ڇا بلبل رهندي باغ اندر جت باشا بحري باز هجن“

بلبل ۽ ڳيري سان باز جي پريت ڪڏهن به ٿيڻي ڪانهي، جهرڪي ۽ چوزي سان ڪانءَ جي پريت ڪهڙي ٿيندي؟ ڪڪڙن جي ويڙهه اسان جي وڏيرن جو مرغوب مشغلو آهي. اهڙي طرح ظالم ۽ مظلوم، جابر ۽ مجبور، ڏاڍي ۽ هيڻي، چور ۽ ڀاڳئي ۽ سرمائيدار ۽ پورهيت جو پيار بنهه ناهي ٿيڻو.

اسان جي عظيم صوفي شاعرن محبت جا گيت ڳائي انسان ذات کي ايڪي ۽ الفت سان رهڻ جي پئي تلقين ڪئي آهي. تنهن هوندي به سندن شاعريءَ ۾ نفرت جا اهڃاڻ پڌرا آهن. شاه لطيف کرکي ڪونه ٿو پٽي جنهن جي من ۾ سدائين مندي آهي.

(الا کرجين مندي جن جي من ۾)

پوءِ به سندس دل ۾ هي شعر اٻڙڪا ڏئي ٿا نڪرن:

”ڏڪاريا ڏينهن مان موذي سڀ مرن

”ملان مرئي ماءُ پتو ڦسئي پيٽ ۾“

ڏڪاريو جيڪو مهانگي ٿيڻ لاءِ ميڙي ٿو رکي پنهنجي ڀڀ ڀرڻ لاءِ قوم جي نڙي تي ننهن ڏيڻ کان به نه ٿو مڙي. ان لاءِ انسان دوست کي جيڪا سوچ سرجندي اها شاه جي مٿئين شعر مان پڌري آهي. (1) ملان جنهن اسلام جي غلط تاويل ۽ تشريح ڪري سدائين حاڪم ڌر پاران حق پرست کي مارائڻ لاءِ پئي رٿون رٿيون آهن. شخصي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ قومي مفاد کي داءُ تي لڳايو آهي. ان جي ڪڌي ڪردار کي اسان جي با شعور صوفي شاعرن خوب ننديو آهي. ميان صاحبڏني فقير (سچل جي ڏاڏي) جي هن بيت ۾ ملان ۽ مجاور جي لالچي ڪردار کي ڪانو سان تشبيهه ڏني آهي.

ملان[2] مجاور ڪانءُ ٽيئي اکر هڪڙو

مجاور به اسان وٽ سنڌ ۾ سدائين قبرن جو واپاري رهيو آهي. هن مري ويل انسانن جون اجايون ڪرامتون بيان ڪري اٻوجهه ويساهي ماڻهن جا کيسا خالي ڪري سدائين پنهنجو ڀڀ ڀريو آهي.

سچل ملان کي ڪارهن کڻي ڪنڊ ۾ ويهي مکڻ جي ميار هيئن ٿو ڏئي.

ملان تون محبت جو چڪو ڪين چکين،

کڻيو ڪارهن ڪنڊ ۾ منهن کي ويٺو مکين،

سبق سورائتن سکيو، سو جي تون سکين

ته رحل سڀ رکين، مٺا مسجد ڪنڊ ۾

مسجد ۽ منبر جتان رسول ڪريم امن ۽ سلامتي جا درس ڏنا، اتان جڏهن ملان نفرت، تعصب ۽ تنگدليءَ جا هوڪا ڏنا ته هڪ حساس شاعر پنهنجا جذبا هن طرح بيان ڪيا.

جان جان مسجد منبر مناري نه سي ويران ٿيسين

تان تان راه حقيقت دا ڪڏان نه حاصل ٿيسين

ملان جڏهن مذهب ۽ قرآن جي غلط تشريح ۽ تاويل ڪري حاڪم در جو ساٿاري بنجي محڪوم ۽ مجبور انسان جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کان به نه مڙي ته اسان جي شاعرن ملان جي ان سرڪاري مذهب خلاف پنهنجا اڌما هن طرح بيان ڪيا،

هلي اسلام کان هاڻي ڪاهي منجهه ڪفر آيا سي

قرآن ڪتاب سڀئي لوڙاهي دين مذهب ڇڏياسين ٻوڙائي

مٿي عرش پنهنجا خيال اڏائي، پير پريت ۾ پاياسي

(داتا فيض درياه)

بهرحال ملان اسان جي سماج جي اها ڪني مڇي آهي جيڪا ڪڍي نه وئي ته سموري کاري (سماج) کي ڪنو ڪندي.

حق موجود

سچل جواڻ ڇپيل ڪلام

 

(1)

رانجها تخت هزاري دا صاحب جنهن دا عشق لگا،

مئن واريان.

ڪر سينگار سڄڻ دي اڳيان، سياليا مشڪ ملو.

انا احمد بلا ميم، چاڪ دا حسن ويکو.

اها مصلحت کيڙيان والي، مينون نا آکو.

مئن ٿيوان قربان سڄڻ تان سر سچل دا سڀو.

 

(2)

چولي سڄڻ دي چيري مجهه ڪون ڪباب ڪيتا،

ڪرناز يار پياري رخ تي نقاب ڪيتا.

تن من تنبور طبلي، سر عاشقان دي اصلي،

جادوگران دي جلوي، رڳ رڳ رباب ڪيتا.

نينان دا تير ماريئي، زارو زارو چارئاريئي.

دل ڪا حجاب ٽاريئي، سانون بي حجاب ڪيتا.

سردار پڙ چڙهيندي، عاشقان نون وت مريندي.

ڪنڌ ڪات پر ڌريندي، ايڏا عذاب ڪيتا،

ڪهتا سچل بچارا، هم هون غلام تمارا،

مک ڪا ويکيا نظارا، اڪبر ثواب ڪيتا.

 

(3)

گهنڊ کول ديدار ويکائو، مئن آيا مل ويکڻ

پا پازيب پيران وچ ڪڙيا ڪون ڇمڪائو.

مئن آيا مک ويکڻ

نال اسان ڏي دلبر سائين، الهه الڳ الائو

مئن آيا مک ويکڻ

پهر پوشاڪان ويس گلابي، چوٽا چندن چٽائو

مئن آيا مک ويکڻ

نوري رواسبزي چولا، هيري نال جڙائو

مئن آيا مک ويکڻ

حال سچل دا معلوم تيڪون، سائل ڪون سڪائو

مئن آيا مک ويکڻ


[1]  در کوئي نيکنامي مارا گذر نه دارند. حافظ شيرازي

[2]  ملان مان اسان جي مراد اهي مذهبي پيشوا آهن. جن الله جون آيتون چند ٽڪن تي وڪڻي خدا جي مخلوق جي کل لاٿي آهي ٻي صورت ۾ اسان جا باضمير ۽ حق پرست عالم جن ظالم کي سچ چئي جهاد پئي ڪيو آهي. انهن جا نالا سنڌ جي تاريخ جو سونهري باب آهن ۽ ابد تائين عزت احترام سان ياد ڪيا ويندا جيئن مولانا عبيدالله سنڌي، تاج محمد امروٽي، محمد صادق کڏي وارو، دين محمد وفائي، غلام محمد گرامي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org