سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 8

 

15 مارچ، 1978ع. ڪشور قيوم نظامي، صوبائي اسيمبليءَ جي اڳواڻي ميمبر جي زال.

منهنجي مُڙس ۽ مونکي رات جو هڪ بجي جهَليو ويو. پوليس اسان جي سڄي گهر کي گهيرو ڪري ويئي هئي. اسان جو ٻارڙو رُڳو ڪجهه مهينن جي ڄمار جو هو، تنهنڪري آئون هن کي کليل فوجي لاريءَ ۾ پاڻ سان کڻي ويس. ڪوٽ لکپت جيل جي اختياري وارن ٻڌايو، ته اتي سياسي قيدياڻين لاءِ ڪوبه بندوبست ٿيل ڪونهي. نيٺ هنن مونکي اسٽور جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جتي مونسان گڏ ٻيون ڇهه سياسي قيدياڻيون به هيون. انهن ۾ ڀٽي صاحب جي هڪ وڪيل جي ڀيڻ ريحانا سرور ۽ پنجاب ۾ عورت شعبي جي صدر بيگم خاڪواڻي به هئي. ”اسان کي ڇو جهَليو ويو آهي؟“ بيگم خاڪواڻي پوليس واري کان پڇيو. ”ڇاڪاڻ ته ڀٽي صاحب جي فيصلي جو اعلان ٿيڻو آهي.“ پوليس واري وراڻيو. ”اوهان کي ڪيئن ڄاڻ پئي ته فيصلو ڀٽي صاحب خلاف ٿيندو؟“ پوليس واري ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. جيل جي عورت عملي اسان جي تمام سختيءَ سان جهَڙتي ورتي هئي. اهي منهنجي شاديءَ جي مُنڊي ۽ واچ به لاهي ويون هيون. جڏهن مونکي آزادي ملي، تڏهن هنن چيو ته اهي شيون وڃائجي ويون آهن. ان ڪمري ۾ ڪوبه غلسخانو نه هو، رڳو هڪ ڪُنڊ ۾ سِرن جو ڍير رکيل هو. سمهڻ لاءِ بسترا به ڪونه هئا. اسان کي ڪنهن به صورت ۾ ننڊ نٿي اچي سگهي. آڌيءَ رات جو پاسي واري پڌر ۾ پوليس وارن، سياسي ڪارڪنن تي ڪَوڙا وسائڻ شروع ڪيا هئا. ماڻهن جي پُٺن تي ايترا لينگها ڪڍيا ويندا هئا، جيترا هنن کي ڪَوڙا لڳڻا هوندا هئا. ڪَوڙا هڻندڙ ماڻهو ڪَڇو پائي، سڄي جسم کي تيل مَهٽي، پري کان ڊوڙي پنهنجي پوريءَ طاقت سان ڪَوڙا هڻندو هو. جڏهن ته فوج جو هڪ عملدار ڪُرسيءَ تي ويهي انهن جو انگ ڳڻيندو هو. هر هڪر ڀيري ويهن کان ٽيهن ماڻهن کي ڪَوڙا هنيا ويندا هئا. اسين سڄي رات هنن جون دانهون ٻُڌنديون هيونسين. جيئن ڪنهن کي ڪَوڙو لڳندو هو، ته اهو وڏي آواز ۾ ”جيئي ڀٽو“ چوندو هو. آئون پنهنجن ڪَنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيندي هيس  دعائون گهُرندي هيس، ته انهن ۾ منهنجو مُڙس نه هجي. سيپٽمبر 1977ع ۾ هن کي اڳ ۾ ئي ڪَوڙا لڳي چڪا هئا.

”اسان جي گرفتاريءَ جي ٻيءَ صبح جو اوچتو پوليس اسان کي آزاد ڪيو. اسين جيئن تڪڙيون تڪڙيون دروازي مان ٻاهر آيوسين، ته اسان کي ٻيهر جهَليو ويو. حڪومت ضرور اهو سمجهيو هوندو، ته عدالت جي فيصلي کان پوءِ ساڳين تهمتن هيٺ اسان جي گرفتاري مناسب نه ٿيندي ۽ اسين هڪ ڀيرو وري اسٽور واري ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي بند ٿيونسين.

”ڀٽي صاحب کي تُرت اسان جي ڄاڻ پئجي وئي هئي. اسان کي پنهنجي ڪوٺڙيءَ مان هن جي ڪوٺڙي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هن پنهنجن وڪيلن معرفت اسان ڏانهن ميوي جي ٽوڪري موڪلي هئي ۽ ڪاغذ جي هڪ پُرزي تي لکيو هو ته ”ڏسو ته ضياءَ چڱن خاندانن جي عورتن سان ڪهڙيون نه جٺيون ڪيون آهن.“ ٻه هفتا پوءِ مونکي پنهنجي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، ڇوته جيل ۾ منهنجي ٻار جي طبيعت سخت خراب ٿي وئي هئي ۽ مون وٽ دوائون نه هيون. مون سان گڏ جيڪي ٻيون عورتون هيون، سي هڪ مهينو اندر بند رهيون هيون.“

18- مارچ صبح جو سويل هنن جي گرفتاريءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ منهنجي نطربنديءَ جا حڪم به پهچي ويا. ”اوهان سان ملڻ لاءِ پوليس آئي آهي.“ صبح جو ساڍي چئين وڳي اهو ڄاتل سڃاتل نياپو پهتو. مونکي ڄاڻ هئي ته ڇو آئي آهي. پر مون ڄاڻڻ ڪونه ٿي گهريو. مون پنهنجي ماءُ ڏانهن ڊوڙي وڃڻ گهريو ٿي، پر هوءَ اڳ ۾ ئي لاهور ۾ نظربند هئي. مون پنهنجي بابا ڏانهن ڊوڙي وڃڻ ٿي چاهيو. مون ڪنهن به پاسي وڃڻ گهُريو ٿي، سميعا ڏانهن، وڪيلن ڏانهن، مير يا شاهنواز يا صنيءَ ڏانهن. آئون اهو عذاب اڪيلي سر ڀوڳي ڪين ٿي سگهيس. نه. ”اي الله، يا الله، اسان سڀني جي مدد ڪر،“ خالي گهر ۾ پَسار ڪندي مون هر هر دل ۾ چيو هو.

ٽپهريءَ کان پوءِ روئڻ پِٽڻ جا آواز اچڻ لڳا. آئون اهي آواز رڌڻي مان، باغ مان 70 ڪلفٽن جي وڏي دروازي مان ٻڌي پئي سگهيس. منهنجي دل جو ڌڙڪو ايترو ته وڌي ويو هو، جو مون سمجهيو ته اها ٽُٽي پوندي. اوچتو ڪمري جو وڏو دروازو ٺڪاءُ سان کليو ۽ منهنجي سئوٽ فخري ڌوڪيندي اندر گهڙي آئي ۽ هن پاڻ کي ڪمري جي فرش تي کڻي اڇلايو. ”قاتل“ هن ڏک وچان پنهنجو مٿو زمين تي هڻندي رڙ ڪري چيو. ”خوني.“

ضياءَ جي ججن بابا کي ڏوهاري ڪوٺي، هن کي موت جي سزا ڏني هئي. فخريءَ کي، جيڪا دروازي تي بيٺل حيران پريشان فوجي پهريدارن وچ مان اندر ڊوڙي آئي هئي، هڪ ڪلاڪ اندر نظربنديءَ جو حڪمانو پهچايو ويو. هوءَ هڪ هفتي تائين مون سان گڏ نظربند هوندي. آئون ٽن مهينن تائين نظربند هونديس.

هڪ ٻئي پٺيان لوهي دروازا، وچ ۾ ڊگها ۽ گندا رستا. پوليس واريون منهنجي جهَڙتي وٺن ٿيون. اهي منهنجن وارن ۾ هٿ لاهين ٿيون، منهنجين ٻانهن، ڇاتي ۽ ڪُلهن تي گهمائين ٿيون. هڪ ٻيو فولادي دروازو، پوءِ ٽي ننڍڙيون ڪوٺيون، جن جي دروازن تي لوهي سِيخون لڳل آهن.

”پِنڪي! تون آهين ڇا؟“

آئون ڪوٺڙيءَ ۾ چتائي ڏسان ٿي، پر اوندهه سبب ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيل جو عملو منهنجي لاءِ دروازو کولي ٿوءِ آئون بابا جي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ وڃان ٿي. اندر پوسل ۽ بدبوءِ آهي ان سيمنٽ وارين ٿلهين ديوارن مان اُس ڪڏهن به اندر ڪين وئي هوندي. ننڍڙي ڪوٺڙيءَ جي اڌ کان به وڌيڪ حصي ۾ سمهڻ لاءِ کٽ پيل آهي، جيڪا ٿُلهن زنجيرن سان زمين ۾ ٻَڌل آهي. بابا پهريان چوويهه ڪلاڪ ان ڪوٺڙيءَ ۾، اُن کٽ سان زنجيرن ۾ ٻَڌو پيو هو. هن جي مُرَن تي اڃا تائين انهن جا نشان آهن. کٽ ڀرسان هڪ کليل سوراخ آهي، ڦاسي وارن قيدين کي پائخاني لاءِ اها سَهنجائي آهي. بدبوءَ سبب اُلٽي اچي ٿي.

”بابا!“

آئون هن کي ڀاڪر پايان ٿي ۽ سندس ٻانهن ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ڦيرايان ٿي. هو بَدن ۾ لانجهو ٿي ويو آهي. جڏهن منهنجيون اکيون اوندهه ۾ ڏسڻ لڳن ٿيون، تڏهن آئون ڏسان ٿي ته هن جي جسم تي جيتن جي چَڪن جا نشان آهن. ڪوٺڙيءَ جي گرمي ۽ پوسل سبب اتي ڏاڍا مڇر آهن. هن جي جسم جو ڪوبه حصو ڳاڙهن داڻن کان خالي ڪونهي.

منهنجي نڙي گهُٽجي وڃي ٿي ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ٿا اچن. آئون پاڻ سنڀاليان ٿي. هن اڳيان آئون ڪڏهن به پاڻ کي رَڙڻ ۽ دانهڻ جي اجازت ڪين ڏينديس، پر هو مرڪي پيو. کلي ٿو!

”تون هتي ڪيئن پهتي آهين؟“ هو پڇي ٿو.

”مون صوبائي حڪومت کي درخواست ڏني هئي. خاندان جي فرد هجڻ سبب جيل مينوئيل مطابق مون کان اوهان سان منهنجي هفتيوار ملاقات جو حق ڦُريو پيو وڃي.“ آئون هن کي ٻُڌايان ٿي. ”ان تي هوم سيڪريٽري مونکي اوهان سان ملڻ جي اجازت ڏني.“

آئون هُن کي اهو به ٻڌايان ٿي، ته آئون فوجي ٽرڪن، ڪارن ۽ جيپن جي قافلي ۾ ڪيئن ڪوٽ لکپت جيل ۾ آندي وئي هيس. ”حڪومت ڏاڍي پريشان آهي،“ سندس ڦاسيءَ جي فتويٰ  کان پوءِ هڪ هفتي اندر جيڪي هنگاما ٿيا هئا ۽ جنهن سبب سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو هو، آئون ان جو هن کي تفصيل ٻڌايان ٿي. لاڙڪاڻي جي 146 ڪَچن گهرن واري هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان 120 ماڻهو گرفتار ٿيا هئا. پوليس هڪ اهڙي دڪاندار کي نظربند ڪيو هو، جنهن پنهنجي دڪان جي ڀت تي هڪ فلمي ايڪٽر جي تصوير ڀرسان بابا جي تصوير هنئي هئي.

”ڪيترن ئي ملڪن ضياءَ کي رحم جي اپيل ڪئي آهي،“ آئون هن کي ٻڌايان ٿي. ”مون ان جو تفصيل بي بي سيءَ تان ٻُڌو آهي. برزنيف هن کي خط لکيو آهي. ساڳيءَ طرح هئاڪوفينگ به چين سان ويجها ناتا رکڻ سبب اوهان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي خط اماڻيو آهي. شام مان صدر اسد، قاهرا مان انور سادات، عراق جي صدر ۽ سعودي حڪومت به اپيلون ڪيون آهن، اندرا گانڌي، سينيٽر مڪگورن، مطلب ته جمي ڪارٽر کانسواءِ هرهڪ اپيلون ڪيون آهن. ڪئناڊا جي هائوس آف ڪامنس هڪ يڪراءِ ٺهراءَ منظور ڪري حڪومت کي اپيل ڪئي آهي، ته اوهان جي موت جي سزا کي گهٽايو وڃي. انگلينڊ جي پارليامينٽ جي 150 ميمبرن پنهنجي حڪومت تي زور رکيو آهي، ته ان سلسلي ۾ ڪو قدم کنيو وڃي. يونان، پولينڊ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، آسٽريليا ۽ فرانس. بابا، ضياءَ لاءِ سڀيئي رستا بند ڪيا ويا آهن.“

”اها سچ ته ڏاڍي خوش ڪندڙ خبر آهي،“ هو چوي ٿو. ”پر اسان طرفان ڪابه اپيل نه ٿيندي.“

”پر بابا، اوهان کي ڪنهن به حالت ۾ اپيل ڪرڻي آهي.“ آئون ڏک وچان چوان ٿي.

”ضياءَ جي عدالتن ۾؟ اها سموري ڪارروائي ٺٺولي آهي. ان کي ڊيگهه ڇو ڏجي؟“

اهي ڳالهيون ڪندي هو پنهنجو مٿو لوڏي ٿو مونکي پنهنجي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪري ٿو. ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر جيل جا عملدار بيٺا آهن، جيڪي ٻُڌن پيا، ڏسن پيا. آئون ڀانئيان ٿي ته منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ جو ٽُڪر ڏنو وڃي ٿو.

”بابا، اوهين ايئن نِراس نه ٿيو،“ آئون جيل عملي جو ڌيان هٽائڻ لاءِ وڏي سڏ چوان ٿي.

”الله ڄاڻي ٿو ته آئون بيگناهه آهيان،“ بابا جواب ۾ چوي ٿو. ”آئون قيامت ڏينهن هن جي عدالت ۾ اپيل ڪندس. هاڻي تون وڃ. ڪلاڪ پورو ٿيڻ واروآهي. تون پنهنجي مرضيءَ سان وڃ. نه هنن جي چوڻ تي.“

آئون هن کي پنهنجي گلي سان لايان ٿي. ”اهو ڪاغذ ڪنهن به صورت ۾ اختياريءَ وارن جي هٿ نه چڙهي، نه ته توکي وري ملاقات جي اجازت نه ملندي.“ هو جلدي منهنجي ڪَن ۾ ڀڻڪي ٿو.

”ايندڙ ملاقات تائين، بابا.“

جيل مان نڪرڻ وقت به منهنجي جهَڙتي ورتي وئي. هنن کي ڪجهه به هٿ ڪونه آيو. ويجهو ئي لاهور ۾ جڏهن آئون امان سان ملڻ ويس. جيڪا اتي نظربند هئي، ته منهنجي ٻيهر جهَڙتي ورتي وئي ۽ وري اُن وقت جڏهن آئون اتان رواني ٿي هيس، ته کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ڪنهن وقت جهَڙتي وٺندڙ همدرد هوندا هئا ۽ رڳو اشارن ۾ جهَڙتي وٺندا هئا. پر جيستائين اها گهڙي نه آئي، آئون بلڪل اَڻڄاڻ رهيس، جڏهن مونکي پنهنجي نظربنديءَ ۾ رهڻ لاءِ واپس ڪراچي وٺي پئي ويا، ته هوائي اڏي تي مونکي هڪ ڪار ۾ پهري هيٺ ٽن ڪلاڪن لاءِ ترسايو ويو هو، جنهن جي چؤڌاري فوجي گاڏيون بيٺل هيون.

نيٺ جهاز تيار ٿيو. آئون ڪار جي درين مان ڏسي پئي سگهيس، ته سڀيئي مسافر جهاز ۾ چڙهي ويٺا هئا. جهاز جون انجڻيون هلڻ شروع ٿيون، رن وي تي روشني ٿيڻ لڳي هئي. پوليس وارن مونکي ڪار مان لاهي هيٺ لاٿو ۽ مونکي تڪڙو تڪڙو وٺي هلڻ لڳا. هڪڙو پوليس وارو منهنجي اڳيان ۽ ٻيو منهنجي پويان. هنن جي هٿن ۾ بندوقون هيون. ٻطرفي ريڊيي ۾ کڙکڙ ٿي ۽ اوچتو هو واپس مُڙيا ۽ مونکي ڪار ڏانهن وٺي ويا.

آئون هينئر به هُن جو اهو ٿُلهو جسم ڏسي سگهان ٿي، جيڪو لُڏندو لمندو اُن رات رن وي ويجهو ڪاري رستي تي مون ڏانهن وڌندو آيو هو. هن پنهنجون ٻانهون پئي کُنجيون. آئون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هيس. هوءَ هوائي اڏي جي حفاظتي عملي جي عورت هئي، جيڪا سدائين اتي ڏسبي هئي، جڏهن آئون لاهور پهچندي هيس يا اتان رواني ٿيندي هيس. هن کي مون سان ٿوري به همدردي نه هئي ۽ مونکي شڪ هو ته حڪومت ڄاڻي ٻُجهي هن کي منهنجي جهَڙتي وٺڻ لاءِ اتي مقرر ڪيو هو. هوءَ ڏسڻ ۾ ئي اهڙي نِيچ لڳندي هئي. هوءَ ننڍي ۾ ننڍي شيءَ جي به جهَڙتي وٺندي هئي. هوءَ لپ اسٽڪ کولي ڏسندي هئي ۽ منهنجي ملاقات واري ڊائريءَ جو هرهڪ صفحو ڌيان سان پڙهندي هئي. پنهنجو ڪم ڪندي هُن کي ڏاڍو لطف ايندو هو.

”آئون ڪڏهن به هن کي جهَڙتي وٺڻ نه ڏينديس، آئون جهَڙتي وٺڻ نه ڏينديس!“ مون رڙڪري چيو ۽ ڪار کان پٺتي هٽندي، بندوقن جي گهيري وچ ۾ وڃي بيٺيس. ”جيل ۾ بابا سان ملاقات وقت ۽ اتان ٻاهر اچڻ وقت جهَڙتي ورتي ويئي هئي. منهنجي جهڙتي ان وقت ورتي وئي هئي، جڏهن آئون پنهنجي نظربند ماءُ سان ملاقات لاءِ ويس ۽ وري اتان واپس اچڻ تي به منهنجي جهَڙتي ورتي وئي هئي. منهنجي گهڻي جهَڙتي ورتي وئي آهي.“

فوجي گاڏين جو قافلو بندوقون سِڌيون ڪري منهنجو گهيرو ڪيو. پوليس جي نفري وڌي وئي ۽ وڌيڪ بندوقون ڏسڻ ۾ آيون. ”تنهنجي وري جهَڙتي وٺڻي آهي.“ پوليس عملدار ضد ڪندي چيو. ٻيءَ صورت ۾ توکي وقت تي جهاز ۾ چڙهڻ جي اجازت نه ملندي.“

”منهنجي لاءِ اها چڱي ڳالهه ٿيندي،“ مون رڙ ڪندي چيو. ”اوهان منهنجي لاءِ ڇا ڇڏيو آهي؟ اوهان بابا کي موت جي سزا ڏني آهي. اوهان امان جو مٿو ڦاڙيو آهي. اوهان مونکي ڪراچي ۾ اڪيلي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي. امان کي لاهور ۾ نظربند ڪيو آهي، بابا کي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو آهي. اسين هڪ ٻئي سان ڳالهائي نٿا سگهون. آئون جيئري رهان يا مران، مونکي ان جي بلڪل پرواهه ڪانهي. تنهنڪري اوهان کي جيڪي وڻي اهو ڪريو.“

آئون بلڪل ڪاوڙجي پئي هيس. منهنجي وَس ۾ ڪجهه ڪونه هو. منهنجي راهه بند هئي. حفاظتي عملي جي عورت ڪاوڙ مان ڊڄي منهنجي پٺيان لامارا پئي ڏنا. پر هن جيڪڏهن منهنجي جهڙتي ورتي، ته پڪ سان بابا جو ڏنل ڪاغذ هن جي هٿ چڙهي ويندو.

”بس، بس هن کي ڇڏي ڏيو،“ هنن پاڻ ۾ ڀُڻڪيو.

”تون وڃي سگهين ٿي.“ هڪڙي عملدار چيو.

هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ ڏانهن ويندي آئون بيهوش ٿيڻ واري هيس. منهنجي ڪَن ۾ پهريون ڀيرو سُور ٿيو هو. ٽڪ، ٽڪ، ٽڪ. اهو آواز ايترو ته ورجائيندڙ هو، جو جڏهن آئون 70 ڪلفٽن پهتيس، ته مون کي پوري طرح سان ننڊ به نه آئي هئي. نيٺ حڪومت هڪڙو ڊاڪٽر موڪليو، جنهن علاج شروع ڪيو.

بابا مونکي جيڪو ڪاغذ جو ٽُڪرو ڏنو هو، سو مون پڙهيو. اُن ۾ منهنجي غيرقانوني نظربنديءَ خلاف دعويٰ لاءِ هدايتون لکيل هيون. مون عدالت لاءِ اهِڙي درخواست لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آئون گهڻي بيمار ٿي پيس.

ساهوارا. اسان وٽ گهر ۾ ڪيترائي ساهوارا جانور هئا ۽ اچرج پئي ٿيو ته انهن سان ڪهڙي ويڌن هئي. جنهن ڏينهن بابا جي ڦاسيءَ جي سزا جو اعلان ٿيو، تنهن ڏينهن هُن جو پستو ڪُتو مري ويو. اهو ڪُتو ان اعلان کان هڪ منٽ اڳ بلڪل ٺيڪ هو، پر پوءِ هو مري ويو. ان جي ٻئي ڏينهن پستي ڪُتي به مري وئي ۽ ان جي موت جو ڪوبه ظاهري سبب ڪونه هو. مون وٽ 70 ڪلفٽن ۾ سيام ڏيهه جي ٻِلي هوندي هئي. ٽئين ڏينهن اها پڻ مري وئي.

مسلمانن ۾ اهو عقيدو عام آهي، ته جڏهن ڪنهن گهر جي مالڪ کي ڪو جوکو رَسڻو هُجي ٿو، ته ان گهر جا جانور ان جوکي کي پاڻ ڏانهن موڙين ٿا ۽ اُن بدران پنهنجي جان جو صدقو ڏين ٿا. بيماريءَ سبب هنڌ ۾ ليٽندي مون سمجهيو، ته بابا جي زندگيءَ کي ڪيڏو نه وڏو خطرو آهي، جو ان سبب اسان جو هڪ پالتو جانور نه، پر ٽي پالتو جانور مري ويا آهن. ان ويچار سبب ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. روز صبح جو آئون جڏهن بي بي سيءَ تان ڇهين بجي جون خبرون ٻڌندي هيس، ته دل ۾ دعا ڪندي هيس، ته ضياءَ جي مرڻ جي خبر ٻڌان. پر هُو اڃا تائين جيئرو هو.

بابا جي ڏنل هدايتن موجب مون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي نظربنديءَ خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني. عدالت ان مقدمي جي شنوائي اپريل ۾ ۽ وري مئي ۾ مهمل ڪري ڇڏي. هر ڀيري مونکي شنوائيءَ لاءِ درخواست ڏيڻي ٿي پئي. 14 جون تي منهنجو وڪيل منهنجي لاءِ منهنجي ڄمڻ واري ڏينهن اڳواٽ ئي هڪ بهترين سوکڙي کڻي آيو. منهنجي نظربنديءَ جا ڪي به سبب ڪونه هئا. امتناعي نظربنديءَ جي ان مقدمي جي فيصلي ۾ جسٽس فخرالدين حڪم ڏنو هو. آئون آزاد هيس. هاڻي آئون پنهنجي صحت ڏانهن ڌيان ڏئي پئي سگهيس.

جون مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ منهنجي ڪَن ۽ نَڪ جي وچ واري هڏيءَ جو پهريون آپريشن ڪراچيءَ جي مڊايسٽ اسپتال ۾ ٿيو هو. بيهوشيءَ مان سجاڳيءَ کانپوءِ منهنجا سڀيئي لڪل ڊَپُ اڀري نروار ٿي پيا. ”اهي بابا کي قتل ڪن ٿا! اهي بابا کي قتل ڪن ٿا!“ مون پاڻ کي دانهون ڪندي ٻُڌو. ڪپهه جي پَهن سبب منهنجو نَڪ بند هو ۽ آئون ساهه به نه ٿي کڻي سگهيس. پر پوءِ مون اُن وقت ٿوري ٺاپر ڀانئي، جڏهن منهنجي ماءُ کي، جيڪا اڃا تائين لاهور ۾ نظربند هئي، پوليس جي نظرداريءَ ۾ مون سان ملاقات جي اجازت ملي هئي.

تندرست ٿيڻ کان پوءِ مونکي ڄاڻ پئي هئي، ته دنيا ڪيتري نه ڀوائتي بڻجي وئي آهي. اسان جي اخبار ’مساوات‘ جي ڪراچيءَ واري شاخ کي حڪومت اپريل ۾ بند ڪري، اُن جو پريسون ضبط ڪري ڇڏيون هيون. اخبار جي ايڊيٽر ۽ ناشر ٻنهي ڄڻن کي ”اعتراض جوڳو مواد“ ڇاپڻ سبب جهَليو ويو هو. ان تي ٻين صحافين احتجاج ڪندي هڙتال شروع ڪئي. نوي صحافي گرفتار ڪيا ويا، جن مان چئن کي ڪَوڙن لڳڻ جي سزا ملي. انهن ۾ ’پاڪستان ٽائمز‘ جو سينيئر ايڊيٽر به هو، جيڪو جسماني طرح معذور هو.

نيٺ عالمي برادريءَ جو ان پاسي ڌيان ٿيو. 1978ع جي آرهڙ ڌاري ايمنسٽي انٽر نيشنل طرفان جن پنجاهه سياسي قيدين جو اعلان ٿيو هو، انهن ۾ ’مساوات‘ اخبار جا اهي ٻئي ايڊيٽر ۽ ناشر به شامل هئا. ايمنسٽي انٽرنيشنل عالمي تنظيم آهي، جيڪا سياسي قيدين جي صورتحال تي نظر رکي ٿي. ايمنسٽي حڪومت جي مدد کانسواءِ ٻين ٻٽيهن مقدمن جي به جانچ پئي ڪئي. جيتوڻيڪ ضياءَ واعدو ڪيو هو ته، ايمنسٽي جي انهن عيوضين سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو، جيڪي ان سال جي اوائل ۾ حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان آيا هئا. پر مارچ ۾ ايمنسٽي جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي، تنهن جو حڪومت ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.

آئون پاڻ انهن عيوضين سان جنوري ۾ ملي هيس. ضياءَ جي مارشل لا قاعدن هيٺ بنيادي انساني حقن جي ختم ٿيڻ، شهري ۽ سياسي قيدين تي فوجي عدالتن ۾ مقدمن هلڻ ۽ انهن ظلم وارين سزائن تي پنهنجي ڳڻتي نروار ڪئي هئي، جن ۾ چوري جي سزا لاءِ ساڄڙِ ماڻهو جو کاٻو هٿ ۽ کاٻڙ ماڻهو جو ساڄو هٿ وڍيو ويندو هو. آئون هنن کي بابا جي مقدمي ۾ ٿيل ناانصافي ۽ تعصب بابت سمجهائڻ لاءِ پڻ فڪرمند هيس ۽ هنن کي انهن بيرحم حالتن کان پڻ آگاهه ڪيم، جن هيٺ هن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو هو. ظاهر آهي ته هنن ان جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري، تنهنڪري انهن عيوضين بابا سان جيل ۾ ملاقات لاءِ اجازت گهري، جيڪا هنن کي نه ملي هئي.

 

28 اپريل 1978ع، ڪوٽ لکپت جيل. ڊاڪٽر ظفر نيازي، بابا جو ڏندن وارو ڊاڪٽر

”آئون جڏهن اپريل ۾ مسٽر ڀٽي کي ڪوٽ لکت جيل ۾ ڏسڻ ويس، ته مون ڏٺو ته هن جا ڏند جلد خراب ٿيندا پيا وڃن. جيل جي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ هن کي خوراڪ به پوري ڪانه ٿي ملي. هن جي مُهارن جو هيٺيون ماس سُڄي ويو هو ۽ منجهن سُور هو، پر سندن علاج لاءِ اتي ڪي به سهوليتون نه هيون. ڇا اهڙين ڪٺور حالتن ۾ ڪوبه علاج فائديمند ٿي سگهندو؟ اتي وڃڻ کان پوءِ مون حڪومت کي هڪ رپورٽ لکي موڪلي، ته جيستائين ڀٽي صاحب جي حالت سڌاري نٿي وڃي. تيستائين آئون هن جو صحيح علاج ڪري ڪونه سگهندس. پر مونکي ڄاڻ هئي ته حڪومت اُن بابت ڪوبه رحم جوڳو قدم نه کڻندي. منهنجا ڪيترائي مريض ٻاهرين ملڪن جا سفير هئا تنهنڪري مونکي پڪ آهي ته حڪومت کي ڳڻتي هئي، ته آئون اهي ڳالهيون هنن کي ٻڌائيندس. مون اڳ ويچار ڪندي پنهنجي رپورٽ جو هڪ نقل پنهنجي زال کي ڏنو ۽ چيو ته، ’جيڪڏهن فوج مونکي گرفتار ڪري ته اها رپورٽ ٻاهرين اختيارين ڏانهن موڪلي ڏجانءِ.‘ ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس مون کي گرفتار ڪيو.“

ڊاڪٽر نيازي ۽ هن جي گهرڀاتين تي ظلم ۽ ڏاڍ شروع ٿيو. هن کي ٻه ڀيرا جهَليو ويو. پهريون ڀيرو تنهن وقت جڏهن هن پنهنجي اسپتال ۾ هڪ مريض جو علاج پئي ڪيو، جيڪو بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. ”مونکي رُڳو هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏيو، ته جيئن آئون پنهنجو ڪم پُورو ڪريان،“ هن پوليس وارن کي چيو، پر هنن انڪار ڪيو ۽ هن جي گرفتاريءَ وقت پوليس سندس گهر تي رات جو ٻين وڳي چڙهائي ڪري، گهرو سامانَ کي اٿلائي ڏٺو ۽ ڪَٻٽن مان ڪپڙا ڇَڪي ڪڍيا، ته جيئن کين هن خلاف ڪو ثبوت هٿ اچي سگهي. هنن کي رڳو شراب جي هڪڙي اڌ بوتل ملي، جيڪا ڊاڪٽر نيازيءَ جو هڪ آمريڪي ساٿي ڊاڪٽر وٽس ڇڏي ويو هو، جيڪو هر ٽئين مهيني اسپتال ۾ اچي علاج ڪندو هو. ڊاڪٽر نيازيءَ تي گهر ۾ شراب رکڻ جي تهمت هنئي وئي.

ڊاڪٽر نيازيءَ کي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو رڪن ڪونه هو ۽ نه وري ڪو سندس سياست سان لاڳاپو هو، اُن الزام جي سزا ۾ ڇهه مهينا قيد ڀوڳڻو پيو هو. هن جي آزاد ٿيڻ کان اڳواٽ ئي بابا کي ڪوٽ لکپت جيل مان بدلي ڪري، راولپنڊي سينٽرل جيل جي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر نيازي هڪدم درخواست ڏئي، بابا کي تپاسڻ جي اجازت گهري. هن جي درخواست رد ڪئي وئي.

 

21 جون 1978ع. راولپنڊي سينٽرل جيل. منهنجي پنجويهين سالگرهه.

آئون راولپنڊي ۾ فليش مئن هوٽل جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويٺي، بابا سان ملڻ جو اوسيئڙو پئي ڪريان. آئون هر هر پنهنجي واچ پئي ڏسان. امان ڪٿي آهي؟ بابا جي وڪيلن اسان لاءِ عدالت کان حڪمنامو ورتو آهي، ته اسين ٻئي منهنجي سالگرهه جي موقعي تي هن سان ملاقات ڪريون. پر هينئر ٻپهر اچي ٿيا آهن ۽ آئون صبح جو نائين بجي کان هن جو اوسيئڙو پئي ڪريان، ته پوليس هن کي لاهور جي نظربنديءَ مان هوائي جهاز ۾ هتي وٺي ايندي. هڪ ڀيرو وري اهي ڄاڻي ٻُجهي نٽائين ٿا.

مونکي امان جي ڳڻتي آهي. هن کي مٿي ۾ سخت سُور پوندو رهي ٿو ۽ هوءَ بلڪل ويڳاڻي ٿيو پوي. ڳڻتي ۽ اُلڪي سبب هن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽سندس بلڊ پريشر گهٽ ٿيندو پيو وڃي. بابا سان ملاقات لاءِ لاهور مان هوائي جهاز ذريعي ايندي هوءَ ٻه ڀيرا بيهوش ٿي وئي آهي. وڪيلن حڪومت کي درخواستون ڏنيون آهن، ته هن کي اسلام آباد ۾ نظربند ڪيو وڃي، ته جيئن هوءَ جيل تائين ڪار ۾ اچي وڃي سگهي. پر هن کي اڃا تائين لاهور ۾ نظربند رکيو پيو وڃي. هڪ ڀيرو وري هوءَ اڪيلي آهي. هن وٽ رڳو هڪڙو ٻلونگڙو آهي، جيڪو آئون هن لاءِ پنهنجي کيسي ۾ لڪائي کڻي وئي هيس. امان چوي ٿي ته، ’چو چو‘ سبب مونکي آٿت ملي ٿي. امان جڏهن پنهنجو هٿ کولي ان ڏانهن وڌائي ٿي، ته ٻلونگڙو پنهنجا پير مٿس رکي ٿو.

آئون پنهنجي شلوار قميص ٺيڪ ڪريان ٿي. پنهنجي سالگره جي ڏينهن والدين اڳيان پاڻ کي ڦُڙت رکڻ گهران ٿي ۽ کين ڏيکارڻ چاهيان ٿي ته منهنجا حوصلا سگهارا آهن. ٻنپهرن جو هڪ ٿيو آهي. ٻه ٿيا آهن. اهي حڪومت جي پسند جون اٽڪلون آهن. مونکي نظربنديءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا بابا سان ملاقات لاءِ تيار رهڻ کانپوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوسيئڙو ڪرڻو پيو هو، پر ٻئي طرف کان ڪوبه اطلاع ڪونه آيو هو. هر ٻن هفتن کان پوءِ هن سان ملاقات سبب آئون جيئري آهيان. حڪومت کي اها ڄاڻ آهي. تنهنڪري اهي مونکي وٺي وڃڻ ۾ دير ڪن ٿا، ته جيئن آئون هن سان اڌ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪري سگهان، يا وري اهي مونکي وٺڻ ئي ڪونه ٿا اچن. اهي ڀلا ڇو ڪونه آيا آهن. حڪومت عدالت جي حڪم عدولي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟

ڏينهن جا ٽي ٿيا آهن. ساڍا ٽي ٿيا آهن. جيل جي قاعدن مطابق سڀني ملاقاتين کي سج لهڻ کان اڳ هليو وڃڻ گهرجي. مونکي پنهنجي گذريل سالگره ياد اچي ٿي. آڪسفورڊ جي سرسبز ميدان ۾ منهنجي پارٽي ڄڻ ڏهه ورهيه اڳ ٿي هئي. مونکي حيرت لڳي ٿي، ته اها واقعي ٿي به هئي. ڏينهن جا چار ٿيا آهن. هوائي اڏي تان نياپو اچي ٿو ته امان پهچي وئي آهي. ”پِنڪي، توکي سالگرهه مبارڪ هجي.“ اسين جڏهن جيل جي دروازي تي ملون ٿيون، ته هوءَ مونکي ڀاڪر پائي چوي ٿي. اسين ٻئي بابا جي ڪوٺڙيءَ ڏانهن وڃون ٿيون.

”اهو تنهنجو سڀاڳ آهي، جو تون سال جي ڊگهي ڏينهن تي ڄائي آهين، پِنڪي.“ اسين جڏهن بابا وٽ پهچون ٿيون، ته هو مونکي چوي ٿو. ”تنهنجي جنم ڏينهن تي حڪومت به سج کي سويل لاهي نٿي سگهي.“

هاڻي هو جيل جي اندرئين پَڌر ۾ هڪ اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ رهيل آهي. اُن اندرائين پڌر ۾ هر پاسي فوجي تنبوءَ ڏسجن ٿا. اُن جي ڪُلف لڳل دروازي تي فوجي پهريدار بيٺل آهن. ديواني مقدمي تان واهه جي ٺٺولي ڪئي وئي آهي! اها فوجي ڪاروائي آهي. اسين فوج جي ٻاهرين چؤنڪي ۾ آهيون.

هُن جي اها اونداهيءَ ۾ پوسل ڪوٺڙي رُڳو ڇهه فٽ ويڪري ۽ نَو فٽ ڊگهي آهي. ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي ڄاريءَ جو اهڙو به پڙدو لڳل ڪونهي، جهڙو سندس پهريدار جي ڪوٺڙين جي دروازن تي لڳل آهي. اندر ڏاڍي گهُٽ آهي، جنهن ۾ مَکيون ۽ مَڇر جام آهن. ڇِت ۾ هڪ سُتل چمڙو چهٽيل آهي. جڏهن ته ڦِڪيون بي رنگ چِچيون ديوارن تي پيون هلن.

اسين هن جي خالي لوهي کٽ ڏانهن ڏسون ٿيون. ”هنن اوهان کي اهو گاديلو ڪونه ڏنو، جيڪو ٻه هفتا اڳ مون موڪليو هو.“ امان هن کان پڇي ٿي. ”نه.“ هو جواب ڏئي ٿو. جيل جي واڻ واري کٽ تي سُمهڻ سبب بابا جي پُٺن تي نشان ۽ ڳنا ٿي پيا آهن. هن تي بخار ۽ زڪام جا ٻه سخت حملا ٿي چڪا هئا ۽ اوٻاريل پاڻي نه پيئڻ سبب هن کي پيٽ جي سخت تڪليف ٿي پئي هئي. هن مختلف وقتن تي رَت جون الٽيون ڪيون هيون ۽ نَڪ مان به رَت آيو هو. ويساهه ئي نٿو اچي ته ان هوندي به هو سُرهو لڳي ٿو. هُو جيتوڻيڪ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهي، پر پوءِ به هو مونکي سدائين سُرهو لڳي ٿو. شايد مون هن کي ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ ڏسڻ ڪونه ٿي گهريو.

”آئون چاهيان ٿو، ته تون عيد تي لاڙڪاڻي وڃ ۽ پنهنجن بزرگن جي مزارن تي وڃي دعائون گُهر.“ هو چوي ٿو.

”پر بابا، پوءِ مون کي اوهان سان ايندڙ ملاقات گُسائڻي پوندي.“ آئون احتجاج ڪريان ٿي.

”تنهنجي ماءُ اڃا تائين نظربند آهي. توکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي، جيڪو اتي وڃي.“ هو وري چوي ٿو.

آئون ڏاڍي مشڪل سان اهو مڃان ٿي. عيد ڏينهن آئون ڪڏهن به پنهنجي خانداني قبرستان تي نه وئي هيس ۽ نه وري اُن ويجهو نئين ديري ڳوٺ واري گهر ۾ عيد تي روايتي ملاقات لاءِ ايندڙ ڳوٺاڻن ۽ مائٽن سان ملي هيس. اهو ڪم سدائين مردن حوالي هوندو هو. جيڪڏهن رمضان جي آخر ۾ اسڪول ۾ موڪل هوندي هئي ته منهنجا ڀائر بابا سان گڏ اتي ويندا هئا. مون پاڻ ۾ اڪيلائيءَ جي ڏڪڻي ڀانئي ۽ اميد ڪئي ته بابا کي جلد ئي آزاد ڪيو ويندو.

”لعل شهباز قلندر جي روضي تي به وڃي دعا گهر.“ بابا مون تي زور رکي چوي ٿو. ”آئون گذريل عيد تي ڪونه وڃيس سگهيس.“ لعل شهباز قلندر اسان جو ناميارو ولي آهي. ننڍي هوندي جڏهن بابا سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ هن جي بچڻ جي ڪابه اميد نه هئي، تڏهن منهنجي ڏاڏي اُن جي روضي تي وڃي دعا گهري هئي. ڇا الله ان ساڳئي شخص لاءِ هن جي ڌيءَ جي دعا قبول ڪندو؟

اُهو قيمتي ڪلاڪ جو عرصو اسين پَڌر ۾ هڪ ٻئي ويجهو ٿي ويهون ٿا ۽ جيڪي ٽي جيلر اسان جي نظربنديءَ لاءِ مقرر ڪيل آهن، سي اسان جون ڳالهيون ڪونه ٿا ٻُڌي سگهن. پر هن ڀيري اهي همدردي ڏيکارين ٿا ۽ اسان مٿان ڳاهٽ ڪونه ٿا ٿين.

”تنهنجي ڄمار هاڻي پنجويهه ورهيه آهي.“ بابا چرچو ڪري ٿو. ”۽ تون اُن عهدي لاءِ بيهي سگهي ٿين، پر ضياءَ هاڻي ڪڏهن به چونڊون ڪونه ڪرائيندو.“

”بابا،“ آئون چوان ٿي.

اسين ٽهڪ ڏيون ٿا. اسين ڪيئن ٿا ٽهڪ ڏيون؟ جيل ۾ ڪنهن هنڌ جلاد جي ڦاهي پئي لَڙڪي، جنهن جو پاڇولو اسان جي حياتين تي پيو پوي. بابا ٻڌائي ٿو ته فوج هر ممڪن ڪوشش پئي ڪري، ته آئون ڀَڄي ڀُري پوان. روز رات جو فوجي هن جي ڪوٺڙيءَ جي ڇت تي چڙهي وڃن ٿا ۽ پنهنجن ڳرن بُوٽن سان ڌَم ڌَم ڪن ٿا. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن بنگلاديش جي گهرو ويڙهه ۾ فوجين مجيب الرحمان سان قيد ۾ ڪيو هو. هنن کي اميد آهي ته، قيدي ڪاوڙ ۾ اچي پهريدارن کي گاريون ڏيندو، ۽ اُن بهاني جو وجهه وٺي، فوج جو ڪو مٿي ڦِريل سپاهي جوش ۾ اچي هن کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. پر بابا هنن جو اُهي اٽڪلون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ مٿن ڪاوڙجڻ بدران انهن کي پنهنجي قانوني بچاءُ ۾ شامل ڪري ٿو.

آئون فليش مئن هوٽل ۾ موٽي آيس. منهنجي پٺيان فوج جي ٻن يا ٽن ڄاتل سُڃاتل گاڏين جو قافلو هو، جيڪو ڪنهن وقت ستن، اٺن ۽ ڪڏهن ته ڏهن مختلف گاڏين جو قافلو ٿي پوندو هو. آئون جيئن رستي تان ٿي لنگهيس، ته ماڻهو اُن قافلي کي چتائي ڏسڻ لڳا. ڪن همدردي وچان ٿي ڏٺو، ته ٻين وري پنهنجيون نظرون جهُڪائي ٿي ڇڏيون، ڄڻ جيڪي ٿيو پئي، تنهن تي کين ڪو ويساهه ئي نه هجي.

سڄي شهر کي، سڄي ملڪ کي عجب جهڙي ماٺ وڪوڙي وئي هئي. سموري قوم تي سَڪتو هو. چيو پئي ويو ته هڪ لک کان به مٿي گرفتاريون ٿيون هيون. ”ضياءَ ڪڏهن به وزيراعظم کي سزا ڪونه ڏيندو. اهو ناممڪن آهي.“ ماڻهو هڪ ٻئي کي چوندا هئا. هنن جي گفتگوءَ جو اهوئي موضوع هوندو هو: بابا جو مقدمو، هن جي موت جي سزا، سپريم ڪورٽ ۾ هن جي اپيل.

بابا جي ناراضپي هوندي به اسان راولپنڊي ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي هئي. ”آئون پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جي راين کي مانُ ڏيڻ لاءِ مجبور آهيان. اُن جو اهو سبب نه آهي، ته منهنجو ساڻن رشتو آهي، پر هڪ وڏي مقصد خاطر.“ بابا سپريم ڪورٽ ۾ هن جي وڪيلن جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي اڳوڻي اٽارني جنرل مسٽر يحييٰ بختاور کي لکيو هو. ”هنن ٻنهي ڄڻين جوکائتي وقت ۾ شاندار همت ۽ بيمثال بهادري ڏيکاري آهي. هنن کي منهنجي فيصلي تي ذاتي اظهار جو سياسي حق آهي.“

عدالت مقدمي جي شنوائي مئي کان شروع ڪئي. جيتوڻيڪ ٻين مقدمن ۾ ڏوهارين کي اجازت هئي، ته اهي هڪ مهيني اندر سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪن؛ پر بابا کي رُڳو هڪ هفتي جو وقت ڏنو ويو هو. بابا جا وڪيل فليش مئن هوٽل ۾ رهيل هئا، جتي اسان هڪ دفتر ٺاهيو هو، ته جيئن اپيل جي آسانيءَ سان پوئواري ڪري سگهجي. ڊاڪٽر نيازيءَ جي اڻسامايل ڌيءَ ياسيمن نيازي به ان ڪم ۾ شريڪ ٿي ۽ منهنجي مدد ڪرڻ لڳي. ساڳيءَ ريت امينا پراچا وري اسان جي وڪيلن طرفان پرڏيهي اخبارن سان رابطو جوڙڻ جو ڪم کنيو. گڏوگڏ آڪسفورڊ يونين جي صدر ٿي هئي، پڻ منهنجي مدد لاءِ پاڪستان آئي هئي.

ڪجهه ڏينهن تي آئون پاڻ کي زبردستي صبح سوير اٿاريندي هيس. تڪڙ ڪر. اُٿ. ڪپڙا مٽائي تيار ٿيءُ. وڌيڪ تهمتون، وڌيڪ رد. ڪجهه پارٽي ڪارڪنن سان مل. راولپنڊي ۾ موجود صحافين کي انٽرويو ڏي. حڪومت جي اخبارن ته رڳو بابا تي لڳل تهمتن ۽ الزامن جون خبرون پئي ڏنيون. سچيءَ ڳالهه جي پڌرائيءَ لاءِ اسان جي اميد رڳو دنيا جي اخبارن ۽ لاهور مان نڪرندڙ اخبار ’مساوات‘ تي هئي، جيڪا اڃا تائين ڇپي پئي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ مان ان جي نڪرڻ تي بندش هئي. ’گارجين‘ اخبار جو صحافي پيٽر نيزوئينڊ ۽ ’ڊيلي ٽيليگراف‘ اخبار جو عيوضي بروس لوڊن ڄاتل سڃاتل چهرا ٿي لڳا.

حڪومت پنهنجن الزامن جي ’اڇي چٺي‘ جو پهريون ڀاڱو جولاءِ جي پڇاڙيءَ ۾ ڇپي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ مارچ 1977ع جي عام چونڊن جي انتظام تي تنقيد هئي. اسان فليش مئن هوٽل ۾ سخت محنت ڪري انهن ڪُوڙن الزامن جو بابا طرفان موڪليل جواب تيار ڪيو، جيڪو هن جي خواهش مطابق سُپريم ڪورٽ ۾ سندس بچاءَ ۾ ڏيڻو هو. روزانو وڪٽوريا ۽ آئون هٿ سان لکيل انهن صفحن کي اتارينديون هيونسين، جيڪي وڪيل اسان کي راولپنڊي سينٽرل جيل مان آڻي ڏيندا هئا. ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکيل بابا جا هٿ اکر پڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ۽ مُنجهيل لڳندا هئا. هن موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ آگسٽ جي سخت گرمين ۾ رمضان جا روزا رکيا هئا ۽ ان حالت ۾ انهن صفحن لکڻ ۾ کيس سخت ڏکيائي ٿي هوندي. اسان جا ٽائيپ ڪيل صفحا وڪيل وري بابا ڏانهن کڻي ويندا هئا، جيڪو انهن تي نظرثاني ڪري، اسان ڏانهن ٻيهر ٽائيپ لاءِ موڪليندو هو. اسان هن جي اهو مڪمل جواب، جنهن جو ڳجهو نالو اسان ”ريگي“ رکيو هو، لاهور جي هڪ ڳجهي پريس ۾ ڏياري موڪليو.

پر سُپريم ڪورٽ ۾ اُهو دستاويز ڏيڻ کان اڳ ان جون ڇپيل ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. اُهو دستاويز سپريم ڪورٽ لاءِ ٻِيهر ٺاهڻ ۽ پرڏيهي اخبارن جي صحافين ۾ ورهائڻ لاءِ، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن ان جي ٽن سئو صفحن جون فوٽو ڪاپيون ٺاهڻ لاءِ، سڄي رات اُتي ترسي پيا هئا، جنهن هنڌ فوٽو ڪڍڻ جي مشين هئي ۽ اهي ماڻهو، جن مدد ڪئي هئي، اها جاءِ ۽ هنن جي سڃاڻپ کي بلڪل ڳُجهو رکيو ويو هو.

فليش مئن چؤڌاري گهيرو تنگ ٿي ويو هو. هڪڙيءَ رات هوٽل جي اڳياڙيءَ ۾ پوليس جو ڊنبلو اچي گڏ ٿيو. هنن اسان جي هڪ مددگار کي گرفتار ڪري کيس هڪدم فوجي عدالت ۾ سزا ڏئي ڇڏي. اسان لاڳيتي ڊَپُ هيٺ ڪم پئي ڪيو ۽ اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته آئيندي ڇا ٿيندو.

نيٺ اهو جواب جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، تڏهن چيف جسٽس ان جي ڇپائيءَ تي بندش وجهي ڇڏي. ان وقت تائين ان جا ڪيترائي نقل ٻاهرين ملڪن ۾ پهچي ويا هئا. اهو جواب پوءِ ڪتابي صورت ۾ ”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو.“ جي عنوان سان هندستان مان ڇپيو ۽ هٿوهٿ وڪامڻ لڳو.

ايتري ۾ ڪيترئي ڀيرا افواهه ٻُڌڻ ۾ آيا، ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به وقت پنهنجو فيصلو ڏئي سگهي ٿي. شنوائيءَ جي شروع ۾ ئي چيف جسٽس انوارالحق اعلان ڪيو هو، ته اپيل جي شنوائي جلد پوري ڪئي ويندي، جنهنڪري بابا جي وڪيلن کي وڏيون اميدون هيون. بينچ ۾ جيڪي نَو جج شامل هئا، تن مان پنجن ججن اهڙا سوال پئي پڇيا ۽ شاهدن جي بيانن جي ايئن ٻيهر چڪاس پئي ڪئي، جن مان لڳو ٿي، ته لاهور جي فيصلي کي رد ڪيو ويندو. پر اوچتو جون مهيني ۾ انوارالحق عدالت جي ڪارروائي ملتوي ڪري، هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جڪارتا روانو ٿي ويو. اسان سڀني سمجهيو ته اپيل کي انڪري ڊيگهه ڏني پئي وڃي ۽ ملتوي ڪئي پئي وڃي، ته جيئن اهو جج، جيڪو بيڏوهيءَ جي حق ۾ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ سڀني ججن ۾ جنهن کي قتل جي مقدمن جو گهڻو تجربو هو، جولاءِ مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿئي. اسان جي التجا کانپوءِ به چيف جسٽس انوارالحق هن کي شنوائي مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي. هڪ ٻئي آزاد خيال جج کي سيپٽمبر ۾ زوري سندس عهدي تان لاٿو ويو هو، جو هن جي اک پٺيان رَت جي وهڪري سبب عارضي طرح هن جي مٿي ۾ سُور ٿيندو هو ۽ ڪمزوري ٿي پئي هئس. هن پنهنجي تندرست ٿيڻ تائين عدالت کي ملتوي رکڻ جي پڻ درخواست ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي. اُن سبب توازن اسان خلاف ٿي پيو هو: ٽن جي ڀيٽ ۾ چار جج هئا.

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي هم منصب جهڙو ئي ساڙيلو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان، جنهن سان سندس گهاٽي دوستي هئي، انوارالحق به هندستان ۾ ضياءَ جي اباڻي شهر جالنڌر جو رهاڪو هو. هڪ ڀيرو وري به عدليا ۽ انتظاميا وچ ۾ عليحدگي جو ڪو عذر ڪونه هو. جڏهن سيپٽمبر 1978ع ۾ ضياءَ حج لاءِ مڪي شريف ويو هو، ته انوارالحق قسم کڻي قائم مقام صدر ٿيو هو. چيف جسسٽس جي چئمبر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي دفتر وچ ۾ ته سنئون سِڌو ٽيليفون به هو.

ڪيترا ورهيه پوءِ جڏهن آئون ملڪ بدر هيس، تڏهن مونکي سُپريم ڪورٽ جي هڪ جسٽس صفدر شاهه سان ڳالهين مان ڄاڻ پئي هئي، ته انوارالحق ڪيترو نه ساڙيلو هوندو هو. اپيل هلندي انوارالحق، جسٽس شاهه کي هڪ پاسي سڏي چيو هو، ”اسين ڄاڻون ٿا ته ڀٽو بيگناهه آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته هن کي مارڻ ضروري آهي.“ صفدر شاهه، بابا جي باعزت آزاديءَ جي راءِ ڏني هئي، پر انوارالحق ۽ حڪومت هُن تي سختيون ڪيون ۽ کيس جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو. پوءِ به سپريم ڪورٽ ۾ مقدمي هلندي، ضياءَ ۽ انوارالحق ٻئي اها دعويٰ ڪندا رهيا، ته بابا جي اپيل آزاد عدالت جي ويچار هيٺ آهي. ”اسين شاهدين جو کليل ذهن سان اڀياس پيا ڪريون.“ انوارالحق اصرار ڪيو.

اسين ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ عدالتن، فوج، اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي حڪومت جو ضابطو هو. بابا جي نيڪناميءَ کي نقصان رسائڻ لاءِ حڪومت تُهمتن ۽ الزامن جا اڇا چِٺا چئن ٻولين بابا جي فريادي احمد رضا قصوري يورپ ۽ آمريڪا جا سئر پئي ڪيا، جتي هو مهانگن هوٽلن ۾ پئي رهيو ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري هن پئي چيو، ته پاڪستان ۾ بابا تي انصاف سان مقدمو پيو هلي. قصوري اتي اها به دعويٰ ڪئي هئي، ته سفر جو سمورو خرچ آئون پاڻ پيو ڀريان، پر ضياءَ جي مارشل لا قاعدن هيٺ هن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هر هڪ رڪن، جائداد جا جيڪي تفصيل ڏنا هئا، انهن مان اُن دعويٰ جي تصديق نه ٿي هئي. هن کي اهي پئسا جيڪڏهن حڪومت نه ڏنا هئا، ته پوءِ هن وٽ اُهي ڪٿان آيا هئا؟

 

”منهنجي مرضي آهي ته تون وڃي سرحد جو گشت ڪر،“ بابا مونکي سيپٽمبر ۾ چيو هو. ”اسان کي عوام جا حوصلا وڌائڻ گهرجن. تون منهنجي مائُو ٽوپي پاڻ سان کڻي وڃ. اها ٽوپي 70 ڪلفٽن ۾ منهنجي لباس واري ڪمري ۾ رکي آهي. تون تقرير وقت اها پنهنجي مٿي تي پائجانءِ، پوءِ مٿي تان لاهي اها فرش تي رکجانءِ. ماڻهن کي چئجان ته، ’بابا چيو آهي ته منهنجي ٽوپي سدائين عوام جي پيرن ۾ هجي ٿي.“

مون هن کي تمام ڌيان سان ٻُڌو، پر مونکي هن جي صحت جي ڏاڍي ڳڻتي هئي. مون جڏهن به جيل ۾ هن سان ملاقات ڪئي، ته هن کي اڳي کان به ڪمزور ڏٺو هيم. هن جون مُهارون ڳاڙهيون رَت جهڙيون ٿي ويون هيون ۽ ڪيترن هنڌان کاڄي ويون هيون. هن کي اڪثر بخار رهندو هو. امان ۽ آئون هن لاءِ ڪُڪڙ جي گوشت جا سينڊوچ کڻي وينديون هيونسين ۽ کيس اُهي کائڻ لاءِ مٿس زور ڀرينديون هيونسين، پر هو اهي سينڊوچ هڪ پُسيل ڪپڙي ۾ ويڙهي رکندو هو، ته جيئن اُهي نرم ۽ تازا رهن.

سيپٽمبر جي ملاقاتن ۾ بابا کاڌي ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران تقريرن جي انهن موضوعن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي مونکي هدايتون ڏيندو هو، جيڪي مونکي ڪرڻيون هونديون هيون. ”مارشل لا جي نتيجي ۾ خودمختياريءَ جو سمورو مسئلو اُڀري مٿي ايندو هو.“ هن ٻڌايو. ”عوام کي اها ڳالهه ياد ڏيار، ته مون جمهوريت ذريعي هنن ۾ متحد پاڪستان جو اعتماد بحال ڪيو ۽ رُڳو جمهوريت ئي ملڪ کي متحد رکي سگهندي.“

وڃڻ وقت مون هُن جي مُنهن تي ڳڻتي ڏٺي. ”پِنڪي، توکي خطري ۾ اماڻيندي مونکي نفرت ٿئي ٿي. جيڪڏهن هنن کي وڌيڪ مايوسي ٿي، ته اهي وري توکي گرفتار ڪندا. آئون ته شروع کان ئي انهن ڳالهين سان وڙهندو پيو اچان. پر پوءِ مونکي انهن هزارين ماڻهن جو به خيال اچي ٿو، جيڪي اسان خاطر ڪَوڙا پيا کائين ۽ عذاب پيا سَهن....“

”بابا.“ مون تيزيءَ مان چيو. ”آئون ڄاڻان ٿي ته هڪ پيءُ هجڻ سبب اوهان کي پنهنجي ڌيءَ جي ڳڻتي آهي. پر اوهين ته منهنجي لاءِ پيءُ کان به وڌيڪ آهيو. اوهان منهنجا سياسي اڳواڻ پڻ آهيو. جيئن اوهان ٻين جا سياسي اڳواڻ آهيو، جيڪي پِيڙا ۾ ڦاٿا پيا آهن.“

”پِنڪي ڌيان ڪجانءِ.“ هن پٺيان وڏي آواز ۾ چيو. ”تون سرحد جي علائقي ۾ پئي وڃين. ياد رک ته اهي ڏاڍا پراڻن خيالن جا ماڻهو آهن. تقرير ڪندي ڪنهن وقت تنهنجي مٿي تان رَئو لهي سگهي ٿو. ياد رک، توکي هڪدم رَئو مٿي تي پائڻو پوندو.“

”آئون گهڻو ڌيان رکنديس، بابا.“ مون هن کي خاطري ڏني. ”شل ڀاڳ ڀلو ٿيئي، پِنڪي.“ مون هن کي چوندي ٻُڌو.

سرحد صوبي ۽ قبائلي علائقن ۾، جن جي الهندي طرف افغانستان ۽ اتر ۾ چين جون سرحدون آهن، مون سان گڏ وڪٽوريا به هلي هئي. ياسمين پڻ مون سان گڏ هئي. اها هڪ سامايل ڇوڪريءَ جي همت هئي، جنهن جي پالنا پاڪستاني خاندان جي روايتن مطابق ٿي هئي. هن ڪڏهن به رات جو گهر کان ٻاهر رهڻ جو سوچيو به ڪونه هو. هڪڙي ڀيري گهڻي رات گذرڻ سبب مون هن کي فليش مئن هوٽل ۾ ئي رهي پوڻ لاءِ چيو هو. ان تي هن جي ڏاڏي لاچار کيس اجازت ڏني هئي. اها لاچاري حڪومت جي ڊَپُ سبب ڪين هئي، پر انهن روايتن سبب هئي، جن مطابق ڪابه سامايل ڪنواري ڇوڪري پنهنجي گهر کان ٻاهر رات گذاري نٿي سگهي.

پر حڪومت جي ظلم زبردستيءَ سبب ٻين ڪيترن ئي خاندانن جيان نيازي به حڪومت جا سخت مخالف ٿي ويا هئا. پنهنجي سخت نقصان جي هوندي به نيازي خاندان وارن مون تي زور ڀريو هو، ته هوٽل ۾ رهڻ بدران آئون سندس گهرو ماحول ۾، هنن سان گڏ گذاريان. منهنجي سبب هنن کي سخت هيسايو ۽ ڌمڪايو ويو هو. ٽئڪس جي سلسلي ۾ سندن جائداد جي ضبطيءَ جا نوٽيس ڪڍيا ويا هئا. هنن جي گهر جي گهٽيءَ ۾ جاسوسي ادارن جون لاريون بيٺيون هونديون هيون، جيڪي بيگم نيازيءَ جي ڪَڍ مارڪيٽ تائين ۽ هن جي ٻارن پٺيان اسڪول وينديون هيون. جاسوس ڊاڪٽر نيازي جي مريضن جو پيرو کڻندا هئا، جنهنڪري هن وٽ مريضن وڃڻ ڇڏي ڏنو هو.

اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مڪاني اڳواڻن سان گڏ مردان جو سفر ڪيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گنڌارا ٻوڌي تهذيب جو مرڪز هوندو هو. اسين انگريزن جي ٺاهيل پهاڙي اسٽيشن ايبٽ آباد وياسون، اسين سرحد صوبي جي گاديءَ واري شهر پشاور پهتاسون، جنهن جي گِيڙُو رنگ جي سِرن وارين ديوارن صدين کان وچ ايشيائي ملڪن مان ايندڙ لشڪرن کان شهر جو بچاءُ ڪيو هو. سرحد صوبي ۽ خودمختيار قبائلي علائقن ۾، جتي پٺاڻن جي اُن سخت دستور جو راڄ آهي، ته هر بيعزتيءَ جو پلاند وٺبو ۽ هر مهمان جي خاطرداري ڪبي. اسين جتي به ترسياسين ٿي، اتي ڪنهن به ڪوشش کانسواءِ لفظ منهنجي دل مان ڀَڙڪو ڏئي زبان تي ٿي آيا. ”پٺاڻ عزت تي جان ڏيڻ جي قربانيءَ لاءِ مشهور آهن. بابا نه رڳو پنهنجي عزت لاءِ، پر ملڪ جي عزت لاءِ جنگ پيو ڪري.“ مون هجوم کي مخاطب ٿي چيو هو، جن جا مُهانڊا ويجهو ئي خيبر لڪ جي جبلن جهڙا کُهرا هئا. اسين سوات وياسون، جتي پريان لوڻ جي ٽڪرين جي چوٽين تان هوا ۾ لوڻ پئي اڏاڻو. علاقائي ٻولي پشتو نه ڄاڻڻ سبب مون اردوءَ ۾ ڳالهايو، پر ان هوندي به پٺاڻن مونکي ٻُڌو. منهنجي اتي ڪابه مخالفت نه ٿي. انهن ايراضين ۾ به نه، جتي قبائلي عورتن جي سختيءَ سان حفاظت ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جا ڏک ۽ تڪليفون، منهنجي خاندان ۽ اسان سڀني جون مصيبتون، رنگ ۽ نسل جي هر رڪاوٽ کان مٿي ٿي ويون هيون. ”راشا، بينطير راشا!“ ماڻهن پشتو ٻوليءَ ۾ نعرا هنيا. ”ڀلي ڪري آئينءَ، ڀلي ڪري آئينءَ، بينظير ڀلي ڪري آئينءَ!“

پنجاب جي گشت تي وڃڻ کان اڳ جڏهن آئون ٿوري وقت لاءِ راولپنڊي پهتيس، ته بابا وٽ آيس. ”شاباس“، پنهنجا هَٿ مَهٽيندي هن پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي مونکي واڌايون ڏنيون. لاهور ۾ پارٽيءَ جي هڪ عهديدار جي گهر ۾ منهنجي تقرير ٻُڌڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سوين ڪارڪن اچي گڏ ٿيا هئا. حڪومت جي گهڻين سختين جي هوندي به هنن جي جوش جذبي ۾ ڪا ڪمي ڪين آئي هئي. ”مقدمي ۾ ناانصافي ڪئي وئي آهي. اسين پنهنجي گرفتاري ڏيئي احتجاج ڪنداسين.“ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وفادارن مونکي چيو. ”موت جي سزا تي عمل کان پهرين ضياءَ کي اسان سڀني کي گرفتار ڪرڻو پوندو.“ سرگوڌا ۾، جتي اڃا تائين وڏن زميندارن جي حاڪميت قائم آهي، عوام جا وڏا ميڙ نڪري آيا. اها شدت وڌندي وئي، ۽ حڪومت ان کي چيڀاٽڻ لاءِ هڪدم اپاءُ ورتا. سرگوڌا مان منهنجي روانگي کان پوءِ پارٽيءَ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي جهَليو ويو، جن ۾ منهنجو ميزبان به هو، جنهن جو ڏوهه رُڳو اهو هو، ته هن مونکي پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏني هئي. ان ڏوهه ۾ هن کي هڪ ورهيه جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي هئي ۽ مٿس هڪ لک روپين جو ڏنڊ وڌو ويو هو.

”حڪومت پريشان ٿي وئي آهي. اسان کي سِڌو ملتان هلڻ نه گهرجي،“ پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن مونکي لاهور ۾ چيو. ”اسان جو سڄو زور ٽُٽي پوندو.“ ٻين اعتراض ڪيو. ”عوام ۾ ڏاڍو جوش آهي، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي به جهَليو وڃي. جيڪڏهن اسان ٿوري به ڍِر ڏني، ته پوءِ مختلف هنڌن تي پهچڻ ۽ وڌيڪ ماڻهن سان ملڻ لاءِ اسين گهڻو وقت وٺنداسين.“ اهو بحث هلندو رهيو ۽ ٻيءَ راءِ کي مڃيو ويو ۽ آئون ٿوري وقت لاءِ ڪراچي موٽي آيس، ته جيئن حڪومت جي هڪ ٻيءَ تهمت جو جواب ڏئي سگهان.

انهيءَ وچ ۾ جمهوريت لاءِ عوامي راءِ نيون اوچائيون ڇُهڻ لڳي هئي. ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن هڪ ٻئي پٺيان پاڻ کي ساڙڻ شروع ڪيو هو. هنن پنهنجي اڳواڻ جي تقدير کي ڏسندي، پنهنجي قرباني ڏيڻ جو آخري احتجاج ڪيو. ’مساوات‘ اخبار ۾ هنن جون تصويرون ڏسي مون کان ڇِرڪ نڪري ويو هو ۽ مون کي خيال ٿيو، ته آئون انهن مان ٻن سان ملي هيس. انهن مان هڪ عزيز نالي هو، جيڪو مون وٽ فليش مئن هوٽل ۾ ٻه ٽي مهينا اڳ هڪ معمولي گذارش کڻي آيو هو، ته آئون هن سان گڏ فوٽو ڪڍرايان. جيتوڻيڪ آئون ڏاڍي ٿڪل هئس، پر مون اها گذارش قبولي هئي. ان ننڍڙي ڪوشش تي آئون پنهنجي ٿورائتي ٿي هيس، جڏهن مون اهو پڙهيو ته هن پاڻ کي جيئري ساڙيو هو.

هڪ ٻيو شخص پرويز يعقوب نالي عيسائي هو، جنهن پاڻ کي سڀ کان پهرين ساڙيو هو. هُو سيپٽمبر 1977ع ۾ بابا جي گرفتاريءَ کان ٿورو پوءِ مون وٽ هڪ مايوس ڪندڙ تجويز کڻي آيو هو. هن هوائي جهاز اغوا ڪري، ان جي مسافرن کي اوستائين يرغمال رکڻ ٿي گهريو، جيستائين حڪومت بابا کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿئي. ”توکي اها حرڪت هرگز نه ڪرڻ گهرجي،“ مون هن کي چيو هو. ”بيگناهه ماڻهو مري سگهن ٿا. ان سبب توکي وڳوڙ ڪندڙ ٺڳ سمجهيو ويندو. اسان کي پنهنجن اصولن مطابق جنگ ڪرڻ گهرجي ۽ نه هنن جي اصولن مطابق.“ هينئر هن آخري قرباني ڏني هئي، هن لاهور ۾ پاڻ کي ساڙي پنهنجو انت آندو هو.

ماڻهن جو اهو هجوم پرويز جي زندگيءَ کي بچائي پئي سگهيو، جيڪي باهه جي شعلن کي ڏسي هن ڏانهن ڊوڙي ويا هئا. پر مارشل لا اختياري وارن ڪنهن به ماڻهوءَ کي هن جي ويجهو وڃڻ جي اجازت ڪين ڏني هئي. هنن اهو ئي ٿي گهريو ته ماڻهو اها پيڙا ڏسن، ته جيئن ٻيو ڪوبه ڀٽي جو جان نثار وري اهڙو ڪم نه ڪري سگهي. پر اهو جوش ويتر وڌي ويو هو. ايندڙ هفتن ۾ پنهنجي چونڊيل وزيراعظم جي جان بچائڻ لاءِ ٻين پنجن ماڻهن پاڻ ساڙي پنهنجو انت آندو هو.

”حڪومت چوي ٿي ته جن ماڻهن پاڻ کي ساڙي ماريو هو، انهن کي اُن ڪم لاءِ پيپلز پارٽي پئسا ڏنا هئا،“ ملتان ۾ مونکي جيڪا تقرير ڪرڻي هئي، تنهن لاءِ مون نوٽ لکيو. ڇا انساني زندگيءَ جي ڪا قيمت به ٿي سگهي ٿي؟ نه. اهي بهادر انسان پنهنجو مثال پاڻ هئا، جن جمهوريت ۽ شرافت خاطر پنهنجي هر تڪليف کي وساري ڇڏيو هو. اسان جو هنن کي سلام آهي.“ مونکي ان تقرير جو موقعو ئي ڪونه مليو.

4 آڪٽوبر 1978ع. ملتان هوائي اڏو.

ڪراچيءَ کان ملتان تائين ۽ اتان پنجاب جي گشت لاءِ هوائي جهاز جي اڏام ۾ دير مٿان دير پئي ٿئي. ياسمين ۽ آئون هوائي اڏي تي ستين بجين صبح جو پهچون ٿيون. ٻنپهرن تائين هوائي جهاز ڪونه ٿو اڏامي. جهاز جڏهن ملتان پهچي ٿو، تڏهن اسان کي اصل حال جو پتو پوي ٿو. جهاز کي ٽرمينل ۾ بيهارڻ بدران ان کي پري بيهاريو وڃي ٿو ۽ جلدئي ان کي فوجي لاريون ۽ جيپون گهيرو ڪري وڃن ٿيون.

”مِس بينظير ڀٽو ڪٿي آهي؟“ سادن ڪپڙن ۾ ٻه ماڻهو جهاز ۾ اچي پُڇن ٿا.

اسٽيوورڊ مون ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

”اسان سان گڏ هل.“ اُهي چون ٿا.

”ڇو؟“

”سوال نه پُڇ.“

آئون ۽ ياسمين ڏاڪڻ تان لهي هيٺ اچون ٿيون، ته ويجهو ئي هڪ ننڍو جهاز بيٺو آهي.

”تون سيسنا ۾ چڙهه.“ عملدار مونکي چون ٿا. ”هي هتي ترسندي.“

آئون ياسمين ڏانهن ڏسان ٿي. هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون آهن. هوءَ سامايل ڇوڪري اُن ڌارئي شهر ۾ بلڪل اڪيلي آهي. الائي هن سان ڪهڙي ويڌن ٿئي. ”ڪُتا!“ بنيادپرستن ۽ مارشل لا اختياري وارن سڄي پاڪستان ۾ انهن عورتن پٺيان باهه ٻاري ڏني آهي، جن پهريون ڀيرو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، بابا جي گرفتاري، امان جي گرفتاريءَ ۽ پنهنجن مُڙسن، پٽن ۽ ڌيئرن جي گرفتارين خلاف مظاهرا ڪيا آهن. ياسمين کي به منهنجي ڳڻتي آهي.

”آئون هن کانسواءِ ڪونه هلنديس،“ آئون پوليس کي چوان ٿي.

”هوائي جهاز ۾ چڙهه،“ اُهي چون ٿا. هنن جون اکيون ڦِري وڃن ٿيون.

”نه، آئون ڪونه چڙهنديس،“ آئون ياسمين جو هٿ مضبوط جهليندي چوان ٿي. اُهي مون ڏانهن وڌي اچن ٿا ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ان رستي تي گهِلڻ شروع ڪن ٿا. ”مونکي نه ڇڏ، ياسمين!“ هوءَ جيئن ئي مون سان چِنبڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته آئون هن کي رَڙ ڪري چوان ٿي.

جنهن جهاز مان اسان کي لاٿو ويو آهي، تنهن جا مسافر ڊَپُ ۽ اچرج وچان اسان کي ڏسن ٿا. ياسمين ۽ مونکي سيمينٽ جي فرش تي گهِليندا پيا وڃن. منهنجي شلوار ڦاٽي پوي ٿي. منهنجين ٽنگن تي رَهڙون اچن ٿيون ۽ منجهانئن رَت وهي ٿو. ياسمين دانهون پئي ڪري، پر اسين هڪ ٻئي کي ڪونه ٿيون ڇڏيون.

سيسنا جهاز جي ڏاڪڻ وٽ پوليس جي ٻطرفن ريڊين ۾ کڙکڙ ٿئي ٿي.

سدائين جيان هينئر به هنن جي سمجهه ۾ ڪي به نٿو اچي ۽ اهي هدايتون وٺڻ لاءِ ڳالهائين پيا. پوليس وارا انهن ڳالهين ۾ ئي رُڌل آهن، ته آئون ۽ ياسمين ٽن مسافرن جي ويهڻ واري ننڍڙي جهاز ۾ ڏاڪڻ چڙهي اندر وڃون ٿيون. جهاز جو ڪپتان پوليس کي چوي ٿو، ته جيڪڏهن جهاز جلدي نه اڏاڻو، ته پوءِ هيٺ لاهڻ وقت اودنهه ٿي ويندي. جهاز ڪٿي لهندو؟ اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪانهي. ڪپتان جو اهو نياپو جڏهن ريڊيي ذريعي ڪور ڪمانڊر ملتان کي ملي ٿو، ته هو سخت ڪاوڙجي پوي ٿو. هو پوليس کي هدايتون ڏئي ٿو ته اسان کي وٺي وڃن. پر جهاز اڃا تائين رَن وي تي بيٺو آهي.

”صبح جو ستين بجي کان مون ڪا شيءِ نه کاڌي آهي، ۽ نه پاڻي پيتو آهي،“ جهاز جو ڪپتان آهستي پوليس وارن کي چوي ٿو. جلدئي پوليس هن لاءِ لنچ باڪس کڻي اچي ٿي. جهاز جي اڏامڻ کان پوءِ هو اسان ڏانهن ڏسي ٿو- هن اهو ٻڌو هو ته مون جڏهن پاڻي گهريو، ته ڪور ڪمانڊر پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو- ۽ اهو کاڌو اسان کي ڏئي ٿو. ”مون کاڌو آهي. هيءُ مون اوهان لاءِ ورتو آهي.“ هو چوي ٿو.

پنجن ڪلاڪن کان پوءِ اسين راولپنڊي پهچون ٿا. آئون ڏسان ٿي ته اهو پنڊيءَ جو شهر آهي، ڇوته ان پوليس واري کي سڃاڻي وٺان ٿي، جيڪون مونکي جهاز مان وٺڻ لاءِ اچي ٿو. نيٺ ياسمين پنهنجي گهر پهچي وئي آهي. آئون جيئن جهاز جي دروازي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، ته جهاز جو ڪپتان مون ڏانهن ڏسي ٿو. هن جي سٻاجهي مُنهن تي اڃا تائين مونکي ڳڻتيءَ جا اُهڃاڻ پيا ڏسجن. هن جي اکين مان ڳوڙها ڪِري پيا هئا. آئون سنڌي آهيان،“ هن چيو. بس، اهو ڪافي هو.

آئون جڏهن اُن گهر ۾ پهتيس جتي امان کي نظربند رهندي ڏهون مهينو ٿيو هو، ته مونکي ڏسي هن کي ڏاڏي خوشي ٿي ۽ هوءَ اچرج ۾ وٺجي وئي هئي. هن سمجهيو هو ته آئون هُن سان ملاقات لاءِ آئي آهيان، پر سندس اکيون ان وقت ڦاٽي پيون، جڏهن هن منهنجا ڪپڙا ڦاٽل ۽ منهنجيون رَت هاڻيون ٽنگيون ڏٺيون. ”اڙي هاڻي مون سمجهيو،“ اهو چوندي هن جو آواز جهڪو ٿيندو ويو. اسان ٻنهي کي وري نظربند ڪيو ويو.

مون مير کي خط لکيو، جيڪو آمريڪا ويل هو، ته جيئن گڏيل قومن جي اداري کي اپيل ڪري، ته اُهي حڪومت تي وڌيڪ زور آڻين. بابا مونکي چيو آهي ته توکي ڪي خاص ڳالهيون ٻُڌايان. هن ’هدايت‘ ڪئي آهي ۽ نه تنقيد. هن جو چوڻ آهي ته:

”تنهنجو خاندان آهي ۽ اُن جون روايتون آهن. هتي اخبارن ۾ خبر ڇپي آهي، ته تون لنڊن ۾ عيش واري زندگي پيو گهارين، پر بابا اُن خبر کي صحيح نٿو سمجهي. پوءِ به هن مونکي چيو آهي ته آئون توکي خبردار ڪريان، ته تون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ گهڻي دورانديشيءَ کان ڪم وٺ. فلمون نه ڏس، نه فضول خرچي ڪر. ٻيءَ صورت ۾ ماڻهو چوندا، ته تنهنجو پيءُ موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ پيو ڳري سڙي ۽ تون وري مزا پيو ماڻين.

”هندستان ۽ اسرائيل جي اخبارن وغيره کي انٽرويو نه ڏئي ۽ انهن ويجهو بلڪل نه وڃ. هندستاني اخبارن کي تنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو هتي غلط فهمي پيدا ڪئي آهي. وغيره وغيره.“

مير کي اهڙا هدايتن وارا خط لکڻ تي منهنجيءَ دل هام نه ڀري. مونکي هن جي ڪوششن جي ڄاڻ هئي. هن منهنجي ننڍڙي ڪار وڪڻي، ان جي پئسن مان بابا جو اهو بيان ڇپايو هو، جنهن ۾ هن حڪومت جي الزامن جو جواب ڏنو هو. هن اتي حڪومت جي ٻاهرين ملڪن وارين وزارت جي هر ميمبر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ بابا جي موت جي سزا خلاف انگلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي هئي. منهنجي گهڻي خواهش هئي، ته اسين گڏجي اها جنگ وڙهون، پر اهڙي ڪابه راهه نظر نه ٿي آئي، ته مير يا شاهه، جن ٻنهي پنهنجي تعليم ڇڏي، اتي جنگ شروع ڪئي هئي، اهي پاڪستان ۾ اچن ۽ گرفتار نه ٿين. اسان سڀني کي اڪيلي سِر جنگ ڪرڻي هئي.

18 ڊسمبر 1978ع. سپريم ڪورٽ راولپنڊي.

عدالت جو ڪمرو اُنهن ماڻهن سان سَٿجي ويو هو، جيڪي پنهنجي وزيراعظم جي رُڳو جهلڪ ڏسڻ لاءِ اُتاولا هئا. هڪ ڊگهي عدالتي جنگ کان پوءِ بابا جي وڪيلن نيٺ هن کي اها اجازت وٺي ڏني هئي، ته هو پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿي، پنهنجي بچاءُ ۾ بيان ڏي. عدالت جي ڪمري ۾ رُڳو هڪ سؤ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ جاءِ هئي، پر چار ڏينهن هن جي تقرير ٻُڌڻ لاءِ اتي ٽي کان چار سؤ تائين ماڻهو هڪٻئي مٿان ڳاهٽ ٿيو ويٺا هئا. ٻيا هزارين ماڻهو جن کي اندر اچڻ ڪونه ڏنو ويو هو، ٻاهر بيٺا هئا. هنن رڳو بابا کي نائين بجين پوليس جي لاريءَ ۾ ايندي ۽ ٻنپهرن جو واپس قيدخاني ڏانهن ويندي ڏٺو.

منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته آئون به اتي هجان ها، پر آئون نظربند هيس ۽ عدالت ۾ وڃڻ لاءِ منهنجي درخواست رد ڪئي وئي هئي. البت هڪ ورهيه جي نظربنديءَ کان پوءِ عدالت نومبر ۾ امان کي آزاد ڪيو هو، جنهنڪري هوءَ عدالت ۾ وڃي سگهي هئي. بابا جي خدمتگار عرس پڻ عدالت جو اجازتنامو ورتو هو. اهڙيءَ ريت بيگم نيازي، ياسمين، وڪٽورريا ۽ امينا کي به اجازت ملي هئي. بابا جي ان سخت آزمائش بابت پوءِ وڪٽوريا هڪ ڪتاب "Bhutto, trial and Execution" جي عنوان سان لکيو هو. اهو عنوان ”عدالتي قتل“ ٿيڻ کپندو هو.

امان مونکي ٻڌايو ته بابا جي تقرير ڏاڍي شاندار ۽ وقتائي هئي. عدالت هن کي جيڪي چار ڏينهن ڏنا هئا، انهن ۾ هن قتل جي مقدمي ۾ پنهنجي شرڪت خلاف الزامن، لاهور جي قانوني ڪارروائيءَ ۾ بيقاعدگين ۽ شاهدين جي اختلافن ۽ رڳو نالي ماتر مسلمان هئڻ سميت چونڊن ۾ پاڻُ ڌانڌليون ڪرائڻ جي تُهمتن کي سختيءَ سان رد ڪيو هو. ”آئون هر اُن ويچار ۽ سوچ جي ذميدار ڪونه آهيان، جيڪا اسان جي سرسبز سنڌ ماٿريءَ جي عملدار ۽ غير عملدار جي ذهني پيداوار آهي.“ هن چيو. اڳواٽ تياريءَ کانسواءِ اتي جو اتي ڳالهائيندي هڪ ڀيرو وري بابا پنهنجي ذهانت ۽ فصاحت جي جادوءَ ۾ اتي موجود ماڻهن کي جَڪڙي ڇڏيو هو.

”هر ساهواري کي هڪ ڏينهن هيءُ جهان ڇڏي وڃڻو آهي. مونکي ڊگهي زندگيءَ جي چاهنا نه آهي، پر مونکي انصاف گهرجي.“ هن چيو. ”... سوال اهو ڪونهي ته مونکي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي آهي، پر سوال اهو آهي ته فرياديءَ کي اهو مقدمو ايئن ثابت ڪرڻو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش باقي نه رهي. آئون پنهنجي بيگناهي ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ثابت ڪرڻ نٿو گهران. اها آئون عظيم سوچ لاءِ ثابت ڪرڻ گهران ٿو، ته اها کِل جهڙي ناانصافي ڪئي وئي آهي. اهڙي ناانصافيءَ جو ڪو مثال ئي ڪونهي.“

بابا کي جن حالتن هيٺ رکيو ويو هو، تن کي ڌيان ۾ رکي ڏٺو وڃي، ته هن پنهنجو بيانَ شاندار نموني ڏنو هو. فوج هن کي راتين جون راتيون ننڊ ڪرڻ نه ڏني هئي. هن ڇهن مهينن کان به وڌيڪ عرصي تائين اُس جو ذرو به نه ڏٺو هو ۽ پنهنجي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ پنجويهه ڏينهن تازي پاڻي کانسواءِ گذاريا هئا. هن جو رنگ هيڊ جهڙو ٿي ويو هو ۽ هو ڏاڍو ڪمزور هو. امان مونکي ٻڌايو ته ان هوندي به جيئن هو تقرير ڪندو پئي ويو، تيئن تيئن هن ۾ سگهه ايندي پئي وئي. ”آئون مٿي ۾ ٿوري ڦيري ڀانئيان ٿو.“ هن عدالت ۾ اهو مڃيو. ”مون ۾ ٻين ماڻهن جهڙي ڦُڙتي ڪانهي.“ هن ماڻهن سان ڀريل ڪمري ۾ چؤڌاري نهاريو. ”ها، ماڻهن کي ڏسي سرهائي ٿي آهي،“ هن مُرڪندي چيو.

هو جڏهن به عدالت ۾ آيو ٿي يا اتان ٻاهر ٿي ويو، ته اتي ماڻهو ادب وچان اُٿي ٿي بيٺا ۽ هن سدائين جيان عوام اڳيان وڃڻ وقت سُٺو لباس پائڻ ۽ پاڪستان جي شاندار وزيراعظم طور وڃڻ تي زور رکيو هو. اُن موقعي تي هن جنهن لباس جي درخواست ڪئي هئي، اهو 70 ڪلفٽن مان عرس کڻي آيو هو ۽ جڏهن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ آيو هو، ته هو مڪمل سُوٽ ۽ ريشمي قميص ۾ هو ۽ کيس ريشمي ٽاءِ ٻڌل هئي ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ رنگين رومال هو. البت هن جي ڍري پتلون مان خبر پئي ٿي، ته هو جسم ۾ ڪيترو نه لٿل هو.

اختياري وارن پهرين هن کي عدالت جي ڪمري ۾ وچ واري رستي تان اچڻ جي اجازت ڏني هئي، پر جڏهن هنن ڏٺو ته ماڻهو ڪهڙي نه چاهه مان هن سان هٿ ملائين ٿا. ۽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي گذرندي به اُن آڌرڀاءُ جو هن ڪيئن نه مُرڪي ۽ ماڻهن جا هٿ ڇُهي جواب ٿي ڏنو، تڏهن پهريدارن هن کي پنهنجي گهيري ۾ رکيو. آخري ٽن ڏينهن ۾ هو انهن ڇهن پهريدارن جي سخت گهيري ۾ ايندو هو، جن جا هٿ هڪٻئي سان مضبوط جهليل هوندا هئا.

23 ڊسمبر تي اها اپيل مڪمل ٿي هئي. امان ۽ مون پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي جنم ڏينهن 25 ڊسمبر تي هن سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. اسان کي نئين سال جي پهرئين ڏينهن يا پنج ڏينهن پوءِ هن جي ڄم واري ڏينهن تي به هن سان ملڻ ڪونه ڏنو ويو هو.

6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ جي فتويٰ اچي وئي. ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن ووٽن سان موت جي سزا کي قائم رکيو ويو هو.

اُن فيصلي جي اعلان کان هڪدم پوءِ مون ۽ امان اها ڄاڻ يارهين بجين ڏينهن جو ٻُڌي. اسان کي اميد هئي ته ضياءَ جا هي جج ڪو معجزو ڪندا. پر چئن پنجابي ججن، جيڪي فوجي رهائش جي مرڪز جا رهاڪو هئا ۽ جن مان ٻن ججن کي عارضي طرح مقرر ڪيو ويو هو، جن جي عهدي جي مُدت جي توثيق فوجي حڪومت فتويٰ کان پوءِ ڪئي هئي، هيٺئين عدالت جي فتويٰ کي قائم رکڻ جي راءِ ڏني. جڏهن ته اقليت وارن ٽن صوبن جي وڏي درجي وارن ججن ان کي رد ڪرڻ جي راءِ ڏني هئي. بابا جي ڦاسيءَ واريءَ سزا جي مامري تي ويچاريندي ئي آئون ڏاڍي ويڳاڻي ٿي وئي هيس.

امان هر اڱاري جي ڏينهن ملاقات لاءِ بابا وٽ وڃڻ واري هئي، ته اسان جي مسواڙ تي ورتل گهر ۾ مارشل لا اختياري وارا هن جي نظربنديءَ جو حڪم کڻي آيا. پر هن اهو حڪم وٺڻ کان نٽايو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پيو ٿئي. ته ايتري ۾ امان ڪمري مان تڪڙي تڪڙي نڪري پنهنجي تيز هلندڙ ڪار ”جيگوئار“ ۾ چڙهي ويٺي. ”دروازو کوليو،“ هن پهريدار کي حڪم ڏنو، جيڪي ان گهر جي چؤڌاري پهري تي بيٺل هئا، جتي ملتان هوائي اڏي تي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ آئون نظربند هيس. هنن اهو سمجهندي ته امان لاءِ نظربنديءَ جا حڪم ڪونه ٿيا آهن، دروازا کوليا. امان تيزيءَ سان ڪار هلائيندي راولپنڊي سينٽر جيل پهتي ۽ پنهنجي پٺيان ايندڙ فوجي جيپن کي گهڻو پوئتي ڇڏي آئي. جيئن ته جيل جي اختياريءَ وارين کي امان جي اچڻ جي اميد هئي، تنهنڪري هنن کيس اندر اچڻ ڏنو.

هوءَ پهريون لوهي دروازو اُڪري وئي. پوءِ ٻيو دروازو. جيل جي اختياريءَ وارن کي سندس نظربنديءَ جي حڪمن جو اڃا ڪوبه اطلاع ڪونه پهتو هو. ٻيءَ صورت ۾ هن جي اها ملاقات رد ٿي وڃي ها. هوءَ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌندي وئي. هاڻي اندريون آڳنڌ بلڪل هن جي سامهون هو. هوءَ فوجي خيمن ۽ هٿيارن جي تنبن جي وچ مان اڳتي وڌندي وئي، جيڪي بابا جي ڪمپائونڊ چؤڌاري لڳل هئا، نيٺ آخري دروازو کليو.

بابا موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ هو. ”اپيل رد ڪري ڇڏي اٿن.“ اُن کان اڳ جو جيل جو عملو ۽ پوليس وارا امان تائين اچي پهچن، هن بابا کي ٻڌائي ڇڏيو. جڏهن هو واپس گهر پهتي ته هن جي چهري تي عجيب ڳنڀيرتا هئي. ”مون خبر پهچائي ڇڏي،“ هن مونکي ٻڌايو. ”مون ڪنهن به صورت ۾ هنن کي اهو اونڌو اطمينان ڏيارڻ نه ٿي گهريو، ته اهي تنهنجي بابا کي فتويٰ جو اطلاع ڏين.“ هڪ ڀيرو وري اسين ٻئي نظربند ٿي ويونسين ۽ بابا جي سزا خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ رُڳو هڪ هفتو هو.

فليش مئن هوٽل ۾ اسان جا وڪيل نظرثانيءَ جي درخواست تي لاڳيتو ڪم ڪندا رهيا. هنن سُپريم ڪورٽ جي 1500 صفحن واري فيصلي جي چئن نقلن ملڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، جن ۾ 800 کان مٿي صفحا انوارالحق جا لکيل هئا. پر هنن کي رُڳو هڪڙو نقل مليو. هڪ منشيءَ کي ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي اچڻ لاءِ اماڻيو ويو هو. اهو نقل اڃا فوٽو ڪاپي پئي ٿيو، ته هن کي ان ڪري جهَليو ويو، ڇوته هو پاڻ فوٽو ڪاپي ڪرڻ واري مشين جو مالڪ هو.

بهرحال بچاءَ جي وڪيلن فوٽو ڪاپي ڪرڻ جي هڪ مشين هٿ ڪري ورتي ۽ اها فليش مئن هوٽل ۾ کڻي آيا. اهو ڏاڍو جوکائتو ڪم هو. اهو سال شروع ٿيندي ئي حڪومت ٽائيپ رائيٽرن ۽ فوٽو ڪاپينگ مشينن جي وڪري تي بندش وجهي ڇڏي هئي، ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ يا ٻيءَ ڪا سياسي جماعت انهن تي ڳجهو مواد ڇاپي نه سگهي. هاڻي ته هڪ ٽائپ رائيٽر يا هڪ فوٽو ڪاپئينگ مشين جي واپرائڻ کي به ملڪ خلاف سمجهيو پئي ويو، ٻيو ته اسان وٽ نئين مشين وڪڻڻ واري لاءِ به گرفتاريءَ جو خطرو هو. ان هوندي به وڪيل ڪم ڪندا رهيا.

اسلام آباد ۾ امان سان گڏ لاڪپ ۾ رهندي مون ڀانئيو هو، ته آئون ختم نه ٿيندڙ اوٿاري ۾ ڦاسي پئي آهيان. سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ گرفتاري جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ٿي ويو هو. اسڪول ۽ يونيورسٽيون بند ڪيون ويون. ضياءَ هر هنگامي کي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي چيڀاٽي ڇڏڻ جو پختو ارادو ڪيو هو. احتجاجن جي اُڀرڻ ۽ پکڙجڻ کان اڳ ۾ ئي هن انهن کي ٻُنجو ڏئي ڇڏيو هو.

فوجي حڪومت جيڪا سختي ڪئي هئي، تنهن عوام کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ڊَپُ ۽ ڇڪتاڻ وڌي وڃي ٿي، ته ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ جا حيلا ڪن ٿا. هنن پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو. ماٺ ۾ ئي سلامتي آهي. اهي بيپرواهه رهڻ لڳا. ڊَپُ سبب اهي ظاهر ئي ڪونه ٿيا، ته متان پاڻ شڪار ٿي وڃن.

پر آئون اهڙي ڀاڳواري ڪونه هيس. بابا جي موت ڏانهن وڌندڙ رفتار کان آئون پاڻ کي پري رکي نه سگهيس. مون جڏهن آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو، ته ڳڻتي ۽ سوچَ سبب منهنجي مُنهن تي داڻا نڪري آيا هئا ۽ اهو ڳاڙهو ٿي ڏٺو. آئون ايتري ته ڳري وئي هيس، جو منهنجي کاڏي، ڄاڙي ۽ ڀِرُون ٻاهر تي اڀري آيا هئا. منهنجا ڳل ڍرڪي ويا هئا ۽ منهنجي چمڙي ڇِڪجي وئي هئي.

مون ڪسرت لاءِ روزانو صبح جو پندرهن منٽ ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجو ڌيان هڪ هنڌ جائيتو نه ٿيو. آئون جيڪر رڳو ننڊ ڪري سگهان ها، پر مون کي ننڊ به ڪين ٿي آئي. امان مونکي ويليم کائڻ لاءِ ڏنيون. مون ان جا ٻه ملي گرام وٺڻ شروع ڪيا، پر آئون جاڳندي رهندي هيس ۽ منهنجي ذهن ۾ مانڌاڻ متل هوندو هو. ”ڀلا ايٽيوان وٺي ڏس.“ امان صلاح ڏني. ان جي وٺڻ سان آئون رڙيون ڪرڻ لڳيس، ان بدران مون وري موگيڊن وٺڻ شروع ڪيون. ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو.

12 فيبروي 1979ع. سهالا پوليس ڪئمپ.

صبح جو اختياريءَ وارا اسان وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته اوهان کي سهالا ۾ هڪ پوليس ٽريننگ ڪئمپ ۾ موڪليو پيو وڃي، جيڪا راولپنڊي ۾ بابا جي قيدخاني کان ڪجهه ميل پري هئي. اسان کي ان عمارت ڏانهن نيو ويو، جيڪا هڪ گنجي ٽڪريءَ تي هئي ۽ جنهن جي چؤڌاري خاردار تارون لڳل هيون. اتي اسان کي گهُرج جي ڪابه شيءَ نه ڏني وئي. نه بلئنڪيٽ هئا، ۽ نه کاڌو. ڪجهه به نه. المرتضيٰ مان جيڪي اسان جا ٻه گهرو ملازم ابراهيم ۽ بشير اسان سان گڏ آيا هئا، سي روزانو وڏو پند ڪري سؤدو سلف وٺي ايندا هئا.

13 فيبروري 1979ع.

وڪيلن پنهنجي درخواست صبح جو پنجين بجين تائين لکي پوري ڪئي، جيڪا ان صبح جو ئي عدالت ۾ ڏيڻي هئي. عدالت بابا کي ان وقت تائين سزا کان مهلت ڏني، جيستائين درخواست تي نظرثاني پوري ٿئي. 24 فيبروريءَ تي عدالت جي شنوائي شروع ٿي. انهيءَ وچ ۾ هڪ ڀيرو وري سڄي دنيا مان ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن وٽان رحم جون اپيلون پاڪستان ۾ پهچڻ لڳيون. ”پنهنجي سياستدان کي بچائڻ لاءِ مونکي سڀني سياستدانن چيو آهي. پر گهڻن غير سياستدان رحم لاءِ ڪونه چيو آهي،“ ضياءَ ٺٺولي ڪندي ٻاهرين ملڪن جي سربراهن جي ان حُجت کي ”ٽريڊ يونين سرگرمي“ چئي ڪابه اهميت نه ڏني هئي.

مارچ جي اوائل ۾ آئون سهالا مان بابا سان ملاقات لاءِ وئي هيس. مونکي ته سمجهه ۾ ئي نٿي آيو، ته هو جيئرو ڪيئن هو. جڏهن کان هن جي موت جي سزا کي قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. تڏهن کان هن پنهنجي هر علاج کان انڪار ڪيو هو ۽ دوا کائڻ ڇڏي ڏني هئي. هن کاڌو کائڻ به ڇڏي ڏنو هو، تنهنڪري نه ته هن جي مُهارن ۽ ڏندن ۾ سُور هو، پر ساڻس جيڪو ورتاءُ ٿيو پئي، تنهن خلاف احتجاج ڪندي هن ايئن ڪيو هو. هاڻي هن جي ڪوٺڙيءَ ٻاهران ڪُلف ڏنل هوندو هو، جنهن سبب هو اُن ڪموڊ کي به ڪَتب آڻي نه پئي سگهيو، جيڪو هن لاءِ جيل جي اختياري واري پاسي واري ڪوٺڙيءَ ۾ رکايو هو.

سدائين جيان هن سان ملاقات لاءِ منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ۽ ان ڏينهن ته اها گهڻي هئي، ڇوته آئون هن کي عجب ۾ وجهڻ واري هيس. امان جي تازي گرفتاريءَ کان اڳ هوءَ ڪراچي وئي هئي ۽ موٽندي هوءَ پاڻ سان گڏ بابا جو ڪُتو ’هئپي‘ به وٺي آئي هئي، ته جيئن اهو به نظربنديءَ ۾ اسان وٽ رهي. هئپي اسان سڀني کي وڻندو هو. گڊي نسل جو اهو اڇي نرم بُج وارو ڪُتو بابا کي منهنجيءَ ڀيڻ ڏنو هو. ”تون هاڻي ماٺ ڪر.“ راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ پهچڻ وقت مون هئپي کي هوريان چيو، جيڪو منهنجي ڪوٽ هيٺان لِڪل هو.

پهرئين دروازي وٽ جهَڙتي وٺڻ واري جاءِ تي خوش قسمتيءَ سان جيل سپرنٽينڊنٽ موجود ڪونه هو، ۽ نه وري جيل ۾ مقرر فوجي لشڪر جو اڳواڻ ڪرنل رفيع اتي موجود هو، جيڪو اسان جي هر چرپر کي ڌيان سان چڪاسيندو هو. هئپي ۽ آئون وڌي ٻئي دروازي تائين پهتاسين. اتي منهنجي جهَڙتي وٺڻ وارين پوليس جي عورتن به اتفاق سان ڪوبه اعتراض نه ڪيو. ”اسان کي ڪُتي لاءِ جهَڙتي وٺڻ جو حڪم ڪونهي،“ هنن مان هڪ ڄڻي همدرديءَ ڪندي چيو. پوءِ آئون جيل جي آخري دروازي ۾ داخل ٿيس. ”هاڻي تون هن کي وڃي ڳول،“ مون هئپي کي ڇڏيندي چيو.

هئپي فرش سُنگهندو هڪ ڪوٺڙيءَ کان ٻي ڪوٺڙيءَ تائين ڊوڙندو ويو. خوشيءَ وچان ڪُتون ڪُون ڪُون ڪندو بابا تائين وڃي پهتو، جيڪو هن کي اتي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو هو. ”ماڻهن کان وڌيڪ ڪُتا ڪيڏو نه وفادار ٿين ٿا.“ آئون جڏهن سندس ويجهو پهتيس ته بابا چيو.

ڪُتي جي خبر ٻُڌي اختياريءَ وارا سخت ڪاوڙجي پيا هئا. وري هئپيءَ کي بابا سان ملاقات جي ڪڏهن اجازت نه ملي هئي، پر گهٽ ۾ گهٽ آئون بابا کي زندگيءَ جي ان گهڙيءَ جو احساس ڏيارڻ ۾ سوڀاري ٿي هيس، جڏهن اسان جو گهر ڳڻتي ۽ فڪر کان آجو هوندو هو: هڪڙي ئي ڇت هيٺان رهندڙ هڪ ماءُ، پيءُ ۽ چار ٻار ۽ جن سان گڏ باغ ۾ ڪُتڙا ۽ ٻليون هونديون هيون.

 

مارچ جي پهرئين هفتي ۾ اسانجن وڪيلن پنهنجا انيڪ عذر عدالت جي نظرثانيءَ لاءِ ڏنا. گهڻي ڪم سبب اُهي بنهه ٿڪجي ساڻا ٿي پيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪڙي ڏينهن امان ۽ مون جڏهن سهالا ۾ بي بي سيءَ تان شام جون خبرون پئي ٻڌيون، ته اسان کي غلام علي ميمڻ جي وفات جي ڄاڻ ملي، جيڪو بابا جي وڪيلن مان هو ۽ جنهن کي پاڪستان جو لائق وڪيل سمجهيو ويندو هو. هو فليش مئن هوٽل ۾ پنهنجي ميز تي ڪم ڪندي دل جي دؤري پوڻ سبب گذاري ويو هو. ”الله، يا الله“ چون ٿا ته هن سپريم ڪورٽ جي گهڻائي واري فيصلي خلاف پنهنجي آخري قانوني ويڙهه جو بيان لکرائيندي وچ ۾ چيو هو، ”هڪ ٻيو انسان مارشل لا جو کاڄ ٿي ويو.“ اسان ريڊيو بند ڪري ڇڏيو. اسين ڀلا ڇا ٿي چئي سگهيونسين؟

23- مارچ جي سالگرهه واري ڏينهن جڏهن پاڪستان جي باني محمد علي جناح آزاد مسلم رياست ٺاهڻ جي گهُر ڪئي هئي، ضياءَ اعلان ڪيو ته سرءُ جي مُند ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. ٻئي ڏينهن سپريم ڪورٽ پنهنجي فتويٰ ڏني. جيتوڻيڪ بابا جي درخواست کي رد ڪيو ويو هو، پر عدالت يڪراءِ سفارش ڪئي هئي، ته اها سزا جنم ٽِيپ ۾ بدلائي وڃي. هڪ ڀيرو وري اميد جو ڪِرڻو نظر آيو. هاڻي آخري فيصلو رُڳو ضياءَ کي ڪرڻو هو.

سَت ڏينهن. ڪنهن طرفان به ضياءَ کي اُن ڳالهه تي مڃرائڻ لاءِ رُڳو ست ڏينهن هئا ته، بابا کي موت جي مُنهن ۾ نه اماڻي، ۽ هن کي بچائڻ لاءِ ضياءَ وٽ هر ڪارڻ هو. بابا جي مقدمي جي فيصلي جي نتيجي ۾، جتي چار جج هڪ پاسي ۽ ٽي جج ٻئي پاسي هئا، پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي موت جي سزا نه ملي هئي، قانون جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن حڪومت، پنهنجي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت جي ان يڪراءِ فيصلي کي رد نه ڪيو هو، ته موت جي سزا گهٽائي وڃي. ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنهن کي به قتل جي سازش جي ڏوهه ۾، ڪڏهن به موت جي سزا نه ملي هئي.

ضياءَ تي ٻاهرين ملڪن به دٻاءُ وڌو هو. هڪ ڀيرو وري ٻاهرين ملڪن جي سربراهن جا نياپا اچڻ شروع ٿي ويا هئا. انگلينڊ جي وزيراعظم ڪلهان ٽيون ڀيرو ضياءَ کي رحم جي درخواست ڪئي هئي. اسلامي بنيادپرستيءَ جي مرڪز سعودي عرب هڪ ڀيرو وري اپيل ڪئي. پر ضياءَ وٽان ڪوبه جواب نه ڏنو ويو هو. بابا جي قسمت جا پَل آهستي آهستي گهٽجڻ لڳا.

سزا ڏيڻ جي تاريخ جو اعلان به نه ڪيو ويو هو، جنهنڪري ماڻهن ۾ هڪ ڪُوڙي اميد هئي. ڪنهن به اها ڳالهه قبولڻ نه ٿي گهري، جنهن جي بابا کي سدائين سُڌ هئي. سڀني رڳو عدالت جي يڪراءِ سفارش ۽ اسلامي حڪومتن سان ضياءَ جي ڪيل اُن واعدي تي اميد رکي هئي، ته موت جي سزا کي جنم ٽِيپ جي سزا ۾ بدلايو ويندو. ضياءَ اهو به ڄاڻايو هو، ته بابا طرفان يا هن جي ويجهي مائٽ جي حُجت تي کيس پاڻ بچائڻ ۽ سزا کي گهٽائڻ لاءِ ڪا راهه ملي ويندي، پر بابا جنهن گهڻو اڳ پنهنجي اڻٽر موت کي قبوليو هو، تنهن کان انڪار ڪندو رهيو. ”هڪ بيگناهه انسان اُن ڏوهه لاءِ ڪڏهن به رحم جي درخواست نه ڪندو، جيڪو هن ڪيو ئي ناهي.“ بابا ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ۽ اسان کي به درخواست ڏيڻ کان روڪي ڇڏيائين. هن جي وڏي ڀيڻ، جيڪا حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي پُڦي هئي، تنهن اپيل ڪئي ۽ آخري وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ هن ضياءَ جي گهر جي دَر تائين پهچي اتي پنهنجي درخواست ڏني هئي. پر ان جو ضياءَ وٽان ڪوبه جواب نه مليو هو.

اُهڃاڻ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بد سنؤڻ ٿيندا ٿي ويا. راولپنڊي جيل ۾ بابا جي ڪوٺڙيءَ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو گهربل سامان رکيل هو، سو اتان سندس هنڌ سميت کڻايو ويو هو. اتي هڪ فراسي ڇڏي وئي هئي. جيڪا فرش تي وڇائي هو اُن تي سمهندو هو. هن کان سنوارت ٺاهڻ جو سامان به کَسيو ويو هو، جنهنڪري بابا جي سدائين اڇي اجري چهري تي اَڇن وارن جي سُنهاري وڌي آئي هئي. هو بيمار ۽ ڏاڍو ڪمزور هو.

سهالا ۾ مونکي نظربنديءَ جو هڪ ٻيو حڪمنامو مليو، جنهن هيٺ مون تي وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جي پابندي وڌي هئي. اُن لاءِ سبب اهو ڄاڻايو ويو هو ته، ”آئون (پنهنجي) بابا کي آزاد ڪرائڻ جي آخري پُٺڀرائي ماڻڻ لاءِ گوڙ ڦَڏي واري سياست کان ڪم وٺي، امن امان ۽ مارشل لا جي ڪارائتي انتظام ۾ زبردست وڳوڙ پيدا ڪنديس.“

ڪنهن کي به پتو نه هو، ته هاڻي ڇا ٿيندو. ڇا دنيا جي ملامت ۽ ڪورٽ جي سفارش کان پوءِ به ضياءَ سچ پچ سزا تي عمل ڪندي بابا کي ڦاسي ڏيندو؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ ڪڏهن؟ ان جو ڏکائتو جواب 3 اپريل تي نروار ٿيو هو، جڏهن امان ۽ مونکي آخري ملاقات ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا هئا.

ياسمين! ياسمين! اڄ رات هو قتل ٿيڻ وارو آهي!

امينا! تون به ٻُڌ. اهو اڄ رات ٿيندو، اڄ رات!

وڪيلن نظرثانيءَ جي هڪ ٻي درخواست ٺاهي. امينا هوائي جهاز ۾ ڪراچي وئي، جتي هن ۽ بابا جي هڪ وڪيل حفيظ لاکي اها عدالت ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. رجسٽرار اُها وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اها ججن کي ڏني وڃي. پر جج به اها وٺڻ کان نٽائي ويا. هڪڙو جج ته عدالت جي پٺئين دروازي مان ٻاهر هليو ويو. امينا ۽ مسٽر لاکو وڏي جج جي ذاتي گهر تي ويا ۽ ان جي دروازي تي هنن گهڻي حجت ڪئي. جج به هنن سان ملاقات کان انڪار ڪيو. نِراس امينا هوائي جهاز ۾ اسلام آباد واپس موٽي آئي.

3 اپريل 1979ع.

ٽڪ. ٽڪ. مارشل لا جون فوجون ڳڙهي خدا بخش جا سڀئي رستا بند ڪري، اسان جي خانداني قبرستان جو گهيرو پيون ڪن. ٽڪ. ٽڪ. امينا اڪيلائيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هوائي اڏي تان سِڌو نيازيءَ جي گهر وڃي ٿي. ”اڄ رات جو آهي.“ ڊاڪٽر نيازي هر گهڙيءَ ٽيليفون تي آهستي آهستي چوي پيو، جڏهن ته ان اونداهي گهر ۾ ياسمين ۽ امينا ماٺ ڪيو، اکيون کوليو ليٽيون پيون آهن. ٽڪ. ٽڪ.

فجر ٽاڻي هڪ فوجي لاري تيزيءَ سان راولپنڊي جيل مان رواني ٿئي ٿي. ٿوري دير کان پوءِ ياسمين اسلام آباد مٿان هڪ ننڍي جهاز جي اڏام جو آواز ٻُڌي ٿي. هوءَ پاڻ کي ويساهه ڏياري ٿي، ته اهو جهاز عرب اڳواڻن مان ڪنهن هڪ جو آهي، جيڪو قيدخاني مان بابا کي ڇڏائي، هن کي ڪنهن سلامتيءَ واري پاسي کنيو پيو وڃي. پر هن جنهن جهاز جو آواز ٻڌو آهي، سو بابا جي ميت کڻي اسان جي گهر لاڙڪاڻي پيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org