صفحو : 24

باب: --

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

سيڪشن؛  شخصيات

مونکي اهو ڏسڻ ۾ آيو، ۽ کُڙڪ پيئي ته، فوجي سربراهه، سوويت يونين فوجن خلاف افغان جهاد وڙهندڙ جنرل حميد گُل ۽ ٻين جي اثر هيٺ گهڻو ويجهو ٿيندا پئي ويا. اُنهن وٽ ٻٽاڪي ۽ لٻاڙي سوچ هئي، تنهنڪري اُهي سوويت يونين فوجن جي شڪست کي، رُڳو جهادين جي ويڙهُو رڙَين سان نه، پر آمريڪي اسٽنگر ميزائيلن، عالمي مالياتي امداد، سفارتڪاري ۽ سياستَ جي نڀايل ڪردار سان ٿيڻ واريءَ سچائيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. آئون اُن سوڀُ جي ٻٽاڪي ڪهاڻين تي ڀروسي لاءِ تيار نه هئس، جنهن عمل کي مون پنهنجي ملڪ لاءِ خواري ٿي سمجهيو، تنهنڪري آئون اُن خاطريءَ لاءِ محتاط هئس، ته جيئن فوجَ سمجهي ته، حڪومت هندستان سان جنگ جي حمايتي نه آهي.

چونڊيل حڪومت جي ضابطي کي مفلوج بنائڻ جي هڪڙي ٻيءَ ڪوشش ۾، جنرل اسلم بيگ ڪنهن ملڪ جي جنگ ۾ وڃڻ وارين سرگرمين ۾ تبديلين آڻڻ جي تجويز جو فيصلو ڪيو. اسان ڪابينا جي بچاءُ ڪميٽيءَ جي هنگامي گڏجاڻي ڪئي. منهنجي گهرو وزير، فوجي سربراهه کي ڪَڙڪي سان چيو، ”سياستدانن کي جنگ جا فيصلا ڪرڻ کپن، ڇو ته اُهي عوام جا چونڊيل نمائندا آهن.“ ڪمري ۾ ماٺار ڇانئجي ويئي. سرڪاري ملازم عام طور فوجين جون جُتيون چَٽڻ تي مجبور هئا، ۽ جنرل کُلي عام سياسي اڳواڻن کي بيعزتو ڪندا هئا. مون جنرل اسلم بيگ کي ڪچهريءَ لاءِ منهنجيءَ آفيس ۾ گهُرايو. مون ڏٺو ته هو اڃا به اُتي ڪيل تقرير تي چِڙيل هو. مون پنهنجي تجربي پٽاندر سمجهيو ته، هي ڪابينا جي بچاءَ واري ڪميٽيءَ جي ميمبرن اڳيان، پنهنجي ڀانئيل جُڙتو بيعزتيءَ جو حڪومت کان پلاند ضرور وٺڻ جي ڪوش ڪندو. بدقسمتيءَ سان، آئون غلط نه هئس.

جنرلن حڪومت جي سرگرميءَ جي اهليت کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش خاطر آئيني، ادارتي ۽ سياسي ذريعن ڏانهن لاڙو رکيو. اُنهن ۾ اسان جي مٿان يزيدي تلوار جيان لٽڪيل اٺين ترميم تحت سرڪار ڊاهڻ وارو صدر جو آئيني اختيار به شامل هو. اُن عمل ۾ پنجاب ۾ نواز شريف کي ڪَتب آڻڻ جي کُلي بغاوت به شامل هئي. پر حڪومت هلائڻ جي منهنجي اهليت خلاف هڪڙي ٻي رٿا به گهَڙي ويئي هئي، جيڪا وڌيڪ ذاتي ۽ پلاند سان ڀرپور هئي.

مون تي ڪيل حملا رُڳو منهنجي ايمان، پاڪستان سان سچائيءَ يا واشنگٽن کان آزاديءَ تائين محدود نه هئا. پر منهنجي ڪردار ۽ خاندان جي ساک خلاف سوچي سمجهيل مُهم هلائي وئي، جيڪا چونڊن ۾ کٽي وڌيڪ عام بنجڻ کان گهڻو اڳ، آءِ يس آءِ منهنجي ڪردار ڪشي ۽ ساکُ جي بدناميءَ واري طريقيڪار ۽ سوچيل سمجهيل ’ذاتي تباهيءَ جي سياستَ‘ واريءَ سازش گهڙي، ۽ اهو مفروضو گهڙيو ويو ته منهنجي سرڪار بدعنوان هئي. منهنجو واپاري مُڙس اُن سازش جو مُک نشانو هو، هيءَ اها حڪمت عملي هئي، جو شايد مونکي ڪنهن مرد وزيراعظم خلاف استعمال ڪيو وڃي ها.

ذاتي ڪردار ڪشيءَ جي سياستَ، ويڙهاڪ ۽ رُجعت پسندن لاءِ سگهارو هٿيار هو. اُن دؤران جيتوڻيڪ مون تي ڪا خاص ڳالهه ثابت نه ٿي، ۽ ڪا تُهمت به نه بيٺي، پر هڪڙي منفي سوچ پيدا ڪئي وئي هئي. پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ باوجود، جنهن ۾ اهو پڌرو ڪيو ويو ته، رياستي فَنڊ مُبينه طور مونکي حڪومت مان ڌِڪڻ ۽ حملي لاءِ استعمال ٿيا هئا. مون لاڳاتار اهڙن مامرن بابت سوالن کي مُنهن ڏيڻ جو سلسلو رکيو.

عدالتي ڊيڄارڻ وارن ورهين ۽ پوءَ ايندڙ پاڪستاني آمرن طرفان منهنجي ساک کي، پاڪستان ۾ توڙي پرڏيهه ۾ نقصان پهچائڻ خاطر لڳاتار ڪُوڙ ٻٽاڪ جي پرچار باوجود، منهنجي يا منهنجي مُڙس خلاف لڳايل ڪو هڪڙو الزام به عدالتن ۾ ثابت ٿي نه سگهيو. پر جڏهن هڪڙيءَ تُهمت رد پئي ٿي، ته وري ٻيو الزام مڙهيو ٿي ويو. جيئن هڪڙي عدالت مان ضمانت منظور پئي ٿي، ته اُها وري ٻي عدالت ۾ رد پئي ٿي. منهنجو مُڙس ۽ آئون نيٺ پنهنجي وطن ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ويڙهه کي وڌيڪ وقت ڏيئي سگهڻ بجاءِ سڄي مُلڪ جي عدالتن ۾ پاڻ مٿان لڳل الزامن جي بچاءُ لاءِ، پنهنجي توانائي سيڙائڻ لڳاسين. اسان تي سياست تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پئي ويو، يا وري اها ڪوشش پئي ٿي عدالتي مداخلت وسيلي تباهه ٿي وڃون، ته جيئن قومي حڪومت جوڙڻ لاءِ جيڪا قوت وڃي باقي رهي، سا رُڳو فوجي اسٽيبلشمينٽ هجي.

اهو رڳو منهنجي لاءِ نه هو ته، اينٽيليجنس عملدارن ۽ سندن انتها پسند ساٿارين تباهيءَ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اهو جمهوريت لاءِ پاڪستان ۾ پاڙُن هڻڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جو موقعو به آهي. جمهوريت، سازشين ۽ مفاد پرست ٽولن جي غير قانوني مفادن کي روڪٿام جو وسيلو آهي، جنهنڪري اها جديد دؤر ۾ فوجي آمرن لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتي آهي.

پاڪستان ۾ جمهوري قوتون سدائين ڊنل رهيون آهن، ته فوجي اسٽيبلشمينٽ آئين ۾ ڄاڻايل اٺين ترميم کي واپرائي، سندن چونڊيل حڪومتن کي ڊاهي ڇڏيندي. 1985ع کان وٺي، محمد خان جوڻيجو، نواز شريف ۽ منهنجي هر هڪ چونڊيل حڪومت کي معياري ’بدعنواني ۽ نااهليت‘ وارن الزامن پٽاندر، ڪنهن مناسب مواد کانسواءِ اٺين ترميم وسيلي ڊاهيو ويو آهي. منهنجي سرڪار کي 6 آگسٽ 1990ع تي ڊاهيو ويو (عراق جي ڪويت تي فوجي ڪاهه جي بهاني پٽاندر ٻه ڏينهن اڳ). آمريڪا ۾ اي بي سي نيوز جي صحافي پيٽر جيننگس ڏاڍي مناسب طور، اُن  عمل کي ’آئيني پوشاڪ پاتل فوجي پُٺڀرائي واريءَ بغاوت‘ ڪوٺيو. هڪ پيڙهيءَ ۾ ٻيو ڀيرو، منهنجي بابا جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ آيل فوجي بغاوت جي رُڳو تيرهن ورهين کان پوءِ، مون ڏٺو ته فوجَ وري هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم هائوس کي گهيرو ڪري ويئي هئي.

پاڪستان ۾ 1990ع ۾ ٿيل چونڊون مذاق هيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هزارين ڪارڪنن کي ڪنهن تُهمت کانسواءِ جيلن ۾ واڙيو ويو هو. انيڪ ڪارڪنن تي تشدد ٿيو، ڪجهه غائب ٿيا ۽ ٻين کي وري قتل ڪيو ويو. اسان جي ڪنهن به ميڊيا تائين پُهچ نه هئي. نواز شريف جي چونڊ مُهم لاءِ ڪروڙين رپيا مُلڪ ۾ ٻوڏ جيان پئي آيا. آءِ ايس آءِ طرفان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي ٽوڙڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن جي هٿن ۾ لکين رپيا ڏنا پئي ويا. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ اسد دراني پوءِ عدالت ۾ مڃيو ته، 1990ع جي چونڊن ۾ منهنجي خلاف ڪَتب آڻڻ لاءِ اٽڪل ڇهه ڪروڙ رپيا ورهايا ويا هئا. پوءِ به مون چئني صوبن ۾ سڄي ملڪ ۾ وڏا عوامي جلسا ڪيا، پنجاب جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ منهنجي چونڊ مُهم دوران ماڻهن جي مليل موٽ ڏاڍي سوڀاري رهي هئي چونڊن جا اندازا ڏاڍا همٿائيندڙ هئا، ۽ اندازو هو ته اسان 1988ع ۾ کٽيل سيٽن جيتريون سيٽون يعني 92 سيٽون کٽينداسين. پڇاڙيءَ ۾، عالمي پريس اسان جي پارٽيءَ جي موٽ بابت غير رواجي تخمينا پئي لڳايا، ۽ اُميد پئي ڏيکاري ته اسان واضح اڪثريت سان کٽينداسين. پر بيشڪ، اهو جنرلن جو منصوبو نه هو. فوجي بغاوتن کي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ حُڪم نٿو ڏنو وڃي. 1990ع جون چونڊون اعلان ٿيڻ سان ئي ڌانڌليون شروع ٿي چُڪيون هيون- منهنجي رياستي ميڊيا تي اچڻ کان انڪار ڪيو ويو، حڪومتي ناڻو اسان خلاف ڪَتب آندو ويو، ووٽر لسٽن ۾ هيراڦيري ڪئي ويئي، مرضيءَ جا سُڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا. پولنگ اسٽيشنن جي جاين ۾ تبديليون ڪيون ويون. ووٽن جي پيتين کي اڳواٽ ڀرڻ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ووٽن جي ڳڻپ مهل منصوبو ٺاهيا ويا هئا. آمريڪي جاچنا ڪندڙ عملدارن چونڊن کان اڳ ۾ ٿيل ڌانڌلين جي رپورٽن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. جڏهن ته ڪامن ويلٿ ۽ سارڪ جي نمائندن وري چونڊن ۾ پوندڙ ووٽن ۽ ووٽن جي ڳڻپ تي ڌيان ڏنو. ڪنهن به حالت ۾، ڪنهن اداري به، هن ڪارروائيءَ جي منظوري يا قانوني حيثيت لاءِ مُهر نه هنئي.

اسان 24 آڪٽوبر 1990ع تي پاڪستان ۾ چونڊن جي ڌانڌليءَ جا گهڻا ڏُکارا نمونا ڏٺا. آءِ ايس آءِ، پاڪستان جي سڀ کان وڏي جماعت ۽ سڄي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ وڏي سگهه رکندڙ قومي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ ۾ کٽڻ لاءِ رڳو ٿورڙيون 44 سيٽون مس کڻڻ جي ’اجازت‘ ڏني. مُشاهدو ڪندڙن چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين تي واويلا ڪئي، ۽ انگن اکرن جا ماهر اُن نتيجي تي پهتا ته آءِ ايس آءِ جي حمايتي پاڪستان مسلم ليگ لاءِ قومي ووٽن جي شرح جي ست ۽ تيرهن سيڪڙي وچ ۾ اٽڪل پنجهٺ لک ووٽرن سان ڌانڌلي ٿي هئي فوجي جنتا نواز شريف کي قومي اسميبليءَ ۾ ٻين جماعتن سان عام حالت ۾ سرچاءُ يا معاهدي جي ڪنهن گهُرج ۽ ڪنهن رڪاوٽ کانسواءِ حڪومت جي سائي جهنڊي ڏيکاري. چونڊن جي بي شرمائيءَ واري نتيجي پٽاندر پاڪستان مسلم ليگ کي قومي اسيمبلي ۾ 207 سيٽن مان 106 سيٽون ۽ ملڪ جي چئني صوبن ۾ چئني صوبن جون حڪومتون ڏنيون ويون. مونکي مخالف ڌُر جي جماعتن جو اڳواڻ چونڊيو ويو.

آئون قومي اسيمبليءَ ۾ ڏينهن پٺيان ڏينهن، مهينن پٺيان مهينا، نواز شريف سرڪار جي آمراڻن اُپائن کي بيٺي للڪاريندي رهيس. برطانيا جي مهان پارليامينٽري نموني ۾، مخالف ڌر جي اڳواڻ طور آئون سرڪاري عملدارن ۽ وزيراعظم کان به سوال پُڇندي ۽ ساڻن بحث ڪندي هئس. آئون اُهو اختيار استعمال ڪري منهنجي حڪومت جي سماجي، معاشي ۽ ساسي حاصلات جي تحفظ لاءِ ڪوشش ڪندي رهيس. اهو سولو مامرو نه هو. نئين سرڪار انهن سماجي سُڌارن کي ختم ڪيو، جيڪي مون پنهنجي حڪومت ۾ شروع ڪيا هئا. سينسرشپ وري لڳائي ويئي. شاگرد يونين تي وري پابندي مڙهي وئي. مخالف ڌُر جي ميڊيا تائين پُهچ کي روڪيو ويو. نئين بجيٽ ۾ زور ڏيندي، سماجي شعبي جي فنڊن کي غير ترقياتي شعبن ۾ لڳايو ويو، جنهن سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان تعليم واري شعبي جو ٿيو. اسان جي حڪومت طرفان پاڪستان ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ شروع ڪيل ڪيئي سُڌارن کي ختم ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن جي صحت ۽ آباديءَ جي واڌ ويجهه وارا مرڪز شامل هئا.

آءِ ايس آءِ پنهنجا چيڙائيندڙ حملا لڳاتار مون تي ڪندي رهي. هاڻي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪين واريءَ مُهم جا گهڻا رُخ هئا. انهن هوائي جهاز جي اغوا ۾ مونکي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڏانهن به لاڙو رکيو. اينٽيليجنس سروس جي عملدارن راولپنڊي ۾ ڀرتي ڪندڙ شعبي وسيلي، جهاز اغوا ڪندڙن کي ڀاڙي تي ملازم رکيو. هُنن اُنهن ڀرتين کي، منهنجي ڀاءُ جي تنظيم سان منهنجو ناتو جوڙيندي. اُن سازش جو حصو هئڻ طور ’الذوالفقار‘ ميمبرن جي فرضي سُڃاڻپ ڏني. ۽ اُن وسيلي اسان ٻنهي جو جهاز جي اغوا واري واقعي سان ناتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوءِ، 26 مارچ 1991ع ۾ سينگاپور ايئرلائين جي هڪڙي جهاز کي سنگاپور ايئرپورٽ تي اغوا ڪيو يو، جنهن ۾ 129 مُسافر سوار هئا. اهو منصوبو غلط ٿيو، ڇو ته آئون لاڙڪاڻي ۾ هئس، ۽ سڄي رات اُتي ترسي هئس. جڏهن جهاز اغوا ٿيو ۽ آئون لاڙڪاڻي ۾ هئس، ته ڊپٽي ڪمشنر مون وٽ گهر آيو. هُن مون کي جاڳائڻ تي اصرار ڪيو، ڇو ته اغوا ڪندڙن منهنجي طرفان کين نه روڪڻ تائين، سڀني مسافرن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. اها سموري سازش گهَڙيل ۽ جُڙتو هئي، ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته جهاز اغوا ڪندڙن منهنجن حُڪمن تي عمل پئي ڪيو.

اتفاق سان، منهنجن مُحافظن مونکي جاڳائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن مهل مقامي ضلعي انتظاميا ساڻن کِٽراڳ پئي ڪيو، ته اوڏيءَ مهل سنگاپور اختيارن جهاز تي جُلهه ڪئي ۽ اغوا ڪندڙن کي ماري وڌو. جڏهن سنگاپور اختيارن طرفان مُئل اغوا ڪندڙن جون تصويرون پڌريون ٿيون، ته سندن اصل خاندان پنهنجن مُئلن جا لاش وٺڻ لاءِ اڳتي آيا. پوءِ ميڊيا کي پتو پيو ته، اهو ڦُريل سُڃاڻپ ۽ جُڙتو واقعو هو، ۽ اهو ته الذوالفقار جو جهاز جي اغوا واري واقعي سان ڪوبه واسطو نه هو. اصل ۾ اُهي انٽيليجنس سروس وارا ئي هئا، جيڪي الذوالفقار ڪارڪنن جي نالن کان واقف هئا، ۽ انهن سازش جوڙڻ مهل اغوا ڪندڙن لاءِ پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون به ورتيون هيون.

هڪ ورهيه پوءِ اُهي ڪُڌي عمل تي لهي آيا. 1992ع ۾ مونکي مارڻ جي هڪڙيءَ ٻيءَ ڪوشش ڪئي وئي. آئون جنهن مهل لاڙڪاڻيءَ ۾ گهر ڏانهن موٽيس پئي، ته هڪڙو راڪيٽ لانچر منهنجي ڪار تي اُڇلايو ويو. پر اُهو منهنجي گاڏيءَ کي لڳڻ بجاءِ مون سان گڏ ايندڙ پوليس وئن کي وڃي لڳو ۽ افسوس سان ڇهه پوليس وارا مُئا.

 

منهنجي مخالف ڌر جي اڳواڻ واري اوائلي دؤر ۾، مون منهنجي سرگرميءَ واريءَ زندگيءَ جي نئين حصي جي ذميداري کنئي. آئون سڄيءَ دنيا ۾ خاص طور آمريڪا ۾ تقريرون ڪرڻ لڳيس. اُن عمل سان مونکي پاڪستان ۾ جمهوريت جي حالت بابت رايا جوڙيندڙن سان ڳالهائڻ جو وجهه ملڻ لڳو، ۽ ايئن پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ پريس، آمريڪا ۾ ڪانگريس جي نمائندن توڙي سينيٽرن سان ملڻ، ۽ برطانيا ۽ يورپ جي پارليامينٽرين سميت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان به ملڻ جو موقعو ملندو هو، ته گڏوگڏ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ زور ڏيڻ جي ڪوشش به ڪندي هئس. (آئون اڄ به يورپ، ايشيا ۽ اُتر توڙي ڏکڻ آمريڪا ۾ لڳاتار ليڪچر ڏيان ٿي.)

آئون ڀانئيان ٿي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل ڪم ۽ پرڏيهه ۾ منهنجن ليڪچرن ۽ لکڻين سان پاڪستان ۾ جمهوريت جي پوئتي موٽ واري عمل ڏانهن وري ٻيهر ڌيان ڏيارڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي. انهن ڳالهين تي سوچيندي ويچاريندي نواز شريف قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجيءَ وڏي اڪثريت باوجود پاڻ کي تمام تيزيءَ سان هيڪلو ڀانئيو ۽ نيٺ هُو اُن فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ آيو،جنهن کيس تخليق ڪيو هو. گڏوگڏ انيڪ دهشتگرد ڪارروايون مختلف کنڊن ۾ واقع ٿيڻ لڳيون.

مونکي پڪ آهي ته، دهشتگرديءَ جي جنگ جو دؤر اصل ۾ 1990ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۽ نواز شريف حڪومت جوڙجڪ سان لاڳاپيل آهي. دهشتگرديءَ وارين ڪاررواين کي جيتوڻيڪ 2001ع ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل ٻئي حملي تائين مڪمل طور مڃيو نه ويو هو، پر اُهو عمل اسلام ۽ اُلهندي سرمايدار مُلڪن وچ ۾ چيڙائيندڙ پرتشدد ڪارروائين جو وسيلو بڻجي ويو هو، جنهن کي هارورڊ جي سيموئيل هنٽنگٽن ’تهذيبن جو ٽڪراءُ‘ ڪوٺيو هو. تاريخي المياتي تباهيءَ چرپر ۾ اچي چُڪي هئي.

نواز شريف پنهنجي اوائلي انتظاميا ۾، سياسي اتحاد نالي جُڙيل اسلامي جمهوري اتحاد جي اصل خالق ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ برگيڊيئر امتياز کي سرڪاري وفاقي انٽليجنس ايجنسيءَ جو اڳواڻ بڻايو هو. قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنهنجي لوهي جَڪڙ باوجود نواز شريف جو پنهنجي اقتدار ۽ اختيارن جي وڌيڪ مضبوطيءَ ۽ مستقبل ۾ سگهارين مخالف ڌرين جي وسيلن جي تباهيءَ جو ارادو هو. هُن برگيڊيئر امتياز کي صدر غلام اسحاق خان ۽ مون بابت ماٺ ۾ خاص طور ٻن سياسي مقصدن تي لڳايو.

نواز شريف جي پهرين ڀيري وزيراعظم ٿيڻ وقت صدر سان اُڀرندڙ اختلاف، غير متوقع طور دل جي دؤري ۾ فوت ٿيل جنرل آصف نواز کان پوءِ، چيف آف آرمي اسٽاف طور جائنشين جي چونڊ تي عوامي طور هڪدم اُٻڙڪا ڏيئي سامهون آيا. نواز شريف ۽ غلام اسحاق خان طرفان ٽيليويزن تي هڪٻئي خلاف بغاوت جي الزامن جي مٽاسٽا کانپوءِ، نواز شريف حڪومت کي غلام اسحاق خان گهر ڀيڙو ڪيو. هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني بغاوت جي رواجي طاقت کي واپرائي، نواز شريف تي ’بدعنواني ۽ بدانتظامي‘ جا الزام مڙهيا ويا.

نواز شريف جي نيڪاليءَ کان پوءِ شروع ٿيل چونڊ مهم دؤران، سلامتيءَ وارن ادارن ۾ ويڙهاڪ فوجين سان منهنجي اوائلي محاذ آرائي وري ٻيهر ميدان تي نروار ٿي. 1993ع ۾ هُنن وٽ مونکي وزيراعظم جي عهدي کان پري رکڻ لاءِ وڌيڪ سڌا ۽ واضح منصوبا هئا. آءِ ايس آءِ هاڻي مخالف ڌر کي فنڊ ڏيڻ وسيلي اقتدار کان مونکي پري رکڻ جي ڪوششن ۾ مطمئن نه هئي. هاڻي، انهن مونکي مستقل طور منظر تان هٽائڻ چاهيو ٿي. يعني هنن نيٺ خلافت جي سندن سَپني ۾ رنڊڪ سمجهي، مونکي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ ريت 1993ع ۾ سرءُ مُند ۾ منهنجي قتل جو حُڪم ڏنا ويا، ۽ چونڊيل قاتل پاڪستاني هو. جنهن جا افغان جِهاد دؤران آءِ ايس آءِ سان ناتا هئا. هن جو نالو رمزي يوسف هو.

اسان هاڻي جيئن ته سڀُ ڄاڻون ٿا، ته ان کان اڳ 26 فيبروريءَ تي ساڳيءَ سال کان اڳ رمزي يوسف نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي پهرين حملي ۾ حصو وٺي چڪو هو. القائدا جي پهرئين حملي جو مقصد پهرين ٽاور کان پوءِ ٻيو ٽاور ڊاهڻ هو، ته جيئن هزارين آمريڪين کي ماريو وڃي. فيبروري واري واقعي کان پوءِ يوسف رمزي آمريڪا مان ڀڄي نڪتو، ۽ پاڪستان موٽي آيو. ستن مهينن کان پوءِ کيس مونکي مارڻ جو حُڪم ڏنو ويو. هُڻ 1993ع جي چونڊ مُهم دؤران مونکي ٻن ڌار ڌار موقعن تي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

سيپٽمبر مهيني ۾، هُن ٻن ٻين ساٿين سان گڏجي ريموٽ ڪنٽرول سان ڦاٽندڙ موتمار بم منهنجي گهر جي اڳيان گهٽيءَ ۾ لِڪائي رکيو هو. هُن منهنجي ڪار گئريج مان نڪرڻ مهل اُن بم کي ڦاڙڻ جو منصوبو جوڙيو هو. هُن جيئن بم جا اوزار لڳائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته، گشت ڪندڙ هڪڙي پوليس گاڏي هُن کي روڪيو ۽ کانئس پُڇيو ته هو ڇاپيوڪري. هُن چيو ته هو پنهنجي وڃايل چاٻيءَ کي ڳولي پيو، جيڪا گهٽيءَ ۾ وڃائجي ويئي هئي. پوليس کي شڪ جاڳيو ۽ جنهن هُن کي هڪدم اُتان هليو وڃڻ جو چيو. ظاهري طور يوسف رمزي اُن رات کان هڪدم پوءِ هٿيارن جي صفائيءَ جي ڪوشش مهل زخمي ٿي پيو ۽ علاج لاءِ اسپتال ۾ ويو. اسپتال ۾ رکيل رجسٽرڊ مان پتو پيو ته، هُن جي آڱر غير وضاحتي طريقي سان ساڳيءَ رات ختم ٿي ويئي هئي.

پنهنجي فيصلي تي اَٽل يوسف رمزي ۽ سندس گروهه پنهنجي چاچي خالد شيخ محمد ۽ سندن پُٺي ٺپريندڙن وٽان مونکي مارڻ جي مليل واضح هدايتن کان پوءِ وري پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويو. جيئن هاڻي اسان کي پتو آهي ته، خلد شيخ القائدا جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻجي ويو هو، ۽ اُن تي وال اسٽريٽ جرنل بيورو جي صحافي اڳواڻ ڊينيئل پرل جو ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪرڻ واري واقعي ۾ ذاتي طور شڪ هو. (هو هاڻي آمريڪي تحويل ۾ آهي). اُنهن هڪ ڀيرو ٻيهر مونکي مارڻ جو منصوبو جوڙيو، پر هن ڀيري اها سازش پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مختلف عنصرن کي هڪٻئي خلاف آڻڻ واري ثانوي سياسي مقصد سان گڏجي، ڳوڙهي انداز سان جوڙي ويئي هئي.

القائدا ۽ اينٽيليجنس ايجنسين طرفان جوڙيل منصوبو مونکي مارڻ تي ٻَڌل هو، ۽ اهو ڏيکارڻ هو ته اُن واقعي ۾ ڄڻ منهنجو ڀاءُ ملوث هُجي. مونکي نشتر پارڪ ڪراچيءَ ۾ هڪڙي چونڊ مهم جي وڏيءَ جلسي کي خطاب لاءِ اچڻو هو. خالد شيخ القائدا جا انيڪ اهڙا موتمار هٿيار ڏيڻ جو انتظام ڪيو، جيڪي رمزي يوسف کي پشاور کان جهاز وسيلي ملڻا هئا، جيڪي وري هڪڙي ڏينهن منهنجي قتل لاءِ ريل وسيلي ڪراچيءَ ۾ پهچڻا هئا. اها سازش تنهن وقت ناڪام ٿي، جڏهن ريل حيدرآباد شهر ۾ بيٺل رهي، ۽ اُهي هٿيار عوامي ريلي ختم ٿيڻ تائين نه پهتا.

بدقسمتيءَ سان رمزي يوسف کي پاڪستان ۾ فيبروري 1995ع ۾ جهليو ويو، ۽ هُن کي پڪ هئي ته کيس مونکي مارڻ جي ڪوشش تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، تنهنڪري هُن پاڪستاني وفاقي انويسٽيگيٽو ايجنسيءَ (ايف آءِ اي) کي ٻُڌايو ته، ”کيس مونکي پنهنجين نظرن اڳيان هٽائڻ جو حق آهي، پر هٿيارَ وقت تي نه پهتا.“ هُن کي پوءِ منهنجن حُڪمن تي ڏوهارين جي مٽاسٽا واري معاهدي پٽاندر آمريڪا کي سونپيو ويو.

 

قومي اسيمبليءَ جي 1993ع وارين چونڊن ۾، اسان مرڪز ۾ حڪومت ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ اُنهن اتحادين سان گڏجي سرڪار ٺاهي، جن کي نواز شريف ۽ انتهاپسند منهنجي پهرين حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪَتب آڻي چڪا هئا. منهنجي حڪومت خلاف 1990ع ۾ ٿيل پهرين فوجي بغاوت کان پوءِ بلڪل ٽن ورهين ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاڪستان جي حڪمران جماعت طور وري ميدان تي موٽي آئي. آئون وري ٻيهر وزيراعظم بڻجي ويس.

پهرئين دؤر ۾ وزيراعظم طور خدمتن جي غير معمولي موقعن کي ڏسي، مون پاڪستان جي پورهيت طبقي جي عام زندگيءَ کي سُڌارڻ ۽ خطرناڪ عالمي صورتحال جي سُڌاري ۾ مدد لاءِ هر هڪ ڏينهن وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مون جيئن ٻئي ڀيري وزيراعظم طور قسم کنيو ته، مون پاڪستان کي سامهون آيل ڪيئي للڪارن بابت سوچيو. منهنجو مُلڪ دهشتگرد رياست جي اعلان ٿيڻ واريءَ ڪنڌيءَ تي پهچي چڪو هو، ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن هلندڙ هو، ۽ پاڪستان ڏيوالپڻيءَ جي ڪناري تي به پهتل هو. اُهي گهڻ پاسائتا قومي گهوٽالا هئا.

مون هاڻي پاڪستان کي جديد دؤر ۾ وٺي وڃڻ لاءِ امڪاني طور اثرائتين ۽ تڪڙين سرگرمين جي ڪوشش ڪئي. اوائلي مهينن ۾، منهنجي حڪومت تمام جوش ۽ جذبي وارو سماجي ائڪشن پروگرام (سيپ) جوڙيو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ لڳي، جنهن جا مقصدَ تعليم، تعميرات، صحت، صفائي، بنيادي ڍانچي ۽ عورتن  جي حقن وارن شعبن ۾ تيز گهريلو ڏيهي ترقي هئا. سوشل ائڪشن پروگرام جي مُک ڳالهه سرڪاري- نجي ڀائيواري هئي، جنهن پٽاندر مرڪزي حڪومت کان فنڊن جي غير معمولي سطح واري ذميداري، عالمي ترقياتي تنظيم کان قرض ۽ وسعت ۾ آيل پاڪستاني نجي  شعبي جي مدد ڪرڻي هئي.

منهنجي نئين حڪومت جي بلڪل پهرئين سال ۾، اسان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ تحت مُلڪ ۾ويهه بلين ڊالرن جا ريڪارڊ ٽوڙ پئسا آندا، جيڪا رقم پاڪستان جي گذريل چاليهن سالن ۾ آيل سيڙپ جي ڀيٽ ۾ رُڳو هڪڙي سال ۾ آئي هئي. هن نئين پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي اسي سيڪڙو رقم بجليءَ جي پيدوار ۾ خرچ ٿيل هئي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ بجليءَ جي بنديءَ جي خاتمي واريءَ ذميداري نڀائڻ ۽ معيشيت کي تڪڙو ترقي وٺرائڻ هو.

اسان اسٽاڪ ايڪسچينج قانونن کي جديد بنايو ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو. اسان سڄيءَ ايشيا ۾ بجلي پيدا ڪندڙ شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اگهن تي ڳالهين ٻولهين مهل ملڪ مان بجليءَ جي کوٽ ختم ڪئي.

اسان نجڪاريءَ واري عمل سان اُهي وڏا قرض موٽائڻ ۽ وياج جي شرح گهٽائڻ لڳاسين، جن سان مُلڪ اڳيئي مُنهن ڏنو پئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان جي پهرين حڪومت هئي، جنهن نه رڳو وياج پر اصل مُوڙيءَ به موٽائي. اسان صنعت ۽ توانائيءَ وارن شعبن جي نجڪاري شروع ڪئي، ته جيئن پنهنجو بنيادي معاشي ڍانچو ترقيءَ جو اهل ٿئي ۽ جديد دنيا سان چٽاڀيٽي ڪري. اسان ڏيهي قرض گهٽائڻ لاءِ ٺوس فيصلا ڪيا. اسان غير ترقياتي خرچن ۾ ٽن بلين رپين جي ڪٽوتي ڪئي، جيڪا رقم تڏهن اسان جي محصولن جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو هئي. اُهي جٽادار فيصلا ڪيا ويا، جنهن سان پاڪستان خوشحال ٿيڻ لڳو ۽ معاشي اؤسر ٿيڻ لڳي.

جڏهن آئون ايگزم بئنڪ جي صدر سان مليس، ته هُن مونکي ٻُڌايو ته هُو پاڪستان ۾ اسان طرفان متعارف ڪرايل جٽادار وڏن معاشي سُڌارن سبب منهنجي قيادت هيٺ ٿيندڙ سيڙپڪاريءَ کان خوش ٿيو آهي. برٽش ايڪسچيڪر جي چانسلر مونکي ٻُڌايو ته ڪيئن اسان محصول کي ٻيڻو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئاسين.

اسان چوڻ کان وڌيڪ ڪم ڪيو هو. منهنجي ٻيءَ حڪومت ۾ ترقيءَ جي شرح ٽيڻي ٿي ويئي هئي. زرعي ترقي ٻُڙي منجهان ست سيڪڙو ٿي ويئي هئي. سيرپڪاريءَ سان ترقي ٿي، جنهن وري موٽ ۾ روزگار پيدا ڪيو، جنهن جي پاڪستان ۾ نؤجوانن لاءِ گهڻي گهُرج هئي. اسان ڪمپيوٽر هنري سکيا کي وڌايو، ۽ سافٽ ويئر پارڪ ٺاهڻ لڳاسين. علائقي ۾ اسان جي پهرين حڪومت هئي، جنهن اسلام آباد ۾ نئون ڪمپيوٽر شهر ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪمپنيءَ کي دعوت ڏني. (بدقسمتيءَ سان منهنجي حڪومت ڊهڻ سان، سافٽ ويئر پارڪَ واري منصوبي ۾ دير ٿي ۽ هندستان اُهو منصوبو بنگلور ۾ شروع ڪيو.) عالمي سٽي منصوبو 1997ع ۾ به رد ٿيو. پر گڏيل عرب امارتن ۾ 2000ع ۾ دبئيءَ ۾ گهر اڏڻ جي ابتدا کان پوءِ اسلام آباد حڪومت 2006ع ۾ گهر ٺهرائڻ جو اُهو منصوبو شروع ڪيو، جيڪو اسان يارهن ورهيه اڳ رٿيو هو.

اسان هڪ لک عورتن جي سگهاريءَ فوج کي سکيا ڏيڻ لڳاسين، ته جيئن آباديءَ جي ڀلائيءَ واري رٿابندي ۽ سندن ٻارن جي سُٺي پالنا لاءِ عورتن کي تعليم ڏني وڃي، نتيجي ۾ آباديءَ جي واڌ ۾ لاٿ ٿي، ۽ ننڍپڻ ۾ ٻارن جي موت ۾ گهٽٽائي آئي.

منهنجن تجربن ۾ هڪڙو عجيب تجربو تڏهن ٿيو، جڏهن اسان آيوڊائيزڊ لوڻ جو فيصلو ڪيو. اهو عمل ذهني حفاظني جي بگاڙ، ڪَنٺ ۽ نَڙيءَ جي غدود جي سوڄ وارن مامرن جي روڪٿام لاءِ ڪيو ويو هو. پر مذهبي جماعتون (جن کي پاڪستان ۾ فوجَ جي ’بي‘ ٽيم سمجهيو وڃي ٿو) ڪهاڻيون ڦهلائڻ لڳيون ته، آيوڊائيزڊ لوڻ واپرائيندڙ ڪوبه ماڻهو سُنڍ بڻجي ويندو. مونکي اِن ڳالهه تي ڏاڍو ڏُک ٿيو، ته اسان قوم طور پنهنجن ٻارن جي غذائي سگهه کي متاثر ڪندڙ مامرن سميت ڪنهن سادي مامري کي به سياست جي وَر چاڙهي ڇڏيون ٿا.

منهنجي حڪومت عورتن خلاف متڀيد جي خاتمي واري ڪنوينشن تي صَحي ڪئي. سڄي مسلمان دنيا جي عورتن کي همٿائڻ لاءِ، اسان مسلمان عورتن جي اولمپڪس ۽ عالمي پارلياماني يونين پٽاندر مسلمان عورتن جي پارليامينٽري يونين جي ميزباني ڪئي. منهنجي حڪومت عورتن ۾ ڀروسو آڻڻ لاءِ خاص پوليس ٿاڻا جوڙيا، ته جيئن اُتي عورتون سندن خلاف ٿيل ڪنهن به ڏوهه جي رپورٽ داخل ڪن. گڏوگڏ ملڪ جي عدالتن ۾ پهريون ڀيرو عورت ججن کي مقرر ڪيو. اسان ٻارن جي تحويل ۽ خانداني مامرن سان لاڳاپيل مامرن جي ٻُڌڻيءَ لاءِ عورت ججن جي ماتحت هلندڙ فيملي عدالتون جوڙيون.

اسان وڏي پئماني تي اسڪول ٺهرائڻ ۽ کين جديد بنائڻ واري پروگرام تي زور ڏيندي، ٽيهه هزار نوان سرڪاري اسڪول ٺهرايا، جنهن سان ٻنهي حڪومتن جي دؤرن ۾ اهو تعداد 48 هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن تائين وڃي پهتو. اُن ڳالهه کي سمجهندي ته پڙهيل ٻارن جي ضمانت جو بهترين طريقو اهو آهي ته اُن جي ماءُ به پڙهيل هجي، تنهنڪري اسان عورتن لاءِ خاص سهولت ڏيندڙ تعليمي پروگرام شروع ڪيا.

جڏهن منهنجي ڊاڪٽر مونکي پنهنجي ڌيءُ آصفا کي پوليو جا ڦُڙا پيارڻ جي صلاح ڏني، ته مون کانئس پاڪستان ۾ پوليو جي شرح بابت پُڇيو. پتو پوڻ تي آئون ڊڄي ويس ته، پوليو سان ڄمندڙ پنجن ٻارن مان هڪڙو ٻار پاڪستان جو آهي، تنهنڪري منهنجي حڪومت پاڪستان جي سمورن ٻارن کي رضاڪار بنيادن تي پوليو جا ڦُڙا پيارڻ وارو وسيع پروگرام شروع ڪيو. مون ذاتي طور اُن مهم جي اڳواڻي ڪئي.

اُن جو نتيجو پاڪستان مان پوليو جو خاتمو هو ۽ وڏي پيماني تي ننڍپڻ ۾ ٻارن جي موت واري عمل ۾ گهٽتائي آئي. عالمي صحت تنظيم، حڪومت جي صحت واري شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي مڃتا ۾ مونکي سونو ٻِلو ڏنو. اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ بلڪل ٻهراڙيءَ وارن اسڪولن ۾ به ڪمپيوٽر ڏيئي، تيزيءَ سان پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ڪميونيڪيشن دؤر ۾ ڇال ڏياريو. عالمي پورهيت تنظيم جي رپورٽ مطابق، پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا منهنجين حڪومتن جي دؤر ۾ پيدا ٿيا.

اسان جي ڪوششن جو مرڪزي نُقطو پاڪستان کي اُسريل عالمي معيشيت جي بلڪل مرڪز ۾ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش هئي ۽ آئون ان ڏس ۾ پنهنجين ڪوششن جي ڪاميابيءَ تي سدائين فخر ڪنديس، جو اسان منهنجي ٻيءَ حڪومت ۾ دنيا جي ڏهين وڏي ۾ وڏي اُسرندڙ مالياتي مارڪيٽ بڻجي ويا هئاسين. منهنجي پهرئين حڪومتي دؤر ۾، آئون وچ ايشيائي جمهوري ملڪن لاءِ بئنڪاري سهولتون ۽ ايئر لائين اُڏامن جي ابتدا ڪري چُڪي هئس. هاڻي اسان انهن سان پنهنجن معاشي لاڳاپن تي وڌيڪ زور ڏنو. اُهي اُن لاءِ فڪر مند هئا ته اسان سندن لاءِ متبادل واپاري رستا کوليون.

اهو ڏيهي محاذ تي سرگرمين جو واچوڙو هو، ۽ گڏوگڏ عالمي برادريءَ ۾ پنهنجي ساک جي ٻيهر بحاليءَ جو پروگرام به هو. آمريڪا طرفان نيوڪليئر پروگرام سبب فوجي امداد جي بندش ۽ 1992ع ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان پاڪستان کي دهشتگرديءَ جي رياستي حمايت ڪندڙ طور فهرست ۾ داخل ٿيڻ سبب، پاڪستان گهڻو ڀوڳي چڪو هو. اُنهن تُهمتن سان پاڪستان جي ساک سڄيءَ دنيا ۾ داغدار ٿي هئي.

واشنگٽن ڏانهن 1995ع ۾ ڪيل سفر ۾، اسان صدر بل ڪلنٽن سان مثبت نجي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪيو. صدر ڪلنٽن نؤجوان، ٺاهوڪو ۽ پنهنجيءَ يادداشت ۾ اچرج ۾ وجهندڙ ذهين هو. هُن اُن اهميت کي سمجهيو پئي، جيڪا مون کيس ٻُڌائي پئي. مثال طور پاڪستن ايف 16 ويڙهاڪ جهازن لاءِ اڳيئي رقم ڏيئي چڪو هو، پر جهازن سميت رقم به روڪي وئي هئي. ڪلنٽن پوءِ اسان جي مؤقف کي بلڪل ايئن ساڳين لفظن ۾ مڃيو. هُن مڃيو ته پاڪستان کي جهاز يا وري رقم واپس ملڻ کپي، ۽ هن چيو ته هو ان ڳالهه جي آمريڪي ڪانگريس کي به تجويز ڏيندو، هن چيو، ”جهاز يا وري رقم موٽائي ڏني وڃي. اها سادي ڳالهه آهي. اهوئي انصاف آهي.“

منهنجي 1993ع ۾ چونڊجڻ جي هڪ سال کان پوءِ، مون ڪراچيءَ ۾ رتوڇاڻ واري اُن فوجي آپريشن کي بند ڪيو، جنهن کي مون کان اڳ واري وزيراعظم شهر ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ ناڪاميءَ کان پوءِ شروع ڪيو هو. مون ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اُهي دهشتگردن جي گرفتاريءَ ۾ حُڪومت جي مدد ڪن.

ماڻهن مثبت موٽ ڏني. تُرت اسان کي خاص ۽ گهُربل اينٽيليجنس ڄاڻ ملڻ لڳي ۽ اسان ڪنهن گهيري يا جاچنا جي ڪارروائيءَ کانسواءِ دهشتگردن کي جهلڻ ۾ اهل ٿيڻ لڳاسين. اُترين علائقن ۾، پاڪستان پيپلز پارٽي ماڻهن کي چونڊيل ڪائونسل جوڙيندي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو، ته جيئن اُهي پنهنجن ترقياتي مامرن کي پاڻُ سُلجهائين. اسان قبائلي علائقن ۾ رستا ٺهرائڻ لڳاسين، ۽ قبائلي ڪائونسل جي جوڙجڪ، علائقي ۾ انساني حقن جي بحاليءَ، ترقيءَ ۽ نمائندگيءَ جي تجويزن جو اڀياس ڪرڻ لڳاسين.

ڪشميري بغاوت هندستاني فوجن تي جُلهون ڪندي به هيٺاهين سطح تي هلندي رهي، پر هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ اُن ڏس ۾ تڪرار نه وڌيو. مونکي پتو هو ته، اسان کي غربت، بيمارين ۽ جهالت خلاف وڙهڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي گهُرج هئي. ڪشمير تي اسان جي اختلافي مؤقفن پرڏيهي سيڪريٽري ڊڪشٽ سان قبرص ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ ملي چڪي هئس، ۽ اسان هندستان – پاڪستان ڳالهين لاءِ ٻن ڌار ڌار ايجنڊائن تي راضي ٿيا هئاسين. انهن ٻن نُقطن ۾ پهريون ڪشمير جو مامرو هو ۽ ٻيو نُقطو هندستان- پاڪستان جي گڏيل مامرا هئا.منهنجي حڪومت سارڪ محصول معاهدي ۾ سُڌارو آندو، جنهن تي مون پنهنجي پهرئين حڪومتي دؤر ۾ ڪم ڪيو هو. منهنجي تجارتي وزارت جو هندستان جي وسعت ۾ ايندڙ واپار تي سخت مؤقف هو.

آل پارٽي حُريت ڪانفرنس جوڙي ويئي، ته جيئن ڪشميري هڪ آواز ٿي پنهنجو مؤقف سامهون آڻين. مراڪش ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس دؤران، هڪڙو آل پارٽي حُريت ڪانفرنس رابطا گروپ جوڙيو ويو. مون تڏن فخر ڀانئيو، جڏهن اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي اڳواڻن 1997ع ۾ رٿيل ٻي اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي گڏجاڻي اسلام آباد ۾ ڪوٺائڻ جي تجويز مڃي.

بهرحال، انتهاپسندن پنهنجي ڪاررواين تان هٿُ نه کنيو هو. هنن 1994ع ۾ پاڪستان جي شاندار قومي اسيمبليءَ عمارت کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ اسڪولي ٻارن سان ڀريل هڪڙيءَ بس کي اغوا ڪيو. هنن مصري سفارتخاني تي بم اُڇلايا. 1995ع ۾ رمزي يوسف جي گرفتاريءَ ۽ پُڇاڳاڇا کانپوءِ، اسان کي اهڙن جُڙتو مدرسن جي وڏي پئماني تي ڳُجهيءَ ثقافت جو پتو پيو، جن نؤجوانن کي نفرت سان ڀرپور موادَ پئي پڙهايو ۽ نؤجوان دهشتگردن کي فوجي سِکيا ڏني پئي. اسان اهڙن مدرسن کي سرڪاري تحفظ، ضابطي ۽ قائدي هيٺ آندو، ۽ انهن لاءِ حساب، سائنس ۽ اَدب پڙهائڻ لازمي ڪوٺيو. حڪومت اُنهن مدرسن تي زور ڏنو ته، اُهي نؤجوان شاگردن کي ’هندو، عيسائي، يهودي ۽ شيعن سميت ٻئي هر ڪنهن مُرتد کي مارڻ‘ لاءِ مذهب جي سندن تشريح پٽاندر ذهني طور سِکيا ڏيڻ ۽ تيار ڪرڻ وارو عمل بند ڪن. جڏهن پشاور ۾ اسلامي يونيورسٽيءَ منهنجن اهڙن حُڪمن کي ٿُڏيو  ته، اُن کي بند ڪيو ويو. اُن عمل سان انتهاپسند ڊڄي ويا، جيڪي نيٺ مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لڳا. اسان کي پتو پيو ته، اُنهن مدرسن ۾ ڇويهه مختلف ملڪن جي ’طالبن‘ کي پڙهايو ٿي ويو.

جڏهن آئون ٻارڙي هئس، تنهن وقت اسلام بابت هر هڪ جي تشريح بابت مسلمانن وچ ۾ سَهپ هوندي هئي. ضياءَ جي فوجي بغاوت ۽ سوويت يونين فوجن خلاف افغان جهاد کان پوءِ هڪ نئي، خطرناڪ ۽ اَسهپ سوچ جي وڌڻ ويجهڻ جو وجهه مليو. ضياءَ طرفان پُٺڀرائي ڪيل خاص مڪتب، مسلمانن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي برداشت نٿو ڪري، ۽ اُهي دينياتي انفراديت وارن خيالن کي گهُٽڻ لاءِ طاقت واپرائين ٿا. اُهي اسلام جي اُبتڙ تبليغ ڪن ٿا ته، عورتون پنهنجو مُڙس نٿيون چونڊي سگهن. اُن مڪتب فڪر جي مؤقف پٽاندر، جيڪڏهن عورتون پنهنجي پسند جو مُڙس چونڊين ٿيون، ته سندن مائٽن تي اهو فرض آهي، ته اُهي کين قتل ڪن. گڏوگڏ مذهبي انتهاپسندن جي اها سوچ به آهي ته، انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي، جيڪي اسلام جي سندن پاران ڪيل تشريح جو انڪار ڪن ٿا. انهيءَ عمل فرقيوار فسادن کي وڌايو آهي.

اسلام جي اُن انتهاپسند تشريح جون پاڙون انهن خاص مدرسن وسيلي وڌيڪ سگهاريون پيون ٿين، جيڪي رُڳو ڪنهن جي ذهني ڏيوالي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪن ۽ اُنهن کي افغانستان ۾ سوويت يونين فوجن جي والار دؤران ٺاهيو ويو هو. اهڙا مدرسا انهن روايتي مدرسن کان مختلف آهن، جيڪي ٻارن کي قرآن پڙهڻ سيکارين ٿا ۽ گڏوگڏ حساب، فلسفو، قانون ۽ علم نجوم به سيکارين ٿا. مجاهدن جا انتها پسند ۽ آءِ ايس آءِ طرفان ٺاهيل سخت مؤقف رکندڙ مدرسا نه رڳو اولهندي وارن سرمايدار ملڪن تي حملا ڪن ٿا، پر اُهي ٻين مسلمانن کي به نشانو بنائين ٿا. اُساما بن لادن به مُلا عمر جهڙن ٻين مولوين جي اُن مڪتب فڪر سان ناتو رکي ٿو، جيڪي عالمي دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن. دهشتگرديءَ ۾ ملوث اهڙا عنصر، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلمان دنيا ۾ اهڙين ٻين جمهوري قوتن کان ڊڄن ٿا.

پر يروشلم جو مسلمان فاتح صلاح الدين ۽ اَڻ ورهايل هندستان جي مغل شهنشاهن جي اسلام جي تاريخي ۽ سَهپ واري تشريح تي اهي ماڻهو قبضو پيا ڪن، جيڪي اُن کي پنهنجي رعيت ڀانئين ٿا، ته جيئن مذهب جي نالي ۾ اُن کي پنهنجن مقصدن واري پوشاڪ پارائين.

اهڙا مذهبي انتهاپسند گروهه شايد لنڊن ۾ ڊورشيسٽر هوٽل ٻاهران يا ڪنهن ٻئي هنڌ گڏ ٿيندا، ۽ منهنجي خلاف نعرا هڻندا. هڪ ڀيري جڏهن انهن انتها پسندن لنڊن ۾ رات جو نعرا هڻندي منهنجي ننڊ ڦِٽائي، ته مون ڀانئيو ته انگلينڊ ۾ به هنن جو چڱو تعداد موجود آهي. جيئن ته انتها پسند اولهندي سرمايدار ملڪن تي حملي واري پنهنجي خواهش بلڪل نٿا لڪائين، تنهنڪري آئون پرڏيهه ۾ سندن پهچ بابت به ڳڻتي ۾ وٺجي وئيس، جڏهن ٻئي ڏينهن آئون برطانوي وزيراعظم جان ميجر سان مليس، ته مون کيس ٻُڌايو ته شايد هُن کي انهن مسجدن کي چڪاسڻ کپي، جتي امام (جنهن افغانستان مجاهدن جي حمايت ڪئي هئي) تبليغ ڪن ٿا، جو شايد اُهي پاڪستاني لڏي آيلن ۽ برطانوي پاڪستانين جي ٻئي نسل ۾ تشدد ۽ نفرت جي تبليغ ڪندا هُجن. مونکي ياد آهي، ته اوڏيءَ مهل هُن جون اکيون اچرج مان ڦاٽي ويون هيون. پاڪستان ۾ انتهاپسندن جوخطرو منهنجي آڏو پڌرو هو، ڇو ته مونکي روزانو دهشتگردن ۽ انتهاپسندن سان مُنهن ڏيڻو پوندو هو. پر اهو اڃا اولهندي سرمايدار ملڪن لاءِ اَڄاڻ هو. اهو تُرت تبديلي آڻيندو.

اهو انتهاپسندن لاءِ غيرعقلي نه هو، ته اُهي مونکي سندن خواهشن ۾ رڪاوٽ طور ڏسن. هنن منهنجي مخالف ڪئي، ڇو ته اُنهن پاڪستان تي مڪمل ضابطو چاهيو ٿي، ۽ کين اُن جي گهُرج به هئي. تنهنڪري انتهاپسندن پنهنجيون توانائيون سيڙايون ۽ منهنجين پاليسين جي ڪمزوريءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آندا، ۽ منهنجي ٻنهي حڪومتن مان جند ڇڏائي. آئون واقعي سوچيان ٿي ته، ڪنهن قدر ڪيڏو نه اتفاق آهي. جو سڀ کان وڏيون دهشتگرد ڪارروايون تڏهن ٿيون، جڏهن کين جمهوري پاڪستاني حڪومتن سان ڪو سرچاءُ نه ڪرڻو پوندو هو، ۽ جڏهن اُهي ڪنهن چڪاس يا نظراندازيءَ کانسواءِ سرگرميون ڪندا هئا. انهن واقعن ۾ 1993ع ۽ 2001ع ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملا، بمبئي بم ڌماڪا، هندستاني پارليامينٽ تي حملو، آفريڪا ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ۽ يمن ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو شامل آهي. منهنجو ويساهه آهي ته، جيڪڏهن منهنجي حڪومت کي 1996ع ۾ ڪمزور ڪري نه ڊاهيو وڃي ها ته پوءِ طالبان، اُساما بن لادن کي افغانستان کي پنهنجو ڳڙهه بنائڻ، سمورن مسلمان ملڪن مان کُلي عام ڀرتيءَ ۽ نؤجوان ماڻهن کي سکيا ڏيڻ ۽ 1998ع ۾ آمريڪا خلاف جنگ جي اعلان جي هرگز اجازت نه ڏين ها.

منهنجي حڪومت جي ٻئي دؤر ۾ مونکي هڪ ڀيرو وري جنرل هيڊڪوارٽر ۾ سلامتيءَ بابت ڄاڻُ ڏيڻ لاءِ گهُرايو ويو. ڊائريڪٽر مليٽري آپريشن ميجر جنرل پرويز مُشرف (جيڪو بيشڪ پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف ٿيو ۽ اقتدار ڦٻائي صدر بڻيو) مونکي ڄاڻُ ڏني.

اهو تڏهن ڀوائتو سَپنو پئي لڳو، جنهن مهل مون پهريون ڀيرو ٻُڌو ته، جيڪڏهن مون حُڪم ڏنا ته پوءِ پاڪستان ڪيئن نه سرينگر تي قبضو ڪندو. مُشرف بريفنگ جي پُڄاڻي انهن لفظن سان ڪئي ته جنگبندي واقع ٿيندي ۽ پاڪستان، هندستان جي والاريل ڪشمير جي راڄڌاني سرينگر جي ضابطي ۾ هوندو. مون هُن کان پُڇيو. ”۽ پوءِ ڇا ٿيندو؟“ هو منهنجي سوال تي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ چيائين. ” پوءِ اسان پاڪستان جو جهنڊو سرينگر پارليامينٽ تي لڳائينداسين.“

”۽ پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون جنرل کان پُڇيو.

”پوءِ توهان گڏيل قومن جي اداري ۾ ويندؤ، ۽ کين ٻُڌائيندؤ ته سرينگر هاڻي پاڪستان جي ضابطي ۾ آهي.“

”وري پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون وري کانئس پُڇيو. مون ڏٺو ته جنرل مُشرف ان چيڙائيندڙ سوال ۽ ٽوڪ لاءِ تيار نه هو، ۽ وائڙو پئي ٿيو. هُن چيو، ”۽ … توهان نئين جاگرافيائي سچائين کي سندن سامهون آڻي، هنن کي دنيا جي نقشي ۾ تبديليءَ لاءِ چوندو.“

”۽ ڇا توکي اها سُڌ آهي، ته گڏيل قومن جي اداري ۾ مونکي ڇا چوندا؟“ مون جنرل مشرف کي سِڌو سندس اکين ۾ ڏٺو، جنهن مهل فوجي سربراهه خاموشيءَ سان ڀرسان ويٺو ۽ ڪمري ۾ ماٺار ڇانئجي ويئي، ۽ اشارو ڪندي چيائين. ”اُهي اسان جي نِندا ڪندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد منظور ڪندا، ۽ مطالبو ڪندا ته اسان يڪ طرفا طور سرينگر مان پنهنجون فوجون واپس ڪڍون. ۽ اسان کي پنهنجي ڪوششن ڪجهه به پلئه نه پوندو، پر رُڳو بيعزتي، ويڳاڻپ ۽ خواري ئي پلئه پوندي.“ پوءِ مون تڪڙ ۾ اُها گڏجاڻي ختم ڪئي.

انتهاپسندن طرفان منهنجي حڪومت کي ڊاهڻ جي ڪوششن جو نتيجو سيپٽمبر 1995ع ۾ بريگيڊيئر منتصر طرفان فوجي بغاوت جي ڪوشش ۾ ظاهر ٿيو. اُن گروهه اسلام آباد ۾ ڳجهي طريقي سان هٿيار پهچايا پئي. هنن فوجي جنرل هيڊڪوارٽر تي هڪ گڏجاڻيءَ دوران قبضي ۽ سمورن جنرلن کي مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. اُن عمل کان پوءِ هنن جو ارادو هو ته، هو مونکي چون ها ته جنرل مون سان ملڻ چاهين ٿا، پوءِ مونکي جنرل هيڊڪوارٽر ۾ وٺي وڃن ها، ۽ مونکي به ماري ڇڏين ها.

جڏهن جنرل هيڊڪوارٽر تي قبضي ۾ واپرائڻ لاءِ رٿيل هٿيارن کي سرحد کان اسلام آباد ڏانهن اچڻ مهل رستي ۾ روڪيو  ويو، ته گروهه دعويٰ ڪئي ته اُهي ڪشميري مُجاهد آهن. پر مقامي پوليس، جيڪا چونڊيل سرڪار سان وفادار هئي، تنهن آءِ ايس آءِ سان گڏجي جاچنا جو فيصلو ڪيو. آءِ ايس آءِ سربراهه هنن جي گرفتاريءَ جو حُڪم ڏنو ۽ هڪڙي تحقيقاتي ٽيم جوڙي ويئي.

جنرل وحيد ڪاڪڙ تنهن وقت آرمي سربراهه هو. هُن مون سان ملاقات لاءِ چيو. ۽ مون کيس پنهنجي وزيراعظم واري آفيس ۾ ملاقات لاءِ گهُرايو. سازش جي تفصيل پڌرائيءَ کانپوءِ هن ٻڌايو، ”وزيراعظم، توهان ڏاڍيون سڀاڳيون آهيو.“

آئون لکيل ’قوم ڏانهن تقرير‘ کي ڌيان سان پڙهڻ لڳيس، جنهن کي سازش ۾ شريڪ ميجر جنرل ظهيرالسلام عباسي اڳ ۾ لکي چُڪو هو. هُن جي تقرير سڀني مسلمانن کي گڏجڻ جي اپيل ’اسلامي انقلاب‘ جي لفظن سان شروع ٿيل هئي. جيڪو اڳ ۾ ئي اچي چڪو هو. هُن اعلان ڪيو ته، هاڻي اسلامي دنيا ۾ ڪي به سرحدون نه هونديون، ۽ اهو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحدون ختم ٿي وينديون، ڇو ته اسان اسلام پٽاندر هڪ قوم آهيون. مون سمجهيو ته اهو نئين ٻوليءَ ۾ سنواريل پُراڻي الحاق واري سوچ هئي. بيشڪ ويڙهاڪن جو يقين هو ته، اُهي افغانستان وسيلي وچ ايشيائي ملڪن ۾ ويندا، ۽ پوءِ اُتان ترڪي ۽ يورپ جي ڪناري چيچنيا تائين ويندا ۽ ايئن اسلام ڦهلبو. اهو القائدا جهڙيءَ تنظيم جو خلافت واريءَ سوچ جو نقل هو.جنرل وحيد ڪاڪڙ مونکي ٻُڌايو. ”وزيراعظم، آئون هنن تي بغاوت لاءِ فوجي عدالتن ۾ مقدما هلائيندس ۽ کين ڦاهي ڏيندس.“ (سازشين کي جنرل مشرف جي دؤر ۾ آزاد ڪيو ويو.)

آئون فوج ۾ انتهاپسندن جي داخلا بابت ڳڻتيءَ ۾ هئس، ۽ مون جنرل وحيد ڪاڪڙ کي 1995ع ۾ سندس عهدي تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجون ذميداريون جاري رکڻ لاءِ چيو. بدقسمتيءَ سان وحيد ڪاڪڙ پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف طور ميعاد وڌائڻ واريءَ منهنجيءَ تجويز کي نه مڃيو.

هڪڙي اڳوڻي آءِ ايس آءِ عملدار ميجر عامر تحريڪ نفاذ شريعت محمدي نالي سان ويڙهاڪ تنظيم ٺاهي چڪو هو، جيڪا سرحد صوبي ۾ سرگرم هئي. اُن تنظيم 1996ع ۾ مالاڪنڊ ۾ هٿياربند بغاوت کي هُشي ڏني هئي. مذهبي ويڙهاڪن پوليس ٿاڻن تي قبضو ڪيو ۽ منهنجي پارٽيءَ سان لاڳاپيل پارليامينٽر کي قتل ڪيو. منهنجي سرڪار هنن جي حرڪتن آڏو جهُڪڻ کان انڪار ڪيو. اسان ويڙهاڪن جي گرفتاريءَ ۽ مالاڪنڊ ۾ امن ۽ قانون جي بحاليءَ ۾ سوڀارا ٿيا هئاسين. پريس رپورٽن پٽاندر، انهن باغين جو هڪڙو مُک اڳواڻ مولانا لياقت 30 آڪٽوبر 2006ع ۾ باجوڙ واقعي ۾ مارجي ويو. جڏهن ته سندس ٻيو هٿياربند ساٿي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جڏهن مونکي دهشتگردي دٻائڻ لاءِ طاقت واپرائڻي پئي، ته مون اهوئي ڪيو، جيڪو ڪرڻ گهُربو هو، ڇو ته مونکي ماڻهن جي حمايت هئي. ڏيهي توڙي پرڏيهي دهشتگرديءَ جي ڪارروائين ۾ گهٽتائي آئي هئي.

جنوري 1996ع ۾ آئون اڪوڙا ڊيم جي افتتاح لاءِ بلوچستان ويس. اهو منهنجو بلوچستان جي عوام سان کين پيئڻ جو صاف پاڻيءَ ڏيڻ جي واعدي جو پوراءُ هو. هڪڙي مُک صحافيءَ مونکي ٻُڌايو ته هُن کي فوجي مرڪز ۾ گهُرايو ويو هو، جتي کيس ٻُڌايو ويو ته، ”فوج بينظير مان جند ڇڏائي پئي.“ ۽ هڪڙو فائيل مونکي ڏنائون، جنهن ۾ رکيل بدعنوانين جي ڪهاڻي تي لکڻ لاءِ چيائون.

مارچ ۾ نوڪريءَ تي موجود هڪڙي فوجي ميجر مونکي ڄاڻايو ته، منهنجي حڪومت ڊاهڻ لاءِ اينٽيليجنس طرفان ڪمزور ڪندڙ مڪمل پروگرام جُڙي چڪو آهي. هڪ مهيني کان پوءِ هڪ ٻئي فوجي عملدار مونکي ٻُڌايو ته، عملدار ڪنهن نبيري لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رجوع پيا ڪن. آئيني گهوٽالو پيدا ڪرڻ جي موٽ ۾، صدر منهنجي حڪومت ڊاهڻ جو حوالو ڏيئي سگهي ٿو، ۽ چيف جسٽس سان کيس عبوري وزيراعظم بنائڻ جو واعدو ڪيو ويو هو.

منهنجي ٽيم ۽ مون ڪجهه فوجي عملدارن جي بدلين وارو معاملو آرمي چيف جنرل ڪرامت سامهون آندو، پر هُو ايئن ڪرڻ کان لاچار هو.پر اُن بجاءِ هُن منهنجي طرفان اُن ڊائريڪٽر جنرل مليٽري آپريشنَ جنرل محمود جي شڪايت تي استعيفيٰ آڇي، جنهن لاءِ مونکي پڪ هئي ته اُن سرگرميءَ سان منهنجي خلاف مُهم پئي هلائي.

فوج ۽ اينٽيليجنس ايجنسين ۾ تبديليون 1995ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي چڪيون هيون، جنهن مهل جنرل وحيد ڪاڪڙ رٽائر ٿيو هو ۽ جنرل جاويد اشرف کي آءِ ايس آءِ مان بدلي ڪيو ويو. سو عمل منهنجي ٻيءَ حڪومت لاءِ موت جو پڇاڙڪو ڌَڪُ هو.

جنرل وحيد ڪاڪڙ جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ، ويڙهاڪ فوجين صدر کي پنهنجي پاسي ڪري ورتو ۽ منهنجي حڪومت ڊاهڻ لاءِ سازش جوڙي. آگسٽ 1996ع ۾ صدر جي هڪڙي ويجهي ماڻهوءَ مونکي ٻُڌايو ته، فوجي اينٽيليجنس کيس صدر ڏانهن نياپو پهچائڻ لاءِ چيو آهي. منهنجي حڪومت کي اُن ڌمڪيءَ تحت ڊاهڻ جو نياپو اهو هو ته، ”جيڪڏهن هو ايئن ٿو ڪري ته پوءِ فوج، صدر ۽ وزيراعظم ٻنهي مان ڇوٽڪارو ماڻيندي.“

جيڪڏهن فوجَ سان نبيرڻ ۽ کين مُنهن ڏيڻ وارو آئيني اختيار صدر وٽ هئڻ بجاءِ مون وٽ هُجي ها، ته آئون قانوني حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ ملوث عملدارن خلاف انتظامي ڪارروائيءَ جو حُڪم ڏيان ها. پر صدر اينٽيليجنس جنرلن جي چڪر ۾ اچي ويو.

صدر اُن ڀروسي ۾ پاڻُ کي ڀنڀلائي چُڪو هو ته فوج جي پُٺڀرائي سان هو ڪيئي ڏهاڪن تائين صدر جي عهدي تي رهندو. اهو به امڪان آهي ته صدر اينٽيليجنسن ادارن کان ڊڄي ويو هُجي. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي جنرل حميد گُل آگسٽ 1996ع ۾ آرمي سربراهه سان به ملاقات ڪئي. هُن جنرل جهانگير ڪرامت کي چيو، ”صدر وزيراعظم کي لاهڻ لاءِ تيار آهي. پر هُن کي شڪ آهي ته آرمي سربراهه وزيراعظم کي به گهڻو ويجهو آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه نه آهي ته پوءِ، فوجي سربراهه کي وزيراعظم لاهڻ وارو مامرو صدر اڳيان رکڻ کپي.“

جنرل محمود کان صدر جي مائٽ ڏانهن ۽ جنرل حميد گُل جو آرمي سربراهه ڏانهن موڪليل ٻنهي نياپن کان پوءِ، مون اهو نتيجو ڪڍيو ته، دوکي واري راند کيڏي پيئي وڃي. مون ڳڻ ڳُوت ڪئي ته، صدر کي حڪومت نه ڊاهڻ جي نيجي ۾ فوج طرفان هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون. جڏهن ته موٽ ۾ فوج جي سربراهه کي به ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون، ته هو پاڻ به جيئن ته وزيراعظم کي گهڻو ويجهو آهي، تنهنڪري صدر کيس به سندس عهدي تان هٽائي سگهي ٿو. آئيني طور صدر وٽ آرمي سربراهه جي تنهن وقت مقرريءَ ۽ هٽائڻ جو اختيار هو.

مليٽري اينٽيلجنس جو اڳواڻ جنرل محمود، جنرل مشرف جي فوجي بغاوت پويان مُک ڪردار هو، ۽ اهو پوءِ آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻيو هو. هُن کي 11 نومبر تي آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملن کانپوءِ عالمي دٻاءُ تحت سندس فوجي عهدي تان رٽائر ڪيو ويو هو.

هن مُنجهيل سياسي غير يقينيءَ واريءَ حالت جي وچ ۾، هڪ ڀيرو ٻيهر الميو منهنجي خاندان تي اچي ٽُٽو. منهنجي پيءُ کي آمر ضياءَالحق قتل ڪرايو هو. منهنجي ڀاءُ شاهه نواز کي فرانس ۾ زهر ڏيئي ماريو ويو، ۽ پوءِ 20 سيپٽمبر 1996ع تي منهنجو خاندان قتل جي هڪٻئي واقعي سان وڌيڪ لُڙهي ويو. منهنجو ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر آڏو پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيو. آئون خاص طور وائڙي ۽ منجهيل هئس، ڇو ته اسان سياسي وڇوٽيءَ جي ڪجهه ورهين کان پوءِ تازو پاڻ ۾ سرچاءُ ڪيو هو، جنهنڪري هاڻي خاندان وري هڪٻئي جي ويجهو ٿيندو پئي ويو.

هاڻي ڀُٽي خاندان جا سڀيئي ڀاتي فوت ٿي چُڪا هئا. منهنجي بابا جي خاندان مان هاڻي جيڪو وڃي بچيو هو، سو امڙ نُصرت، منهنجي ڀيڻ صنم ۽ آئون هئس. اسان گهري صدمي ۾ هليا وياسين. امان مرتضيٰ جي شهادت واري واقعي کان پوءِ ڄڻ ذهني توازن وڃائي چُڪي هئي، ۽ کيس ويسر جي بيماري ٿي پيئي جو هوءَ ڪنهن کي سُڃاڻي به نه ٿي سگهي.

مون شڪ ڪيو ته مرتضيٰ ڀٽو جو قتل منهنجي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڊاهڻ جي سازش جو حصو هو.

مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت جي ڪجهه هفتن کانپوءِ، آئون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪرڻ لاءِ نيويارڪ ويس. مون امان کي پاڻ سان گڏ آندو هو، ڇو ته آئون هُن کي سندس اهڙيءَ حالت ۾ پويان ڇڏي نه پيئي سگهيس. اسان گهري صدمي ۾ ورتل خاندان هئاسين، ۽ اهو سفر ڏاڍو ڏُکيو ۽ ڏُکارو هو. منهنجي حڪومت کي ڪجهه ڏينهن ۾ ڊاهڻ جو ڦهليل افواهن، ڀاءُ جي قتل ۽ امان جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ حالت سبب مون سڄو بار پنهنجن ڪُلهن تي ڀانئيو. پوءِ به آئون جنرل اسيمبليءَ اڳيان پهتيس ۽ پاڪستان جي عالمي مؤقف واري سخت تقرير ڪئي. جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ اپيل ڪيل هئي. پر منهنجي دل تقريرن ۾ نه هئي. منهنجي دل ٽُٽي چُڪي هئي.

اسان جي نيويارڪ مان موٽڻ کان هڪدم پوءِ، مون ڏٺو ته اسان جا ٽيليفون جنرل گُل طرفان ذاتي طور مانيٽر ڪيا پيا وڃن. آئون صدارتي ساٿارين ۽ مخالف ڌُرين جي نمائندن وچ ۾ اسلام آباد ۾ واضح طور ٿيل گڏجاڻيءَ جي رپورٽ وٺڻ لاءِ بچاءُ واري سيڪريٽري کي فون ڪري چُڪي هئس، جيئن مون فون بند ڪيو ته، بچاءَ واري سيڪريٽريءَ کي جنرل گُل فون ڪيو، ۽ کيس ٻُڌايائين، ”ته پوءِ هاڻي وزيراعظم گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل ڪارروائيءَ بابت ڄاڻڻ گهُري ٿي، ها، ها، ها.“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، 4 نومبر 1996ع واري رات آمريڪي صدارتي چونڊن جي سياسي ڍَڪُ تحت، پاڪستاني صدر منهنجي حڪومت کي ڊاهي ڇڏيو، هڪ ڀيرو ٻيهر روايتي سازشي اٺين ترميم تحت ’بدعنواني ۽ بدانتظامي‘ جا حوالا ڏنا ويا هئا. تڪليف ۽ گهاوَ سان گڏ بيعزتيءَ شامل ڪرڻ لاءِ هُن پوءِ منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هئڻ واري زهريلي ۽ سازشي ڪُوڙ پٽاندر منهنجي مُڙس کي گرفتار ڪيو. (سُپريم ڪورٽ جي جج جي اڳواڻيءَ ۾ 1997ع ۾ جوڙيل عدالتي ٽربيونل منهنجي مُڙس کي اُن الزام کان آجو ڪوٺيو هو.)

فوجي ويڙهاڪن پوءِ قومي احتساب بيورو نالي هڪڙي محاذ آرائيءَ واري تنظيم جوڙي ضياءَ جي دؤر کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي سان وڙهندڙ رٽائر جنرلن کي منهنجي خاندان ۽ جماعت خلاف جُڙتو ۽ گهَڙيل مُقدمن جو ڪم ڏنو ويو. دهشت جون واڳون ڇُوٽ ڇڏيون ويون. منهنجي حڪومت جي عملدارن جي گرفتاريءَ، سندن گهرن جي ڀڃ ڊاهه ۽ سندن خاندانن کي ذهني صدمو پهچائڻ لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون شروع ڪيون ويون.

اڪثر پاڪستانين کي بيشڪ پتو هو ته، اُهي الزام رُڳو سياسي حربي طور لڳايا ويا هئا، پر منهنجي مُڙس کي بدعنوانيءَ، اغوا ۽ قتل جي ڪوريئڙي واري ڄار جهڙن الزامن سبب اٺن ورهين تائين ڪنهن ثابتيءَ، شاهدي يا سندس خلاف آيل ڪنهن فصلي کانسواءِ جيل ۾ رکيو ويو.

مون پنهنجيءَ دِل ۾ ڄاتو ٿي، ته هُن جو اڪيلو ڏوهه اهو هو ته، هو منهنجو مُڙس هو.

اها يادگيري ڏاڍي چيڙائيندڙ آهي ته، منهنجي حڪومت کي ڊاهڻ واريءَ ڪاروائيءَ کان پوءِ، صدر پاڪستاني فوج کي ’قومي بچاءُ ۽ سلامتي ڪائونسل‘ جي نالي ۾ اختيارن جي ورڇ وارن لاڳاپن کي قانوني روپ ڏيڻ وسيلي پنهنجو حصو ڏنو هو. اُن ڪائونسل ۾ صدر،وزيراعظم، ڪابينا جا وزير، جوائنٽ چيفس چيئرمين،  ٽنهي هٿياربندن فوجن جا اڳواڻ شامل هئا.هن نئين ڪائونسل پاڪستاني فوج کي باضابطا پاليسيءَ جو ڪردار ڏنو، جنهن لاءِ کين ڪافي عرصي کان سِڪ ۽ اُڪير هئي، ۽ جنهن عمل جي مون سدائين مزاحمت ڪئي هئي.

نواز شريف گروهه کانسواءِ پاڪستان جي سمورين سياسي جماعتن پاڪستان جي حڪومتي ادارن تي سرگرم فوجي بغاوت جي سخت مخالفت تي ڳالهايو. نواز شريف نئين انتظامن جو ’سڪيلڌو پُٽ‘ بڻجي ويو هو، سو اڪيلو اهڙيءَ جماعت جو اڳواڻ هو، جنهن فوج جي ماتحت ڪائونسل کي مڃيو هو. اهو 1997ع جي چونڊن جي اُهڃاڻ ۽ اڳ ۾ لکيل نتيجو هو.

۽ اهو بلڪل پڌرو هو، ته منهنجي ڀاءُ مرتضيٰ جي شهادت واري واقعي، جنهن منهنجي حڪومت کي سازش تحت ڊاهڻ جو اشارو ڏنو هو، جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ طالبان ويڙهاڪن ڪابل ڏانهن اڳرائي ڪئي، ۽ افغان حڪومت جو مڪمل ضابطو پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ افغانستاني عوام تي پنهنجي آمراڻي ظالم حڪومت مڙهيائون. آءِ ايس آءِ ويڙهاڪ فوجي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر ’حڪمت عمليءَ جي وسعت‘ واري نظريي تي اصرار ڪندي، طالبان وارن منصوبن ۾ مونکي رنڊڪ سمجهي، منهنجي حڪومت ڊاهڻ کان پوءِ افغانستان ۾ پنهنجي بنياد پرست اتحادين تان سموريون پابنديون هٽائي ڇڏيون. انهن پابندين جو ڪيئي ورهين تائين تمام گهڻو انومان، اشارو مقصد ٿئي ها، جيڪو هلندو رهيو.

1996ع جي چونڊن ۾، 1990ع وارين چونڊن کان به وڌيڪ بدعنواني ۽ اڳواٽ ڌانڌلي رٿيل هئي. جڏهن سڀ ڪجهه چيو ۽ ڪيو ويو ته، پوءِ منهنجي جماعت کي قومي اسيمبليءَ ۾ 207 سيٽن مان رُڳو 18 سيٽون ۽ نواز شريف کي 137 سيٽون ڏنيون ويون. مون وري مخالف ڌر جي بينچن تان ويڙهه لاءِ سَندرو ٻَڌو.

بهر حال، جڏهن صدر طرفان پارليامينٽ کي ڊاهڻ واري بدنام اٺين ترميم واري اختيار جي خاتمي تي نواز شريف راضي ٿيو، جنهن گهڻي عرصي کان پاڪساني جمهوريت کي نقصان پهچايو هو، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جماعت جي مفادن کان مٿانهون سوچي قانون بنائڻ تي حمايت ڪئي. نواز شريف پنهنجي ذاتي بچاءُ لاءِ ائين ڪيو هو، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اٺين ترميم جي خاتمي لاءِ سُٺيءَ حڪومت طور حمايت ڪئي.

پر نواز شريف جا اڪثر مقصد سماجي ۽ سياسي ردعمل ۾ هئا. پاڪستان پوئتي پئي ويو. نواز شريف پنهنجي ’اسلاميات‘ بِل کي آئيني ڍَڪُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ طالبان واري سماج کي واکاڻڻ لڳو، جنهن سماج کي پوءِ پاڪستان ۾ آڻڻو هو. مخالف جماعتن هُن تي مُلا عمر جيان ’اميرالمؤمنين‘ بنجڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو.

4 نومبر 1996ع تي منهنجي حڪومت ڊهڻ سان، طالبان هاڻي گهڻ پاسائين حڪومت لاءِ اُن افغان معاهدي تي صَحين کان انڪار ڪيو، جنهن تي اسان گڏيل قومن جي خاص نمائندن سان گڏجي ڪم ڪيو هو. اُن معاهدي تي 7 نومبر تي صَحيون ٿيڻيون هيون، پر حڪومت ڊهڻ سبب اُهو ايئن نه ٿي سگهيو. نواز شريف جي حڪومت ۾ طالبان پنهنجو رنگ ۽ ڪردار مٽايو. هنن ايراني سفارتڪار کي قتل ڪيو. ۽ 1998ع ۾ اُساما بن لادن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان اولهندي سرمايدار ملڪن خلاف جنگ جوٽڻ جو اعلان جي اجازت ڏني. طالبان پنهنجي پاڻ کي قومي افغان سرڪار کان گهڻ قومي حڪومت ۾ بدلائي چُڪا هئا. جنهن تحت افغاني علائقي کي ٻين ملڪن خلاف تشدد جي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي.

مون مخالف ڌُر جي اڳواڻ طور پاڪستاني پارليامينٽ مان تقرير ڪندي اسلام آباد تي زور ڏنو ته، اُهي طالبان کي ڌمڪي ڏين، ته جيڪڏهن اُهي عالمي لاڳاپن وارن اصولن جي پاسداري ڪندا ته ساڻن لاڳاپا ٽوڙيا ويندا.مون چيو ته ’حڪمت عمليءَ جي وسعت‘ واري پاليسي پاڪستان لاءِ ’حڪمت عمليءَ وارو خطرو‘ بڻجي سگهي ٿي.

منهنجي جماعت سينيٽ ۾ پنهنجي پارليامينٽري طاقت ڪَتب آڻي، نواز شريف کي مذهب جو نالو واپرائي (هينئر به اسان مذهب کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيون ٿا.) قانونن وسيلي پاڪستان کي مذهبي حڪومت ۾ بدلائڻ وارو عمل ۾ رُڪاوٽ وڌي هڪ ڀيرو ٻيهر آئون پاڪستاني جمهوريت جي نياپي کي زنده رکڻ لاءِ وڏي پيماني تي پرڏيهه جا سفر ڪرڻ لڳيس.

اها خوشقسمتيءَ هئي، جو اپريل 1999ع ۾ مون پرڏيهه ۾ ليڪچر پئي ڏنو. منهنجي گرفتاريءَ جو حُڪم ڏنا ويا. منهنجا ٻار ۽ آئون عرب امارتن ۾ دُبئي ڏي منتقل ٿياسين، جتي اڄوڪي ڏينهن تائين آئون هينئر به جلاوطنيءَ ۾ رهان ٿي.

 

اهو چيو وڃي ٿو ته، ’سِج هيٺان ڪابه شيءِ نئين نه آهي.‘ جڏهن اها ڳالهه پاڪستان ۾ سياست تي لاڳو ڪجي ٿي، ته اها واقعي صحيح ڌُن ڀانئجي ٿي. جارج آرويل جي ناول ’اوڻيهه سؤ چوراسي‘ جيان دوست، اتحادي ۽ دُشمن مٽجندا سَٽجندا رهن ٿا ۽ اُڇلون توڙي بولاٽيون کائيندا رهن ٿا. نواز شريف جو پاڪستاني فوج ۽ آءِ ايس آءِ سان ’مطلبي ساٿ‘ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. اُهي ظاهري طور ڪارگل علائقي ۾ ٿيل جهيڙي تي پاڻُ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪٻئي تي غلط حڪمت عملين ۽ مُهم جوئيءَ جا الزام هڻڻ لڳا.

سچائي اها آهي ته پاڪستان ۽ هندستان ڪارگل تڪرار مهل نيوڪليائي ويڙهه تي ڳنڀيرتا سان ويجهو پهتا هئا. جنهن جو نتيجو نيٺ نواز شريف خلاف فوجي بغاوت نڪتو. ڪارگل هماليا ۾ جنگي حڪمت عمليءَ واري اوچي فوجي چوڪي آهي، جنهن تان ڪشمير ماٿريءَ واري حصي تي دفاعي نطر رکي سگهجي ٿي، ۽ اُتي سياري ۾ ڪوبه ماڻهو نه رهندو هو. پاڪستان ۽ هندستان جا فوجي جَٿا هر ڀيري اونهاري ۾ پنهنجي جاءِ والاريندا هئا.هن ڀيري ڪشميري مجاهدن، هندستان جي تحويل واري چوڪيءَ تي اَڻ والار واري وقت قبضو ڪيو. اُن عمل ڪارگل تڪرار کي وڌايو.

جڏهن مڪمل جنگ ڇِڙڻ جو خطرو ٿيو ته، نواز شريف هڪدم جنگ بند ڪرائڻ ۾ آمريڪي مدد وٺڻ لاءِ واشنگٽن ڏانهن ڀڳو.هُن کي صدر ڪلنٽن کان جيڪو مانُ مليو، سو عوام آڏو ڪپڙا لاهڻ جي خُواري ۽ ڪارگل مان پاڪستاني فوجن کي هڪدم هٽائڻ جو مطالبو هو. نواز سرڪار تڪڙ ۾ ڪنهن حڪمت عمليءَ جوڙڻ کانسواءِ فوجون هٽائي ڇڏيون. نتيجي ۾ جڏهن هندستاني فوجين چوٽين جو قبضو ٻيهر ورتو ته، سوين پاڪستاني سپاهي مارجي ويا. آرميءَ سان لاڳاپيل هڪڙي دوست مونکي ٻُڌايو ته، مارجي ويل فوجين جا لاش برفاني ڄميل پيتين ۾رکيا ويا،  تڪرار دؤران وڏي پئماني تي فوجين جي مارجڻ واريءَ خبر لڪائڻ لاءِ لاش وقفي سان سندن مائٽن ڏي موڪليا ويا.

وزيراعظم جي اُن دعويٰ سان الزامن واري راند شروع ٿي، ته هُن کان مجاهدن جي ڪارروائيءَ سان لاڳاپي ۾ مشورو نه ورتو ويو هو، ۽ وري جنرلن موٽ ۾ چيو ته، هُن کي مڪمل ڄاڻ ڏني وئي هئي، ۽ هو اُن ڪارروائيءَ جو حمايتي هو. نوازشريف ڪارگل ڪارروائيءَ شروع ڪرائيندڙ پاڪستاني فوجين جي احتساب لاءِ دٻاءُ ۾ اچي ويو، ۽ هُن دعويٰ ڪئي ته انهن فوجين، هُن خلاف اهو ڪم ڪيو هو. وزيراعظم ۽ فوجي سربراهه جنرل مُشرف وچ ۾ لاڳاپا کُلي وڇوٽيءَ واري نُقطي تائين بگڙي ويا. اهو پڌرو هو ته، اهو عمل هاڻي رتوڇاڻ جي واريءَ سطح تائين پهچي چڪو  آهي، ۽ انهن منجهان ڪو هڪڙو ڄڻو باقي رهندو.

نواز شريف 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مُشرف کي اوڏيءَ مهل عهدي تائين هٽايو. جنهن مهل هو پرڏيهي دؤري تان اُڏام وسيلي پاڪستان پئي موٽيو. نواز شريف هُن جي جهاز کي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نه ڏني، ۽ نتيجي ۾ فوج ڪراچيءَ ۾ ايئرپورٽ جو گهيرو ڪيو، ۽ مُشرف کي بچايو، جنهن جي جهاز ۾ ٻارڻ ختم پئي ٿيو، ۽ جهاز ڪِرڻ جو خطرو هو. مُشرف هڪدم فوجي حڪمرانيءَ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم کي گرفتار ڪيو ۽ حڪومت ۽ قومي اسيمبليءَ کي ڊاهي ڇڏيائين. هن ڀيري ڪنهن به آئيني پنجوڙ جو بهانو نه هو. اِهو فوجي بغاوتن جو پُراڻو نمونو هو.

مُشرف جمهوريت جي بحاليءَ جو واعدو ڪيو، پر اهو پُورو نه ٿيو. جنرل ضياءَ جي اسلام خاطر ريفرينڊم پٽاندر صدر ٿيڻ جو بلڪل ساڳيو انداز واپرايو، جنرل مشرف پنهنجي صدارتي عُهدي لاءِ ريفرينڊم ڪرايو.سڀيئ عالمي ۽ ڏيهي مُشاهدو ڪندڙ جيتوڻيڪ اُن ڳالهه تي سُهمت آهن، ته بلڪل ڪجهه سيڪڙو مس ووٽ مليا هئا، پر مُشرف دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني ووٽرن جي ستر سيڪڙو شرح رهي، ۽ اٺانوي سيڪڙو ماڻهن کيس ووٽ ڏنو هو. اهو سمورو عمل جمهوريت بجاءِ اقتدار جي ذاتي لوڀُ هئي، پر عالمي برادري اسلامي دهشتگرديءَ جي وڌندڙ خطري تي زور ڏيئي، پنهنجيون اکيون ٻُوٽي ويهي رهي.

جُڙتو ريفرينڊم کان پوءِ ڌانڌلين واريون پارليامينٽري چونڊون ٿيون. مونکي مُشرف جي ٽياڪڙن طرفان چونڊن ۾ نه بيهڻ جا ڪيئي نياپا مليا، پر آئون پاڪستاني عوام سان پنهنجي سچائيءَ نڀائڻ واري فيصلي تي اَٽل هئس، جيڪي مون سان گڏ بيٺل هئا، جڏهن مون رضا ڪاراڻي طور پاسيرو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ته پوءِ منهنجي خلاف ڪيئي عدالتي فيصلا ڏنا ويا،  جو نيٺ مونکي پارليامينٽ ۾ چونڊجڻ کان روڪيو ويو. (مشرف 2006ع ۾ ڇپيل پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ کُلي عام مڃيو آهي ته، هُن منهنجي وزيراعظم طور امڪاني چونڊجڻ جي رستا روڪ لاءِ قانوني طريقي سان جُزوي دٻاءُ وڌو هو) پابنديءَ جي غير قانوني عمل خلاف منهنجي چونڊ پٽيشن، 2002ع جي چونڊن جي ڪيئي ورهين کان پوءِ به پاڪساني عدالتن ۾ رولڙي ۾ پيل آهي.

عوام اُن پابنديءَ باوجود مون سان گڏ بيٺو رهيو، جنهنڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چونڊن ۾ پيل ووٽن مان سڀني کان وڌيڪ ووٽ کنيا. بهرحال، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽن تي چونڊيل ڪيترائي پارليامينٽري ميمبر دٻاءُ ۽ رشوت آڏو جهُڪي ويا. لوٽا ٿيندڙن تان بدعنوانيءَ جا الزام اوچتو رات وچ ۾ واپس ورتا ويا، کين ٺيڪا ڏنا ويا، ڪابينا ۾ مُک وزارتون ڏنيون ويون. منهنجي جماعت جي طاقت گهٽجي ويئي. آءِ ايس آءِ سربراهه چونڊيل پارليامينٽرين کي اسلام آباد ۾ آءِ ايس آءِ مرڪز ۾ اچڻ جو حُڪم ڏنو. آءِ يس آءِ سربراهه جنهن مهل مُک ڪُرسيءَ تي ويٺو هو، تنهن مهل سندس ٿاڦيل وزيراعظم ظفر الله جمالي سندس پويان رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺل هو. پارليامينٽرين کي ظفر الله جماليءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حُڪم ڏنو ويو، جيڪو ’چونڊيل‘ وزيراعظم هو.

ڪنهن سزا جي فيصلي کانسواءِ ڇهن ورهين کان جيل ۾ باندي بڻيل منهنجو مُڙس اُن مطالبي کي رد ڪرڻ تي اَٽل هو، ته آئون چونڊون وڙهڻ تان پاڻمرادو هٿ کڻي وڃان. اها ڳالهه واقعي ڏاڍي شاندار هئي ۽ مونکي گهڻو فخر ٿيو. هُو مشرف جي جيلن ۾ ٻن ورهين کان وڌيڪ رهندي، ۽ هُو اٽڪل مُئل آهي، پر اسان مضبوط هئاسين، جو هُن آڻُ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو.

پاڪستان ۾ مذهب جي نالي ۾ سياست ڪندڙ جماعتن ٽن ڏهاڪن کان ملڪ ۾ ٿيندڙ اسان جي قومي چونڊن ۾ ڪڏهن به تيرهن سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ نه کنيا هئا. پر 2002ع جي چونڊن ۾ نيويارڪ ۽ واشنگٽن تي ٿيل دهشتگرديءَ جي حملن واري هڪ سال کانپوءِ نتيجو اهو نڪتو، جو کين بنياد پرست مذهبي جماعتن جي اتحاد طور سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون سونپيون ويون. اُن گروهه کي متحده مجلس عمل جو نالو ڏنو ويو، پر پاڪستان ۾ گهڻا ماڻهو اُن اتحاد کي ’مُلا مليٽري اتحاد‘ ڪوٺين ٿا. اُها اسلامي شوريٰ، مسلمان عالمن جي شوريٰ، پاڪستاني عالمن جي اسيملي ۽ اسلام لاءِ هلچل تي مشتمل آهي. انهن جماعتن اڳوڻين چونڊن ۾ گهٽ ووٽ کنيا هئا، پر هاڻي اوچتو هنن کي ٻن صوبن ۾ حڪومتون ۽ اچرج جي حد تائين قومي اسيمبليءَ ۾ 63 سيٽون ڏنيون ويون هيون.

آئون چونڊن کان پوءِ ايندڙ جُڙتو ’چونڊ نتيجن‘ کي ڏسندي، مشرف جي ٺڳيءَ جي ٺاهه ۾ نزاڪت جي کوٽ تي اچرج ۾ هئس. چونڊن ۾ بنياد پرستن مُلن جي اوچتو ’اُڀار‘ ۽ حمايت واري عمل وسيلي، هُن اولهندي سرمايدار مُلڪن ڏانهن ڇِتو نياپو موڪليو پئي. بنيادي طور هُن عالمي برادريءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي، ته هو نيوڪليائي هٿياربند پاڪستان تي بنياد پرستن جي قبضي ۾ اڪيلي رُڪاٽ هو. پاڪستاني دانشور حُسين حقاني اُن عمل تي تنقيد ڪندي، ڳالهه جي پاڙ تائين پهچي، بلڪل صحيح لکيو هو: ”چونڊيل حڪومتن ۽ اختيارن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڳوڻن ڏهاڪن ۾ بنياد پرستن کي ڪَتب آڻڻ کان پوءِ، پاڪستاني جنرلَ هاڻي کين خطرو ڪوٺين ٿا، جنهن خلاف عالمي برادري خاص طور آمريڪا کي پاڪستاني فوجين جي مدد ڪرڻ کپي، ته جيئن اُهي ملڪ تي ضابطو برقرار رکن.“

بدقسمتيءَ سان اڃا به ڪجهه ماڻهو آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اُن مِڪر ۽ دوکي جا هيراڪ آهن ۽ منجهس چاهه رکن ٿا.

 

جڏهن 1995ع ۾ منهنجي حڪومت رمزي يوسف کي جهيلو هو، ته هُن وٽ آمريڪي تجارتي جهازن کي اغوا ڪرڻ ۽ کين هٿيار طور عمارتون ڊاهڻ لاءِ واپرائڻ جون رٿائون موجود هيون. القائدا وٽ ساڳئي ڏينهن تي پئسفڪ سمنڊ مٿان ڪيئي تجارتي جهازن کي وڏي پيماني تي دهشتگرد حملن لاءِ اغوا ڪرڻ جو منصوبو هو. عالمي دهشتگرديءَ جي هن نئين نسل واضح طور بسن يا خاص مقصد پٽاندر قتل لاءِ آپگهاتي بمن جي پراڻي اصول وارو ڪردار نه نڀايو هو. اُهي وڏي پئماني تي ماڻهو قتل ڪندڙ هئا، جن جا مقصد وڏي پئماني تي امڪاني سياسي قتل هئا.

آئون 11 سيپٽمبر 2001ع تي ڇرڪي وئي هئس ۽ منهنجو هنياءُ ڏَري پيو هو، پر حقيقت ۾ صدمي ۾ نه هئس ته القائدا هن سطح جي ڪجهه واقعن جي ڪوشش ڪندي، پر آئون رُڳو ان ڳالهه تي اچرج ۾ هئس، ته اها واقعي ڪامياب وئي هئي.

اهو مذهب کي سياست ۾ وِچڙائڻ جو هاڻي بدترين مامرو هو. القائدا ۽ سندس اتحادي، آمريڪي جهازن جي اغوا جيان بلڪل اسلام جي تشريح به اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جيان پيا ڪن. بلڪل ايئن جيئن هنن لنڊن ۽ ميڊرڊ ۾ ريلن ۾ عام معصوم ماڻهن کي بمن سان ماريو هو. سياست ۾ مذهب جي مداخلت ۽ واهپو 1980ع ۾ تڏهوڪي فوجي آمرن استعمال ڪيو هو، ۽ هاڻي اُن کي وري القائدا ايڪيهين صديءَ ۾ استعمال ڪري ٿي.

سچائي اها آهي ته عام ماڻهن کي مارڻ واري عمل کي واضح طور قرآن شريف ۾ منع ڪوٺيو ويو آهي. پر سياسي انتها پسند اُن ڳالهه کان نٿا ڊڄن اها مذهبي سوچ نه، پر اُنهن مُلن واري سوچ  آهي، جيڪي پنهنجن ذهنن ۾ جهيڙاڪ سياسي اقتدار جي اُڪير رکن ٿا.

نيويارڪ ۾ باهه ۾ ٻرندڙ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻن ٽاورن کي ڏسڻ مون لاءِڏکارو عمل ته هو پر اهو سمجهندي ته، هزارين ماڻهو ٻيا به موت جي خطرناڪ طريقن سان مرن پيا، هي ڏک به ان جو حصو سمجهڻ کپي. هارورڊ ۾ ۽ پوءِ آڪسفروڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي، مون آمريڪا ۽ برطانيا کي پنهنجو ٻيو وطن سمجهيو هو. 7 جولاءِ 2005ع ۾ لنڊن ۾ پڌري ٿيل هڪڙيءَ ٻي مصيبت کي ڏسندي، منهنجي دل وري ٻيهر پڄرڻ لڳي، ۽ سڀ کان وڌيڪ بدترين ڳالهه اها هئي ته اهو سڀ ڪجهه اسلام جي نالي ۾ ٿيو پئي، ۽ اُن جو ناتو اڪثر سِڌو منهنجي وطن پاڪستان سان جوڙيو پئي ويو. تجزيو ڪندڙ پُڇڻ لڳا، ”ڇو اِن عمل جو پاڪستان سان تعلق آهي؟ ڇو هر هڪ دهشتگرد سازش ۽ ڪارروائيءَ سان پاڪستان جو تعلق هجي ٿو؟“

پاڪستان ۽ اولهندي سرمايدار ملڪن خلاف دهشتگرد سازشن ۽ حملن وچ ۾ لاڳاپي جي اٽوٽ طريقي ۾ ڪو اتفاق نه آهي. منهنجي لاءِ اهو طريقيڪار ڏک سان لاڳاپيل آهي، جنهن خراب نتيجي بابت اولهندي جي سرمايدار ملڪن اڪثر اک ٻوٽ ڪئي آهي، جنهن پٽاندر پاڪستاني فوجي حڪومتن کي، سندن آمرن طرفان واضح طور اولهندي وارن سرمايدار ملڪن جي مقصدن جي پُٺڀرائي ڪرڻ تائين، پاڪستاني عوام جي جمهوري خواهشن کي دٻائڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي.

آمرن سان اُن ناچ نچڻ جا ٻيهر ڦَل مليا آهن، پر هن وقت تباهي اڻ ويساهه لائق آهي.

1970ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ 1980ع جي سڄي ڏهاڪي ۾، جيستائين آمر ضياءَالحق آءِ ايس آءِ کي افغانستان ۾ سي آءِ اي جو ڀرجهلو ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي، تيستائين کيس ’دادلو ٻار‘ بنايو ويو هو. آءِ ايس آءِ ۽ سي آءِ اي جي اتحاد، مجاهدن وٽ نه رڳو جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالوجي پهچائي، پر اُن عمل منهنجي وطن کي پرامن قوم مان هيروئني، اسلام کي بنياد پرست بڻائيندڙ ۽ ڪلاشنڪوف واري پُرتشدد سماج ۾ بدلايو، ۽ سماجي شعبي جي وسيلن جا پئسا وري فوجي مقصدن لاءِ ڪَتب آڻڻ سبب پاڪستاني سماج ۾ جَڏائي جا نتيجا نڪتا، جيڪي اڃا پڌرا پيا ٿين.

سرڪار جئين تعليم، صحت ۽ تعميرات توڙي سماجي خدمتن وارن شعبن مان پنهنجي ذميداريءَ تان هٿ کنيو، ته ماڻهو پنهنجي پُٺڀرائي ۽ مدد لاءِ ٻين هنڌن ڏانهن ڏسڻ لڳا. اُن طريقي جو واضح اشارو پاڪستان جي چئني صوبن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سياسي مدرسن جو ڦهلاءُ هو.

اڄ به اسلام جو نالو واپرائيندڙ بنيادپرستن جو ڍانچو ٽن تنظيمن تي جُڙيل آهي: مذهبي جماعتون سندن سياسي پُٺڀرائي ڪن ٿيون. سياسي مدرسا ٻين مذهبن ۽ اسلام جي مختلف مڪتبه فڪرن خلاف نفرت ۽ اَسهپ جو ماحول پيدا ڪن ٿا. جڏهن ته لشڪر طيبه ۽ حرڪت الاسلام جهڙا ويڙهاڪ گروهه نؤجوان ڀرتي ڪن ٿا ۽کين هٿياربند سکيا ڏين ٿا. ڪجهه ماڻهن لاءِ اُهي ڀرتيون ’نيڪ مقصد‘ آهي، پر ٻين لاءِ اُهو عمل روزگار جو ذريعو به آهي. (مثال طور، هڪڙي قبائلي اڳواڻ مونکي ٻُڌايو ته، ”افغانستان جو صدر حامد ڪرزئي پنهنجن سپاهين کي مهيني ۾ ستر ڊالر ڏئي ٿو، جڏهن ته طالبان پنهنجن مُجاهدن کي پگهار طور هڪ سؤ ڊالر ڏين ٿا.“)

سوويت يونين فوجن جي 1989ع ۾ نيڪاليءَ کان پوءِ افغانستان ۾ جمهوريت کان اولهندي سرمايدار ملڪن جي لاتعلقيءَ ۽ سڀ کان وڌيڪ بنياد پرست مجاهدن جي سگهاري ٿيڻ سبب، ڪجهه سياسي ۽ بنياد پرست مذهبي تحريڪون، پاڪستان ۾ پنهنجو سلسلو اڃا به جاري رکيو اچن. هنن اولهندي سرمايدار ملڪن خلاف مُقدس جنگ وڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. ۽ اُهي فوجي آمرن جي دؤر ۾ وڏن ويجهن ۽ وڌيڪ سگهاريون ٿين ٿيون.

اها ڳالهه ڏاڍي ڏُکاري آهي ته، جو آئون اُن عمل کي آمريڪا طرفان آمر جنرل ضياءَ جيان فوجي آمر پرويز مشرف بابت غلط اندازن جو ورجاءُ سمجهان ٿي. ضياءَ جي پاڪستان ۾ جمهوريت خلاف فوجي بغاوت جي ٻن ڏهاڪن کان پوءِ، هڪڙي ٻئي آرمي چيف اسٽاف هڪ چونڊيل سرڪار خلاف وري فوجي بغاوت ڪئي آهي.

۽ اڳوڻي آمريت جي اڳواڻيءَ کان پوءِ، نئين پاڪستاني آمر به اولهندي سرمايدار ملڪن سان، دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ ۾ اتفاقي ۽ ڪٿيل پر حتمي منافقيءَ واريءَ حمايت پيو ڪري، انهيءَ عمل آمريڪا ۽ برطانيا کي اُن آمر جي سياسي پُٺڀرائيءَ سبب ڌپارو ۽ کوکلو ڪيو آهي، جنهن مهل طالبان پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ وري ٻيهر منظم پيا ٿين ۽ پاڙيسري افغانستان ۾ نيٽو فوجين کي قتل پيا ڪن.

هوڏانهن، ويڙهاڪ مرڪز اڃا به سلامت آهن. ڪجه موقعن تي ويڙهاڪ اڳواڻن کي گرفتار به ڪيو وڃي ٿو، ۽ وري پوءِ جيئن عالمي ڌيان انهن تان هٽي ٿو، ته کين آزاد ڪيو وڃي ٿو. آئون ڀانئيان ٿي ته، فوجي آمريت لڳاتار مخالف اڳواڻن تي دٻاءُ وجهندي رهي ٿي، سياسي جماعتن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ٿي، پريس تي پابنديون مڙهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ هڪ پوري نسل تائين انساني حقن جي لتاڙ ڪري ٿي.

فوجي حڪومتن جو مقصد اُن ڳالهه کي يقين بنائڻ آهي ته، حڪومتن جوڙڻ ۾ اينٽليجنس ادارن جو ڪوبه متبادل نه آهي، جنهنڪري اُهي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪن ٿا. فوجي حڪومتن جا حمايتي شايد صدر جان ايف ڪئنيڊيءَ جي 1961ع ۾ هڪڙي افتتاحي تقرير جا اُهي لفظ ورجائي سگهن ٿا:”جيڪو به ماڻهو شينهن جي پٺيءَ تي سوار ٿئي ٿو، سو اندر ۾ عام طور سُرهو رهي ٿو.“

منهنجي جنرل مُشرف سان پهرين ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن تُرڪيءَ جي فوجي وفد طرفان پاڪستان ۾ اچڻ دؤران، هُن تُرڪي ٻوليءَ جي ترجمان طور پنهنجا فرض نڀايا هئا.مون هن کي پنهنجي مليٽري سيڪريٽري بنائڻ کان لاچاري ڏيکاري هئي. اسان ابتدا ۾ هُن جي ترقيءَ کان انڪار ڪيو هو، ڇو ته هُن جا مهاجر قومي مووميٽ (هاڻي متحده قومي موومينٽ) جهڙي نسلي تنظيم، جيڪا وقت تي وڳوڙ ۽ رتوڇاڻ به ڪرائيندي رهي ٿي، تنهن سان شڪي ، پر اڻ ثابت ٿيل لاڳاپا هئا. مونکي ياد اچي ٿو ته، منهنجي هُن سان ٿيل آخري گڏجاڻي وڌيڪ اهم هئي. جڏهن 1996ع ۾ هُن مون کي ڪشمير لاءِ جنگي منظر بابت ڄاڻُ ڏني هئي.

جنرل مشرف جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي رستا روڪ ۽ ٻيهر چونڊن ۾ کٽي اچڻ کان مونکي روڪڻ جي عزم ۽ جُنون جي نتيجي ۾ ملڪ اندر سياسي ادارا ڪمزور ٿيا آهن ۽ سياسي جماعتن ۽ شهري ادارن ۾ جمهوري ڍانچي جي تباهيءَ به ٿي آهي. گڏوگڏ هُن جي بجيٽ جي اوليتن سبب سماجي شعبي کان فوج ڏانهن فنڊ منتقل ٿيا آهن، جنهن سبب حالت اها وڃي بيٺي آهي، جو لکين پاڪستاني غربت جي ليڪ کان به هيٺ زندگي گذارين پيا.

اسان کي چڱيءَ ريت پتو آهي ته جنرل مشرف کي قتل ڪرڻ جون ڪيئي ڪوششون ٿيون آهن. پر اِها اُميد ڪجي ٿي ته هاڻي مٿس وڌيڪ ڪو حملو نه ٿيندو ۽ اُهي رڳو ڌمڪيون ئي رهنديون. پاڪستان ۾ جٽادار جمهوريت آڻڻ جي لاچاريءَ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

مشرف حڪومت پاڪستاني سرحدن جي اهڙن ڪيترن علائقن ۾ پنهنجي ذميداريءَ تان هٿ کڻي چُڪي آهي، جن علائقن لاءِ اُها دعويٰ ڪري ٿي، ته اُهي علائقا حڪومت جي ضابطي ۾ اچڻ جهڙا نه آهن. اها ڳالهه اچرج ۾ وجهندڙ نه آهي ته اُساما بن لادن کي اڃا نه جهليو ويو آهي. اهو ويچار ته پاڪستان جي اُهي وسيع علائقا ضابطي ۾ اچڻ جهڙا نه آهن. سو پاڻُ بيوقوفاڻو ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ فوجون موڪليون هيون. هاڻي جنرل مشرف جي حڪومت دهشتگردن کي انهن علائقن ۾ حُڪمرانيءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن جي حڪومت انهن انتهاپسندن سان ’جهٽ‘ بڻيل آهي، جيڪي معصوم عورتن، ٻارن ۽ ماڻهن خلاف سڄي يورپ، آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ جهازن، ريلن ۽ بسن جتي سازش وسيلي حملا ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪا عورت وزيراعظم سندن اهڙي ڳانڍاپي ۾ ڏار وجهي ٿي، ته مٿس ڪمزور ۽ نااهل هئڻ جو الزام هنيو وڃي ٿو، پر هي جنرل اهو عمل ڇُوٽ سان ڪري ٿو. عورتن طرفان وڏيون ٻرانگهون ڀري اڳتي اچڻ باوجود، مرد ۽ عورت اڳواڻن جي ڪردار جي جائزي وارو ٻِٽو معيار اڃا به واضح طور برقرار آهي.

جنرل مُشرف دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي واضح حمايت جو ڏيکاءُ ڪري ٿو، ته جيئن واشنگٽن ۽ لنڊن جو آشيرواد وٺي سگهي. پر هُن جون پاليسيون اولهندي سرمايدار ملڪن جي دُشمنن کي به طاقتور بڻائين ٿيون، ۽ ڏيهه ۾ اَسهپ ۽ پرڏيهه ۾ اولهندي سرمايدار ملڪن ۾ سندن خلاف جنگ جي تبليغ ڪندڙ خطرناڪ سياسي مدرسا، جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مون وزيراعظم طور ورهيه لڳايا، ۽ ڪجهه موقعن تي کين وائکو به ڪيو هو، تن ۾ وري هاڻوڪي پاڪستاني فوجي آمريت تحت واڌ ٿي آهي، ۽ اُهي ڦهلجن پيا.

آئون ڀانئيان ٿي ته، اهي هن دنيا جا ضياءَ ۽ مُشرف آهن، جن پرڏيهين خلاف نفرت ۽ پاڪستانين ۽ اولهندي سرمايدار ملڪن ۾ وڃي رهندڙ پاڪستانين خلاف اَڍنگي سلوڪ واريءَ سوچ کي هوا ڏني آهي. اهو اڪثر چيو وڃي ٿو ته، چونڊن کي پنهنجي قيمت چُڪائڻي پوي ٿي. ٺيڪ آهي، آئون اُن ڳالهه ۾ سُڌارو آڻيندس، ته ’فوجي بغاوتن کي به پنهنجو ڏنڊُ ڀرڻو پوي ٿو.‘ اظهار راءِ جي جمهوريت پسند روپ کي دٻائڻ سميت وڌيڪ انتهاپسند کي هوا ڏيڻ ۽ غلط واهپي ۽ اسلام جي ناقابل حمايت جوڳي تشريح سان بڻيل مُرڪب جا واقعي نه رڳو پاڪستان، پر سڄي دنيا تي اثر ٿيا آهن. تنهنڪري آئون واقعي اچرج ۾ نه آهيان ته دهشتگرديءَ جي سمورين ڪارروائين جو سدائين پاڪستان سان ناتو ڀانئجي ٿو. اسان ڇو اچرج کائون؟ انتهاپسنديءَ کي فوجي حڪمرانن سدائين وڌايو ويجهايو، طاقتور بڻايو ۽ استعمال ڪيو آهي.

 

جيئن ته آئون 2007ع ۾ پاڪستان ۾ غير يقيني مستقبل ۾ موٽڻ لاءِ تيار آهيان، تنهنڪري آئون مڪمل طور اُن جوکم کي سمجهان ٿي، جيڪو نه رڳو پاڻ واسطي ۽ پنهنجي مُلڪَ لاءِ پر دُنيا لاءِ به آهي. آئون ڀانئيان ٿي، ته مونکي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. آئون اهو به ڀانئيان ٿي ته آگسٽ 1983ع ۾ منيلا ۾ بينينواڪيٺو جي قتل جيان، مونکي به هوائي اڏي تي لهڻ مهل قتل ڪري سگهجي ٿو. بهرحال، القائدا مونکي قتل ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي، ته پوءِ هاڻي آئون اهو ڇو سوچيان ته اُهي منهنجي جلاوطنيءَ جي خاتمي بعد، مُلڪ ۾ اچي جمهوري چونڊن وڙهڻ کان روڪڻ لاءِ مونکي قتل ڪرڻ جي ٻيهر ڪوشش نه ڪندا؟ پر آئون اهو ئي ڪجهه ڪريان ٿي جيڪو مونکي ڪرڻو هُجي ٿو، تنهنڪري مون پاڪستان جي عوام سان ڪيل واعدي جي پوراءُ لاءِ واپس موٽي، سندن جمهوري خواهشن پٽاندر ساڻن گڏ بيهڻ جو عزم ڪيو آهي.

آئون پاڪستان جي سڀني ٻارن لاءِ جوکم کڻان ٿي.

اهو ذاتي اقتدار لاءِ نه آهي. اهو عمل مرد ۽ عورت جي سلامتيءَ ۽ عظمت توڙي آزاديءَ ۾ رهڻ جي حق لاءِ، سادي شائستگيءَ ۽ عزت وارو آهي. ۽ هاڻي، هن خطري، انتهاپسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ جي نئين دؤر ۾، اڃا ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت رڳو پاڪستانين لاءِ نه، پر اها سڄيءَ دنيا لاءِ اهم آهي. منهنجي پياري مذهب جي غلط واهپي ۽ بنياد پرستيءَ واري تشريح جي دؤر ۾، اسان کي سدائين اهو ياد رکڻ کپي، ته جمهوري حڪومتون دهشتگرديءَ کي طاقتور نٿيون بڻائين. تحفظ نٿيون ڏين ۽ نه ئي دهشتگردن کي پناهه ڏين ٿيون. فوجي آمريت کان آجو جمهوري پاڪستان ئي عالمي دهشتگرديءَ جو زهريلو ناسُور ۽ وبا هرگز نه بڻبو.

تنهنڪري آئون هاڻي هڪ ٻيءَ چونڊ مُهم جي اڳواڻيءَ لاءِ جلاوطنيءَ مان موٽڻ جي رٿا ٺاهيان ٿي. آئون وينتي ڪريان ٿي ته، جمهوري دنيا اهو مطالبو ڪري ته جنرل مشرف آزاد ۽شفاف چونڊن جو معيار مهيا ڪري، سمورين سياسي شخصيتن ۽ جماعتن کي آزاديءَ سان چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ڏئي، عالمي مُشاهدو ڪندڙن کي چونڊن جو جائزو وٺڻ، ووٽ پوڻ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جي اجازت ڏئي، ۽ وڏيءَ ڳالهه اها ته هُو چونڊن کان پوءِ آيل چونڊ نتيجن جو پابند رهي. آئون ڄاڻان ٿي ته اها ڳالهه تصوراتي، ۽ ڪنهن قدر غير تصوراتي به ڀانئجي ٿي، پر بهرحال انهن گذريل ورهين کانپوءِ، مون اڃا پنهنجو ايمان برقرار رکيو آهي ته وقت، انصاف ۽ تاريخ جون قوتون جمهوريت جي پاسي آهن.

ڪجهه ماڻهو شايد اهو نه سمجهن، ته ڪهڙو جذبو مونکي پنهنجي حياتيءَ کي هن ايڏي وڏي خطرناڪ ۽ غير سُڌريل ۽ مُبهم موڙ تي اڳتي وٺي آيو آهي. انيڪ ماڻهن گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪيئي مُئا آهن، ۽ ڪيئي ماڻهو مونکي پنهنجي آزاديءَ جي رُهيل اُمنگ سمجهن ٿا، ۽ منهنجي لاءِ اهو اهم آهي، ته هاڻي ويڙهه بند ٿي. مونکي ڊاڪٽر مارٽن ليوٿر ڪنگ جا لفظ ياد اچن ٿا: ”اسان جي حياتين جي اُن ڏينهن پُڄاڻيءَ جي ابتدا ٿيڻ لڳي ٿي،جڏهن اسان اُنهن مامرن ۽  ڳالهين تي ماٺ رهون ٿا ۽ چُپ ڪريون، جيڪي واقعي اسان سان لاڳاپيل ۽ اهم هُجن ٿيون.“ الله ۾ مڪمل ويساهه سان آئون پنهنجو مُقدر عوام جي هٿن ۾ ڏيان ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org