سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 19

اخباري گڏجاڻيون. تعزيتي ملاقاتون. پارٽيءَ جون گڏجاڻيون. مونکي پتو ئي نه هو، ته اها طاقت ڪٿان آئي هئي. پر منهنجي واپسيءَ تي عوام جيڪو ردعمل ڏيکاريو هو، تنهن مون ۾ اَٿاهه سگهه آندي هئي. پوءِ به ڪجهه گهڙيون اهڙيون آيون، جنهن تي آئون ڏک ۾ وڪوڙجي وئي هيس. آئون سوچن ۾ ڏسندي هيس، ته ادا شاهه جو جسم ڪينس ۾ غاليچي تي پيو آهي ۽ بابا موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو آهي. منهنجي اَٿاهه آسُ هئي، ته اهي ڪجهه گهڙين لاءِ ئي موٽي اچن ۽ جيڪر پنهنجين تڪليفن خلاف عوام جي اُها پُٺڀرائيءَ ڏسي سگهن. ننڍپڻ ۾ اسان کي سيکاريو ويو هو، ته ملڪ لاءِ وڏي ۾ وڏيءَ قيمت ڏيڻ به گهٽ آهي. پر اسان جي خانداني ذاتي قيمت گهڻي اَٿاهه هئي.

پنهنجو ڏک گهٽائڻ لاءِ مون راولپنڊيءَ جو رستو بدلائڻ لاءِ چيو، ته جيئن مونکي راولپنڊي جيل ڀرسان لنگهڻو نه پوي، جتي بابا وفات ڪئي هئي. پر آئون ٻين جي قربانين ۽ المين کان پڻ پاڻ بچائي ڪونه سگهيس. گجرانوالا ۾ آئون پرويز يعقوب جي قبر تي وئي هيس، جيڪو پهريون شخص هو، جنهن بابا جي موت واريءَ سزا تي احتجاج ڪندي، پاڻ کي ساڙيو هو. راولپنڊيءَ ۾ مون ٽن نؤجوانن مان هڪ جي گهر وڃي، سندس مائٽن سان تعزيت ڪئي، جنهن کي آگسٽ 1984ع ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. ڪيئي زندگيون ضايع ٿيون هيون، ڪيترائي الميا ٿيا هئا. اُهو ڇوڪر گرفتاريءَ مهل سورهن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ هن وفات ڪئي هئي. ”عوام جي هن هُجوم ڏانهن ڏس.“ هُن جي ماءُ مونکي چيو. ”ڪو وقت هو جو ماڻهن کي اسان سان ڳالهائيندي ڊَپُ وٺي ويندو هو.“

اسين سرحد صوبي جي شهر پشاور ڏانهن وياسين. پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر، سرحد تي اسان کي پاڪستان پيپلز پارٽي سرحد جي صدر حوالي ڪيو. هڪ ڀيرو وري اهو رستو ماڻهن سبب بند ٿي ويو هو. تنهنڪري اسان کي پشاور ۾ پهچندي رات ٿي وئي. اتي حڪومت سڀني رستن جون بتيون وسائي ڇڏيون هيون، ته جيئن ڪوبه ماڻهو منهنجي اچڻ جو نظارو نه ڏسي سگهي. پر ماڻهو ٽارچون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بتيون کڻي آيا ۽ سندن روشني ٽرڪ تي مون ڏانهن ڪرڻ لڳا.

منهنجي بچاءُ جي خاص نگران کي تڏهن ڊَپ لڳو هو، جڏهن اسين اُن واپاري شهر جي سوڙهين گهٽين مان آهستي اڳتي وڌندا وياسين، جيڪو خيبر لڪ ۽ افغانستان کان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي. ان وقت پاڪستان ۾ ٽيهه لک افغان پناهگير هئا، جن جي ضياءَ امداد پئي ڪئي ۽ جن مان ڪيترائي پشاور ويجهو رهندا هئا. اسان اهي افواهه ٻڌا هئا، ته حڪومت مونکي افغان مجاهدن هٿان قتل ڪرائڻ گهريو ٿي. جيتوڻيڪ مونکي اُن جي ڪابه سُڌ نه هئي، پر بچاءُ جي خاص نگهبان مون سان گڏ ٽرڪ تي ويٺل عورتن کي، جن ۾ سندس زال به هئي، چيو ته اهي مونکي چڱيءَ طرح گهيرو ڪري بيهن، ته جيئن منهنجو نشانو وٺڻ ڏُکيو ٿئي. اتي اونداهين گهٽين ۾ سموري روشني مون تي هئي، جنهن سبب آئون بلڪل غير محفوظ هيس. پر ڪوبه حملو ڪونه ٿيوهو.

”آئون بهادر پختونن کي سلام ڪريان ٿي، جيئن بابا ڪندو هو.“ مون لاڳيتو تاڙيون وڄائيندڙ ميڙ کي اسٽيڊيم ۾ چيو، جيڪو اسان جي آندل جنريٽرن جي روشنيءَ ۾ ٻُڏل هو. پشاور ۾ مونکي هڪڙي ڏکيائي اها ٿي هئي، جو تقرير جون لکيل خاص ڳالهيون منهنجي هڪ ساٿيءَ کان وڃائجي ويون. پر اهم ڳالهه اها هئي، ته آئون اُن قدامت پسند سماج سان پنهنجي ٻيهر سڃاڻپ ڪرايان، جتي پاڪستان کان ڌار آزاد ملڪ پختونستان ٺاهڻ جو حقيقي خطرو موجود هو. اهو به ضروري هو، ته اُن مرداڻي اثر واري پٺاڻ سماج کي يقين ڪرائجي، ته هڪ عورت سندن سرواڻي ڪري ٿي سگهي.

”ماڻهو سمجهن ٿا ته آئون هِيڻي آهيان، ڇو ته آئون عورت آهيان.“ مون اُن هُجوم کي وڏي آواز ۾ چيو. جنهن ۾ نوانوي سيڪڙو مرد هئا. ”ڇا کين ڄاڻ ڪانهي ته آئو مسلمان عورت آهيان ۽ مسلمان عورتن وٽ هڪ ورثو آهي، جنهن تي اهي جيترو به فخر ڪن گهٽ آهي؟ مون وٽ بيبي خديجا ﷦ جو صبر آهي، جيڪا اسان جي پيغمبر ﷺ جن جي گهر واري هئي. مون وٽ بيبي زينب ﷦ جن جو استقلال آهي، جيڪا امام حسين ﷦ جن جي ڀيڻ هئي. مون وٽ بيبي عائشا ﷦ جي همت آهي، جيڪا اسان جي پياري پيغمبر ﷺ جن جي پياري گهر واري هئي ۽ جنهن اُٺ تي سُوار ٿي مسلمانَ لشڪر جي اڳواڻي ڪئي هئي. آئون شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ ۽ شهيد شاهنواز خان جي ڀيڻ آهيان ۽ آئون اوهان جي ڀيڻ پڻ آهيان. آئون پنهنجن مخالفن کي کليو چوان ٿي، ته اچو ۽ جمهوري چونڊن جي ميدان ۾ منهنجو مقابلو ڪريو.“ تاڙيون هڪ نعري ۾ بدلجي ويون. ”ضياءَ زا.“ مون رڙ ڪري پشتوءَ ۾ چيو ته ”ضياءَ هليو وڃ.“ ”زا! زا!“ عوام موٽ ۾ نعرا هنيا.

ٻئي ڏينهن پشاور جي وڪيلن جي جماعت اڳيان تقرير کان پوءِ اسين پنجاب واپس آياسين ۽ لاهور، اوڪاڙا، پاڪپتن ۽ وهاڙيءَ مان ٿيندا ملتان پهتاسين، جتي مون انهن سَون پورهيتن لاءِ پنهنجيءَ عقيدت ڏيکاري، جن جو اٺ ورهيه اڳ ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ ڪَوس ٿيو هو. پوءِ آئون پنهنجي گهر سنڌ ۽ ڪراچي ويس، جتي منهنجي شهر جي عوام، لاهور کان به وڌيڪ تعداد ۾ گڏ ٿي پاڻ موهيو. اسين ڪوئيٽا وياسين ۽ واپس سنڌ ۾ اچي ٺٽو، بدين، حيدرآباد ۽ پڇاڙيءَ ۾ لاڙڪاڻي جو دؤرو ڪيوسين. رمضان جو مهينو هو. عوام جي هجوم مونکي ڏسي نعرا ٿي هنيا. ”ماروي ملير جي، بينظير بينظير!“

لاڙڪاڻي ۾ ايڏي ته سخت گرمي هئي، جو هوائي اڏي کان اسٽيڊيم تائين مون پنهنجي مٿي ۽ ڪُلهن تي برف جا ننڍڙا ٽُڪرا رکيا هئا. هي اهوئي اسٽيڊيم هو، جتي ڏهه مهينا اڳ منهنجي ڀاءُ شاهه جي جنازي نماز پڙهي وئي هئي. اسان سان ايترا ته گهڻا ماڻهو هئا، جو سج لهڻ کان اڳ اسٽيڊيم ۾ پهچڻ لاءِ رستو بدلائڻو پيو هو. آئون ان ٽهڪائيندڙ گرميءَ ۾ سمورو وقت بيٺي هيس: پهرين پجيرو جيپ جي ڇت واري ڳڙکيءَ مان ۽ پوءِ هڪ ٽرڪ تي. وچ ۾ مون ليمو ۽ لوڻ پئي چوسيو. پيپلز پارٽيءَ لاڙڪاڻي جو صدر جهولي جي سَت سَهي نه سگهيو. ”يا الله منهنجي مدد ڪر.“ مون اهو ڄاڻندي دعا گهري ته مونکي بيهوش ٿيندي ڏسي، اسان جا دشمن خوش ٿيندا. تنهنڪري سڄي عوامي جلسي ۾ آئون پاڻ کي سنڀاليندي رهيس.

اوڻيهن شهرن جي گشت مهل. هر هنڌ منهنجي موت جا افواهه ۽ جلسا ڦِٽائڻ جون ڌمڪيون ٻُڌڻ ۾ آيون. اُهي افواهه تڏهن ويتر وڌي ويا، جڏهن بلوچستان ۾ منهنجن محافطن عوامي ميڙ اڳيان ٽن افغان مجاهدن کي ويٺل ڏٺو، جن وٽ موتمار هٿيار لِڪل هئا. انهن هٿيارن مان ڪو جوکو ڪونه هو. بلوچستان ۾ ڪيترائي ماڻهو هٿيار کنيو گهمندا رهن ٿا. پر ڳالهه اها هئي ته اهي هٿيار لڪل هئا. منهنجن محافظن انهن شڪي افغانين بابت مونکي ڪجهه به نه ٻڌايو، پر منهنجيءَ تقرير وقت اُهي سندن سامهون ٿي بيٺا، ته جيئن گوليون منهنجي بدران کين لڳن.

اُن موقعي لاءِ اتي گول ڦِرندڙ اسٽيج ٺاهي وئي هئي، ته جيئن عوام جي اٿاهه هُجوم مان هر ڪو ماڻهو مونکي ڏسي سگهي، تنهن تي بيٺي مونکي اها ڳڻتي ٿي، ته متان مونکي مٿي ۾ ڦيري نه ٿئي. پر جڏهن مون عوامي ميڙ ڏانهن نهاريو جنهن ۾ گهڻا مسڪين ۽ غريب هئا، ته مونکي پنهنجي ڳڻتي وسري وئي. بلوچستان ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل صوبو هو ۽ آهي: قبائلي سردار هر قسم جي ترقيءَ جي مخالفت ڪن ٿا، ڇو ته ترقيءَ سبب عوام سندن هٿن مان نڪري ويندا. بابا جي وقت تائين بلوچستان ۾ پڪن رستن بدران ڪچا رستا هئا، بجلي ڪانه هئي، تازو پاڻي گهٽ هو ۽ جابلو بُٺ زمين ۾ ٿورو فصل ٿيندو هو. اتي عوام جُڳن کان سخت زندگي گذاريندو پئي آيو.

هڪ ڀيري آئون امان سان گڏ بلوچستان وئي هيس، ته اتي کيس هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهندي ڏسي، ڪيئي عورتون ۽ ٻار سندس چؤڌاري اچي ويٺا هئا. امان جي محافظن کيس اتان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امان کين روڪيو ۽ عورتن کي ويجهي اچڻ جي اجازت ڏني. هنن اچرج وچان امان جي وارُن کي ڇُهيو، جيڪي نرم ۽ اُجرا هئا، جڏهن ته سندن وار چيڙهه پيل ۽ اَڻڀا هئا.هنن کي ته ڦَڻين جي به ڄاڻ نه هئي. بابا جي حڪومت بلوچستاني عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هو، پوءِ به قبائلي سردارن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي هئي.

”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پڪ آهي ته، قوم جي ڀلائيءَ ۽ سُڌارو اُن ۾ آهي ته سندس عوام شاهوڪار هجي.“ مون آهستي ڦِرندڙ اسٽيج تان چيو. ”جيڪڏهن عام ماڻهوءَ کي روزگار جي ضمانت مليل آهي، جيڪڏهن کيس سٺي علاج جي سهوليت آهي ۽ سندس ٻار پڙهي سُکيا ستابا ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ سڄيءَ قوم خوشحال ٿي ويندي. اهو ڪو الله جو قانون ڪونهي، ته عوام مفلسيءَ ۾ زندگي گذاري. گنديون گهٽيون ۽ اونداها گهر قوم جو مقدر ڪونهي. جيڪڏهن اسان ۾ اها سگهه آهي، ته اسين پنهنجي ملڪ جا وسيلا صحيح ڪَتب آڻي حالتن کي بدلائي سگهون، ته پوءِ اسان کي ائين ضرور ڪرڻ گهرجي.“ جلسي ۾ ويٺل ماڻهو پهرين قطار ۾ ويٺل ٽن افغانين سميت اُٿي بيٺا ۽ هنن سڀني تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. منهنجن محافظن سُک جو ساهه کنيو. خطرو ٽري ويو هو.

پر جوکو ڪونه ٽَريو هو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ اهو هينئر شروع ٿيو هو. مونکي ڪراچي ايندي اڃا ٻه هفتا به ڪونه ٿيا، ته 30 مئي تي حيدرآباد ۾ نؤجوانن جي هڪ هاسٽل تي پوليس اوچتو حملو ڪري، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ اسٽوڊنٽس پيپلز فيڊريشن جي صدر ۽ سڄي صوبي لاءِ اسان جي محافظ اڳواڻ فقير اقبال هيسباڻيءَ کي گولي هڻي ماري وڌو. هن جي ساٿي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي رڪن جهانگير پٺاڻ کي پوليس وارن ڪرنگهي ۾ گوليون هڻي سدائين لاءِ نِستو ڪري ڇڏيو.

اقبال هيسباڻيءَ جي موت جي اُها ڄاڻ جڏهن صبح سوير دوست محمد مونکي ننڊ مان جاڳائي ٻڌائي، ته منهنجو رَت بيهي ويو. پوءِ ٻانهن ۾ وڌيڪ ڪاريون پٽيون. مٿن ٿي وڌيڪ ڪارا رومال. وڌيڪ ڪارا رَوا، وڌيڪ ڪارا جهنڊا. هڪ ٻيو ماتمي جلوس اهڙي نؤجوان لاءِ، جنهن تي منهنجو اٿاهه ڀروسو هوندو هو. مون هُن جي ماءُ سان تعزيت ڪئي، جيڪا پنهنجو اڪيلو پٽ وڃائي ويٺي هئي. هن مونکي هڪڙو تعويذ ڏنو، جيڪو هن پنهنجي پُٽ لاءِ لکيو هو، جو اهڙو تعويذ هن حيدرآباد ۾ منهنجي جلسي جي گوڙ ۾ وڃائي ڇڏيو هو. ”هيءُ تون وٺ،“ هن جي ماءُ مونکي چيو. ”هيءُ توکي اقبال طرفان سوکڙي ڏيان ٿي.“ اهو تعويذ اڃا تائين آئون پنهنجي هينڊبئگ ۾ کڻان ٿي. حڪومت هٿان اڃا ٻين ڪيترن چڱن ماڻهن جو انت ايندو؟

اقبال هيسباڻيءَ جي قتل تي سڄي ملڪ ۾ پُرامن مظاهرا ٿيا، پر حڪومت عملي طور مارڪُٽ تي لهي آئي هئي. ڪشمور جي احتجاجي جلسي ۾ ضياءَ جي صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر، ماڻهن جي ميڙ کي ڀڄائڻ لاءِ ڪلاشنڪوف سان گوليون هلايون. اتفاق سان ماڻهو بچي ويا، پر حڪومت طرفان اُهو نئون ۽ ڀوائتو هدايتي اشارو هو: پنهنجين ايراضين تي گولين سان قبضو ڪريو. ماڻهو ماري ۽ زخمي ڪري مٿن چڙهت ڪريو، پر مٿن قبضو ضرور ڪريو.

ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ٻه ٻيا ڪارڪن به مارجي ويا: هڪڙو پاڪستان پيپلز پارٽي ڏوڪريءَ جو صدر ۽ ٻيو هڪ پارٽي ڪارڪن. جنهن کي ٽنڊي محمد خان ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. پهرئين قتل ۾ ضياءَ جي صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر تي شڪ ڏيکاريو ويو هو. جڏهن ته ٻيو قتل پوليس انسپيڪٽر اهڙي موتمار هٿيار سان ڪيو هو، جيڪو پوليس کي مليل ئي نه هو. ”اهو هٿيار مونکي سنڌ ڪابينا جي هڪ وزير ڏنو هو، ته جيئن آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪُتن کي ماريان.“ مقامي ماڻهن جي چوڻ پٽاندر انسپيڪٽر چانهه جي هوٽل تي چيو هو. هاڻي حڪومت ننڍن سياستدانن ۽ ٻين زيردستن کي ان ڪُڌي ڪم لاءِ هٿيار ڏنا پئي.

حڪومت سان اسان جو مقابلو ٿيڻ وارو هو. اسان کي اهو پتو هو ۽ کين به اها ڄاڻ هئي. ملڪي پاليسيءَ بابت ڪي به فيصلا ڪونه پئي ٿيا. حڪومت جو سمورو ڌيان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪارروائين تي هو. جون مهيني ۾ جڏهن حڪومت پنهنجي بجيٽ سامهون آندي، تڏهن اسان اُن جي جواب ۾ عوامي بجيٽ ڏني. جڏهن حڪومت سمجهيو ته رمضان جي مهيني کان پوءِ اسين سنڌ تحريڪ شروع ڪنداسين، تڏهن صوبي ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن اسان هلچل شروع نه ڪئي، ته هنن هنگامي حالت مهمل ڪر يڇڏي. حڪومت کي اهڙيءَ ريت ڊاوانڊول ڏسندي اسان پنهنجيءَ مهم جي ٻئي حصي تي عمل ڪندي، ضياءَ تي زور رکيو، ته سرءُ جي مند ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن.

5 جولاءِ 1986ع. فوجي بغاوت جي نائين سالگرهه. اسان اُن ڏينهن کي ”ڪارو ڏينهن“ ڪوٺيو ۽ چين جي خنجراب لَڪ کان وٺي عربي سمنڊ تائين پاڪستان جي سڀني ضلعن جي مرڪزي شهرن ۾ عام جلسن جي رٿا جوڙي. پوءِ به ڪنهن کي پتو نه هو، ته ساڳيءَ وقت اهڙن مظاهرن ۾ هڪٻئي سان رابطي جوڙڻ لاءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڍانچو ايترو سگهارو هو به يا نه. ”ڪارو ڏينهن“ حقيقت ۾ اهو ڏسڻ لاءِ هڪ مشق هئي، ته اسان جي پارٽيءَ جا مڪاني ۽ علائقائي اڳواڻ ايترو منظم آهن، جو اُهي زبردست احتجاج ڪري سگهن، جنهن سان حڪومت تڪڙو سرءُ جي مند ۾ رٿيل چونڊن ڪرائڻ تي مجبور ٿئي. سرءُ مند وارن مظاهرن جي نتيجن جي خاطريءَ لاءِ اسان کي هڪ لک کان مٿي ”لوڪشاهي ڪبوترن“ جي ڀرتيءَ جي گهُرج هئي، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا همدرد هجن ۽ بک هڙتالون ڪري ۽ ڌرڻا هڻي پنهنجون گرفتاريون راضي خوشي ڏين. انهن مامرن تي اڳواٽ چڱيءَ طرح ويچارڻو هو. جيئن 5 جولاءِ جو ڏينهن ويجهو آيو، ته مون سڄي ملڪ ۾ وڃي انتظامن ۾ مدد ڪئي. ”ڪارو ڏينهن“ زبردست ڪامياب ٿيو. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڏيڍ لک حامي نڪري آيا ۽ لاهور ۾ ٻن لکن کان به مٿي.

14 آگسٽ، پاڪستان جي آزاديءَ واريءَ سالگرهه جي ٻيءَ اهم تاريخ هئي. منهنجي پاڪستان جي دؤري وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي زبردست حمايت جي ساڙ وچان ضياءَ جي جُڙتو وزيراعظم محمد خان جوڻيجي اعلان ڪيو، ته حڪومت جي سرڪاري جماعت مسلم ليگ 14 آگسٽ تي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪندي. جيئن جوڻيجي پنهنجو اهو ارادو ڏيکاريو، ته اسان به اعلان ڪيو ته، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پڻ آزاديءَ واري ڏينهن لاهور ۾ جلسو ڪندي. اسان کي خاطري هئي، ته اسان جو جلسو وڏو هوندو. اهو ڏسي حڪومت اسان جا ماڻهو گهٽائڻ ۽ پنهنجا حامي آڻڻ لاءِ پنجاب جون سڀيئي بسون پنهنجي قبضي ۾ ورتيون. ”اوهين به سرڪاري بسن ۾ چڙهي اچو“ اسان به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي صلاح ڏني. ”اوهين جڏهن لاهور پهچو، ته اسان جي پاسي هليا اچجو.“

انهي جهيڙي ۾ ايم آر ڊيءَ به شامل ٿي وئي. پاڪستان ۾ منهنجي اچڻ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ تحريڪ جي ڪارڪنن سان منهنجيون ڳالهيون ٿيون هيون. سياسي پارٽين جو اهو اتحاد 1981ع ۾ جهاز جي اغوا ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ هڪدم ٺاهيو ويو هو. اُهي به غير رسمي طرح اسان سان سُهمت ٿيا، ته حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويندو.10 آگسٽ تي ايم آر ڊيءَ جا نَو اڳواڻ ٽن ورهين ۾ پهريون ڀيرو 70 ڪلفٽن تي آيا ۽ هنن اُن ٺاهه تي اتفاق ڪيو. هڪڙو اهڙو اڳواڻ پڻ آيو هو، جنهن جي مٿي تي حج لاءِ اڇو ڪپڙو ويڙهيل هو. حڪومت هن کي حج تي وڃڻ جي موڪل نه ڏني هئي ۽ کيس هوائي اڏي تان موٽائي ڇڏيو هو.

ٻئي پاسي ضياءَ پرڏيهه ويل هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پئي ڀَڳو. آزاديءَ ڏينهن ٿيندڙ جلسن ۾ هُن جي جيڪا خواري ٿيڻي هئي، تنهن سبب هُو 7 آگسٽ تي پنهنجي سڄي خاندان سميت سعودي عرب روانو ٿي ويو. هوائي اڏي جي ملازمن مان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ همدرد اسان کي اها راز جي ڳالهه ٻڌائي هئي، ته ضياءَ گهريلو سامان جون ٽي وڏيون پيتيون ۽ سوني پليٽ واري هڪ رولس رائس ڪار، جيڪا کيس ملڪي صدر هجڻ طور عرب ملڪ جي هڪ اڳواڻ ڏني هئي، جهاز ذريعي ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏي هئي.

هڪ ڀيرو وري اهو وقت ڏاڍو نازڪ بڻجي ويو هو. اسان جي ملاقات جي پڇاڙيءَ ۾، ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن ۽ منهنجي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو هو، ته قانون ۾ رهندي گڏيل احتجاجي جلسا ڪڍيا ويندا، ته چونڊون تڪڙيون ڪرايون وڃن. ٻئي ڏينهن ايم آر ڊي اعلان ڪيو ته، آزاديءَ واري ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ ٻيا مخالف گروهه گڏجي، ڪراچي ۽ لاهور ۾ جلسا ڪندا. ڪجهه ڄڻن ضياءَ کان اهو به مطالبو ڪيو ته، 20 ڊسمبر کان پهرين عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي. هن ڀيري جوڻيجو ئي هو، جيڪو ڇِتو ٿي پيو هو.

مونکي 12 آگسٽ تي، ڪيئي صحافين ۽ پارٽيءَ ڪارڪنن سان گڏجاڻيءَ مهل ٻڌايو ويو، ته جوڻيجو اڳواٽ اطلاع کانسواءِ ريڊيي ۽ ٽيليويزن تي تقرير ڪرڻ وارو آهي. اسان هن کي ٽي ويءَ تي ڏٺو. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ۽ مخالف جماعتن وچ ۾ جهيڙي ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري آزاديءَ ڏينهن تي مسلم ليگ جو عام جلسو ڪونه ٿيندو. هن مخالف جماعتن کي پڻ اپيل ڪئي، ته اهي به پنهنجا جلسا رد ڪن. عام جلسن تي پابندي هڻڻ جو ڪوبه سرڪاري حڪمنامو نه نڪتو هو.

پاڻ بچائڻ لاءِ جوڻيجو جي اُن ڪوشش تي مونکي ڪوبه اچرج نه ٿيو، جيتوڻيڪ اسان کي تشدد ڏانهن ڌِڪڻ جي سندس اُن ڪوشش تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي. حڪومت اسان جي جلسن ۽ جلوسن ۾ تشدد کي اڀارڻ جي منظم ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته اسان جو وري پُختو ارادو هو ته سياست ذريعي پرامن تبديلي آندي وڃي. منهنجا رضاڪار محافظ ته پاڻ سان هٿيار به ڪونه کڻندا هئا. پر ضياءَ جي گُڏي وزيراعظم، مارشل لا لهڻ کان پورا اٺ مهينا پوءِ به پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين کي گهٽائڻ لاءِ ڪونه ڪو بهانو ڳولي لڌو هو. حڪومت جي اصلي روپ ڏيکارڻ جي ته هن ۾ همت ئي نه هئي. جوڻيجو تازو آمريڪا مان موٽي آيو هو. جتي صدر ريگن پاڪستان جي واکاڻ ڪندي چيو هو ته اهو ملڪ ”وڏيون ٻرانگهون ڀري جمهوريت ڏانهن پيو وڌي.“ جوڻيجو پاڻ به ’ٽائيم‘ مخزن ۾ ٻٽاڪ هڻندي چيو هو ته، پاڪستان مان مارشل لا هٽائي ۽ اتي جمهوريت آڻي هن ڪيترائي معاملا نبيري ڇڏيا هئا. ”اسان ته اڳواٽ اهي ڪري ڇڏيا،“ هن دعويٰ ڪئي. ”ڀلا هاڻي چونڊن لاءِ ڪهڙو مسئلو رهيل آهي؟“

”اِها اسان جي وڏيءَ سوڀ آهي،“ جوڻيجي جي تقرير ٻُڌڻ لاءِ منهنجي آفيس ۾ جيڪي پارٽيءَ ڪارڪن ويٺا هئا، تن کي مون چيو. ”جوڻيجو پاڻ کي جمهوري وزيراعظم سڏائي ٿو. پر سندس حمايت ڪٿي آهي؟ هن پنهنجو جلسو پاڻ رد ڪيو آهي، ڇو ته هُن کي پڪ آهي ته پاڪستان پيپلز پاٽيءَ کيس اُگهاڙو ڪندي. حڪومت ميدان مان ڀڄندي پئي وڃي.“

”هاڻ اسان کي 14 آگسٽ جو جلسو ڪرڻو ڪونهي.“ هڪ ماڻهو چيو.

”اسان اڳ ۾ ئي سوڀُ ماڻي آهي.“

”نه، نه. اسان کي ماٺڙي ڪري ويهڻ نه گهرجي.“ ٻئي ڳالهايو.“ عام جلسو ڇو نه 15 تاريخ ٿي ڪريون.“

”15 تاريخ تي هندستان جي آزاديءَ جو ڏينهن آهي.“

”ته پوءِ 16 تاريخ.“

”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آئون سڀاڻي فيصل آباد پئي وڃان.“ مون هنن کي ٻڌايو. ”اسين پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.“

اُن غير رسمي گڏجاڻيءَ مان آئون سِڌو ايم آر ڊيءَ جي سڏايل ضروري گڏجاڻيءَ ۾ ويس. اتي ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن جا ويچار ئي مختلف هئا. اهي سڀيئي مون تي سخت ناراض هئا، جو مون اها تجويز ڏني هئي، ته جلسن جي ٻيءَ تاريخ لاءِ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان صلاح ڪنديس. ”توکي سياست جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.“ هنن مونکي چيو. ”آزاديءَ ڏينهن تي اسان کي ضرور جلسو ڪرڻ گهرجي. هيءُ ته وقت آهي. اسين واپس ڪونه ٿا وڃي سگهون.“

مون احتجاج ڪيو. مونکي پتو هو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ميدان ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هئي. تازو ”ڪاري ڏينهن“ تي اسان زبردست عوامي جلسا ڪيا هئا. ۽ هاڻي نه وقت هو ۽ نه ئي اهڙي تنظيم، جيڪا عوام کي اُن موقعي لاءِ تڪڙو سنبرائي سگهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي حڪمت عمليءَ پٽاندر حڪومت کي سِڌو ناراض ڪرڻو نه هو، پر هڪ عرصي اندر سياسي جلسن جي رفتار وڌائي حڪومت کي گهُٽڻو هو. هڙتالون ۽ ڌرڻا هڻڻ سبب حڪومت نِستي ٿيندي. واپار وڙي کي ڌڪ لڳندو، اقتصادي حالت تي اثر پوندو، ملڪ جي سموري زندگيءَ تي اثر پوندو، جنهن سبب حڪومت خلاف عوام ۾ سخت ڪاوڙ ٿيندي. پر هينئر حڪومت سان مقابلي سبب جوابي حملي جو خطرو ٿيندو، پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ حمايتين کي گرفتار ڪيو ويندو، تنهنڪري سڄو زور ٽُٽي پوندو.

”اسان کي پوئتي هٽڻ نه گهرجي.“ ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن چيو.

آئون ڏَچي ۾ ڦاسي پيس. هاڻي ايم آر ڊيءَ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اتحاد ٽٽي پوندو يا وري مونکي ماٺ ميٺ ۾ راضي ٿيڻو پوندو. سڀني جي راءِ اها هئي، ته اسان کي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي. نَون مان اڪيلو منهنجو ووٽ انڪار ۾ هو.

”ٺيڪ آهي، اسين شامل ٿينداسين.“ مون لاچاريءَ مان چيو. ”پر الله جي واسطي اڄ رات اُن جو اعلان نه ڪندا. ۽ سڀاڻي تائين اوسيئڙو ڪيو وڃي.“ مونکي وقت گهربو هو، کڻي اهو ٻه ٽي ڪلاڪ ئي هجي، ته جيئن آئون پارٽيءَ اڳواڻن کي ٻُڌائي سگهان، ته لِڪي وڃو. جيڪڏهن اسين سڀيئي گرفتار ٿينداسين، ته پوءِ سرءُ جي مند واريءَ رٿا تي ڪيئن عمل ٿيندو. پوءِ به ايم آر ڊي اعلان ڪري ڇڏيو.

 

13 آگسٽ 1986ع:

اڳ ۾ ڪيل فيصلي پٽاندر آئون فيصل آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هوائي اڏي ڏانهن وڃان ٿي. دروازي تي مونکي پوليس ملي ٿي. ”اسان کي تنهنجي پنجاب نيڪالي جا حڪم مليا آهن، پر جيڪڏهن تون اوڏانهن وڃڻ گهرين ٿي ته ڀلي وڃ.“ اهي مونکي چون ٿا. هاڻي هنن هڪ نئين کيڏ تي عمل ڪيو آهي. آئون ڀانئيان ٿي ، ته اُهي مونکي ڪاوڙائڻ گهُرن ٿا، ته جيئن آئون انهن حڪمن هوندي به وڃان ۽ حڪومت کي اهو چوڻ جو وجهه ملي ته، انهن اُن هنگامي کي ٻُنجي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اهو هنگامو ڪيو هو. هنن جي اُن کيڏ ۾ شريڪ ٿيڻ کان مون انڪار ڪيو. پر هوائي اڏي تي آئون تڪڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن ميمبرن سان مشورو ڪريان ٿي، جيڪي مون سان گڏ آهن. مونکي پڪ هئي، ته پنهنجن ساٿين کي اُهي آخري هدايتون ڏيڻ لاءِ، ته منهنجي گرفتاريءَ سبب اُهي ملڪ جي ڌار ڌار حصن ۾ پارٽيءَ جي سرگرم ڪارڪنن سان رابطو ڪن، ۽ جڏهن آئون 70 ڪلفٽن واپس وڃان، ته اتي پوليس منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺي هُجي.

جڏهن آئون 70 ڪلفٽن واپس موٽي اچان ٿي، ته اتان پوليس الوپ ٿي چُڪي آهي. اها نرالي خاصيت آهي. پر هندستاني ريڊيو غلطيءَ وچان منهنجي گرفتاريءَ جي ڄاڻ هلائي ٿو، جنهنڪري ٽيليفون اچڻ شروع ٿين ٿا. لياريءَ ۾ منهنجي گرفتاري خلاف احتجاجي جهيڙا پيا ٿين. منهنجي آڌرڀاءُ لاءِ فيصل آباد هوائي اڏي تي جيڪي ماڻهو آيا هئا، تن تي پوليس لٺيون پئي وسائي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا پئي اڇلائي. ته اهو آهي حڪومت جو ”وڏيون ٻرانگهون ڀري جمهوريت ڏانهن وڌڻ.“

آئون پوليس جو اوسيئڙو پئي ڪريان. پر ڪوبه ڪونه ٿو اچي. انهيءَ وچ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ ايم آر ڊيءَ جو هر هڪ اڳواڻ گرفتار پيو ٿئي. پهريون ڀيرو اهي سڀيئي جيل ۾ يا نظربند آهن ۽ آئون ٻاهر آهيان. حڪومت مونکي ڇُهڻ کانسواءِ پارٽيءَ کي نِپوڙڻ چاهي ٿي. ۽ اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ۽ خاص ڪري آمريڪا ۾ بدنام ٿيڻ کان بچڻ گهري ٿي، جتي سرءُ مند ۾ يڪي امداد تي ووٽ ورتا ويندا. آئون پاڻ ان پنجاب نيڪاليءَ کي هڪڙو وجهه سمجهان ٿي، ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنهنجي رٿا پٽاندر حڪومت سان وقتائتو مقابلو ڪري سگهي. 70 ڪلفٽن تي صحافي اچي مڙن ٿا: ٽائيم مخزن جو راس منرو، بي بي سي ٽيليويزن جو هڪ ڪئميرامين، لائيف مخزن جو ايني فيڊيمن، جيڪا ريدڪلف کان منهنجي پراڻي ساهيڙي آهي ۽ فوٽوگرافر ميري ايلن مارڪ سان گڏ ڪراچي ۾ آئي آهي، ته جئين پاڪسان ۾ منهنجي واپسيءَ تي ڪو مضمون لکي سگهي. جنگ ۽ ڊان اخبارن جا تجربيڪار صحافي محمود شام ۽ حضور شاهه ٽپهريءَ کان اڳ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ ايم آر ڊيءَ جا اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ ۽ ڪارڪن نظربند ٿي ويا آهن. پر آئون آزاد آهيان.

هڪڙو صحافي ڪراچي پريس ڪلب مان اچي ٿو. هن ٻُڌو آهي ته ايم آر ڊيءَ جو جلسو ڪراچيءَ ۾ سڀاڻي ٿيڻو آهي ۽ آئون ان ۾ شريڪ ٿينديس. آئون حيران ٿيان ٿي. مون ڪنهن به اُن رٿا جي تبديليءَ بابت ڪو مشورو نه ڪيو آهي. پر اها ڄاڻ پکڙجي وڃي ٿي. اُن رات بي بي سي پنهنجي پروگرام ۾ ٽي ڀيرا اها خبر ٻڌائي ٿي، ته آئون 14 آگسٽ تي ايم آر ڊيءَ جي جلسي ۾وينديس. آئون حڪومت کي يا ايم آر ڊيءَ کي چيڙائڻ نٿي گهران. پر آئون ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن هاڻي آئون اتي نٿي وڃان ته مخالف چوندا، ته آئو مايوس ٿي وئي آهيان.

آئون پارٽيءَ جي هيٺئين سطح جي ڪجهه ماڻهن ڏانهن نياپو ڪريان ٿي، ته اُهي انهن ماڻهن سان ملن، جيڪي پوليس جي نظرن کان بچي ويا آهن، ۽ کين صبح جو 70 ڪلفٽن اچڻ لاءِ چون، ته جيئن اسين سڀيئي گڏجي جلسي ۾ وڃون.

 

14 آگسٽ 1986ع. پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن.

”جيئي ڀٽو! جيئي ڀيڻ بينظير!“ آئون صبح جو جڏهن ننڊ مان سُجاڳ ٿيان ٿي، ته 70 ڪلفٽن ٻاهران اُهي نعرا ٻُڌان ٿي. گهر اڳيان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا هزارين حامي اچي مِڙيا ٿيا آهن، جن کي پتو پيو آهي، ته آئون پارٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۽ بي بي سيءَ جي ٽوليءَ سان گڏ ايم آر ڊيءَ جي جلوس ۾ شريڪ ٿينديس. ايتري ۾ هڪ نياپو ملي ٿو، جنهن مان پتو پوي ٿو ته آئون اڃا تائين ڇو گرفتار نه ٿي آهيان. حڪومت ڪنهن به فيصلي جي اهليت نه ساريندي، گذريل رات ايم آر ڊيءَ جي اعلان کان پوءِ، سعودي عرب ۾ ضياءَ کي ٽيليڪس موڪلي، منهنجي لاءِ پڇيو هو. هن جو جواب پاڪستاني وقت مطابق صبح جو نائين وڳي کان اڳ ڪونه پهتو هو. ”هن کي گرفتار ڪريو.“ ضياءَ واپس ٽيليڪس ۾ چيو. پر اوستائين پوليس کي همت ئي نه ٿي. ”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي حمايتي 70 ڪلفٽن ٻاهران بيٺا هئا، سي مونکي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏين ها.“ پوءِ پوليس جي هڪ ماڻهوءَ مونکي ٻُڌايو هو. پوليس عوامي هجوم تي گوليون هلائڻ ۽ 70 ڪلفٽن چؤڌاري امڪاني ڦَڏي کان لهرائي ٿي. ڪلفٽن جي ايراضيءَ ۾ ڪيترن ئي سفيرن جا گهر پڻ آهن ۽ پوليس جي مرضي ڪانهي، ته هجوم مڇرجي سفارتخانا ساڙي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍن.“

پوليس منهنجي ٺڪاڻي بابت به ڏاڍي مُنجهيل آهي. منهنجي ساهيڙي پشي رات جو 70 ڪلفٽن ۾ رهيل هئي. هوءَ صبح سوير ڪار ۾ چڙهي اتان هلي وئي هئي ۽ جاسوس ڪوبه فصلو نه ڪري سگهيا ته اها آئون گهر ۾ هيس يا نه. هڪ ڌُڪو اهو به هو، ته سفر تي بندش هوندي به آئون فيصل آباد کسڪي وئي آهيان. پوءِ به کين تُرت ڄاڻ پئجي وڃي ٿي.

”اوهان ڪيڏيءَ مهل وينديون؟“ ايم آر ڊيءَ جو هڪ اڳواڻ فون ڪري پڇي ٿو. ”اسين هتان ٻين بجي روانا ٿينداسين.“ آئون کيس ٻڌايان ٿي. ان کان ٿورو پوءِ مونکي ڄاڻ ملي ٿي، ته پوليس منهنجي گرفتاريءَ لاءِ ٻين بجي ايندي، جيتوڻيڪ هنن وٽ ڪوبه سبب ڪونهي. هوم سيڪريٽري جلوس تي پابندي وجهڻ جو ڪوبه اعلان نه ڪيو آهي.

اسين هڪ وڳي وڃڻ جو فيصلو ڪيون ٿا ۽ صحافي گڏ ٿين ٿا. مونکي اهو ياد ڪندي ڏک ٿئي ٿو، ته هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ آئون ورلي لائيف مخزن ۾ هڪڙو ڪالم پڙهندي هيس، جنهن جو عنوان هوندو هو: ”زندگي فلمن ڏانهن وڃي ٿي.“ هاڻي زندگي پاڪستاني پوليس سان مقابلي لاءِ وڃي ٿي ۽ پڪ گرفتار ٿيندي. مونکي ايني فيڊيمين جي ڳڻتي آهي. نئين دهلي لاءِ ٽائيم جو بيورو چيف راس منرو ننڍي کنڊ جي سياست جو ڄاڻُو آهي. ڪنهن کي به پتو ڪانهي ته اسين جڏهن 70 ڪلفٽن مان ٻاهر نڪرنداسين ته ڇا ٿيندو.

”قل هو الله احد“- چئو ته هو هڪ الله آهي. آئون گهر جي دروازي وٽ قرآن شريف جي آيت پڙهان ٿي. ايني فيڊيمين، راس منرو، بي بي سي ٽيليويزن جي ڪئميرامين، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪجهه اڳواڻ ۽ منهنجي ساهيڙي پِشي هڪ پجيرو جيپ ۾ چڙهن ٿا. آئون پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهان ٿي، جنهن تي سياسي نعرن جون پَٽيون، لائوڊ اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا لڳل آهن. سميعا، ڪجهه سياسي ڪارڪن ۽ فوٽوگرافر ميري ايلن مارڪ مون سان گڏ آهن. جيئن دروازا کلن ٿا ته، آئون گاڏيءَ جي ڇت واري دريءَ ۾ اُٿي بيهان ٿي. ”مارين گي، ماري جائين گي، بينظير ڪو واپس لائين گي،“ عوام جو هُجوم نعرا هڻندو، پجيرو جي چؤڌاري ڦِري وڃي ٿو. منهنجو بچاءُ دستو پنجن هزارن تائين پهچي ٿو.

هُوش. جڏهن اسين مڊايسٽ اسپتال ڀرسان پهچون ٿا، ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن جو پهريون حملو ڪري ٿي. ان ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٽي هزار گولا هنيا وڃن ٿا. جن مان ٽي سؤ رڳو ڪلفٽن جي رستي تي اڇلايا ويا آهن. ٻيو حملو اُن چؤنڪ وٽ ٿئي ٿو، جتي گهر ۾ ئي منهنجي گرفتاريءَ لاءِ ايندڙ پوليس عوامي هجوم ۾ ڦاسي پوي ٿي. پوليس پجيرو تائين پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندي، ماڻهن کي ڌَڪ هڻي ٿي ۽ گئس جا گولا اڇلائي ٿي. پجيرو ۾ مونکي ڪير ڇِڪي هيٺ ڪري ٿو ۽ ڇت جي دريءَ بند ڪري ٿو. اسان جو ساهه ٻُوساٽجي ٿو ۽ اسين کنگهڻ لڳون ٿا. اسين ليمون ۽ لوڻ ڦَڪيون ٿا ۽ پنهنجا مُنهن انهن آلن ٽوالن سان ڍڪيون ٿا، جيڪي اسان پاڻ سان گڏ آندا آهن. مونکي ٻيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺل صحافين ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي ڳڻتي وڪوڙي وڃي ٿي.

 

ايني فيڊيمين:

ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي دُونهين جا ڪَڪر ايڏا گهاٽا هئا، جو اسان کي درين مان ٻاهر نڪري نهارڻ سان به ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿي آيو. اسان جي پجيرو گئس سان ڀرجي وئي هئي ۽ اسان اُن جي ڇت واري دريءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دريءَ جو طاق اڌ ۾ ڦاسي پيو. هُجوم پجيرو مٿان چڙهي ويو هو ۽ جڏهن دريءَ مان ڪيترائي هٿ اندر بينظير ويجهو ويٺل ڪنهن کي به ڇُهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، تڏهن صورتحال ويتر بگڙي وئي. نيٺ اسان هڻي ڌُڻي دري بند ڪئي. هاڻي اسين اندر ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۾ وڪوڙجي وياسين. ٻئي ڏينهن اسان کي پتو پيو ته گئس جا اُهي گولا آمريڪا جي اسمٿ ۽ ويسن ڪمپنيءَ جا ٺاهيل هئا.

راس کي انهن گولن جي اڳي تجربو هو، تنهنڪري کيس سندن اثر کان بچڻ جي ڄاڻ هئي. اسان ٻُڪن ۾ پاڻي کڻي اکين کي هنيو ۽ رومال پُسائي هڪ ٻئي جون اکيون اگهيون. پر پوءِ به حالت ڏاڍي خراب هئي. پِشيءَ کي اڳيئي سَهڪو ٿيندو هو، پر اتفاق سان جيئن گئس جا گولا هلڻ شروع ٿيا، ته هوءَ پجيرو مان لهي، ڪنهن طرح اتان نڪري گهر هلي وئي. پر ٻيا سڀيئي ڪيئي هفتن تائين تڪليف ۾ هئا. آئون جڏهن گهر پهتيس، ته مونکي ڇاتيءَ ۾ گهُٽ ٿي، جيڪا ڊاڪٽر موجب ساهه ۾ گهڻي گئس ڇڪڻ سبب ٿي هئي. پر آئون سڀاڳي هيس. مون ٻڌو ته بشير رياض ڪيئي مهينن تائين بيمار هو.

 

ماڻهن. پوليس ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي اُن ڏَچي ۾ ٻن پجيرو گاڏين جا ڊرائيور، پوليس کي مُنجهائڻ لاءِ چؤنڪ وٽان ٻن ڌار ڌار رستن ڏانهن وڃڻ شروع ڪن ٿا. ٻئي گاڏيون ڌار ڌار پُٺين رستن تان ايم آر ڊيءَ جي جلسي ۾ پهچڻ لاءِ لياريءَ ڏانهن وڃن ٿيون، جيڪو ڪراچيءَ جو غريب پُٺتي پيل علائقو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه آهي. پر جيئن پوليس جي نگاهه اسان جي لارين، ٽرڪن ۽ ڪارن واري وڏي جلوس تي پوي ٿي، ته اهي ريڊيي ذريعي اڳتي ٻُڌائين ٿا. تنهنڪري اسان جو رستو روڪيو وڃي ٿو. هڪ هنڌ اسين ٻي پجيرو گاڏيءَ سان ملون ٿا ۽ محمد علي جناح جي مقبري ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪريون ٿا. اسان کي اوڏانهن به وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. پوليس سان اسان جي تيز لِڪ لڪوٽي ٿئي ٿي. اسين واپس لياريءَ ڏانهن وڃون ٿا، ته اوچتو گاڏيءَ جو هڪ ٽائر ڦاٽي پوي ٿو. جيڪ وسيلي گاڏيءَ کي مٿي کڻڻ لاءِ وقت ڪونهي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو گڏجي پجيرو جو اهو پاسو مٿي کڻن ٿا ۽ اهو ڦيٿو ڪڍي نئون ڦيٿو هڻن ٿا. پوليس جيئن اسان جي ڀرسان اچي ٿي، ته اسين اتان روانا ٿي وڃون ٿا.

 

راس منرو:

موٽرڪارن جو جلوس جڏهن لياريءَ جي وڏي عوامي چؤنڪ چاڪيواڙي چؤنڪ وٽ پهتو، ته اٽڪل ڏهن هزارن ماڻهن ۾ جلوس جي لهر ڊوڙي وئي. گهٽ ۾ گهٽ بينظير کي علامتي سوڀ ٿي هئي، جو هوءَ ان جاءِ تي پهچي وئي هئي. ۽ هن ٿورن منٽن لاءِ عوام کي خطاب ڪيو هو. ”اوهين سڀيئي منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون آهيو.“ هن گاڏيءَ مان لائوڊ اسپيڪر تي وڏي آواز ۾ چيو. ”ضياءَ کي وڃڻ گهرجي. آزاديءَ جي اڄوڪي ڏينهن تي کِل جهڙي ڳالهه اها آهي، ته پاڪستان جي عوام کي ايتري به سياسي آزادي مليل ناهي، جنهن جي اهي آزاديءَ سان پڌرائي ڪري سگهن.“ هن جي انهن لفظن چوڻ وقت رُڳو ٻه سئو وال پري هڪ سڙندڙ بس مان دونهون مٿي آڪاشُ ڏانهن پئي ويو.

 

ايني فيڊيمين:

مونکي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان جهيڙي جو هڪڙو واقعو به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. سمورو ڦَڏو ته پوليس پئي ڪيو، جنهن ماڻهن مٿان لٺيون وسائي، کين ڇڙوڇڙ پئي ڪيو. جوان ڇوڪرن پنهنجيون ٻانهون مٿي کڻي، پاڻ کي لٺين جي ڌَڪن کان بچائڻ جي ڪوشس پئي ڪئي. هنن جڏهن بينظير جي پجيرو کي ڏٺو، تڏهن رتوڇاڻ ٿيل پنهنجيون ٻانهون گاڏيءَ جي درين سامهون ڏيڻ جون ڪوشسون ڪيون، ته جيئن بينظير کي ڏيکاري سگهن ته اهي هن لاءِ هر قرباني ڏيڻ خاطر تيار هئا. مون اوچتو بي بي سيءَ عيوضي اقبال جعفريءَ کي ڏٺو، جيڪو هُجوم سان گڏ پئي ڊوڙيو. گهڻي ڏاڍائي پئي ٿئي. هن مونکي ڏسي رڙ ڪندي چيو. مون هينئر پوليس کي ڏهن ورهين جي هڪ ٻار تي لٺيون وسائيندي ڏٺو آهي، جنهن کي پيپلز پارٽيءَ جي نشانن جون پَٽيون لڳل هيون. پوليس لياريءَ ۾ جڏهن بينظير کي ڏٺو، ته اوڏانهن ڌوڪي پئي ۽ گئس جا وڌيڪ گولا اُڇلائڻ لڳا.

 

ڊڪَ! ڊَڪ! آئون ڪنهن جي دانهن ٻُڌان ٿي. ڪو مونکي پجيرو ۾ هيٺ ڇِڪي ٿو. ڇو ته بلڪل اوڏيءَ مهل گئس جو گولو منهنجي مٿي ڀرسان تيزيءَ سان لنگهي ٿو. لڳي ٿو ته قذافي اسٽيڊيم ۾ امان ۽ مون تي جيڪو حملو ٿيو هو، هيءُ به اهڙو ئي حملو آهي. پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا هٿيار طور واپرائي پئي. پوليس سان ڀريل گهڻي ۾ گهڻيون گاڏيون پيون پهچن. ”اسين پارٽيءَ اڳواڻ کي ڪنهن گهٽيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ جي اجازت ڪونه ڏينداسين.“ پيپلز پارٽيءَ جو هڪ ڪارڪن رڙ ڪري چوي ٿو. هر طرف رڙيون ٿين ٿيون. پوليس کي روڪيو. پوليس کي روڪيو.

رستا بند ڪيا وڃن ٿا. ٽائرن ۽ ڪِن ڪِچري جي ڍِڳين کي باهه ڏني وڃي ٿي. اسين وري لياريءَ جي پُٺين گهٽين ڏانهن تيزيءَ سان نڪرون ٿا. گئس جي اثر سبب اسان جون اکيون ۽ نڙيون پيون سڙن. اسان پويان ايندڙ پوليس جي گاڏين تي ماڻهو پٿر ۽ سِرون اڇلائين ٿا. ”هن طرف! هيڏانهن!“ ماڻهو رڙيون ڪري اسان کي گهٽين ۾ ڦاسجڻ کان بچائين ٿا. جڏهن اسين ٿوريءَ دير لاءِ پوليس کان لڪي وڃون ٿا، تڏهن اسين هڪ ٽئڪسيءَ کي روڪيون ٿا. ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ ڪِن ڪچري جو دونهون چَؤڏس آهي. ماڻهو رڙيون پيا ڪن. پوليس گاڏين جا سائرن پيا وڄن. منهنجي پجيرو ڪار هڪ ڀيرو وري اڳتي وڌي ٿي. پوليس جو ڌيان پاڻ ڏينهن ڇڪائڻ لاءِ سميعا منهنجو رَئو پاڻُ مٿي تي پائي اڳيئنءَ سيٽ تي ويٺي آهي. اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور تي ايڏو ته ڀَؤ ڇانئجي وڃي ٿو، جو گاڏي هلائڻ وقت اُن جو دروازو بند ڪرڻ به کانئس وسري وڃي ٿو. ”تڪڙ ڇو ٿو ڪرين؟“ آئون هن کان پڇان ٿي.

هُو سوڙهين گهٽين مان ٽئڪسي ڏاڍي تيزيءَ سان هلائي ٿو. پر هو اسان پٺيان ايندڙ پوليس جي اڪيلي موٽر سائيڪل کان اڳتي نڪري نٿو سگهي. آئون هڪدم ڪار ۾ ويٺل پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان مشورو ڪريان ٿي، ته اسان کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ گهرجي، پر ڪٿي؟ مختلف هنڌن لاءِ تجويز ڏني وڃي ٿي. نيٺ آئون زور رکان ٿي ته اها ڪلفٽن تي ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ آئون پاڻ پوليس جي حوالي ٿينديس، پر صحافين کي پنهنجي ئي گهر ۾ خطاب ڪرڻ گهران ٿي. ۽ جيڪڏهن مونکي گرفتار ٿيڻو آهي، ته گهر مان ئي گرفتار ٿينديس. پر اڃا تائين موٽر سائيڪل اسان پويان لڳل آهي. اسان کي ان کان پاڻ بچائڻو آهي. ”ساڄي پاسي هل.“ ميٽروپول هوٽل ڏانهن ويندڙ رستي سان ملندڙ هڪ گهٽيءَ ۾ آئون اوچتو ڊرائيور کي چوان ٿي. هو ڪار کي چرڙاٽ ڪرائيندي اوڏانهن موڙي ٿو ۽ هوٽل جي چؤڌاري ڦِري ٻئي رستي ڏانهن وڃي ٿو. اسين موٽڙسائيڪل کان گُسائي وڃون ٿا.

اسان کي ڪلفٽن ويجهو پهچندي هر پاسي رنڊڪون ۽ پوليس ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڊرائيور هيسجي ڪار کي پٺتي موڙي ٿو. ”گاڏيءَ کي آرام سان اڳتي هلاءِ ۽ هڪڙي رفتار ۾ هل.“ آئون هن کي چوان ٿي. ”پوليس وارا هيڊي ٽوياٽا جي ڳولا ۾ ڪونهن.“ اسين جنهن وقت پوليس وارن جي قطارن جي وچ مان لنگهياسين، ته غريب ڊرائيور ڏڪيو پئي. منهنجي مٿي تي سميعا جو رَئو پيل آهي ۽ پوليس وارا مونکي ڪونه ٿا سڃاڻين. اسين ٿوريءَ دير لاءِ هڪ پارٽيءَ ڪارڪن جي گهر مُنهن ڌوئڻ لاءِ لهون ٿا.

”ڀاڙو ڪيترو ٿيو؟“ آئون پنهنجو ٻَٽون ڪڍي ڊرائيور کان پڇان ٿي. ”آئون ٽئڪسي ڊرائيور نه آهيان. هيءَ منهنجي پنهنجي ڪار آهي.“ هو اڃا تائين ڏڪندي جواب ڏئي ٿو. ”تون ٽئڪسي ڊرائيور نه آهين؟“ آئون اَويساهيءَ وچان کانئس پڇان ٿي ۽ سوچيان ٿي ته مون ڪيئن نه هن کي حُڪم ڏنا هئا: ”نه، آئون ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حامي آهيان.“ هو جواب ۾ چوي ٿو. هو ڪنهن به رقم وٺڻ کان انڪار ڪندي هليو وڃي ٿو.

 

جڏهن اسين 70 ڪلفٽن تي پهچون ٿا، ته صحافي اڳواٽ ئي اتي ويٺا آهن. پريس ڪانفرنس هلندي مونکي ڄاڻ ملي ٿي، ته پوليس اچي وئي آهي. ”هنن کي اندر اچڻ ڏيو.“ آئون چوان ٿي. پرڏيهي صحافين اڳيان پوليس جون ٽي عورتون ڏڪنديون اندر اچن ٿيون ۽ مونکي غير قانوني جلسي جي ڏوهه هيٺ ٽيهن ڏينهن جي نظربنديءَ جو حڪمنامو ڏين ٿيون. آئون پنهنجا ڪپڙا ۽ ڏندڻ کڻان ٿي ۽ پوليس وارا مونکي پنهنجين گاڏين جي وڏي قافلي ۾ ٿاڻي ڏانهن وٺي هلن ٿا. اسان پٺيان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون ايتريون ئي گاڏيون پيون اچن.

ٿاڻي تي مونکي ڄاڻ ملي ٿي، ته لاهور ۾ آزاديءَ ڏينهن واري جلوس ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي گهائجي پيا آهن. هڪ ڀيرو وري حڪومت پنهنجا ڇاڙتا موڪلي اها رتوڇاڻ ڪرائي آهي. پارليامينٽ جي هاڻوڪن ميمبرن، ماڻهن جي هجوم تي ڪلاشنڪوف سان گوليون هلائي کين ماريو ۽ زخمي ڪيو آهي. پارليامينٽ ميمبرن تي ڪڏهن به الزام ڪونه آيا ۽ نه انهن پوليس وارن تي. جيئن پوءِ لاهور ۾ ڊان اخبار جي صحافيءَ مونکي ٻڌايو هو، ته پوليس وارا اسپتال جي ايمرجنسيءَ وارڊ ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ انهن زخمين کي مار ڏيڻ لڳا، جن جا هٿ هنڌن سان ۽ اسٽريچرن سان ٻَڌل هئا. هڪڙي مسجد ۾ مولويءَ ماڻهن جون گئس لڳل اکيون ڌوئاريون، ته هن کي به ڪونه ڇڏيو ويو. پوليس وارا مسجد ۾ گهڙي ويا ۽ کيس مارڻ لڳا.

سنڌ ۾ پڻ گهڻو ڪَوس ٿيو آهي: سورهن ماڻهو مُئا آهن ۽ سوين زخمي ٿيا آهن. پوليس جا حملا نه رڳو لياريءَ جي پرامن مظاهرن تي ٿيا آهن، پر سڄي صوبي جي ننڍن شهرن ۾ ماڻهن تي به. سرحد ۾ به ضياءَ جي سپاهين مظاهرا ڪندڙن ماڻهن تي حملا ڪيا آهن ۽ اهي سڀيئي حملا پاڪستان جي آزاديءَ جي سالگرهه تي پرامن جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ سبب ڪيا ويا آهن.

 

مونکي ڪراچيءَ کان ٻاهر ٻارن جي جيل، لانڍي بورسٽل جيل ۾ موڪليو ويو هو. پوليس ايترن ته سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو، جو ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ڪا جاءِ خالي نه هئي. منهنجي گرفتاريءَ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيو، جنهن سبب صورتحال 1983ع ۾ آيم آر ڊي هلچل کان به وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي. سنڌ ۾ پوليس ٿاڻن ۽ سرڪاري آفيسن توڙي ريلوي اسٽيشنن کي پڻ ساڙيو ويو. لياريءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين سڄو هفتو پوليس جي گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو مقبالو ڪيو. احتجاج ڪندڙ عوام کي سختيءَ سان چيڀاٽڻ لاءِ پوليس سان فوج به شامل ٿي وئي ۽ ٽيهن کان به وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ان فساد جون جيڪي فلمون ميري ايلن مارڪ ٺاهيون هيون، تن کي ضبط ڪيو ويو.

حڪومت سياسي آزاديءَ کي جنهن بيدرديءَ سان چيڀاٽيو هو، تنهن خلاف عالمي ڪاوڙ هڪدم انگلينڊ ۽ جرمنيءَ مان اُٿي. آمريڪا مان سينيٽر ڪينيڊي ۽ سينيٽر پيل ۽ پڻ ڪانگريس جي رڪن سولارز اُن واقعي تي سخت ڳڻتي ڏيکاري سولارز ته خاص ڪري منهنجي لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو هو. ”جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نظربند رکندي ۽ پرامن سياسي گڏجاڻين جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي رهي، ته پوءِ ڪانگريس ۾ ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ آمريڪي امداد ماڻڻ لاءِ پاڪستان جي دوستن تي سخت دٻاءُ پوندو.“ ايشين پئسفڪ معاملن جي هائوس سب ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سولارز چتاءُ ڏنو. ”هن (جوڻيجو) ۾ مخالفن جي مقابلي ۽ ٻاهرين ملڪن جي تنقيد کان بچڻ جي همت آهي.“ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ ميمبر چيو.

آگسٽ جي پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن ضياءَ مڪي شريف مان موٽيو، ته هن آمريڪا جي مُک اداري ڪانگريس جي تنقيد کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي، هڪدم پنهنجو بيان ڏنو. ”مس ڀٽو ڪو مسئلو ئي ناهي.“ هن نيويارڪ ٽائميز جي عيوضي اسٽيون ويزمين کي 26 آگسٽ تي ٻڌايو. ”پر اهو مس ڀٽي جو اجايو ۽ ناقابل عمل لوڀ ۽ اقتدار ماڻڻ جو ورتاءُ آهي، جيڪو اعتراض جوڳو آهي.“

هاءِ ڪورٽ ۾ 10 سيپٽمبر تي منهنجو مقدمو هلڻو هو. آئون ڪنهن به تُهمت کان سواءِ بند هيس. آزاديءَ جي ڏينهن وارو جلوس قانوني هو ۽ مون قانون جي ڪابه ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي. 9 سيپٽمبر تي سنڌ مان هزارين ماڻهو عدالت ڏانهن اچڻ شروع ٿيا، ته جيئن ٻئي ڏينهن عدالت ۾ منهنجي حاضريءَ مهل اتي موجود هجن. اهو ڏسي حڪومت جهُڪي وئي. ”مون تنهنجي لاءِ مزيدار خبر آندي آهي. تون آزاد آهين.“ جيل سپرنٽينڊنٽ رات جي ساڍي نائين بجي منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ اچي مونکي ٻُڌايو. پر مونکي ڪوبه عجب نه ٿيو هو. آئون ته اڳواٽ سامان ٺاهي اتان وڃڻ لاءِ تيار ويٺي هيس.

منهنجي آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ٻئي قدم کڻڻ لاءِ ڏاڍيون جذباتي ڳالهيون ٿيون هيون. ڪجهه ڄڻن اُن ڳالهه تي زور ڏنو هو، ته هلچل جاري رکندي حڪومت کان ان رَتوڇاڻ جو پلاند وٺجي. هنن ٻڌايو ته حڪومت پهريون ڀيرو پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي مظاهري جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو آهي. ضياءَ کي هٽائڻ جو اهڙو وجهه وري ڪڏهن به نه ملندو. اسان کي هينئر پٺتي هٽڻ نه گهرجي.

”اسان سياست ذريعي پرامن تبديلي آڻڻ جو وچن ڪيو آهي.“ مون ان واعدي تي پابند رهن لاءِ زور ڏيندي کين ٻڌايو. ”پر حڪومت طاقت کان ڪم ورتو آهي. هاڻي مظاهرن جاري رکڻ سبب وڌيڪ رَتوڇاڻ ٿيندي. وڌيڪ ڏڦيڙ ٿيندو ۽ شايد معاملو انتهاپسندن جي هٿ چڙهي وڃي. آگسٽ ۾ اسان جي اخلاقي سوڀ ٿي آهي ۽ اسان امن جي جيڪا ذميداري کنئي آهي، تنهن تي اسان کي اَٽل رهڻ گهرجي.“ اُن گڏجاڻيءَ کان پوءِ تُرت مون ملڪ جو ٻيو دؤرو ڪيو ۽ عوام کي خبرداريءَ سان اڳتي وڌڻ جو نئون نياپو ڏنو.

مون 1987ع جو سال شروع ٿيندي ئي پاڻ ۾ ويساهه ڀانئيو. منهنجي سدائين اها سوچ رهي، ته نئون سال گذريل سال کان وڌيڪ سٺُو هوندو. مونکي ڪيترائي پُراميد اهڃاڻ پڻ ڏسڻ ۾ آيا. ڇهن ورهين جي عرصي ۾ آئون پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ آزاد هيس ۽ سياسي سرگرمين تي ڊگهي پابنديءَ کان پوءِ اسان سياسي اداري طور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت وڌائي پئي. اسان پارٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد وڌائڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ چئن مهينن ۾ ڏهه لک نون ميمبرن جي اسان وٽ داخلا ٿي. پاڪستان ۾ اهو غير رواجي تعداد هو، ڇو ته اسان وٽ پڙهيل ماڻهو ٿورڙا آهن. پوءِ اسان پنجاب ۾ پارٽيءَ جون چونڊون ڪرايون ۽ ننڍي کنڊ ۾ اهو انوکو مثال هو، جنهن ۾ چار لک ميمبرن پنهنجو ووٽ ڏنو هو. اسان پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ جي مخالف ميمبرن سان به ڳالهيون شروع ڪيون ۽ انساني حقن خلاف حڪومت جي ڏاڍاين کي به لاڳيتو پڌرو پئي ڪيو.

ضياءَ اُن ڳالهه تي زور ڏيندو رهندو هو، ته اسين پلاند دوٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتا هئاسين. هو اها ڳالهه خاص ڪري فوج جي ماڻهن کي ٻڌائي کين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان ڊَپُ ڏياريندو هو. پر اسان جي پارٽي پلاند وٺڻ جون نه، بلڪ قوم کي ترقيءَ وٺرائڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ اها سڀني کي ڄاڻ هئي.

مون اها به گهُر ڪئي ته، پاڪستان کي اهڙي فوج جي گهُرج آهي، جنهن جو سياست سان ڪوبه لاڳاپو نه هجي. سياچن گليشيئر جي واقعي تي، جنهن ۾ پاڪستان گذريل ٽن ورهين ۾ چوڏهن سؤ چورس ميلن کان به وڌيڪ پنهنجو علائقو وڃائي ويٺو هو، ضياءَ هندستان سان جيڪا ڏيتي ليتي ڪئي هئي، تنهن تي به مون لاڳيتو تنقيد پئي ڪئي. انهن ڳالهين جو عوام تي به اثر ٿيندو رهيو. ڊسمبر مهيني ۾ هڪ ڏينهن آئون لالا موسيٰ ويس، ته جيئن اتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جي ان سرگرم ڪارڪن جي مائٽن سان تعزيت ڪري سگهان، جنهن کي آزاديءَ جي ڏينهن قتل ڪيو ويو هو. لالا موسيٰ فوجي ڀرتيءَ جو ڳڙهه آهي. اسين جڏهن اتان لنگهياسين ته فوجين اسان کي ڏسندي ئي هٿ لوڏي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسان کي سوڀ جا اشارا ڪيا. هڪ ڀيرو وري مون جنرل ضياءَ جي احساسن کي چيڀاٽيو پئي.

”اسان کي سُڌ ملي آهي ته حڪومت اوهان خلاف قدم پئي کڻي.“ آئون جڏهن بابا جي جنم ڏينهن تي لاڙڪاڻي ويس، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جي هڪ همدرد ۽ فوج جي اڳوڻي برگيڊيئر مونکي ٻڌايو. ”اسين المرتضيٰ ۾ اوهان جي بچاءُ جا انتظام پرکڻ چاهيون ٿا.“ 5 جنوريءَ تي بابا جي سالگرهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اتي هزارين ماڻهو آيا هئا ۽ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿي هئي، جنهن مان آئون ڪو جوکو ڀانئيان ها. ”المرتضيٰ ۾ بچاءُ جا انتظام ٺاهوڪا آهن.“ مون برگيڊيئر کي خاطري ڪرائي. ”پر انهن جي چڪاس ضروري آهي.“ هن مونکي خبردار ڪيو. پوءِ به مونکي ڊَپُ نه ٿيو. ”برگيڊيئر، اُن جي ڪابه گهُرج ڪانهي.“ مون کيس ورندي ڏني.

هڪ ٻيو چتاءُ راولپنڊيءَ مان پهتو، ۽ پوءِ لاهور مان. ”حڪومت فرضي قاتلاڻي حملي جي مشق ڪئي آهي.“ هڪ همدرد سرڪاري عملدار فون تي مونکي ٻڌايو. ”قاتل بلڪل تنهنجي ويجهو پهچي سگهي ٿو.“ مون پاڻ کي ڊَپُ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ موت جو امڪان سدائين موجود هو، پر مون اُٽلندو سياسي معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.

انهن چِتائن سان گڏ پارٽيءَ جي همدردن پڻ منهنجي بچاءُ تي زور ڏنو. سرحد صوبي جي هڪ شخص مونکي ڪلاشنڪوف سميت ڇهه ماڻهو ڏيڻ گهريا هئا، پر مون انڪار ڪيو. آئون سدائين بندوق جي سوچ به ذهن ۾ ڪونه آڻيندي هيس ۽ مون پنهنجي بچاءُ ڪندڙ رضاڪارن کي هٿيارَ کڻڻ کان به منع ڪئي هئي. مونکي پنهنجي ان فيصلي تي تُرت شَڪ ٿيڻ لڳو هو.

جنوري 1987ع جي هڪ هفتي ۾ منهنجي ويجهن ماڻهن تي ٻه حملا ٿيا هئا. منهنجي بچاءُ ڪندڙ عملي جي هڪ ماڻهوءَ جي ڪار کي ڪراچيءَ جي هڪ اهڙي گهٽيءَ ۾ آڻي مٿس حملو ڪيو ويو هو، جتان نڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو ئي ڪونه هو. پر هن سان گڏ هٿياربند ماڻهو هئا، جن حملو ڪندڙن ماڻهن کي ڀڄائي، منور سهرورديءَ جي زندگي بچائي هئي. ايم آر ڊيءَ جو هڪ اڳواڻ فاضل راهو ايترو سڀاڳو ڪونه هو. 11 جنوريءَ تي هنکي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪُهاڙيءَ سان قتل ڪيو ويو هو. ساڳئي وقت منهنجي پريس آفيسر ۽ اڳي لنڊن مان نڪرندڙ مخزن ’عمل‘ جي ايڊيٽر بشير رياض کي آڌيءَ رات جو فون تي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون. ڇا اُهي سڀيئي ڳالهيون حڪومت طرفان مونکي ڊيڄارڻ لاءِ پئي ٿيون؟ ”اوهين هڪدم اختياريءَ وارن سان ملو.“ مون پنهنجي وڪيل کي چيو. ”هنن کي ٻڌايو وڃي ته، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٿي ته اُن جي ذميداري مٿن هوندي، اسين هنن کي اڳواٽ چتاءُ ڏيون ٿا.“

نيٺ اهو حملو 30 جنوريءَ تي ٿيو. منهنجو ارادو هو ته آئون لاڙڪاڻي وڃان، پر اهم ملاقات سبب مونکي اوڏيءَ مهل وڃڻ ۾ دير ٿي وئي هئي. گهڻو ڪري آئون پجيرو گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي ويندي هيس، پر ساڳئي وقت ڪنهن اوچتي صورتحال سبب هوائي جهاز ۾ به جاءِ بُڪ ڪرائيندي هيس. سفر لاءِ اهو سُٺو حفاظتي انتظام هوندو هو. ضياءَ جي جاسوسن کي مُنجهائڻ لاءِ آئون هوائي جهاز ۾ جاءِ بُڪ ڪرائيندي هيس، پر وري رد ڪرائي ڇڏيندي هيس. آئون پنهنجي سفربابت پنهنجي عملي کي به ڪونه ٻڌائيندي هيس، ته جيئن ڀُل ۾ به اها ڳالهه پڌري نه ٿئي.

”بيبي صاحبا، هاڻي ته دير پئي ٿئي.“ منهنجي عملي جي هڪ ماڻهوءَ ٻن پهرن ڌاري مونکي چيو. ”جيڪڏهن اوهان سج لهڻ کان اڳواٽ ئي لاڙڪاڻي پهچڻ گهرون ٿيون، ته هينئر گاڏيون روانيون ٿيڻ گهرجن.“

”اوهين سڀيئي اڳواٽ هلو.“ مون عُرس کي چيو. ”مونکي گڏجاڻي ڪرڻي آهي ۽ آئون پوءِ ايندس. پوءِ اُهي گاڏيون ڪڏهن به لاڙڪاڻي ڪونه پهتيون.

گڏجاڻي هلندي عملي جو هڪ ماڻهو اهم نياپو کڻي ويو. آئون رُڳو ٻه لفظ ڏسي سگهي هيس. ”گوليون ۽ پجيرو“. اتفاق سان مون ان وقت پنهنجي حفاظتي عملي تي حملي ۽ ايم آر ڊيءَ اڳواڻ جي قتل بابت ڳالهايو پئي. لڳو ٿي ته اهو وقت بلڪل اچي ويو هو. ”مونکي معاف ڪجو.“ مون پنهنجن مهمانن کي ٻڌايو. ”تازو هينئر منهنجي گاڏيءَ تي حملو ٿيو آهي.“ پوءِ مون هڪدم پنهنجي عملي کي گهرائي کين هدايتون ڏنيون، ته ان واقعي جي پوليس ۾ رپورٽ ڪن ۽ منهنجن وڪيلن سان ملن ۽ پوءِ ڏاڍي سانت سان گڏجاڻيءَ ۾ وڃي ويٺيس.

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جڏهن سچائيون پڌريون ٿيون، ته اهو واقعو ويتر ڀوائتو لڳو. ٻه گاڏيون ڏينهن ڏٺي جو مانجهند ويجهو رستي تان پئي ويون، ته اوچتو رستي ڀرسان اوسيئڙي ۾ ويٺل هڪ ماڻهو اشارو ڪيو. اهو ڏسي چار ماڻهو تيزيءَ سان نروار ٿيا، ۽ پجيرو تي اُن پاسي گوليون هلائڻ لڳا، جتي ماڻهو ويٺا هئا. عرس هڪدم اڳواٽ ئي 70 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ پجيرو کي گوليون جي اُن برسات مان تيزيءَ سان اڳتي ڪڍي ويو. منهنجي عملي جڏهن پٺيان ڏٺو، ته انهن ماڻهن پجيرو تي اڃا ائين گوليون پئي هلايون ۽ هنن ٻيءَ ڪار کي اتي بيهاري ورتو هو. ان ڪار ۾ ويٺل حفاظتي عملي جي ماڻهن ۽ ٻين کي بندوق جي دٻاءُ تي پاڻ سان وٺي ويا.

اها بيرحماڻي قتل جي سازش هئي. حڪومت جيتوڻيڪ دعويٰ ڪئي، ته اهو رستي تي عام ڦرلٽ جو واقعو هو، پر ايئن ڪونه هو. اهو حملو ان هنڌ کان پورا چاليهه ميل پري ٿيو هو، جتي ڌاڙيلن جي گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. ڌاڙيل گهڻو ڪري رات جو حملو ڪندا هئا ۽ نه ڪي ڏينهن جو ٽين بجي. ڌاڙيل ڪنهن گاڏيءَ کي روڪي منجهس ويٺل ماڻهن کي ڦُريندا هئا ۽ نه ڪي گاڏيءَ تي گولين جو مينهن وسائيندا هئا.

قتل جي اُن ڪوشش جي خبر جئين پکڙي، ته سڄي ملڪ ۾ وري هنگاما شروع ٿي ويا. عوام جي ڪاوڙ ايڏي ته زبردست هئي، جو کين ماٺ ڪرائڻ لاءِ حڪومت پنهنجو پوليس انسپيڪٽر جنرل ان پاسي موڪليو، ته جيئن منهنجي عملي جا اغوا ٿيل ماڻهو موٽائي اچي. ان وچ ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻ اسان تائين پهتي. جنهن وقت 70 ڪلفٽن مان پجيرو رواني ٿي هئي، ته واردات واري جاءِ تي هڪ ماڻهو کي ڏٺو ويو هو، جنهن وٽ ٻطرفو ريڊيو هو. ڪنهن هن شخص کي اُن ريڊيي تي ضرور اڳواٽ ٻُڌايو هوندو، ته پجيرو پنهنجيءَ منزل ڏانهن رواني ٿي وئي هئي ۽ ڪارن شيشن سبب سمجهيو ويو هو، ته اُن ۾ آئون ويٺل هيس.

مون حڪومت جي اُها دعويٰ مڃڻ کان بنهه انڪار ڪيو،ته ڌاڙيلن پاڻ اهو حملو ڪيو هو. ڌاڙيلن ته سڀني گاڏين کي بيهاري پوءِ ڦريندا هئا ۽ نه ڪي هڪ ڪار کي. ٻيو ته اُن ڪار اڳيان ويندڙ پجيرو ان واقعي واري هنڌ وٽان ڪنهن به نقصان کانسواءِ نڪري ويئي هئي. ڌاڙيل ڪنهن به عورت تي حملو پنهنجي بيعزتي سمجهن ٿا، تنهنڪري اها ڌاڙي جي رواجي ڪوشش نه هئي.

پوءِ وڌيڪ ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ آيون.هڪ رات پهرين ڌاڙيلن جي ڳجهي خاص هنڌ ڏانهن هڪ ڪار وئي هئي، جتي ڌاڙيلن جي سردار سان ڳالهيون ٿيون هيون. ”سڀاڻي اسان کي زبردست ڪم ڪرڻو آهي.“ اها ڪار جڏهن واپس وئي ته، سردار پنهنجي ماڻهن کي چيو هو. ان بابت ٻيءَ ڳالهه جيڪا مشهور هئي. اها هي ته: حڪومت ڌاڙيلن کي ڌمڪيون ڏئي، اهو گندو ڪم کانئن ڪرايو هو. انهيءَ وچ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عملي جا ماڻهو جنهن وٽ به هئا، تنهن شخص سندن آزاديءَ لاءِ ڀُنگ جي به گهُر نه ڪئي هئي. اغوا جي اها عام واردات ڪانه هئي.

پوءِ هڪڙي ڏينهن اُهي ماڻهو اوچتو ايئن آزاد ٿي ويا، جيئن اوچتو کين غائب ڪيو ويو هو. الله جا ٿورا جو کين ذرو به نقصان ڪونه ٿيو. پر هنن اسان کي جيڪا ماجرا ٻڌائي، تنهن مان اسان جي ان شڪ جي پٺڀرائي ٿي هئي، ته اُن واقعي ۾ حڪومت جو هٿ هو. ”اسين مس بينظير ڀٽي جي عملي مان آهيون.“ هنن اغوا ڪندڙ ماڻهن کي ٻڌايو هو، جن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جهنڊن ۽ پَٽين سان سينگاريل پجيرو گاڏي ڏٺي، جنهن جي ڇِت تي لائوڊ اسپيڪر پڻ لڳل هئا. ”اسين جنرل ضياءَ جا ماڻهو آهيون.“ اغوا ڪندڙ هنن کي جواب ۾ چيو. اُن ڏوهه جي سلسلي ۾ ڪي به ڌاڙيل گرفتار ڪونه ٿيا هئا.

وڌندڙ رتوڇاڻ واري سماج ۾، ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ حڪومت رتوڇاڻ جو هڪڙو ٻيو رستو ڳولي ورتو هو. حڪومت مجاهدن، بنياد پرست شاگردن ۽ مسلم ليگين کي هٿيار ڏنا هئا. پنهنجي اُن يقين جي برقراريءَ لاءِ ته پاڻ ’غير فوجي حڪومت‘ جو اڳواڻ آهي. ضياءَ پنهنجن مخالفن جي سدائين لاءِ خاتمي واسطي نجي لشڪر ٺاهيا هئا. 1987ع جو پهروين مهينو اڃا پورو ئي ڪونه ٿيو هو، ته مارشل لا جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ سرگرم ڪارڪن کي جيل ۾ ڦٽڪا هنيا ويا هئا ۽ ٻين سياسي مخالفن کي گولين سان ماريو ويو هو. منهنجي لاءِ اهو معاملو گهڻو ڏکيو ٿيندو پئي ويو، ته آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن نؤجوانن کي روڪيان، جيڪي پاڻ رتوڇاڻ تي مجبور ٿي ويا هئا.

پاڪستان ۾ حالتون تيزيءَ سان بگڙجنديون پئي ويون. فيبروري 1987ع ۾ لنڊن جي هڪ مخزن ’سائوٽ‘ پنهنجي اداريي ۾ لکيو. ”فوج پنهنجو ڀروسو وڃائي ويٺي آهي…“ اداريي ۾ لکيل هو. ”هاڻي ڀانئجي ٿو ته حڪومت جو انتظام به ڪونه رهيو آهي. جيتوڻيڪ حڪومت، فوج، پوليس، عدالت ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادارا موجود آهن، پر اهي سڀيئي پنهنجي ئي مدار تي پيا ڦِرن … سڄو ملڪ فرقي بنديءَ علائقائي ۽ نسلي رڳڙن ۽ ڇڪتاڻ جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. امن ۽ قانون جو بنهه نالو نشان ڪونهي ۽ عام ماڻهن جي زندگي نشيدار شين ۽ هٿيار وڪڻندڙ ٽولين جي هٿ چڙهي وئي آهي.“

پاڪستان ڏڦيڙ ۽ وڳوڙن جي اوڙاهه ۾ ڪِرڻ وارو هو. ڀلا هاڻي پرڏيهي دشمن جي ڪنهن کي گهُرج هئي؟ ضياءَ ته اندران ئي ملڪ کي تباهه پئي ڪيو. وقت آهستي 1990ع ڏانهن وڌيو پئي، جنهن سال قومي چونڊن جو واعدو ڪيل هو. پر ٿورن ماڻهن کي يقين ٿي آيو، ته اهي چونڊون آزاد ۽ انصاف ڀريون ٿينديون.

مڪاني ادارن جون 1987ع جي سرءُ ۾ جيڪي چونڊون ٿيون هيون، سي خاص ڪري افسوسناڪ هيون. انهن چونڊن ۾ حڪومت جي وڻندڙ جماعت مسلم ليگ جي مخالف ڪندڙ چاليهه سيڪڙو اميدوار، جن جي عوام ڳجهي چونڊ ڪئي هئي، ته جيئن کين نااهل نه ڪوٺيو وڃي، تن جا ڪاغذ انهن سرڪاري ملازمن رد ڪري ڇڏيا، جن کي زوري نوڪرين تان لاهڻ جو ڊَپُ ڏنو ويو هو. چونڊن جي اعلان کان ٿورو اڳ ضياءَ هڪ قانون منظور ڪيو هو، جنهن هيٺ صوبائي حڪومت کي اختيار ڏنو ويو هو، ته اها ڪنهن به سرڪاري ملازم کي ڏهن ورهين کان پوءِ پينشن تي موڪلي سگهي ٿي، جيڪو فوجي بغاوت کان پوءِ جي مدت جو وقت هو.

باقي سَٺ سيڪڙو رهيل نشستن جي مقابلي ۾ به، جيڪڏهن اهو واقعي مقابلو به هو، حڪومت پنهنجي کيڏ ڏيکاري هئي. اسان کي ڄاڻ هئي ته، ووٽن جون فهرستون ڪُوڙيون هيون، سي ڪڏهن به سُڌاريون نه ويون. پر منجهن چونڊن واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ تائين ڦيرگهير ٿيندي رهي هئي. چونڊن ۾ سوڀُ ماڻڻ لاءِ ضلعن کي اهڙن تَڪن ۾ ورهايو ويو هو، جن جي آبادي گهٽ ۾ گهٽ 600 ۽ وڌ ۾ وڌ 2600 تائين هئي ۽ ويچاريو ويو هو ته اتي حڪومتي جماعت مسلم ليگ کي سوڀُ ٿئي. اهي قاعدا لاڳيتو ڦيرايا پئي ويا. اميدوارن جي چونڊن تان هٿ کڻڻ جي تاريخ پهرين 19 نومبر تائين ۽ پوءِ 19 نومبر جي رات اها تاريخ 25 نومبر تائين وڌئي وئي. تنهنڪري هنن ٻين اميدوارن کان زوري هٿ کڻائي، انهن نشستن تي مسلم ليگ جي اميدوارن کي مقابلي بنا ڪامياب ڪرايو هو.

ووٽن ڏيڻ ۾ به کيڏ کان ڪم ورتو ويو هو. ووٽ ڏيڻ جا هنڌ سدائين عام جاين ۽ گهڻي آباديءَ وارن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رکيا ويندا هئا. پر انهن چونڊن ۾ حڪومت بلڪل آخري وقت اعلان ڪيو، ته ووٽ ڏيڻ وارا هنڌ ڇڊي آباديءَ وارن علائقن ۾ مسلم ليگي ميمبرن جي گهرن ۾ پڻ هوندا، جتي ماڻهن کي ويندي ڊپ ٿيندو هو. حڪومت چونڊن واري ڏينهن مخالف ڌر کي اڳواٽ ٻڌائڻ کانسواءِ ووٽ ڏيڻ جي هنڌن ۾ ڦيرگهير ڪئي، جنهن سبب اسان جي حامين لاءِ پنهنجو ووٽ ڏيڻ ناممڪن بڻجي ويو هو. ڪيترا ووٽ ڏيندڙ ته انهن هنڌن تي پهچي به ڪونه سگهيا هئا. چونڊن کان ٻه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن پنهنجي عملي کي مختلف جاين تي پهچائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين جي جيپن، ڪارن ۽ ٻين گاڏين کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو. ۽ مسلم ليگ ميمبرن جي گاڏين کي ته هٿ به نه لاٿو ويو هو.

ووٽن ۾ حڪومت طرفان اهڙي ڌانڌلي ۽ بي ايمانيءَ کان پوءِ به مسلم ليگ گهريل نتيجا ماڻي نه سگهي هئي. لاڙڪاڻي ۾ اسان جي تَڪ مان، جتي جوڻيجي جا مائٽ رهندا هئا، مسلم ليگ کي اُن دعويٰ جي ڳڻتي ٿي پئي هئي ته، ڀٽو وارا ته پنهنجي گهر جي تَڪ مان به چونڊن ۾ سوڀارا نٿا ٿي گهن. جڏهن اسان جي اميدوارن کي رشوت ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ ۾ کين سوڀُ نه ٿي، تڏهن هنن اُن علائقي ۾ رهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن جا ڇهه سو پڪا ووٽ ڪَٽي ڇڏيا هئا. پوءِ به اها نشست اسان کٽي هئي.

پهرئين ڏاڪي وارين چونڊن کان پوءِ، جن ۾ ڪائونسلرن جي چونڊ ٿي هئي. ٻئي ڏاڪي جون چونڊون ٿيون هيون، جن ۾ ڪائونسلرن ضلعن ۽ ميونسپالٽين جي چيئرمين جي چونڊ هئي. ٻئي ڏاڪي جي انهن چونڊن ۾ پڻ کيڏ ڏيکاري وئي هئي. اسان جي اڪثريتي علائقن ۾، حڪومت پنهنجي جُڙتو اليڪشن ڪميشن عملي ذريعي اسان جي ڪائونسلرن کي نااهل ڪوٺي، مسلم ليگ کي اڪثريت ۾ آندو هو. پر جتي هنن جي حساب ۾ غلطيون ٿي ٿيون، ته اُتي هنن مورڳو چونڊن نتيجن ۾ ڦيرگهير ڪئي هئي، جتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پسند جي اميدوار کي چيئرمين چونڊيو ويو هو. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ ضلعي جي ڪمشنر، جيڪو اليڪشن آفيسر پڻ هو، سو پنهنجي دفتر مان هليو ويو هو، ۽ پوءِ جڏهن هو آيو ته هن ٻيهر ڳڻپ جي گهر ڪئي هئي. حيرت جهڙي ڳالهه ته ڪيترائي ووٽ رد ٿيل نڪتا، جنهن سبب مسلم ليگي کي ڪامياب ڪوٺيو ويو هو. ان تي  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن جڏهن ضلعي ڪمشنر وٽ اعتراض ڪيو، تڏهن هن معافي وٺندي پنهنجي بيوسي ڏيکاري.

شهدادڪوٽ ميونسپالٽيءَ ۾ حڪومت وري ٻيا اُپاءُ ورتا هئا: ميونسپالٽيءَ چيئرمين جي چونڊن جي رات پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن ڪائونسلرن کي اغوا ڪيو ويو. پيرا مليٽري گروه مگسي فورس جا ڪجهه ماڻهو ٻين ڪائونسلرن جي گهرن ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ کين ڌمڪايو ويو هو، ته جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن هڪ به سڀاڻي مسلم ليگي اميدوار جي مقابلي ۾ بيهڻ جو فارم ڀريو، ته اوهان کي اغوا ڪيو ويندو ۽ بينظير اوهان کي هٿ ڪري نه سگهندي. ان ڌمڪيءَ کان ڊڄي هنن چونڊن جو فارم ڪونه ڀريو ۽ مسلم ليگ کي ڪامياب ڏيکاريو ويو.

حڪومت 1987ع جي مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي شاندار سوڀُ جو ڏاڍو ڍنڍورو پئي ڏنو. جڏهن اسان مٿن ڌانڌليءَ جو الزام مَڙهيو، ته هنن جواب ۾ چيو: ”انگور کَٽا آهن.“

 

”سچائيون ڦِرنديون رهن ٿيون.“ بابا 1971ع ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ تڏهن دليل ڏيندي چيو هو، جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ ڍاڪا تي هندستاني فوجن جو قبضو ٿيڻ وارو هو. هُن دليل ڏيندي چيو: نازي فوجون هڪ ڀيري ماسڪو جي دروازن تائين پهچي ويون هيون، فرانس تي جرمنيءَ جو قبضو ٿي ويو هو، چين جپان جي قبضي ۾ هليو ويو هو ۽ ايٿوپيا تي فاشسٽ قبضو ڪري ويا هئا پر اهڙين ”سچائين“ کي مڃڻ بدران انهن ملڪن جو عوام جنگ جوٽي بيٺو ۽ هنن تاريخ جو وهڪرو ڦيرائي ڇڏيو هو. هن سلامتي ڪائونسل ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، تنهن مون ارڙهن ورهين جي يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ ايندڙ ورهين ۾ جنرل ضياءَ جي ظلم ۽ پيڙا کي سَهڻ جي مون ۾ سگهه ڏني هئي. ”سچائيون ڦِرنديون رهن ٿيون.“ مون بابا کي اهو چوندي ٻُڌو.

سوچون سَپنا ٿي سگهن ٿيون. يا اُهي اڳڪٿيون ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان سان پيار ڪندڙ هر فرد اسان جي ملڪ ۽ عوام لاءِ مهانَ ۽ خوشحال مستقبل جا سَپنا ڏسڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. پر ان سوچ جي بچاءُ لاءِ سخت اُپاءُ وٺڻ گهڻا ضروري اهن. سال 2000ع جي شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي هاڻوڪي آدمشماريءَ جو انگ ڏهن ڪروڙن مان وڌي پندرهن ڪروڙ پنجاهه لک تائين پهچڻ جي اميد آهي. اها پوري چوئيتاليهه سيڪڙو وڌيل  آبادي پندرهن ورهين کان گهٽ ڄمار جي هوندي. هاڻوڪي حڪومت جي غلط پاليسين سبب اُن وقت صحت، رهائش ۽ اچ وڃ جون گهٽ ۾ گهٽ سهوليتون ڏيڻ به ناممڪن ٿي پونديون.

گهٽ ۾ گهٽ اندازن پٽاندر پاڪستان جي شهري آبادي اڄ کان ٽيڻي هوندي، هن وقت پاڪستان جي پنجاسي کان نوي سيڪڙو آباديءَ کي اُجرو ۽ صحتمند پاڻي ڪونه ٿو ملي. آباديءَ جو ساڳيو سيڪڙو مناسب صفائي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال کانسواءِ شهر جي اونداهن علائقن ۾ عارضي جڳهين ۾ رهي ٿو. بلوچستان جي ڪجهه ايراضين ۽ سرحد صوبي ۾ ماڻهو اڃا تائين غارن ۾ رهن ٿا. پوءِ به حڪومت جي سالياني بجيٽ جو رُڳو 5. 0 في سيڪڙو گهرن ٺهرائڻ لاءِ رکيل آهي.

عوام کي پڙهيل بنائڻ بدران حڪومت کين اُن عمل کان پري رکي ٿي. خواندگيءَ جي منظور ٿيل عالمي معيارن پٽاندر نوي سيڪڙو پاڪستاني اڻپڙهيل آهن. هڪ ٻئي معيار پٽاندر جنهن ۾ هر اُن فرد کي پڙهيل سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو، سي ٽيتاليهه سيڪڙو اڻپڙهيل آهن. پوءِ به پنجن کان ڏهن ورهين جي ڄمار وارن ٻارن جو رُڳو پنجيتاليهه سيڪڙو اسڪولن ۾ داخلا وٺي ٿو، جن مان به پنجن مان چار ٻار ڏهن ورهين جي ڄمار تائين پهچڻ کان اڳواٽ خراب مالي حالتن سبب تعليم ڇڏي وڃن ٿا. اهي انگ اکر نه رڳو ڀوائتا آهن، پر سخت نقصان رسائيندڙ پڻ. پاڪستان هينئر هر سال پنهنجي آباديءَ ۾ پندرهن لک اڻ پڙهيلن جو واڌارو پيو ڪري. جنرل ضياءَ جي راڄ ۾ خواندگيءَ جي شرح وڌڻ بدران گهٽجي پئي.

وڏو الميو اهو آهي، ته اسان جون گهُربل قومي گهُرجون صحيح ڪونهن. ضياءَ جي حڪومت ۾ ملڪي بچاءُ تي ٻِيڻ کان به وڌيڪ خرچ اچي ٿو، جنهن سبب ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کان اسان جي فوج جو في سيڪڙو خرچ وڌيڪ  آهي. تعليم، رهائش ۽ صحت تي اسان جو في سيڪڙو خرچ گهڻو گهٽ آهي. گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري جي رپورٽ پٽاندر پاڪستان ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هر سال جيڪي چاليهه لک ٻار ڄاوا هئا، تن مان اٽڪل ڇهه لک ٻار هڪ ورهيه جي ڄمار تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مري ويندا، جڏهن ته ست لک پنجاهه هزار ٻار پنجن ورهين جي ڄمار کان اڳواٽ ئي مري ويندا، مغربي ملڪن ۾ ايترن ٻارن جي ڄمڻ جي انگن بجاءِ هر سال پاڪستان ۾ اٽڪل ست لک وڌيڪ ٻار مرن ٿا. پوءِ به عوام کي پنهنجي آئيندي لاءِ ٿورڙي يا ڪنهن به شنوائيءَ جو حق مليل ڪونهي.

 

آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون. اسين اڃا تائين اُن ڏينهن لاءِ جدوجهد پيا ڪريون. جڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت موٽي ايندي.ان لاءِ بابا پنهنجي زندگي ارپي هئي ۽ هن غريب ۽ امير کي – مرد ۽ عورت کي، سڀني نسلي گروهن ۽ مذهبي اقليتن کي آئيني برابري ڏني هئي. هن تعليمي ۽ اقصادي ترقيءَ ذريعي سڄي ملڪ کي فائدو پهچايو هو ۽ اُن آبادي ءَ کي جمهوريت جو حق ڏنو هو، جيڪا ان کان محروم هئي. هُن پنهنجي سَپني جي آخري قيمت به چُڪائي هئي.

”جهنم جهڙي ظلم ۽ ڏاڍ جي راڄ تي سولائيءَ سان سوڀ نٿي ٿئي، پوءِ به اسان جي آسُ آهي ته مخالفت جيتري سخت هوندي، سوڀُ به اوتري ئي شانائتي ٿيندي.“ 1976ع ۾ ٽامس پين پنهنجي ڪتاب "the American Crises" (آمريڪي گهوٽالو) ۾ لکيو هو. پاڪستان ۾ اسين مارشل لا جو جهنم اڪري آيا آهيون ۽ اسين هر اُن ظلم کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪو اڃا به اسان لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي. اسان سختيون سَٺيون آهن ۽ قربانيون ڏنيون آهن، اسان پنهنجن خانداني ڀاتين کي مرندي ڏٺو آهي ۽ ٻين خاندانن جي ٻارن ۽ مائٽن جون تعزيتون ڪيون آهن. ممڪن آهي ته اهڙيون حالتون ٻيهر جنم وٺن. پر ان سموري عرصي ۾ اسان جمهوريت جي لاٽ روشن رکي آهي. ڪابه سوڀُ ان ڏينهن کان وڌيڪ شاندار نه هوندي، جڏهن نيٺ آمر اوچتو الوب ٿي ويندو ۽ هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ جمهوريت جو سَپنو سچائيءَ جي روپ ۾ نروار ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org