سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 8

هٿيارن ۾ ڪمي

                 تاريخ اهڙو ڪو مثال پيش نٿي ڪري جو اهي رياستون جن جي وچ  ۾ بنيادي ۽ اڻ نبيريل علائقائي تڪرار هجن، انهن ٻه طرفي نموني هٿيارن ۾ ڪمي ڪئي هجي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

اوڀر پاڪستان

                 جيڪڏهن مشرقي پاڪستان جو عوام پاڪستان (جي مطالبي) جي حمايت نه ڪن ها ته پاڪستان وجود ۾ اچي نه سگهي ها.

] 16- مارچ 1966ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب[

 

 (2)

                 اڄ جيڪي تڪليفون اسين برداشت ڪري رهيا آهيون، انهن جو مکيه سبب عوام جو بي رحماڻو استحصال آهي. سڄي ملڪ مصيبت سـَٺي آهي، ليڪن اوڀر پاڪستان کي اصل ضرب رسي آهي.

] عظيم سانحو.[

 

 (3)

                 مشرقي پاڪستان مغربي پاڪستان جي سرمائيدارن لاءِ هڪ ذاتي استحصال جي منڊيءَ طور ڪم ڪرڻ بند ڪري.

] عظيم سانحو.[

 

اقتصادي آزادي

                 اسان سوشلزم جي حمايتين جو خيال آهي ته اقتصادي آزاديءَ کان سواءِ سياسي آزاديءَ جي جمهوريت جو قيام ناممڪن آهي.

]21_سيپٽمبر 1968ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حيدرآباد ڪنوينشن کي خطاب.[


 

 

آزاديءَ جو حصول (لبريشن)

 عوام جي آزاديءَ ۾ دير وجهي سگهجي ٿي، پر انهيءَ حالت ۾ فطرت انهيءَ جي ڳري قيمت وصول ڪري ٿي، جيئن ڪانگو ۾ ٿيو.

] اقوام متحڊه جي جنرل اسيمبليءَ جي 15هين اجلاس کي خطاب:29_سيپٽمبر، 1960ع .[

 

غلطيون

                 پاڪستان جي قيادت غلطين ڪرڻ ۾ گوءِ کڻي ويئي آهي. اها قيادت فقط سياستدانن تي مشتمل نه آهي. انهيءَ ۾ تمام چونڊ ۽ بهترين طبقا شامل آهن.

] عظيم سانحو.[

 

ناڻو

                 قديم سرشتي جو اصل زور، جنهن انگريزن جي مڙهيل وڌيڪ سڌريل سرمائيداريءَ جي سرشتي کي جڙ کان اُکيڙي ڇڏيو آهي، سو انهيءَ متي ۾ سمايل آهي ته ”اقتدار ناڻو آهي.“ . . . . مطلب ته امير ٿيڻ لاءِ ماڻهو اقتدار ۾ هجي يا ڪنهن اهڙي شخص جي طرفداري حاصل هجيس، جنهن جي هٿ ۾ اختيار هجن.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

مذاڪرا

                 ظاهر آهي ته مذاڪرن جو مطلب ڏي _ وٺ آهي.

] قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب: 20_جون 1964ع .[

 

پاڙيسري

                 نظريا تبديل ٿي سگهن ٿا، سياسي سرشتا مٽجي سگهن ٿا؛ نقطه نگاهه ۾ فرق اچي سگهي ٿو پر ڇاڪاڻ ته جاگرافي ڪڏهن به ڦِري نٿي سگهي، تنهنڪري اها تمام مشڪل ليڪن اهم ڳالهه آهي ته انهيءَ ماڻهوءَ سان بهتر لاڳاپا  هجن جيڪو پاڙي ۾ رهي ٿو.

] قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب: 13_جولاءِ 1965ع .[

 

(2)

                 پنڊت جواهر لال نهرو تاريخ جو هڪ بيحد اڻ سـَهـُو پاڙيسري هو.

] قومي اسيمبليءَ جي اجلاس 13_جولاءِ، 1965ع

کي خطاب دوران .[

 

جديد بيٺڪي نظام

                 بيروني فرمان روائيءَ جي جاءِ تي بيروني مداخلت ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ قانونسازيءَ جو اختيار، جنهن جو عوام جي زندگين تي شديد اثر پوي ٿو، جديد بيٺڪي نظام جي قانون هيٺ گهٽايو وڃي ٿو.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org