سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 5

 

تاريخ

 

                تاريخ ڪنهن به ظالم جي تعريف نٿي ڪري ۽ نه وري انسان دوست مظلومن جي قربانين کي نظرانداز ڪري ٿي.

] حيدرآباد ڪنوينشن: 21_سيپٽمبر، 1968ع .[

 

(2)

 

                مان انهيءَ کي ترجيح ڏيندس ته فوج جي هٿان ماريو وڃان، انهيءَ کان جو تاريخ مون کي ناس ڪري ڇڏي.

] عظيم سانحو.[

 

نظريو

 

                لفظ جي جديد معنيٰ ۾، ڪا وڏي طاقت، بغير ڪنهن ”نظريي“ (نظرياتي بنياد) جي، وڏي طاقت رهي نٿي سگهي.

] 16_مارچ 1966ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

 (2)

 

                هڪ نظريو دائمي قائم رهي ٿو ۽ پاڪستان جو نظريو، جيڪو انصاف ۽ مساوات تي ٻڌل آهي، سو ڪو عارضي عنصر نه آهي، جيڪو اُنهن انسانن جي ذهن ۾ زنده رکيو ويو آهي، جيڪي ڌارين جي غلاميءَ ۾ رهيا هئا.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

 

هندستان

 

                مان چوان ٿو ته اڳرائي هڪ ايمان جو جزو آهي، جيڪو هندستان جي خارجي پاليسي ٺاهيندڙن جي دلين ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ متبرڪ سمجهي انهيءَ کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

] 17_نومبر 1965ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

اسلام

 

                اسلام جو فلسفو علائقائي سوچ ويچار کان بالاتر آهي، جيڪو هڪ موافق انساني وحدت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو.

] سمنڊ جي قانون تي اقوام متحده جي پلينري سيشن کي خطاب:

18_مارچ، 1958ع .[

 

 (2)

 

                اسلامي قدرن جي اندروني ۽ بيروني طور تي عمل پذيري، همعصر دنيا جي بيحد ترقي پسند اقتصادي، سياسي ۽ سماجي قوتن سان مطابقت رکي ٿي.

] 13_جون 1965ع تي پاڪستان اسلامي ڪائونسل براءِ بين الاقوامي معاملات ۾ ڪيل تقرير.[

 

(3)

 

                جڏهن اسلام عربستان جون سرحدون ٽپي، هڪ اڻٽر قوت بڻجي، اُن وقت جي مهذب دنيا جي ڏورانهن ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهتو، ته اهو فقط نظريو ۽ اُن جي تبليغ جو جذبو هو، جيڪو يڪسان رهيو. عملي صورت ۾ انهيءَ نظريي مختلف وفاقي خصوصيتون اختيار ڪيون.

 

 (4)

 

                اسلامي دنيا جيڪي اڻکـُٽ عقوبتون، غلاميون ۽ استحصالي آزار سـَٺا آهن، اُنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن واشنگٽن يا لينن، توڙي آمريت ۽ نو آبادياتي نظام جون ناانصافيون ۽ خطرن جي ڄاڻ ڄڻ ته ڪتابي پيئي لڳي.

] پي. آءِ. سي. آءِ. اي ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقرير: 13_جون، 1965ع.[

 

 (5)

 

                اسلام جي مذهبي ڪتابن ۾ ڪٿي به اهو نه لکيو ويو آهي ته غير اسلامي رياستن سان دوستي ڳنڍڻ سان (اسلامي) تشخص قربان ٿيندو.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

 (6)

 

                اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسلام هڪ سياسي قوت جي حيثيت ۾، ٻين جي مقابلي ۾، عيسائي رياستن جي هٿان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

گڏيل دفاع

 

                جيڪڏهن مسٽر نهرو آمريڪا طرفان پيش ڪيل گڏيل دفاع جي تجويز رد نه ڪري ها ته ورهاڱو جهڙو ٿئي ها، تهڙو نه ٿئي ها.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

ڪشمير

 

                اهو اسان جو فرض آهي، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي، اهو اسان جي مذهب ۾ آهي، اهو اسان جي ثقافت جو انگ آهي، اهو اسان جي زندگيءَ ۾ شامل آهي ته اسين ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪنداسين.

]سلامتي ڪائونسل جي 1247هين  اجلاس  ۾ 25_آڪٽوبر 1965ع تي ڪيل تقرير.[

 

 (2)

 

                ڇا، اسين سڀئي پنهنجين پابندين جي زنجيرن ۾ ايڏو جڪڙجي وينداسين، تڪڙي ضرورتن جي ڌٻڻ ۾ ايترو ڦاسجي پونداسين، پنهنجي اقتدار جي مفادن جي اندازن سبب اهڙا معذور ٿي وينداسين جو ڪشمير ۾ جيڪو رت وهايو پيو وڃي، گهراڻا جيڪي زبردستي جدا ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪيا پيا وڃن، ۽ جيڪي گلا گهـُٽيا پيا وڃن، اُنهن کي اسان وٽان ڪا به موٽ نه ملندي؟

] سلامتي ڪائونسل جي 1247هين  اجلاس  ۾ 5-آڪٽوبر 1965ع تي ڪيل تقرير[

 

(3)

 

                ڪشمير جي معاملي ۾ اقوام متحده تي ڀروسو ڪرڻ ۽ جنوري 1949ع ۾ جنگبندي قبول ڪرڻ هڪ سنگين غلطي هئي.

] عظيم سانحو.[

 

قانون

 

                عام قانون جيڪي سڄي معاشري تي لاڳو ٿين ٿا، سي قانونساز جي طرفان شعوري طور تي ڪنهن مڪمل ۽ باضابطه طريقي سان ٺاهيا نه ويا آهن.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڇهين ڪاميٽيءَ کي خطاب:

تاريخ 25_آڪٽوبر، 1957ع . [

 

 (2)

 

                مون کان نه پڄي جو مان الله جي اڻ ڦرندڙ قانون جي، ماڻهو جي ڦرندڙ گهرندڙ قانونن سان ويهي ڀيٽ ڪريان.

] سمنڊ جي قانون تي اقوام متحده جي ڪانفرنس جي فرسٽ ڪاميٽيءَ کي خطاب: 17_ مارچ، 1958ع .[

 

 (3)

 

                قانون هڪ طاقت جو حڪم آهي. قانون جي اها خصوصيت قديم زماني کان تسليم ڪيل آهي. طاقت جي عنصر بنا قانون ڪجهه به نه آهي، بجاءِ امن امان برقرار رکڻ جي، قانون خود افراتفريءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو . . . جيڪڏهن بين الاقوامي قانون ۾ طاقت جا جزا موجود آهن ته اهو اصلي قانون آهي؛ جيڪڏهن انهيءَ هيٺ ديواني ۽ فوجداري ڏوهارين خلاف موثر اصلاحي ۽ رڪاوٽي پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون ته اهو هڪ صحيح قانون آهي.

] اقوام متحده جي ڇهين جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب:

25_آڪٽوبر، 1957ع .[

  

سياست

 

                هر ملڪ جي هر هڪ سياسي جماعت جو مقصد، اُنهيءَ ملڪ جي سرڪار بنجڻ هوندو آهي.

] قومي اسيمبليءَ جو اجلاس:

11_ جولاءِ، 1962ع .[

 

غربت

 

                اهو ڪو الله جو قانون نه آهي ته فقط ايشيا ۽ آفريڪا جا عوام غربت جي زندگي گذاريندا.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جو 1220 پليمنري اجلاس: 30_سيپٽمبر، 1963ع .[

 

 (2)

 

                اهو ڪو الله جو قانون نه آهي ته اسين غريب هجون ۽ اسان جو عوام ڏک ڏسي.

] قومي اسيمبليءَ جو اجلاس: 22_جون، 1964ع[

 

صحافي

 

                واپار ۽ اعليٰ مقصد جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻي پوندي. صحافين جي مرضي جنهن جو انتخاب ڪن.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

 (2)

 

                اخبار وارن جو ڪم خبرون پهچائڻ آهي، ماڻهن کي غلط اطلاع ڏيڻ نه آهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org