سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب:--

صفحو : 4

احمد فراز

 

محترمه وزيراعظم صاحبه،

خواتين و حضرات!

اڄوڪو ڏينهن ڀٽي شهيد جي ولادت جو ڏينهن آهي، پر سندن شهادت جو واقعو ايترو ڏکوئيندڙ ۽ ايترو تاثر رکندڙ هو جو مون لاڳيتو سندن شهادت ۽ رخصت ٿيڻ تي نظم لکيا، جيڪي هڪ سيريز جي شڪل ۾ منهنجي ڪتاب ۾ ڇاپيا ويا آهن:

 

تنهنجي جدائي وارو ڏينهن ايترو ياد رهيو

جو آءٌ تنهنجي سالگرهه به وسري ويٺو آهيان.

 

هي نظم آهي ”جلاد“:

تو ڪڏهن اهو سوچيو هو ته معصوم ڪير آهي ۽ قاتل ڪير؟

تو ڪڏهن اهو ڏٺو ته ڪو چهرو ڪيئن لڳي ٿو؟

 

اهڙا به هوندا، جن کان ڦاهي به شرمائيندي هوندي،

اهڙا به، جن سان ڦاهيءَ جو تختو سينگاريل سينگاريل لڳندو هوندو.

 

ڪوڙ جو ڪو پَٽڪو آهي يا پرچم آهي سچائيءَ جو،

توکي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪنهن جي مٿي تي رکيل آهي.

اهو منصور جو ”انا“ وارو اکر آهي يا عيسيَ جي شمع دعا،

توکي ڪهڙي ڄاڻ ته هو ڪو مولا آهي يا بندو آهي.

 

جڏهن انصاف جو قاصد درٻارن مان ٿي اچي ٿو،

سڀني کي خبر آهي، ان جو اڪثر جيڪو انجام ٿيو.

 

ميزان ڪهڙن هٿن ۾ هئي، ابرو جي جنبش ڪنهن جي هئي؟

اهلِ عدالت ڪنهن تي گجيا، ڪنهن تي لطف و ڪرم ٿيو؟

 

محفل محفل، مقتل مقتل، سڀ بسمل، جلاد آهي ڪير؟

ڪو سمجهي به نٿو سمجهي، ڪو اشارو به ڄاڻي ٿو.

 

نالو ڪنهن جو آهي، ڄار ڪنهن جو آهي ۽ هتي صياد ڪير آهي؟

اها ڳالهه نٿو ڄاڻي ته گل نٿو ڄاڻي، سڄي باغ کي ته اُن جي ڄاڻ آهي.

 

هڪ ٻيو ننڍو نظم مون ان وقت چيو، جڏهن ڀٽو شهيد رخصت ٿيو ته سندس ڪيترن Lilly puts پنهنجون پنهنجون پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ اڌ نالو ان جو رکي ڇڏيو: نيشنل پيپلز پارٽي ته ڪا پراگريسو پيپلز پارٽي، وغيره وغيره. ان تي مون اهو نظم لکيو هو. عنوان آهيِ ”حرف جي شهادت.“

اچو، جنهن عيسيٰ کي اسان ڦاهيءَ چاڙهيو آهي،

تنهن جو رتوڇاڻ بدن تي پار ڪڍون ۽ لڙڪ وهايون.

 

فرض تي پورا ثابت ٿيا آهيون، هاڻي قرض چڪايون،

سندس چاکڙي اهو کڻي وڃي، جنهن صليب ٺاهي هئي.

 

چادر جو حقدار اهو آهي، جهن ڪوڪو لڳايو هو،

ڪنڊن جو تاج ان جو آهي، جنهن جي اک لڙڪن سان ڀريل هئي.

 

اچو ته ماڻهن کي ٻڌايون ته هاڻي اسين سڀ عيسيَ آهيون،

مُردن کي ڇُهي ڏسون ۽ ڪو اعجاز ڏيکاريون-

پر سندس حرف هو سڀ ڪجههِ اهو حرف ڪٿان آڻيون؟

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org