سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب: --

صفحو :1

جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو

 

ڪامران شفيع

 

وزيراعظم، منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو،

السلام عليڪم

حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ، ملڪ اندر يڪجهتيءَ جي سلسلي ۾، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪردار بابت ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسين سڀ ڄاڻون ٿا، پر آءٌ اوهان جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ گهران ٿو. جڏهن پاڪستان 1971ع جي اونداهن ڏينهن ۾ هو، هن هڪ اخلاقي طور پست قوم جي اڳواڻي سنڀالي. هن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن لاءِ ڪيترائي اڳواڻ سڌون ڪن ٿا. ان وقت پاڪستان ٻن ٽڪرن ۾ ٽُٽي ۽ قومن جي ڀائيچاريءَ ۾ اڪيلو ٿي چڪو هو. ان جي معيشت تباهه ٿي چڪي هئي. بچاءُ وارين فوجن جي شڪست سان تذليل ٿي هئي. سڀ کان وڌيڪ، پاڪستان جي اوڀر واري پرڳڻي جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ڇڙوڇڙ ٿيڻ واري لاڙي کي هٿي ملي، پر هن 20 ڊسمبر 1971ع تي، صدر جي عهدي جو قسم کڻڻ کان پوءِ، تُرت ئي پنهنجيءَ تاريخي نشري تقرير ۾ واعدو ڪيو ته آءٌ ٽُڪرن کي ميڙي يڪجا ڪندس- ۽ پوءِ هن پنهنجي پختي عزم ۽ وڏيءَ همٿ سان ٽُڪرن کي گڏ ڪيو. هن پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي ايشيا ۾ اعليٰ ”ملٽري مِشن“ ۾ تبديل ڪري، ٻيهر مضبوط بنائڻ جو واعدو ڪيو. هتي، اسان جي گڏجاڻيءَ ۾، گهڻو ڪري آءٌ هٿياربند فوجن تي شڪ جي نظر وجهان ٿو، پر جيڪڏهن هڪ فوجي آمر اٿي کڙو ٿيو ۽ هن پنهنجي فائدي ۾ ملٽري قوت کي استعمال ڪيو، ان جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته هٿياربند فوجون هڪ قومي ادارو نه آهي، ته پوءِ اهي ڇا آهن ۽ اهي ڪيئن آهن، انهن کي ائين ئي رهڻ گهرجي.

جناب ڀٽي هن ملڪ جي هٿياربند فوجن لاءِ جديد هٿيارن وارو سرشتو حاصل ڪيو ۽ اوهين اها ڳالهه ياد رکو ته اهو اهڙو وقت هو، جڏهن پاڪستان بلڪل اڪيلو ٿي چڪو هو.

سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها آهي ته هن هٿياربند فوجن، خاص طور ”آرمي“ ۾ وڏي بنياد تي ٻڌل ڀرتيءَ واري سرشتي کي روشناس ڪرايو، ان ڪري اڄ سنڌ ريجمنٽ پڻ قائم ٿي آهي. حقيقت ۾، ماڻهو هن قومي اداري ۾ وڏو فخر محسوس ڪن ٿا. گڏوگڏ، جناب ڀُٽي دورِ رس صنعتي پروگرام جي شروعات ڪئي، ان خاص شعبي ۾ ”هيوي انڊسٽري“ وجود ۾ آئي. ان ڪوشش ۾ بچاءُ واريون صنعتون، هيوي انجنيئرنگ ڪمپليڪس ۽ اسٽيل مل شامل آهن. ويهن سالن کان پوءِ ان پروگرام کي شروع ڪيو ويو.

ان ڳالهه مان اهو ثابت آهي ته هن پنهنجي ٿورڙي وقت ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو. اها ڳالهه سندس ڪوشش جو نتيجو آهي جو هڪ رواجي پاڪستاني پنهنجيءَ قوم تي فخر ڪري ٿو ۽ ان سبب ئي هڪ وڏي قومي يڪجهتي قائم ٿي.

دنيا جي نظرن ۾ پاڪستان جي رُتبي کي ٻيهر بحال ڪرڻ، جناب ڀٽي جي وڏن ڪارنامن مان وڏو مکيه ڪم هو. اها ڳالهه بين الاقوامي معاملن کي سمجهڻ ۽ کيس ان تي عبور حاصل هئڻ سبب ممڪن ٿي، اهڙيءَ ڳالهه جو ڪاٿو ئي ڪونهي. 1974ع ۾، لاهور ۾، مسلم اڳواڻن جي چوٽي واري گڏجاڻيءَ جو انعقاد ڪري، هن سڄي دنيا کي ڄاڻايو ته عالمي سطح تي پاڪستان هڪ وڏي اسلامي طاقت آهي، جيڪو هڪ نمايان ڪردار ادا ڪندو. ان ڳالهه کي ٻيهر ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي ته اهڙيءَ ڀرپور خود اعتمادي ڪري ملڪ ۽ ڏيساور ۾ پاڪستانين جي دلين ۾ فخر جي لهر پيدا ٿي ۽ ان قومي يڪجهتي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ادا ڪيو.

جناب ڀٽي جي پرڏيهي پاليسيءَ واري رِٿا ۾، اولهه وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾، وچ اوڀر وارن ملڪن سان پاڪستان پختو رابطو قائم ڪرڻ وارو اهم جز هو. ان پاليسيءَ ڪري، غريب پاڪستانين لاءِ هزارين نوڪريون پيدا ٿيون، جيڪي نار جي منڊين ۾ ڪم ڪرڻ ويا ۽ ان سبب ملڪ ۾ ڪروڙن قيمتي ڊالرن جي منتقلي ٿي. چئني پرڳڻن ۾ اهڙي هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ هئڻ سبب، جناب ڀٽي کي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي اصول جو نشان سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي، پنجابي، پٺاڻ  بلوچ، سڀيئي کيس پنهنجو اڳواڻ سمجهن ٿا. اهڙو رتبو فقط قائداعظم محمد علي جناح کي حاصل ٿيو هو ۽ سندس بي وقت ۽ بي رحم وفات کان پوءِ ملڪ ۾ ڪنهن به پاڪستاني اڳواڻ کي اهڙي محبت ۽ وفاداري نه ملي هئي. خوش قسمتيءَ سان ملڪ ۾ نئين وزيراعظم جي صورت ۾ هڪ اڳواڻ مليو، جنهن کي سڀني پرڳڻن ۾ پذيرائي حاصل هئي. جناب ڀٽي کي سندس حياتي ۾ سٺو آڌرڀاءُ مليو، ويتر سندس ”قانوني قتل“ کان پوءِ پاڪستان ۾ تلخي پيدا ٿي.

آخر ۾، پنهنجي پرڳڻي کي آءٌ هڪ پنجابي هئڻ جي ناتي سان خبردار ڪندس ته پنجاب جي قوت جو نشان غريب عوام آهن، جيڪي ملڪ جي وڏي گهڻائيءَ واري آبادي آهن. آءٌ سول ۽ ملٽري، دانشور ۽ ڪاروباري، ٻنهي پنجابي حاڪمن کي خبردار ڪندي چوندس ته اهي هن خوبصورت ملڪ جي حدن اندر رهڻ سکن. هن ملڪ جي ٻين وفاقي ايڪائين جا ماڻهو هڪ جهڙا ئي محب وطن آهن. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اوهين گهڻائي ۾ آهيو، تنهنڪري اها ڳالهه اوهان کي ٻين ڪمزور پرڳڻن جي ماڻهن جي زندگي ۽ موت تي اختيار ڏئي ٿي.

 

                                                مهرباني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org