سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :7

 

 

[18]

 

نو مسلم شيخن جي حالات بيان ڪرڻ وقت سرهندي بزرگن جو ذڪر آيو آهي. سنڌ جي گذريل ٻن صدين جي تاريخ هنن بزرگن جي احوال کان سواءِ اڻپوري آهي. ديني ۽ روحاني ڪمن ۾ هيءُ مرڪز مسلمانن جي رهبري ڪندو رهيو آهي. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جا ڪيترا علم وارا افغانستان جي حضرت شاهه فضل الله سرهندي ۽ سندن فرزند شاهه عبدالقيوم سرهنديءَ جا مريد هئا ۽ وٽن ايندا ويندا هئا. انهن مريدن صادقن ۾ ٽکڙ تعلقي ٽنڊو محمد خان جا سادات به هئا. حضرت سيد ميران محمد شاهه اول اڻويهين صديءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ مٽيارين ويو ۽ اتان جي هڪ بزرگ حاجي شاهه جي مزار تي فاتحه پڙهي ته کيس اشارو ٿيو، ته پاڻ افغانستان وڃي حضرت شاهه عبدالقيوم جي فرزند خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿئي. کيس عالم تصور ۾ خواجه عبدالرحمان جي شبيهه مبارڪ به ڏيکاري وئي. ميران محمد شاهه پوءِ قنڌار پهتو ته خواجه عبدالرحمان جان کي ڏٺائين ته اهوئي بزرگ نظر آيس، جنهن جي زيارت مٽيارين ۾ کيس ڪرائي وئي هئي. خواجه صاحب انهيءَ وقت حج تي وڃڻ جي تيارين ۾ هئا، پر ميران محمد شاهه جي صدق دليءَ کي ڏسي حج تي وڃڻ جو ارادو موقوف ڪيائون. شاهه صاحب کين عرض ڪيو ته افغانستان جا سياسي حالات ڊانوان ڊول آهن، ان ڪري پاڻ هجرت ڪري سنڌ هلن ۽ سندن ڳوٺ ٽکڙ ۾ اچي رهائش پذير ٿين. حضرت خواجه صاحب في الفور هلڻ جي حامي نه ڀري. پوءِ ميران محمد شاهه موٽي ٽکڙ آيو.

ٻئي سال خواجه صاحب جن پنهنجن مريدن وٽ مٽياري آيا. پاڻ ارادو ظاهر ڪيائون ته هاڻي هو هميشه لاءِ مدينه منوره هجرت ڪري وڃي رهيا آهن. مريدن کي اها ڳالهه ٻڌي گهڻو ڏک ٿيو. ميران محمد شاهه ٽکڙن مان آيو ۽ حضرت صاحبن کي عرض ڪيائين ته هلي منهنجي ڳوٺ ٽکڙ ۾ رهو ۽ رشد و هدايت جو مرڪز قائم ڪريو. خواجه صاحب جن شاهه صاحب جي انهي پرخلوص التجا کي رد نه ڪري سگهيا ۽ اچي ٽکڙن ۾ رهائش پذير ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ ٽکڙن کان منتقل ٿي اچي ٽنڊي سائينداد ۾ رهيا، جتي پنهنجا گهر، مسجد ۽ مدرسو قائم ڪيائون.

خواجه عبدالرحمان جان سن 1898ع ۾ انتقال فرمايو. کانئن پوءِ سندن فرزند خواجه محمد حسن جان جاءِ نشين ٿيا. پاڻ اهل الله، صاحب ڪمال و جمال، اديب، شاعر، روحانيت جا امام هئا. گهڻو وقت عام جي سڌاري لاءِ وقف ڪيائون. شرڪ، الحاد ۽ بدعتن جي بيخ ڪني ڪيائون. پوءِ سن 1938ع ڌاري انتقال فرمايائون. کانئن پوءِ سندن فرزند فخر العلماء حضرت خواجه عبدالله جان المعروف به شاهه آغا صاحب مسند نشين ٿا. پاڻ قطب الاقطاب، روحانيت جا صاحب، عالم با عمل، شرعيت جا پاسبان، نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت بزرگ هئا. پاڻ دين جي حڪمن تي سختيءَ سان پابند هئا. هر سال مريدن جي اصلاح لاءِ دوري تي نڪرندا هئا. هالن پراڻن جا شيخ سندن معتقد خاص هئا، جن مان پهرين نالو شيخ محمد محسن جو اچي ٿو، جيڪو مٽيارين ۾ خواجه عبدالرحمان جو دست بيعت ٿيو. ان کان پوءِ سندس فرزند شيخ عبدالغني خواجه حسن جان ۽ حضرت شاهه آغا صاحب سان سلسله ارادت قائم رکندو آيو. حضرت شاهه آغا صاحب کي مون پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو هو. نوراني چهرو هون، وڏو جبو پائيندا هئا. مٿي تي گول نماز جي ٽوپيءَ تي سفيد پٽڪو، سفيد ڏاڙهي مبارڪ، گفتگو نرم پر ڪڏهن ڪنهن اختلاف جي ڳالهه نڪرندي هئي ته جوش ۾ اچي زور سان ڳالهائيندا هئا. فرمائيندا هئا ته اهڙا مسئلا نه پڇو، جن سان امت ۾ اختلاف پيدا ٿئي. عصر نماز کان پوءِ ذڪر به ڪرائيندا هئا. سندن ڪچهري خالصتن ديني مسئلن تي هوندي هئي. سياست يا ٻين موضوعن تي ڪونه ڳالهائيندا هئا. سن 1973ع ۾ ٽنڊي الهيار وٽ روڊ حادثي ۾ گذاري ويا. سندن متعلق هڪ واقعي جو ذڪر ڪجي:

حضرت مولوي احمد صاحب رحمته الله عليه 1956ع ۾ انتقال فرمائي ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت شاهه آغا صاحب جن تعزيت لاءِ آيا. سندن دستور ۽ طريقو تعزيت جو به جداگانه خالص ديني ۽ اسلامي هو. پاڻ قرآن شريف جي اها رڪوع تلاوت فرمايائون، جنهن ۾ ارشاد آهي ته باري تعاليٰ مؤمنن جو امتحان وٺي ٿو، مال، اولاد، بيماري ۾ مبتلا ڪري ۽ بشارت انهن کي ٿو ڏئي جيڪي انهيءَ امتحان ۾ صبر ڪن ٿا. انهن جي لاءِ جنت جي خوشخبري آهي، جنهن ۾ هميشه رهندا. آءٌ قرآن شريف جي انهن آيتن جو ترجمو علامه علي خان ابڙو صاحب جي ڪيل ترجمي سنڌي سان پيش ڪريان ٿو ته جيئن برڪت قرآن شريف سان. قارئين جي اعمال صالح ڪرڻ ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿئي.

”اي ايمان وارو! صبر ۽ نماز جي وسيلي (ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ) مدد وٺو ۽ يقين ڪريو ته الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن سان آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا، تن لاءِ به ائين نه چئو ته هو مري ويا آهن، نه نه هو زندهه آهن. پر توهان هنن جي زندگي ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو. (“ ياد رکو ته) توهان کي ضرور خطرن ۽ خوفن ۽ بکن جي تڪليفن، جان ۽ مال ملڪيت جي نقصانن ۽ فصلن جي تباهيءَ سان آزمائينداسين. پوءِ جيڪي ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪندا، انهن کي (فتح ۽ ڪامرانيءَ جي) بشارت ڏبي. اهي (صبر ڪندڙ) اُهي آهن، جيڪي جڏهن ڪا مصيبت مٿن اچي ڪڙڪي ٿي ته (بي قرار ٿيڻ جي بدران الله کي ياد ڪري پاڻ ۾وڏي قوت پيدا ڪن ٿا ۽ روحاني جذبي سان) چون ٿا ته اسان ۽ اسان جو سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي ۽ اسان کي انهيءَ ڏانهن ئي موٽڻو آهي.“ هي آيتون سورت بقره پاره سيقول آيت 153 کان 156 تائين جون آهن.

حضرت شاهه آغا صاحب جيترو وقت تلاوت ڪندا رهيا. حضرت والد صاحب، مولوي عبدالله صاحب، جن جي اکين مان لڙڪ زاروقطار وهندا رهيا. آخر دعا ٿي ته صبر ۽ قرار ٿيو. درحقيقت حضرت شاهه آغا اسان جي وڏن جا مربي ۽ راهنما هئا. پاڻ اسان جي چاچي ۽ والد صاحب کي پنهنجي اولاد ۽ عزيزن وانگر ڀائيندا هئا. مسلڪ ۽ طور طريقي ۾ هڪجهڙائي هين. اسان جو ڏاڏو حاجي محمد صاحب ڪاتيار واري بزرگ ميان ولي محمد جو مريد هو، پوءِ ڪن شرعي ڳالهين تان اختلاف ڪري بيعت تان هٿ کنيائين ۽ تعلق خواجه عبدالرحمان جان سان رکيائين، جو سلسلو اڃا تائين قائم آهي. هاڻي معلوم ٿيو آهي، ته حضرت شاهه آغا صاحب جن جو پوٽو صاحبزاده عبدالوحيد جان وڏو عالم ٿيو آهي ۽ قرآن شريف جو تفسير لکي پيو.

خواجه عبدالرحمان صاحب جا ڪجهه عزيز هالن پراڻن ۾ به اچي سڪونت پذير ٿيا، جن مان پير احمد جان سرهندي اسان جو ڏٺل هو. پوءِ ڪراچي لڏي ويو. هڪ دفعي زنجبار (اوڀر آفريقا) جي عرب حاڪم کيس سڏايو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. ڪجهه سالن کان پوءِ زنجبار ۾ فوجي انقلاب آيو ۽ سلطان جي حڪومت ختم ٿي وئي. انقلابين ٽئگانيڪا حڪومت ۽ زنجبار جو پاڻ ۾ اتحاد ڪري تنزانيا مملڪت جو بنياد وڌو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

سن 1935ع ۾ ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو. خواجه حسن جان اتي هئا. الله تعاليٰ کين حفاظت ۾ رکيو. البته سندن ڀاءُ خواجه محمد حسين جان، جان بحق ٿي ويا. ڪوئيٽا جي ڀرسان شيخ مانده ۾ حضرت صاحبن جو گهر آهي.

هاڻي موضوع کي ڪنهن ٻئي پاسي ڦيرائجي. ادب جي دنيا ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جي نام نامي اسم گراميءَ کان ڪير واقف نه هوندو. مخدوم صاحب ۽ اسان جي گهر جي وچ ۾ فقط هڪ ديوار آهي. اسان مخدوم محمد صالح کي تڏهن ڏٺو، جڏهن رٽائر ٿي چڪو هو. سندس اوطاق تمام وڏي هئي، جنهن ۾ سندس لائبرري هئي، جتي هزارين ڪتاب سليقه سان رکيل هوندا هئا. محمد صالح تصنيف ۽ تاليف جو ڪم پيو ڪندو هو. گهڻائي ڪتاب لکيائين. ڪتابن تي اسان جي چاچي ميان احمد صاحب کان نظر ثاني ڪرائيندو هو، ڇوته گهڻي ڀاڱي ڪتاب اسلامي هئا، جن جو اسلامي تاريخ سان واسطو هو. چاچي صاحب وٽ تاريخ تي عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن جو چڱو ذخيرو هو. ان ڪري هو مسودي جي ڇنڊ ڇاڻ انهن عربي فارسي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ ڪندو هو. مرحوم محمد صالح جو آخري ڪتاب ”فاروق اعظم“ هو، جنهن جو انتساب هن ڊاڪٽر حاجي محمد علي ميمڻ جي نالي ڪيو هو. ڪتاب هالن نون جي فردوس پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو. محمد صالح انگريزي تعليم سنڌ مدرسي مان حاصل ڪئي هئي. سن 1909ع ۾ ميٽرڪ ۽ فائنل امتحان پاس ڪيائين. سن 1910ع ۾ پوني جي زراعتي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، پوءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو. والي بال جو سٺو رانديگر هو. هڪ دفعي بال کي ڌڪ هنيائين ته بال اسڪول جي چؤديواري پار ڪري وڃي ٻاهر روڊ تي ڪريو. مون کي حسرت هوندي هئي ته اهو گرائونڊ وڃي ڏسان، جتي محمد صالح والي بال راند ڪندو هو، پوءِ اٺ ڏهه سال اڳ سنڌ مدرسي ويس، پر اتي ڪوبه گرائونڊ هاڻي نه آهي. هر طرف وڌيڪ ڪلاس روم ۽ بلـڊنگون ٺهي ويون آهن. محمد صالح سن 1920ع ڌاري تعليم کاتي ۾ ملا اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشن آفيسر ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ جي گهڻن شهرن ۾ رهيو. سن 1922ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ماستر ٿيو. پاڻ وڏو ايماندار آفيسر هو. ماتحتن جي ماني ڪونه کائيندو هو. سندس همسفر يا خادم حاجي محمد سنائي مرحوم هوندو هو، جنهن وٽ اٺ هوندو هو. مخدوم صاحب سنڌ جي اسڪولن جي گشت تي نڪرندو هو ته انهيءَ اٺ تي سفر ڪندو هو ۽ سندس ماني حاجي محمد ٺاهيندو هو. هاڻي ٻئي جنت ۾ پيا ڪچهريون ڪن.

مخدوم محمد صالح گهڻا ڪتاب مطبوعه ۽ غير مطبوعه لکيا آهن، مـطبوعه ڪتاب هي آهن: (1) سيدهِ النسا ِّ (2) بي بي رابعه بصري رحه (3) مـنـصـور حـلاج (4) صـديـق اڪـبـر رضه (5) عـروس ڪـربــلا (6) سـقراط (7) اخــلاقــي جــواهـر (8) مـنـهـاج الـمـؤمـنـيـن (9) اسـان جـو پـيـارو آقــا؟ (10) واندڪائيءَ جي وندر (11) فتوحات اسلام (12) فاروق اعظم رضه.

سندس اڻ ڇپيل ڪتاب هي آهن: (1) احسان فقير جو ڪلام (2) المرتضيٰ (3) حيات سعدي (4) ڪلام صوفي (سندس والد صاحب جو ڪلام) (5) ڪلام مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (6) مضامين متفرقه.

مخدوم صاحب 66 سالن جي عمر ۾ سن 1953ع ۾ وفات ڪئي، کيس محمد امين ۽ محمد اشرف ٻه فرزند هئا.

محمد امين ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ ائـنيمل هسبنڊريءَ جو پروفيسر هو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان، پوءِ ايم. ايس. سي ايگريڪلچر پونا يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سن 1950ع ۾ حڪومت جي طرفان آمريڪا اعليٰ تعليم لاءِ ويو. عجيب قلندراڻي طبعيت جو مالڪ هو. نهايت ايماندار هو ۽ سخت اصول پرست هو. ڪيترن پرنسيپالن سان نه ٺهيو. غربت ۾ زندگي بسر ڪيائين، پر اصولن تي سودي بازي نه ڪيائين. وڏو عيالي به هو، چرچائي ۽ ڀوڳائي به هو. هالا پراڻا ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، گهڻو ڪونه آيو. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ ڏاڙهي قدرتي فرينچ ڪٽ هئس، هڪ دفعو پاجامو پائي ڳوٺ آيو، ڪنهن سڃاتس ڪونه. ڪنهن پڇيس ته تون ڪير آهين؟ جواب ڏنائين ته مين پناهه گير هون. انهيءَ زماني ۾ پاڪستان تازو ٺهيو هو. ٻي ڳالهه هيءَ ڪندو هو ته جڏهن پوني مان پڙهي آيس، ته بابا (محمد صالح ڀٽي) جامع مسجد جي محراب ۾ وٺي هليو ۽ قرآن پاڪ تي هٿ رکائي واعدو ورتائين ته حرام ڪونه کائيندس. مرحوم زندگي ڀر سخت ايماندار آفيسر ٿي رهيو. سن 1990ع ڌاري گذاري ويو.

سن 1967ع ڌاري منهنجو واسطو آغا محمد يعقوب شڪارپوريءَ سان ٿيو، جيڪو آخر دم تائين هلندو رهيو. آغا صاحب ڪمشنر جي عهدي تائين پهتو هو ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن لاهور جو ميمبر ٿي رهيو. سڄي زندگي سرڪاري ملازمت ۾ گذاريائين. بي انتها ايماندار، بي رياء، ديندار ۽ سنڌ جي شرافت جو پتلو هو. ڇهين نمبر لطيف آباد ۾ گهر هوس. طبعيت جو البت تيز هو، ان ڪري ڪنهن جي اڍنگي روش برداشت ڪونه ڪندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ اها تمنا هئس ته قرآن شريف جو ترجمو ڪري شايع ڪرايان. پوءِ ته باقي عمر انهيءَ جستجوءَ ۾ گذاريائين. قرآن پاڪ جو ترجمو انگريزيءَ ۾ لکيو اٿس. ان ۾ موقعي جي مناسبت سان رومي، اقبال ۽ شاهه جا شعر به شامل ڪيا اٿس. فارسي زبان ڄڻ ته سندس مادري زبان هئي. ان ڪري رومي ۽ اقبال کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئس. البته ڀٽائيءَ جي پراڻي سنڌيءَ لاءِ کيس ٻين کان مدد وٺڻي پئي. هڪ سگهڙ کي هٿ ڪيو هئائين، جيڪو وٽس ايندو هو. ان کان پوءِ ڏکين سنڌي لفظن جي معنيٰ معلوم ڪندو هو. ٻين وٽ به ويندو هو، پوءِ ڳالهه ايتري وڌي جو شاهه جي رسالي جي لغت لکيائين. مون کي اها خبر نه آهي ته اها لغت ڇپي به هئي يا نه! البته رسالي جو انگريزي ترجمو ٻه دفعا ڇپيو آهي. هڪ رٽائر سرڪاري ملازم جي اها علمي ۽ ديني ڪاوش قابل ستائش آهي. آغا صاحب وقت جو زيان نه ڪيو ۽ آخر دم تائين علمي ميدان ۾ متحرڪ رهيو. رسالو لکيائين ته اهو فڪر دامنگير ٿيس، ته رسالو ڪيئن ڇپجي. ڇوته وٽس فاضل سرمايو ڪونه هو. اهو ڪم ايريگيشن جي رٽائرڊ چيف انجنيئر شيخ تاج محمد پورو ڪيو، جنهن سان آغا صاحب جا قريبي تعلقات هئا. پهريون ڀيرو رسالو ليٿو ۾ ڇپيو. هاڻ پريس ۾ ڇپيو آهي. آغا صاحب وڏو ڪريم النفس ۽ مهمان نواز هو. وڃبو هو ته فروٽ کڻي ايندو. مثلا: صوف، انب يا آڙو وغيره. پوءِ پنهنجي هٿن سان ڇليندو يا وڍيندو هو. نوڪر کي نه سڏيندو. هو نوڪر گهڻي ڀاڱي وٽس هوندا به ڪونه هئا. ڇوته نوڪر اڻ پڙهيل ۽ بي ڍنگا هوندا هئا. آغا صاحب جي شائسته طبعيت اها ڳالهه برداشت نه ڪندي هئي. آخري عمر ۾ سنڌ يونيورسٽي سندس علمي ڪاوش جو قدر ڪندي کيس پي ايڇ. ڊي جي اعزازي ڊگري ڏني. آغا صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ قبر ٺهرائي ڇڏي هئي ۽ پاسي کان سرون به رکايون هئائين. پر آخري عمر ۾ ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو ۽ دفن به اتي ٿيو.

آغا صاحب جو هڪ دوست مرحوم شاهه محمد تنيو هو، جيڪو ميرو خان ضلع لاڙڪاڻي جو قريشي خاندان مان هو. هن جا وڏا روحاني بزرگ ۽ اهل الله هئا. سندن مقبرا اڃا تائين ميرو خان ۾ آهن. شاهه محمد بي. اي جهونا ڳڙهه ڪاليج مان پاس ڪئي. جتي سنڌ جا گهڻا شاگرد تعليم لاءِ ويندا هئا. ان کان پوءِ مختلف جاين تي سرڪاري ملازمت ۾ رهيو. آخر ۾ مغربي پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن لاهور مان بطور ڊپٽي سيڪريٽري رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن قائم ٿي، ته ان ۾ امتحانن جو ڪنٽرولر مقرر ٿيو. اتي ٻه سال کن ڪم ڪيائين. سن 1983 ۾ انتقال ڪيائين. مرحوم جمله ٽي شاديون ڪيون. ٻيو نمبر بمبئي جي ڪا نيڪ بخت خاتون هئي، جنهن مان ٻه پٽ ٿيس. هڪ فضل ڪريم، ٻيو فضل الله، فضل ڪريم ڊاڪٽر ٿيو ۽ منهنجو ڪلاسي ٿيو. اهو سن 1968ع ۾ انگليـنڊ هليو ويو ۽ تادم تحرير اتي ئي آهي. البته فضل الله، ڏوڪريءَ ۾ زرعي فارم تي آهي.

سن 1969ع ۾ منهنجو پروموشن ڪلاس ون ۾ ٿيو ته مون کي لطيف آباد مان بدلي ڪري ٽنڊي ڄام جي هيلٿ سينٽر جو انچارج مقرر ڪيائون. ٽنڊو ڄام سنڌ جي ابتدائي هيلٿ سينٽرن مان هو ۽ مثالي ڪري ليکبو هو. سندس افتتاح انهيءَ وقت جي وزير صحت عبدالقادر سنجراڻي ڪيو هو. مون جڏهن چارج ورتي ته هيلٿ سينٽر جي حالت بدتر دگرگون هئي. نه هيون دوائون، نه اوزار، نالي ۾ آپريشن ٿئيٽر هو، پر هو صرف ڏيکاءَ لاءِ. ليبارٽريءَ ۾ ٽيسٽون ٿينديون هيون ۽ اهي به غير معياري. جمله 10 بسترا مريضن لاءِ هئا، جن ۾ گهڻو ڪري زخمي، ڌڪي ۽ روڊ حادثن جا مريض داخل ٿيندا هئا ۽ اها مجبوري فقط سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ هئي، ڇوته خانگي ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن کي اختيار نه آهي ته سرٽيفڪيٽ ڪڍي سگهن. ٻي وڳي اسپتال کي تالو لڳندو هو، البته ڌڪي داخل ٿيندا هئا يا حيدرآباد ڏانهن منتقل ٿيندا هئا. اسپتال ۾ مريضن جو حسب دستور هجوم هوندو هو. اصل مريض گهٽ ۽ شوقين مريض گهڻا. مطلب ته حالات اهي ئي هئا، جي آءٌ اڳ لکي چڪو آهيان. هيءُ حالت سنڌ جي سڀني اسپتالن سان هئي ۽ اڃا به آهي. هاڻي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حالات وڌيڪ خراب ٿيا آهن. بلـڊنگون پراڻيون ٿي چڪيون آهن، فرنيچر ڀڳو ٽـُـٽو پيو آهي، بدعنواني عام آهي. خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو؟ سڌارو ڪڏهن ايندو؟ اقتدار جا صاحب دعوائون گهڻيون ٿا ڪن، پر اعمال ظاهر پيا آهن. نه سياسي ليڊرن ٻوٽو ٻاريو نه فوج ڪا بهتري آندي. ڌڻي صاحب رحم ڪري اسان تي. هتي هڪ واقعو بيان ڪجي ٿو:

هڪ ڏينهن مون اسپتال مان موڪل ورتي. ٻئي ڏينهن صبح جو بس ۾ حيدرآباد کان سوار ٿي ٽنڊي ڄام وڃي رهيو هئس ته ”عبرت“ اخبار ۾ پڙهيم ته ڪنهن صاحب بيان ڏنو آهي، ته ٽنڊي ڄام هيلٿ سينٽر ۾ مريضن کي مـُـڏيون سيون هڻن ٿا. بيان ڏيندڙ هو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، جيڪو پيپلز پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري هو. مون هيلٿ سينٽر پهچي معلوم ڪيو، ته خبر پئي ته ڪامريڊ صاحب ڪالهه آيو هو ۽ اسٽاف سان وڙهي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪامريڊ صاحب منهنجي موجودگيءَ ۾ آيو. بيحد ادب ۽ اخلاق سان مليو. وڏو سٻاجهو ۽ خوش خلق، خوش مزاج ۽ خوش گفتار انسان نظر آيو. ڪنهن زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهيو هو. گهڻو وقت حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيو هئائين. خاڪسار تحريڪ سان به واسطو رهيو هئس، مطلب ته هر انقلابي جدوجهد ۾ حصيدار هو. ڪيترا ڀيرا لٺيون کاڌائين ۽ ڪيترا دفعا جيل به ويو. سچ هميشه چوندو هو. سچ سان گڏ مزاح ضرور شامل هوندي هئي. تقريرون بيباڪ ڪندو هو. ڀٽي صاحب غريبن جي حقن جي بحاليءَ جو نعرو هنيو، ته هيءُ وڃي ساڻس شامل ٿيو ۽ کيس پيپلز پارٽيءَ جو پهريون سيڪريٽري ڪيائون. ڀٽي صاحب سان جلدي ذات وڏيرا، پير، مير، چوڌري ۽ خان اچي مڙيا. هاڻي هن سچ جي علم بردار کي يقين ٿيو ته هن پارٽيءَ مان ڪجهه به ورڻو نه آهي. عوام کي ڌوڪو ڏيڻو آهي، سو پيپلز پارٽي تان استعيفا ڏنائين. تقريرون ڪندو هو ته وڏيرن کي ست سـُـريون ٻڌائيندو هو، پر غريبن جي اڳيان هٿ ٻڌڻ وارو هو. هن ڀٽي صاحب کي به سڌيون ٻڌايون. نيٺ پارٽيءَ مان نڪري ويو ته سڀني جي جند ڇٽي. گذريل چند سالن ۾ پنهنجي ياداشتن تي مشتمل ٽي چار ڪتاب لکيا اٿس، جن ۾ سياستدانن ۽ وڏيرن جا پول پڌرا ڪيا اٿس. ڪتاب حيرت انگيز معلومات سان ڀرپور آهن. ڪٿي ڪٿي مزاحيه انداز اختيار ڪيو اٿس، ڪٿي وڌاءُ به ٿي ويو اٿس. پر مجموعي طور تي سچ جو علمبردار آهي. سچ چوڻ تمام ڪڙو آهي. ڪامريڊ ان کي مزاح جي گلقند ۾ گڏي لکيو آهي، جيئن هضم ٿي سگهي. مون سان تمام شفقت ۽ محبت وارو رستو اٿس. وڏا ڪارناما اٿس. وڏن گڙنگ ليڊرن سان اٿيو ويٺو آهي، جيئن: مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد، گانڌي، سرخپوش، اوڀر وارو ۽ ٻيا گهڻا. البته اسان جي نام نهاد ليڊرن ۽ حاڪمن جو ڪٽر دشمن آهي. ڪامريڊ جهڙا ماڻهو هن دنيا ۾ هجڻ ضروري آهن، جو سچ چوڻ جي جرئت رکن. مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين عالمن اديبن سان برادريءَ وارو تعلق هئس. سندس ٻه فرزند آهن، مظفر حسين، جيڪو ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، ٻيو غلام رسول خان جيڪو پيءُ سان ٻني ٻاري ۾ مددگار آهي.

ٽنڊي ڄام جي ايٽمي زرعي مرڪز ۾ ڊاڪٽر خوشنود صديقي نامور سائنسدان ٿي رهيو آهي. هيءُ سن 1967ع ۾ ڪئناڊا جي البرٽا يونيورسٽي مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيو هو. اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ هميشه مٿي رهندو هو. ڪافي وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهيو آهي. پاڪستان موٽڻ کان اڳ آمريڪي حڪومت ۾ سائنسدان هو ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندو هو. پوءِ ٽنڊي ڄام آيو ته هتي نئون ايٽمي زرعي مرڪز کليو هو. هن کي ملازمت جي آڇ ڪيائون. پوءِ هتي ئي رهي پيو. ڊاڪٽر صاحب وڏو محب وطن، لالـچ کان بي نياز ۽ قلندراڻي طبعيت جو مالڪ آهي. هاڻي رٽائر آهي ۽ ٽنڊي ڄام جي مير محلي ۾ رهي ٿو. پاڻ ڪڻڪ جي داڻن تي تحقيق ڪري موئن جي دڙي مان مليل ڪجهه داڻن مان فصل تيار ڪيو اٿس. ميڪسي پاڪ ڪڻڪ تي وڏي تحقيق ڪئي اٿس ۽ زرعي نيوڪليائي موضوع تي هڪ ضخيم ڪتاب به لکيو اٿس. نماز روزي جو به سخت پابند آهي. هن ٻڍائپ ۾ چاق و چوبند آهي. مختلف بين الاقوامي مذاڪرن ۾ اڃا تائين به ويندو رهي ٿو. شعر ۽ شاعريءَ سان گهڻو چاهه اٿس ۽ پاڻ به گهڻا شعر چيا اٿس. گفتگوءَ ۾ شعر ضرور استعمال ڪندو. هڪ در بي بها آهي. هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ Ph.D جي شاگردن جي راهنمائي ڪندو آهي ۽ پروفيسر ايمريٽس آهي.

 

[19]

ٽنڊي ڄام اسپتال ۾ هڪ ڪمپائونڊر غلام مصطفيٰ ٻٻر هو، جيڪو ڏاڍو محبتي ۽ اخلاق وارو هو. اسپتال جي ڪم کي هميشه مٿي کنيو بيٺو هوندو هو. مون وٽ مهمان يا ملاقاتي ايندا هئا ته پاڻ وڃي چانهه يا بسڪوٽ وٺي ايندو هو ۽ هر ڪنهن جو آڌر ڀاءُ ڪندو هو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد عرس صوفي هو، جيڪو اديب، شاعر ۽ حاذق حڪيم هو. ٽنڊي الهيار مان هفتيوار سنڌي اخبار ”انجيڪشن“ ڪڍندو هو، جنهن ۾ ڏاڍي جي ڏاڍائي ۽ ظالم جي ظلم کي وائکو ڪندو هو. غلام مصطفيٰ مون سان سڄي عمر ساٿ نڀايو. دمه جي بيماري هئس. سن1999ع ۾ آءٌ ڪراچي اسپتال ۾ ايم. ايس هئس ته هن کي کڻائي آيا. مون کيس داخل ڪرايو. سندس علاج شروع ٿيو، پر ڏينهون ڏينهن طبعيت ڍرڪندي ويس، تان جو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. هن جي جوان موت جو مون کي افسوس رهندو، ڇوته مرحوم مون ۾ حجت ساري آيو هو ۽ رب سائين جي رضا آهي. صبر ۽ آزي نيازيءَ کان سواءِ ٻيو رستو ڪو نه آهي. مون غلام مصطفيٰ جي وڏي نياڻيءَ جي شادي پنهنجي ڀاڻيجي مسعود احمد سان ڪرائي. الحمدلله ٻئي صاحب اولاد آهن ۽ پاڻ ۾ خوش آهن.

ٽنڊي ڄام واري زماني ۾ هڪ درويش دوا جي واسطي گڏهه تي چڙهي ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌندو هو، وڏو اشراف ۽ غريب ماڻهو هو. پنهنجي ڪم سان مطلب رکندو هو ۽ دوا وٺي هليو ويندو هو. هڪ دفعو آيو ته ڪڻڪ جي ٻوري کڻي آيو ۽ اچي مون کي ڏنائين. مون پڇيومانس، ته درويش! هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون پاڻ مسڪين ماڻهو آهين. هيءَ تڪليف نه ڪر. چيائين ته فصل لٿو آهي. مون باس باسي هئي ته منهنجو ٻچو تنهنجي دوا سان چاق ٿيندو، ته توکي ڪڻڪ جي ڳوڻ ڏيندس. مون پوءِ به منع ڪئي مانس. پر هيءُ پختو انسان هو. اصل ڳالهه نه مڃيائين. وڌيڪ زور ڏيڻ کيس رنج ڪرڻ جي برابر هو. توهان کي شرافت ڳولڻي هجي ته سنڌ ۾ ڏسو، هيءُ ظاهر ۾ فقير هو، پر اندر ۾ امير هو.

ٽـنـڊي ڄــام جـو ٿــاڻــو هيلٿ سينٽر جي سامهون آهي. صوبيدار جو نالو الله بخش جسڪاڻي هو ۽ A.S.I جو نالو مقبول احمد هو. جسڪاڻي سن 1997ع ڌاري حيدرآباد ۾ راحت سينما واري گهٽيءَ ۾ وڳوڙين هٿان شهيد ٿي ويو. پويان ٻچا يتيم ٿي ويس. هاڻي سندس نياڻي ڊاڪٽرياڻي ٿي آهي. مقبول جي اهليت مان معلوم ٿيندو هو ته اڳتي هلي پوليس ۾ وڏو آفيسر ٿيندو، ڇوته وڏو بهادر ۽ ڦڙت انسان هو. تربيت دوران شهدادپور جي پوليس اڪيڊميءَ ۾ پهريون نمبر آيو هو. پر مقدر ۾ ڪجهه ٻيو لکيل هوس. ڀٽي صاحب جيڪي 1400 آفيسر ڪڍيا، انهن ۾ هن جو به نالو اچي ويو. پوءِ وڃي مرحوم محمد خان جوڻيجي وٽ ڪمدار ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اسد خان جوڻيجي وٽ ڪمدار آهي.

ٿاڻي مان هڪ سپاهي قادر بخش ايندو هو، جيڪو ”پيري“ هو، يعني چورن جا پير کڻندو هو. کيس ”ٻوڙو پيري“ چوندا هئا. ڇوته ڪنن کان وڏو هو، پر پنهنجي ڄاڻ ۾ ماهر هو. پيرا کڻي وڏيون چوريون پڪڙيون هئائين. چورن کيس ڪيترا دفعا مارون به ڪڍيون هيون. هڪ ڏينهن مون سندس آزمائش ورتي. هڪ وارڊ بواءِ کي چيو ته، جهنگ منهن ڪري ڀڄي وڃ. هـُـو صبح جو ويو ته منجهند جو موٽيو. پوءِ ٻوڙي پيري کي چيوسين ته هن جا پيرا کڻ. ٻوڙي بلڪل صحيح پير کنيا ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اچي رستو ٻڌايائين. جهنگ جبلن ۽ بيابانن ۾ پيرا کڻڻ پراڻو فن آهي، جڏهن جديد مشينون ڪونه آيون هيون. ٻوڙو پيري هن قديم فن جو يادگار هو. مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته اهڙا پيري عرب ملڪن ۾ گهڻا ٿين ٿا.

سن 1965ع تا سن 1970ع تائين جو دور سياسي طور کان بيحد  پر آشوب هو. هڪ دفعو ڀٽو صاحب حيدرآباد آيو ته هوٽل ۾ شاگردن کيس خطاب ڪرڻ لاءِ  سڏيو. ڀٽو اقتدار کان ٻاهر هو. سندس چوڻ هو ته سنڌين کي ڪڏهن به اقتدار نه ملندو، ڇوته فوج ۾ سنڌي ڪونه آهن. پوءِ کيس سن 1971ع ۾ اقتدار مليو، پر نتيجو خراب نڪتو.

سن 1971ع ۾ منهنجي بدلي سروسز اسپتال وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ ٿي. هيءُ صرف سرڪاري ملازمن جي سهوليت لاءِ هئي ۽ منجهس ڪو وارڊ وغيره ڪونه هو. البته ڪورٽن جا سرٽيفڪيٽ هتان نڪرندا هئا، جيڪي سول سرجن ڪڍندو هو. انهيءَ زماني ۾ سول سرجن ڊاڪٽر شمس الضحيٰ هو، جيڪو بهار جي پاسي جو ويٺل هو. سن 1971ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، ڊسمبر ۾ اسين وحدت ڪالوني اسپتال ۾ هئاسين. هڪ ڏينهن صبح جي پهر ۾ هندستاني هوائي فوج جا ٻه جهاز ڪوٽڙي بيراج تي بم ڪيرائڻ جي نيت سان آيا. سروسز اسپتال تان صرف وڻ جي اوچائي تان اچي لنگهيا. جهازن جو رنگ پيلو هو، پوءِ ڌماڪن جا آواز آيا پر بم پـُـل جي بدران درياء ۾ وڃي ڪريا. نقصان کان بچاءُ ٿيو. البته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني هوائي فوج هڪ ڀارتي هوائي جهاز موجوده راجپوتانا اسپتال جي سامهون گورا قبرستان ۾ ڪيرايو هو. جهاز جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويا ۽ پائليٽ گرفتار ٿيو. جهاز جو هڪ وڏو ٽڪر مون کي به هٿ آيو، جيڪو پوءِ گهڻو وقت مون وٽ هو. جڏهن شملا معاهدو ٿيو ته جنگي قيدين جي مٽا سٽا ۾ مٿيون پائليٽ به آزاد ٿي هندستان هليو ويو.

مجموعي طور تي پاڪستان جو دفاع سن 1971ع ۾ بيحد ڪمزور هو. پر ذرائع ابلاغ ۾ آيو پئي ته پاڪستان اولهه پاڪستان ۾ جنگ کٽي رهيو آهي. نيٺ يحيٰ خان ٽيليويزن تي تقرير ڪري شڪست جو اعتراف ڪيو ۽ بنگلا ديش عليحده ٿيو. اولهه پاڪستان ۾ به جنگ بندي ٿي. انهيءَ جنگ دوران خوف ۽ هراس ڏاڍو پکڙيل هو ته هندستان پاڪستان کي فتح ڪري وٺندو. سڀني سمجهيو پئي ته پاڪستان وڃي رهيو آهي، پوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو حاڪم ٿيو ته ڪي اهڙا اقدام ورتائين، جو ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيو ۽ خوف جي فضا ويندي رهي. هو نتيجو هو سينسرشپ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ جو.

پاڪستان ۾ ذرائع ابلاغ جو ڪردار ڪو خاص روشن نه رهيو آهي. پريس ۽ ٻيا ذريعا آزاد نه رهيا آهن. هميشه حڪومتي دٻاءَ هيٺ يڪطرفيون خبرون اينديون رهيون آهن. فوجي حڪمرانن جي دور ۾ ته پريس کي چڱيءَ طرح گهٽيو ويندو آهي. ايماندار صحافي هميشه کان گهٽ رهيا آهن. انهن کي قيدن، بندن، موچڙن مارن ۽ ٻين طريقن سان خاموش رکيو ويندو آهي. سچ لکندڙ گهٽ هوندا آهن. باقي جيڪي حڪومتي خوشامد ۾ لکن انهن کي وڏا فائدا ملندا رهندا آهن. اوڀر پاڪستان ۾ به ائين ٿيو. فوج هزارين ماڻهو مارائيندي رهي، ڪروڙن جون رقمون بينڪن مان فوجي ڪڍائي ويا، ڪيتريون عورتون عصمت دريءَ جون شڪار ٿيون، لکين ماڻهو هندستان ڀڄي ويا، خود فوج جا ڪيترا سپاهي ۽ عملدار مارجي ويا. پر اخبارن ۾ سڀ خير لڳو پيو هوندو هو. ٽيليويزن اڃا ايتري عام ڪانه ٿي هئي. يحيٰ خان شڪست جو اعلان ٽيليويزن تان ڪيو، جنهن انداز سان ڳالهايائين ٿي ته سمجهه ۾ آيو ٿي ته شراب پي آيو آهي. اهڙي سخت درماندگيءَ جي حالت ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿيو. ذرائع ابلاغ هميشه حقيقتون لڪايون آهن. مثلا: 1948ع تي قائد اعظم انتقال ڪري ويو. چاليهن سالن کن کان پوءِ ظاهر ٿيو ته سندس علاج ۾ سستي ڪئي وئي، کيس زبردستي زيارت ۾ رکيو ويو. سندس وفات ڪراچيءَ ۾ ٿي. کيس ماريپور هوائي اڏي کان ڪراچي تائين جيڪا ايمبولينس ڏني وئي، اها رستي ۾ خراب ٿي. سن 1948ع ۾ قائداعظم جي وفات جي باري ۾ ڪجهه ٻيو لکيل هو. لياقت علي خان شهيد ٿيو ته اها ڳالهه اڃا تائين راز ۾ آهي. مختلف انومان ضرور سامهون آيا آهن. ون يونٽ ڇو ٺهيو ۽ ڇو ٽٽو. انهيءَ جي پٺيان ڪهڙا اسباب هئا؟ بنگلا ديش ڪيئن ٺهيو ۽ ڇا مجيب الرحمان واقعي آزاد بنگلا ديش گهريو ٿي؟ محترمہ فاطمہ جناح جو موت فطري هو يا قاتلاڻو حملو هو؟ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي پٺيان اصلي سبب ڪهڙا هئا؟ مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڇو شهيد ٿيا؟ ڪارگل ۾ شڪست ڪيئن آئي؟ اوجهڙي ڪيمپ ۾ باهه ڇو لڳي؟ غرض ته هزارين سوال آهن، جن جو ڪو جواب ڪونهي. ميڊيا لڪايو آهي ۽ ماڻهن کي انڌيري ۾ رکيو ويو آهي. انهيءَ ۾ حڪومتي دٻاءَ ۽ ترغيب ۽ تحريص به شامل آهي ته ميڊيا جي طرفان خود ساخته سينسر به آهي. جنهن ملڪ ۾ اخبارون، ٽي وي، ريڊيو ۽ انٽرنيٽ آزاد نه آهن، انهيءَ ملڪ ۾ سياسي انقلاب اچڻ مشڪل آهي ۽ عوام جي حالت هميشه بگڙيل رهندي. ۽ هو انڌيري ۾ رهندا.

سن 1971ع واري دور ۾ ڪن اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون رهيون. جسٽس قادر نواز اعواڻ هاڻي رٽائر ڪري آيو هو، سندس تعلق شڪارپور جي علمي خاندان سان هو، ۽ انهيءَ وقت بينڪن جي پگهار ڪميٽين جو چيئرمين هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به ٿيو. شڪارپور جو ويٺل هو ۽ سندس وڏا انگريزن جي طرفان قاضي مقرر ٿيندا هئا. پوءِ منجهانئن ڪي جج (Judge) به ٿيا. قادر نواز شريف الطبع ايماندار ۽ سچو مسلمان هو. فيصلن ۾ بي رياء هوندو هو. ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ ڪونه ايندو هو، ذاتي زندگيءَ ۾ سادو سودو سچار انسان هو. سن 1982ع ڌاري انتقال ڪري ويو. ٻيو قاضي محمد الياس هو، جيڪو اصل ۾ خيرپور اسٽيٽ ۾ سيشن جج هو. ون يونٽ کان پوءِ سنڌ ۾ جج ٿيو. تمام هوشيار ۽ قانون جو ڄاڻو هو، ميٽرڪ کان پوءِ علي ڳڙهه ۾ پڙهيو، جتي ايوب خان ۽ هن جو ڪمرو گڏ هئا. پر ايوب خان کيس ڪم نه آيو. يحيٰ خان جيڪي آفيسر ڪڍيا، انهن جو تعداد 303 هو. قاضي الياس انهن مان هڪ هو. گهڻو وقت سندس پٽ سنڌي مسلم سوسائٽي حيدرآباد ۾ رهندو هو.

هڪ دفعي اسڪوٽر هلائيندي مون کي حادثو پيش آيو. هي واقعو سن 1972ع جو آهي. ڌڪ هڻڻ واري گاڏي فائربرگيڊ وارن جي هئي ۽ مون کي مٿي ۾ ڌڪ لڳا ۽ 24 ڪلاڪ سول اسپتال حيدرآباد ۾ بيهوش هئس، هفتي کان پوءِ ڊسچارج ڪيائون. ان واقعي کان پوءِ آءٌ مهينو کن موڪل تي هليو ويس.

موڪل تان واپس آيس ته ڊائريڪٽر هيلٿ جي آفيس مان شيخ محمد يامين صاحب جو فون آيو، ته سنڌ حڪومت کي ڪنهن ڊاڪٽر جو نالو کپي، جيڪو سعودي عرب وڃي حاجين جو علاج معالجو ڪري. مون کان منهنجي مرضي پڇيائين، جنهن جو مون هاڪار ۾ جواب ڏنو. هفتي کن اندر مون کي سعودي عرب وڃڻ جو حڪم مليو. ٽڪيٽ ڪراچيءَ مان ملڻي هئي ۽ وڃڻ جو انتظام هوائي جهاز رستي هو. شايد 27- آڪٽوبر تي آءٌ احرام ٻڌي جهاز ۾ ويٺس، جو مون کي حج جو به ارادو هو ۽ في الوقت عمرو به ڪرڻو هو. جهاز ۾ فلمي اداڪار محمد علي پنهنجي والد صاحب ۽ زوجہ زيبا سان عمري لاءِ وڃي رهيو هو. ساڍن ٽن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان جدي ايئرپورٽ تي لٿاسين. رات جو وقت هو ۽ هوائي اڏي تي سخت گرمي هئي. سعودي عرب پاڪستان کان گرم آهي. بهرحال گرمي قابل برداشت هئي. پاڪستاني سفارتخاني جي طرفان 2-3 گاڏيون اسان کي وٺڻ آيون هيون. مون سان گڏ ڪجهه ٻيا پاڪستاني ڊاڪٽر به هئا، جن جو تعلق پنجاب ۽ سرحد سان هو. هوائي اڏي تان اسان سڌو جده ۾ محمد الياس بلوچ جي گهر وڃي لٿاسين، جيڪو پاڪستاني سفارتخاني ۾ حج آفيسر هو. اتي 3-4 راتيون ترسياسين. صبح جو ڊائريڪٽر حج جي آفيس ۾ ويندا هئاسين، جيڪو پاڪستاني سفارتخاني طرفان قائم ڪيل هو. ڊائريڪٽر حج جو نالو احسن خان هو ۽ پشاور جي پاسي جو هو. اهي ابتدائي چار پنج ڏينهن منهنجي طبعيت ناچاق رهي. ايتري قدر جو ارادو ڪيم ته موٽي وڃان، پر صبر کان ڪم ورتم. پهرين ڏينهن فجر کان پوءِ عمرو ادا ڪيوسون.

دراصل حج جي ڊيوٽي تي منهنجو نالو تجويز ڪرڻ ۾ شيخ يامين صاحب جو وڏو دخل هو. پاڻ صحت کاتي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر هو. سندس وڏا بني اسرائيل نسل جا هئا، جيڪي مسلمان ٿيا هئا ۽ حيدرآباد دکن رياست ۾ اچي رهيا هئا. سندن وڏو شيخ محمد يعقوب خيرپور جي ميرن جو وزير هو. سندس وفات کان پوءِ قادر داد خان وزير ٿيو. قادر داد جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سردار محمد يعقوب جو ننڍو ڀاءُ خانبهادر محمد ابراهيم وزير ٿيو. هن رياست ۾ گهڻا سڌارا اندا. پرائمري اسڪول کي وڌائي هاءِ اسڪول ڪيائين. انجمن حمايت الاسلام لاهور کي 1000 رپيا چندو موڪليائين. سن 1919ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ۾ سڏايائين. ساڳي سال مير امام بخش والي رياست سان ڪن ڳالهين تان اختلاف سبب وزارت کان الڳ ٿي ويو ۽ بمبئي جي پاسي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. اتي ئي وفات ڪيائين. سندس فرزندن مان ميان محمد اسلم نور محمد هاءِ اسڪول جو سيڪريٽري هو. ٻيو پٽ ميان محمد اعظم سنڌ وزارت ۾ وزير ٿيو. هـُـو تلڪ چاڙي حيدرآباد تي رهندو هو. ٽيون پٽ محمد اڪرام پي. ڊبليو. ڊِي ۾ ملازم هو. هن وقت سندس ڌيءُ درثمين سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي بيمارين جي پروفيسرياڻي آهي. هنن شيخن جي خاندان  کي خيرپور ميرس جي اميرن جي چوڻ تي نظام حيدرآباد موڪليو هو ته ميرن کي رياست جي نظم و نسق هلائڻ ۾ مدد ڪن.

 

[20]

جڏهن اسان عربستان پهتاسين ته رمضان شريف جا آخري روزا هلي رهيا هئا. پهرين ڏينهن روزو رکي محمد الياس بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ عمري لاءِ مڪي  شريف لاءِ نڪتاسين. ڪار باب عبدالعزيز ابن سعود وٽ اچي بيٺي. حرم شريف جي توسيع جو ڪم ته روز اول کان هلندو پيو ٿو اچي. سعودين کان اڳ ترڪن حرم جي چؤگرد عمارت پٿر سان ٺهرائي هئي. سعودين سنگ مرمر سان عظيم الشان عمارت ٺهرائي آهي. مختلف ملڪن مان پٿر گهرائي ڪم ۾ آندو اٿن. گهڻو پٿر جنهن جو وڌيڪ استعمال ٿيل آهي، اهو اٽليءَ مان آيو آهي. خود سعودي عرب مان به پٿر نڪتو، جيڪو استعمال ۾ آندو ويندو آهي. عمارت ٽي منزله آهي. زمين دوز فرش ۽ ڏاڪڻين تي، ٻن ٽن لکن ماڻهن جي نماز پڙهڻ جو انتظام ڪيل آهي.

آءٌ ٻين سان گڏ حرم جي مکيه دروازي کان اندر داخل ٿيس ته هڪدم سامهون ڪعبته الله شريف ڪاري غلاف ۾ ملبوس نظر آيو. هيءُ نظارو تصويرن ۽ اخبارن ۾ ته ڏٺو هئم، پر هن طرح اکين سان ڏسندس هن ڳالهه جو ڪڏهن خيال ئي نه آيو هو. پاڪ ڌڻيءَ جي نوازش آهي جو ننڍي عمر ۾ اها سعادت نصيب ٿي. دراصل حج يا مقامات مقدسہ جي زيارت ننڍي عمر ۾ ئي ڪجي. جو ان جا اثرات آخري دم تائين قائم رهن ٿا. ان کان سواءِ ديني تربيت به ٿئي ٿي. احڪام شرعي، نماز، روزو، طواف، عمره، سعي ڪيئن ڪجن ۽ انهن جو مسنون طريقو ڇا آهي؟ سو سڀ معلوم ٿي وڃي ٿو. مشرق بعيد يعني انڊونيشيا، مليشيا، فلپائن، ٿائلينڊ جا حاجي سڳورا ننڍي عمر ۽ نوجوانيءَ ۾ حج ڪن ٿا. سندن شادي ڪرائڻ لاءِ اهو شرط آهي ته حج ڪيل هجين. اسان نيت طواف جي ڪري طواف شروع ڪيو. طواف جا ست چڪر آهن ۽ هر چڪر جي پنهنجي دعا آهي. هڪ ننڍو ڪتاب دعائن جو ساڻ کنيوسين. ان تان دعائون پڙهندا هلياسين ۽ پنهنجي ڪم مايگي ۽ بي بضاعتي جو احساس دامن گير رکيوسين. پاڪ اها ذات آهي جو عجيب ۽ غريب سلسلا جوڙي ٿي ۽ نه ٿيندڙ ڪم عمل ۾ آڻائي ٿي. طواف حجر اسود جي مقام کان شروع ٿئي ٿو. اڃا حج ۾ ٽي مهينا پيا هئا، ان ڪري هجوم ڪونه هو. حجر اسود کي چمڻ جي سعادت انهيءَ پهرين طواف ۾ 3-4 دفعا حاصل ٿي. فالحمدلله عليٰ ذالک. حجر اسود بهشت جو پٿر آهي، جو اصل ۾ سفيد رنگ جو هو، پر اسان گنهگارن جي بار بار ڇهڻ سان ڪاري رنگ جو ٿي چڪو آهي. هيءُ چمڪندڙ پٿر چانديءَ جي هڪ طشت ۾ ڪنڊائتو لڳل آهي ۽ ڪنڌ کي ٿورو جهڪائي پوءِ بوسو ڏئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن رش وڌي ويندي آهي، ته پوليس ماڻهن کي هٽائيندي آهي. عورتن، بيمارن ۽ ڪمزورن کي پوليس (شرطه) بوسي ڏيڻ ۾ مدد ڪندي آهي. حجر اسود جي وڏي تاريخ آهي. اهڙي طرح ڪعبته الله جي تاريخ گهڻو آڳاٽي آهي. ڪتابن ۾ آيو آهي ته جڏهن اڃا زمين خلقي نه وئي هئي ته به ملائڪ مقرب ڪعبي واري جاءِ جو طواف ڪندا رهندا هئا. ڇوته اها جاءِ بيت المعمور جي بلڪل هيٺان سڌائيءَ ۾ آهي، جيڪو عرش ۾ ملائڪن جي طواف لاءِ خدا جو گهر آهي. قصص الانبياء مطابق روء زمين تي پهريون حرم حضرت آدم عليہ السلام ٺهرايو هو.

طواف ڪندي پٺين پاسي کان حرم جي گرد هڪ گول اڌ ديوار قائم آهي، جنهن جي لاءِ منسوب آهي ته هيءُ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو گهر هوندو هو ۽ جتي حضرت علي ڪرم الله وجهـہ جن جي ولادت ٿي هئي. انهيءَ ديوار جي اندر جيڪو حصو اچي ويو آهي، ان کي حطيم چيو وڃي ٿو. ڪعبہ جي ڇت تان ميزاب الرحمته هڪ نيسارو يا نارو آهي، جڏهن بارش پوندي آهي ته پانڌيئڙا انهيءَ پرنالي جي هيٺان بيهي غسل ڪندا آهن، جو حديثن ۾ آيل آهي ته انهيءَ پاڻيءَ جي غسل ڪرڻ سان گناهه ڌوپجن ٿا. هيءُ پر نالو حطيم ۾ آهي. منهنجو قيام عربستان ۾ پنجن مهينن کان ڪجهه وڌيڪ هو. انهيءَ وچ ۾ ٽي چار دفعا زور شور سان بارش پئي ۽ حاجين سڳورن کي ميزاب الرحمته هيٺان غسل ڪندي ڏٺوسين. سن 1979ع ۾ جڏهن حرم پاڪ تي انقلابين قبضو ڪيو ۽ سعودي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ٿي چاهيائون ته سندن اڳواڻ قحطاني، حطيم جي ديوار تي بيهي، بغاوت جو اعلان ڪيو هو. اهو قصو الڳ آهي. طواف ۾ ڦرندي رڪن يماني اچي ٿو، جيڪو ملڪ يمن جي جاءِ وقوعه جو اشارو ڪري ٿو، وري ڦري مرڪزي نقطه يعني حجر اسود تائين پهچبو، اتان ٻيو ڦيرو شروع ٿيندو. اهڙيءَ طريقي سان ست ڦيرا پورا ٿيا. ڪعبه شريف جي عمارت حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ سندس فرزند اسماعيل عليہ السلام جن گڏجي ٺاهي هئي. عمارت چؤڪنڊي آهي، جنهن جي مٿان ڪارو اطلسي غلاف چڙهيل آهي. غلاف تي سوني ميناڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن ۾ قرآن شريف جون آيتون لکيل آهن. اڳ ۾ اهو غلاف مصر جي حڪومت تحفي طور ڏيندي هئي. هڪ سال ايوب خان جي ڏينهن ۾ پاڪستان به غلاف ڏنو هو. پوءِ سعودي حڪومت باقاعده هڪ فيڪٽري قائم ڪئي، جتي سڄو سال غلاف ٺاهڻ جو ڪم هلي ٿو. هن ڪم تي ڪروڙين سعودي ريال ڪم اچن ٿا. وڏا ڪاريگر عالم اسلام مان اچن ٿا، جيڪي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا. انهن ۾ ترڪي، مصر، شام، ايران، هند ۽ پاڪستان جا ڪاريگر ڪم ڪن ٿا.

طواف ڪرڻ کان پوءِ ٻه رڪعتون نفل شڪراني جو مقامِ ابراهيم تي ادا ڪيوسين. مقام ابراهيم ڪعبه پاڪ جي عمارت کان 50-60 فوٽن جي مفاصلي تي آهي پر متصل آهي. هيءُ سفيد شيشي جو وڏو مرتبان نما منارو آهي. منارو ته نه چئجي. ائين سمجهو ته هڪ تعميراتي فن آهي، جنهن ۾ اهو پٿر رکيل آهي، جنهن تي چڙهي حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام جن تعمير ڪندا هئا. پوءِ روايتن ۾ آيو آهي ته اهو پٿر ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندو هو، يعني حڪم خداونديءَ سان، اهو پٿر حسب ضرورت آهر هيٺ مٿي ٿيندو هو، جيئن تعمير جي ضرورت پوري ٿئي. پوءِ جڏهن ڪعبـو شريف جڙي راس ٿيو ته حضرت ابراهيم عليہ السلام کي باري تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته روءِ زمين تي ماڻهن کي سڏ ته هو هتي اچي منهنجي حمد و ثناء ڪن. حضرت ابراهيم عليہ السلام فڪر مند ٿيو ته هن صحرا، بيابان ۾ اول ته ماڻهو ڪي قليل آهن، ٻيو منهنجو آواز وڃي ڪيترو سگهندو؟ سو باري تعاليٰ جي اڳيان عاجزي ظاهر ڪيائين. پوءِ خداوند قدوس جو حڪم ٿيس ته تون ماڻهن کي سڏ ۽ هوا کي پاڪ ذات حڪم ڏنو ته هن آواز کي کڻي روءِ زمين جي چپي چپي تي پهچاءِ، جيئن ابراهيم جو آواز هر جاءِ تي پهچي. حضرت ابراهيم عليہ الصلوات والسلام اذان ڏني. ماڻهو جمع ٿيا. امر خداوندي سچو صاف ظاهر ٿيو. اڄ ڏينهن تائين پانڌيئڙا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيا اچن ۽ قيامت تائين ايندا رهندا. هيءُ خدا جو واعدو حضرت ابراهيم عليہ السلام سان آهي. اسان ڏٺو ته حاجي سڳورا هوائي جهازن ۾، بحري جهازن ۾، ڪارين موٽرن ۾، بسن ۾، حج جي موسم ۾ ڪٿان ڪٿي ڇڪجي اچن ٿا. جديد سواري کان سواءِ ڪي اٺن تي اچن ٿا، ڪي گهوڙن تي، ڪي خچرن تي ته ڪي گڏهن تي، ته ڪي پنڌ به اچيو نڪرن. اڄ کان 100 سال کن اڳ پانڌيئڙا بحري جهاز ۾ ويندا هئا، ڪيترا پنڌ به ويندا هئا. محمد اسد مشهور نو مسلم، جنهن ڪتاب لکيو آهي Road to Mecca- هن سن 1930ع ڌاري حج ڪيو هو. هن لکيو آهي ته منيٰ ۾ سڄو حجاج اٺن تي آيل هو. هن جيڪا حج جي رڪنن جي تصوير ڪشي ڪئي آهي، اها حيران ڪندڙ آهي.

مقام ابراهيم تي نفل پڙهي پوءِ زمزم تي پاڻي پيئڻ لاءِ آياسين. واٽر پمپ زير زمين پاڻي کي بجلي جي زور تي ڇڪي مٿي نلڪن ۾ آڻي رهيا هئا، جتي پانڌيئڙا وضو به ڪري رهيا هئا، غسل به ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجا ڪپڙا به آلا ڪري رهيا هئا. اسان کي روزو هو، جيئن آءٌ مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان.

پيغمبر حضرت ابراهيم عليہ السلام جن جي گهر واري بي بي هاجره سندس پهرين گهر واري حضرت بي بي ساره جي نوڪرياڻي هئي. پوءِ الله جو حڪم ٿيو ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جن پنهنجي زال هاجره کي وٺي فلسطين مان سفر ڪري شام وڃڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن زم زم جي موجوده جڳهه تي پهتا ته ابراهيم کجور ۽ پاڻيءَ جو مشڪيزو بي بي هاجره کي ڏنو ۽ پاڻ اڳتي سفر جاري رکيائين. هيءُ الله جو حڪم هو ۽ نبيءَ کي ڄاڻ هئي ته پروردگار پاڻ هنن جو محافظ ۽ مددگار ٿيندو. پوءِ اتي بي بي هاجره کي حضرت اسماعيل عليہ السلام جن ڄاوا، جي اڳتي هلي جليل القدر پيغمبر ٿيا. لق و دق صحرا ۾ پاڻي نه هجڻ، وڏو درماندگيءَ جو سبب هو. هاجره ويچاري جبلن جي وچ ۾ ڊوڙندي رهي ته ٻار لاءِ پاڻي ملي سگهي. الله تعاليٰ اسماعيل ٻار جي دل تي اهو ظاهر ڪيو، ته پنهنجون کڙيون زور سان زمين تي هڻي. اڃا ائين ڪرڻ جي دير هئي ته زمين مان پاڻي ڦاٽ کائي ٻاهر نڪتو. اهو پاڻي اسماعيل ۽ بي بي هاجره پيتو ۽ اڃ لاٿائون. سگهوئي پوءِ بحڪم خداوندي بنو جرهم قبيلي جا ماڻهو وڻج واپار جي خيال کان يمن کان نڪري شام ويا ٿي ته انهن جو عين صحرا ۾ پاڻي ڏٺو ته اتي ئي پنهنجي آماجگاهه ڪيائون ۽ گهر ٺاهي ويهي رهيا. ڪجهه سالن کان پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام واپس ٿيو ته اهو به اتي ترسي پيو ۽ پوءِ جڏهن حضرت اسماعيل وڏو ٿيو ته گڏجي ڪعبته الله جي تعمير ڪيائون.

زمزم کان پوءِ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست دفعا اچڻو وڃڻو هو. هي ٻئي پهاڙيون حرم شريف جي دامن ۾ آهن. هاڻي ته سڄي رستي کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو آهي. اچڻ ۽ وڃڻ جو رستو الڳ آهي. وچ ۾ ننڍي ريلنگ آهي، جنهن ۾ ويل چيئر ۽ گاڏن تي بيمار ۽ معذور حاجيئڙا سعي ڪندا آهن. صفا ۽ مروه تي پهچڻ جون دعائون ڪتابن ۾ لکيل آهن، جيڪي پڙهيوسين. سن 1950ع کان اڳ صفا ۽ مروه جو ميدان بنا ڇت جي هو ۽ ماڻهو سخت گرميءَ ۾ سعي ڪندا هئا. رستي جي ٻنهي پاسن کان بازاريون هيون، جتي عرب سڳورا متبرڪ شيون وڪڻندا هئا. جهڙوڪ: کجور، تسبيحون، مصلا، ٽوپيون، سرمو، موميائي/عطر، گدامڙيءَ مان ٺهيل ماني، خاڪ شفا، هنداڻي جا ٻج وغيره. حاجي سڳورا اهي شيون خريد ڪري پنهنجن ملڪن ۾ کڻي ويندا هئا. ۽ بطور تبرڪ جي ورهائيندا هئا. پيٽرول لڀڻ کان پوءِ پيسو ٿيو، ته سعودين ڪانڪريٽ جي مضبوط ڇت ڏياري، جا اڄ به موجود آهي.

صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڪجهه ٽڪر اهڙو اچي ٿو، جتي ڊوڙ پائي لنگهڻو آهي. هن ٽڪر جي نشاندهي ڇت ۾ لڳل ٻن (2) ٿنڀن جي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، جن جو رنگ ٻين ٿنڀن کان ڌار آهي. يعني سائو آهي. طواف ڪندي ڪيترن حاجين يا حاجاڻين کي ڇٻين، ننڍن کٽن يا ڪرسين تي ويٺل ڏٺوسين، جن کي طاقتور شيدي کڻي طواف يا سعي پئي ڪرايائون، جن جو کين اجورو مليو ٿي. علامه محمد اسد پنهنجي ڪتاب Road to Mecca ۾ انهيءَ زماني جي سعي جو حال بيان ڪيو آهي ته درمياني جڳهه ڇت کان سواءِ هئي ۽ ماڻهو سوارين يعني اٺن، گهڙون تي چڙهي به سعي ڪندا هئا.

سعي کان ٻاهر نڪري وار ڪوڙائڻا يا ننڍا ڪرائڻا هوندا آهن. ان مقصد لاءِ حبشي حجام ۽ پاڪستاني حجام ٻاهر ويٺل هئا، جن اهو ڪم معمولي اجرت تي انجام ڏنو ٿي. ان کان پوءِ غسل ڪري احرام لاهڻو هو ۽ عام ڪپڙا پائڻا هئا. ان کان پوءِ باقي نمازون يعني: ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاء حرم شريف ۾ پڙهي، رات جو الياس صاحب سان جده موٽي آياسين. مغرب جي نماز تي وڏي خلق اچي جمع ٿي. روزو به افطار ڪرڻو هو ۽ نماز به پڙهڻي هئي. بيت الله جيڪو ڏينهن جو خالي پيو هو، اهو هاڻي ڀرجي چڪو هو. حرم جي خادمن مٽيءَ جا ڪوزه پاڻيءَ سان ڀري حاجين جي اڳيان اچي رکيا هئا ۽ پڻ ڪجهه کجور يا ڪجهه فروٽ رکيو. اذان جي الله اڪبر چوڻ سان سڀني افطار ڪيو ۽ ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا. منهنجي ڀرسان هڪ عمر رسيده ترڪ مسلمان ويٺو هو، جنهن مون کان پڇيو ته پاڪستاني؟ يعني تون پاڪستاني آهين؟ منهنجي ها چوڻ تي، هن نيڪ انسان منهنجا هٿ وٺي چميا. حالانڪه آءٌ سندس اولاد جي عمر جو هوس. پر هيءُ ترڪن جو پاڪستان لاءِ احترام هو. پاڪستان انهيءَ وقت تائين مسلم ملڪن ۾ باعزت هو، وري جو قرآن پاڪ کي ياد ڪجي ته آيت ڪريمه نظر اچي ٿي، ته ”انما المؤمنون اخوت“ تحقيق سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. عمري کان فارغ ٿي واپس جده آياسين.

ان کان پوءِ ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ تقريبن 4 مهينا مڪي شريف ۾ رهڻ ٿيو. پنج ئي وقت نمازون حرم ۾ ٿي ادا ڪيوسين. حرم شريف هر وقت حجاج سان ڀريل رهندو هو. طواف چوويهه ئي ڪلاڪ جاري رهندو هو. صرف فرض نماز جي وقت ڪجهه دير لاءِ موقوف ٿي ويندو هو. امام صاحب باب ڪعبہ جي سامهون هڪ ڪمري ۾ نماز جي امامت ڪندو هو. مؤذن به اتي بيهندا هئا. مؤذن هڪ بنگالي مسلمان هو، جيڪو ڪيترن ورهين کان هجرت ڪري مڪي شريف آيو هو. شيخ عبدالله سبيل فجر ۽ عشاء جي نماز پڙهائيندو هو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ هو پاڪستان به آيو هو ۽ وڏن اجتماعن جي امامت ڪرائي هئائين. مڪي شريف ۾ به پانڌيئڙن جي آمد ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. پوءِ ته ڏينهن ۽ رات جو فرق ئي ختم ٿي ويو. جيتري هلچل ڏينهن جو هوندي هئي، اوتري ئي رات جو هوندي هئي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلا ايندا رهندا هئا. لبيک اللهم لبيک، لبيک لاشريک لک لبيک، ان الحمد والنعمته لک والملک لاشريک لک. اها صدا هر وقت ٻڌڻ ۾ ايندي هئي.

عيدالفطر اسان حرم مڪي ۾ ادا ڪئي. فجر نماز کان پوءِ امام صاحب بلند آواز سان سموري خلق کي حمد و ثنا پڙهائيندو رهيو. تان جو سج ڪني ڪڍي ته نماز جو اهتمام ٿيو. ٻه رڪعتون واجب کان پوءِ خطبو شروع ٿيو. عرب ۾ خطبي کي اهميت آهي. ڪافي ڊگهو خطبو پڙهيو ٿو وڃي. دعا گهرڻ جو دستور ڪونهي. چون ٿا ته نماز بجاءِ خود دعا آهي. ان کان پوءِ هر ڪو پنهنجي ڪم سانگي ٽڙي پکڙي وڃي ٿو. خليجي رياستن جا زيارتي پنهنجي گاڏين ۾ پنهجن ملڪن ڏانهن روانا ٿين ٿا. ٻيا روزمرهه جي ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، ڪو جشن يا شادمانو ڪونه ٿيندو آهي.

مڪي شريف جون زيارتون به ڪيوسين. جنت المعليٰ ڊگهو قبرستان آهي، جنهن جا ٽي حصا آهن. وڏا صحابي، اڪابر بزرگ، اهل الله هتي مدفون آهن. حضرت عائشہ رضه جي قبر به هتي آهي. جبل قبيس حرم جي اوڀر ۾ آهي، جنهن جي لاءِ حديث ۾ آهي ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت وقت شيطان لعين هن جبل تي ويهي رڙيون ڪيون هيون. اسان قديم زماني جي سوڙهين گهٽين مان گذري چوٽيءَ تي پهتاسين، جتي هڪ جاءِ لاءِ چيو ٿي ويو ته، هتان ”شق القمر“ جو معجزو ٿيو هو. مڪو شريف محلن ۾ ورهايل آهي. محله شاميه، محله شبيکہ، محلہ مسفلہ، محلہ جياد وغيره. هي نالا مون کي مانوس لڳا. ڇوته ڪيترا اسان جي پاسي جا حاجي هجرت ڪري وڃي، مڪي ۽ مديني ۾ رهيا هئا. جڏهن خط لکندا هئا ته انهن جي ايڊريس ۾ انهن محلن جا نالا هوندا هئا. مثلا: هالن پراڻن مان هڪ درويش ابوبڪر، جيڪو غريب هو، اهو مسفلہ محلہ ۾ رهندو هو. اهو خط گراف جي ڪاغذ تي لکندو هو، جنهن ۾ اڌ صفحي تي خدا جي حمد و ثنا ڇپيل هوندي هئي. باقي خالي حـصي تي هو حال احوال لکندو هو. ابوبڪر غريب جي ٻن پٽن عاطف ۽ محمد سان منهنجي غائباڻي خط و ڪتابت هوندي هئي. مون وٽ سندن ايڊريس به هئي. آءٌ انهن جي جده واري فليٽ تي وڃي پهتس، پر خبر پئي ته هو رياض لڏي ويا آهن. ٻيو مٽيارين جو ابوبڪر بوقري شاهوڪار هو، جيڪو گهڻا سال ٿيا ته گذاري ويو آهي.

مڪو شريف قديم زماني کان واپاري مرڪز ٿي رهيو آهي. دڪانن تي هر مال ولايتي ۽ غير ولايتي ملندو هو. هر ڪو ڪنبل ضرور وٺندو هو، جو سيارو شروع ٿي چڪو هو. ان کان سواءِ گهڙيون، ريڊيا، فون ۽ ٽي وي سيٽ عام جام وڪري لاءِ موجود هئا. صفا ۽ مروه جي ٻاهر هڪ بازار لاهيءَ تي هئي، جنهن جو نالو غزه بازار هو، هن ۾ به مختلف شين جا دڪان هئا. هيءَ بازار مسجد ”جن“ تائين هلي وئي هئي. هاڻي خبر پئي آهي ته حرم جي توسيع ۾ اچي وئي آهي. محله جياد ۾ ترڪن جي زماني جو ٺهرايل پٿر جو قلعو موجود هو. هاڻي تجويز آهي، ته ان کي به ڀڃي حرم جي توسيع ڪئي وڃي. جرول جو محلو مسفلي ۾ آهي، جتي ٻارن جي اسپتال هئي. مسفلي محلي ۾ مدرسه صولتيہ آهي، جيڪو ڀوپال جي راڻيءَ صولت النساء بيگم پنهنجي خرچ سان ٺهرايو هو. مدرسي جو باني حاجي امدادالله مهاجر مڪي هو، جيڪو سن 1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن جي خلاف جهاد ۾ شامل هو. پوءِ جڏهن انگريز فاتح ٿيا ۽ مسلمانن جو عام ڪوس شروع ٿيو، ته حضرت حاجي صاحب هجرت ڪري مڪي شريف آيو ۽ اچي مدرسه صولتيہ قائم ڪيائين. حاجي صاحب کي اهو فڪر هوندو هو، ته جهاد جو جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏي آيو آهيان، اهو ڪنهن به نموني پورو ٿئي. ان ڪري جيڪي به علماء اتان پڙهي نڪرندا هئا، انهن کي هندستان واپس وڃي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو حڪم فرمائيندو هو. اسان جو ڏاڏو علامہ حاجي محمد صاحب، حاجي امدادالله صاحب وٽ تقريبن هڪ سال پڙهيو هو، پر ان کان پوءِ حاجي صاحب جي چوڻ تي سنڌ موٽي آيو ۽ هالن پراڻن ۾ ”مدرسہ اسلاميہ محمديہ“ ٻيهر قائم ڪيائين.

اسان کي رهائش لاءِ محلہ جياد ۾ عمارت ڪعڪي ۾ جاءِ ملي. هي ڪنهن مالدار عرب جي ملڪيت هئي، جنهن حاجين کي حج جي زماني ۾ ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ ٺهرائي هئي. مڪو شريف تقريبن سڄو مسواڙي جاين جو ٺهيل آهي. حجاج جو لامتناهي تعداد هر سال اچي ٿو. هي ڪرائي جون جايون حسب ضرورت آهر ٽن چئن مهينن يا گهٽ وڌ مدت لاءِ وٺن ٿا، پوءِ فريضه حج ادا ڪري، پنهنجي ملڪن ڏي روانا ٿين ٿا. هيترن جاين هوندي به حجاج جو ڪثير تعداد رات ڏينهن حرم شريف ۾ گذري ٿو يا مڪي شريف جي رستن تي سمهي ٿو. پر هي اُهي ماڳ آهن، جي حرم کان پرڀرو آهن، جيئن هجوم کان پاسي تي هجن. مون غريب آفريڪي مسلمانن جا گروهه رستن تي ترسيل ڏٺا. ڪن حالتن ۾ ڪارڊ بورڊ رستن تي نصب ڪري عارضي گهر ٺاهيا وڃن ٿا. صحرائي آفريقن ويچارا تمام غريب آهن، پر نبي محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا نام ليوا آهن. پراڻن عقيدن ۽ قديم ڪلچر جا به حامل آهن. مون ڪيترن آفريقي عورتن کي ڏٺو، جيڪي ڇاتي ۽ پيٽ جي لباس کان آزاد هيون. بهرحال هزارين طور طريقا، لباس جا مختلف قسم، دعا گهرڻ جا مختلف طريقا، بيت الله شريف ۽ مڪي ۾ ڏسجن ٿا. هڪ بين الاقوامي اجتماع آهي، جنهن ۾ وڏو چاڙهه هوندو آهي.

عماره ڪعڪي ۾ هڪ پاڪستان نوجوان محبوب صديقي صاحب باعيال رهندو هو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان عربيءَ ۾ ايم. اي ڪئي هئي ۽ مڪي شريف جي ڪنهن اسڪول ۾ انگريزيءَ جو استاد هو. بهترين اخلاق وارو ۽ لحاظ وارو آهي. واندڪائي وقت ۾ اسان مڪي شريف ۽ حرم شريف ۾ پيا گهمندا هئاسين ۽ حاجين سان حالي احوالي ٿيندا هئاسين. محبوب صاحب جي معرفت منهنجي ملاقات سيوهڻ جي مشهور حڪيم مرحوم و مغفور قاضي محمد مراد صاحب سان ٿي، جيڪا قاضي صاحب جن جي وفات (سن 1998ع) تائين هلندي آئي. هاڻي خبر پئي ته محبوب شاهه صاحب شام ملڪ لڏي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org