سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: يادِ ايام

باب: --

صفحو :3

 

 

[4]

 

ڪجهه معاشرتي ۽ تمدني ڳالهين جو به ذڪر ڪجي. اسان جو ڳوٺ بيحد ديني ۽ مذهبي مرڪز هو. هر گهر ۾ نياڻيون صبح جو سويل ڪلام پاڪ جي تلاوت ضرور ڪنديون هيون. انهن منجهان ڪيتريون حافظاڻيون ٿيون، نماز جا پابند عورتون توڙي مرد سڀ هئا. عيدن تي، شادين ۾ يا محرم تي واعظن جون وڏيون مجلسون ٿينديون هيون. سنڌ جا چوٽيءَ جا عالم تقرير ڪرڻ ايندا هئا، ڪجهه نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا. اُنهن مان پراڻي وقت ۾ مولوي محمد هاشم رڪن وارو، مولوي سليمان ٿرڙي محبت وارو، مولوي عبدالڪريم ڪورائي (سچ چوڻ جي ڪري کيس ڪهاڙو چوندا هئا) مولوي عبدالڪريم چشتي، مولوي قمر الدين، مولوي سلطان احمد، مولوي خدا بخش لاشاري، مولوي عبدالغني، واري ڦيري سان پيا ايندا هئا. هنن عالمن حق جي تبليغ ڪئي ۽ جاهلاڻين ۽ بدعتي رسمن جي بيخ ڪني ڪئي. انهن مولوين سان گڏ مولودي (مداحي) به ايندا هئا. خاص ڪري ٻه گروپ مشهور هئا: اتر ۾ حاجي لال بخش جسڪاڻي جو گروپ، ته لاڙ ۾ حاجي غازي ڪنڀار جو گروپ. سندن چٽا ڀيٽي واري مجلس سڄي رات هلندي هئي. ان کان پوءِ ذڪر ۽ فڪر جون مجلسون ٿينديون هيون، ڪنهن ڏکيائي، اوک يا بيماريءَ جي حالت ۾ ختمو خواجه خواجگان ڪڍيو ويندو هو. ”فاذڪروني اذکرڪم“ قرآن حڪيم ۾ فرمايل آهي ته، ”مون کي ياد ڪريو ته آءٌ به توهان کي ياد ڪريان.“ سڀ مشڪلون حل ٿي وينديون هيون. برڪت ذڪر الله جي ۽ صلوات رسول جي سان سڀ مشڪل آسان ٿي ويندا هئا. بيمار وري اٿي ڪمن ڪارين کي لڳندا هئا. قرضدار قرض کان آجا ٿيندا هئا ۽ بي پهچ نياڻيون اٿاري سگهندا هئا. سنڌ کي باب الاسلام چيو ويو آهي، اهي ديني ۽ روحاني محفلون خبر نه آهي ته ڪيتري وقت کان جاري ساري آهن ۽ ياد ٿيون ڏيارين ته بيشڪ سنڌ جو خطو باب الاسلام جو مظهر آهي.

حج وڏي اهتمام سان ڪبو هو، اڳ ۾ ماڻهو پنڌ حج تي ويندا هئا. ايران تائين ته لارين ۽ بسن ۾، پر مسقط پهچي، هزارين ميل پنڌ ڪري خانه ڪعبه ويندا هئا. اسان جي ڳوٺ جي احمد شيخ ست حج ڪيا. پهريان ٽي پنڌ ڪيائين. پويان چار پاڻيءَ جي جهاز رستي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ پاڻيءَ جا جهاز ممبئيءَ کان هلندا هئا ۽ ڀاڙو 25 رپيا هو. محمدي سٽيم شپ ڪمپني جهاز هلائيندي هئي. جهاز 15 ڏينهن ۾ عربستان پهچندو هو. حج جـي سـفـر ۾ ڪل 5-6 مهينا لڳي ويندا هئا. پر جيڪي آڳاٽا حاجي ويندا هئا ۽ پنڌ ويندا هئا، انهن کي 2-3 سال به لڳي ويندا هئا. گهڻا اتي ئي گذاري ويندا هئا. ان ڪري ويندا هئا ته سڀن کان بخشائي ويندا هئا. ڪيترا اتي ئي رهي پوندا هئا ۽ پاڻ کي مڪي مهاجر يا مدني مهاجر سڏيندا هئا. توهان ڏسو ته ڪيترا سنڌي خاندان هاڻي به عربستان ۾ صاحب ثروت آهن، جن مان ڪي واپاري آهن ته ڪي معلم، ته ڪي دڪاندار. هالن پراڻن مان ڀوڳڙي اڄ کان 200 سال اڳ ويا هئا. هاڻي پاڻ کي بوقري سڏائين ٿا. سندن وڏو ابوبڪر بوقري هالن پراڻن ۽ مٽيارين ۾ به ايندو ويندو هو. هيءُ تيل نڪرڻ کان اڳ سعودي عرب جو وڏو تاجر هو، جيڪو شاهه ابن سعود کي قرض ڏيندو هو. هن وقت به مڪه ۾ حرم پاڪ جي ڀرسان سندن فندق آهي، پر ٻي به گهڻي ملڪيت اٿن. هاڻي ته انهن مان گهڻا عربستان ڇڏي، آمريڪا، يورپ، اردن ۽ شام ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. ٻيا شڪارپور جا صباغ اتي وڃي معلم ٿيا. هي رنگ جو ڪم ڪندا هئا. ڪامل سنڌي سعوديہ ايئر لائن جو ڊائريڪٽر جنرل هو، هاڻي الاجي جيئرو آهي يا نه؟ اڳ ۾ حاجين جو تعداد گهڻو هو، پر جهازن ۾ سيٽيون گهٽ هونديون هيون. ان ڪري ڪـُـڻن جي رستي نالو ڪڍندا هئا. پوءِ ويچارا حج جا اُميدوار پيا فارم ڀرائيندا هئا ۽ ڪـُـڻن جو انتظار ڪندا هئا. اسان جي ڳوٺ جو حاجي پيراڻو يارهن سالن کان پوءِ ڪـُـڻي ۾ ڪامياب ٿيو. پوءِ حج ڪري آيو. جيڪي حاجي ويندا هئا، اهي رستي جي تڪليفن جو شڪار به ٿيندا هئا. عربستان جي صحرائن ۾ هٿيار بند ڦورو، حاجين جا قافلا لٽيندا هئا ۽ ماڻهو به قتل ڪندا هئا. رستي ۾ سامان سڀ لٽي ويندا هئا. اڳ ۾ حاجي کاڌي پيتي جو سمورو سامان، جهڙوڪ: اٽو، گيهه، کنڊ، چانور، مصالح، چانهه وغيره پاڻ سان کڻندا هئا. پوءِ جڏهن ڦورن جي ور چڙهندا هئا ته حج جو وقت ڏاڍو ڏکيو گذاريندا هئا. پوءِ پنهنجا هم وطني سندن مددگار ٿيندا هئا. سعودي حاڪمن انهن ڏاڍاين کي ختم ڪيو آهي.

حج جا پانڌيئڙا جڏهن ڳوٺن کان نڪرندا هئا، ته سندن عزيز قريب کين ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽاپ تي ڇڏڻ ويندا هئا، جڏهن موٽندا هئا ته به کين اڌ پنڌ تي وٺڻ ويندا هئا. اهو عقيدو هو ته ڀلي پار مان آيل سڀ گناهه معاف ڪرائي آيا آهن، پوءِ هنن کي ڏاڍي عزت ملندي هئي، کين گلن جا هار يا نوٽن جا هار پارايا ويندا هئا. هر ڪو کين پيرين پئي ملندو هو ۽ مولودن جي سـُـرَن ۾ جامع مسجد ۾ وٺي ايندا هئا، جتي ٻه رڪعتون نفل پڙهي، پوءِ گهر روانا ٿيندا هئا. عجيب زمانا هئا ۽ عجيب چهچٽا هئا.

ٻــيــو ديــن جــو ارڪـان زڪـوات آهي. هالن پراڻن جا ميمڻ واپاري هئا ۽ کين واپار ۾ وڏو فائدو هوندو هو، پيـسـو بــچــت ۾ هـونــدو هون. هر سال 15- رجب المرجب تي زڪوات ورهائبي هئي، جتي هنڌ سنڌ جا فقير اچي گڏبا هئا. انهن ۾ سنڌ، پنجاب، هندستان، افغانستان ۽ سرحد جا فقير به ايندا هئا، ته ڪراچي جا مڪراني ۽ ڪڇي پڻ. سندن عجيب و غريب شڪليون هونديون هيون. ڏاڙهيون ڊگهيون ۽ ڀوائتيون، ڳچين ۽ ٻانهن ۾ چوڙا ۽ مالهائون، هٿ ۾ لٺ يا بانٺو يا بندوق به کڻندا هئا. ڪن پٺاڻن وٽ به بندوقون هيون. ڇاڪاڻ ته هزارن جي تعداد ۾ هئا، ان ڪري هڪ جاءِ تان زڪوات وٺي وري ساڳي جاءِ تي ايندا هئا. پوءِ ميمڻ واپاري مـَـسُ سان کين ٻانهن تي نشان ڪندا هئا، جيئن وري نه اچن. اها مـَـس ڌوئڻ تي به نه لهندي هئي.

ان زماني ۾ حيدرآباد دکن جي نظام وٽ جيڪا فوج هئي، انهيءَ ۾ گهڻا عرب هئا. سندن ڪمانڊر به هڪ سعودي عرب ”العيدروس“ هو. جنهن رات قائد اعظم وفات ڪئي، ته هندستان، دکن تي حملو ڪيو ۽ نظام هارايو. عرب سپاهي پوءِ هندستان ۾ پيا پنندا هئا يا ننڍا وڏا ڪم ڪندا هئا. انهن مان ڪيترا جـٿن جي صورت ۾ زڪوات وٺڻ هالن پراڻن ۾ به ايندا هئا. هڪ دفعي انهن عربن ۽ پٺاڻن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪ ٻئي کي ڏنڊا هڻي، زخمي ڪيائون. وڏو هنگامو ٿيو، پوءِ ته ميان نواز احمد هوائي فائر ڪيا. گهڻا عرب ۽ پٺاڻ ڀڄي ويا. ان کان پوءِ ڳوٺ واسين اهو فيصلو ڪيو، ته زڪوات جي تاريخ 15 کان ڦيرائي 27- رجب المرجب ڪئي وڃي. ان ڏينهن تي ٻين شهرن ۾ به زڪوات ورهائي ويندي هئي. سو اهو خيال بيٺو ته فقير ورڇجي ويندا ۽ نوبت جهيڙي جي ڪانه ٿيندي. اها تجويز ڪامياب وئي، ان کان پوءِ فقيرن جو اچڻ گهٽجي ويو.

عيد تي خاص مزو ٿيندو هو. اڃا ريڊيو عام ڪونه ٿيو هو. رمضان جي عيد ٿيڻ لاءِ ٻن نيڪ ماڻهن کي قسم تي ساک ڏيڻي هوندي هئي، ته هنن پاڻ چنڊ ڏٺو. جيسين اهو مرحلو حل نه ٿئي، چنڊ جي فتويٰ جاري نه ٿيندي هئي، ڪن حالتن ۾ ٻئي ڏينهن روزو به رکيو ويندو هو. پوءِ دير سان نواب شاهه، مٽياري يا ٺٽي جا عالم فتويٰ موڪليندا هئا ته اسان وٽ چنڊ ڏٺو آهي، ان جي بنياد تي ٻين هنڌن تي به عيد ڪئي ويندي هئي.

عيد جي ڏينهن هر ڪو حال سارو نوان يا ڌوتل ڪپڙا پائي، جامع مسجد يا عيدگاهه ويندو هو، جتي مرحوم حاجي الله بچايو عطار عطر مفت ورهائيندو هو، ماڻهو انهن جا پها ٺاهي ڪن ۾ وجهندا هئا يا ڪپڙن ۽ هٿن تي مليندا هئا. پوءِ صلوات ۽ ذڪر جي جهونگهار سان سڀ عيد گاهه تي روانا ٿيندا هئا. عيد گاهه ميل کن جي مفاصلي تي هوندي هئي. ڪي سالڪ اسلامي سبز جهنڊو کڻي مولود پڙهندا هلندا هئا، تان جو عيد گاهه اچي وڃي. نماز تقريبن 10 کان 11 بجي واري درمياني وقت ۾ ٿيندي هئي. محمد فقير مڱڻهار دهل وڄائي نماز قائم ٿيڻ جو اعلان ڪندو هو. اٽڪل ڇهه ست هزار ماڻهو اچي جمع ٿيندا هئا. گهڻي تعداد ۾ ڳوٺ جي لڳ ’سکپور‘ جي ٻيلي مان روڙيا، ڦاناڻي، کوسا ۽ ٻروچ گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا. دعا کان پوءِ سڀ پاڻ ۾ عيد ملندا هئا، ان کان پوءِ ٻروچ گهوڙي ڊوڙ جو مقابلو ڪندا هئا. ان کان پوءِ سڄو ڏينهن عيد مبارڪ ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي اچ وڃ هڪٻئي وٽ ٿيندي رهندي هئي.

رمضان شريف ۾ تراويحن جو سٺو انتظام ٿيندو هو. گهڻو ڪري دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جا حافظ تراويحون پڙهائڻ لاءِ ايندا هئا. ٻيا وري خانپور جي پاسي کان مولانا عبدالله درخواستيءَ جا شاگرد ايندا هئا، جيڪي ٻين مسجدن ۾ به تراويحون پڙهائيندا هئا. ڪي پراڻا حافظ مون کي به ياد پون ٿا: حافظ عبدالغفور بائجي وارو، حضرت هاليجوي جو ارادت مند، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تراويحون پڙهائيندو هو. ان کان پوءِ حافظ رشيد الله ۽ حافظ عبدالخالق عباسي ٺيڙهي جا حافظ هئا. پهرين جي آواز ۾ وڏو سوز هو، ٻئي جو مخرج بهترين هو. ٻئـي الله کي پيارا ٿي ويا. حافظ عبدالغفور پوءِ هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ لٺيون به کاڌائين. قاديانين جي خلاف ڪـُـنري ۽ آسپاس ۾ وڏو جهاد ڪيائين. هڪ ڀيرو قاديانين جو مرشد هن جي جوشيلي تقرير ٻڌي ڪـُـنري مان ڀڄي ويو. حافظ حيات آهي ۽ نانگ جي چڪ جو ترياق ڪيپسولن جي شڪل ۾ وڪڻندو آهي. هڪ حافظ غلام علي لاڙڪاڻي جي پاسي جو ويٺل هو، جيڪو نابين هو، پر لٺ کان سواءِ هلندو هو. وڏو هرفن مولا قسم جو ماڻهو هو، هارموني تي عاشقاڻه ڪلام بيحد سريلي آواز ۾ ٻڌائيندو هو، حافظ گاهي، حافظ مقبول، حافظ الاهي بخش ۽ حافظ جمن ٻيا به گهڻا نالا آهن، جيڪي سٺو ڳائيندا هئا. حافظ جمن کي شهيد ڪيو ويو. ڪا ذاتي دشمني هئي. اصل خانوٺ جو هو، ان زماني ۾ مسجد ۾ خير خيراتون ختما درود وڏي پيماني تي ٿيندا هئا. سالياني عرس تي ڀت کارايو ويندو هو، جنهن ۾ 50-60 ديڳيون لهنديون هيون. عام ڪفگير، ڏويون ڪم ڪونه ڏينديون هيون. واڍا واهولي سان بصر وڍيندا هئا ۽ ڀت کي پاڪ صاف بيلچن سان اٿل ڏبي هئي. صبح کان شام تائين خيرات هلندي هئي. ٻيا به گهڻا ڪم ٿيندا هئا، جن جو ذڪر ڪرڻ هاڻي طوالت ۾ شامل ٿيندو.

البته ڪن چڱن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، وڏن زور آورن، ۽ مالدارن کي ته هرڪو ياد ڪري ٿو، پر غريب جو ڪو پرسان حال نه آهي. قرآن ڪريم ۾ آيل آهي، ته ”الله کي اهو ٻانهو محبوب آهي، جو پرهيزگار آهي.“ هي سادا، سچا، ديندار ۽ نيڪ انسان هئا. ڪوڙ انهن جي پاڇي کان به نه لنگهيو هوندو. پنج وقت نماز جا پابند هئا ۽ جماعت تڪبير اوليٰ سان پڙهندا هئا. مسجد جي ڳالهه نڪتي آهي، ته هنن جو ذڪر به ڪرڻ گهرجي: سڀ کان وڏو متقي حضرت والد بزرگوار مولوي عبدالله صاحب رحمـته الله عليه هو، جنهن جامع مسجد جي پيش امامت سٺ سال ڪئي. قرآن مجيد تقريبن ياد هوندو هوس. اڌ رات کان پوءِ مسجد ۾ باوضو ايندو هو ۽ تهجد پڙهي اوراد وظائف ۾ مشغول ٿي ويندو هو. فجر جي ٻانگ به پاڻ ڏيندو هو. رات جي سناٽي ۾ اها ٻانگ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه جو وڏو راڳي ابراهيم فقير والد صاحب کي چوندو هو ته ”سائين! توهان جي ٻانگ جو آواز ڀٽ تي ٻڌي اسين ٻانگ ڏيندا آهيون.“

ٻئي نمبر تي مولوي محمد مرحوم صاحب اچي ٿو. عمر وفا نه ڪيس، وڏو جيد عالم، ذڪي ۽ ذهين هو. عربي ۽ فارسي ادب تي وڏو عبور حاصل هئس ۽ درس نظاميءَ جا ڪتاب ازبر ياد هوندا هئس. ياداشت تمام مضبوط هوندي هئس. عربي ڪتابن جا به صفحن جا صفحا ياد هوندا هئس، قديم فارسي ڪتاب جيڪي زرتشت عالم جا لکيل هوندا هئا، اهي ائين پڙهائيندو هو، ڄڻ ته مکڻ مان وار ڪڍندو هو. وٽس هڪ وڏيءَ عمر جو شاگرد احمد ڪوري گلستان، فارسيءَ ۾ پڙهڻ ايندو هو. احمد هالن نون کان فجر نماز پڙهي ايندو هو، پوءِ سبق وٺي يا ٻڌائي ڪچن ٻپهرن جو واپس روانو ٿيندو هو. سندس عمر 60-70 سالن جي وچ ۾ هئي. ذهن غبي ]ڪمزور[ هئس. ابتدائي ڏهن ٻارهن صفحن کان ٻاهر نه نڪتو، حالانڪه 10-12 سال آيو ويو، فڪر فردن کيس به ڪانه هئي. نبي سائين جن جي حديث: ”اطلبو اعلم من المهد الي اللهد“ تي عمل ڪرڻ وارو هو. هڪ ڏينهن ايندي وقت هڪ مست گهوڙي رستي تي چٻي وڌس، انهيءَ جا زخم نه سهي گذاري ويو.

حاجي الهبچايو صدر باجماعت متقي نمازي هو. وڏو هوشيار، داناء ۽ ذڪي الفهم هو. ٽي حج ڪيائين. علم ۽ ادب سان دلچسپي هئس. فارسيءَ جا مروج ڪتاب سڀ پڙهيا هئائين. پاسارڪو ڌنڌو ڪندو هو. جامع مسجد جو خطيب به هوندو هو. ڪنهن سال پرديسي حافظن جي نه اچڻ ڪري، تراويحون به پڙهائيندو هو.

حاجي محمد سليمان ميمڻ جنهن کي حاجي سلڻ چوندا هئا، موجوده دؤر جو صحابي صفت صاف سٿرو انسان هو. ڀٽائي صاحب جو عاشق هو ۽ هر جمع تي راڳ ٻڌڻ ويندو هو، ڪا دعوت يا خيرات ٿيندي هئي، ته ورهائيندڙ پاڻ هوندو هو، اهو ڪم وڏي خوشيءَ ۽ محبت سان ڪندو هو.

ميان عبدالغني شيخ حضرات سرهندين جو پيارو مريد هو. مسافرن کي ماني کارائڻ جو ڪم سندس حوالي هوندو هو. سال ۾ هڪ دفعو صاحب سڳورا ٽنڊي سائينداد وارا مهمان ٿي ايندا هئا، ته وڏا انتظام ڪندو هو ۽ خرچ به پاڻ ڪندو هو.

مخدوم حڪيم رحمت الله وڏو لائق ۽ فائق حڪيم هو. اجمل خان جي دهلي واري طبيه ڪاليج مان حڪمت جو ڪورس ڪري آيو هو ۽ ڪي سال پنهنجو شفاخانو هلايائين.

حاجي عبدالستار رناڻي ]رني ڪوٽ[  وارو پڪو جماعتي مومن ماڻهو هو، وڏي عمر ۾ خيال ٿيس ته قرآن شريف ناظره پڙهي، جو ننڍي هوندي ڪونه پڙهيو هئائين. پوءِ مولوي محمد صاحب کان وڏي محنت ڪري قرآن ناظره پڙهي پورو ڪيائين ۽ وڏي مجلس ڪيائين. اهي ۽ ٻيا ڪيترا وڏڙا انهيءَ وقت ۾ زندهه هئا، جن جا مثال هاڻي ڪونه ٿا ملن. اهي املهه ماڻڪ ۽ هيرا هئا، سندن ذڪر ۽ فڪر ۾ الله پاڪ جو نالو هوندو هوِ.

پهرين درجي جي داخلا مون وڏن جي قائم ڪيل مدرسه اسلاميه محمديه ۾ ورتي. هيءُ مدرسو وڏين انقلابي، سياسي، ديني، روحاني، علمي ۽ فقهي تحريڪن جو مرڪز ٿي رهيو آهي. پهرين درجي جو استاد ماستر احمد صدر مرحوم هو، جيڪو جامع مسجد ۾ مؤذن به هو. هن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال پهريون درجو پڙهايو، سو وڏو تجربو ننڍن ٻارن کي پڙهائڻ جو هئس. اسين ڪاشيءَ جي فرش تي ويهندا هئاسين، اسڪول کي خٿاب يا مڪتب چوندا هئا. پڙهائي صبح جو به ٿيندي هئي، ته ظهر نماز کان پوءِ به، 5- وڳي شام موڪل ٿيندي هئي. موڪل کان اڳ ۾ کوڙا پڙهائيندا هئا. ٻئي درجي ۾ قرآن شريف ناظره مون پنهنجي والد حضرت جن کان پڙهيو ۽ سال کن جي اندر پورو ڪيم. دنيوي تعليم ۾ استاد محمد احسان سانوڻي مـُـلا هو، جيڪو پڙهائڻ جو هوشيار ڪونه هو، البت شطرنج راند جو وڏو کيڏاري هو. ٽيون ۽ چوٿون درجو محمد صادق سانوڻي ملا کان پڙهيوسين. هيءُ عام رواجي ماسترن وانگر نه هو بلڪه فارسي، اردو ۽ سنڌي علم جو وڏو ڄاڻو هو. سندس علميت جي حامل انسان کي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيڻ کپي ها. سڄو هندستان گهميل هئس ۽ درزڪو ڪم به ڄاڻندو هو. اسان کي جيڪا تعليم ڏنائين، ان جي ڪري اسان درسي ڪتابن کان سواءِ ٻيون به گهڻيون ڳالهيون وٽائنس سکيون. امتحانن وٺڻ وارا صاحب اسان جي هوشياريءَ کي ڏسي حيران ٿيندا هئا. تعليم سان گڏ تربيت جو سبق به ڏنو ويندو هو. ماستر محمد صادق صاحب مختلف شاعرن جا شعر نيڪيءَ جي موضوع تي جيڪي ڪورس ۾ نه به هئا، ته به پڙهي ٻڌائيندو هو، جيڪي ادب ۽ اخلاق جو درس ڏيندا هئا. مثلن: وڏن جو ادب ڪجي، ننڍن تي شفقت جو هٿ رکجي، جانورن تي رحم ڪجي، يتيمن ۽ مظلومن جي مدد ڪجي، واٽ ڀليل کي رستو ڏيکارجي وغيره. مطلب ته استاد شاگرد کي مڪمل عملي تربيت ڏيندو هو. اڄ ته ماستر پگهار وٺن ٿا، ٽيوشن ڏين ٿا، ڦـُـر ڦـُـران ڪن ٿا، پر نه تعليم آهي ۽ نه تربيت آهي. انهيءَ دؤر ۾ ڪو شاگرد غير حاضر رهندو هو، ته ان کي بند جي سزا ڏبي هئي. يعني ته صبح ۽ ٻنهپرن جي وچ وارو وقفو جيڪو گهر وڃڻ لاءِ ملندو هو، ته شاگرد وڃي ماني کائي اچن، اهو وقفو بطور سزا جي کيس نه ملندو هو. سندس مائٽن کي ٻڌائي ڇڏبو هو، ته اڄ ڇوڪري کي بند جي سزا آهي. کيس ماني مڪتب ۾ موڪليو. اها سزا شرم جهڙي ڳالهه ته هوندي هئي، پر شاگرد لاءِ تڪليف جو سبب ڪانه هئي. هي هئا تعليم ڏيڻ ۽ سڌارڻ جا آڳاٽا طريقا.

 

 

 

[5]

ابتدائي تعليم ختم ڪري، پوءِ هالن پراڻن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺبي هئي، جتي فائنل تائين تعليم ڏيندا هئا. انگريزن جي دور ۾ ماستري يا تپيداريءَ جون نوڪريون فائنل پاس ڪرڻ تي ملنديون هيون. فائنل تائين ست ڪلاس هئا. چوٿين ڪلاس کان پوءِ انگريزي به شروع ڪرائي ويندي هئي. انهيءَ وقت ۾ استاد شاگردن تي ڏاڍي محنت ڪندا هئا. نوڪريءَ کي نوڪري نه بلڪه خدمت ڪري سمجهندا هئا. ستين درجي ۾ اسان جو استاد مرحوم نور محمد ميمڻ هو. هيءُ وڏو محنتي، ايماندار ۽ انگي حسابن ۾ هوشيار اُستاد هو. فائنل جو امتحان انهيءَ وقت ۾ ڏکيو سمجهيو ويندو هو، هزارين شاگرد ويهندا هئا، ته سوين ناپاس ٿيندا هئا. نور محمد مرحوم اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ به ڪلاس وٺندو هو. رات جو ڪلاس (8 کان 11- 12 تائين) هلندا هئا، گولا (هنڊا) ٻه کن ٻاريندا هئا، ته سڄو ڪلاس روشن ٿي ويندو هو. 15-20 کن شاگرد ايندا هئا. انگي حساب، جاميٽري ۽ سنڌي زبان جي گرامر تي گهڻي محنت ٿيندي هئي. امتحان نون هالن جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ٿيندو هو، جيڪو هفتو کن هلندو هو. اُستاد نور محمد سڀ ڏينهن شاگردن سان گڏجي هلندو هو، شام جو موٽي، هالا پراڻا ايندا هئاسين. رب جون مهربانيون آهن. فائنل ۾ آءٌ هالا سينٽر ۾ انهيءَ سال پهريون نمبر آيو هئس. اُستاد نور محمد غريب اشراف ماڻهو هو. رمضان جي مهيني ۾ شام جو برف وڪڻندو هو، افسوس جو سگريٽ گهڻا پيئندو هو، انهيءَ دور ۾ سگريٽن جي نقصانڪار اثرن کان اڃا عام واقفيت نه هئي. لاشڪ ته سگريٽن دل کي نقصان پهچايس ۽ ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪيائين.

ٻيو استاد نور حسين انگريزي پڙهائيندو هو. تمام محنتي ۽ سخت گير هوندو هو، انگريزيءَ جي مضمون ۾ اسان جو بنياد هن پڪو ڪيو. هيءُ وقت اڃا پاڪستان جي شروعاتي سالن جو هو. انگريزن جو اثر اڃا قائم هو، انگريزي اسڪولن ۾، اسلام ۽ ملن مولوين تي ڪٿي ڪٿي چٿر ۽ مذاق ڪئي ويندي هئي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته انگريزي ٽيڪسٽ بڪ ۾ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حيات مبارڪه تي جيڪو مضمون هو، نور حسين مرحوم اهو سبق پڙهايو پئي: حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڄمڻ کان اڳ يتيم هئا. سندن والده جلدي وفات ڪري وئي. ڏاڏي عبدالمطلب ٻن سالن کان پوءِ وصال ڪيو، پوءِ سندن پرورش جي ذميواري سندن چاچي ابو طالب جي مٿان هئي. مٿين ڳالهه ڪري نور حسين مرحوم ٻهراڙيءَ جي ڪنهن عام جاهل ماڻهوءَ وانگر اٿي ڪا هلڪي ڳالهه ڪري ويو، جا ڳالهه مون کي ڏاڍي ڏکي لڳي، جو مون ان کي رسول صلي الله عليه وسلم جن جي شان جي خلاف سمجهيو. سو مون اها ڳالهه پنهنجي چاچي جن کي وڃي ٻڌائي، جيڪي ڳوٺ جا مفتي به هئا ته عالم به هئا. اها ڳالهه ناقابل برداشت هئي. نور حسين جي پيءُ مرحوم عبدالله کي سڏائي، سندس پٽ جي حال حقيقت کان واقف ڪيائون. سخت تنبيهه کان پوءِ کيس چيائون ته نور حسين توبهه تائب ٿئي ۽ پنهنجي گناهه جي ڌڻي تعاليٰ کان معافي وٺي. پوءِ قصو رفع دفع ٿي ويو. وري نور حسين کي اهڙي جرئت ڪانه ٿي. پاڻ دينداريءَ جي طرف راغب ٿيو. نماز پنج وقت پڙهڻ لڳو ۽ حج به ڪيائين ۽ زڪوات به ڏيندو رهيو. خدا جي قدرت جو زندگي وفا نه ڪيس ۽ جلدي وفات ڪيائين.

ٽيون استاد، جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ماستر مرحوم علي محمد ڪوري هو. وڏو قداور شخص هو. وڻ جيڪو وڏو هجي اهو جهڪي پوي ته سلامت رهندو. اُستاد علي محمد جيترو قداور هو، اوترو ئي منڪسر المزاج غريب هو. وڏا شهپر رکندو هو، ٿلهن شيشن جي عينڪ پائيندو هو. شايد موتئي جو آپريشن ڪرايو هئائين. ڪلاس ۾ ته محنت ڪندو هو، پر ڪجهه شاگردن کي پابند ڪيائين ته شام جو موڪل ٿيڻ کان پوءِ به وٽس وڌيڪ تعليم وٺن. هاڻي ٻيا ڇوڪرا ڪرڪيٽ يا ٻيون رانديون پيا ڪندا هئا، پر اسان کي ڪلاڪ کن انگي حساب پيو پڙهائيندو هو. ٻين جي آزادي ۽ پنهنجي پابندي ڏسي ڏکيو به ڏاڍو لڳندو هو، پر اڄ قدر ٿو پوي. حسابن ۾ اسان کي هن جي ابتدائي محنت ڪم آئي. مون ميٽرڪ ۾ حسابن ۾ 100 مان 100 مارڪون کنيون. اُستاد نور محمد ۽ اُستاد علي محمد يا اُستاد نور حسين پنهنجي وڌيڪ پڙهائڻ جي ڪابه في وغيره ڪونه وٺندا هئا ۽ نه ان کي احسان سمجهندا هئا. پاڻ پنهنجي منصب جي فرائض جي بجا آوري سمجهندا هئا. درحقيقت هيءُ زمانو نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جو هو، استادن کي شاگردن لاءِ شفقت هئي، ۽ شاگردن کي استادن لاءِ احترام. مائٽ استاد جي مدد ڪندا هئا. گهڻا مائٽ پنهنجي گوسڙو اولاد لاءِ ماسترن کي چوندا هئا ته ”سائين! چم اسان جو آهي، ته هڏ تنهنجو آهي.“ مطلب ته جي بدمعاشي ڪري ته ڀلي کيس سيکت ڏيو.

ڪجهه تفريح طبع ڳالهيون به ٿينديون هيون. اسڪول ۾ ڇهه ست ڪلاس هوندا هئا، جيڪي هڪٻئي سان، وچ مان نڪتل دروازن جي رستي، گڏيل هوندا هئا. پراڻو زمانو هو، گهڻي چيڪنگ ڪانه هئي، سو ماستر صاحب ڪڏهن ڪڏهن ٽنگون ميز تي رکي پڙهائيندا هئا. ٻيا ماستر شرارت کان ڪم وٺي آهستي پٺيان اچي، جنهن ماستر جون ٽنگون ميز تي هونديون هيون، انهيءَ جي جتي چوري ڪري ويندا هئا. پوءِ منٿ ميڙ يا چانهه پيارڻ سان واپس ڪندا هئا. هڪ استاد ماستر شمشاد علي جيڪو مهاجر هو ۽ اردو پڙهائيندو هو، ان شرارت ڪري ٻئي ماستر جي جتي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کي خبر پئجي ويئي. سو زور سان وٺي پٺيان لـتَ هنيائينس، جيڪا وڃي کيس مٿي ۾ لڳي. شمشاد عليءَ ٿيڙ کائي وڃي ڀت سان لڳو، ۽ مٿو ڦاٽي پيس.

واقعو ته پنهنجي جاءِ تي ٿي ويو، پر اسان ٻن شاگردن يعني مون کي ۽ عبدالسلام کي موقعو مليو، سو انهيءَ واقعي تي کڻي شعر لکيوسين.

مـون کـي ننڍي هوندي معمولي ڳالهين تي بي اختيار کل ايندي هئي. اتي پهتاسين ته مون کان لاشعوري زبردست کل نڪري وئي. نڄاڻ ته اُستاد نور محمد جيڪو هيڊ ماستر به هو، ان وقت ئي ڪلاس ۾ گهڙيو. حقيقت معلوم ڪري سخت ڪاوڙيو. عبدالسلام کي ته اتي ئي سخت لڪڻ هنيائين، پر منهنجو لحاظ ڪيائين ۽ ڪجهه به نه چيائين. ڇوته عام طور تي آءٌ سنجيده مزاج به هئس. هوشيار به هئس. پر شام جو والد صاحب کي شڪايت ڪيائين. والد صاحب ٿڌن لفظن ۾ نصيحت ڪئي ۽ ائين معاملو ختم ٿيو.

پرائمري اسڪول ڇڏڻ کان اڳ ٻن رٽائرڊ ماستر ڀائرن جو ذڪر ڪجي. هڪ جو نالو هو: ماستر عمر ۽ ٻي جو نالو هو: ماستر جٽئو. ٻئي ظريف الطبع هئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ توڙي ٻين سان چرچو ڀوڳ ڪندا رهندا هئا. ماستر عمر چوندو هو ته جتي اها پائجي، جيڪا ٺهي اچي. جٽئو چوندو هو ته غلط، جتي اها پائجي، جيڪا هجي. ڳالهه به اها ڪبي، جيڪا هوندي يا اها ڪبي جيڪا ٺهي ايندي. ائين سندن چرچا ڀوڳ ٿيندا هئا.

ماستر جٽئو هالن پراڻن جي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، ته ڍڪ منشيءَ جي به چارج مليس. انگريزن جي حڪومت هئي، ڪئين جانور پيا ڍڪ ۾ پوربا هئا، پر هيءُ هنن جو رڪارڊ ڪونه رکندو هو. ٻه چار آنا وٺي جانور واپس ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن بازار ۾ پئي ڦريو، ته ڪنهن اچي چيس ته مختيارڪار صاحب ڍڪ ۾ آيو آهي، توکي پيو سڏي. هن جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون، جو پويان حال ساريو پيو هئس، پر تيز فهم هو، سو نياپي آڻيندڙ کي چيائين ته وڃي چئو، ته ماستر جٽئو هٿ ڪونه ٿو اچي. سندس گهر نياپو ڇڏي آيو آهيان. اجهو ٿو اچي.

پاڻ ويو عصوءَ ڪبابيءَ وٽ، سو انهيءَ کان سيخ ڪباب، جيرا، بڪيون، آنڊا گرم ويڙهائي آيو. مختيارڪار پريان ئي رڙ ڪيس، ته ماستر ريڪارڊ ڏيکار. جواب ڏنائين ته سائين حاضر، ترسو ته سهي، هيڏو سفر ڪري آيا آهيو، ڪجهه ٿڪ ڀڃو. هيءُ کائو، ائين چئي ڪباب  جيرا کڻي اڳيان رکيائين. مختيارڪار هندو ته هو، پر گوشت خور به هو. شايد رگهومل نالو هئس. انهيءَ جو هيءُ گرم مفت جو مال ڏٺو، سو لڳو کائڻ. جڏهن پيٽ ڀريس ته پاڻي گهريائين، جٽئي مٽ جو ٿڌو پاڻي پياريس. مختيارڪار چيس ته ڀلا هاڻي ته رجسٽر ڏيکار. هاڻي رجسٽر هجي ته ڏيکاري. سو جٽئي کيسي مان پنج رپيا ڪڍي ڏنس، ۽ چيائينس ته سائين هيءَ توهان جي اچاڻي آهي. رجسٽر پورو ڀريل ڪونهي. هن دفعي معاف ڪريو، ٻئي دفعي ايندا ته ڏيکاريندس. مختيارڪار جي چڙ ته هونئن ئي ڪباب کائي لهي چڪي هئي، سو مٿاڇرو سختيءَ سان چيائينس ته چڱو چڱو هينئر آءٌ وڃان ٿو، ٻيو دفعو اچان ته رجسٽر ڏيکارجان. پوءِ جٽئي پيرين پئي مختيارڪار کان موڪلايو.

ماستر عمر وري پنهنجي طبعيت جو هو: اڇي وڏي ڏاڙهي رکيل هيس، رٽائر ٿيو ته بازار واري مسجد ۾ پيش امام ٿيو. الله اڪبر ۽ سمع الله وڏي آواز سان چوندو هو. هلڻ ۾ چيلهه ۾ سور پوندو هئس، سو هڪ قدم اڳتي هلندو هو ته اڌ قدم پوئتي ايندو هو. ٻيو ڌنڌو اهو ڪندو هو جو پڪوڙا وڪڻندو هو. پڪوڙا وري بهترين بيسڻ مان ٺاهيندو هو. پاروٿا ٿيندا هئس ته به پيو وڪڻندو هو. چوندو هو ته تيل تريل شين کي پاروٿو نه چئبو. چيڙاڪ طبعيت جو هو، سو پاسي جي دڪاندارن سان جهيڙو پيو هلندو هئس. گارگند يا بدشد ڪونه ڳالهائيندو هو، پر زالن وانگر پٽون ۽ پاراتا ڏيندو هو. مثلن: چوندو هو ته مئا، نانگ کاوئي يا مئا مرين شال وغيره. هڪ دفعي سامهون واري دڪاندار کيس ڏاڙهيءَ مان جهلي چماٽ هنئي، پوءِ ته هيءُ سخت بگڙي پيو. گهر وڃي اڇا ڪپڙا اڇي پڳ ٻڌي چيائين ته هاڻي وڃي هالن نون ۾ ٿاڻي تي فرياد ٿو ڪرايان. جولاءِ ۽ جون جا گرم مهينا هئا، ڪي ماڻهو هالن نون کان موٽيا پئي، انهن چيو ٿي ته ماستر عمر اڌ رستي تي وڻن هيٺ ڇانو ۾ ويٺو آهي. نتيجو اهو نڪتو جو شام جو موٽي آيو ۽ ٿاڻي تي ڪونه ويو، پير مرد هو، همت ڪانه ٿيس.

سندس ننڍو ڀاءُ يعقوب قبرستان جو مجاور هو، جيڪا شيءِ هٿ ايندي هئس، اها ضايع ڪونه ڪندو هو، بلڪ گڏ ڪندو ويندو هو. رهندو به اڪيلو هو. جڏهن گذاري ويو ته سندس ڀانڊي مان گهڻا ئي ٽڀا، دلا، ڪونڊيون، پيٽيون ۽ کوکا نڪتا، جن ۾ انگريزن جي ابتدائي دؤر، راڻي وڪٽوريا جي زماني جا سڪا، چانديءَ جا ايرنگ، ٽـوڙها، سڳيون، دٻڪيون، وٽا، پاٽوڙا ۽ پاٽيون نڪتيون. هنن مٽن مان سامان ڪڍڻ وارن کي ٻن ٽن زهريلي وڇن به کاڌو. هيءُ هڪ دفعو شيءِ قابو ڪري وري نهاريندو به ڪونه هو. سندس ڇڏيل ملڪيت ماستر عمر جي پٽ عبدالواحد کي ملي، جو ٻيو وارث ڪونه هئس.

ماستر عمر کي پنج پٽ هئا، جن مان وڏو مرحوم عبدالقادر سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پهرين سيڪشن آفيسر، پوءِ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو، هوشيار ڪم جو ڄاڻو ۽ انگريزي تحرير ۾ قابل هو. ڪنهن سان ٺهندو ڪونه هو. نتيجي ۾ نوڪري کان ڊسمس ٿيو، پوءِ ڪراچيءَ جي سول ڪورٽ ۾ اسٽامپ وينڊر ٿيو ويٺو هو، مهاجرن مان شادي ڪيائين، جنهن مان ٻه جاڙيون ڌيئرون ٿيس. گهڻا سال ٿيا اٿس، جو گذاري ويو آهي.

ٻيو پٽ عبدالخاق مرحوم هو. انگريزي ماستر هو. جڏهن ڀٽ شاهه ۾ ماستر هو ته شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو جنازو تدفين لاءِ ڀٽ شاهه کڻي آيا. دائود پوٽي مرحوم جي مداحن ۽ معتقدن دفن ڪفن جا ٻيا انتظام ته ڪيا هئا، پر جڏهن جنازي نماز جو وقت ٿيو ته اُها پهر نه لڀي، جيڪا جنازي نماز پڙهائي، ڇوته ڀٽ شاهه ۾ گهڻو ڪري شيعا آهن. دائود پوٽو مرحوم پاڻ سني هو. پوءِ خبر پين ته هالن پراڻن جو ماستر عبدالخالق سني آهي، سو کيس وٺي آيا، جنهن اچي جنازي نماز پڙهائي. سو پڙهندڙ ياد ڪن ته شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي جنازي نماز ماستر عبدالخالق هالن پراڻن واري پڙهائي هئي.

پاڪستان ٺهڻ جو واقعو به هڪ يادگار آهي. تاريخ 14- آگسٽ سن 1947ع آهي، جمعته الوداع جو ڏينهن هو، سڀ نمازي جمعي نماز پڙهي ٻاهر مين گيٽ تي اچي بيٺا. پوءِ الله اڪبر جي نعرن ۾ سائو چنڊ تاري وارو جهنڊو مناري تي چاڙهيو ويو. آخر ۾ دعا گهري وئي. انهيءَ وقت ۾ پاڪستان جي تخليق مسلمانن جو ديرينه خواب هو. سگهوئي مهاجرن جا ڪٽڪ مشرقي پنجاب ۽ راجسٿان مان سنڌ ۾ آيا، جيڪو ڌار هڪ وڏو داستان آهي.

سن 52-1951ع ۾ حيدرآباد مان ٻن ڀٽي ڀائرن ”گلستان“ نالي ٻارن جو رسالو ڪڍيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندو، ٻارن لاءِ رسالا ڪڍندا هئا، پر پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو هو. گلستان، رسالو نه، پر هڪ بيداري جي تحريڪ هئي، جيڪا سنڌي شاگردن ۾ شروع ٿي. هيءُ رسالو ڏاڍو دلچسپ ۽ باتصوير هو. هن ۾ آکاڻيون، لطيفا، ٽوٽڪا ۽ نصيحت ڀريا نڪتا هوندا هئا. رسالو اٺ سال کن هليو ۽ سنڌي ٻارن کي وڏي ادبي، علمي ۽ سماجي معلومات ڏيئي ويو. سڀ کان پهرين الف ليليٰ مان قصا ڇاپيندا هئا، جهڙوڪ: سنڌ باد سيلاني، حسن بصري، مهاڻو ۽ جن، علي بابا ۽ چاليهه چور وغيره. هاڻي جن ٻارن اهي قصا پهريون ڀيرو پڙهيا هوندا، انهن کي وڏو لطف آيو هوندو. ڀٽي برادران انهن آکاڻين کي پوءِ ڪتابي شڪل ۾ به شايع ڪندا هئا. رسالي ۾ قلمي دوستي، ۽ ”بزم گلستان“ جا اسم به شايع ٿيندا هئا. بزم گلستان جي طرفان مقامي توڙي غير مقامي سطح تي ادبي محفلون ۽ ڪچهريون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. هنن ٻاراڻين محفلن جي سرپرستي وڏا به ڪندا هئا ۽ اُنهن ۾ شرڪت به ڪندا هئا. بزم گلستان، جي ڪري آسپاس جي ڳوٺن ۽ شهرن جي شاگردن کي هڪ جاءِ تي جمع ٿيڻ جو موقعو ملندو هو. انهيءَ بزم هيٺ پڪنڪ ۽ سير و تفريح جا پروگرام به ٿيندا هئا. هڪ وڏي مجلس هالن نون ۾ ٽن ڏينهن تائين هلي. ڀٽي ڀائرن جا نالا مقبول احمد ۽ غلام مرتضيٰ هوندا هئا. اصل روح روان غلام مرتضيٰ هو. پاڻ ۾ ست ڀائر هئا. سندن والد صاحب جــو نـالــو مـحـمــد مـوسيٰ ۽ تخلص ”راز“ هو. وڏو علمي ۽ ادبي گهراڻو هو. محمد موسيٰ ۽ سندس سوٽ مشهور شاعر عبدالله خواب وٽ وڏا مشاعرا ٿيندا هئا. مشهور نابين شاعر سيد محمد حيات شاهه جنهن جو ’ديوان حافظ‘ سنڌيءَ ۾ مشهور آهي، اهو وٽن رهندو هو.

مـقـبول احمد پوءِ گاڏي کاتي ]حيدرآباد[ ۾ ڪـتــابــن جـو دڪــان ”سنڌي ڪتاب گهر“ ڪڍيو ۽ هڪ اخبار وطن به شايع ڪيائين. سنڌي ڪتاب گهر ۾ اهي سڀ ڪتاب اچي رکيائين، جيڪي هندن جي زماني جا ڇپيل هئا. هي ڪتاب ناياب ٿي چڪا هئا، پر علم جو وڏو خزانو هئا. سنڌي ڪتاب گهر پوءِ تلڪ چاڙي ]حيدرآباد[ تي منتقل ٿيو، جتي پوءِ عبدالله خواب ”انتخاب ٽيلرز“ جي نالي سلائيءَ جو دڪان کوليو، ڇوته پاڻ سنڌ جي پراڻي خياط ]درزي[ ڪاريگرن مان هو، افسوس جو سنڌي ڪتاب گهر ڇا بند ٿيو، پر اهي سڀ ڪتاب به ناپيد ٿي ويا، اڄ هجن ها ته سنڌي علم جو خزانو ليکجن ها.

مقبول احمد ۽ غلام مرتضيٰ جا سنڌي قوم تي احسان آهن، جو هنن ٻارن ۾ صحتمند علمي، ادبي ۽ سماجي رجحان پيدا ڪيو. ان کان پوءِ وڏو خال هو. گهڻن سالن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ”گل ڦل“ رسالو ڪڍيو. ”گلستان“ رسالي کان علاوه سنڌيءَ ۾ ٻارن جا ڪجهه ٻيا به رسالا نڪرندا هئا، جيئن ”آئينو“ نواب شاهه مان، ”مرتضيٰ“ لاڙڪاڻي مان، ”ادا“ نواب شاهه مان. ادا جو ايڊيٽر عبدالمالڪ هو، جيڪو عالم جوانيءَ ۾ گذاري ويو. مون سان غائبانه خط ۽ ڪتابت هئس. امر جليل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ عبدالمالڪ جو ذڪر ڪيو آهي. پر هن تي وڌيڪ لکڻ گهرجي، ڇوته هو وڏين خوبين جو مالڪ ۽ وڏين صلاحيتن جو صاحب هو.

هالن پراڻن ۾ سن 1965ع ۾ عبرت اخبار جي طرفان ”ٻارڙن جي ٻاري“ جي شاخ قائم ٿي. انهيءَ پروگرام جو نگران پير مظهر الحق هو، جيڪو اڳتي هلي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ليڊر ۽ وزير ٿيو. پير مظهر جو اخباري نالو ”ماما موجي“ هو. هڪ دفعو حيدرآباد ۾ ”ڪل ٻار سنڌ ڪنوينشن“ اورينٽ هوٽل حيدرآباد ۾ رکيو ويو. ٻئي سال ساليانو جلسو ’بسنت هال‘ (حيدرآباد) ۾ ٿيو. ان سالياني جلسي ۾ تقريرون، علمي مذاڪرا ۽ مزاحيه خاڪا پيش ٿيندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ سن 1965ع ۾ عبدالرشيد قريشي، هالن پراڻن ۾ سالياني جلسي جو انتظام ڪيو. ڪنوينشن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ راڳ رنگ جي به محفل ٿي. صدارت ڳوٺ جي نيڪ مرد ميان محمود ڀٽي ڪئي. ان ۾ پير مظهر الحق (ماما موجي) عبدالوحيد صديقي (فولاد فقير)، فلمي ايڪٽر عبدالرشيد صابر، شمس الدين سومرو، بيدل مسرور بدوي، بشير احمد ڀٽي، صبغت الله ميمڻ، آفتاب چنو ۽ ٻيا به گهڻا اچي شريڪ ٿيا. هي ٻارڙا اڳتي هلي عملي دنيا ۾ نامور ٿيا ۽ علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنائون.

پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخلا ورتي سون. اسڪول مخدوم غـلام حيدر صديقي صاحب پاڻ ٺهرايو هو. مخدوم صاحب جي شخصيت تي جيترو لکجي، اوترو گهٽ آهي. سنڌ جا پير، فقير وٺندا آهن، پر ڏيندا ڪونه آهن. هن الله لوڪ پنهنجون ذاتي زمينون جيڪي ميلن ۾ هيون، انهن تي ڪاليج، اسڪول، هاسٽل ۽ مدرسا ٺهرايا ۽ ٻين آس پاس جي وڏيرن ۽ زميندارن کان به چندا وٺي هڪ وڏو عظيم الشان ادارو قائم ڪيائين. اسڪول جا ڪلاس روم وڏا ويڪرا، ڪشادا ۽ هوادار رکيائين. ٻاهريان ايندڙ شاگردن کي هاسٽل ۾ رهائيندو هو. ماني مفت هئي. هڪ عاليشان مسجد اسڪول جي احاطي ۾ ٺهرايائين، جنهن ۾ عام خاص لاءِ کوهه به کوٽرايائين. مخدوم صاحب وڏو سياستدان، عالم باعمل، مفتي ۽ اديب هو. سنڌ جي سياست سندس زيرنگين هئي.کهڙو، فضل الله، پيرزادو سندس احترام ڪندا هئا. هر اسيمبليءَ ۾ بنا مقابلي ايندو هو. دارالعلوم ديوبند ۾ ڪجهه وقت پڙهيو هو، عالمن سان صحبت هئس، غريب غربي ۽ مريدن جو وڏو خيال رکندو هو، افسوس جو زندگي ساڻس وفا نه ڪئي. 52 سالن جي عمر ۾ وڃي واصل بالله ٿيو.

 

[6]

مخدوم غلام حيدر جو ذڪر نڪري، ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جو ذڪر نه نڪري، اهو  ٿيڻو نه آهي. مخدوم صاحب مرحوم غلام حيدر جو ڀائٽيو هو، سندن والد صاحب جو نالو مخدوم غلام محمد هو، جنهن کي پير پرو ڄام سڏيندا هئا. محمد زمان صاحب اڃا ننڍا هئا، ته سندن والد صاحب راهه رباني وٺي ويا. سندن تربيت مخدوم غلام حيدر صاحب ڪئي. هن خاندان جا وڏا ڪرامت ۽ روحانيت جا صاحب هئا. دين متين لاءِ سندن وڏيون خدمتون سرانجام ڏنل آهن. سنڌ هند ۾ سندن لکين مريد آهن. ڪاني ڪرامت نه رهي ته ذاتي شرافت، نجابت ۽ حسن ڪمال ۽ حق جمال ته آهي ئي آهي. محمد زمان صاحب انهن صفتن جا صحيح مظهر هئا. نيڪي ۽ شرافت جو مجسمو توهان کي ڏسڻو هجي، ته حضرت طالب الموليٰ کي ياد ڪريو.

سندن جد امجد مخدوم نوح عليه الرحمـته جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. پاڻ سهروردي طريقي جا پير هئا ۽ سندن نسب حضرت صديق اڪبر رضه سان ملي ٿو. تحفـته الڪرام ۾ مذڪور آهي ته هڪ دفعو پاڻ پنهنجي همعصر مخدوم جعفر بوبڪائيءَ کي چيائون، ته اسان هنن ظاهر اکين سان خدا تعاليٰ کي ڏٺو آهي. مخدوم جعفر اها ڳالهه نه مڃي ۽ چيائون ته توهان پنهنجي نوڪر کي چئو ته توهان جي اکين تي هٿ رکي، پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي. جڏهن اهو ڪيائين، ته پنهنجي دعويٰ کان دست بردار ٿيو ۽ چيائين، ته جي نه هجي ها جعفر ته اڄ نوح ٿئي ها ڪافر.

حضرت نوح رح ڪلام پاڪ اٺن سالن ۾ پورو ڪيو ۽ 16 سالن ۾ ديني علم جي تڪميل ڪيائين. مخدوم شاهه گودڙئي، ٺٽي جي ڪنهن درگاهه جي باري ۾ لکيو آهي، ته اسين سڀ ويٺا هئاسين جو ڪنهن بزرگ اچي مخدوم نوح رح کي ٻانهن کان جهليو ته توکي حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پيا سڏين، پاڻ وڃن ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ڏٺائون ته بيٺا آهن، جن مخدوم نوح رح کي سبق ڏنو. اڃا سبق مان ڪنڌ مٿي کنيائون، ته حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ حضرت علي رضه جن کي گڏ ڏٺائون. اهي ڪرامتون هيون. باقي قرآن ڪريم جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، جنهن لاءِ چون ٿا ته اهو عربيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي زبان ۾ پهريون ترجمو آهي. پر هاڻي معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي شيرازين وٽ قديم فارسي ترجمو موجود آهي، جيڪو مخدوم نوح رح کان به اڳ جو آهي. اها به هڪ روايت آهي ته قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ان وقت جي نيرن ڪوٽ جي هندو راجا جي فرمائش تي ڪيو ويو هو، جيڪو پوءِ ناپيد ٿي ويو. راجا اهو ترجمو فقط پنهنجي سمجهه لاءِ ڪرايو هو. پر انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق قرآن شريف جو پهريون ترجمو لاطيني زبان، پوءِ ڊچ، ان کان پوءِ اسپيني زبان ۾ ٿيو. ڇوته عيسائي پوئلڳن ۽ رهبرن اهو چاهيو ٿي ته ڏسون، ته نئين مذهب جي ڪتاب ۾ ڇا آهي جو تيزيءَ سان پکڙبو پيو وڃي.

گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ چوٿين انگريزيءَ کان تعليم شروع ٿيندي هئي. ڪلاس ٽيچر مسٽر عبدالرؤف ابڙو هو، جيڪو ”منصور ويراڳي“ جي نالي سان مشهور آهي. تمام هوشيار، لائق استاد هو. اڃا به حال حيات آهي. صاحب الفراش آهي، سندس اکر موتي آبدار هئا ۽ انگريزي زبان ۽ گرامر جو ماهر استاد هو. موڪلن جي ڏينهن ۾ بلا معاوضه ڪلاس وٺندو هو. منصور ويراڳي عام انسان نه آهي، جيئن سندس عرفيت مان ظاهر آهي ته هو دنيا جي جهيڙن ۽ جهڳڙن کان الڳ ٿلڳ آهي. الست جي سرمستي ۽ عاشقي ۾ غرق آهي، دين محمديءَ جو شيدائي آهي. اهو جذبو اٿس، اهو جوش اٿس ۽ اهو فڪر اٿس، دل چويس ٿي ته اسلام جو بول بالا هجي، مسلمان متحد هجن، قرآن مجيد تي عمل ڪن، بدعتن ۽ بڇڙاين کان پري هجن. سندس دل الاهي عاشقن واري آهي. ڪي ڪي ڏينهن شهر کان ٻاهر قبرستان جي ويرانن ۾ بسيرو ڪندو ۽ مالڪ سان خيالي روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. عشق جي سرشاريءَ کان ٻاهر نڪرندو هو، ته وجود ۾ ايندو هو. پر نيٺ نوڪريءَ کان بيزار ٿي پيو. ياد الله کي لڳي ويو، هاڻي فنا في الله جي منزل کي رسيل آهي. دنيا سان ظاهر ناتا قائم ڪريو ويٺو آهي، پر اصل انگ الله سان اڙيل اٿس. مختلف ديني مسئلن تي ننڍا ڪتاب، رسالا، مضمون ۽ ڪارڊ ڇپائي مفت ورهائيندو آهي. زندهه ولين مان آهي، الله تعاليٰ کيس عمر خضري عطا فرمائي. (آمين)

ٻيو استاد مرحوم غلام رضا ڀٽو هو، هيءُ هيڊ ماستر هو ۽ بهترين منتظم پڻ هو، پڙهائڻ جو وڏو ملڪو هئس، شاگرد ۽ استاد جي سڃاڻپ رکندو هو. اسڪول جو انتظام پنج ڇهه سال بي مثال ۽ لاجواب هلايائين. پڙهائيءَ جي معيار کان هيءُ اسڪول پهرين نمبر تي هو. مسٽر سراج الدين علوي ديني خيالات رکندڙ وڏو عالم انسان هو، هو ته ماستر، پر ڪنهن بين الاقوامي يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هجڻ گهرجيس ها. اسلامي مضمونن تي سندس ليڪچر لاجواب هوندا هئا. مسٽر عبداللطيف ميمڻ بيحد محنتي استاد هو، ٻين استادن جا فري پيرڊ به پاڻ وٺندو هو. ماٺ ڪري نه ويهندو هو. سخت گير به هو، ڪنهن شاگرد جي پڙهائي هلندي اک لڳي ويندي هئي، ته ان کي چتائي چاڪ اڇلي هڻندو هو. قاضي يار محمد ۽ ٽارزن کي گهڻي کان گهڻا چاڪ لڳا. مسٽر الهڏنو سائنس ٽيچر هو. سائنس جهڙي دقيق مضمون کي کلي ٽپي آسان زبان ۾ سمجهائيندو هو. سندس پڙهائيءَ جو انداز بيحد دلچسپ هو. مولوي عبدالرزاق عربي ٽيچر هو. امتحانن ۾ شاگردن کان فقط هڪ رشوت کان پوءِ کين عربيءَ ۾ پاس ڪندو هو. يعني هڪ وقت جي ماني بهترين کارائڻ. اها هئي مولوي صاحب تائين سفارش. ريل گاڏين ۽ بسن ۾ رسيد بڪ کڻي مسجد جي تعمير جو چندو گڏ ڪندو هو. انهيءَ مسجد جو ڪو وجود ڪونه هوندو هو.

مون ته چند استادن جو ذڪر ڪيو آهي. پر سڀ چندي آفتاب چندي ماهتاب هئا. ڪنهن ۾ ڪهڙي خوبي هئي، ته ڪنهن ۾ ڪهڙي خوبي. ڪو راندين ۾ هوشيار هو، ڪو ڊرامن ۾، ڪو تقريرن ۾ ۽ ڪو ڊبيٽن ۾. حيدرآباد مان مرحوم اشتياق حسين بدلي ٿي آيو ته انهيءَ ڊبيٽنگ ڪلب جو بنياد وڌو ۽ مشاعرو به ڪرائيندو هو. مطلب ته تعليم جي خشڪ موضوعن سان گڏ تفريح جا به موقعا هوندا هئا. سنڌ ۾ ٻيا به سٺا اسڪول هئا، جن جو تعليم ۽ تربيت ۾ مقابلو ڪونه هو.

نوابشاهه جو لوڪل بورڊ اسڪول جنهن جو هيڊ ماستر حاجي خان ولد مهر علي خوجو هو. هن اسڪول جو معيار تعليم سڄي سنڌ ۾ مٿاهون هو. ميرپورخاص جو گورنمينٽ مدرسو هاءِ اسڪول شاگردن جي تعداد کان وڏي ۾ وڏو اسڪول هو، وڏا ناميارا تعليمي ماهر هتي هيڊ ماستر ٿي رهيا، جهڙوڪ: فتح محمد قريشي، دين محمد آرائين، حافظ محمد صادق، حافظ عبدالستار، مرزا شمشاد بيگ، عثمان علي انصاري، محمد اسماعيل عرساڻي، علي خان ابڙو وغيره اهڙا اهل علم هيڊماستر هئا.

حيدرآباد جو نور محمد هاءِ اسڪول به برک ادارن مان هو. مون جڏهن سن 1957ع ۾ داخلا ورتي ته غلام حسين سومرو مرحوم هيڊ ماسٽر هو ۽ شيخ محمد اسلم ان جو سيڪريٽري هو. تعليم جي ميدان ۾ هن اسڪول جون نمايان ڪاميابيون آهن.

ڪراچيءَ جو سنڌ مدرسو سڀني جو سرواڻ آهي. نامور تعليمي ماهر انگريزن جي دؤر کان هتي هيڊ ماستر ۽ ماستر ٿي آيا. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو هن اسڪول جو شاگرد هو، ۽ هتان جي پرنسيپال ”وائينس“ جي چوڻ تي پي ايڇ - ڊي لنڊن ۾ ڪرڻ ويو. خيرپور جو ناز هاءِ اسڪول مير علي نواز خان ناز ٺهرايو هو، جتي شفقت حسين شاهه، عبدالحسين شاهه ۽ پناهه علي شاهه جهڙا ناميارا استاد هيڊ ماستر ٿي رهيا هئا. حيدرآباد جو ٽريننگ ڪاليج به معيار جي لحاظ کان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو، جتي مشهور هندو عالم گربخشاڻي يا گدواڻي پرنسيپال ٿي رهيا هئا. مسلمانن ۾ خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ خانبهادر غلام علي نانا جا نالا قابل ذڪر آهن. ڪراچي ۾ پارسين جا ٺهرايل اسڪول به سڄيءَ هند- سنڌ ۾ مشهور هئا، جهڙوڪ: اين. جي. وي اسڪول، ماما پارسي اسڪول، بي. وي. ايم اسڪول وغيره. رومن ڪيٿوليڪ عيسائين جا اسڪول به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جهڙوڪ: سينٽ پيٽرڪ، سينٽ جان، سينٽ جوزف، سينٽ ميري وغيره. انهن سڀني اسڪولن جا شاگرد وڏن عهدن تي پهتا ۽ پنهنجي پنهنجي فنون ۾ ڪامياب ٿيا.

وري اصل موضوع يعني گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا تي اچجي. سن 1956ع ۾ وڏي اسٽرائيڪ ٿي، جنهن ۾ هڪ شاگرد فتح محمد پٺاڻ قتل ٿي ويو. پوءِ ته اسڪول ويو ڦٽندو، نظام تعليم تباهه ٿي ويو ۽ آهستي آهستي نظم و ضبط به ختم ٿي ويو. اسپورٽس ۽ غير نصابي سرگرميون ختم ٿي ويون. هيڊ ماستر غلام رضا کي لاهور ۾ بدلي ڪري او. ايس. ڊي ڪيائونس، مطلب ته اسڪول کي ڄڻ نظر لڳي وئي ۽ ڪنهن ان کي سڌارڻ جي ڪوشش نه ڪئي. چڱا شاگرد هالا ڇڏي ٻئي پاسي هليا ويا. مرحوم غلام رضا جو منهنجي والد بزرگوار سان ويجهو تعلق هو، صلاح ڏنائين ته هن حالت ۾ ڇوڪري جون صلاحيتون متاثر ٿينديون. پاڻ صلاح ڏنائين ته کيس حيدرآباد جي گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پوءِ ائين ئي ٿيو. آءٌ گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ آگسٽ سن 1957ع ۾ آيس، جڏهن ته ميٽرڪ جا اڌ کان وڌيڪ ڪلاس ٿي چڪا هئا، پر مون محنت ڪئي، ڪسر پوري ڪيم. ڪلاس ٽيچر ڪلاناٿ آئر مدراسي هو ۽ وڏو ذهن شناس هو. ڪلاس ۾ 400 کن شاگرد هئا. چار مانيٽر اڳ ۾ ئي هئا. مون کي پهرين ڏينهن پنجون مانيٽر مقرر ڪيائين، پوءِ منهنجا ساڻس استاد شاگرديءَ جي شفقت وارا تعلقات آخر تائين قائم رهيا. سن 1980ع ڌاري آمريڪا ۾ گذاري ويو. مرحوم غلام حسين بالادي برجستو ۽ انتظامي معاملن جو ماهر استاد هو، جيتوڻيڪ پڙهائڻ ۾ هوشيار ڪونه هو. ڌرمداس ورياڻي پاڻ هندو هو، پر پاڪستان ۾ ئي رهي پيو هو، قد جو ڊگهو ۽ ٿلهو هو. انگريزي گرامر ۽ فارسي پڙهائيندو هو، خوش لباس ۽ خوش شڪل هو. سون جي چين ڳچيءَ ۾ پائيندو هو. ماڻهو سخت هو. پوءِ مغربي پاڪستان حڪومت ۾، ڪالا باغ جي ڪابينا ۾، اقليتن جو وزير ٿيو. اتان ڇڏيائين ته وري اچي ماستر ٿيو. سن 1965ع جي جنگ ۾ هن تي جاسوس هجڻ جو الزام لڳو، جيڪو صحيح ثابت نه ٿيو، پوءِ سگهوئي هندستان هليو ويو. غلام محمد پنهور به سٺن ماسترن مان هڪ هو. ڇا پڙهائيندو هو، اهو ياد نه آهي. عبدالڪريم انگريزي ٽيڪسٽ پڙهائيندو هو. عربيءَ جو استاد مولوي محمد يوسف عباسي ڪڪڙن وارو نوراني چهري جو صاحب هو. عربي تحت اللفظ ۽ مخرج سان پڙهائيندو هو، جيڪو عربي مـُـدرسن جو پراڻو طريقو هو. فارسيءَ جو استاد مولوي دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي هو، جيڪو جيد عالم ۽ عربيءَ فارسيءَ جو ماهر هو. ”مثنوي مولانا روم“ جو منظوم ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيائين. مطلب ته سڀ ٽيچر تجربيڪار، هوشيار ۽ با اخلاق هئا ۽ شاگردن جي تعليم ۽ اخلاق سڌارڻ تي زور هوندو هونِ. مون ميٽرڪ ۾ سخت محنت ڪئي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سڀني مضمونن ۾ امتيازي نمبر حاصل ڪيم ۽ اڳتي هلي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ داخل ٿيس.

هت اصل موضوع کان هٽي ڪجهه ادبي علمي ۽ سياسي حالتن جو ذڪر ڪجي، جيڪي انهيءَ وقت موجود هيون. سنڌي علم ۽ ادب لاءِ هيءُ زرخيز زمانو هو. ڇهه ست روزنامه سنڌي اخبارون نڪرنديون هيون. ڪراچيءَ مان ”الوحيد“ ۽ پوءِ ”نوائي سنڌ“ کهڙي صاحب ڪڍرائي. ”خادم وطن“ حيدرآباد مان، سردار لطف علي دل جي اخبار هئي. ”ڪاروان“ حيدرآباد مان، سريوالن جي اخبار هئي. ”هلال پاڪستان“ منشي عبدالشڪور پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪڍندو هو. ”مهراڻ“ پير صاحب پاڳاري وارن جي اخبار هئي. ”عبرت“ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پوءِ قاضي اڪبر وارن شروع ڪرائي. هڪ اخبار ”نئين سنڌ“ جي. ايم. سيد وارن جي هئي. مطلب ته صحافت جي زور وارو زمانو هو. ان کان سواءِ ڪافي ماهوار رسالا به نڪرندا هئا، جيئن ”نئين زندگي“، ”مهراڻ“، ”شاعر“، ”روح رهاڻ“، ”فردوس“، ”توحيد“، ”مبلغ“، ”تعليم“، ”مخلص“ ۽ ”ترقي“ وغيره. سنڌي ادب ۾ سن 1950ع ۽ سن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ تحقيق ۽ ناول نگاريءَ ۾ وڏي واڌ آئي. بهترين افسانا  ۽ ناول مختلف مصنفن شايع ڪرايا. انهيءَ زماني جو ادب بين الاقوامي معيار جو چئي سگهجي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ به وڏا تحقيقي ڪتاب شايع ڪرايا، جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هيءُ هڪ خاص موضوع آهي، جنهن تي جدا قلم آزمائي ڪرڻ گهرجي، ته 1950ع يا سن 1970ع جي ڏهاڪن ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا ادبي ڪتاب ڇپيا، ان کان سواءِ وڏا مـشـاعــرا، ادبـي محفلون ۽ مذاڪرا ۽ سيمينار به ٿيندا هئا، جن جو لاڙ ۾ مخدوم محمد زمــان طــالــب الموليٰ صاحب مهندار هو، ته اپر سنڌ ۾ حاجي محمود خادم ۽ ٻيا به.

مشڪل سياسي حالتن پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ قوم پرستيءَ کي جنم ڏنو. پڙهيل لکيل اديبن، عالمن، شاگردن اهو مطالبو ڪيو ته سنڌيءَ کي سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي. پوءِ ننڍن رسيد نما ٽڪيٽن تي صحيحين وٺڻ جي مهم هلي، لکين سنڌين صحيحون ڪيون، جن کي اسڪرول جي شڪل ڏني وئي. هڪ طرف ته هي حالتون هيون، ته ٻئي طرف ون يونٽ ٺاهڻ جون تياريون شروع ٿيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي لاءِ وڏي ڌڪار هئي. معلوم پئي ٿيو ته هيءَ چال سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي آهي. وڏا جلسا ۽ جلوس نڪتا، خانبهادر محمد ايوب کهڙو سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس پويون رڪارڊ سٺو هو. چڱا ڪم ڪرايل هئس، پر سخت گير هو. سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ بل پاس ڪرائڻ لاءِ رياستي تشدد ڪيو ويو. اسپيڪر مير غلام علي ٽالپر کي بيمار هجڻ جي باوجود اُٺ تي سفر ڪرائي مٺيءَ ۾ نظر بند ڪيو ويو. سنڌ جي خزاني ۾ 32 ڪروڙ پاڇي هئا، اهي ون يونٽ حڪومت کي مليا. کهڙي صاحب کي معمولي وزارت ملي. ان کان اڳ کهڙي جو نالو وٺبو هو، ته ماڻهو ڏڪي ويندا هئا. سن 1960ع ڌاري اي. ڪي بروهي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقرير ڪرڻ آيو. وچ ۾ کهڙو صاحب به فل سوٽ ۾ ماٺ ميٺ ۾ عام ماڻهن سان گڏ ويهي رهيو. اقتدار ۽ عام زندگيءَ ۾ اهو فرق هوندو آهي. جڏهن ايوب خان جي مارشل لا لڳي ته هن تي سمگلنگ جو ڪيس داخل ٿيو. اصل ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف سندس ورتل مؤقف انهيءَ ڪاروائي جو سبب هو. 2 سال سزا آيس، سال سزا ڪاٽي آيو، بهرحال ون يونٽ ٺهي ويو. ملڪ ۾ بي چيني پکڙجي وئي. ٻيا به سبب اچي شامل ٿيا، تان جو 1958ع ۾ فوج جي ڪمانڊر انچيف ايوب خان مارشل لا هڻي اقتدار تي قبضو ڪيو.

مارشل لا ملڪ لاءِ ڪاري رات آهي. هڪ ماڻهوءَ جو شخصي حڪم هلڻ لڳو. ايوب خان سمورو وقت آفيسرن يعني ڪمشنرن، ڪليڪٽرن ۽ پوليس عملدارن جي زور تي حڪومت هلائي. 2-3 سال گذاريا ته بنيادي جمهوريتن جو نظام آندائين. هر يونين ڪائونسل جي ليول تائين نالي ماتر جمهوريت جو سسٽم قائم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پنچائت جو سسٽم هو، جتي مقامي مسئلا حل ٿيندا هئا، مثلا: صفائي، پاڻيءَ جو انتظام، چنگي جو نظام، ڪنٽرول هيٺ آيل شين جي ورهاست، سرڪاري مال جا ٺيڪا: بنيادي جمهوريت جو نظام پنچائـت جو نقل هو، پر هن ۾ سـيــاســت بـه گڏي وئي. ايوب خان جي مرضي هئي ته دنيا کيس فوجي ڊڪٽيٽر نه سڏي، بلڪه عوام جو چونڊيل نمائندو سمجهي. سو بنيادي جمهوريت جي ميمبرن ذريعي صدارتي انتخاب جو شوشو ڇوڙيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هڪ ريل گاڏي سرڪاري سرپرستي ۾ ڪراچيءَ کان پشاور تائين هلائي وئي. ريل ۾ رپورٽن لاءِ صحافي به ويهاريا ويا، سنڌ مان ٻيا به هوندا، پر قابل ذڪر غلام محمد گرامي هو، جنهن عبرت ۾ ريل گاڏيءَ جو سفر نامو لکيو. گرامي صاحب ذڪر ڪراچي کان شروع ڪيو ته اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي تفصيلن ۾ وڃي پيو ۽ اصل ڳالهه رهجي ويس. تاريخ تي وڏي تحقيق ٿي وئي، گهڻائي ڏينهن اهو قصو هلندو رهيو، پر ادبي سفر ٺٽي شهر کان اڳتي نه وڌيو. ان وقت تائين ايوب خان مغربي پاڪستان جو سفر پورو ڪري وڃي مشرقي پاڪستان پهتو هو. پوءِ عبرت اهو سفرنامو بند ڪري ڇڏيو.

ايوب خان جو جلسو حيدرآباد ۾ جناح ميدان تي ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا سياستدان، پـيـر، مير ۽ وڏيرا اچي شامل ٿيا. وڏا انتظام ٿيل هئا. ايوب خان تقرير ڪئي. ظاهر آهي ته پنهنجي حق ۾ چيو هوندائين. بهرحال بنيادي جمهوريتن جو نظام شروع ۾ ڪامياب ٿيندو نظر پئي آيو.

مارشل لا جا ڪجهه اثر به نظر اچڻ لڳا. شين جا اگهه گهٽ ٿيا. ذخيره اندوزي ختم ٿي. ماڻهن پنهنجي مال جا ذخيرا ٻاهر ڪڍيا. شين جا اگهه دڪانن تي آويزان ٿيا. آفيسن ۾ حاضري بهتر ٿي. حيدرآباد شهر ۾ ملاوٽ جو سامان رات جو دڪاندار رستن تي مڻن جي تعداد ۾ اُڇلائي ويندا هئا. جهڙوڪ: داليون، مصالحا، ڳاڙها مرچ، چانور ۽ تيل وغيره. هي شروعاتي ڳالهيون عوام کي چڱيون لڳيون ۽ ماڻهو سياستدانن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. ايوب خان جي وڏي تشهير ٿي. اخبارن جا ڪالم سندس تعريف ۾ ڀريل هوندا هئا. اڳتي هلي نتيجو خراب نڪتو، جو فوج بدعنوان ٿي ۽ کيس سياست جو چسڪو پيو. انهيءَ دؤر جو تاريڪ ڪارنامو اهو آهي، جو ميٽرڪ ۾ غير مادري زبان جو مضمون ڪورس مان ختم ڪيو ويو. اڳ، جي مهاجر سليس سنڌي پڙهندا هئا ۽ سنڌي شاگردن لاءِ سليس اردو جو ميٽرڪ ۾ پرچو ٿيندو هو، اهو ختم ٿي ويو. مارشل لا جي خلاف بي چيني روز افزون وڌندي رهي ۽ ڪراچيءَ ۾ شاگردن وڏا مظاهرا ڪيا. انهيءَ زماني جا شاگرد ليڊر اڳتي هلي سياستدان ٿيا. مثلا، طارق علي، شهنشاهه حسين، رانا اظهر علي ۽ ڪي ٻيا. انهن حيدرآباد ۾ به جلوس ڪڍيا. پر وقتي طور تي ايوب خان انهن مظاهرن کي دٻائي ڇڏيو.

سن 1962ع ۾ ايوب خان صدارتي چونڊن ۾ بيٺو، ته مخالف پارٽين محترمه فاطـمه جناح کي مقابلي ۾ آندو. ايوب خان کي طاقت نه هئي ته محترمه جو مقابلو ڪري سگهي. ان ڪري ڌانڌليون ٿيون. مشرقي پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني آخري وقت ۾ ڦري ويو ۽ وڃي ايوب خان جو پاسو کنيائين. کيس انهيءَ لاءِ چون ٿا ته پئسا به مليا هئا، پر منهنجي خيال ۾ پئسن واري ڳالهه ڪوڙي آهي. ڀاشانيءَ جو ڪردار بلند هو. محترمه جو نشان لالٽين هو ۽ ايوب خان جو گلاب جو گل. حيدرآباد ۾ وڏي لالٽين ٺاهي رستي تي لڳائي وئي. بهرحال محترمه هارايو، پوءِ گوشه نشين ٿي وئي، موهٽا پيليس ۾ رهندي رهي. سن 1967ع ڌاري گذاري وئي. مخالف جماعتن حيدرآباد ۾ وڏو جلوس ڪڍيو، انهيءَ جلسي ۾ مير جعفر خان جماليءَ ايوب خان کي کودو ڪوٺيو. چيائين ته کودو يعني گڏهه جو ٻچو ماءُ جي اڳيان هلندو آهي. ايوب خان به ماءُ جي اڳيان ٿو هلي. ماءُ هئي مادرِ ملت فاطمه جناح.

 

[7]

سن 1959ع ۾ مون کي گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ملي. ان وقت پرنسيپال سيد عارف شاهه گيلاني هو، پي. ايڇ. ڊي هو ۽ وڏو لائق ۽ بهترين منتظم هو. علامه دائود پوٽي جو شاگرد هو، انهيءَ وقت ڪاليج ۾ اسپورٽس، جمناسٽڪ ڊبيٽون ۽ مشاعرا به ٿيندا هئا، جيڪي شاگرد انهن ڳالهين ۾ سرخرو ٿيندا هئا، انهن جي ڪاليج ۾ عزت هوندي هئي. پرنسيپال پاڻ انهن تي هٿ رکندو هو، امتيازي حيثيت فقط پڙهائي تي ڪانه هوندي هئي. اهو نظام عليڳڙهه يونيورسٽيءَ طرفان شروع ڪيو ويو هو، جيڪو هندستان جي ٻين ڪاليجن ۾ به رائج ٿيو، مون کي ميرٽ جي بنياد تي نئين هاسٽل ۾ جڳهه ملي، هائوس ٽيچر علي اوسط شاهه هو. جيڪو زولاجيءَ جو پروفيسر هو. پڙهائڻ جو ڍنگ تمام سٺو هئس، سلسلي وار پڙهائيندو هو ۽ پنهنجي مضمون جو ماهر هو. انگريزيءَ جو پروفيسر ملا نظام الدين هو، جنهن سي. ايس. ايس پاس ڪئي ۽ فارين سروس ۾ شامل ٿيو. سنڌيءَ جو پروفيسر عبدالعلي قلباڻي هو، جيڪو نامور اديب ۽ محقق هو. سندس پٽ لائق ۽ فائق ٿيا. پروفيسر پابندي سان پڙهائيندا هئا ۽ نظم ۽ ضبط تي خاص ڌيان ڏيندا هئا. ڪاليج ۾ هر سال راندين جو هفتو ملهايو ويندو هو. هڪ دفعو آل پاڪ مشاعرو به ٿيو، جنهن جي صدارت پراڻي شاعر قمر جلالوي ڪئي هئي. هيءُ غريب اشراف ماڻهو هو، خوش الحان هو، ڪراچيءَ ۾ سائيڪلن جي مرمت جو دڪان هئس. هڪ دفعو مشهور ڪميونسٽ ن. م. راشد تقرير ڪرڻ آيو، جيڪو اقوام متحده ۾ ڪنهن عهدي تي فائز هو.

گورنمينٽ ڪاليج جو زمانو سخت محنت جو زمانو هو، ڇوته اڳتي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ميرٽ تي ملڻي هئي. اسان چار پنج دوست هئاسين، جيڪي ديني خيالات جا هوندا هئاسين. عشا ِّ ۽ مغرب جي نماز باجماعت مسجد ۾ پڙهندا هئاسين. عشاء نماز کان پوءِ پان به روز کائيندا هئاسين. پوءِ مون پاڻ مان اها عادت ڪڍي ڇڏي. آءٌ رات جو روزانو 2 وڳي تائين پڙهندو هئس. انهيءَ سال يعني سن 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهرين سال جي شاگردن لاءِ 60 سيٽون رکيل هيون، جن مان 9 ڇوڪرين لاءِ ۽ 3 غير ملڪين لاءِ هيون. باقي 48 سڄي مغربي پاڪستان جي شاگردن لاءِ رکيل هيون. ڇوته ون يونٽ جو زمانو هو، انهيءَ ڪري سڀني صوبن جي شاگردن کي داخلا وٺڻ جي اجازت هئي ۽ وڏي چٽا ڀيٽي لڳندي هئي. 48 سيٽن مان سنڌ مان فقط 13 شاگرد داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جن ۾ پنجون نمبر منهنجو هو. وڏا هوشيار محنتي شاگرد رهجي ويا، جن وڃي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي يا دوباره امتحان ڏنو. بهرحال اڄ جڏهن سنڌ ۾ چار ميڊيڪل ڪاليج سرڪاري آهن ۽ هر هڪ ۾ 300 کان 500 شاگرد داخلا وٺن ٿا، اتي 13 شاگردن جي داخلا ڪهڙي حيثيت ٿي رکي. هاڻي حالات پاڻ ملاحظه ڪري ڏسجن. اڄ جو تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي، انهيءَ جو هڪ سبب لاتعداد داخلائون به آهن.

سن 1961ع ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي ته ڄام شوري ۾ ٻه هاسٽلون هيون. هڪ الرازي، ٻي ابن سينا، مون کي الزاري ۾ ڪمرو مليو. هاڻي ته ميڊيڪل جا 5 ئي سال سخت محنت ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر ٿيڻ آسان نه هو. ڊاڪٽرن جي سخت اڻاٺ هئي. پهرين ۽ ٻئي سال جو گڏي امتحان وٺندا هئا. پهرين سال ۾ علم تشريح الانسان يعني‘Anatomy’ پڙهائيندا هئا. پروفيسر غلام اسحاق خان ائناٽامي ۾ پي. ايڇ. ڊي هو. پنهنجي مضمون ۾ بيحد هوشيار هو، پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ آمريڪا هليو ويو، جتي انڊيانا يونيورسٽيءَ ۾ ايمريٽس پروفيسر ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ واري وقت ۾ مرحوم سيد علي اڪبر شاهه ميهڙائي حيدرآباد ۾ جامعه عربيه اسڪول کوليو. درحقيقت شاهه صاحب سرسيد ۽ سنڌ مدرسي کان گهڻو متاثر هو ۽ سندس ارادو هو ته اهڙو ڪو تعليمي ادارو کوليو وڃي، جتي ديني تعليم يعني درس نظاميءَ سان گڏ ميٽرڪ تائين انگريزي تعليم به ڏني وڃي، جيئن سنڌ جا مسلمان ڇوڪرا ديني ۽ دنيوي تعليم سان آراسته ٿي، سرڪاري ملازمن يا خانگي شعبن ۾ شامل ٿين ۽ روزگار جو ذريعو هٿ ڪن. هندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ته تعليم ۾ ڪافي اڳتي هئا، ۽ انگريزن سان راڄ نيتي ۾ ذري گهٽ شامل هئا. هندستان ۾ ان وقت گهڻا ئي صوبا راجائن ۽ نوابن جون رياستون هئا، پر تعليم ۽ تجارت ۾ سنڌي هندو ڪافي اڳتي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ هندن جا ڪافي تعليمي ادارا هئا، جن مان هڪ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ’ڪندن مل گرلز اسڪول‘ تلڪ چاڙهيءَ وٽ هو، پاڪستان ٺهيو ته هندو لڏي ويا. اها ڇوڪرين جي اسڪول واري جڳهه خالي ٿي. پير غلام مجدد سرهندي ۽ علي اڪبر شاهه ڪن اهل خير ماڻهن سان، جن ۾ علامه دائود پوٽو، مخدوم امير احمد، مخدوم غلام حيدر شامل هئا، جن جي مدد سان اهو اسڪول خريد ڪيو ۽ اتي ئي ديني دنيوي علم جي درسگاهه يعني جامعيه عربيه جو بنياد وڌائين. مخدوم امير احمد پهريون پرنسيپال مقرر ٿيو. هن اسڪول مان ڪافي شاگرد پڙهي ٻاهر نڪتا، جيڪي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ گهڙيا. هنن جو تعلق گهڻو ڪري غريب خاندانن سان هوندو هو. جامعيه عربيه کي هاسٽل ۽ استادن جي پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ پئسا کپندا هئا، جيڪي علي اڪبر شاهه جي خلوص ۽ جاکوڙ سان ملندا ٿي رهيا. استادن جون پگهارون تمام ٿوريون هيون، پر سڀ محنتي ۽ هوشيار هئا. شاگردن کي ملندڙ مفت مانيءَ جو انتظام بهترين هوندو هو، هن اسڪول جو زور شور سن 1955-1956ع تائين رهيو، جيسين تائين مخدوم امير احمد پرنسيپال هو. پوءِ اها ڳالهه نه رهي. جامعه عربيه اسڪول اڄ به موجود آهي، پر معيار ٻين اسڪولن جهڙو اٿس ۽ ڪا امتيازي حيثيت حاصل نه اٿس. اصل مقصد عربي يونيورسٽي قائم ڪرڻ هو، جيئن نالي مان ظاهر آهي.

مخدوم امير احمد کان سواءِ ٻيا به وڏا عالم ۽ اديب استادن جي حيثيت سان فروزان هئا. مرحوم غلام محمدگرامي ۽ سيد ڪاظم علي شاهه جيڪو جامع مسجد صدر جو پيش امام هو ۽ پنهنجو شفا خانو به هلائيندو هو، مولانا منتخب الحق ٽونڪي، جيڪو ٽونڪ جي مدرسي جو فارغ الـتحصيل هو ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ عربي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿيو، مولوي قاضي عبداللطيف جيڪو ٺٽي جي جامع مسجد جو پيش امام ٿيو، غلام مصطفيٰ ٿرڙي محبت وارو انگريزيءَ جو استاد هو، مولوي حاجي محمد اڪتڙ ضلع دادوءَ جو فارسي جو استاد هو ۽ ٻيا به ڪيترائي مدرس تعليم ۾ لله فالله شامل هئا. علي اڪبر شاهه پاڻ به اصحاب صفت ۽ وڏو خدمت گذار انسان هو، الله تعاليٰ سندس انهيءَ علمي ڪم جي عيوض ضرور اعليٰ عليين ۾ جاءِ ڏيندس. انهيءَ زماني جو هڪ ٻيو قصو عرض رکجي ٿو:

سن 1951ع ۾ هڪ ڏينهن مخدوم محمود صاحب اسان جي اوطاق ۾ آيو ۽ اچي چيائين، ته وزير اعظم لياقت علي خان کي راولپنڊيءَ جي جلسي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو آهي. ريڊيو اڃا نئون آيو هو. بهرحال مرحوم اسماعيل صدر جي هوٽل تي بيٽري تي هلندڙ ريڊيو هوندو هو، جڏهن لياقت علي خان تقرير شروع ڪري، اڃا مس برادران اسلام چيو ته گوليءَ جو ٺڪاءُ ٿيو، پوءِ جيڪي ٿيو، اهو دنيا کي معلوم آهي. پاڪستان جي وجود کي پهريون ڌڪ انهيءَ ڏينهن لڳو هو. پوءِ ايمانداراڻي سياست رفته رفته ختم ٿيندي وئي ۽ مڪار ۽ مفاد پرست سياستدانن اچي جاءِ والاري.  سن 1951ع کان سن 1958ع تائين نو وزارتون مرڪز ۾ ٺهيون ۽ ٽٽيون. نيٺ اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان مارشل لا هڻي، ملڪ جي قسمت کي هميشه لاءِ سيل ڪري ڇڏيو. انهيءَ زماني يعني سن 1951ع ۾ موذي مرض ماتا پکڙي، جنهن لکين ٻارن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون. منهنجا 2 ننڍا ڀاءُ ڀيڻ انهيءَ مرض جي لپيٽ ۾ اچي آيا. ويڪسين هئي ته سهي، پر ڪامياب ڪانه هئي. اڃا Antibiotics دوائون به ايتريون عام نه ٿيون هيون. ڊاڪٽر تمام گهٽ هوندا هئا. ان ڪري علاج گـهـرو ٽــوٽـڪــن يــا حـڪيمن وسيلي ڪيو ويندو هو. ماتا کي وري هندو ڌرم موجب ’ديوي‘ سـمـجـهـنــدا هـئــا، ۽ جاهل ماڻهو علاج به ڪونه ڪرائيندا هئا. ٽوڻا ڦيڻا ڪرائيندا هئا. هر سال ماتا پکڙبي هئي ۽ سڀ مجبور ٿي قدرت جي رنگ کي ڏسندا رهندا هئا. نيٺ W.H.O ۽ ٻين ادارن ڪوشش ڪئي ۽ مدافعتي ٽڪا ڪڍيائون. وڏيون مهمون هليون. تان جو مرض تي وڃي ضابطو ٿيو. آخري ڪيس اٿوپيا ۾ 1973ع ۾ ظاهر ٿيو، انهيءَ کان پوءِ الله تعاليٰ خير ڪيو.

هڪ ٻئي واقعي جو به ذڪر ڪرڻ کپي: سن 1955ع ۾ سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي، درياء جي ٻنهي ڪپن تي سوين ڳوٺ لڙهي ويا ۽ خلق خدا وڏي آزار ۾ گرفتار ٿي. پراڻن هالن ۾ درياء جي پرين ڀرجي ڳوٺن جهڙوڪ: خانوٺ، ڀان، کاسايون، مانجهند، سن ۽ پيٽاري جا ماڻهو وقتي لڏ پلاڻ ڪري آيا. هنن مسڪينن پاڻ سان گهرن جو سامان کنيو، هنڌ، ميزون، ڪرسيون، ٿانءَ ٿـپا ۽ ٺڪر، وغيره گهوڙا، ٽانگا، ڍڳي گاڏيون، گڏهه گهوڙا ۽ ٻڪريون به ڪاهي آيا، سندن سامان گهڻي ڀاڱي ضايع ٿيو. ماڻهو دربدر ٿيا ۽ لکن ڪروڙن جو نقصان ٿيو، انجنيئري کاتي جا سنڌي انجنيئر بچاءَ بند ۽ دڪن ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويا. چيف انجنيئر محمد موسيٰ ميمڻ خود مانجهند جو رهاڪو هو. ٻين انجنيئرن ۾ سکر جو جماڻي، غلام الله لغاري ۽ غلام رسول ميمڻ جا نالا مشهور هئا، جيڪي بند ٻڌڻ ۾ سرگردان رهيان. پوءِ خدا خير ڪيو ۽ پاڻيءَ جو زور ڀڳو ۽ پوءِ ماڻهو پنهنجي گهرن ڏي روانا ٿيا. ڦٽل آستان دوباره ٺاهيائون. روزگار جا پراڻا يا نوان ذريعا ڳوليائون. زور جي اڳيان زاري سمجهي صبر ۽ شڪر سان وري دنيوي ڪم ڪار کي لڳي ويا. هي دنيا جا انقلاب آهن، جيڪي هر دور ۾ آيا آهن. ڪڏهن ڌرتي اجڙي آهي ته ڪڏهن ٺهي آهي. ائين ئي زندگيءَ جو ڪاروبار هلي پيو. پيو هلندو، نيٺ انجام ٿيندو، ڪڏهن ٿيندو انهيءَ جو ڪنهن کي به خبر نه آهي.

مون جيتري قدر ويچار ڪيو آهي، سنڌو درياء سنڌ ڌرتيءَ جي سياست، ثقافت، تمدن، تهذيب، تجارت، معاشي روابط، اقتصاد ۽ سماجي معاملن تي وڏو اثر وڌو آهي. سنڌ ۾ جيڪي به حالات جاگرافيائي، تاريخي، تهذيبي ۽ تمدني اڄ ڏسجن ٿا، انهن تي درياهه شاهه جي وهڪري جو وڏو اثر آهي. ويدن جا ڪتاب رگويد، سام ويد، اٿرويد ۽ يجر ويد هن درياء جي ڪناري تي ويهي لکيا ويا. چون ٿا، ته هن درياء جي پاڻيءَ کي پاڪ سمجهيو ويندو هو. ويد سلوڪ لکڻ کان اڳ پوتر پاڻيءَ سان پهرين اشنان ڪندا هئا، پوءِ لکندا هئا. پراڻن ڪتابن ۾ لکيل آهي تـه جـنـت ۾ چئن دريائن جو مـنـڍ آهـي: جيهون، سيهون (دجلا ۽ فرات) نيل (مصر) ۽ سنڌو ندي سنڌ جو جياپو ته آهي ئي سنڌو درياء تي. سنڌو درياء جي ڪنارن تي ٻيلن جي وڏي اڪثريت آهي. مالوند ماڻهو پنهنجا جانور ٻيلن ۾ رکن، مينهون، ٻڪريون، ڳئون ۽ اُٺ ٻيلن ۾ چرن، انهن جو کير، گوشت هڏا ۽ چم وڪري لاءِ اچن، وڻن مان ڪاٺ، عمارتي يا ٻارڻ لاءِ، لاک، کونئر، ماکي، پلڙا، ڪنڊا، سڱر ۽ يوناني دوائن لاءِ ٻج، ميوا، پن ۽ ٻيون هزارين قسمن جون شيون ٿين، جيڪي ڪم ۾ اچن. مطلب ته سنڌ جي ماڻهوءَ جو روزگار آهي ئي درياهه تي. جيڪڏهن درياء، نه هجي ها ته سنڌ سعودي عرب جي صحرا ربع الخاليءَ وانگر بي آب و گياه دشت ۽ بيابان هجي ها. وري نالو به اٿس پورالو درياهه جيڪو پنهنجو وهڪرو ڦيرائيندو رهندو آهي، ڪڏهن اوڀر کان اولهه، ته ڪڏهن اتر کان ڏکڻ يا ڪڏهن وري نانگ وانگر وڪڙ هڻندو وهندو ويندو آهي. پيٽ ۾ سوين وروڪڙ اٿس. تاريخ مان ثابت آهي ته جن جاين تان لنگهيو، انهن کي سرسبز ۽ شاداب ڪيائين ۽ جتان ڇڏيائين، اتي واري ۽ ڀڙڀانگ ڇڏيائين. شروعات هماليه جبل ۾ ڪيلاش پربت وٽان اٿس، جيڪو تبت ۾ هندن جو مذهبي آستان آهي. پوءِ مانسرور ڍنڍ ۾ اچي ٿو، اتان پوءِ تقريبن سڄي پاڪستان جي الهندي پاسي کان لنگهندو ٿو اچي. سندس وڌ ۾ وڌ فاصلو سنڌ صوبي ۾ آهي. نيٺ شاهه بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

ڌاڙيلن جو پناهه گاهه به هيءُ درياهه آهي. ڌاڙو هڻي ٻيلن ۾ گم ٿيڻ تمام آسان آهي، حڪومت کي ٻيلا ساڙائڻا پوندا آهن ته به ڌاڙيل هٿ ڪونه ايندا آهن، بتيلن ۽ ٻيڙين رستي هڪ پار کان ٻي پار نڪري وڃڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه آهي. منهنجي خيال ۾ ڌاڙيلن جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌو درياهه جي. رچرڊ برٽن جيڪو سن 1834ع ۾ سنڌ جي جاسوسيءَ تي آيو هو، ان پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سفر“ ۾ لکيو آهي، ته سندس گذر هڪ جهنگ مان ٿيو، جتي ٽالپرن جا سپاهي هڪ ڌاڙيل کي ٻڌيو ويٺا هئا. ڌاڙيل جو نالو صالو هو ۽ هو سپاهين کي منٿون ڪندو رهيو، ته کيس جيئدان ڏنو وڃي، جنهن جي عيوض هو پنهنجي ڍڳن، اٺن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پوءِ چيائين ته منهنجون ٻه سريتون آهن، اهي به کڻو. سپاهي نه مڙيا. صالو ڌاڙيل کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي، اتي ئي وڻ ۾ ٽنگي ڦاهي ڏيئي ڇڏيائونس.

سن 1957-58ع ڌاري ”الوحيد“ اخبار ۾ آيو ته لنواريءَ ۾ مصنوعي حج ٿيڻ وارو آهي. انهيءَ ڳالهه سڄي سنڌ ۾ سخت اشتعال پيدا ڪيو. لنواري جي بزرگ پير محمد زمان رحمـته الله عليــہ جون گهڻيون چڱيون ڳالهيون مشهور آهن، پر هي مصنوعي حج ڪيئن شروع ٿيو، انهيءَ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. مولوي احمد ملاح انهيءَ پاسي جو وڏو موحد عالم هو ۽ بدعتن جي سخت خلاف هو. ان اعلان ڪيو ته سڄيءَ سنڌ مان جٿا جهاد لاءِ اچن. اسان جي وڏن سان تعلق هئس ۽ خطن ۾ پاڻ کي احمد ملاح لکندو هو. اسان جي ڳوٺ مان محمد عمر رناڻي جهاد لاءِ روانو ٿيو، پر ٽئين ڏينهن تي موٽي آيو، ڇوته حڪومت انهيءَ وچ ۾ مصنوعي حج تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. خير ٿي ويو ۽ وڌيڪ جهيڙو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ مصنوعي حج هميشه لاءِ بند ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org