سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :2

 

باب پهريون

 

(الف) ”سيوهڻ شهر جو تعارف ۽ تاريخي اهميت“

        سنڌ جي سڀني قديم آثارن ۾ سيوهڻ سنڌ جو قديم ترين شهر آهي. جو اڄ به پنهنجي سيني اندر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن علم و ادب، صنعت ۽ تجارت جا هزارين داستان سانڍيو اچي.

        سيوهڻ جو شهر تاريخ جي روشنيءَ ۾ پهريون ڀيرو سڪندر اعظم جي ڪاهه (325-326 ق.م) هيٺ آيو. مورخن جو ان راءِ تي اتفاق آهي ته سڪندر اعظم جي وقت ۾ هي شهر موجود هو ۽ سڪندر ئي هن شهر کي فتح ڪيو هو.

        قديم دور ۾ سيوهڻ جو شهر ۽ خطه سٿين قوم جي تسلط هيٺ هو. اهو تسلط ايران ۽ افغانستان کان وٺي ويندي سنڌ تائين رهيو جنهن جو ثبوت سيستان، سيوا (قلات) سبي، سيوهاڻ ۽ سيوستان جا نالا آهن ۽ آثار قديم طرفان ڀنڀور جي کوٽائي مان به سٿين قوم جا ڪي نشان ۽ آثار مليا آهن جي هن نظريه جي تصديق ڪن ٿا.

        سيوهڻ سنڌ جي موجوده آباد شهرن مان سڀ کان قديم شهر آهي. جنهن جو ذڪر فارسيءَ جي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. جيئن تاريخ سنڌ جي قديم سر چشمي ”چچ نامه“ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”راءِ سيهرس پٽ سهاسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوتان جي قصبه جو حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌيه، جنگان، رونجهاڻ، ڪوه پايه ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو.“ (1)

        ترخانن جي دور ۾ موجده سنڌ ٽن سرڪارن (بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽو) ۾ ورهايل هئي.

        (ان دور جو سنڌ جو نقشو سامهون صفحي تي ڄاڻايل آهي.)

 

اهڙيءَ طرح  ”تحفته الڪرام“ ۾ سيوستان جو ذڪر هن طرح آيل آهي ته هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، جو پنجين ولايت ۾ آهي. هي هڪ قديم شهر آهي جو سنڌ جي اولاد سهوارن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو سنڌ جي مشهور ڇهن قلعن مان آهي. ان کان پوءِ ڪيترائي دفعا هن جي مرمت ٿي آهي. قديم الايام کان خلاصو سنڌ جو تخت گاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. پوءِ شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز کان کسيو هو. ان بعد مغل شهنشاهه اڪبر جي درٻار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آيو، تڏهن وري سيوهڻ نئين سر علحده تخت گاهه ٿيو. نواب خدا يار جي حڪومت جي ڏينهن کان سويهڻ وري اصلوڪي دستور موجب سنڌ ۾ داخل آهي.

سيوهڻ جي جبل تي ”واهي جو چشمو“ عجائبات مان آهي. ڪيترائي مريض انهيءَ ۾ غسل ڪري شفاياب ٿيندا آهن. اهو چشمو سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل رهندو آهي ۽ پاڻي اچڻ جي جاءِ ڪنهن کي معلوم ڪانهي. مقرر ڏينهن تي هندو اتي اچي پوڄا لاءِ گڏ ٿيندا آهن.

ٻي هڪ يڪ-ٿنڀي جاءِ آهي، جو جبل جي غار ۾ هڪ وڏو صفحو ٿنڀ تي بيٺل آهي. عام اعتقاد موجب هي قدرتي ٺهيل آهي. عام ماڻهو سير لاءِ اتي ويندا آهن ۽ آسپاس جا نظارا پسندا آهن. چون ٿا چئن يارن يعني مخدوم جلال جهانيان، شيخ فريد، شيخ عثمان مروندي ۽ شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني اتي ويهي مڪاشفا ڪڍيا آهن. هي هڪ ناليري جاءِ ۽ سڳورو مڪان آهي (1).“

انهيءَ غار بابت مغربي مورخ ”هينري ڪزنس“ به پنهنجي ڪتاب   “The Antiquities of Sindh” ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ”سيوهڻ شهر جي وچ ۾ ننڍو غار  آهي جنهن کي ”هڪ ٿنڀو غار“ ڪري سڏيو وڃي ٿو.(1)“

سيوهڻ بابت مشهور  مورخه ۽ تاريخ نويس ”يوسف ميرڪ“ ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ لکيو آهي ته:

”سهوان نالي قديم قلعو درياهه جي ڪپ تي آهي، جنهن جي نالي پٺيان سيوهڻ شهر سڏجي ٿو. سيوهڻ جو قديم شهر آهي جنهن جي اتر ۾ قلعو آهي. هي شهر حضرت لال شهباز جي آستان هئڻ ڪري متبرڪ ليکيو وڃي ٿو. شهر جي ڇيڙي ۾ ٻاهرين پاسي حضرت ڇتا امراني رحمت الله عليه ۽ ٻين ڪيترن ئي اوليائن جون مزارون آهن. ڏکڻ پاسي ڀرسان کير ٿر ڳاڙهو جبل اٿس، جنهن ۾ پاڻيءَ جا چشما آهن. انهن جي ڏکڻ ۾ ڪيچ مڪران آهي. اتر پاسي جبل جي پَرينءَ ڀر ڪابل، قنڌار ۽ ڪشمير آهن(2).“

اهڙيءَ طرح “Beeton’s Dictionary of Georgraphy” ۾ سيوهڻ بابت ڄاڻايل آهي ته:

“Sehwan. Sar - wan, a town of Hindostan, in Scinde standing on the right of bank of Arul, near its entrance into the Indus, 29 miles N.W. from Hyderabad. Manf: Shoes, Caps and Silk goods. The town is Commanded by a fortress in ruins, but its most remarkable building is the tomb of Lal Shahbaz, a saint equally venerated by Hindus and Muslims, with gates of wrought Silver(3).”

مرحوم محبوب علي چنه (وفات 1977ع) پنهنجي هڪ مضمون ”قلندر شهباز سيوهاڻي“ ۾ سيوهڻ جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي لکي ٿو ته:

”جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته سنڌو تهذيب پر اچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. تاريخ دانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمينا، ڪن رامائڻ جي زماني جو سيوستان شروسان، سدوســان يــا سادوستان لکيو آهي. هندستان جي قديم جاگرافيءَ جي مصنف صاحب ”مسٽر ڪئنگهارام“ ٻين تاريخ دانن سان متفق ٿيندي لکيو آهي ته هن ”سنڊيمان“ شهر وٽ جابلو قومن جي بادشاهه ”ساميبوس“ سڪندر جي سامهون پنهنجا هٿيار پيش ڪيا (1).“

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ابوالفضل ۽ فيضيءَ ۾ ابن بطوطه جي سفر جو حوالو ڏيندي ثابت ٿو ڪري ته قديم زماني کان وٺي سيوهڻ کي سيوستان سڏيو ويندو هو. ابن بطوطه پنهنجي سفرنامه جي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو، جڏهن هو سنڌ ۾ سنه 734هه ڌاري آيو هو تڏهن هن  ڇا ڇا ڏٺو ان عبارت جو جنسي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

”پوءِ اسان سفر ڪيو جنائي نالي شهر کان تان ته سيوستان نالي شهر ۾ رسياسين، جنهن جو نالو هن طرح پڙهبو، پهرين جي نقطي س تي زير ۽ ي ان سان موافق ڇڪيل واءِ تي زير ۽ ٻئي سين تي زير ۽ ت الف واري پويان پڙهجڻ واري پڇاڙي ۾ ن. اهو هڪ وڏو شهر آهي(2).“ اڳتي هلي حڪيم صاحب ساڳين ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مدينه شريف جي هڪ وڏي لئبريريءَ ۾ هڪڙو ڪتاب تذڪرة العلماءِ آهي جنهن ۾ گهڻن سنڌي عالمن جو ذڪر آهي جن مان مولانا محمد عابد سنڌي سيوهاڻيءَ جو ذڪر گهڻي تفـصيل ســان ڏنو ويو آهي (3).

سيوهڻ بابت ڊاڪٽر ڊيوئرٽ پنهنجي ڪتاب “The Begger Sant of Sehwan” ۾ لکي ٿو ته سيوهڻ شهر موجوده وقت به ساري دنيا ۾ مشهور آهي. جنهن جو سبب خاص طرح حضرت شهباز قلندر جي درگاهه آهي. حضرت شيخ عثمان اهل ايران جي مروند شهر ۾ (تبريز جي نزديڪ) عيسوي ٻارهين صدي جي شروع ۾ ڄائو. سندس والد شيخ ڪبير الدين پنهنجي وقت جو مشهور اولياءُ هو. حضرت عثمان قلندر ستن ورهين جي ڄمار ۾قرآن شريف حفظ ڪري ورتو هو. 24 ورهين جي ڄمار ۾ الله تعالى جل شانه کيس ظاهري -توڙي باطني علم سان نوازيو. علم مان فارغ ٿيڻ بعد اسلام جي تبليغ لاءِ ڏورانهن ملڪن جي سفر تي روانو ٿيو. جهڙوڪ؛ بيروت، دمشق، مڪه شريف، مدينه منوره ۽ بغداد وغيره. آخر 1263ع ۾ پنهنجي ٽن ساٿين مخدوم جلال، فريد شڪر گنج ۽ شيخ بهاءُ الدين زڪريا سان اچي ملتان کان نڪتو. انهن ڏينهن ۾ ملتان جي گورنر سلطان محمد بلبن (سلطان غياث الدين جو پٽ) کيس ڏاڍو زور ڀريو ته اتي مستقل رهائش اختيار ڪري، پر آڇ قبول نه ڪيائين. پوءِ شيخ بو علي قلندر (پاني پتي) جي مشوري سان سيوهڻ ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. ان وقت سيوهڻ ۾ ٻيا به ڪيترا الله لوڪ ۽ سنت موجود هئا. انهن پهريائين سندس مخالفت ڪئي پر پوءِ سندس علميت، فيض ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي سڀني کيس پنهنجو سردار ڪري تسليم ڪيو. اسلام جي تمام گهڻي خدمت سر انجام ڏنائين. آخر 1274ع ۾ وفات ڪيائين. سندن وفات واري ڏينهن تي هر سال سيوهڻ ۾ زبردست ميلو لڳندو آهي(1).

 

 

(ب)سوانح حيات

 

فصل پهريون

حڪيم صاحب جي خانداني حسب نسب جو تاريخي پس و منظر

خاندان: حڪيم صاحب سنڌ جي قديم ”عباسي“ خاندان جو چشم و چراغ آهي. فارسيءَ جي مشهور ڪتابن ”مرآت“ ۽ ”جواهر“ ۾ هن خاندان بابت ذڪر ڏنل آهي ته ”عباسي خاندان جي امير سلطان احمد ثانيءَ هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته حضرت امام زين العابدين رضه  جي  زيارت نصيب ٿي اٿس ۽ کين عرض ڪيائين ته مون کي حڪومت هٿ ڪرڻ ۾ عدد فرمايو جنهن تي حضرت امام رضه جي طرفان اشارو مليس ته ”سنڌ“ ڏي وڃ.“

سلطان احمد ثاني مصر جي پهرين عباسي خليفي ”ابو القاسم احمد مستنصر بالله“ جي ڇهين پيڙهيءَ مان آهي، انهيءَ خيال کان هن خاندان جو پهريون فرد سلطان احمد عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ سنڌ پهتو.

”جواهر عباسيه“ جي روايت جو مضمون به اهڙو ئي آهي، فرق صرف هي آهي ته ”مرآت“ ۾ احمد کي امير سلطان احمد لکيو ويو آهي ۽ ”جواهر“ ۾ لکيل آهي ”خليفه ششم سلطان احمد“ ۽ ان ۾ امام صاحب جي خواب واري اشاري جو ڪو به ذڪر ڄاڻايل ڪو نه آهي. فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته ”به الهام غيبي از ملڪ عرب، وطن مالوف خود مهاجر گرديد و از راه ڪيچ مڪران در حوالي ملڪ سنڌ رسيد“ (غيبي الهام سببان پنهنجي وطن عرب کان هجرت ڪري ڪيچ مڪران جي رستي سنڌ ۾ پهتو(1).

حڪيم محمد صادق عباسي (ساڪن راڻيپور شريف رياست خيرپور سنڌ) جو چوڻ آهي ته ”هن عباسي خاندان جي وڏن مان ”قائم عباسي“ سڀني کان اول سنڌ ۾ آيو، جو سنه 259 هجريءَ ۾ ڪنهن اعلى عهدي تي مقرر ٿي آيو هو. ان وقت تائين سنڌ عباسي خلافت جي ماتحت هئي.

”مرآت“ ۾ سلطان احمد ثانيءَ بابت هڪ هنڌ هيٺين تحرير درج ٿيل آهي:

فارسي

هر گاهه در سوار ڪوٽ ڪانچي بظاهر بنڪار ڪه مقر حڪومت راءِ دهورنگ قوم سهته ڪه فرمانرواي اڪثر ولايت سنده بود، نزول بخشيد-مخطور خاطر خطير آن دشتن ڪه ما تازه وارد و نا واقف اين ملڪ  ايم به اعتماد ش پاي استقرار بجاي گزاشته دست تدارڪ بيڪ نوع تدبير در اساس معين خواهيم ڪشاط(1).

ترجمو

(جڏهن شهر بنڪار جي نزديڪ ڪوٽ ڪانجهي پهتو، جو سهتا قوم جي حاڪم راءِ ڌورنگ جي گادي جو هنڌ هو. راءِ ان وقت سنڌ ولايت جي وڏي حصي جو مالڪ هو. تڏهن دل ۾ خيال آيس ته مان هن سر زمين تي ڌاريو آهيان. ملڪ جي حالتن کان واقف نه آهيان ان ڪري راءِ جي مدد سان قدم ڄمائي فوج گڏ ڪرڻ جي تدبير ڪندس.)

راءِ ڌرونگ جڏهن مقابلي جو ارادو ڪيو تڏهن عباسين جي طرفان کيس پيغام موڪليو ويو ته اسين اڳتي وڃي رهيا هئا سين ۽ تنهنجي دوستيءَ جا خواهان هئاسون، مصر کان هيستائين جنهن کي به اسان جي عزت ۽ حرمت جي خبر پيئي آهي، تنهن اسان جي دوستيءَ ۽ رضامنديءَ کي غنيمت ڄاتو آهي. تنهنجي طرفان جنگ جو ارادو ڪرڻ مناسب نه آهي. رات جو راءِ کي خواب ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته مقابلي لاءِ صف بندي ٿي چڪي آهي ۽ سندس فوج مان هر هڪ جو سر وڍجي چڪو آهي. صبح ٿيندي ئي راءِ صلح جو پيغام موڪليو  ۽ پنهنجي ڌيءَ جي شادي عباسين جي رئيس سان ڪري کيس ملڪ جو ٽيون حصو به ڏنائين(2).

ان بعد عباسي سنڌ ۾ مقيم ٿي ويا ۽ هڪ وڏو باغ پوکايائون، جنهن ۾ پڪن کوهن ۽ حوضن جو بندو بست ڪيائون هڪ مضبوط قلعو ۽ سلطان احمد نالي شهر جوڙايائون. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ مرحوم (وفات 1929ع) پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”عباسي يا بني يعني عباس جو اولاد، جو حضرت محمد صلعم جن جو چاچو هو. انهن مان گهڻا خليفا هئا، جي بغداد ۾ حاڪم هئا. انهن ڏينهن ۾ يا جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان پوءِ انهيءَ نسل مان ڪي سنڌ ۾ آيا، انهن جو اولاد عباسي ٿيا. اڪثر ڪلهوڙن کي عباسي چوندا آهن ۽ انهن کي سرائي ۽ ميان به سڏين. سندن مريدن يا فقيرن کي ميانوال چون“(1).

”تحفته الڪرام“ ۾ ڪلهوڙن جي خاندان متعلق جيڪو احوال ڏنل آهي، ان مان پڻ مرزا قليچ بيگ جي مٿي ڄاڻايل حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته:

”تاريخ جي ڄاڻن کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته نسب نامي جي ماهرين هن گروهه جي نسب کي حضرت عباس عم رسول الله صلعم سان ڳنڍين ٿا. اڪثر مورخين ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن کي عباسي تسليم ڪيو آهي. سلطان احمد 1366ع ۾ سنڌ ۾ آيو. سندس اولاد مان آدم شاهه هڪ صاحب دل بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جا ٻه پٽ دائود ۽ ابراهيم هئا. کائنس پوءِ دائود فقر جي مسند تي ويٺو، هن جي دؤر  ۾ اراد تمدن ۾ ڪافي اضافو ٿيو. ميان دائود جي وفات بعد سندس ٻن پٽن الياس ۽ شاهه علي مان پهريائين الياس ۽ پوءِ شاهه علي مسند نشين ٿيو. شاهه علي وڏو متقي پرهيزگار، خدا پرست ۽ عقلمند انسان هو. هن جي زماني ۾ رشد ۽ هدايت جو ڪم وسيع کان وسيع تر ٿيندو ويو. سنه 1657ع ۾ هڪ مسلح جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. هن جي شهادت کان پوءِ سندس ڀائيٽيو ميان نصير محمد مسند تي ويٺو، جنهن باقاعدي سنڌ تي 35 سال حڪومت هلائي. ميان نصير محمد کان پوءِ ميان دين محمد، ميان يار محمد (جنهن خدا آباد جو شهر ٻڌايو) ميان نور محمد، محمد مراد ياب خان، ميان غلام شاهه (حيدرآباد جو شهر اڏيندڙ) ۽ آخر ۾ ميان سرفراز شهيد هڪ ٻئي پٺيان سنڌ جا حڪمران ٿيا. ان بعد سنڌ ميرن جي هٿ آئي. مطلب ته ڪلهوڙن ۽ عباسي خاندان ڏيڍ صدي کن سنڌ تي حڪمراني ڪئي“.(1)

 

فصل ٻيو

ولادت ۽ ننڍپڻ

هن فاني دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي بقا جو امڪان ڪونهي، ليڪن قوت عمل ئي هڪ اهڙي غير قانوني شيءِ آهي، جا انسان کي زنده جاويد بنائي ٿي ڇڏي. آدم جي ابتدائي دؤر کان هلندڙ عرصي تائين بي شمار ۽ لا تعداد عديم المثال ۽ بي نظير هستيون پاڻ ته وڃي خاڪ جون زينت بنيون، پر سندن ڪارنامن کي دنيا ۾ ابدي زندگي حاصل ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن نالو، جيستائين دنيا قائم، تيسين مٽجي نه سگهندو. اهڙين هستين ۽ حڪيم الشعراءِ ”علامه فتح محمد سيوهاڻيءَ“ جو اسم گرامي به شمار ۾ ليکجي ٿو.

حڪيم صاحب جي ولادت 1300 هجري مطابق 1883ع ۾ سنڌ جي مردم خيز شهر سيوهڻ جي قديم معزز عباسي خاندان ۾ ٿي. سندن والد مرحوم ”حڪيم حافظ غلام محي الدين“ (سيوهڻ جي مشهور مخدوم عبدالواحد نعمان ثاني جي اولاد (ناننگ) مان هئا (سندن شجرو سامهون صفحي تي ڏنل آهي) جو نه فقط تر جو ناميارو عالم هو، ليڪن مشهور حڪيم به هو. وٽن نادر ۽ اڻ لڀ ڪتابن جو وڏو ذخيرو هوندو هو. سندن علميت جي ايتري قدر شهرت هئي، جو عربستان ۽ خراسان  تائين سندن فتوائن کي تسليم ڪيو ويندو هو. پاڻ جيڪو به فيصلو لکندا هئا، ان کي پٿر تي ليڪو ڄاتو ويندو. حڪيم صاحب جو ٻالپڻو نهايت سڪ ۽ سڪون سان گذريو. سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪم آندل لفظن مطابق ته: ”مائٽن جا سڪيلڌا اهڙا هئاسون جو ڄمڻ شرط اسان جي پرورش ۽ ٿڃ پيارڻ لاءِ دايون مقرر ٿينديون هيون ۽ جڏهن ڪڇ تي کڻي گهمائڻ لائق ٿيندا هئاسين ته خاص نوڪر اسان جي لائق مقرر ڪيا ويندا هئا(1) جي پنجن ورهين جي ڄمار تائين اسان جي خدمت گذاريءَ ۾ رهندا هئا. ننڍيءَ عمر ۾ راند روندين جو شوقين هوس. شهر جي ڀرسان عاليشان باغ هو، جنهن ۾ هر قسم جا ميوه دار وڻ هوندا هئا. مون کي آزادي هوندي هئي ته جيڪي وڻيم سو کانء، سڄو ڏينهن باغ ۾ الوليون ڪندو گذاريندو هوس.(2)

فصل ٽيون

ابتدائي ۽ ثانوي تعليم

حڪيم صاحب پنهنجي خود نوشه سوانح حيات ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”مونتي منهنجي ڏاڏي جو نالو فتح محمد رکيو ويو ۽ عرف جو نالو محمد جعفر. جڏهن پنجن ورهين جو ٿيس تڏهن قرآن شريف پڙهڻ شروع ڪيم. قرآن شريف پڙهڻ واري وقت ۾ راند جي شوق ۽ بيخياليءَ سببان ذهن کليل نه هوم ۽ قرآن شريف پڙهڻ ۾ ٽي سال لڳم. ڏهن سالن جي عمر جي آغاز ۾ پارسي پڙهڻ ۽ لکڻ جي مشق ڪرڻ لڳس. پارسي حضرت والد مرحوم ”ڪريما“ بلا معنى پڙهائڻ شروع ڪرايم.الف -ب لکڻ جي مشق به حضرت والد بزرگوار قلم سان ڪاغذ تي شروع ڪرايم. چڱيءَ طرح ياد اٿم ته ”ج“ جو مٿو لکڻو گهڻي سيکارڻ هوندي به چڱو لکي نٿي سگهيس. جنهن تي والد مرحوم ڀت تي ويٺل ڪانوَ جي چهنب ڏي اشارو ڪري فرمايو ته ”ج جو مٿو ڪانوَ جي چهنب جهڙو لک.“ اها تلقين فوراً ڪارگر ٿي ۽ ج جو مٿو هر هر ڪانوَ جي چهنب ڏي نهاري لکڻ لڳس.

والد مرحوم جي هٿان پارسيءَ جي تعليم ۽ لکڻ جي مشق شروع ٿيڻ ۾ مون کي غير معمولي برڪت محسوس ٿي ۽ ذهن به کلي پيو. طبيعت ۾ رواني پيدا ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ ”ڪريما“ بنا معنى سان پڙهائڻ شروع ڪيائون ته به پڙهڻ مهل ائين محسوس ڪندو هوس ته ڄڻ معنى سمجهان پيو. پوءِ ساڳي ڪريما معنى سان پڙهيم ۽ مهيني کن جي عرصي اندر معنى پڙهي ختم ڪيم انهيءَ وقت ۾ ڪريما سڄي ياد هوندي هيم. تنهن کان پوءِ مولوي محمد عمر چنا وٽ سندس ڳوٺ ۾ پڙهائڻ لاءِ وهاريو ويس،مولوي صاحب موضوع گلستان باب اول کان پڙهائڻ شروع ڪرايم. هو هڪ چڱو زميندار هو ۽ والد مرحوم جو شاگرد. پشت بپشت اسان جي خاندان جي معتقدن ۽ متعلقين مان هو، انهيءَ ڪري منهنجو لحاظ ۽ ادب ڪندو هو. پڙهائڻ ۾ ٻين وانگر مون سان سختي به ڪين ڪندو هو. آزادي هوندي هيم جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو گلستان جي باب اول ۾ ئي ٻه سال گذري ويم. يارهن سالن ۾ پير پاتم ته حــضـرت والــد مرحوم هن دارالفانيءَ مان عالم جاودانيءَ جو سفر اخــتــيــار ڪيو(1).“

والد جي وفات بعد سندس وڏي ڀاءُ خليفي ميان محمد زمان سندس تربيت ۽ پرورش جو بار پاڻ تي هموار ڪيو ۽ هن دردانڪ سانحي جي ڪري تحصيل علم ۾ جيڪي دشواريون کين درپيش اچن ها، تن کان بچي پيا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ مولوي محمد عمر جي صلاح مشوره سان ڳوٺ پيروز شاهه نزديڪ شاهه پنجو تعلقي ميهڙ ۾ عطاءُ الله جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتي گلستان ديباچي کان وٺي اٺين باب تائين، بوستان اڍائي باب، زليخا بي بي بازغه جي قصي تائين مولوي صاحب وٽ پڙهيو. ان کان پوءِ بوبڪ ۾ مولانا عبدالرؤف بختيار پوريءَ وٽ صرف جامع تعليلات پڙهيائين. سورهن ورهين جي ڄمار ۾ ”سيتا“ تعلقي، دادو جي مدرسي عربيه ۾ وڃي داخلا ورتائين. اتي مولانا محمد صديق سيتائي کان عربي تعليم حاصل ڪيائين. وٽانئس مختصر معاني ۽ تفسير بيضاوي وغيره پڙهيائين. 21 ورهين جي ڄمار ۾ آخري ڪتاب ”ڪنان مطول“ پڙهي سنه 1321 هجريءَ جي ماهه رمضان شريف ۾ فارغ التحصيل ٿيو.

کيس مطالعي جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ ساڳئي وقت ذهين به هو تنهنڪري طالب العملميءَ جي زماني ۾ ئي ڪيترن غير رسمي (غير نصابي) ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪندو رهندو هو. خاص طرح لغت جي ڪتابن ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندو هو ۽ اهي ڪتاب هميشه سندس مطالعي هيٺ رهندا هئا جهڙوڪ: منتخب غياث ۽ رشيدي وغيره. سندس مطالعو نه رڳو لغت جي ڪتابن تائين محدود هو بلڪه تاريخي، ادبي، حديث فقه تفسير، شعر و عروض ۽ مباحثه و مناظره وغيره جي ڪتابن جو به وقت بوقت مطالعو ڪندو رهندو هو. مطالعي جي شوق جو اهو عالم هو جو راتين جون راتيون اوجاڳا ڪڍي صبح ڪري ڇڏينديو هو. سندس خانداني ڪتب خانو هزارن ڪتابن تي مشتمل هو. ڀائنجي ٿو ته مشڪل سان ڪو ڪتاب هوندو جيڪو سندس مطالعي هيٺ نه آيو هجي. انهيءَ ڪتب خاني ۾ هر فن تي ڪتاب موجود هئا. جيئن ته فلسفه، طب، رياضي، شاعري، انجنيري ۽ تاريخ وغيره. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس معلومات ڪيتري نه وسيع هوندي(1).

ســنــه 1318 هــجــريءَ ۾ جڏهن حڪيم صاحب اڃا عربي جو طالب العلم هو تڏهن سندس مربين خيال ڪيو ته فتح محمد عربي پڙهي دنيا ۾ ڪيئن گذاري سگهندو ۽ پنهنجو گذران ڪيئن ڪندو؟ انهيءَ ڪري بهتر آهي ته کائنس عربي ڇڏرائي تپيداري اسڪول ۾ موڪلجي ته تپيدار ٿي پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري سگهي. انهيءَ وقت تپيدارن جي اسڪول جو هيڊ ماستر مرحوم قاضي فتح محمد پاٽائي هو. جڏهن قاضي صاحب کي انهيءَ ڪم لاءِ چيو ويو ته کلندي پڇيائين ته ”ڇوڪرو سنڌي فائينل (ڪاميٽي) امتحان پاس ڪيل آهي يا نه؟ تڏهن بقول حڪيم صاحب ”ڪاميٽي ته پري رهي مون سنڌي اسڪول ۾ فقط پهريون درجو پڙهيو هو. تپيداري اسڪول ۾ حسابي علم جي سخت ضرورت هوندي آهي، آئون ته نه حساب پڙهيل نه حساب ڄاڻندڙ. منهنجو حال اڄ تائين به اهو آهي جو آڱرين تي ليکو ڪري وقت ٽپائيدو آهيان. اهو ٻڌي قاضي صاحب کي ڏاڍي مشڪلات ٿي. مگر ان هوندي به سرڪار سان لکپڙهه هلائي، منهنجي داخلا بابت خاص اجازت ورتي. تڏهن مائٽن مون کي مدرسي مان گهرائي ورتو ۽ تپيداري پڙهڻ جي خبر ٻڌي زرا زرا روئڻ لڳس ۽ بي حجاب ٿي، وڏن جو لحاظ ئي ڇڏي صاف انڪار ڪرڻ لڳس. مون تي اسلامي عربي تعليم جو اهڙو ته عشق غالب هو، جو آءُ انهيءَ محبوب جو فراق سهي سگهڻ لاءِ هڪ پل واسطي به تيار نه هوس. منجهن مربين ته منهنجي لاءِ دنيوي بهتري گهري ٿي، مگر آءُ دنيوي بهتريءَ کي ديني بهتريءَ جي ڀيٽ ۾ بلڪل هيچ سمجهڻ لڳس. ڇاڪاڻ ته عربيءَ جو عالم جڏهن علم پڙهي فارغ ٿئي ٿو تڏهن هو نوڪريءَ جي ڳولا ۾ سرگردان نٿو ٿئي، بلڪه هو پاڻ کي بنا ڪنهن دنيوي لالچ جي قوم آڏو پيش ڪري ٿو، ۽ قوم مان فقط اها ئي توقع رکي ٿو ته پاڻ جيڪي اسلامي، ديني، مذهبي ۽ اخلاقي نعمت حاصل ڪري آيو آهي، انهيءَ نعمت مان قوم جا افراد فيض پرائڻ لاءِ سندس خدمتون قبول ڪن. هو اسلامي علم جي روشن شمع قوم جي ڪاشانهء جهالت منور ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ جهلي، قوم کي سڏي ٿو ته جيئن سندن ظلمت ڪدن کي هن شمع فروزان سان روشن ڪري. انهيءَ نيت ۽ جذبي جو اثر اهو ٿو ٿئي، جو اڪثر اهڙي بزرگ کي قوم اکين ۾ جاءِ ڏئي ٿي ۽ سندس اسلامي خدمات جي عيوض سندس معاش جي ڪفالت پاڻ تي هموار ڪري ٿي، جا ڳالهه لازمي آهي. اهڙو بزرگ پنهنجي جاهل ۽ اڻ سڌريل ماحول کي ڪجهه وقت کان پوءِ اهڙو ته سڌاري ٿو، جو هن جي اڳين ۽ موجوده زندگيءَ ۾ وڏو انقلاب اچي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح قوم وٽ اهڙي بزرگ جو وقار ۽ احترام به شايان شان وڌي وڃي ٿو ۽ گذران جو مسئلو به بنا ڪنهن درماندگي ۽ پريشانيءَ جي حسب الحال حل ٿي وڃي ٿو.

اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم يافته امتحان پاس ڪرڻ بعد ڏسبو ته آفيسن ۽ آفيسرن، ليڊرن ۽ سرڪار پرستن جي درن تي ڌڪا کائيندا رهندا ۽ اڪثر اهو ئي خشڪ جواب ملندن ته ”نو ويڪنسي“ (جاءِ خالي ڪانهي). هاڻي وڃن سو وڃن ڪاڏي؟ پڙهيا اهو، جو سواءِ نوڪريءَ جي ٻئي ڪنهن به ڪم نه اچي. هڪ عربيءَ جو عالم ته قوم جي ڪنن تائين قال الله و قال الرسول“ جو نغمه دلنواز پهچائي سگهي ٿو. مگر هڪ اسڪولي يا ڪاليجي تعليم يافته قوم کي ڪهڙي اسلامي ۽ اخلاقي تعليم ڏيئي سگهندو؟ ڇا هو ”قال گليڊ سـتـون“، ”قـال شيڪسپيئر قال فلان قال فلان“ چئي قوم کي سڌاري سگهندو؟ (1).

اهو نظريه هو حڪيم جو روزگار ۽ اسڪولي يا ڪاليجي علم بابت. سو تپيداري پڙهڻ کان بنهه پڙ ڪڍي بيٺو. انهيءَ ڪشمڪش ۾ ٽي-چار مهينا گذري ويا. سندس استاد صاحب کي انهن ڳالهين جي ڪا خبر نه رهي ته حڪيم صاحب بابت ڪهڙيون سٽون ۽ رٿون رٿجي رهيو آهن. آخر استاد کيس عتاب نامو موڪليو، جنهن ۾ سندس ترڪ تعليم تي اظهار افسوس ڪندي، کيس جلد واپس اچڻ لاءِ لکيو هئائون. جڏهن اهو مڪتوب کيس مليو، تڏهن جواب ۾ ٻه قصيده عربيءَ ۾ لکي موڪليائين. اهي قصيده پڙهي استاد صاحب اهڙو ته متاثر ٿيو، جو حڪيم صاحب جي مربين ڏانهن لکي موڪليائين ته: ”فتح محمد کي اسان جي حوالي ڪريو. سندس پرورش ۽ سنڀال جو بار اسان پاڻ تي هموار ڪريون ٿا. روزگار جو فڪر ڪرڻ اجايو آهي.“

وَ يَرزق من حيث لا يَحتسب (القرآن)

”اسان کي رب اتاهون رزق پهچائي ٿو، جتان گمان به نه هوندو آهي.“

”ڪار ساز ما به فکر کار ما

فکر ما در کار ما آواز ما“

(ڪار ساز حقيقي کي اسان جي ڪارسازيءَ جو پاڻ اونو هوندو آهي ته اسين جو ويٺا پاڻ کي ڳڻتين ۾ ڳاريون.)

حڪيم صاحب پنهنجي سوانح حيات ۾ ڄاڻايو آهي ته ”حضرت جن جي انهيءَ ئي ڏينهن مون کي سندن خدمت ۾ رواني ڪرڻ لاءِ تيار ڪيائون. آءُ خوشيون ڪندو وڃي سندن خدمت ۾ پهتس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي عمر اوڻيهه سال هئي (1).“

فصل چوٿون

ڌنڌا ۽ مشغوليون

فارغ التحصيل ٿيڻ بعد پنهنجي قائم ڪيل مدرسي سيوهڻ ۾ درس و تدريس ۽ ان سان گڏ پنهنجي خانداني پيشي طب جو شغل اختيار ڪيائين. ڪجهه وقت بعد هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو آنجهاني ”مسٽر وائينس“ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي پرنسيپال وٽان 1905ع ۾ کيس ارجنٽ تار پهتي ته ”اوهان کي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ عريبڪ اينڊ پرشن ٽيچر مقرر ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪري يڪدم اچ.“ کيس جيتوڻيڪ پنهنجي برپا ڪيل مدرسي ۾ ڪم ڪرڻ جو گهڻو شوق هو، مگر سڀني عزيزن ۽ دوستن جي صلاح ســان ڪراچيءَ روانو ٿيو. اتي پهچڻ تي کيس معلوم ٿيو ته ”مولانا حميد الدين“ (1). (عريبڪ ۽ پرشن ٽيچر) جو فرزند طاعون (پليگ) جي منحوس مرض وگهي انتقال ڪري ويو هو، جنهن جي صدمي سببان مدرسي جي ملازمت تان استعفا ڏيئي، پنهنجي وطن مالوف روانو ٿي ويو ۽ روانگيءَ وقت ”وائينس صاحب“ کي زوردار صلاح ڏني هئائون ته سندن جاءِ تي فتح محمد سيوهاڻيءَ کي رکيو وڃي. مولانا صاحب جن اها سفارش محض سندن بي نقاط نظم ۽ نثر کان متاثر ٿي ڪئي هئي. بقول حڪيم صاحب؛ مولانا جو گمان هو ته ”آءُ ڪو عمر رسيدو، آزمود گار ۽ ڪهنه مشق اديب آهيان، حالانڪه آءُ بلڪل نو عمر هوس“. جڏهن ڪراچيءَ پهچي وائينس صاحب جي پيش ٿيو، تڏهن هو کيس ڇوڪراٽ ڏسي حيران ٿي ويو ته ڪيئن مولانا حميد الدين جهڙي علامه هن نوعمر مولويءَ کي ههڙي علمي عهدي تي مقرر ڪرڻ جي شفارش ڪئي آهي! خير، وائينس صاحب کيس پنهنجي بنگلي جي هيٺئين حصي جي اڌ ۾ رهايو، جو فرنيچر ۽ ٻين ضروريات جي شين سان سينگاريل هو. ٻئي اڌ ۾ مسٽر شيخ عبدالحق (رٽائيرڊ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر فارمـُلا اسڪولس) رهندو هو، جو مدرسي ۾ ان وقت ماستر هو. حڪيم صاحب انگريزي ته اصل پڙهيل ئي ڪو نه هو، سو هيڏي ساري انگريزي درسگاهه جي انگريزي پڙهندڙ شاگردن کي هڪ انگريز پرنسيپال جي ماتحت تعليم ڏيڻ، سو به هڪ نو عمر اڻ آزمودگار لاءِ ڪٺن ڪم هو. وائينس صاحب کي پڪ هئي ته اهو ڇوڪراٽ ڪاميابيءَ سان پڙهائي نه سگهندو(1).

مگر حڪيم صاحب به خدا تي ڀروسو رکي ڪم شروع ڪيو ۽ پروگرام مطابق پئي ڪلاس ورتائين. شاگرد به سندس پڙهائيءَ مان ڏاڍو مطمئن ٿيا ۽ ساڻس ڏاڍي عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ لڳا. وائينس صاحب اڪثر ڪري هر نئين استاد جي پڙهائي جي چڪاس ڪندو رهندو هو. سو هن جي به پڙهائيءَ جو نمونو معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس وانگي آسپاس کان بيهي جاچيندو رهندو هو ۽ هر ڪلاس جي مختلف شاگردن کان سندس پڙهائيءَ بابت رايو پڇندو رهندو هو. شاگردن کان سندس پڙهائيءَ جي تعريف ٻڌي وائينس صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خاطري ٿيس ته مولانا حميد الدين جي سفارش بلڪل بجا هئي.

هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جو سخت زورشور هو ۽ صدها جنازا شهر ۾ گشت ڪندا زبان حال سان ملڪ الموت جي تڪڙين ڪاراوين جي گواهي ڏيندا لنگهندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. انهيءَ خوفناڪ ۽ ڀيانڪ نظاري شهر ۾ سخت هراس جي حالت پيدا ڪري وڌي. پبلڪ ۾ ڀاڄڙ شروع ٿي، شهر خالي ٿيڻ لڳو، سڄي شهر ۾ هو جو عالم ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ حالت هوندي به مدرسو اڃا بند نه ڪيو ويو. گويا پرنسيپال يا مدرسي بورڊ کي مسلمانن جي تعليم سندن حياتيءَ کان به وڌيڪ پياري هئي. ماسترن ۾ سڀاويڪ چرپر ۽ چميگوئيون شروع ٿيڻ لڳيون. مگر حڪم جا بندا، پاڻ کي پاڻهي ته موڪل ڏيئي نٿي سگهيا. شاگردن پنهنجي مائٽن ڏي هراس ڀريا خط لکيا جنهن ڪري ڪيترن جا وارث اچي سهڙيا ۽ ڇوڪرن کي وٺي ويا. ڪيترن کي خط پهتا ته هليا اچو. انهيءَ طرح مدرسو خالي ٿيڻ لڳو. حڪيم صاحب اڃا نئون هو، طبيعت ۾ آزادي ۽ خود مختياري موجود هيس سو پنهنجي ڀاءُ (راقمة الحروف جي والد) ميان عبدالقيوم سان صلاح ڪري ٽپڙ ٻڌي بنا موڪل مدرسي کي ڇڏي اچي پنهنجي ڳوٺ رسيو. ان بعد ستت ئي مدرسي کي بند ڪري رخصت جو اعلان ڪيو ويو(1).

مرحوم ميان عبدالقيوم (وفات سنه 1929ع) پنجين درجي انگريزي پڙهندي نوشهري فيروز ۾ وڃي ماستري اختيار ڪئي. انهيءَ وقت خانبهادر سيد الهه آندو شاهه آف در ٻيله (تعلقي نوشهري فيروز) پنهنجي علمي جذبي ۽ مسلمانن جي جهالت ۽ بي علميءَ جي احساس کان مجبور ٿي پنهنجي هڪ دوست رئيس جلباڻيءَ جي وسيع اوطاق نوشهري فيروز ۾ انگريزي تعليم جو مدرسو کولايو. مرحوم شاهه صاحب (وفات سنه 1919ع) انهيءَ تر جو وڏو بااثر قومي ليڊر هو، پنهنجي وسيع اثر کان ڪم وٺي نوشهري ڊويزن جي مسلمانن جا ڇوڪرا عام طرح ۽ زميندار جا فرزند خاص طرح گهڻي تعداد ۾ ان مدرسي ۾ داخل ڪرايا. مدرسي سان هڪ بورڊنگ هائوس به کوليو ويو، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد رهايا ويا. پوءِ آهستي آهستي ڪواليفائيڊ به آندا ويا. حڪيم صاحب پنهنجي سوانح حيات ۾ لکي ٿو ته:

”برادرم عبدالقيوم اگرچه ٿورو پڙهيل ۽ ان ڪواليفائيڊ هو مگر سندس خدا داد قابليت ۽ انتظامي قوت کيس نوشهري مدرسي جي سياهه و سفيد جو مختيار بنائي ڇڏيو هو. مرحوم شاهه صاحب سندس ئي صلاح تي عمل ڪندو هو. آخر مدرسو اهڙي ڪڙيءَ کي وڃي پهتو جو شاهه صاحب جي ڪوشش سان ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ حيدرآباد پنهنجي سرپرستيءَ ۾ کنيو. (انهيءَ وقت اڃا نوابشاهه ضلعو وجود ۾ نه آيو هو ۽ نوشهرو فيروز حيدرآباد ضلعي ۾ هو).

برادرم عبدالقيوم بابت جڏهن ماڻهن کي خبر پيئي ته سيوهڻ جي مشهور خاندان جو نونهال آهي. والد مرحوم جو نالو اڳيئي اتي جي عام پبلڪ ۽ خاص طرح زميندران ۽ جاگيردارن جي حلقي ۾ آفتاب عالمتاب وانگي روشن هو، تڏهن چوڌاري برادرم مرحوم کان علم طلبي ٿيڻ لڳي. پاڻ جيئن ته اڃا طبي فن سان ڪا خاص آشنائي نه رکي هئائين تاهم ڪجهه نه ڪجهه ڪم هلائڻ لڳو مريض به سندس هٿان شفاياب ٿيڻ لڳا پر اڳتي هلي کيس دقت محسوس ٿي ۽ مون کي لکيائين ته ”ڪيترائي مريض اچن ٿا جن جي بيمارين کي آئون سمجهي نٿو سگهان انهيءَ ڪري اوهان جو هتي اچڻ ۽ هجڻ ضروري آهي.“ خط ملڻ تي نوشهري وڃڻ جي تياري ڪيم. ان وقت پيسي ڏوڪڙ جي به تنگي هئي، ٻئي ڪنهن عزيز کي به سفر خرچ جي تڪليف ڏيڻ نٿي چاهيم تاهم هڪ هندو دوست کان مدد وٺي سيوهڻ کان سيتا پهتس. اتي جا سيد گهرا دوست هيم انهن مون کي نوشهري فيروز تائين سواري ۽ ساٿي ڏنو جنهنڪري آرام سان وڃي اتي پهتس. نوشهري پهچڻ شرط آس پاس ۾ منهنجو نالو مشهور ٿي ويو ۽ انبوهه مريضن جا اچڻ لڳا. (حڪيم صاحب طب جو وڏو ماهر هو حڪمت جي ڌنڌي ۾ ايڏو ڪمال حاصل هوس ۽ ايترو مشهور هو جو دهليءَ جي مشهور حڪيم اجمل خان (جڏهن طبي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيل هو) به سندس تعريف ڪئي هئي. بعض خانداني نسخا وٽس تير بهدف هئا خصوصاً ڪمزوري، بواسير وغيره جا نسخا اهڙا مجرب هئا جو فقط استعمال ڪرڻ جي دير هئي. ساهتي پرڳڻي جا وڏا وڏا زميندار سيد پير به متوجه ٿيا ۽ خداوند ڪريم موروثي دست شفا جي نعمت عطا فرمائي ٿوري ئي وقت ۾ خانبهادر سيد الهه آندو شاهه آف در ٻيله (جنهن کي آئون سنڌ جو سر سيد سڏيندو آهيان) سان ملاقات جو اتفاق ٿيو، مون ڏٺو ته هو قومي خدمت جي خمار ۽ عشق۾ الوٽ آهي. ساڻس ملاقات جي دوران گهڻي  علمي ۽ سياسي نڪتن بيان ڪرڻ جو موقعو مليو. منهنجي بحث مباحثي ۽ وسيع معلومات مان شاهه صاحب منهنجي علمي لياقت جو اندازو لڳائي نوشهري مدرسي ۾ پارسي پڙهائڻ جي آڇ ڪئي جا مون قبول ڪري ڪجهه عرصو اها خدمت سر انجام ڏني(1).“ ان کان پوءِ 1908ع کان 1910ع تائين پنهنجي ڀاءُ قاضي عبدالقيوم جي مطب گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رهيو.

آخر حيدرآباد کي خيرباد چئي پنهنجي معاشي ضروريات ۽ خلق خدا کي فائدي پهچائڻ لاءِ وري ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيائين ۽ اتي ميمڻ مسجد جي پارسين جي پاڙي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو مطب کولي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حڪمت سان گڏ، سياست ۽ سنڌي صحافت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ڪيترن ئي رسالن ۽ روزانه اخبارن سان وابسته رهيو، جهڙو اصلاح، الوحيد، الاخلاق وغيره (صحافت بابت وڌيڪ تفصيل ايندڙ باب ۾ ڏنو ويو آهي) پاڻ ملڪ جي آزاديءَ جو وڏو حامي ۽ انگريزي حڪومت جو دشمن رهيو. انگريز نوڪر شاهي ۽ انهن جي طرز حڪومت کان کيس سخت نفرت هئي. حڪيم صاحب جي خيال موجب انگريزن جون سازشون ئي ملڪ کي ۽ خاص طرح مسلمانن کي تنزل تي پهچائڻ جون ذميدر هيون. انهيءَ ئي سبب ڪري خلافت تحريڪ ۾ تمام سرگرم عمل رهيو ۽ انهيءَ تحريڪ جو روح روان هو.

حڪيم صاحب جي ادبي خدمتن کي دنيا ڪڏهن به فراموش ڪري نٿي سگهي. سنڌي ٻوليءَ کي هن صاحب وٽان جيڪو علم و ادب جو ذخيرو مليو آهي سو لسانيات، اخلاقيات سيرت نگاري، سوانح عمري، تاريخي، دينيات، ۽ تنقيد تي مشتمل آهي مطلب ته حڪيم صاحب حڪمت سان گڏ، بهترين معلم، سياستدان، صحافي، شاعر، قومي اڳواڻ ۽ زبردست عالم هو، جنهن کي پارسي، عربي ۽ سنڌي علم و ادب جي سڀني پهلوئن تي قدرت حاصل هئي.

فصل پنجون

شادي، اولاد ۽ وفات

حڪيم صاحب سنه 1908ع ۾ سيوهڻ جي شريف معزز قريشي خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس الله تعالى پنج نياڻيون ۽ ٻه فرزند ارجمند عطا ڪيا. فرزندن مان هڪ حڪيم محمد احسن، جنهن بمبئي يونييورسٽيءَ جي مئٽرڪ نمايان پوزيشن سان پاس ڪئي. ان بعد دهليءَ جي مشهور يوناني طبيه ڪاليج مان سنه 1940ع ۾ طب جي سند حاصل ڪئي. ساڳئي وقت هن دهليءَ جي مشهور درسگاهه جامع مليه ۾ ايف-اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽر ذاڪر حسين صاحب جو شاگرد ٿي رهيو.

ڪراچيءَ جي عوام ۾ ايترو مقبول هو، جو سنه 1947ع ۾ کيس ڪراچيءَ جو ميئر منتخب ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ بعد عراق، افغانستان، نائيجريا، يوگوسلاويه، يونان، قطر ۽ مسقط ۽ هڪ ڪامياب سفير ٿي رهيو. موجوده وقت بحرين ۾ حڪومت پاڪستان طرفان سفير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پاڻ چئن سالن تائين آمريڪا ۾ اقوام متحده ۾ به پاڪستان جو نمائندو ٿيي رهيو آهي ۽ 1966ع ۾ ڪامنويلٿ پرائيم منسٽرس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪيائين.

حڪيم صاحب جو ٻيو فرزند محمد محسن (راقمة الحروف جو گهر وارو) هو. جنهن بي-اي، ايل ايل بي پاس ڪرڻ بعد پهريائين سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. ڪجهه عرصو سنڌ جي وزير تعليم جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو، ان بعد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ حيدرآباد جو چيف آفيسر ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٺٽي ۾ ٿي رهيو. اهي عهدا نهايت ايمانداري ۽ خوش اسلوبيءَ سان نڀايائين. آخر سرڪاري نوڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ وڪالت ڪيائين ۽ سنڌ جي مشهور ڪامياب وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سنه 1976ع ۾ وفات ڪيائين.

زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ حڪيم صاحب کي استخواني سلهه جو عارضو ٿي پيو، اگرچه ذيابيطس جي شڪايت ڳچ عرصي کان وٺي هيس، جنهن جو علاج پاڻهي پاڻ ڪندو هو. ٻنهي مرضن جي ميلاپ ڪري، آخر سندس ڍاڪ جا هڏا هيڻا ٿي پيا. جيتوڻيڪ بمبئي کان خاص ڪاٺ جي گهوڙي گهرايائين ته به هلڻ جهڙو نه ٿيو ۽ ڏينهون ڏينهن ضعيف ٿيندو ويو. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ئي اتبلاع جي ڪري لازم الفراش ٿي پيو ۽ نيٺ ضعيفي ۽ نقاهت ڪري هن فاني جهان کي ماهه ذوالحج سنه 1361 هه (مطابق ڊسمبر 1942ع) ۾ الوداع چيائين. پنهنجي وصال جو سال هڪ قطعي ۾ چئي ڇڏيو هئائين. اهو مادة تاريخ هو ”مشت خاڪ“ جنهن مان سنه 1361 هجري نڪري ٿو. انهيءَ مان ئي سندس قادرالڪلامي ۽ فراست جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. سندس خود نوشت ۽ خود گفت تاريخ وفات جا اشعار هيٺ ڏجن ٿا. اهو ڪتبو سندس سنگِ لحد تي اڄ تائين لکيل آهي.

 

چون به دنيا ز عالمء بالا                 گشت طالع چو نجم طلعت من

سيزده صدز هجرت حضر ت صه         در گذشته که گشت هجرت من

ميروم باز سوئي آن عالم               که همين آخرين است رحلت من

بس تگاپو نمودم و حاصل               نه شده غير آنچ فطرت من

ملتم ملت محمد (صلعم) هست      مذهب حنفي است عزت من

عزت از جانب خدا باشد                 هم بدست اي است ذلت من

مشت خاڪم به خاک پيوستم        ”مشت خاک“ است سال رحلت من.

                                        1361 هجري

 

فصل ڇهون

شخصيت، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ ۽ اخلاق

حڪيم صاحب قد جو پورو پنو، بت ۾ ڀريل، گول چهري وارو، مختصر پر ٺهندڙ ڏاڙهي، خوش پوشاڪ ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو. ائي وئي جي مرحبا هميشه مسڪندڙ چهري سان ڪندو هو. وٽس جيڪو لنگهي ايندو هو، تنهن سان اهڙيءَ طرح گفتگو ڪندو هو، ڄڻ ان سان سندس پراڻي آشنائي هئي. اجنبي ماڻهو به ساڻس ملڻ کان پوءِ ائين سمجهندو هو ته ڪنهن پراڻي رفيق ۽ ڪنهن همدرد دوست سان ملي آيو آهيان(1).

هن صاحب عمل شخص فقيري، درويشي ۽ توڪل علي الله اختيار ڪئي. اهو شيوو سندس خانداني بزرگن جو هو، ان ڪري کيس اها سعادت ۽ خصوصيتون ورثي ۾ مليون هيون. سادو مگر صاف لباس، سادي زندگي، اٿڻ ويهڻ ۾ بي تڪلفي، گفتگوءَ ۾ مونج موجان سندس معمول هوندو هو. وڏي ڳالهه ته پيسو وٽس گڏ ٿي ڪين سگهندو هو. هٿ جو ڪشادو هوندو هو. بخل ۽ ڪنجوسائي کان وؤن ويندو هو. فراخدلي ۽ مهمان نوازي ته ڪر کانئن سکي ها. هوڏي پنج هوڏانهن پندرهن مهمان اچي وڃن، ته ڪڏهن سندس پيشانيءَ تي گهنج نه ڏسبو هو ۽ نه ڪڏهن سندس دل کي ڪو لوڏو ايندو هو. مهمانن کي ڏسي پاڻ خوش ٿيندو هو ۽ ڪشادي دل سان جاين جڳهن سميت سندن خاطر مدارت ڪندو هو. خدا جو فضل ايتريقدر شامل حال رهندو هوس، جو چڱن اميرن مان شمار ڪيو ويندو هو. سندس بود باش ۽ رهڻ سهڻ اهڙوئي هوندو هو. سيوهڻ ۾ پڪ سري جڳهه ڪاشيءَ جي ڪم سان جوڙايائين ۽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ بنگلو تياري ڪرايائين، سڀ توڪل جي ترهي تي. پنهنجي بزرگن وانگر فقيريءَ ۾ اميري به کيس حاصل هئي، انهيءَ ڪري ڪڏهن به ڪنهن سرمائيدار ۽ دولتمند جي بي جا خوشامند ڪا نه ڪيائين. توڪلي ته ايتريقدر هوندو هو، جو جيڪي وٽس اندريان ۽ ٻاهريان ماڻهو رهندا هئا، سي سندس توڪل ڏسي حيران ٿي ويندا هئا. انسان تي ڪڏهن اهڙو وقت اچي ٿو وڃي، جو کيسي ۾ پيسو به نه هجي، ڪڏهن خاص ڪري جن جي روزيءَ جو انداز مقرر ٿيل نه هجي، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. دنيا ۾ ته دستور آهي ته ڏکئي وقت ۾ ماڻهو دال مانيءَ تي گذارو ڪرڻ ئي عقلمندي ۽ سياڻپ سمجهندا آهن، پر حڪيم صاحب جو دستور ئي نرالو هوندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو اهڙو ڏينهن اچي ويو ته انهيءَ ڏينهن اوڌر سوڌر ڪري، سٺي ۾ سٺو کاڌو تيار ڪرائي اهل و عيال ۽ مهمانن کي دل کولي کارائيندو هو، ۽ انهيءَ عمل جو اثر قدرت تي پوندو هو، جو اهو ڏينهن اهڙو سڀاڳو ظاهر ٿيندو هو، جو شام تائين سڀني جا چهرا خوشيءَ سان ڀريا پيا هوندا هئا، هر هڪ جي ڳڻتي ۽ فڪر ڪافور ٿي ويندو هو ڄڻ ته ڪو عيد جو ڏينهن هو.

غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو هو. علاج معالج لاءِ ڪنهن کان پئسو گهري نه وٺندو هو. جيڪي به ملندو هوس، وٺي رکندو هو. غريب محتاجن جو علاج خيراتي هوندو هو. پاڻ هندو ۽ مسلمانن ۾ اتفاق جو حامي هو. سياسي جلسن جلوسن ۾ سندس تقريون اڪثر اهڙيءَ نوعيت جون هونديون هيون. پنج ئي وقت نمازي ۽ عبادت گذار هوندو هو. قول جو سچو ۽ ارادي جو پختو هو. آزادي ۽ خود داريءَ جو پروانو هوندو هو. وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ شديد مخالفتن جون ڪيتريون ئي جانقشانيون ڪيائين ۽ قربانيون ڏنائين. ان ۾ صحت جي خراب ٿيڻ جي به پرواهه نه ڪيائين ايتريقدر جو ملڪ جي آزاديءَ خاطر ڪجهه عرصو نظر بند به ٿيو، پر پنهنجي سچي جذبي تي پڇاڙيءَ تائين ثابت قدم رهيو. علم و عرفان جي روشني مختلف نمونن ۾ ڦهلائيندو رهيو. اهڙيون هستيون دنيا جي تختي تي ڪڏهن ڪڏهن نمودار ٿينديون آهن، جن جو هر فعل ۽ قدم دنيا وارن لاءِ نصيحت، نمونو ۽ سبق هوندو آهي.


(1) ”فتح نامه عرف چچ نامو“ مترجم: مخدوم امير احمد سنڌي ادبي بورد طرفان سنه 1954ع ۾ ڇپايل؛ ص 21-22.

(1) مصنف مير علي شير قائع مترجم: مخدوم امير احمد ”تحفته الڪرام“ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ص 34.

(1) Henry Cousen’s “The Antiquities of sind” 1929-p 45

(2) تاليف يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ص 59..

(3)S.O. Beeton “Dictionary of Geog:” Universal Gazetter London, 1868 Page 708.

 

(1) محبوب علي چنه جو مضمون ”قلندر شهباز سيوهاڻي رحه رسلاه محڪم اطلاعات جنوري 1963ع حيدرآباد ص 18.

(2) حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ڪتاب ”ابو الفضل ۽ فيضي“ ڪراچي سنه 1936ع،  ص

(3) ايضاً

(1) Adrian Duarte “The Begger Sant of Sewhan” Elite Publishers Karachi p.8.

(1) مصنف شيخ محمد اعظم ابن شيخ محمد صالح ”جواهر عباسيه“ هي ڪتاب سن 1809ع ۽ 1830ع جي وچ واري عرصي ۾ لکيو ويو، اصل فارسي زبان ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ جملي 471 صفحا آهن ۽ ڪٿي به ڇپيو نه آهي، جنهن جو مختصر ذڪر ”تاريخ سنڌ“ ڪلهوڙا دور جلد پهريون جي صفحي 22 تي موجود آهي.

(1) ”مرآت“ ص 25: هي ڪتاب لالا وتيرام ولد عزتراءِ سنه 1800ع ۾ لکيو ۽ سنه 1850 ۾ شايع ٿيو. هن وقت اڻ لڀ آهي. هن جو فڪر به ”تاريخ سنڌ“ ڪلهوڙا دور حصي پهرين، ص 23 ۾ موجود آهي.

(2)  ”جواهر“ ص

 

(1) ”تاريخ سنڌ“ ڪلهوڙا دؤر، جلد پهريون، مصنف غلام رسول مهر، ص 39-40، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنه 1963ع.

(1) حڪيم فتح محمد ”حيات حڪيم“ خود نوشته سوانح حيات نئين زندگي ڊسمبر 1960ع

مٿين حقيقتن جي اسان جي مامي (جا زنده سلامت آهي) تصديق ڪئي آهي.

(2) حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي خود نوشته سوانح حيات تان ورتل.

(1) حڪيم فتح محمد ”خود نوشته سوانح حيات“ نئين زندگي ماهوار رسالو، ڊسمبر 1960ع.

(1) مزڪوره حقيقتون ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل (حڪيم صاحب شاعريءَ ۾ شاگرد) ۽ پنهنجي خاندان جي جهونن فردن کان معلوم ڪيل آهن

(1) حڪيم صاحب جي خود نوشته زندگيءَ جي احوال تان ورتل.

(1) ايضاً

(1) اهو مولانا حميد الدين فراهمي آهي، جيڪو ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي ۽ مولانا شبليءَ جو ماروٽ هو.

(1) حڪيم صاحب جي سوانح حيات تان ورتل.

(1) هي احوال پنهنجي خاندان جي وڏن کان معلوم ڪيل آهي. -راقمة

(1) حڪيم صاحب جي سوانح حيات تان ورتل.

(1) شيخ عبدالله ”عبد“ (رٽائرڊ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر) جو حڪيم صاحب جي شخصيت بابت رايو. ”قلندر نامو“ شهباز ائڪيڊمي 1972ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org