سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :12

 

غريبن ۽ مسڪينن جي خسته حالي ڏسي کيس دلي صدمه پهچي ٿو. ان جو مکيه سبب قوم جي بي حسي ۽ غلاميءَ کي سمجهي ٿو. هاري جهڙو سخت محنتي ماڻهو جو پنهنجي محنت سان اناج اپائي، ڪپهه پيدا ڪري ٻين جا ته پيٽ ڀري انگ ڍڪائي ٿو پر کيس بک ڏک ۽ انگ اگهاڙو رهڻو پوي ٿو. جنهن لاءِ حڪيم صاحب پنهنجي قوم جو هڪ فرد سمجهي ٿو. ان لاءِ پنهنجي خيالات جو اظهار هيٺين لفظن ۾ ڪري ٿو:

 

ڳڙن ٿا ڏک جا اکين مان ڳوڙها،

۽ رت به ريلا ڪري وهي ٿو،

ڏسي وطن جي تباهه حالي،

۽ قوم پنهنجي جي هيءَ غلامي.

اڳي اسان جو  هو شان عالي،

هينئر خرابي ۽ خسته حالي،

دماغ بيجا ۽ کيسا خالي،

هي سڀ اسان جي آ پنهنجي خامي.

ڏسو ته کائون ڌڪا ٿا در در،

لڱين اگهاڙا ڪلهن تي ڪوڏر،

نه تر ۽ توشو نه زور ۽ زر،

نه آهي همدرد ڪو نه حامي.

وڌي ڪپهه ڪڻڪ سرنهه ساري،

بکيا ڏکيا ته به رهن ٿا هاري،

ٿي ٻڌجي چوڌاري آهه زاري،

بتي غريبن جي وئي وسامي.

ڏسو غريبن مٿان تباهي،

ملي ڏکن کان نه تن کي ساهي،

ڪري نه تن جي ڪو خير خواهي،

هجي ڪو سيد يا ڪو سوامي.

مزن کان مزدور دور آهن،

غريب هارين کي سور آهن،

ڏکن بکين ۾ ٿيا چور آهن،

مرن مصيبت ۾ ٿا مدامي.

غرض جي لئه ٿيندو سڀ ڪو حاضر،

۽ ڪم لئه پوءِ ٿيندو قاصر،

زباني هر طرح ٿيندو ناصر،

گهري ٿو عزت ۾ نيڪ نامي(1).

 

”وطن جي حب“

حڪيم صاحب کي پنهنجي وطن لاءِ نه فقط محبت عزت هئي پر کيس دلي عشق به هو، وطن جي هر چيز لاءِ کيس محبت هئي. وطن جي مٽ ٻي ڪا شيءِ سندس نظر ۾ ڪانه آهي. ان لاءِ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:

خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ،

هڻي شاخ طوبى هجڻ جو ٿو دم اڄ،

کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ،

ٿي ڄڻ عيد ان لئه، خدا جو قسم اڄ،

مليو آهي مضمون حب وطن جو،

مليو موقعو آهي سير چمن جو.

ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين،

بهشت برين جو ٿيو فرش زرين،

ٿي مس منهنجي مشڪ ختن، نافهء چين،

لکان لفظ جنهن سان معطر ۽ مشڪين،

وطن جي محبت جو هي داستان ٿيو،

وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو.

وطن جا وڻن وڻ وڻي ٽاري ٽاري،

خزان وطن ۾ به آهي بهاري،

ٿي ڄڻ روز روشن سنديس رات ڪاري،

منجهس مثل جنت جي ٿيون نهرون جاري،

وطن منهنجو هڪ جنت آباد آهي،

وطن سان ئي بس منهنجي دل شاد آهي.

ڇا آب و هوا ٿي اسان جي وطن جي!

ٿي خوشبوءِ اچي ياسمين و سمن جي،

منجهس سونهن ٿي نرگس و نسترن جي،

ڪريان ڳالهه ڪهڙي وطن جي چمن جي،

وطن ۾ ڇا چو طرف چانڊاڻ آهي!

وطن منهنجو بس پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

هوا جنهن جي سرهي، مٺو جنهن جو پاڻي،

ندي جنهن جي سڀني ندين جي ٿي راڻي،

ڪڏهن شمع روشن نه جنهن جي وساڻي،

ٿئي سک ۾ ساٿي ٿئي ڏک ۾ ساڻي،

جي دنيا ۾ ڪو ديس مثل چمن ٿيو،

ته منهنجو مٺو ۽ پيارو وطن ٿيو(1).

 

”اخلاق شاعري“

هي دنيا چند ڏينهن جو مڪان آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ غلام ٿي نه گذارجي جيترو ٿي سگهي نيڪيءَ جا ڪم ڪجن، پنهنجي ملڪ و قوم جي خدمت ڪرڻ گهرجي ملڪ ۽ قوم سان غداري نه ڪجي. پاڻ ۾ خود داري پيدا ڪجي. مال و دولت تي غرور نه ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ حڪيم صاحب هدايت ٿو ڪري ته:

 

”گلدسته حڪمت“

ٿي نه مغرور مال و دولت تي،

مڙس ٿي مشڪلات کي  منهن ڏي،

تڪيه بر موسم بهار نه ڪر،

دامن صبر تار تار نه ڪر.

هان غلاميءَ جي طوق زرين کي،

ڇڏ نه خود داري ۽ نه ٿي ٽرڙو،

اي سياڻا ڳچيءَ جو هار نه ڪر،

هٿ سان برباد پنهنجي بار نه ڪر،

حق طلب حق پسند ٿي تون گذار،

نيڪ ڪم لاءِ جلد چؤ لبيڪ،

ڪڏهن باطل جو دل تي بار نه ڪر،

ان ۾ ڪجهه دير ۽ مدار نه ڪر.

اي ميان پنهنجي نفع ذاتي لاءِ،

روح قيدي ۽ جسم آهي جيل،

قوم ۽ ملڪ کي تون خوار نه ڪر،

جيل کي نقش ۽ نگار نه ڪر.

درد دل ۾ تون قوم ملڪ جو ڌار،

نفس ناقص کي ڪر نه تون گستاخ،

صبر ڪر درد جي پڪار نه ڪر،

نفس کي پاڻ تي سوار نه ڪر.

ٿئي غدار ملڪ ۾ ڪيئي،

جي چئين چؤ سخن ڪو سنجيدو،

سمجهه ۽ سڀ کي يار غار نه ڪر،

نه ته سخن کي تون بي وقار نه ڪر.

ڪيئي ابليس آدمي صورت،

ڏني حڪمت جڏهن خدا توکي،

پوءِ سڀ ڪنهن تي اعتبار نه ڪر،

پنهنجي حڪمت کي داغدار نه ڪر.

خادم ملڪ ٿي گذار سدا،

پاڻ کي ٿي صغير هاڻي ”حڪيم“،

خدمت ملڪ ۾ ڪو عار نه ڪر،

شاعرن ۾ تون شرمسار نه ڪر.

شعر تنهنجو آ باغ حڪمت جو،

باغ پنهنجي کي بي بهار نه ڪر(1).

 

”فني شاعري“

جهڙيءَ طرح پنجئي آڱريون هڪ جيڏيون هڪ جهڙيون نه آهن. اهڙيءَ طرح هن دينا ۾ سڀيئي ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن. ڪي چڱا ته ٻيا بڇڙا به آهن. چڱي جو ڪم آهي ٻين سان چڱائي ڪرڻ بلڪه چڱو چئبو ئي ان کي آهي جيڪو سدائين چڱائي ڪري. روز رب تي آهي ان جي ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي.

حڪيم صاحب مٿين ڳالهين تي هميشه عمل پيرا رهيو، ان بابت هيٺين شعر ۾ پنهنجو خيال ظاهر ڪيو اٿس. اهو پاڻ ضرب المثال طور لکيو هئائين:

لچن جي وچ منجهان، پڻ ٿا لڀن ڪي ڪي چڱا،

وچين آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ ڏس ته اشهد ٿي.

رهي سگهجي ٿو نرميءَ ساڻ پنهنجي دشمنن جي وچ،

ڏندن جي وچ ۾ آهي، ڏس سلامت ڪيئن زبان تنهنجي.

چڱو انسان سڀ ڪنهن سان چڱو ئي ٿو هلي هر دم،

رسائي ريج دريا، جهڙو باغن تهڙو جنهگن کي.

نه فڪر نان جو ڪر، پڙهه نراڙ ۾ پنهنجي،

ڀرن ۽ نڪ ۽ اکين ۾ ته آهي نان لکيل(1).

ملڪ ۾ نا اتفاقي ڏسي، حڪيم صاحب ذهني ۽ روحاني تڪليف محسوس ڪري ٿو. هو حڪومت جي نا اهل ۽ ظالم ڪارندن جي طرفان پنهنجي وطني باشندن تي ناحق ظلم ٿيندو ڏسي بي چين ٿي وڃي ٿو. کيس پنهنجي وطن جي سر زمين سان دلي لڳاءُ آهي. وطن جي هر شيءِ کي پنهنجو ڪري سمجهي ٿو:

اسان تي ٿي واجب وطن جي محبت،

وطن ڀائي هر هڪ کي ڏيون مان عزت.

عداوت نه هر گز رکون ملڪ ٻئي سان،

ڪريون ملڪ جي اهڙي مشڪل کي آسان.

محبت ۾ هرگز نه گمراهه آهيون،

مگر ڇا ڪريون؟ بک ۾ ٿيا پاهه آهيون.

اسان کي به حق آهي جڳ ۾ جيئڻ جو،

اسان کي به حق آهي کائڻ پيڻ جو.

وطن جو هنڊايون وطن جو ڪم آڻيون،

ٿيون بسڪيٽ کان بهتر پنهنجون ڳڙجون ڌاڻيون.

پنهنجي ملڪ جي ٿي وڻي خشڪ روٽي،

وڻي ٿي وطن جي به ڦاٽل لنگوٽي.

ٿيو هيڻو آ حال اهل وطن جو

ٿيو اڄ اونڌو  اقبال اهل وطن جو.

خدا رک تون آباد منهنجي وطن کي،

ڪجئين ڏک کان آزاد منهنجي وطن کي.

۽ شفقت سان ڪر شاد منهنجي وطن کي،

نه ڦاساءِ صياد منهنجي وطن کي(1).

حڪيم صاحب ماهه اپريل 1941ع ۾ ”شعر جي ڪسوٽي ڪاميٽي سنڌ“ جو چيئرمين مقرر ٿيو. ان ڪاميٽيءَ جا ٻيا هيٺيان ميمبر هئا:

ڊاڪٽر گربخشاڻي

پروفيسر رامپنجواڻي

عبدالله ”عبد“

سيٺ غلام احمد نظامي

خان صاحب حاجي محمد صديق ميمڻ

محمد بخش واصف

جمع خان غريب

ديوان پرتابراءِ

ڪشنجند بيوس

مجروح

رئيس ضياءُ الدين بلبل

حضرت ڪاظم

حافظ اوحدي

خانصاحب حيدربخش جتوئي

مولانا علي محمد صاحب

حافظ محمد احسن

ماسٽر عبدالله اثر

لطف الله جوڳي

غلام علي مسرور

ماستر محمد رمضان ثاقب

وڏيرو علي محمد عباسي

مرزا  اجمل بيگ

نظام الدين خان نظام

عبدالفتاح عبد

ميان ممتاز علي خان ممتاز

مخدوم محمد امين

عبدالوهاب ناظم

ان ڪاميٽيءَ لاڙڪاڻي ۾ هڪ مشاعرو منعقد ڪيو، جنهن ۾ حڪيم صاحب ”اديب سنڌ“ جي باري ۾ هيٺيون نظم پڙهيو:

اديب سنڌ جاري ٿيو، خدا جي مهرباني آ،

اديب سنڌ جو ڪو مٽ نه آهي ۽ نه ثاني آ.

گل - باغ - ادب اڄ سنڌ ۾ آهي ٽڙيو سهڻو،

اديبن جو حبيبن لاءِ هي هڪ ارمغاني آ.

ڇا خوشبوءِ دار گل پيدا ٿيو فصل بهاري ۾،

نه جنهن کي فضل رب سان خطر باد خزاني آ.

گل موسم نه آهي، هي گل باغ ادب آهي

هميشه رهندو هي گل ۽ گل موسم ته فاني آ.

حڪيم سنڌ کي لکيو اديب سنڌ جي خادم

سن هجري نيکئين (زيبا زهي هي ارمغاني آ)(1).

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شاعري جيتوڻيڪ قومي، مذهبي ۽ سياسي رنگ ۾ رڱيل نظر اچي ٿي پر منجهس نا صحانه عاشقانه ڪلام به نظر اچي ٿو. جنهن ۾ فطرت نگاري، قرباني، غزل، مناجات، نعت، خيال، پهاڪن جا شعر وغيره اچي وڃن ٿا. سندس شعر جي جدا جدا صنفن جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 

 

”قادر جي قدرت”

ڏسي حسن گل جو ٿي حيران بلبل،

ٿي جهوريءَ ۾ گل جي جهڄي جان بلبل.

گلن سان ٿيو آباد هڪ پاسي گلشن،

ٻئي پاسي ٿي شمع عالم ۾ روشن.

پريشان پروانو ٿيو لاءِ درشن،

جلائي سنديس جان جذبن ۽ جوشن.

هي سڀ تنهنجي جلوه جا عاشق خدايا،

بهانو  ڪري هن جو ۽ هن جو آيا.

عجب چمڪندڙ سج چنڊ ۽ تارا،

ٿا گذرن ۽ گذريا اونهارا سيارا.

ڪڏهن گرميون آهن ڪڏهن سخت پارا،

ڏين تنهنجي هستي تي هي سڀ اشارا.

هي سارو زمانو تنهنجي آهي صنعت،

اي قادر تنهنجي آهي چوڌاري قدرت

ڪڏهن زور روشن ڪڏهن رات آهي،

ڪٿي نور ۽ ڪٿ ٿي ظلمات آهي.

عجب جهڙا چوڌاري ڏسجن نظارا،

وڏائي جا تنهنجي وڏي شان وارا(1).

حڪيم صاحب سچي قربانيءَ جو اظهار هيٺين شعر ۾ ڪيو آهي:

غرق ٿيا ڪي ڪنهن نه ڪنهن سوداءَ ۾،

ڪي وڃن ٻلهار ٿا واپار تان.

ڪي ٿا پنهنجي سر تان زر قربان ڪن،

ڪي وڃائين سر ڪنهن زردار تان.

ڪي ٿا مرن اڄ پنهنجي نالي لاءِ ٿا،

ڪي فدا ٿين ڪرسي ۽ درٻار تان.

ڪي ٿا پروانا ٿين پروانه لاءِ،

ڪي مرن بندوق ۽ تلوار تان،

ڪي هلن اک جي اشاري تي سدا،

ڪي سدا صدقي ٿين سرڪار تان.

ڪي مرن جنت جي حورن لئه سدا

گهورجن ڪي جنتي گلزار تان.

صدقي ٿيان شل آءُ خدا جي نانءَ تي،

آءُ ٿيان قربان پالڻهار تان.

آءُ ٿيان صدقي وطن جي خاڪ تان،

گهور ٿيان شل مان وطن جي خار تان.

ديس جي عزت تان شل قربان ٿيان،

ٿيان فدا شل ديس جي ديدار تان.

جيڪو ڀائني ڀاءُ انسان ذات کي،

صدقي ٿيان ان بخت ور بيدار تان.

شعر سڀ حب الوطن ريءَ اي ”حڪيم“!

گهوري ڇڏجن تنهنجي هن اشعار تان(1).

عشق ۽ زندگي ٻه لازم ملزوم شيون آهن. هر انسان کي قدرت جي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان محبت هوندي آهي. ائين کڻي چئجي ته دنيا محبت تي قائم آهي ته به درست ٿيندو اهو ئي سبب آهي جو هر شاعر جي ڪلام ۾ عشقي رنگ سمايل نظر اچي ٿو، مرحوم حڪيم صاحب کي به شايد اهڙي چوٽ لڳي آهي جو لکي ٿو:

 

”غزل“

وار ڇوڙي تون مون تي وار نه ڪر،

زندگي منهنجي زهر مار نه ڪر.

رت نه هارين ٿو منهنجو رحم سبب،

عذر اهڙو تون گلعذار نه ڪر.

منهنجي اکين کي اي سڄڻ سهڻا،

عشق پنهنجي ۾ اشڪبار نه ڪر.

خون منهنجو سڙي سياهه ٿيو،

هاڻي گيسن کي مشڪبار نه ڪر.

هڻ ڀلي سيني ۾ تون تير نظر،

پر هڻي تنهن کي آرپار نه ڪر.

هڪ دفعه پنهنجي هٿ سان چڪڙو پيار،

پوءِ ڀلي اي پرين پيار نه ڪر.

شال وڇڙيا ملن پرين پرچن،

اي خدا يار کان تون ڌار نه ڪر

يار راضي هجي ته ڪافي آ،

پوءِ دشمن جو انتظار نه ڪر.

عشق جي ڳالهه کي اتيئي ڇڏ،

عشق جو راز آشڪار نه ڪر.

ڇا غزل، ڇا قصيدو چو اي حڪيم،

شعر پنهنجي جو ڪو شمار نه ڪر.

جي چئين چؤ سخن ڪو سنجيدو،

نه ته سخن کي تون بي وقار نه ڪر.

نظم تنهنجي جو ٿيو نظام عجيب،

نثر پنهنجي کي پڻ نثار نه ڪر.

ڏني حڪمت جڏهن خدا توکي،

پنهنجي حڪمت کي داغدار نه ڪر.

شعر تنهنجو ٿيو باغ حڪمت جو،

باغ پنهنجي کي بي بهار نه ڪر(1).

جي آهين عشق جو ٻانهو ته ڇڏ ذات،

فلاڻو پٽ فلاڻي جو ڪوٺاءِ نه ڪر(2).

نوٽ: هي غزل جو سندس عشقيه ڪلام جو نمونو آهي پاڻ هڪ مشاعري لاءِ لکيو هئائين جو هڪ ادبي انجمن جي زير سايه ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو هو.

طرح حسب ذيل هئي: ”دامن صبر تار تار نه ڪر(3).

اهو شعر جنهن ۾ الله تعالى جي صفت بيان ڪئي وڃي يا جو دعا طور چيو وڃي ان کي مناجات سڏبو آهي. حڪيم صاحب اهڙو شعر گهڻو چيو آهي.

مثال طور:

”مناجات“

خدا ڪر عاقبت منهنجي ڪرم سان پنهنجي موچاري،

تون صاحب فضل جو آهين تون آهين ذوالڪرم باري.

خدا تون ڏي هدايت مون کي ۽ هر هڪ مسلمان کي،

پئي اوڙاهه ۾ آهي، اسان جي قوم ويچاري.

ڇڏي در تنهنجو اي خالق پيا ٿاٻا ڌڪا کائون،

هواسين نيڪ ۽ نوري ٿياسين نحس ۽ ناري.

اسان جي پاڪ مذهب کي، اسان کان لڄ اچي ٿي اڄ،

وجهي ڦٽڪار افعالن اسان جي تي دنيا ساري.

وساري توکي اي مولا! ڪيوسين پاڻ کي بڇڙو،

اسان جو شان ۽ شيوو گنهگاري ۽ بدڪاري.

نه آهي دين جي عزت اسان وٽ ڪا رهي هرگز،

وري ڪائي رهي آهي اسان ۾ ڪجهه دنيا داري.

نه علم و فضل آهي ڪجهه اسان جي قوم ۾ هرگز،

رهي آهي اسان ۾ ڪا نه ڪا حڪمت ۽ هشياري.

حسد، بعض ۽ عداوت اڄ اسان ۾ عام ٿي ڏسجي،

نه وڙ آهي رهيو ۽ نا رهي آهي وفاداري.

اسان ۾ غيبت و ڪذب و ڪدورت ويا وڌي آهن،

شرارت شعلنت، فتنه، دغا بازي ريا ڪري.

وڪوڙي وئي سڄي دنيا کي اڄ ظلمات ظلمن جي،

پکڙجي وئي سڄي دنيا ۾ يا رب مردم آزاري.

اسان ۾ عيب جي آهن سڀئي آهن صفا پڌرا،

اسين پڻ آهيون اي ستار! اقراري نه انڪاري.

مري وينداسين مولا! جي ڏيکاريئي قهر جو جلوو،

فنا ٿينداسين جيڪر تو ڏيکاريو شان جباري.

”صغير“ناتوان جو عرض آهي توکي اي مولى!

ته پنهنجي فضل سان ڪج ڪا مسلمانن سان ستاري(1).

حڪيم صاحب کي پنهنجي قوم جي پست هئڻ جو گهڻو ڏک ۽ احساس آهي. هو چاهي ٿو ته قوم ترقي ڪري ۽ بيدار ٿئي. ان جو هيٺئين شعر ۾ اظهار ڪيو اٿائين:

 

”اي اسان جي قوم“

هي ڇاهي غفلت غرقاب، اي اسان جي قوم!

هي ڇاهي چشم پر از آب، اي اسان جي قوم!

هي ڇاهي مغز جي ڪم طاقتي، دماغ ضعيف،

هي ڇا بدن آهي بيتاب، اي اسان جي قوم!

اسان ۾ علم و فضيلت جا خاندان هئا،

اسان ۾ مير ۽ نواب، اي اسان جي قوم!

اسان جو ڪوڪب اقبال هو درخشنده،

اسان ۾ بخت جو مهتاب، اي اسان جي قوم!

هئاسين رحمت رب جي کان شاد ڪام اسين،

هئاسين شاد ۽ شاداب، اي اسان جي قوم!

مقام عبرت آهي، جو ڪنهن ترقيءَ جو،

اٿئون نه هٿ ۾ ڪو اسباب، اي اسان جي قوم!

نه علم آهه نه حرفت نه ڪا فضيلت ٻي،

نه ياد رب الارباب، اي اسان جي قوم!

اسان جي بيخ ۽ بنياد سڀ فضيلت ۾،

پٽي زماني جي سيلاب، اي اسان جي قوم!

وگر نه ذلت وخواري وڌندي روز بروز

اکين مان وهندو پوخونناب، اي اسان جي قوم!

ڪڏهن نه چئبي ترقي بغير همدردي،

رڳا خطاب ۽ القاب، اي اسان جي قوم!

سڻو ”حڪيم“ جو دل سان ذرا هنڊائي سخن،

نه جنهن ۾ خول نه اطناب، اي اسان جي قوم! (1)

”اي غافل ڪجهه حقيقت جي پڇا ڪر“

بقا جي ۽ فنا جي سڀ حقيقت،

اڙي غافل گل و گلزار کان پڇ.

ڀلائي، ڀائپيءَ جو ڀيد ۽ رمز،

مهاجر کان ۽ پڻ انصار کان پڇ.

چڪو وحدت ۽ آزاديءَ جو پيتم،

اچي سا ڪيفيت سرشار کان پڇ.

جهاد في سبيل الله جو رتبو،

جناب حيدر ڪرار کان پڇ.

منهنجي همت ۽ طاقت جي حقيقت،

رقيب رهزن و مڪار کان پڇ.

مزو بي لذتي هوندي به اي دوست،

منهنجي هن بي مزه اشعار کان پڇ.

منهنجي هن شعر جو ڪجهه قدر قيمت،

وڃي تون ڪنهن در شهوار کان پڇ. (1)

”پهاڪن جا شعر“

جهولي ٿي ڀرجي مال سان، سختين سهڻ کان پوءِ،

تابش جهلڻ کان سج جي ئي ٿو سنگ جهلي اَن.

جو ڄائو نيٺ مرندو، جو اڀريو نيٺ لهندو سو،

جو بيٺو وهندو سو، جو پوکيو نيٺ لڻبو سو.

عمل بنا جو ٿيو علم، تنهن مان ڇا حاصل،

ڇا وڻندو وڻ سو جنهن کي ڦر، نه ڇانو نه سونهن(2).

حڪيم صاحب جا سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت تاثرات:

”شاهه ڀٽائي“

سنڌ جو سهڻو ميڻو ۽ سنڌ جو سينگار شاهه،

شاعرن شيرين ڪلامن جو سچو سردار شاهه.

جنهن جياريو مارئيءَ کي عمر جي ڪياءِ عمر،

ساهه جنهن سسئي ڏنو هو سو پنهونءَ جو يار شاهه.

گهوريان موتي ۽ جواهر ان ڀٽائي گهوٽ تان،

جنهن ڏنا موتي ۽ ماڻڪ سو سدا ڏاتار شاهه.

ڇا سنديس ٻولي مٺي! ۽ ڇا سنديس وائي عجيب،

واهه خوش رفتار سيد، واهه خوش گفتار شاهه.

شاهه مولى جي محبت ۾ سدا هو محو مست،

عشق جو هر تار تانگهو، جنهن مان لنگهيو يار شاهه.

جنهن پڙهيو آهي رسالو شاهه جو رس رمز سان،

ٿو چوي سڀڪو پيو آهي هئنين جو هار شاهه.

جي منهنجي من دک سان دل ڀرجي کڻي پڙهه شاهه کي،

ڏئي اکين آنند ۽ تولاءِ ٿئي من ٺار شاهه.

ڏس ته ڪيئن محبوب ٿيو هندن مسلمانن سندو،

هو ديالو دوست سڀني جو سچو ديندار شاهه.

اڄ اچو هندو مسلمانو! ته صوفي ٿي رهون،

ٿو ڏئي روحاني عالم مان اهي ئي پار شاهه.

شاهه جهڙا ٿيو، ڪڍو ڪينو، رکو سينو صفا،

ڪين گهرندو هوندو ههڙي ريت ان کي ڌار شاهه.

شاهه ڀاڪر ۾ جهليو هندن مسلمانن کي پر،

اڄ ڏسي هي حال نيڻئون ٿو وهائي نار شاهه(1).

فصل ٽيون

 

”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي سنڌي شاعريءَ جون خصوصيتون

سٺو شعر ان کي تصور ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ نج صحيح ۽ صاف ٻولي ڪم آيل هجي ۽ منجهس ڪو به تصنع نه هجي. جنهن ۾ سلاست، بلاغت، اصطلاح، پهاڪا، تشبيهون، استعارا، جدت، ۽ جوش هجي. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته شاعر جنهن ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، ان تي کيس مڪمل دسترس حاصل آهي. ازانسواءِ سندس شعر ۾ بلند خيالي، جذبات نگاري ۽ خيالن جي رنگيني ايتري قدر سمايل هجي، جو شعر پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل تي جادوءَ جو اثر ٿئي.

حڪيم صاحب جي شعر ۾ مٿيون سڀئي خوبيون موجود آهن. سندس شعر ۾ غضب جي رواني آهي. طويل نظم لکڻ ۾ ڪمال حاصل هوس اهڙي طوالت بيجا به نه هئي. اهڙن شعرن ۾ مضمون جي مختلف زاوين کان تفصيل سان خيالات جو اظهار ڪيو اٿس. قادر جي قدرت، حب الوطني، بهار آيو، قلم جي قرباني وغيره (جي سندس لکيل ڪتاب بهار اخلاق ۾ ڄاڻايل آهن) اهڙي قسم جا طويل نظم آهن.

سندس شعر ۾ سنڌي فارسي ۽ عربي لفظن جو سهڻو ميلاپ آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪيم صاحب جو شعر شيرين ۽ اثر وارو معلوم ٿئي ٿو. مرحوم شمس الدين ”بلبل“ سندس مثنوي ڪتاب ”داستان قوم“ جي تقريظ ۾ هن طرح تعريف ڪئي آهي:

صغير ڏسي تنهنجو قومي ڪتاب،

چوي توکي صد آفرين شيخ و شاب.

صغيرا تنهنجو شعر موزون آهه،

اثر ۽ اجابت سان معرون آهه.

هجي قابلن کي اوهان جو قدر،

مسلم ثبوت آهي علم و هنر (1)

قومي شعر جو درجو نهايت بلند اٿس. جنهن ۾ قوم جي زوال ۽ ادبار جا سبب ٻڌائي ٿو. ان جو علاج ڏسي قوم کي بيدار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿس. سندس وطن جي حب ۽ آزادي وغيره جي موضوعن تي لکيل نظم پڻ بلند پايه جا آهن. جن جا مثال هن باب ۾ اڳيئي ڄاڻايل آهن.

مطلب ته هي قادر الڪلام شاعر پنهنجي عمر ۾ وت آهر سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪندو رهيو. سندس تصنيفون زندگيءَ جو آئينو آهن ۽ ادب ۾ زندگيءَ جي نظريه جي تائيد ڪن ٿيون. زندگيءَ جي آخري لمحه تائين هو دلي آرزو مطابق شعر و ادب جي خدمت ڪندو رهيو،

عمر ڪيم صرف سڄي علم جي عشاقي ۾،

شال ان طرح ٿين پورا منهنجا پساهه،

-حڪيم.

فصل پنجون

اردو شاعري

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي اردو زبان تي مڪمل دسترس حاصل هئي. سندس اردوءَ ۾ لکيل ”آئينه سکندر“  (تذڪره لعل شهباز قلندر) ۽ دينيات جا ٽي ڪتاب ”مذڪوره حقيقت جو واضح ثبوت آهن. اردو زبان ۾ ڪلام به چيو اٿس. انهيءَ سلسلي ۾ ”مسٽر مير خان جت“ پنهنجي مقالي ۾ ڄاڻايو آهي ته:

”سال 1895ع ۾ سيٺ حاجي احمد ميمڻ سکر مان ”آفتاب سنڌ“ نالي اخبار جو اجراء ڪيو. هن اخبار جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر مرحوم شمس الدين بلبل رهيو. مرحوم سيوهاڻي پنهنجي محسن ”بلبل“ جي تقرر جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:


 

فصل ڇهون

عربي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي جهڙيءَ طرح سندي ۽ اردو شاعريءَ تي ملڪو حاصل هو، اهڙيءَ طرح عربي ۽ فارسيءَ جو به مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس عربي ۽ فارسي شعر ان وقت نه فقط سنڌ بلڪه ڪابل، قنڌار ۽ مصر جي رسالن ۾ به شايع ٿيندو رهندو هو(1). سندس عربي ۽ فارسي شعر جو نمونو مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:

عربي شعر:

”اني بسلسلة الزمان مسلسل فڪذالڪ من شغل العلوم معطل“

(آءُ زماني جي زنجيرن ۾ سخت جڪڙجي پيو آهيان، انهيءَ ڪري علمي شغل کان بيڪار ٿي پيو آهيان.)

”ان الذي الان ڪوڪب علمه - يتلمع يتشعشع يتشعل“

(توهان اها بزرگ هستي آهين، جنهن جي علم جو ستارو اڄڪلهه چمڪي رهيو آهي ۽ جلوه ڏيکاري رهيو آهي)(2).

 

فارسي شعر:

دلا در ملکه ما آمد روائح روح و دلهارا

مطالع ماهوار کرده وه مسرور دل مارا

اگر دارد هوس کس سال او در مصرع مهمل

دلم ڪردو سوال مدعا علامه علما را

صدا کرده ملک مڪه مد ول الحمد درسمعم

رساله مدرسه اسلام ....... صلح آرا. (1)


(1) ”بهار اخلاق“ ص 13-14.

نوٽ: حڪيم صاحب هي شعر سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ لکيو هو. پير علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد ٻيو سنڌي ادبي بورڊ، ص 322، 1981ع.

(1) روزنامه ”الوحيد“ ڪراچي، مورخه 25 آگسٽ 1925ع.

(1) ترتيب پير حسام الدين راشدي ”ماڪ ڀنا رابيل“ نئين زندگي نمبر 8، ص 65.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 16-17.

(1) اديب سنڌ، ايڊيٽر ”جمع خان غريب“ لاڪاڻه، اپريل 1941ع.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 2-5.

(1) ايڊيٽر عثمان علي انصاري ”سنڌي نصاب لازمي“، سنڌي ادبي بورڊ 1916ع، ص 253-54

(1) ”بهار اخلاق“ ص 27-28.

(2) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 24.

(3) حڪيم محمد احسن کان معلوم ڪيل.

(1) ”نور الايمان“ ص 262.

(1) ”مهراڻ جا ماڻڪ“ پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، ص 19.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 29.

(2) سروي مخزن هالا، سالانه مخزن سال 1954-55ع، ص 104.

(1) ”بهار اخلاق“ ص 26-27.

(1) اوج علوي مضمون روزنامه عبرت 14 ڊسمبر 1960ع تان ورقل.

(1) حڪيم محمد احسن صاحب کان معلوم ڪيل.

(2) طالب العلميءَ جي دور ۾ حڪيم صاحب پنهنجي استاد ڏانهن قصيدو لکيو هو. اهو سندس سوانح حيات تان ورتل.

(1) ايڊيٽر مولانا محمد عثمان نور نگزاده ”مدرسه منٿلي“ ڊسمبر 1903ع ص 1.

(1) سرپرست حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”هفتيوار اصلاح“ 11-12-1939ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org