سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :1

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون

مسز شمس عباسي

 

ناشر طرفان

آپا شمس عباسيءَ جي شخصيت سنڌ جي علمي ۽ ادبي، تعليمي ۽ سماجي حلقن ۾ اڳيئي ڄاتل سڃاتل آهي ۽ سندس تعليمي ۽ سماجي خدمتون عام و خاص کي معلوم آهن.

سنڌ جي عالمن ۽ اسادن جو هميشه اهو شيوو رهيو آهي ته هو آخر دم تائين علم جي پچر نه ڇڏيندا آهن. حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اها حديث شريف ته ”پينگهي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو،“ سا سنڌين جي سرشت ۾ سمايل آهي.

آپا شمس عباسي رٽائرمينٽ کي ويجهو ٿيندي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي ڪري ورتي. سندس تحقيق کي شايع ڪرڻ جو شرف هن بورڊ کي حاصل ٿيو آهي.

اميد ته سنڌي ادبي بورد جي تمام پڙهندڙن خواهه محققن ۽ عالمن کي هي ڪتاب پسند ايندو ۽ ان مان سنڌي جي تاريخ وڌيڪ نروار ٿيندي.

 

ڄامشورو                                  حبيب الله صديقي

6 جون 1988ع                               سيڪريٽري

                                            سنڌي ادبي بورڊ

 

 

تمهيد

نحمده و نصلي عليٰ رسولهِ الڪريم

اما بعد: هي تحقيقي ڪم ”مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون“ جي عنوان تي پيش ڪجي ٿو. ڪيترن همدرد احبابن مشورو ڏنو ته اهو تحقيقي ڪم اوهان جهڙي نازڪ مزاج ۽ نــهايت مصروف شخصيت لاءِ ڪٺن ۽ جاکوڙ طلب ٿيندو. مگر جيئن ته راقمته الحروف جي زندگي انتهائي مشڪل مرحلن کي حل ڪندي گذري آهي، انهيءَ ڪري هيءُ ڪم خوشيءَ سان پاڻ تي هموار ڪيم. عنوان به اهڙو مليو، جنهن سان رت جو رشتو (حڪيم فتح محمد صاحب منهنجو سڳو چاچو ٿئي) قائم آهي، تنهن ڪري گهڻي چاهه سان هن ڪم ۾ هٿ وڌم ته جيئن هيءَ خانداني ميراث ڪٺي ڪري سگهجي.

شروع ۾ خيال هو ته هي ڪم منهنجي لاءِ آسان ٿيندو جو هڪ خانداني فرد جي تحقيق ڪرڻي هيم، پر جڏهن ان طرف وک وڌايم ته بمصداق؛

”که عشق آسان نمود اول ولي افاد مشکلها“

بعد ۾ محنت طلب ۽ ڏاڍو مشڪل ڪم ٿي پيو، جو پوري مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترن هنڌن تي وڃڻو پيم. منهنجي اها ئي ڪوشش هئي ته ادبي سرمايو پوري سنڀال نه هئڻ ڪري ضايع ٿي ويو آهي، تاهم پنهنجي وسان ڪسر نه ڇڏي اٿم. اميد ته هيءَ جاکوڙ علمي ۽ ادبي ميدان ۾ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي.

پڙهندڙن کي هن موضوع جي مطالعي مان چڱيءَ طرح سڌ پوندي ته اسان جي وطن سنڌ ۾ مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب به اڳين نيڪنام سنڌي عالمن ۽ اديبن وانگر وڏيون علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ هو علمي ۽ ادبي ميدان ۾ عظيم انسان هو.

حڪيم صاحب جي مختلف علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن جي پيش نظر هن موضوع کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هر باب ۾ موقعي آهر مناسب حقيقتون ڏنيون ويون آهن، جيئن ته باب اول ۾ حڪيم صاحب جي سوانح حيات ۽ زندگيءَ جي مختلف حالات کان پڙهندڙن کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

باب ٻئي ۾ حڪيم صاحب جي دور واري علمي ۽ ادبي ماحول ۾ سندس علمي ۽ ادبي حيثيت ڄاڻائي ويئي آهي.

باب ٽئين ۾ حڪيم صاحب جون سنڌي علم و ادب ۾ ڪيل اهم خدمتن جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سندس تصنيفات ۽ صحافتي خدمتن تي روشني وڌي ويئي آهي.

اهڙيءَ طرح چوٿون باب سياست بابت آهي، جنهن ۾ بر صغير جا سياسي حالات، حڪيم صاحب جي سياسي زندگيءَ جو آغاز ۽ سياسي تحريڪن ۾ ڪيل خدمتن جي اُپٽار ڪئي ويئي آهي. ان کان پوءِ مختلف ضميمن ۾ حڪيم صاحب جي زندگيءَ جي مکيه واقعن، ناياب خطن، مضمونن، امدادي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن وغيره جي وچور ڄاڻايل آهي.

آخر ۾ هيٺين صاحبن جي ممنون آهيان، جن هن مواد ڪٺي ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيارڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي؛

سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، جنهن هن ٿيسز جي تياريءَ وقت مفيد مشورا ڏنا ۽ تعاون ڪيو.

ڊاڪٽر عبدالجبار مغل ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي به وساري نه سگهنديس، جن مواد ڪٺي ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ منهنجي پوري پوري مدد ڪئي، سندن احسانمند آهيان.

ادا احسن عباسي (منهنجي سوٽ ۽ ڏير) جي پڻ ٿورائتي آهيان، جنهن مواد کي نظر مان ڪڍيو ۽ مفيد مشورا ڏيئي معلومات فراهم ڪئي، سندس ٿورائتي آهيان.

مسٽر محمد بچل ميمڻ (ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم، ڄامشورو) پڻ هن ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ معلومات فراهم ڪئي، سندس ٿورائتي آهيان.

مسٽر در محمد قريشي (اسٽينو ٽائپيسٽ ايگرو ٽيڪنيڪل سينٽر لطيف آباد نمبر 11) جنهن مهرباني ڪري هي ٿيسز ٽائيپ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ته مون تي وڏو احسان ڪيو، جو هي عنوان بحال ڪري مون کي پنهنجي مربي چاچي جي علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي سيهڙڻ جو موقعو ڏنو ۽ منهنجي مڪمل رهبري ڪئي. شل رب پاڪ کيس دراز عمر بخشي، آمين.

حيدرآبادمسز شمس عباسي

مورخه 27 ڊسمبر 1982ع

 

 

 

 

 

قلم تازو

مون هيءَ ٿيسز 1982ع ۾ لکي هئي ۽ ان جي اشاعت لاءِ مون کي وهم و گمان به ڪو نه هو ته ڪو ايترو جلد، ائين شايان شان طريقي سان شايع ٿي، ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي ايندي.

خدا خوش رکي سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪنام چيئرمين ۽ سنڌ جي برگزيده روزگار عالم ۽ فاضل، جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ بورڊ جي جملي معزز اراڪين کي، جن منهنجي هن ٿيسز ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو.

بورڊ جي موجوده سيڪريٽري محترم حبيب الله صديقي، جڏهن کان چارج سنڀالي، ته ڇپائيءَ جي هلندڙ ڪم کي جلد کان جلد پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ خاص دلچسپي ورتي، ان لاءِ سندس ٿورائتي آهيان.

اسان جي خاندان جي عقيدتمند ۽ بورڊ جي سلڇڻي ۽ سٻاجهي ڪارڪن عزيزي نفيس احمد شيخ، هن ٿيسز کي آب و تاب سان ۽ جلد نروار ڪرڻ لاءِ، شروع کان وٺي جيڪو تحرڪ ورتو ۽ مون سان تعاون ڪيو، ان جو اعتراف لازمي سمجهان ٿي.

بورڊ جي پريس مئنيجر ميان الله بچائي ۽ سندس عملي، هن ڪتاب کي سليقي ۽ محنت سان ڇاپي، بورڊ جي روايتي طباعتي معيار کي قائم رکيو آهي.

پنهنجي ڀائٽي افضل عباسي جي ٿورائتي آهيان، جنهن جاکوڙ ڪري هن ڪتاب ۾ آيل خاندان جا ڦوٽو هٿ ڪري ڏنا.

 

حيدرآباد سنڌ(شمس عباسي)

10 جون، 1988ع

 

 

 

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت

۽

علمي، ادبي، سياسي خدمتون

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org