سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مقالات خانائي

باب-

صفحو :7

 

مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي

سنڌ جي سرزمين صدين کان وٺي اسلامي تصوف جو گهوارو پئي رهي آهي. تصوف، عرب جي صحرا ۾ جنم ورتو ۽ سنڌ ۾ اُن پروان حاصل ڪيو. برصغير هند و پاڪ ۾ جيڪي به وڏا وڏا صوفي درويش داخل ٿيا، اُهي پهريائين سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ هتان ئي برصغير جي ٻين علائقن ۾ پکڙجي ويا. سنڌ ملڪ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ قصبي ۾ انهن  صوفي درويشن جا ڪيترائي آستان ۽ خانقاهون آهن، جي انهن بزرگن جي بزرگيءَ ۽ عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. تصوف جا جيڪي به سلسلا ۽ طريقا(1) پيدا ٿيا، سنڌ جي بزرگن انهن سڀني سلسلن ۽ طريقن ۾ پاڻ چڱو موکيو ۽ خدا جي مخلوق کي گهڻو فيض رسايو.

ٺٽي جو شهر، قديم دؤر ۾ عالمن، بزرگن،درويشن، الله جي نيڪ ۽ صالح بندن جو مرڪز هو. سچ پچ ته ٺٽي جو شهر قرطبه، دمشق ۽ بغداد کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي ڪونه هو. اڄ به هن شهر جي مڪلي ٽڪريءَ جا قديم آثار، سندس قدامت  ۽ تبحر علمي جا روشن مينار آهن. اسان هتي سنڌ جي هڪ مشهور اهلِ تصوف بزرگ، مخدوم آدم نقشبندي ٺٽويءَ جو ذڪرِ خير ڪريون ٿا، جو سنڌ ۾ انهيءَ سلسلي جو سرموڙ آهي ۽ سندس ئي معرفت سنڌ ۾ نقشبندي(1)  سلسلو ڦهليو. هن سلسلي جا ٻيا به ڪيترائي سنڌي اولياء، درويش ۽ صاحبِ ڪرامت بزرگ ٿي گذريا آهن، جي هن سـُـونهاري سنڌڙيءَ جي سيني ۾ هميشه لاءِ سانڍيل آهن.

اسلامي تصوف جي ابتدائي دؤر ۾ فرقا ۽ طريقا ڪونه هئا،(2) پر پوءِ جيئن اسلامي سلطنت جون حدون وڌيڪ وسيع ٿينديون ويون، سياسي ۽ مذهبي مت ڀيد ۽ اختلاف وڌندا ويا، تئين اسلامي تصوف جي راهه ۾ پڻ ڪيترائي فرقا ۽ طريقا ظاهر ٿيندا ويا. ٻيءَ صدي هجريءَ ڌاري صوفي مشرب جو بنياد پيو ۽ صوفي بزرگن خداوند تعاليٰ جي ديدار ۽ مشاهدي ماڻڻ لاءِ الڳ الڳ ذڪر ۽ فڪر ڪرڻ جا ڍنگ ۽ طريقا اختيار ڪري، طريقن ۽ سلسلن کي وجود ۾ آندو. اسلامي تصوف جا مکيه چار طريقا رونما ٿيا، يعني: قادري، سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي. مخدوم آدم ٺٽوي، سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو سڀ کان پهريون بزرگ آهي.

مخدوم آدم، ٺٽي شهر جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ ولي ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو عبدالاحد هو. سندس نسب جو سلسلو، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه سان وڃي ملي ٿو. مخدوم صاحب جي ابن ۽ ڏاڏن جو ذڪر ڪندي،مولانا اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو:

مخدوم آدم جا پڙا ڏاڏا، پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا. وڏي جو نالو عبدالباري ۽ ننڍي جو نالو عبدالخالق هو. سلطان محمود غزنويءَ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، ته ميان عبدالخالق جي علم ۽ فضل، زهد ۽ ورع کان متاثر ٿي، کيس شاهي لوازمن سان نوازيو. مخدوم آدم جي نسب جو سلسلو، ميان عبدالخالق تائين هن ريت پهچي ٿو: مخدوم آدم بن مخدوم عبدالاحد بن عبدالرحمان بن عبدالباقي بن محمد بن احمد بن آدم بن عبدالهادي بن محسن بن علي بن محمد بن عبدالخالق.(1)

مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾، مخدوم آدم نقشبنديءَ جي متعلق لکي ٿو:

وقت جا اڪثر بزرگ، زماني جي هن مشهور شخصيت جي معرفت جي برتريءَ جا قائل آهن. نقشبندي سلسلي ۾ هڪ عجيب ڪمال جو صاحب پيدا ٿيو. سندس مناقب شاندار آهن. حضرت ايشان سرهنديءَ(1) جي مريدن مان آهي.(2)

 

مخدوم آدم ٺٽويءَ جي باري ۾ تذڪره صوفياءِ سنڌ جو مصنف لکي ٿو:

مخدوم آدم، اورنگزيب عالمگير (1069هه/1659ع کان 1118هه/1707ع)(2) جي عالمن ۽ فاضلن جي قدردانيءَ جو ٻڌي، ٺٽي کان دهليءَ جي طرف ڪــُوچ ڪيو. سفر دوران اتفاقــاً سندس ملاقات خواجه محمد معصوم(3) سان ٿي. خواجه صاحب مخدوم صاحب جي مڻيا ۽ مرجات ڏسي، کيس پنهنجي اولاد جو اُستاد ڪري رکيو.(1) (3)

اورنگزيب عالمگير سن 1069هه/1659ع ۾ تخت نشين ٿيو. مخدوم آدم ٺٽوي، اورنگزيب عالمگير جي تخت تي ويهڻ شرط دهليءَ جي طرف ڪونه ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته  شروع ۾ ضرور سياسي ۽ انتظامي لحاظ کان ملڪ ۾ ڏساسول  رهيو هوندو! انهيءَ لحاظ کان اسان جو گمان آهي ته مخدوم صاحب سن 1070هه/1660ع ڌاري دهليءَ ويو هوندو، جتي سندس ملاقات عروهِ الوثقيٰ خواجه محمد معصوم سان ٿي. اسان انهيءَ واقعي جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته مخدوم آدم جي خواجه محمد معصوم سان ملاقات سن 1070هه/1660ع ۾ ٿي هوندي!

مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو قول آهي ته انهيءَ مٿئين مذڪور سفر ۾ مخدوم آدم ٺٽويءَ سان گڏ، ميان ڪبير محمد نقشبندي پڻ هئو ۽ هو به خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جو  مريد ٿي، نقشبندي سلسلي جي لڙهيءَ ۾ شامل ٿيو.(4)

مولانا اعجاز الحق قدوسي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ (المتوفي: 1192هه/1778ع) جي روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته شروعات ۾ مخدوم آدم جي خواجه محمد معصوم سان ايتري دلي رغبت ۽ عقيدت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ان دؤر ۾ ٺٽي کان وٺي ملتان تائين جهڙس ڪوبه عالم ڪونه هو. هڪ ڏينهن خواجه صاحب نهايت ئي شفقت ۽ چوڄ سان کانئس قرآن ڪريم جي آيت وَ الـُـطور وَکـِـتاب مــَـسـُـطور فـِـي رَق مـَـنشــُـور وَ البـَـيتِ الـَـمعمـُـورِ(1) جو مطلب دريافت ڪيو. عين انهيءَ وقت، جڏهن مخدوم صاحب انهيءَ آيت سڳوريءَ جي معنيٰ بيان ڪري رهيو هو، خواجه صاحب پنهنجي ڪيميا نگاه مٿس عنايت فرمائي. پوءِ عرفان ۽ عقيدت جون سڀ راهون کــُـلي ويون ۽ سڀئي روحاني منزلون طيءِ ٿي ويون. اهڙيءَ طرح، مخدوم آدم ٺٽويءَ خواجه محمد معصوم جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي.(5)

مخدوم آدم ٺٽويءَ پنهنجي مرشد، عروهِ الوثقيٰ خواجه مخدوم محمد معصوم جي حضور ۾ پورا ست ورهيه سرهند ۾ رهي، پوري استغراق واريءَ حالت ۾ سلوڪ جون سڀئي منزلون طيءَ ڪيون. انهيءَ دوران خواجه صاحب جي فرزندن کي پڻ تعليم ڏيندو رهيو. آخرڪار، خواجه محمد معصوم کيس خلافت جو خرقو ڍڪايو ۽ ارشاد ڪيو، ته هاڻي پنهنجي وطن موٽي  وڃي خدا جي راهه ڀٽڪيل انسانن جو رشتو ٻيهر خدا تعاليٰ سان جوڙيو.(1)

مخدوم آدم ٺٽوي پنهنجي مرشد جي فرمودي مطابق سن 1077هه/ 1666ع ۾ پنهنجي وطن ٺٽي موٽي اچي هڪ خانقاهه قائم ڪئي. سندس مسندِ فيض تان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، بزرگن ۽ صوفي درويشن روحاني فيض حاصل ڪيو. مخدوم صاحب پنهنجي همعصر عالمن ۽ درويشن جو گهڻو قدر ۽ عزت ڪندو هو. ان دؤر ۾، ٺٽي شهر ۾ هڪ ٻيو درويش مخدوم آدم بن اسحاق(2) نالي هڪ وڏو عالم رهندو هو. پاڻ ان جي وڏي تعظيم ۽ تڪريم ڪندو هو. ماڻهن کي ڪسرنفسيءَ جي بنياد تي چوندو هو ته مون کي آدم جي بجاءِ آدو ڪري سڏيو ، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ساڳئي شهر ۾ ٻه آدم نه ٿا رهي سگهن. انهيءَ ڪري ، پاڻ سنڌ جي تواريخ ۾ اڄ تائين مخدوم آدو جي نالي سان پڻ مشهور آهي.

مخدوم آدم ٺٽوي جڏهن پنهنجي روحاني مرشد جي ارشاد مطابق، ٺٽي ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪري روحاني فيض ڏيڻ شروع ڪيو، ته ان وقت نقشبندي طريقي جي ڪن اهم ۽ دقيق مسئلن ۾ پيش آيل ڪن پيچيدگين جي حـَـلَ لاءِ خواجه محمد معصوم سان خط و ڪتابت ڪندو رهيو.مڪتوبات معصوميه جي ٻئي جلد ۾ اهڙي قسم جا چار خط (مڪتوب نمبر 59، 63، 76 ۽ 77) ملن ٿا.(1)

عروهِ الوثقيٰ خواجه محمد معصوم سن 1079هه/ 1668ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. مخدوم آدم ٺٽويءَ پنهنجي مرشد جي لاڏاڻي کان پوءِ، ٻيهر سرهند شريف جو سفر اختيار ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ اُتي خواجه محمد معصوم جي فرزند ۽ جاءِ نشين، خواجه سيف الدين(2) جي خدمت ۾ ٽي چار سال رهي، نقشبندي طريقي ۾ کانئس ٻيهر تلقين ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ واپس ٺٽي موٽي آيو. جيئن ته خواجه محمد معصوم سن 1079هه/1668ع ۾ هيءُ جهان ڇڏيو ۽ مخدوم آدم انهيءَ سال سرهند طرف اُسهيو ۽ پوءِ خواجه سيف الدين وٽ ٽي چار ورهيه رهيو، انهيءَ لحاظ کان اسان جي راءِ آهي ته مخدوم صاحب 84-1082هه/73-1671ع ڌاري ٺٽي موٽي آيو هوندو! اهڙيءَ طرح، مخدوم آدم ٺٽويءَ پنهنجي باقي حياتيءَ جا ڏينهن ٺٽي ۾ رشد و هدايت ۾ پورا ڪيا.

مخدوم آدم ٺٽوي، نقشبندي سلسلي جو هڪ وڏو صاحبِ ڪمال ۽ عالي مقام بزرگ ڪري ليکيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب ڪيترين اونداهين دلين ۾ الاهي عشق جو ڏيو روشن ڪيو. تحفته الڪرام ۽ تحفته الطاهرين ۾ سندس ڪيترين ڪرامتن جو احوال ملي ٿو.

مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات جي باري ۾ اهو واضح طور تي معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته پاڻ ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ ۽ تذڪره نگار، مخدوم صاحب جي وفات متعلق ڪنهن به قسم جي ڪابه ڄاڻ نه ڏني آهي. مخدوم آدم جي رحلت جي باري ۾ ، مڪتوبات سيفيته“ ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنهنجي لکيل مقدمي ۾ سندس وفات جو سن 1066هه/ 1657ع ڄاڻايو آهي(1)(6). ليڪن، ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ ڪوبه تواريخي حوالو ڪونه ڏنو آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ مذڪوره راءِ کي صحيح ۽ دُرست سمجهيو وڃي، ته پوءِ مخدوم صاحب جي باري ۾ جيڪي ڪجهه احوالُ نقشبنديه مجدديه طريقي وارن خواه ٻين تذڪرن ۾ ملي ٿو، تن سڀني کان انڪار ڪرڻو پوندو! اسان انهيءَ سلسلي ۾ مٿي اورنگزيب عالمگير جي تخت نشينيءَ جي حوالي سان لکي آيا آهيون ته مخدوم آدم ٺٽوي،اورنگزيب عالمگير جي تخت تي ويهڻ (1069هه/ 1659ع) کان پوءِ دهليءَ ويو، ۽ انهيءَ سفر دوران سندس ملاقات خواجه محمد معصوم (المتوفي: 1079هه/ 1668ع) سان ٿي. هاڻي مخدوم صاحب جي وفات واري سن  1066هه/ 1656ع واري راءِ کي دُرست سمجهڻ جي ڪري، مخدوم صاحب جي حوالي سان مٿي ڄاڻايل سڀني حقيقتن کان نفي ڪرڻي پوندي. انهيءَ لحاظ کان ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان واري قائم ڪيل اها راءِ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ۽ درست نه آهي.

مخدوم آدم ٺٽويءَ جي باري ۾ مير شير محمد ٽالپر لکي ٿو:

مخدوم آدم يارهين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ٻارهين  صدي هجريءَ جي اوائل ۾ هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ ٺٽي ۾ ٿيو.(7)

 مير شير محمد ٽالپر، اڳتي هلي مخدوم آدم جي وفات جي متعلق ڄاڻائي ٿو:

مخدوم صاحب جي وفات جو سالُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پر ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ يارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ وفات ڪئي آهي. (8)

مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات جي سلسلي ۾، مولانا دين محمد وفائي ڪتاب مرغوب الاحباب جي حوالي سان لکي ٿو:

مخدوم صاحب جي وفات جو سالُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، مگر قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ وفات فرمائي آهي.(9)

مخدوم آدم ٺٽويءَ جي حياتيءَ جي سموري احوال کي سامهون رکي اسان ان راءِ جا آهيون، ته مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پهرئين چوٿائيءَ جي ڪنهن سال دوران وفات ڪئي هوندي! سندس مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي عيد گاهه جي اُتر ۾ آهي. سندس مزار جي مٿان هن پوئين دؤر ۾ مقبرو پڻ تعمير ڪيو ويوآهي.

مخدوم آدم پنهنجي حياتيءَ ۾ فرمايو هو ته منهنجي قبر بهشت جي طبقات مان هڪ طبقو آهي. سلطان الاولياءُ مخدوم محمد زمان لواري واري جو ارشاد آهي ته سموري مڪليءَ جي قبرستان ۾ مخدوم آدم جي مدفن جهڙو ٻيو ڪو متبرڪ مقام ڪونه آهي.(10)

مخدوم آدم ٺٽويءَ کي ٻه نيڪ فرزند ٿيا: هڪ مخدوم فيض الله ۽ ٻيو مخدوم محمد اشرف. هي ٻئي ڀائر علم ۽ فضل، زهد ۽ ورع، تقويٰ ۽ تقدس ۾ سرفراز هئا. افسوس، جو اُهي ٻئي ڀائر عين جوانيءَ ۾، پنهنجي والد جي رحلت کان پوءِ ، پنجن سالن جي عرصي دوران هڪ ٻئي پٺيان انتقال ڪري ويا.(1)

مخدوم آدم ٺٽويءَ جو پوٽو، شيخ محمد بن محمد اشرف پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ (المتوفي: 1138هه/1726ع) جي سنڀال هيٺ رهيو. کانئس ظاهري توڙي باطني علم پرايائين. مخدوم ابوالقاسم پنهنجيءَ وفات وقت مريدن کي چيو ته شيخ محمد جنهن وقت اچي ، ته کيس هڪدم منهنجي قبر تي موڪلجو. شيخ محمد اُن وقت ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. پاڻ مرشد جي  ارشاد موجب سندس مزار تي ويو، جنهن مماتيءَ ۾ کيس روحاني امانت سان سرفراز ڪيو. شيخ صاحب خواجه ابوالمساڪين جي لقب  سان مشهور آهي. خواجه ابوالمساڪين پورا ٽي ورهيه سرهند شريف ۾ خواجه محمد زڪيءَ(1) جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. شيخ محمد پنهنجي روحاني امانت، سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي سپرد ڪئي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو مريد، مخدوم محمد صادق نقشبندي- مخدوم محمد اشرف جو ناٺي هو ۽ وڏي بلند پايي جو بزرگ هو.

مخدوم آدم ٺٽويءَ جا ڪيترا ئي مريد ۽ خليفا هئا. جي پنهنجي دؤر جا وڏي بلند پايي جا بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ :حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، شيخ ابراهيم روهڙيءَ وارو، سيد فتح محمد، شيخ انس، مخدوم صابر ولهاري وغيره.

*

 

حوالا

(1) قدوسي اعجاز الحق، مولانا: تذڪره صوفياء سنڌ، (اردو)، اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچي سنڌ، 1959ع، ص 45

(2) مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 577

(3) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 46

(4) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 580

(5) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 46 ۽ 47

(6) محمد اعظم، مولانا: مڪتوبات سيفيه“ (فارسي)، ڏسو مقدمو، از: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ص 4

(7) ٽالپر شير محمد، مير:تن سا لــَـڌِي لال، لواري شريف ادبي ڪميٽي، لواري شريف، ضلع بدين سنڌ، 1999ع، ص 229 ۽ 230

(8) ايضاً، ص 231

(9) وفائي دين محمد، مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ -  جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد سنڌ، 1986ع، ص 101

(10) ايضاً

*

(ماهوار الرحيم  حيدرآباد سنڌ، اپريل 1972ع سـَـنواريل ۽ وَڌايل)


 


(1) سنڌ ۾ تصوف جا جيڪي به سلسلا رائج ٿيا، سي گهڻو ڪري ايران ۽ ان جي علمي سرحد عراق جي پيداوار هئا، جهڙوڪ: سهرورديه، چشتيه ۽ قادريه ۽ سندن شاخون - فردوسيه، جماليه، جلاليه، شطاريه، ڪبرويه، صابريه وغيره. اهي سڀ وحدت الوجود يعني همه اُوست، هو الـُـڪل، وصول ۽ اناالحق جو دم ڀريندا هئا. (مولائي شيدائي:تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 503)

            تصوف جو شروعاتي زاهدانه دؤر سن 187هه/ 803ع ۾ ختم ٿيو ۽ عجمي عالمن جو اسلامي فڪرن تي اثر پيو. ان دؤر ۾ خواجه حسن بصري (المتوفي: 110هه/728ع)، بيبي رابعه بصري (المتوفي: 135هه/753ع)، ابراهيم بن ادهم (المتوفي: 162هه/ 779ع) ۽ فضيل بن عياض (المتوفي: 187هه/803ع) وڏا صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن. سندن تصوف خالص اسلامي هو.

(1) نقشبندي طريقي جو باني، خواجه بهاءُ الدين محمد بن محمد البخاري (717هه/ 1317ع کان 791هه/ 1389ع) هو. کيس نقشبندي انهيءَ ڪري سڏيو ويندو آهي، جو پاڻ الله لفظ جي صورت ڪڍي، پنهنجي اڻ پڙهيل مريدن جي اڳيان رکندو هو ۽ جيڪي وري لکي پڙهي ڄاڻندا هئا، تن کي چوندو هو ته هٿ سان الله جو نالو نقش ڪريو، اک سان ان نقش ڏي نهاريو ۽ دل ۾ الله پاڪ جو ڌيانُ ڌَرِيو.

            هيءُ طريقو ٻين سڀني طريقن کان وڌيڪ شريعت ڏي مائل آهي. هن فرقي جا پوئلڳ وحدت الشهود جا قائل آهن. هو الڪل جي بدران هوالهادي جا پيرو آهن. همه از اوست جي نظريي وارن وٽ عشق آهي ۽ اناالحق جي نعري بدران وٽن اناعبده يعني عشق جو دم آهي. مولانا رومي رحه چوي ٿو:

جمله معشوق و عاشق پرده،
زنده معشوق ست و عاشق مرده.

            برصغير هند و پاڪ ۾ نقشبندي سلسلي جي شروعات شيخ احمد سرهنديءَ (971هه/1564ع کان 1034هه/1624ع) جي معرفت ٿي. هن بزرگ جو نالو احمد، لقب بدرالدين ۽ ڪــُـنيت ابوالبرڪات ۽ امام رباني مجدد الف ثاني هو. پاڻ سرهند ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو مخدوم عبدالاحد هو، جو شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ (861هه/1457ع کان 944هه/1537ع) جو مــُـريد هو. امام ربانيءَ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. مولانا يعقوب ڪشميريءَ ۽ قاضي بهلول بدخشانيءَ کان به علمي استفادو ورتائين. بعد ۾ خواجه باقي باالله (المتوفي: 1012هه/1603ع) جي هٿ تي بيعت ڪيائين. وحدت الشهود جي نظريي کي قائم ڪري، صوفين ۽ علمائن  جا اختلاف ميٽي ڇڏيائين. مغل درٻار ۾ سجدي ڪرڻ جي بدعت کي بند ڪرايائين. قيد ۽ بند جون سختيون به ســَـٺائين. انهن خدمتن جي ڪري کيس مجدد سڏين ٿا. سندس دؤر جو احوالُ سندس مڪتوبات مان ملي ٿو، جي سندس حياتيءَ ۾ ئي قلمبند ٿيا. سندس مڪتوبات هيٺين ٽن حصن تي مشتمل آهي:

(الف) در المعروفت: هن کي خواجه يار محمد الجديد البدخشي الطالقانيءَ سن 1025هه/ 1616ع ۾ مرتب ڪيو، جو 313 مڪتوبات تي مشتمل آهي.

(ب)نــُـور الخلائق: هيءُ جلد خواجه عبدالحي حصاريءَ سن 1028هه/ 1618ع ۾ ترتيب ڏنو ۽ منجهس 99 مڪتوبات درج ٿيل آهن.

(ج) معرفت الحقائق: هيءُ خواجه محمد هاشم ڪشميءَ سن 1031هه/ 1621ع ۾  مرتب ڪيو ۽ هن ۾ 222 مڪتوبات ڏنل آهن..

(2) عباسي دؤر خلافت (132هه/749ع) ۾ اسلامي علمن ۽ فڪرن تي عجمي اثر غالب پيا.عربي زبان، تهذيب ۽ تمدن سان گڏوگڏ، مذهب به انهن اثرن کان متاثر ٿيو. خالص اسلامي تصوف تي وحدت الوجود جو اثر پيو. وحدت الوجود جي ابتدا به سنڌ کان ٿي. عباسي دؤر خلافت ۾ خواجه بايزيد بسطامي (المتوفي: 261هه/ 875ع) غير اسلامي نظرين کان ڪافي متاثر ٿيو. ابو علي سنڌي سندس روحاني مرشد هو.

(1) خواجه محمد معصوم سرهنديءَ کي حضرت ايشان جي لقب سان سڏيندا هئا.

(2) مير شير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب تن سا لڌي لالَ (مطبوعه 1999ع، ص 230) ۾ اورنگزيب عالمگير جي تخت نشينيءَ جو سال 1066هه ڄاڻايو آهي، جو تواريخي لحاظ کان دُرست نه آهي. اورنگزيب عالمگير جي تخت نشينيءَ واري سال جي باري ۾ ڪن مؤرخن پهرئين ذوالقعد 1068هه/ 31- جولاءِ 1658ع ڄاڻايو آهي، ته ڪن تذڪره نگارن وري 24- رمضان المبارڪ 1069هه/ 15- جون 1659ع لکيو آهي. دراصل، اورنگزيب جو دهليءَ جي تخت تي ويهڻ جو اصل سن 1069هه/1659ع اڪثر مؤرخن دُرست ڄاڻايو آهي. انهيءَ سال اورنگزيب عالمگير تخت جي اصل وارث ولي عهد شهزادي، محمد دارا شڪوه (المتوفي: 22- ذوالحج 1069هه/10- سيپٽمبر 1659ع) کي قتل ڪرائي، باقاعدي هندستان جو شهنشاهه بڻيو. مـُـلا شاهه بدخشيءَ (المتوفي: 1072هه/1616ع) اورنگزيب جي تخت نشينيءَ جي تاريخ هن طرح نظم ڪئي آهي:

صبح دل من چــُـون گــُـل خورشيد شگفت،
حق پيدا شد غبار باطل را رُفت،
تاريخ جلوس شاه، رنگ مرا،
ظل الحق الحق اين را حق گفت.

(ڏسو، پــَـسروري محمد اسلم انصاري: فرحت الناظرين (اردو)، مترجم: پروفيسر محمد ايوب قادري، اڪيڊمي آف ايجوڪيشنل ريسرچ، ڪراچي سنڌ، 1972ع، ص 48)

(3) خواجه محمد معصوم، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ جو ٽيون نمبر فرزند ۽ جاءِ نشين هو. سندس نسب جو شجرو، 27 واسطن سان حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنـه سان وڃي ملي ٿو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو صوفي بزرگ ۽ نقشبنديه مجدديه سلسلي جو وڏو مشائخ ٿي گذريو آهي. خواجه محمد معصوم جي ولادت 10- شوال المڪرم 1007هه/6- مئي 1599ع تي سرهند ۾ ٿي. سندس ڪــُـنيت قطب الهديٰ ۽ عروهِ الوثقيٰ هئي. ستن سالن جي ڄمار ۾ قرآن مجيد قرات ۽ تجويد سان حفظ ڪيائين. ان دؤر جي رواج مطابق مدرسي جا نصابي ڪتاب پنهنجي وڏي ڀاءُ، خواجه محمد صادق (المتوفي: 1025هه/1616ع) وٽ پڙهيائين. شيخ محمد طاهر لاهوريءَ کان علم ظاهريءَ جي تحصيل ڪيائين. اهڙيءَ ريت 16 سالن جي عمر ۾ علم عقليه ۽ نقليـه جي تحصيل کان فارغ ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار، حضرت مجدد الف ثانيءَ جي هٿ تي نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪيائين ۽ روحاني سلوڪ جون سڀ منزلون طيءِ ڪيائين. سن 1032هه/1623ع ۾ سندس والد کيس خلافت جي خلعت عطا ڪئي ۽ پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو.

            خواجه محمد معصوم عرب ۽ عجم کي به پنهنجي روحاني فيض سان مستفيض ڪيو. حرمين شريفين جي پاڪ جاين جي زيارت سان گڏ، حج جي سعادت پڻ حاصل ڪيائين. سندس صحبت جي تاثير ڪري هزارين انسان روحانيت جي وڏي درجي تي پهتا. مغل سلطنت جي ٽن وڏن بادشاهن، يعني: شهنشاهه جهانگير، شاهجهان ۽ اورنگزيب عالمگير جي ساڻس عقيدت هئي. اورنگزيب عالمگير جي ٻن ڀينرن، هر هڪ شهزادي روشن آرا بيگم ۽ شهزادي گوهر آرا بيگم پڻ خواجه صاحب جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. سندس لکيل خـَـطَ ٽن جلدن ۾ مڪتوبات معصوميه جي نالي سان شايع ٿي چڪا آهن. اهي مڪتوبات شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو اعليٰ شاهڪار آهن.

            خواجه محمد معصوم 72 ورهين جي عمر ۾ 9- ربيع الاول 1079 هه/17- آگسٽ 1668ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. پاڻ پنهنجي والد جي مقبري جي ڀرسان دفن ٿيو. شهزادي روشن آرا بيگم، سندس مزار تي هڪ دلڪش ۽ نفيس مقبرو تعمير ڪرايو. جو روضه چيني جي نالي سان مشهور آهي.

(1) خواجه محمد معصوم کي ڇهه فرزند هئا، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

1. خواجه محمد صبغت الله (ولادت: 1032هه/1623ع - وفات: 1121هه/1709ع)

2. خواجه محمد نقشبندي (ولادت: 1034هه/1625ع - وفات:1114هه/1702ع)

3. خواجه محمد عبيد الله (ولادت:1038هه/1629ع - وفات: 1083هه/1672ع)

4. خواجه محمد اشرف    (ولادت: 1047هه/1637ع - وفات: 1117هه/1705ع)

5. خواجه سيف الدين     (ولادت: 1049هه/1639 - وفات : 1096هه/1685ع)

6. خواجه محمد صديق   (ولادت: 1057هه/1647ع - وفات: 1131هه/1719ع)

            مخدوم آدم ٺٽويءَ جا تذڪره نگار لکن ٿا ته مخدوم صاحب سرهند ۾ رهڻ دوران خواجه محمد معصوم جي فرزندن کي ستن ورهين تائين ديني تعليم ڏيندو رهيو. مرغوب الاحباب (1273هه) جي مؤلف، ميان نظر عليءَ  پنهنجي تذڪري ۾ انهيءَ مٿئين ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي، پر هن اها وضاحت ڪانه ڪئي آهي ته خواجه صاحب جا ڪهڙا فرزند سندس شاگرد ٿي رهيا! انهيءَ باري ۾ اسان جو گمان آهي ته خواجه محمد اشرف، خواجه سيف الدين ۽ خواجه محمد صديق، مخدوم صاحب جا شاگرد ٿي رهيا هوندا!

(1) پارو 27، سورهِ الطور ، آيت 1 کان 4. ترجمو: (جبل) طـُـور جو قسم آهي ۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آهي. جو کــُـليل ورقن ۾ (لکيل) آهي. ۽ آباد گهر جو (قسم) آهي.

(1) خواجه محمد معصوم جڏهن مخدوم آدم کي پنهنجي وطن سنڌ ڏانهن نقشبندي سلسلي جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ حڪم فرمايو ته مخدوم صاحب، خواجه صاحب کي عرض ڪيو ته اوهان جي حڪم جي تعميل ڪرڻ منهنجو فرض آهي ، پر اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ديس ۾ اڳ ۾ ئي تمام گهڻا مشائخ ۽ اولياء ڪرام آهن، انهن هوندي مون ڏانهن ڪير رجوع ڪندو؟ خواجه صاحب فرمايو ته ڀلي سموري سنڌ ولين سان ڀرپور هجي، مگر اسان جي طريقي جي نسبت ٻين کان تمام اعليٰ آهي. (ڏسو، وفائي دين محمد، مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ - جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1986ع ، ص 99 ۽ 100)

(2)  مخدوم آدم بن اسحاق، ٺٽي جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس شمار سنڌ جي وڏن اوليائن ۾ ٿئي ٿو. چون ٿا ته جڏهن مخدوم آدم بن اسحاق حج ڪرڻ لاءِ بيت  الله ۾ ويو، ته مرد ۽ عورتون گڏ هڪ ئي طرف حرم پاڪ ۾ داخل ٿيندي ڏٺائين. اها ڳالهه کيس نه آئڙي. پاڻ مڪي پاڪ جي حاڪم کي ان رسم کي بند ڪرڻ لاءِ چيائين، پر ان ڪوبه ڌيان نه ڏنو. رات جو حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن   ان حاڪم کي خواب ۾ فرمايو ته جيئن مخدوم آدم چوي ٿو،تيئن ڪريو. ان کان پوءِ، مردن ۽ عورتن لاءِ حرم پاڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ الڳ الڳ ڏينهن مقرر ٿيا. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ حال جي صاحبن ۽ مشائخن جي شڪل ۾ ظاهري طور شريعت جي فتويٰ ۾ مشغول هوندو هو. سن 1066هه/1656ع ۾ رحلت ڪيائين (تحفته الڪرام - سنڌي، ص 554)

(1) مڪتوبات معصوميه جو اردو ترجمو، حضرت مولانا سيد زوار حسين شاهه صاحب ڪيو آهي، جو اداره مجدديـه ڪراچي، سنڌ طرفان شايع ٿي چڪو آهي.

(2) خواجه محمد سيف الدين،  حضرت خواجه محمد معصوم عروهِ الوثقيٰ جو پنجون نمبر فرزند هو. پاڻ سن 1049هه/ 1639ع ۾ سرهند ۾ ڄائو. سندس تعليم ۽ تربيت سندس والد بزرگوار جي زيرنگرانيءَ ٿي. خواجه سيف الدين اڃا ننڍو ئي هو، ته قران مجيد حفظ ڪيائين ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ظاهري علمن ۾ پنهنجي والد کان تحصيل ڪري، فراغت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ، خواجه صاحب باطني علمن جي طرف متوجهه ٿيو ۽ پنهنجي والد، خواجه محمد معصوم کان نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪري ، ڪمالاتِ مجدديه سان سرفراز ٿيو. پاڻ ان زماني ۾ محي السنـته“ جي لقب سان مشهور ٿيو.

            مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي ساڻس وڏي عقيدت هئي. پاڻ پنهنجي والد جي حڪم مطابق اورنگزيب جي دربار ۾ بادشاهه جي رشد ۽ هدايت لاءِ رهيو. خواجه صاحب، دربار شاهيءَ ۾ ڪيترين ئي غير شرعي ڳالهين کي بند ڪرايو. اورنگزيب عالمگير نقشبندي سلسلي جي ڪيترين ئي ڳالهين جي خواجه صاحب کان معلومات حاصل ڪئي ۽ روحانيت جي متعلق پڻ وڏي  ڄاڻ حاصل ڪئي.

خواجه سيف الدين باطني معارف سان گڏ ظاهري علمن سان پڻ سينگاريل هو. خواجه صاحب پاڻ سلوڪ جي مرتبن جي طيءِ ڪرڻ، عرفان جي طريقن، طالبن ۽ مريدن کي ظاهري ۽ روحاني فيض ڏيڻ ۾ پنهنجي زماني جي همعصر بزرگن ۽ مشائخن ۾ وڏو بلند مقام رکندو هو. نقشبندي سلسلي کي تمام گهڻو زور وٺايائين. خواجه صاحب 47 ورهين جي ڄمار ۾ 1096هه/ 1685ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. کيس سندس جد امجد ، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني جي روضي جي ڏکڻ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي هڪ عاليشان گنبذ تعمير ڪرايل آهي.

            خواجه سيف الدين جي 190 خطن جو هڪ مجموعو ، سندس فرزند ۽ خليفي، مولانا محمد اعظم مڪتوبات سيفيته“ جي نالي سان فارسي زبان ۾ مرتب ڪيو. انهيءَ مڪتوبات کي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب، حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪرايو. مڪتوبات سيفيته“ ۾ مخدوم آدم ٺٽويءَ جو پڻ هڪ خط (ڏسو ص 191) آيل آهي.

(1) دراصل، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب کان مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات جي سن ڄاڻائڻ جي سلسلي ۾، ٻن بزرگن جي ساڳئي نالي هئڻ ڪري سهو ٿي آهي. اصل ۾ 1066هه/ 1656ع وارو سن، مخدوم آدم بن اسحاق جي وفات جو سن آهي. انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته ٽماهي مهراڻ، حيدرآباد سنڌ جي سال 1972ع واري چوٿين پرچي ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جو هڪ مقالو ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي ڇپيو هو. راشدي صاحب ان مقالي ۾ مخدوم اسحاق جي خانداني شجري ۾، مخدوم آدم جي وفات جو سن 1066هه ڄاڻايو آهي. ممڪن آهي ته مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات وارو اهو مذڪور سـَـنُ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب ان  کان متاثر ٿي ، مڪتوبات سيفيته” ۾ ڏنو هجي!

(1) مخدوم آدم ٺٽويءَ جي تذڪره نگارن، اڪثر سندس انهن ٻن فرزندن جو احوال بيان ڪيو آهي. ليڪن، انهيءَ ڏس ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتابمعيارِ سالڪانِ طريقت (فارسي، ص 623) ۾ سندس ٽئين فرزند محمد افضل جو پڻ ذڪر ڪري ٿو. هيءُ  بزرگ، مخدوم صاحب  جو ٻيو نمبر فرزند هو ۽ پنهنجي ٻنهي ڀائرن  وانگر پنهنجي دؤر ۾ صاحبِِ طريقت هو.

(1) خواجه محمد زڪي سرهندي هڪ وڏو عالم، درويش ۽ نقشبندي سلسلي جو هڪ وڏو مبلغ ٿي گذريوآهي. پاڻ خواجه محمد حنيف سرهنديءَ جو وڏو فرزند هو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: خواجه محمد زڪي بن  خواجه محمد حنيف بن خواجه عبدالاحد بن خواجه محمد سعيد بن امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي. خواجه محمد زڪي، نقشبندي سلسلي ۾ حجته الله خواجه محمد نقشبندي (المتوفي: 1114هه/ 1702ع) بن خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. ان کان پوءِ، باطني سلوڪ جون منزلون پنهنجي ڏاڏي خواجه عبدالاحد (المتوفي: 1127هه/ 1715ع) ۽ والد بزرگوار خواجه محمد حنيف وٽان طيءِ ڪيائين. خواجه صاحب، سرهند جي وڏن مشائخن ۾ ليکيو وڃي  ٿو. سندس روحاني فيض برصغير جي ڏورانهن علائقن تائين پکڙيل هو. هند ۽ سنڌ ۾ سندس مريدن جو حلقو تمام وسيع هو. پاڻ 1143هه/ 1730ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين ۽ سرهند ۾ مدفون ٿيو.(ڏسو، وفائي دين محمد، مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ - جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ 1986ع، ص 104، 155

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org