سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون

باب-

صفحو : 5

 

ڪلاسيڪي تامل شاعريءَ مان

نامعلوم

هندستان  (١ – ٣ صدي عيسوي)

هي نظم ڪلاسيڪي تامل جي قديم مجموعي ڪرنٽو ڪائي مان اي ڪي رامانجن جا چونڊيل آهن. تامل ٻولي هندستان جي ٻن ڪلاسيڪي ٻولين مان هڪ آهي. هي نظم آزاد صورت ۾ لکيل آهن ۽ انهن سان ڪي ڏند ڪٿائون به لاڳاپيل آهن، جن مان هڪ ”عظيم ٻوڏ“ بابت پڻ هئي، اهي نظم عورتن جا لکيل آهن.

 

سپنو

ڪوڙا واعدا ڪرڻ وارو منهنجو پريتم

رات منهنجي پاسي ۾ ستل هو

هڪ سپنو -

بنهه سچ جهڙو هو

جاڳڻ تي ڇا ڏٺم

ته خالي هنڌ تي پئي هٿڙا ڦيريان

۽ هاڻ هيڪلائيءَ جي ڀَوَ کان

ائين ڳران ۽ مران ٿي

ڄڻ ڪو ڪنول گل کي

جيت لڳو آ !

***

 

هن جي سرتيءَ هن کي چيو:

”اچ ته چمبيليءَ جي ول سان ڍڪيل

هن ٽڪريءَ تي چڙهي ڏسون

ته شام ويل پريان ايندڙ اها موسيقي

ڏاندن جي جوڙيءَ سان گڏ

ڍاپي ايندڙ ڌڻ جي

چڙن جي چونگار ته ڪانهي؟

يا هن جي بيل گاڏيءَ ۾ ٻڌل

ٽليون ته نٿيون وڄن؟

۽ هو ٻيلي جي آلي مٽيءَ مان

موٽي رهيو آهي، ڪم لاهي

۽ هن جو من محبت ۽ محنت جي مزي کان

مُرڪي ڪجهه جهونگاري رهيو آهي

۽ هن جا تير انداز ساٿي متان

هن سان گڏجي موٽندا هجن.“

***


 

اوڪار مڪاتي

تامل

پيار

پکين جي چهڪار سان چهڪيل

وڻن جي جهڳٽن ۾

سهڻن گلن سان جهنجيل ٻار ۾

اسان ڪڏهن پيار ڪيو هو

منهنجي اکين ۾ هُو هو

منهنجي ڪنن ٿي هن کي ٻُڌو

ڪيڏي سونهن هئي ڪيڏو ٻَل هو

منهنجي ڀريل ڀاڪر ۾

۽ هن کان دوري ڪيئن نه

منهنجي ٻانهن جو سمورو ٻل ڪڍي

سمورو ست نپوڙي وڌو آهي

ان مان ڀلا مان ڇا سمجهان – اي سرتي!

***

 

وچيون دور (٦٠٠ع کان ١٥٠٠ع)

لئڊان

آئرلئنڊ - ( ٧ صدي عيسوي)

لئڊان ستين صديءَ جي شاعر هئي. هن پنهنجي محبوب ”ڪوريٿو“ کي ڇڏي هڪ راهبه بنجڻ قبوليو هو، پر پوءِ پنهنجي ان فيصلي تي پڇتائيندي هوءَ ڪوريٿو وٽ موٽي وئي هئي.... پر ان وقت تائين هو به هڪ راهب بنجي چڪو هو ۽ هن کي ڏسي سمنڊ پار ڪري ڀڄي نڪتو هو.

٩ صديءَ ۾ اها ڪهاڻي منظرعام تي آئي جيڪا ١٦ صديءَ ۾ هڪ قلمي نسخي ۾ محفوظ ڪئي وئي.

 

اقرار

ڪيڏي ڏکويل آهيان

هاءِ! مون هي ڇا ڪري ڇڏيو؟

پنهنجي دل جي مالڪ کي

ڏکوئي وڌم، پر ڇو؟

عرش جي مالڪ جي ڊپ کان!

ڇا هو موٽي مون وٽ ايندو؟

درد جي رستي

بهشت جي ڳولا

اجائي ته نه هئي؟

آءٌ لئڊان آهيان

ڪوريٿو سان ٿي پيار ڪيان

مثالي سچو پيار، الا

جي ٿورا پل ساڻس گهاريم

تن جو مٺڙو ساٿ سنڀاريان

ٻيلي جي سمورن وڻن ٽڻن

اسان لئه ٿي ڳايو

سمنڊ جي سنهري لهرن

ٿي ساز وڄايو

مون ڀُل ۾ پنهنجو پيار وڃايو

هن لاءِ به سڀڪجهه

مان ئي ته هئس

ڪوبه گمان، ڪوبه ڌيان

ايئن دوري نه وجهي ها

الا! مون ڪيڏي ڀل ڪئي

پر اڄ بنا لڄ جي

اقرار ڪريان ٿي

هن کي پنهنجو پرين چوان ٿي

ڇو ته منهنجي دل کي جا ڄر لڳي آ

هن بنا مان جاڙ جيان ٿي

***

 

نامعلوم شاعره

آئرلئنڊ – (٩ صدي عيسوي)

بيئر نالي ٻيٽ جي هڪ پوڙهي عورت ”هيگ“ نالي پنهنجي ويل جواني ۽ مري ويل محبوب لاءِ تڙپي ٿي. بيئر اصل ۾ آئرلئنڊ جي ڏاکڻي ساحل وٽ هڪ ٻيٽ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪنهن ديو مالائي عقيدي سان تعلق هجي جنهن ۾ هڪ زرخيزيءَ جي ديوي (Goddess of Fertility) جو تصور آهي جيڪا سڀني انساني قبيلن ۽ نسلن جي ماءُ سمجهي ويندي هئي.

 

لهندڙ وير

پاتال مان هڪ لهر اٿي

مون لئه آتي آهي

منهنجي حياتيءَ هاڻي

موٽ کاڌي آهي

اهڙي لهندڙ وير وانگي

جا ٻيهر نه چڙهندي آهي

آءٌ ”بيئر“ جي ”هيگ“ آهيان

سهڻو لباس پائي

ڪيڏي نه سونهندي هئس

اڄ غريبيءَ ايئن ساڙي آهيان

جو ليڙ لٽن ۾ آهيان

اڄ جون نينگر ڏسن ٿيون

دولت ملڪيت جا سپنا

پر جوانيءَ ۾ اسان

بس پنهنجا پرين ٿي ڏٺا

ياد اٿم ڪيئن!

هو گهوڙن تي گهمندي، پيار منجهاران

اکڙين سان  آکيندا هئا

پر چپن سان ڪجهه به نه چوندا هئا

پر اڄ هر ڪو پوءِ ڍائو

آهي ڪوڙ جو ڪوڏيو

اندر ڪين جو ڪُنو

پر ٻاهر وڏو شو!

پر مالڪ جا لک ٿورا

وقت جي وير سان ڏنائين

سهڻا سَجيل گاڏيون گهوڙا

محبوب مٺا مون کي مُڪائين

هي نٻل هٿڙا جيڪي هاڻي

جوان بدنن لئه بيڪار لڳن ٿا

پر ڪڏهن ته اهي ڀي

راڻن کي رائيندا هئا.

***

اَلا  نٿي هلي سگهي

جوانيءَ جي چڙهيل درياهه تي

هاڻ هيءَ پراڻي ٻيڙي

منهنجي سونهن جا سهڻا پل ويا

۽ تن من اندر جون

ساريون خوشيون انگل ويا

ٿڌي هوا سان ٿڙڪي ٿڙڪي

لهرون ويرون دانهون ڪن ٿيون

جي آءٌ ٻڌان ٿي - ۽ سوچيان ٿي

نه ڪو امير نه ئي ڪو غلام

مون وٽ ايندو اڄوڪي شام!

***

اڄ ته ٻڌان ٿي ونجهه جو آواز

سوچن ۾، لهرون چيريندو

ڇا اڄ هو ايندو؟

يا وري اهي ونجهه سمهي پوندا

مون وانگي سويرو؟

واريءَ اندر هڪ پاتال به آهي

طوفاني لهرون جا شيءِ به آڻين ٿيون

پاتال اها هٿن مان کسي وٺي ٿو

آءٌ انهيءَ کي سڃاڻان ٿي

اهو سڀڪجهه ڳهي ويندو آهي

آءٌ انهيءَ کي ڄاڻان ٿي

منهنجي اندر ۾ پڻ

اهڙو ئي هڪ پاتال جو آهي!

***

سمورين تخليقن مان

هيءَ مرد جي ذات عجب آهي

سندس طوفاني غرور نظر ايندو

پر وير جو موٽڻ لڪائي ڇڏيندو.

***


 

نامعلوم شاعر

انگلينڊ – (١١ صدي عيسوي)

(پراڻي انگريزيءَ ۾)

هتي ڏنل نظم اينگلو سيڪسن شاعريءَ جي هڪ مجموعي ”ايڪسٽر بڪ“ مان ورتل آهي جيڪي ايڪسٽر جي گرجا ۾ پيش ڪيا ويا هئا، جيڪي ١٠٥٠ع ۽ ١٠٧١ع جي وچ ۾ هڪ پادريءَ پيش ڪيا هئا. ان مجموعي ۾ ڪيترا نظم ۽ ڳجهارتون شامل آهن.

 

زال جو ڏک

آءٌ هڪ ڏکويل عورت

پنهنجي ڏک ۾ ڳايان ٿي

اهو ڏک اها پيڙا

پنهنجي جنم کان جوانيءَ تائين

سَٺِي اٿم سدائين

اها ڪهاڻي نئين يا پراڻي سمجهو

پر اڄ پڻ سچي آهي، دوستو!

مون پنهنجو صليب هميشه لاءِ

پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي

منهنجي محبوب مون کي هت آندو هو

پوءِ پاڻ ڏيساور ڏي

سمنڊ جي لهرن تي سوار ٿي

هو هليو ويو

هن جا پور سوين پاليم

راتيون روئي روئي ڪاٽيم

ڪٿي هوندو، ڪيئن هوندو؟

سوچي سوچي دل ٿي ڦاٽيم

جدائيءَ جي جهوريءَ ۾

جهاتيون هر هر ٿي پاتيم

هن مرد جي مائٽن جا هئا

ڪارا سينا ميرا مَنَ

سٺم سَور ٿي هردم

اسان کي وڇوڙڻ خاطر

حياتيءَ ۾ نفرت جو زهر ڀريندا رهيا

هو سـِـٽون ڪي سـِٽيندا رهيا

ڏک سوين ڏئي ڏَنڀيندا رهيا

ته به جدائيءَ ۾ جُهرندي ڀُرندي

آءٌ هن کي ساريندي رهيس

جنهن پيار جي گهر ۾ هن

مون کي پرڻائي آندو هو

ات پيار بنان، هن جي ساٿ بنان

ڪيئن گهاريان ٿي گذاريان ٿي

سو بس آءٌ ئي ڄاڻان ٿي

روح رڙي ٿو، من تڙپي ٿو

دل دُکي، دور خوشي

هن جي دل ۾ الائجي ڇا هو؟

من جو مير لڪائي، ڪوڙي مرڪ سجائي

مون سان ڪيئي قول ڪيا هئائين

هٿ ۾ هٿ جهلي چيو هئائين

”موت وڇوڙيندو توکان مون کي

ٻئي ڪنهن کي طاقت ناهي.“

اهو ماضي هو، پر حال ۾ ڇاهي؟

دوستي اسان جي پيار اسان جو

جو اڳ هو اهڙو ڪجهه به ته ناهي

هن کان دوري هاڻي سهڻي پوندي

حياتي اڪيلي ئي جيئڻي پوندي.

***

هاڻ ته ڌارين ڌڪاري ڪڍيو آ

جهنگ ۾ مون پنهنجو گهر اڏيو آ

شاهه بلوط جي ڇانوَ جي هيٺان

حياتي هيڪل وياڪل گذاريان ٿي

پل پل هن کي ساريان ٿي

هيءَ وادين جي اونداهي

هي ترايون ۽ هيءَ کاهي

هي اڱڻ ۾ اسريل ڪارا ٿوهر

هو ياد اچي ٿو هر هر

هو ڪيڏو دُور هليو ويو آ

دوريءَ دل بيمار ڪئي آ

دنيا ۾ دوستن جي کوٽ ته ناهي

پيار ڏئي پيار ڪمائي

ڪيئي گڏجي پاڻ ۾ گهارين ٿا

۽ آءٌ اڪيلي هت صبح سويري

شاهه بلوط جي وڻ هيٺان

جڏهن ٿڪجي اچي ويهان ٿي

آرهڙ جي طويل ڏهاڙن ۾

پنهنجي بدبختيءَ جو ڏک ڪڍان ٿي

سُور ۽ سختيون ساري

روز روئان ٿي روز رڙان ٿي

آخر ڪيستائين؟ ڪيستائين؟

او منهنجا سهڻا سائين!

***

 

الخنساء (اسلام کان اڳ جي عربي شاعر)

عربي – ( ٧ صدي عيسوي)

الخنساء اسلام کان اڳ جي انهن چئن عربي شاعر عورتن مان آهي جن کي مڃيو وڃي ٿو. انهن سڀني مان وڌيڪ مشهور تمعذير بنت عامر هئي جيڪا ٥٩٠ع ڌاري ڄائي ۽ ٦٤٤ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پويان هڪ ڌيءَ عامره نالي ڇڏيائين جيڪا پاڻ به شاعر هئي. بهرحال هن جي زندگيءَ جو اهو واقعو مشهور ٿيو ته هن هڪ پوڙهي ماڻهوءَ سان شاديءَ کان انڪار ڪيو هو. سندس شادي مشهور جنگجو مرداس سان ٿي. پنهنجن ٻن ڀائرن جي موت تي جيڪو ڏک پهتس ان جي ڪري شاعري ڪيائين. هوءَ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ڏانهن موڪليل اسلامي  وفد ۾ به شامل هئي.

الخنساء جو شاعر وارو ڪردار هڪ مرثيه گو جو هو جيڪو عربن وٽ روايتي طرح عورتون ئي ادا ڪنديون هيون. ڪيتريون زباني روايتون ڏانهس منسوب آهن.

 

پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ

روئو، روئو، روئو!

روڄ ۽ ماتم اِهو

منهنجي ڀاءُ لاءِ آهي

مٽيءَ جيڪو پردو وڌو آهي

سو ڪڏهن به هٽي نه سگهندو

ڀائڙا! تون ان کاري پاڻيءَ ڏانهن ويو آهين

جيڪو هڪ ڏينهن

هر ڪنهن کي چکڻو آهي

تون جو معصوم هئين

گناهن جي پاڇي کان دُور هئين

۽ چيو هيئي؛

”حياتي تير جي چهنب جيتري جاءِ مٿان

ڄڻ ڪنهن گهريتڙيءَ جي ڀون ڀون آهي“

پر اي منهنجي ابي امڙ ڄايا

منهنجي دل ۾ تون زنده آهين

۽ آءٌ لُڪ ۾ لوساٽيل گاهه جيان

سڙي رهي آهيان سدائين

مون پنهنجو پاڻ کان گهٻرائي

پاڻ کي اندر پوري ڇڏيو آهي

سڀ چون ٿا:

هو مري ويو آهي – ها اهو ئي

جو اسان جي قبيلي جي ڍال هو

جو اسان جي گهر جي پيڙهه هو،

ڄڻ اسان تي آفت ڪري پئي آهي

هو مري ويو آهي، ها اهو ئي

جو سورهين جو سُونهون هو

هو جو دُور جبل تي ٻريل

بهادرن جي لاءِ هڪ مشعل هو

هو مري ويو آهي – ها اهو ئي

جو مُلهه مهانگن گهوڙن جو سوار هو

سهڻن ويس وڳن جو سينگار هو

ڪلهي ۾ پاتل پٽي وارو اهو هيرو

ها اهو ئي – مري ويو آهي

سونهن ۽ ويرتا وارو سورهيه

جُنگ جوان هاڻ جيئرو ڪونهي

سخاوت جي ساڄي ٻانهن ڇڻي پئي آهي

ڏاڙهيءَ بنان سُونهندڙ

اسان جي قبيلي جو سردار

هاڻ اسان ۾ ناهي

۽ هُن پٿر هيٺان ستو پيو آهي

چئو هن جي گهوڙيءَ الوا کي

ته روئي ۽ سوڳ ملهائي

هاڻ هميشه جي لاءِ

مٿس ڪو به سوار نه چڙهندو!

***

ڀائڙا!

جڏهن ڳاڙهي پٿر جي جنڊ ۾

جوانيءَ جا ڳاڙها گل پيٺا هئا

تو هزارين گهوڙن جا دستا

انهيءَ الوا کي اَڙي هڻي اُڏايا هئا

۽ ڪيئن چانديءَ جي زره کي پاتو هو

تو نيزن کي نئين سر جياريو هو

تن جي تجلن کي تڙپايو هو

او منهنجا زره پاتل شير دل ڀاءُ!

بي پرده گهمندڙ سهڻين نارين کي

صبح پهر تو ڪيئن بچايو هو

اهي ڄڻ ته هرڻين جي ولر جيان هيون

جن جي سُونهن ڄڻ

مينهن جي پهرين قطرن کي

پريشان ڪرڻ جهڙي هئي

تو جيڪي جنگ جا نغما ڳايا هئا

وچ ميدان ۾ وڏي سُر سان

ڪيئن تيرن جيان وڃي کــُتا هئا

او منهنجا مٺڙا سهڻا ڀاءُ

تو پڄاڻا اهي زنده رهندا

اسان جي سينن ۾!

***

هاڻ ڀل ته ستارا اجهامي وڃن سدا

ڀل ته سج اُلهي وڃي

۽ کڻي وڃي پنهنجا سڀ شعاع

اهو ئي اسان جو سج، اسان جو تارو هو

نما شام مهل ڪير وڃي هاڻي

اجنبي مسافرن کي آڻيندو

جڏهن اتر جي تيز هوا جا گُهوگهٽ وڄندا؟

***

اي مسافرو! هن مٽيءَ ۾ اڄ

اوهان جنهن کي پوريو آهي

ان ميزبان اوهان کي کارايو پياريو هو

۽ اوهان جي آجپي لاءِ

اگهاڙي تلوار کي اُلاريو هو

توهان هن کي اونداهيءَ ۾ لاهي

نازبوءَ جي گلن سان سجائي

ابن ڏاڏن جي مقام ۾ سمهاريو آهي

جتي ڏينهن، مهينا ۽ ورهيه گذري ويندا

جيئن ابن ڏاڏن کي گذريا آهن

اهو اوهان لاءِ هاڃو، مون لئه ڏک آ

او سليمانين جا ٻچڙا!

هاڻ آءٌ ڪڏهن به نه کلنديس

او سليمانين جون ڌيئرو!

اکين ۾ ڳوڙها آڻي ماتم ڪريو

پار ڪڍو ۽ روئو، روئو!

***

 


 

هندستان جي سنسڪرت شاعري

(٧٠٠ع کان ١٠٥٠ع)

١١٠٠ع ۾ هڪ ٻُڌي اسڪالر وديا ڪارا نالي هڪڙو چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ٺاهيو هو جنهن جو مواد جگادا جي مندر ۾ هڪ وڏي لائبريريءَ مان هٿ ڪيو هئائين. ان ۾ ٻه سو شاعرن جي درٻارن سان لاڳاپيل سنسڪرت شاعري شامل هئي جنهن ۾ چڱي تعداد ۾ عورتن جي شاعري به موجود آهي جيڪي ٨ صديءَ کان  ١١ صديءَ تائين ٿي گذريون هيون. هن مجموعي مان اسان کي مسلمانن جي فتح کان اڳ جي هندستاني روين جي ڄاڻ ملي ٿي.

وديا

سج

آءٌ ساراهيان ٿي اڀرندڙ سج جو گولو

چَتونءَ جي چهنب جيان ڳاڙهو، تيز ڪرڻن وارو

ڪنول گلن جي جهڳٽن جو پيارو

پورب ديويءَ جي ڪن جو والو.

***

بيوفا

چئو، اي سرتي! ڇا اڃا سڀڪجهه ساڳيو آهي؟

جمنا ڪناري اسريل وڻن ۾ خلوتون ساڳيون آهن

اهي ئي گوپيون، اهي ئي انگل آرا

راڌا جي پريم جا ساٿي ساڳيا آهن؟

هاڻ جڏهن کجيءَ جا پن وڍڻ جي گهرج ئي ڪانهي

ڪنهن پريميءَ لئه وڇائڻ خاطر

ته ڊڄان ٿي انهن جي ساوڪ سڙي ويندي

۽ پراڻا ٿي ٽڙڪي پوندا!

***

 

سلا ڀاتريڪا

بيوفا

منهنجو ور اهو ئي ساڳيو آهي

جنهن منهنجو سڱ ورتو هو

چانڊوڪيون راتيون به ساڳيون آهن

ونڌيا جي ٽڪرين تان جو واءُ گهلي ٿو

موتئي جي مهڪ سان واسيل آهي

آءٌ به اها ئي ساڳي آهيان

پر ته به سڀڪجهه ساڳيو ناهي.

اڄ منهنجي دل تڙپي ٿي،

نهر جي ڪپ تي سَر جي ٻُوڙن لاءِ

جيڪي گواهه هئا اسان جا

۽ ان پيار جي انمول اڻکٽ گهڙين جا!

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

&nbs