سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(زندگي - هڪ سفر)

 

صفحو :7

بمبئيءَ پهچي ، هفتي اندر جئپور لاءِ نڪرڻو هو ، سندر اگناڻيءَ آدرش نگر ۾ گيتا ڏينهن جي سلسلي ۾ پروگرام قبول ڪرايو هو . مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس . اهو ڄاڻندي ته ڪلچرل کيتر ۾ هم خيال، هم آهنگ ۽ انتظام ۾ هلندڙ گروپ وڌيڪ ڪارگر ۽ اثردار ٿيندي آهي ، مون اصلوڪي ننڍي گروپ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو – ڪڪي، سترام، اشوڪ، ماڌو ڀمڀاڻي ۽ مان. ماڌوءَ مذڪوره ڪلاڪارن کي ٻڌايو. جئپور لاءِ گاڏيءَ ۾ مان، ڪڪيءَ، اشوڪ ۽ مذڪوره ڪلاڪار ئي چڙهياسين . ماڌو نٽائي ويو ۽ سترام ڊپ ۽ انديشن جي چڪر ۾ نه چڙهيو . اُن زماني ۾ سترام جو نه هجڻ، رپوگرام کان اول ئي پروگرام جي ناڪاميابيءَ کي دعوت ڏيڻ برابر هو . مان ۽ ڪڪي سس پس ۾ پروگرام جو خير منائيندا رهياسين . سندر به جئپور ۾ گروپ ڏسندي ئي انديشا وسوسا بيان ڪيا . مون چيو ، ” شو مسٽ گو آن “ مذڪوره ڪلاڪار چيو ، ” مان سترام جي غير حاضريءَ جي لکا پوڻ ئي نه ڏيندس.“ ساکيون ۽ دوگانا ڳائي ويندس ، سترام جيان ڪن ڪورس گيتن جي اڳواڻي به ڪندس .“ سچ پچ هن ريهرسل ڪري پنهنجي صلاحيت جو ثبوت ڏنو ، مون اُن ڏينهن ڪلاڪارن جا نالا نه ورتا ۽ مذڪور ڪلاڪار اعتراض نه ورتو . ۽ ڪن ٻڌندڙن هن کي سترام ئي سمجهيو . پروگرام ڪامياب ئي سمجهڻ کپي . ٻڌندڙن پلئه تائين ويٺا رهيا. ڪڪيءَ جي آواز، منهنجيءَ چونڊ ۽ مذڪور ڪلاڪار جي مڪمل ساٿ ڪري ڪارپت رهجي آئي . موٽندي وري هڪ وڌيڪ پروگرام جي وڪڙ ۾ اچي وياسين . اِبور وڊ تي رهندڙ ڪي سنڌي ريلوي ڪرمچاري اجمير کان چڙهيا ۽ تانگهه لڳائي ڏنائون ، ” اَبو روڊ تي به هڪ پروگرام ڏيو ، ٻئي ڏينهن جي اَبو روڊ ۽ احمد آباد کان رزرويشن ڪرائي ڏينداسين.“ مون اَبو روڊ جي پروگرام جي جوکم کڻڻ جي ضرورت نه سمجهي مان ”نه نه“ ڪندو رهيس. مذڪوره ڪلاڪار چيو ، ” کڻو نه پروگرام . اوهان ته ڪلاڪار منڊل کوليو ئي سنڌيت جي بچاءَ ۽ ڦهلاءِ لاءِ آهي“ منهنجا لفظ منهنجي سامهون هئا . هڪ سڄڻ چيو ”پنهنجي ڪلاڪار جي ڳالهه مڃو .“ رڌڻي ۾ رولي کي شب ۾ ئي رکڻ لاءِ اَبُو روڊ  لهڻ باسيم . اَبُو روڊ جو ريلوي ڊاڪٽر راءِ سنگهاڻي منهنجو واقف، ڪڪيءَ جو شائقين ۽ سنڌين جو شيدائي هو . هُو سنڌي ريلوي ڪرمچارين جي مڪاني سنسٿا جو صدر به هو ۽ دعوت ڏيندڙ اِن سنسٿا سان جڙيل هئا، اَبُو روڊ تي گاڏي مان لٿاسين ،نعرا هڻن شروع ڪيائون، ”سنڌي ٻولي – امر رهي“، ”سنڌيت – زنده باد“ ۽ ”گوبند مالهي – زنده باد“ مان پريشان ٿي ويس . سنسٿا جي جنرل سيڪريٽريءَ کي سڏي چيم، ”صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌيت جا نعرا هڻو“ هن سوال پڇيو، ”هندستان زنده باد سان جواهر لعل جي جئه جا نعرا ڇو هڻندا هئا؟“ وري چيائين، ”ڪاريه ڪن ڪاريه ڪرتائين جي لگن محنت سان اوڄ پائيندو آهي “ تڏهن اڃا ڪڪي ، مون جيتري مشهور ڪانه ٿي هئي، هت به پروگرام ڪامياب رهيو . مذڪور ڪلاڪار جئپور کان به وڌيڪ ڪارگر ٿيو .

 اِن ” مالهي زنده باد “ جي ٽئين ڏينهن بمبئيءَ ۾ ...

مون ميٽرو هوٽل ڇڏي ڏني هئي ، اُن جا مالڪ به بدليا هئا  ۽ اُتي کاڌي جو انتظام به ٿيڻ لڳو هو . منجهند جو ڀيڙ به وڌندي هئي . مون ساڳي لائين جي ڇيڙي وقت فيلشا ريسٽارنيٽ ۾ ڊاٻو ڪيو هو . اُن جا مالڪ ايراني هئا .

لڙي منجهند جو فيلشا ۾ اڪيلو ويٺو هوس جو اِهو مذڪور ڪلارڪ مون وٽ آيو . سامهون ڪرسيءَ تي وهندي ئي چيائين ، ” اوهان پنهنجو ۽ ڪلاڪارن جو وقت زيان ڪري رهيا آهيون ، اوهان نه پنهنجو ملهه سڃاتو آهي ۽ نه ڀڳونتيءَ جو . جتي ڪلاڪار منڊل ڪمائي سگهي ٿو تتي اوهان مفت ۾ پروگرام ٿا ڏيو . مفت ۾ پروگرام ڏيڻ بند ڪريو .“ مان ڪجهه چوان ئي چوان، هُو وري چوندو رهيو، ”اوهان هڪ پير جيان گديءَ تي ويهي ڪلاڪارن ۽ ٻڌندڙن کي آسيس ڪندا رهجو، پروگرام مان کڻندس ۽ هلائيندس . اوهان کي به حصو ملندو ۽ ٻين ڪلاڪارن کي ته تاريخ ڀري ڀري ڏيندس ، ڀڳونتيءَ ۽ سترام کي چئو ته مون سان مڪمل سهڪار ڪن ...“ مون هن کي اڌ ۾ ڪٽي چيو . ”ماڻهن تنهنجي ڳالهه نه مڃا ته” هُو يڪايڪ اُٿي کڙو ٿيو، ٻانهون کنجائين ۽ چيائين، ”مان اوهان کي جان کان ماري ڇڏيندس.“ هُو وري ويهي ويو، ”مان اڄوڪو ڏينهن اوهان کي سوچڻ لاءِ ٿو ڏيان . سڀاڻي هتي نه، هت ماڻهو وڌيڪ آهن، مسجد جي پريان واري ريسٽارنٽ ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن وهندا آهيو. تتي مان اوهان جي نه ڪرڻ تي اوهان جو خون ڪندس، ٻڌوَ.“ هُو وري اُٿيو، هلڻ لڳو، وري پٺتي موٽيو، چيائين ”سڀاڻي هيڏي مهل ٻيءَ ريسٽارنٽ ۾ “ هُو تيزي سان ريسٽارنٽ مان نڪري ويو ، هن جو آواز ، اکيون ۽ چهرو جتائي رهيا هئا ته هُو مذاق نه ڪري رهيو هو . مان سچ پچ دل ئي دل ۾ ڏڪي ويس  منهنجي من ۾ ڪنهن دوست سان ڇلڻ ۽ هن کي همراز بنائڻ جي تمنا زور پڪڙيو. مون کي يڪايڪ ڪرشن راهي ياد اچي ويو. هُو ان وقت ائٽمڪ انرجيءَ جي ٽريننگ سڪول ۾، ان وقت جي مرين لائينس اسٽيشن سامهون ڪلارڪ هو. هن کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايم. هن ، شايد منهنجي ڊپ کي تڙي ڪڍڻ لاءِ کليو ۽ چيو، ”هڪ Bully ڌمڪائيندڙ شخص جو دڙڪو آهي، ماريندءِ ڪونه، پر ڊڄي وئين ته عمر ڀر نچائيندءِ. منهنجي صلاح اٿيئي مقرر وقت تي مقرر ريسٽارنٽ ۾ هجج ضرور. ڊج نه، ماڻ ڏسڻ ۾ نه ايندس. پوءِ به هڪيو حاضر هوندس . تو تي هو وارُ ڪندو ته مان هن جي ٻانهن مروڙڻ لڳندس . صرف وچ جو مروڙو کاءُ .“ وچ جو مروڙو کائيندو ئي رهيو هوس عمر ڀر پر هن مروڙي جو جوکم ڪافي وڏو هو، دل کي اِن لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيم ۽ راهيءَ مون کان وقت سر ريسٽارنٽ ۾ حاضر رهڻ جو واعدو وٺي ڇڏيو. مان شام جو ڪڪيءَ وٽ پهتس ته مهڙ جو در کوليندي چيائين، ”واڌايون هجنوَ، مان شادي ڪري رهي آهيان .“ هن پنهنجو ادڀت ٽهڪ ڏنو، اکين ۾ غير رواجي شرارت ڀري . منهنجي من جو منجهارو پنهنجيءَ جاءِ تي، مان حيرت سان هن ڏانهن ڏسندو اندڙ گهڙيس . هن چيو ”غلط چيم، شاديءَ جي آڇ ٿي آهي، ڌڪو هڻو ڪنهن وٽان؟“ ۽ جواب به پاڻ ڏنائين، ”ڪلاڪار منڊل جي ڪلاڪار وٽان .“ مون کي ڌڪو هڻڻ ۾ دير نه ٿي. راهي به صحيح نظر آيو، مون کي، مون چيو، ”تو آڇ قبولي“ هن پڇيو ”قبولڻ کپندي هئي؟“ مون پڇڻ چاهيو، ”ائين ڪونه چيائين ته نه قبوليندينءَ ته جان کان ماري ڇڏيندوسانءِ“ هوءَ پنهنجي مَو ۾ چوندي رهي ، ” هن جو خيال آهي ته اوهان اسٽيجي ڪنڊ ۾ ويهي آسيس ڪندا رهو  ، هُو مون سان ڪلاڪار منڊل هلائيندو ، ناموس خواهه ناموس جي ملهه حاصل ڪرڻ ۾ اوهان کان بهتر هوندو .“ مون پڇيو ، ” آخر تو چيس ڇا ؟“ هن چيو، ” مون چيومانس ، في الحال شادي ڪرڻ جو ارادو نه اٿم . جڏهن ڪرڻ جو ارادو ڪيم ؛ تو بابت تڪ تور ڪنديس.“ مون دل ئي دل ۾ هن کي داد ڏنو . هن آسرو برقرار به رکيو هو ۽ هڪ قسم جو ناڪاري جواب به ڏنو هو. مون پنهنجو قصو ڪري ٻڌايو مانس . چيائين، راهي صحيح ٿو لڳي . ٿيندو ڪجهه به ڪو نه، مون به هن جي خواهش جي دروازي کي بنهه بند نه ڪيو آهي .“ اِهو اديباڻو گفتو هن ئي ڳالهايو هو . گهر ۾ مان وڌيڪ موجي مزاج کڻي پٺيس. ڌيئرن ۽ ڀيڻ کي گمراهه ڪري سگهيس، مگر منهنجي غير رواجي خوشمزاجيءَ تي ديوي ڀنڀلجي ته نه ويئي، اڪيلائي ۾ پڇيائين، ”ڇا ٿيو آهي؟“ مون وراڻيو، ”ٿيو نه آهي، ٿيڻ وارو آهي.“ هن سربستي ڳالهه ٻڌي چيائين، ”مارڻ واري کان رکڻ وارو وڌيڪ ويجهو هوندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته ڪجهه نه ٿيندو، مان قنبر درٻار ۾ ڪڻاهه صاحب ڪرارائي ڇڏينديس .“ هڪ ٻئي کي خاطري ڏيڻ بعد به اسان کي ننڊ ڪافي دير سان آئي .

ٻئي ڏينهن سڪول مان نڪري، اندر ڊڄندو ڪبندو، ٻاهريون ٻنو رکي اول فيلشا ريسٽارنٽ ۾ اچي ويٺس. پوءِ دل کي اڃا به مضبوط ڪري مسجد جي پريان ڪلاڪارن طرفان مقرر ريسٽارنٽ ۾ اچي ويٺس . منهنجي ڦڦڙي وڌندي ويئي . ڪلپنا ۾ الائي ڪيترا دفعا ڪلاڪار آيو ۽ منهنجي مٿان چاقوءَ جو وار ڪيائين . انديشن ۾ مرڻ کان اڳ مرندي به ٻاهر منهن سرهو رکڻ جي ڪوشش ڪندو ويٺو رهيس . وقت گذرندو رهيو، جونءَ وانگر . اُن ڏينهن مون وٽ ڪو به نه آيو . هر هر واچ ڏسندو رهيس، مهل  ٽري ويئي . پوءِ به من مضبوط ڪري وٺس ، ڪالهوڪي وقت تي راهيءَ وٽ ويس. چيائين، ”مڃڻو پوندو، موت جي خوف کان جند نه ڇڏائيندي به محڪم ويٺو رهئين. مان رستي جي ٻئي پاسي واريءَ ريسٽارنٽ ۾ ويٺو تنهنجي چهري جا ڦرندڙ رنگ ڏسندو رهيس. تون ڊنل هوندي به ويٺو رهئين، اِن همت جي قدرشنائيءَ طور اڄ مان ٿو توکي گرم چانهه پياريان. هن وڏو ٽهڪ ڏنو . چيائين، ”تنهنجو ماريندڙ آيو ئي ڪو نه، هن سمجهيو هوندو ته تون آيو ئي نه هوندي ۽ جڏهن خبر پوندس، آيو هئين ته عمر ڀر لاءِ بي همت ٿي ويو هوندو .“

ڪڪيءَ به مٺائي کارائي ۽ گهر ۾ به پرساد کاڌم .

ٻئين ڏينهن پنهنجي جانٺي ودريارٿيءَ ٽولي سان ڳالهه ڪڍيم ته هُو تنهن ڏينهن کان مون سان جتي ڪٿي جڪڙيو رهيو ، فولادي باڊي گارڊ جي طرح .

راهيءَ موهن ڪلپنا کي ٻڌايو ۽ ڪلپنا سلامت پرسواڻيءَ سان ڳالهه ڪئي ؛ ٿورن ڏينهن کانپوءِ سلامت مذڪور ڪلاڪار کي مون وٽ سڪول ۾ وٺي آيو . چيائين، ”مالهي، مارينس جيترو ماري سگهينس، هن کي اڳ ئي چتايو ويو آهي ته مالهي مٿان چرچي ۾ هٿ اولارڻ به هن کي مهانگو پوندو .“ ڪلاڪار نئڙي مون کي پيرين پيو . مون به هن کي معاف ڪري ڇڏيو . پوءِ هن جو مون ۾ هڪ ڪم پيو، مون اُهو ڪري ڏنو مانس . هو هڪ ڏينهن منهنجي گهر آيو، گهر وارا ڊڄي ويا پر هن پيرين پئي، سڀني اڳيان وري معافي ورتي . مون هن جو چڱو آڌرڀاءُ ڪيو .

مذڪور ڪلاڪار ، ڪلاڪار منڊل کان پاڻ کان پاڻهي الڳ ٿي ويو، داسم موٽواڻي هارمونيم پليئر – گائڪ طور ڀرتي ٿيو . سترام جي همت موٽي آئي ، پروگرام جاري رهيا . پر زندگي – هڪ سفر طور آسان نه ٿي .

ڀوپال سميلن کان اڳ ماتر ڀوميءَ ۾ ٿيل جلهه جي رد عمل طور پنجواڻي صاحب پنهنجي پروگرام ۾ ڪنهن گائڪا کي کڻڻ ئي ڇڏي ڏنو هو .جئپور سميلن جي دوران ۾ پنجواڻي صاحب ۽ ديپڪ هڪٻئي جي ويجهو آيا . 1964ع جي چيٽي چنڊ پروگرام لاءِ پنجواڻي صاحب انڊور ۾ پروگرام ڏئي آيو .  1965ع ۾ ديپڪ ڪوڏاڻيءَ ڪلاڪار منڊل کي انڊور ۾ چيٽي چنڊ پروگرامن تي گهرايو . ديپڪ ڪٽر پنٿي ، سخت ۽ بي مروت هو . هن لاءِ مشهور هو ته تکي زبان ۽ رکي وهنوار ڪري هُو دوستن کي به دشمن بنائي ڇڏيندو هو . دوست هن کي محبت نه ڪندا هئا ، هن کان ڪئو کائيندا هئا . ڪلاڪار منڊل ، مون سان ۽ ڪڪيءَ سان هن جو غير رواجي سنٻنڌ بڻجي ويو هو ، ڀوپال سميلن کان وٺي . جئپور سميلن ۾ ڏيون  - ڀڳونتيءَ جي هڪ دوگاني جي ڪڙي آلوچنا ڪرڻ بعد هن اسان جي پروگرامن کي روبرو ۽ ” شڪنتلا “ ۾ دل کولي داد ڏنو ، ڪڪيءَ کي سنڌين جي لتا منگيشڪر پهريون ديپڪ ئي ” شڪنتلا “ ۾ سڏيو . هنجو پروگرامن بابت نظريو شروعات ۾ ڪافي تنگ هو. هن کي عشق محبت جي گيتن – ڪلامن سان چڙ هئي ، خود شاهه جي ڪلامن کي ناپسند ڪندو هو ، مون هن کي سمجهايو ، ”شاهه جو عشق اڄ جي عشق فشق کان اُتاهون به آهي ته گهرو به . ۽ منهنجو پروگرام شاهه جي ڪلامن کانسواءِ مڪمل نٿو ٿي سگهي .“ هن جئن تئن هڪ ٻه ڪلام هر هڪ پروگرام ۾ ڳائڻ جي ، چئجي کڻي اجازت ڏني . انڊور ۾  ٻه پروگرام ٿيا – هڪ خاص ماڻهن ۽ دانويرن لاءِ ، هال ۽ ٻيو عوامي لاءِ کليل پڌر ۾ . ٻئي پروگرام ڪامياب رهيا . هن ۽ ڪرانتيءَ ايندڙ سال اچڻ جي دعوت ڏني . مون چيو ،” اول خير “ ٻن سالن بعد مون ريت ٺاهي ڇڏي ته ساڳئي شهر ۾ سال بسال نه اچبو، سويل ۾ سويل هڪ نه ٻئي سال. پر ننگ جون پاڙون ٿينديون آهن دوزخ ۾، انڊور ۾ ڪانگريسين ۽ جن سنگهين وچ ۾ سياست ئي نه ، سماجي ڪاريه ۾ به چڙهت جي منورتي هئي، اُها ڪلچرل کيتر ۾ به گهڙي، هڪ سال لاءِ، ٻئين سال ڪانگريسين منهنجي بل بوتي تي جنسنگهين کان بازي جيتڻ چاهي ، هڪ ڪانگريسي متر ڪيرت تي ۽ ڪيرت مون تي زور آندو ته 1966ع ۾ مان ڪانگريسين کي چيٽي چنڊ جو پروگرام ڏيان . مان به ’ها‘ ڪري ويٺس ۽ پوءِ مجبورن نڀايم به . ڪانگريسين اسان سان گڏ پروفيسر هاسانند ، جادوءَ جي استاد کي به گهرايو هو . هن ۽ اسان بمبئيءَ کان کنڊوا تائين ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو . هن جادوءَ جي کيلن ۽ تڪبنديءَ جي ٽوٽڪن سان خوب وندرايو . ڪڪيءَ هن کان بيحد متاثر ٿي . انڊور ۾ ڪرانتي ءٌ ديپڪ اسان جي چيٽا ڀيٽيءَ کان ڪنارو ڪري سنڌي فلمون گهرايون هيون . چيٽي چنڊ اتسئو ملهائڻ لاءِ . هنن مون کي چيو ، ” تون چيٽي – چنڊ، سنڌيت ڏينهن کي سنگهنن ڏينهن ڪري ملهائڻ جي فائدي ۾ آهين . تون پنهنجو پروگرام اسان جي فلم شو کانپوءِ رکراءِ ، اسان شريڪ ٿينداسين .“ مون ڪانگريسي آرگنائيزرن کي اِها صلاح ڏني .  هنن چيو ، ” ڪلاڪار منڊل کي فلم شو وقت پروگرام ڏيڻو پوندو .“ هنن جنهن نموني چيو ، تنهن مان مون کي خنڪي جي بوءِ آئي ، هنن ڪلاڪار منڊل کي ٻوليل – ٻڌل گروپ سمجهيو هو . فلم شو ۽ ڪلچرل پروگرام جا هنڌ سڏ پنڌ مس پري هئا . پروفيسر هاسانند فلم شور جي هلندي پروگرام شروع ڪيو . پنجاهه سٺ درشڪ مليس . مون فلم شو جي پوري ٿيڻ بعد پروگرام شروع ڪيو . پهريندي چيو، ”اسان مڪاني ڪنهن گروپ طرفان نه، ڪلاڪار منڊل طرفان پروگرام ڏينداسين . ڀاڙو ۽ واٽ خرچ باجي تي ۽ مٽڪي ۾ آيل پيسن مان کڻنداسين .“ چڱا پيسا آيا پر خرچ جيترا نه . ڪانگريسي گم ٿي ويا . جن سنگهي ويٺا رهيا. ٻڌندڙن مان ڪن پهريون پروگرام ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻين حاضرينن ئي هن کي چپ رهڻ يا هلئي وڃڻ لاءِ مڃايو . پروگرام پوري ٿيڻ وقت ميزبان، جنهن وٽ رهيل هئاسين، يا هن جو ڪو ساٿي نه هو، اسان ڪرشن کٽواڻيءَ وٽ وڃي رهاسين . رات گهڻي گذري وڃڻ ڪري رستي تان رات جي کاڌي لاءِ هن پڪوڙا ڊبلروٽيون ورتيون. ٻئي ڏينهن صبوح جو مکيه ميزبان اسان جو سامان ڪرشن وٽ موڪلي ڏنو، هُو يا هن جو ڪو ساٿي نه آيو . منهنجو هڪ وڳو جو سنان جاءِ ۾ ٽنگيل هو، پر مون نه ورتو . هُو اسان کي کنڊوا ويندڙ بس ۾ چاڙهي ويو . ڪرشن ته هئو هئي، اُن بعد جڏهن به انڊور وياسين، جنهن جي پروگرام تي وياسين ، اسان ڪرشن جا ئي مهمان رهياسين .

بمبئيءَ پهچي مان ڪانديوليءَ ۾ پنهنجي گهر کان اور ڀرو ٿيلهو ڪلهي ۾ لٽڪائيندو ۽ ننڍڙي بئگ هٿ ۾ ڪري ميور ٽاڪريز وٽان لنگهي رهيو هوس جو پاڙيسري جهامنداس هميديو مون کي بهاريو ۽ چيو، ”مسٽر مالهي، گهر سنڀالي وڃجو.“ مون دل ئِي دل ۾ چيو، ”خدا خير ڪري .“ هن وڌيڪ چيو  ”ڪالهه شام جو سترام جي نالي ۾ تار آئي، ’مالهي حادثي ۾ مري ويو .‘ اوهان جي پتني ديوي اڃا بيهوش پئي آهي .“ مان جنسي ٻرانگهون ڀريندو گهر پهتس . ديويءَ کي هوش ته آيو هو مگروائڙي وائڙي پئي لڳي، منهنجي ڀيڻ جون اکيون سڄيل هيون ۽ منهنجون ٻئي ڌيئر مون سان چنبڙي روئي رهيون هيون . هنن کي هنيئر منهنجي نه ،ماءُ جي ڳڻتي هئي . هنن ڪالهه شام جو پاسي وارن وٽان لائيننگ فون ڪال انڊور ديپڪ کي لڳايو هو، جنهن هنن کي خاطري ڏني هئي ته مان صحيح سلامت واپس اچي رهيو هوس ۽ هن مون کي ، ڪڪيءَ ۽ سترام کي بس ۾ چاڙهي اُماڻيو هو . مون تار پڙهي ، سترام جي نالي هيٺان لکيل هو .AF تار ڪندڙ/ ڪندڙن اپريل فول جو بهانو بڻائي منهنجو بدلو منهنجي گهر وارن کان چڪايو هو . گهر ۾ ڪنهن جو به انهن ٻن اکرن طرف ڌيان نه ويو هو . پهاڙ هن مٿان تار پوري پڙهڻ کان اڳ ئي ڪريو هو . شام جو ڪڪيءَ وٽ جو نه ويس ته هن پاسي ۾ فون ڪئي . ڳالهه ٻڌي پڇيائين ، ” اِنسان ايترا نيچ ٿيندا آهن  ؟ “ مون وراڻيو ، ” سڀ نه ڪي ڪي .“ ديويءَ کي سنئين لڱين ٿيڻ ۾ ذريعي گهٽ هفتو لڳي ويو . ديپڪ ” ماتر ڀومي “ شڪنتلا “ ۾ اِن اپريل فول جي مهانگي چرچي کي ننديو ۽ تار ڪندڙن جا نالا به هٿ ڪيا  . اُها ڇپيا نه ، مون کي ٻڌايا. ورهين ٻن مان هڪ مون کان معافي ورتي . ٻئي سان منهنجي ايتري واقفيت نه هئي . سڏائيندو سماج سيوڪ ۽ قومي ڪاريه ڪرتا هو . نه هو باسيو نه مون هن کي ورجايو.

” جهولي لعل“ فلم جي تيار ٿيڻ جي دوران ۾ ٻين سنڌي فلمن ٺهڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون . منهنجي اتفاقن ڀريءَ زندگيءَ ۾ هڪ اتفاق اهو ٿيو جو هڪ سڄڻ مون وٽ آيو . چيائين ، ” سنڌي فلم شروع ڪر . ڪهاڻي ، اسڪرين پلي ۽ ڊائلاگ تنهنجا ، لاڳت منهنجي . “ مون ملتانيءَ کان جاچ ڪئي . هن جي فلم جي R R ( ري رڪارڊيد) ڪاپيءَ تائين پنجيتالهه هزار لڳا هئا . اُن وقت اِهو به اتفاق ٿيو هو جو هاءِ اسڪول جي سنڌيز بند ٿيو هو ۽ مون کي ڪنهن  روزگار / مشغوليءَ جي ضرورت هئي .مون مذڪور سڄڻ کي چيو ، ” گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار منهنجي ۽ پنهنجي نالن ۾ جائنٽ اڪائونٽ ۾  جمع ڪراراءِ . مان فلم ڪڍندس .“ هن سچ پچ چاليهه هزار جمع ڪرارايا. مون گيتڪار – سنگيتڪار طور گوورڌن – سي . ارجن جي جوڙي سلامت رکي . فوٽو گرافي اوارڊ ونر اورند لاڊ جي سپرد ڪئي . رام پنجواڻي تي مهورتي شاٽورتو . ڪلئپ ڌميندر ڏني . ٻه دوگانا رڪارڊ ڪيا . ڪي ۽ بلو سِي .راڻي ۽ ڪڪي ۽ سترام . ڪڪيءَ جي بلاجيءَ سان دوگاني جي شوٽنگ لاءِ اشوڪ اسٽوڊيو به بڪ ڪيو . پوءِ فلم لهرن جي لوڏن وچ ۾ اچي ويئي . ساڍا ٽ: هزار خرچ ٿيو هو جو فنانسر سڄڻ منهن ڀلڙو ڪري مون وٽ آيو . چيائين ، ” مون کي پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀاري نقصان پيو آهي ، مون کي پنهنجي عزت بچائڻ سانگي فلم لاءِ جمع ڪيل رقم جي سخت ضرورت آهي . وڌيڪ تون ڌڻي مالڪ آهين .“ مون فلم کان وڌيڪ هن جي عزت عزيز سمجهي . ساڍن ڇٽيهن هزارن جو هڪ چيڪ صحي ڪري ڏنو . عين اُن وقت را اسٽاڪ تي ايڪسائيز ايتري وڌي ويو جو اُهو مون کي سوا ٽي سئو رپين ۾ ملڻ وارو هو . اِن مهانگائي گويا مهانگاين جو سلسلو جوڙيو . فلم سازيءَ جي هر ڊپارٽمينٽ ۾، سواءِ طئه ٿيل اُجورن ۾ . ڪلاڪار ته صرف کاڌي جي اُميد رکڻ وارا  هئا ۽ کاڌو به هونءَ کان مهانگو ٿيو هو . منهنجي اُن وقت جي اِها حالت هئي جهي اُن ستيءَ جي، جا لڪڙي چڙهي، موٽي ته ٿِي کلڻ هاب . کلڻ هاب ٿيڻ کان توڪل جو ترهو ٻڌڻ بهتر سمجهيم. پر ان توڪل جي ترهي مون کي ڪافي ستايو . فلم قسطن ۾ ٺهي ۽ اينگهجي پيئي . دک جي ساٿيءَ طور مون سان گهڻي ۾ گهڻو بيٺو، تولو، تولا رام . ان وچ ۾ ”جهولي لعل“ رليز ٿي ۽ ڪامياب ويئي . ان جي ڪاميابي کان متاثر ٿي شروع ڪيل ”لاڏلي“ مون کان اڳتي نڪري ويئي ۽ اڳ رليز ٿي، ٽنهي فلمن ۾ ڪڪيءَ پلي بئڪ گائڪا طور پنهنجو مقام محفوظ ڪري ورتو . لاڏليءَ سان ڄيٺا لال ، ڪلا هزاري ۽ ڪملا ڪيسواڻيءَ پلي بئڪ جڳت ۾ قدم رکيو . مون به چندرو آتما کي ” سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ ڪڪيءَ سان گڏ هڪ دوگانو ڳارارايو . چئجي کڻي انهن ٽن فلمن سنڌي سنگيت جڳت ۾ ڪافي نون چهرن کي مانيتا ڏياري . البت ڪڪيءَ جي لوڪپريتا ٻين کان وڌيڪ رهي ، رهندي آئي . ميلا هونءَ ئي وڌندڙ هئا، هينئر ميلن ۾ موج مچائڻ وارا وڌندڙ هئا ۽ اچرج جي ڳالهه اِها هئي جو 1966ع جي بئنگلور سميلن ۾ سواءِ ڀڳوان چاولا جي ، ٻيو ڪو ناميارو گائڪ يا گائڪا شريڪ نه ٿي، گوورڌن به نه آيو . ڪڪيءَ به سڌيءَ طرح ته نه، اڻ سڌي ريت هلڻ کان انڪار ڪيو . چيائين، ”اوهان جنرل سيڪريٽري طور مشغول هوندا ميڙن ۽ ملاکڙن ۾، اسان ڪلاڪارن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيندا.“ ۽ لکنو سميلن جيان بئنگلور به اٽڪل ٻه هفتا اڳ ويو هوس . بئنگلور ۾ چمڪيو هڪ نئون گائڪ جو اڃا تائين مشهور نه ٿيو – آزاد صوفي، سو به اتفاق سان . هن آجيان سڀا جي جنرل سيڪريٽري رتنچند معرفت مون کي چوارايو هو . مون رتنچند کي چيو ، ڪٿي به ڪا گنجائش ٿي ته هن کي وارو ڏبو . هڪ ناٽڪ جو سيٽ لڳائڻ اينگهجڻ وارو هو . مون رتنچند کي چيو، اوهان جو گائڪ متر پردي اڳيان ٻه گيت ڳائي سگهي ٿو . آزاد صوفي به مٽڪو کڻي، پردي اڳيان ٿي ويو شروع . پوءِ ته نه هُو بس ڪري ۽ نه ٻڌندڙ بس ڪرڻ ڏين . پڪا چاليهه منٽ ورتائين ، پوءِ به ائين ئي لڳو ته نه هن جي دل ڍاپي هئي ته ٻڌندڙن جي . ڌرمداس کشتريا ٻين ججن جي اثر وجهي آزاد کي به سنگيت ۾ ڀڳوان سنئون پهريون انعام ڏياريو !

آزاد صوفي، صوفي هو يا نه  ، صوفي مزاج ضرور هو . ڀنگ، شراب ٻنهي جو شوقين هو، هڪٻئي مٿان پِي ويندو هو. پنهنجي پر ۾ شاعر – گائڪ هو ، هن جو آواز به ڪڙاڪيدار هو  ۽ ڌنون محدود هيس پر ادائگي يگاني هيس . بئنگلور سميلن ۾ جو پڌرو ٿيو ته وري پردي اندر نه ويو ، هن ۽ اسان الائي گهڻن پروگرامن ۾ هڪٻئي پٺيان اڳيان پروگرام ڏنا . هن جو اوراڻو ڪافي مشهور ٿيو پر هُو پاڻ ڪڪيءَ جي واتان راهيءَ جو لکيل اوراڻو ٻڌڻ پسند ڪندو هو . هُو ڪڪيءَ کي لولي، ”ڄيٺ جي ٻپهري آ ... “ جڏهن ڪڏهن ڳائڻ لاءِ فرمائش ڪندو هو . هن لاءِ مشهور هو ته هڪ کان وڌيڪ مٽڪا هر پروگرام ۾ ڀڃندو هو، ۽ هن جا کونگهرا ٻين ڪلاڪارن کان ڪوهه پري سمهڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا . مرد ڪلاڪارن ۾ هن پنهنجي لاءِ اُتاهين ۽ مقبوليت واري جڳهه حاصل ڪري ورتي هئي .

بئنگلور سميلن ۾ ڊيليگيٽ تمام گهڻا آيا جو پهريون دفعو سميلن ڏکڻ ڀارت ۾ ٿيو هو . اڳواٽ وڃي مون سڪولن ۽ ڌرمشالائن ۾ رهائش جو بندوبست ڪرارايو به هو . پوءِ به ڪن ڊيلگيٽن کي هوٽلن ۾ رهڻو پيو ، پنهنجي خرچ تي. هن سميلن ۾ اديبن ۽ سياسي ويچار ڌارائن رکندڙ شخصن وچ ۾ جنرل سيڪريٽري پد لاءِ چڪري شروع ٿي ، اديبن طرفان ڪيرت ئي اميدوار هو ۽ جي چونڊ مقرر وقت تي ڪرارائي وڃي ها ته هوُ يڪراءِ يا گهڻائي سان چونڊجي وڃي ها . هن ئي وڌيڪ وقت ترسڻ ۽ وڌيڪ ڊيليگيٽن لاءِ ترسڻ  لاءِ چيو . اديب ۽ هنن سان آيل همراهه ته رميش ڄاڃاڻيءَ جي وڏي ناٽڪ ” ڏس پئسي جا رنگ “ ڏسڻ ويا هئا ، رميش ڇهه مهينا اڳ دهليءَ مان ڊائريڪشن جي ڊپلوما حاصل ڪري سنڌو آرٽ ٿئيٽر قائم ڪري اُهو ناٽڪ تيار ڪيو هو ، ريهرسل ۾ ڪڪيءَ ۽ ايشور به اِن ناٽڪ ۾ پارٽ ڪيو هو پر ايشور ۽ رميش وچ ۾ اختلافن ڪري ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڇڏي ويا هئا ، چونڊ شروع ڪرڻ کان اڳ ئي الاهي سياسي ڪم ڪندڙ اچي سهيڙيا، اجيت ڪشور ، ديپڪ جي چوڻ تي ٻلديو گاجرا کي اميدوار بيهڻ لاءِ مڃايو. هن آنا ڪاني ڪري ’ها‘ ڪئي ۽ کٽي ويو ! هن جو کٽڻ ۽ گوڙ گهمسان ٿيڻ . هن پوپٽيءَ ۽ اسان عربي لپيءَ جي حمايتي اديبن خلاف ڀارتواسيءَ ۾ گهڻو پئي لکيو . هو به ديوناگري حمايتي . خود ناگراڻيءَ اعلان ڪيو ته هُو ٻلديو سان ڪم نه ڪندو . گهوٽالو وڌي ويو . ميڙ مهمل ٿيو . بجاج جي گهر ، چئجي کڻي رام ڄيٺملاڻيءَ کي امين ڪيو ويو . سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي وڌان ۾ اچڻ جي تحريڪ زور هئي ، تنهنڪري عهديدار ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا ميمبر ذري گهٽ ساڳيا طئه ڪيا ويا. مان جنرل سيڪريٽري برقرار رهيس .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org