سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 44

18-5-1965ع موهن ڳالهه ڪئي ته هڪڙي ڇوڪري رائيس ڪئنال جي دروازن وٽ جت پاڻيءَ جو گهڻو زور هوندو آهي، ٽپو ڏنو؛ شايد پنهنجي بهادري ٿي ڏيکاريائين؛ پر اُتهان نڪري نه سگهيو ۽ ٻڏي مري ويو، سام ڏانهن منهن ڪري پڇيائين ته دادا هي سندس قصور چئجي يا سندس قسمت جو قصور؟

سام وراڻيو: ”قسمت ڇا آهي؟ اول اهو سمجهڻ گهرجي ته قسمت ڪا ٻئي ڪنهن جي تحرير لکيل ڪا نه آهي، مگر پنهنجي ڪرمن جي هڪ اُڇل ڪري سمجهڻ گهرجي؛ هوڏانهن اسان کي پنهنجي فيصلي ڪرڻ جي شڪتي آهي. جيترو گذريل وقت جي ڪرمن جي اُڇل يا زور ڇڪي ڪو ڪم ڪرائي ٿو، اوترو پنهنجي مرضيءَ موجب ان کان لاڙو به ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري سڀ ڪرمن جو ڦل ئي ڪري سمجهڻ کپي، اگرچ جيئن اسان اڳي سمجهايو آهي ته اهو ڦل يا اثر لاڳيتو هر ڪم مان پيدا ٿيندو رهي ٿو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪنهن قسم جي وٿي نه ٿي رهي. هن حالت ۾ ائين سمجهڻ گهرجي ته سندس گذريل ڪرمن جي اُڇل، جنهن مان سندس ڀاو يا Nature جڙيو ۽ ان وقت جو غلط ارادو سي ٻيئي گڏ هلي ڇوڪري جي موت جو ڪارڻ ٿيا. هي واقعو دکدائڪ آهي پر ڪو ڳوڙهو مسئلو خيال جو منجهائس پيدا ڪونه ٿو ٿئي، جو توهان جو خاص خيال اوڏانهن ڇڪجي وڃي.“

اتي ٻيو ڇوڪرو نرمل نالي ويٺو هو جنهن چيو ته ”انسان جي حياتي سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته ڇا آهي!“

سام چيو: ”اهو سمجهڻ ئي حياتيءَ جو مقصد آهي ۽ ان جي لاءِ سڄي عمر لڳاتار کوجنا جي ضرورت آهي. اُها کوجنا هر ڪنهن کي پاڻ ڪرڻي آهي؛ پنهنجي حياتيءَ جو مقصد سمجهي ان پٽاندر قدم کڻڻو آهي. هر ڪنهن جيوَ آتما کي پنهنجي ڀاو ۽ پنهنجي شڪتي آهر ڪونه ڪو خاص ڪم ڪرڻو آهي.“

اُتي سام ٿورو وقت خيال ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ چيائين ته اسان جي عمر به گهڻي گذري ويئي آهي. افسوس جو ڪوبه ڪم سر انجام ٿي نه سگهيو آهي.

ڇوڪرن ڪجهه تعجب مان ڏٺو تنهن ڪري سام پاڻهي کين ٻڌايو: ”اسان جي حياتيءَ جو خاص ڪم  آهي ايڪتا جو سنيهو پهچائڻ ۽ پريم جو مارگ بنائڻ، ايڪتا ڌرمن، جاتين ۽ قومن جي وچ ۾، جدا جدا انسانن (Individuals)، سماج ۽ فرقن جي وچ ۾؛ اهو ڪم ايڪتا جا اوتار، نانڪ، ڪبير، اڪبر بادشاهه ۽ ٻيا سنت ۽ سياست جا رهبر ڪندا آيا آهن. اسان به انهن جي قدمن تي هلي ڪري هي آواز ننڍي کان اٿاريو آهي. ’اڪبر آشرم‘ اُن آدرش جو هڪ روپ ڪري سمجهڻ گهرجي. اهو ساڳيوئي ڪم انهن شعرن، ادبي مشغولين ۽ ست سنگ سان نماڻي نموني ڪريون ٿا. نتيجو ايشور جي وس آهي؛ انهيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ اسان جو فرض آهي، مگر جيئن مالڪ کي وڻي ائين ئي ٿيندو، ان ڪم جي نتيجي جو حرص پاڻ کي رکڻو ناهي ۽ هي سمجڻ گهرجي ته ايشور کي ڪا هروڀرو اسان جي شيوا جي يا مدد جي ضرورت ڪانه آهي؛ اهو فقط اسان کي پنهنجي جيون سڦلي ڪرڻ لاءِ آهي. نه وري پاڻ کي ڪو نوڙ وجهي زور سان مڃائڻو آهي، مگر جو ڪجهه ڪرڻو آهي سو شوق سان ڪرڻو آهي. فرض سچو اُهو آهي جو شوق مان اتپن ٿئي ٿو. سچي فرض ۽ سچي ڪرم يا ڌرم جي وچ ۾ ڪوبه فرق نه آهي. التب اهنجايون سڀ ڪنهن کي برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. پر شوق ۾ اهي به مشڪل نظر نه ٿيو اچن. پنهنجي حالت ۾ اهو ڏسون ٿا ته اهو شوق لڳاتار ننڍي کان گذريل 45 سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ قائم رهيو آهي. وڌيڪ ڄاڻ ايشور کي آهي ته نتيجو نڪتو آهي، نڪرڻو آهي يا اصل نه. اسان جو وس وکون کڻڻ، ملڻ وس انهيءَ جي!“

***

 

 

31-5-1965ع نرمل ڊائريءَ جو اُتارو ڪري رهيو هو. هو ڪرسيءَ تي ڪجهه آهلي ڪتاب اصلوڪن نوٽن جو پنهنجن گوڏن تي کولي رکي ويٺو هو ۽ هٿ ۾ ڪاغذ کڻي اُتارو ٿي ڪيائين. سام کي هي نمونو ڪتاب جهلڻ جو نه وڻيو جنهن ڪري کيس هدايت ڪيائين: ادب ايمان جو منڍ اٿوَ. انهن ڳالهين ۾ ايمان تڏهن ٻجهندو ۽ گيان تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن انهن لاءِ ادب ڌاربو؛ توهان ڪتابن جو ادب رکو ته ڪتاب به توهان کي سچيون ڳالهيون سيکاريندا؛ ورنه اُهي سچو راز پنهنجو ڪونه سليندا!

***

 

 

4-6-1965ع  ڪالهه سام سائينءَ جو جنم دن ملهايوسين. سندس اهو شرط هيو ته هريجن ڀائرن کي ضرور گهرايو وڃي. ڪجهه وقت لاءِ اسين انهن لاءِ واجهائيندا رهياسين ۽ منهنجي دل ۾ شڪ جاڳيو ته هو شايد اچن ئي نه. مان هميشہ هنن کي ستل خيال جا ڪري سمجهندي آهيان، تنهن هوندي به سام جو منجهن گهڻو وشواس رهندو آهي. ٿوريءَ دير ۾ هو سڀ نچندا ٽپندا اسان جي گهر مٿي چڙهي آيا. پنهنجون ماتائون ڀينرون ۽ پٽ به ساڻ وٺي آيا. اسان سڀني کي اها ڳالهه بيحد وڻي. هريجن ڀڄينڪ به اڄ وڏي موج ۾ اچي ويا. محفل ۾ آنند ڦهلجي ويو. اسان جا ڇوڪرا به شيوا جي ڪم ۾ خوشيءَ سان لڳي ويا. محفل پوري ٿيڻ بعد مون ويهي نرمل کي اڳيون ڳالهيون ٻڌايون ڇا لاءِ جو هو اسان وٽ نئين سر اچڻ لڳو آهي. کيس ٻڌايم ته ڪيئن سام مون کان هنن هريجن ڀائرن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪپڙا سبرائيندو هو ۽ ٻيا ڪم وٺندو هو جهڙوڪ کين شنان ڪرائي تيل ڦڻيون ڏيڻ، پڙهائڻ وغيره. آخر ۾ کيس چيم ڀائي توهان جي دادا سائينءَ مون کان ڪي ٿورا ڪم ڪونه ورتا آهن!

سام چيو: ”انهن سڀني هارن، شڪستن ۽ ڪشالن مان ته جيوت جي سچي جيت حاصل ڪئي اٿئي. اهي سڀ ڪشالا تنهنجا ثاب پيا آهن.“

***

 

 

5-6-1965ع اسان جو هڪ نئون متر جنهن سام جا انگريزي ڪتاب ڇپائڻ پاڻ تي هموار ڪيو آهي سو پهريائين ته وڏي شوق ۾ حيدرآباد کان هت سام سان ملڻ آيو؛ تنهن بعد وڃي ڪتابن ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ اتهان ڪي پروف وغيره موڪليائين. انهن ۾ ڪجهه تبديليون ٿيل هيون ۽ سندس لکيت ۾ ڪي چُڪون سام کي نظر آيون. سام اُهي سڌاري کيس موڪليون، ان لاءِ ته هي پهريون ڪتاب بنا چڪ جي پڌرو ٿئي. مگر اُن ڳالهه تي هن کي ذرا چڙ لڳي ۽ ان کان پوءِ ڪؤڙا، ڪسارا خط سندس اچڻ لڳا. آخر انهيءِ حد تي ڳالهه وڃي پهتي آهي جو هو خطن ۾ منهنجي هلت کي گهڻو ساراهي پيو ۽ سام جي هلت مان ويڪون پيو ڪڍي! اها ڳالهه هن ڪري نوٽ ڪريان ٿي جو مٿي بيان ڪيل ڪالهوڪا لفظ سام جا ياد اچن ٿا ته انهن شڪستن مان ئي حياتيءَ جي تو جيت حاصل ڪئي آهي؛ يعني پاڻ مارڻ جي طريقي سان! سام اهي نئين ڍنگ ۾ لکيل خط هن متر جا پڙهي چيو: ”مون کي خوشي ٿئي ٿي ته توکي گهٽ ۾ گهٽ هن چڱيءَ طرح سڃاتو آهي ۽ جنهن صورت ۾ توکي خود مان پنهنجي چيز يا پنهنجي هڪ اڏاوت ڪري سمجهان ٿو ته مون کي اُن ڳالهه جو فخر رهي ٿو. تنهن جي وڏائي سچ پچ منهنجي وڏائي آهي. ان ڪري هو پنهنجي ارادي ۾ ناڪامياب ويو آهي. هن کي شايد اها اميد هئي ته تنهنجي ساراهه ۽ منهنجي گلا مون کي ڏکوئيندا، مگر حقيقت ۾ تنهنجي ساراهه ڪرڻ سان هن منهنجي گلا کي ئي خود بي جا ثابت ڪيو آهي.“

***

 

 

20-6-1965ع سام جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان ٺيڪ نه آهي. مون پنهنجي سنگ وارن ڇوڪرن کي چيو: آسيس ڪريو ته سام خوش ٿئي؛ توهان کي مٺائي کارائيندس. اڄ وري صبح جو خيال آيو ته انهن ڇوڪرن کي ۽ ملازمن کي خرچي به ڏيان. کين ڪجهه پئسا ورهائي ڏنم. ٿوري دير بعد سام چيو تون ته پئسا ئي پاڻ وٽ ڪونه رکندي آهين؛ ايترا روپيه ڪٿان آندءِ؟ مون جواب ڏنو ته اهي پيسا مون توهان جي پاڪيٽ مان ڪڍيا!

سام چيو: ”پوءِ باقي تو دان ڪهڙو ڪيو؟ منهنجا ئي پئسا مون ليءِ دان ڪرايئيِ!“

مون چيو: ”درياهه جا ٻڪ درياهه ۾.“

ان تي، ٿوري دير بعد سام چيو: ”هيءَ مايا سڄي ايشور جي آهي. اسين جي اهو راز سمجهون ۽ سڀ ڪجهه انهيءَ جو ئي سمجهي ڪتب آڻيون ته پاڻ به آنند گهڻو پرايون ۽ ايشور کي به راضي ڪري سگهون. درياهه ۾ بيهي پوڄاري سج کي ڇنڊا هڻي پوڄا ڪندا آهن. ڇنڊا اهي درياهه ۾ ئي ڪري پوندا آهن پر شرڌا جو ڦل ضرور کين ملي ٿو. تيئن سڀ شيءِ حقيقت ۾ انهي مالڪ جي آهي؛ اسان کي انهيءَ مان فقط پوڄا جو لاڀ حاصل ڪرڻو آهي. توهي هڪڙو عجيب ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. پنهنجا پئسا مون کي ڏيئي وري دان ڪريءِ! گويا ٻٽو دان ٿيو، منهنجو به تنهنجو به! هوڏانهن ايشور کي به لبي ڇڏيءِ، يعني هڪ شيءِ مان ٽي ڪارج ڪري ڇڏيءِ!“

***

 

 

21-6-1965ع اسان جي ڪتي ”روزي“ نه فقط سٻاجهڙي ۽ سياڻي آهي پر ٻيون به ڪيتريون عجيب ۽ وندرائيندڙ ڳالهيون منجهس آهن، جنهن  ڪري اسان سڀني کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي؛ ايتري قدر جو سام ته ڪڏهن ڪڏهن کائنس دعا به وٺندو آهي ۽ مان چوندي آهيان ته  روزي جڏهن چاهيندي تڏهين اسان جو ٻاهر نڪرڻ ٿيندو يا ٿي سگهندو، ڇا لاءِ جو اسان جي پرپٺ ٻڌندا آهيون ته کائڻ پيئڻ گهڻو ڇڏي ڏيندي آهي. هينئر جڏهن ڪو مانيءَ جو ٽڪر يا ٻي شيءِ ڏيس ته انهيءَ تي هڪدم پنهنجو قبضو ڪندي آهي پوءِ ڀل ته ٽڪر ڏيندڙ خود ويجهي وڃڻ جي ڪري ته انهيءَ کي به پيئي هڪلون ڏيندي. اڄ سام کيس هڪ سڪو ٽڪر لهي ڏنو ڇا لاءِ جو کيس سڪا ٽڪر خاص وڻندا آهن ۽ اُهي کڻي وڃي ڪنڊ ۾ هوريان هوريان کائيندي آهي؛ انهيءَ مهل خود سام جي هٿ لائڻ تي کيس ڊيڄارڻ لڳي! سام چيو: ”هيءُ ايشور جي ڏات جو ۽ اسان جي هلت جو هڪ مثال اٿوَ؛ هي پدارٿ سڀ انهيءَ جا آهن ۽ انهيءَ کان ئي مليل آهن پر انسان جي هٿ ۾ جڏهن اهي پدارٿ اچن ٿا تڏهين انهن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ٿو ويهي ۽ خود ان مالڪ جي ڪم ۾ لڳائڻ کان پيو ڪرڪي؛ پنهنجي ڏاتار کي وساري سڀ شيون پنهنجون پيو سمجهي!“

***

 

 

26-6-1965ع ڪجهه ڏينهن کان اسان جي حيدرآباد جي پبلشر کان وري ناراضپي جا خط پيا اچن، جن بنسبت اسان جو اهو خيال آهي ته کيس چڙ لڳي آهي جو انگريزيءَ مان سام ٿوريون چڪون ڪڍي تار ڪيس ته گهٽ وڌ اکر نه ڪريو. تنهن کان پوءِ چوي ٿو 16 ڀيرا مون توهان جو هڪڙو ڪتاب پڙهيو! شايد اهو ارادو هيس ته مان به سام جي انگريزيءَ مان ڪي چوڪون ڪڍان. وري وڃي ڪن اکرن بابت فيصلو هڪ حيدرآباد ڪاليج جي پروفيسر کان ڪرايائين ۽ لکيائين ته هو انگريز آهي ۽ چوي ٿو ته تنهنجي (يعني سندس) ڪا هروڀرو چوڪ ڪانه آهي. آخر ڳالهه اسان جي مڃيائين ۽ سڌارا به ڪيائين پر رنج کيس رهجي ويو. مون کيس لکيو ته انگريز به بعضي بعضي چوڪون ڪندا آهن، جيئن اسان سنڌي به سنڌيءَ ۾ چوڪون ڪندا آهيون، تنهن ڪري ان ڳالهه جو خيال نه ڪريو. Fowler جي ’استعمال انگريزيءَ جا‘ خود ٽائيمس (لنڊن) جي اخبار جي ايڊيٽوريلس مان اهڙا مثال پيش ڪيا آهن؛ تنهن ڪري مون کيس لکيو ته توهان نه ڪن پروفيسرن جي ڳالهه تي ڳنڍ ڏيو ۽ نه ان ڳالهه جو گهڻو ويچار ئي ڪريو، ڇا لاءِ جو آخر هيءَ ڌارين زبان آهي؛ توهان کان يا اسان کان چوڪون پئجي سگهن ٿيون؛ ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ انهن کان پوءِ هڪڙي هٺيلي ڇوڪري (Naughty Boy) وانگر ويو ٻيون سڀ ويڪون ڪڍندو. اسان جي کاڌي مان ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي نموني وغيره مان. هاڻي ته جيڪو هتان جو ماڻهو کيس گڏجي پيو ته اسان بابت ان کان پڇا ڳاڇا ڪري وڌيڪ اسان جون ويڪون هٿ پيو ڪري؛ سندس سڀاءُ ٻٽو آهي. مان سمجهان ٿي ته دلي مرضي اها اٿس ته سام سائين خط و ڪتابت مون سان وري ٻيهر شروع ڪري؛ مگر سام جو چوڻ آهي ته لکپڙه ۾ ڪو سٺو طريقو (Decorum) رکڻ جڳائي؛ پر هن دوست جي قلم جي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانهي ۽ ڪچا پڪا خيال امالڪ لکي ٿو ڇڏي. گهٽ ۾ گهٽ 30 يا 35 خط اهڙا آيا آهن جن ۾ ناراضپو ظاهر ڪيو اٿس. سام کيس پيار يا ايشور جي آسيس چوائي موڪليندو آهي ۽ نمرتا ڏيکارڻ لاءِ پاڻ ٻه اکر اهڙا لکي موڪليندو آهي. پر جنهن ۾ من ۾ شانتي ڪانه آهي انهيءَ کي سچ به نظر ڪونه اچي سگهندو آهي.

ان بنسبت سام چيو: ”اشانت من جي اڳيان انڌاري رهندي آهي ۽ سوچ ويچار ان لاءِ ممڪن ئي نه آهي. انساني عقل ته اهڙو آهي جو جيڪي چاهيو سو جلد ثابت ڪري ڇڏي. گلئڊسٽن جي هڪ ڪهاڻي ٻڌايائين، جنهن ۾ چون ٿا ته هن پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چيو ته پارليامنٽ ۾ مون کي هن وشيه تي ڳالهائڻو آهي، تنهن ڪري ان بنسبت حقيقتون لکي ڏي. سيڪريٽريءَ پڇيو: سائين حقيقتون فائدي ۾ گهرجن يا خلافيءَ لاءِ؟ گلئڊسٽن البت وائڙو ٿي ويو، ڇا لاءِ جو حقيقتون آخر حقيقتون آهن؛ پر انساني عقل انهن کي هيڏانهن به هلائي سگهي ٿو ۽ هوڏانهن به. سام وڌيڪ چيو: ”خواهش عقل کي جيڏانهن وڻيس اوڏانهن پيئي ڦيرائي!“

ان ريت اُهو سام سائينءَ جو شايق جيڪو پهريائين منتظر هيو ته ساڻس خط جو رستو رکان ۽ ڪهي پري کان هت ملڻ آيو هو سو ٿوريءَ ڳالهه ڪري ڦري گويا برخلاف ٿي پيو آهي ۽ اڄ چڱايون به هن کي برايون پيون نظر اچن. مون کيس لکيو ته مان آشرم جي ”ماتا“ آهيان؛ توهان غط اثر هيٺ آهيو؛ جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏا آهيو، تڏهين به ”ماتا“ ٿي ڪري مان توهان کي هن ريت صلاح ڏيان ٿي وغيره. اُن تي کيس چڙ لڳي ته مون ماتا پاڻ کي ڇو چيو. لکيائين ته مان ڀلا اهڙو ڪو برو آهيان ڇا جو توهان مون کي هروڀرو ’ماتا‘ ٿي لکو؟ سندس هي ڳالهيون کل جهڙيون به آهن! سام چيو سڀ کان سٺي آهي فقيرن جي ماٺ. ڪڏهن ڪڏهن کيس ٻه ٽي اکر پيار جا لکو مگر ڳالهين جو جواب نه ڏيو ته چڱو آهي.

***

 

 

انهيءَ وچ ۾ هن هڪ ٻي چال پڻ کيڏي هئي جو مون کي ساراهڻ لڳو ۽ سام کي نندڻ لڳو هو. مون کيس لکيو ته مان جيڪي به حاصل ڪيو آهي سو سندس (سام جي) رهبريءَ هيٺ حاصل ڪيو آهي. مون ڪجهه ته ڏٺو هوندو جو 25 سالن جي عرصي کان سندس رهبري قبول ڪئي اٿم. تنهن کان پوءِ هو منهنجون به ويڪون ڪڍڻ لڳو!

اها ڳالهه ڪجهه ڏينهن کان گهر ۾ پئي هلي ۽ خوش مزاجيءَ ۾ سام ڪڏهن ڪڏهن چوي پيو ته هاڻي توکي اڳ ۾ ڪنداسين ڇو جو مون ۾ ماڻهن کي گهڻيون غلطيون نظر اچن ٿيون. اهڙيءَ طرح وري منهنجي رهائي ۽ رسائيءَ جو ذڪر ڪري سام چيو: ”درحقيقت اسان جي سختيءَ واري انتظام جو، تنهنجي ديا ڀاو ۽ فراخ دليءَ واري هلت، جنهن کي ماڻهو ساراهن ٿا، سڪي (Coin) جو ٻيو پاسو آهي؛ يعني اسان جو سخت نمونو ۽ اصولن جي پڪائيءَ وارو رخ خود انسان جي شيوا لاءِ آهي ۽ تنهنجي ديا ڀاو جي اصول مان پيدا ٿيندڙ آهي. پاسيري نظر سان تنهنجي ڍرائي اصولن جي، ديا ڀاوَ جي خيال جيڪا ڪندي آهين، سا پڻ وڻندي اٿم ڇا لاءِ جو انصاف جو ٻيو پاسو رحم يعني ديا آهي؛ انصاف خود ڀلائيءَ جي واڌاري لاءِ آهي، جنهن لاءِ ديا ڀاءُ فقط هڪ پهريون قدم آهي. صاف ۽ سادن لفظن ۾ چئجي ته اها تنهنجي سڀاءُ جي ساراهه مون کي خود وڻندڙ آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي منهنجي اصولن جي ڪاميابيءَ جي اميد آهي، ڇا لاءِ جو ٻئي کي نوڙي پوءِ مٿي چاڙهي سگهبو آهي. جي تون مونسان شامل نه هجين ها ته مونکي ضرور اُهو پارٽ به ادا ڪرڻو پوي ها جو تون ادا ڪري رهي آهين.“

***

 

 

30-6-1965ع ٿورن ڏينهن کان سام جي ۽ منهنجي صحت ٺيڪ نه ٿي رهي. سام چيو ته: ”واجبي علاج ڀل ڪجي مگر جئين مشنريءَ کي اوور هال (Overhaul) ڪبو آهي تيئن ضروري آهي ته رهڻ ڪهڻ جا نيم وري چڱيءَ طرح سنڀالجن ۽ کاڌي وغيره ڏانهن پڻ چڱيءَ طرح ڌيان ڏيڻ گهرجي. پر ان ۾ قدرت جي اوٽ وٺڻ گهرجي؛ فقط حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن جي صلاحن ۽ دوائن تي ڀاڙي ويهڻ نه گهرجي.“

ان خيال کان اسين صبح جو سويل چانهه پي پوءِ ڪنهن باغ جي طرف نڪري ويندا آهيون. اڄ صبح جو اڳئين گيان باغ (جنهن کي هينئر باغ ذوالفقارچون ٿا) جي وڻن هيٺان ويٺاهواسين ته اسان جا ڇوڪرا ۽ انهن جو ٻيو هڪ شاگرد دوست پڻ اچي شامل ٿيا، اسان جي هڪڙي ڇوڪري ان نئين دوست کان پڇيو: ”توهين هندو آهيو؟“ سام انهيءَ سوال تي ڪجهه مشڪيو ۽ چيائين جيڪي تون سمجهين سو ئي آهي! ٻي ڇوڪري پڇيو ته سو وري ڪيئن؟ سام چيو: ”چيو ڪين اٿن ته آهيان ڀي خيال لڀسان ڀي نال خيال دي!“ اهڙيءَ طرح اسپنوزا چيو آهي ”Cogito ergo sum“.

جنهن شيشي مان نِظر وجهبي اهڙي رنگ ۾ دنيا نظر ايندي ۽ جيڪا ڀاونا من ۾ به رکبي ان مطابق ئي مطلب حاصل ٿيندو. نئين شاگرد کي ان ڳالهه ۾ چڱو چاهه پئدا ٿيو ۽ هو سام جي ڪتابن بنسبت پڇڻ لڳو. نرمل کيس چيو، اهي ڳالهيون جيڪي ٻڌءِ چڱيءَ طرح دل سان هنڊاءِ ۽ خيال پنهن جي کي سجاڳ رک. اها ئي سچي سکيا ڪتاب جي آهي.“

سام چيو: پر خيال تي قابو پائڻ واري شيءِ عشق آهي. عشق ئي خيال کي موڙي يا سنواري سگهي ٿو پر عشق يا شوق پنهنجي وس ۾ نٿو رهي.“

نرمل چيو: ”چئبو ته اهو به جنمن جي ڀاڳ جو نتيجو آهي؟ سام چيو: ”اڳي جنمن جو هجي يا هن جنم جو هجي مگر هر حالت ۾ صحبت يعني سنگ مان ئي گيان حاصل ٿئي ٿو. عشق وارن جو سنگ ڪيو! اهو ئي هڪ رستو آهي شوق ۽ خيال وڌائڻ جو.“

تنهن بعد ڪجهه شاهه جي رسالي مان ۽ ڪجهه سام جي ”تون ۽ مان“ ڪتاب مان ويهي پڙهيوسين. نئون آيل ڇوڪرو جيئن سندس نالي مان معلوم ٿيو هڪ مسلمان هيو. اٿڻ وقت ڳچ پنڌ تائين اسان سان گڏ هليو چيائين ته مان ضرور توهان وٽ ايندس ۽ اُتي اچي ڪري توها جي ڪتابن وغيره مان واقف ٿيندس!

***

 

 

1-7-1965ع مون کي سام ڪن ماڻهن ڏانهن خطن لکڻ لاءِ چيو. مون خط کلي کيس ڏيکاريا پر سام کي ڪونه وڻيا جو اکر تڪڙ ۾ لکيل هئا. نرمل به سام جي ڪجهه گفتگو مان نوٽ وٺي رهيوهو پر سندس لکيت مان موهن چڪون ڪڍيون. اهڙيءَ طرح موهن به هڪ ڪارڊ ڪنهن اخبار کي مٽا سٽا Exchange لاءِ لکيو هو جنهن جو طريقو سام کي ٺيڪ نه لڳو. تڏهن سام شڪايت ڪئي ته توهان ڪم ۾ پورو شوق نه ٿا رکو. نرمل سام کان پڇيو: ”دل ۾ هڪڙو خيال ايندو آهي جي چئو ته پڇان؟“

سام چيو: ”ڀلي پڇ!“

نرمل چيو: ”سوال هي آهي ته توهين پاڻ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جا ماهر آهيو، هوڏانهن اسين گويا ڏڏ آهيون. اهڙا ڪچا ماڻهو قدرت جي طرفان توهان کي ڇو ٿا ملن؟“

سام کيس چيو: ”مان فقط پنج درجا انگريزي ۽ پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهيو هيس. اڳين دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪي ڇوڪرا اسان جي انگريزي رسالي New Age جي ڪم ۾ گڏ رهي تربيت وٺڻ ايندا هئا. پهريائين انهن کي به لکڻ ڪونه ايندو هو، توڙي جو انهن مان هڪڙو ته M.A پاس ڪري پوءِ اچي مون وٽ رهيو هو. آخر ۾ هو ڏاڍا هوشيار ٿي ويا. منهنجا ڀاڻيجا به انهن ۾ هئا جيڪي هينئر انگريزيءَ جا پاڻ ماهر آهن. اهڙيءَ طرح توهان به هڪ ڏينهن پنهنجي محنت سان هوشيار ٿي ويندا. اسان غريبن ڏانهن ته اهي ڇڪجي اچن ٿا جن کي غريباڻي نموني ۾ مدد اسين ڪري سگهون ٿا. پر قدرت انهيءَ ۾ مون سان ڪا بي انصافي ڪا نه ڪئي آهي. ڀلا تون پاڻ ڏانهن ڏس ته تو جهڙو نهٺو، سٺو ڇوڪرو ملي ته ان ۾ ڪهڙي ڪس آهي! هوڏانهن ڊاڪٽر توهان جي ماتا، سا ته هڪ منهنجي زندگيءَ جو ٿنڀو آهي. سندس صداقت جو ويچار ڪر ۽ لڳاتار شيوا جو. اُن شيوا جو ڪيڏو نه وڏو ملهه آهي! ڪنهن به آشرم لاءِ اهڙو ڊاڪٽر ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسين قدرت جا شڪر گذار آهيون. اکرن جي يا علم جي گهٽتائي يا ٻيا عيب، سا ڪا وڏي ڳالهه نه آهي؛ جي توهان دل و جان سان ڪوشش ڪندءُ ته اُهي سڀ دور ٿي ويندا. اسان به اسڪول کان وڌيڪ پنهنجي ڪوشش مان پرايو هو.“

***

 

 

6-11-1965ع  ملڪ ۾ هنگامي حالتن جي ڪري ۽ ٻين ڪن ناگوار ڳالهين جي ڪري اسان جو هڪڙو ڇوڪرو ڪجهه بي دليو ٿي ڏيکاريو ۽ باغ جي ڪم ۾ سام سان گڏ هميشہ وانگر مدد ڪرائڻ ۾ پوري دلچسپي ڪانه ٿي رکيائين. اسان وٽ ٻيو ڇوڪرو جيڪو هاڻي ايندو آهي، تنهن کي به ڪي شنڪائون من ۾ هيون. سام به باغ ۾ انهن سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو جڏهين ڇوڪرن کي ٻڌايائين: ”روحل فقير جو هڪڙو ڪلام آهي جنهن جي پهرين تڪ آهي:

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسين، رانجهو رمزن وارو يار.

پر جي ڪنڊڙي ۾ ڪلتار اُهي ته هنن گلن، رابيلن وغيره ۾ به اُهو ئي آهي. هي شيوا جو ساڌن يا رياضت جيڪا ڪريون ٿا اها عبادت آهي؛ پوڄا جي ڀاوَ سان ڪريو. اهو خيال نه رکڻ گهرجي ته هيءَ پرائي جاءِ آهي ۽ هميشہ هتي اسين رهي ڪونه سگهنداسين تنهن ڪري ايترا پورهيا ڇو ڪريون. انسان جو من ئي انسان کي شيطان بڻائي ٿو ورنه سمجهه جي سڌي بات اها آهي ته هن رياضت مان نه فقط بدن کي ورزش ۽ من کي يڪتائي جي موج ملي ٿي پر باغ جي سينگارڻ سان گهر جي عزت ۽ پنهنجي خوشي به وڌي ٿي؛ ايشور کي پڻ ان سان راضي ڪري سگهجي ٿو. ايشور لوڪن ۾ وسي ٿو ۽ جيڪي لوڪ هن ريت اسان کي بلڪل صدق و سچائيءَ سان پرائيءَ جاءِ کي سينگاريندو ۽ ٺاهيندو ڏسندا هوندا سي به ضرور اسان لاءِ چڱو خيال ئي دل ۾ رکندا هوندا. ٻيو نه ته به ائين چوندا هوندا ته هي ڪي فقيري ٽولي جا ماڻهو آهن؛ ان ڪري هو شايد ڪو وير وروڌ پڻ گهٽ رکن. پر اهي سڀ ٻاهريون ڳالهيون آهن؛ پنهنجي سچائيءَ ۽ صدق جو ڀاڙو ايشور اسان کي من جي اندروني خوشيءِ ۾ ڏيئي ڇڏي ٿو؛ هو شاهن جو شاهه آهي؛ ڪنهن جي پورهئي جو ملهه ڦٻائي ڪونه ٿو وڃي. البت جو ڪي ڪرڻو آهي سو نمرتا ڀاو سان ڪرڻو آهي. نه وري الله کي ڪن وڏن ڪمن ڪارين جي گهرج آهي. ان ڪري فقير چوندا آهن، اگهامي ته پاءُ نه ته مڻ به موٽيا وڃن. وزير هجي، آفيسر هجي،  زميندار هجي، يا هڪ مزدو هجي انهن سڀني جي ڪم جي تڪ طور صدق ۽ سچائيءَ جي تارازيءَ ۾ ئي ٿيڻي آهي. ايشور گهڻي پريم يا گهڻي ڏيک تي موهت ڪونه ٿيندو آهي پر گهڻي پريم ۽ شرڌا تي. گرو ارجن ديو جي هڪ ڳالهه آهي جنهن پنهنجي استريءَ کي اشارو ڏنو هو ته تون اولاد گهرين ٿي ته ڀائي ٻڍي ڏانهن وڃ. چون ٿا ته ماتا گنگا سکيون سهيليون وٺي وڏن شان مان سان ٿالهه مٺاين جا ڀري ڀائي ٻڍي ڏانهن ويئي هو ٻاهر هڪ ٻير جي هيٺان گوشي نشين ٿي رهندو هو. ڀائي ٻڍي ان جو اڊنمبر ڏسي سندس نرادر ڪري کيس موٽائي ڪڍيو، جنهن تي ماتا پنهنجي پتيءَ گرو ارجن ديو کي اچي دانهن ڏني. گرو جن سڄي ڳالهه ٻڌي کيس چيو ته اها تنهنجي چوڪ آهي، ڇا لاءِ جو فقيرن ڏانهن شان مان ۽ انڊنمبر سان نه وڃبو آهي، مگر نمرتا ڀاو سان انهن وٽ پيش ٿبو آهي.  تڏهن ٻئي دفعي ماتا گنگا نمرتا پورڪ سادو لباس ڌاري، بصر ۽ ڏهي پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃي ڀائي ٻڍي اڳيان پيش ٿي. سنت سندس نمرتا تي راضي ٿيا ۽ هوءَ پنهنجو مطلب پائي آئي. هيءَ هڪ سمجهاڻيءَ جي ڳالهه آهي جنهن جو مطلب هي آهي ته ايشور جي اڳيان نمرتا ڀاوَ سان پيش ٿيون ته هو اسان جي شيوا قبول ڪندو، چاهي ڪيتري به ننڍڙي هجي.

***

 

 

9-4-1966ع اڄ منهنجو جنم دن آهي. اُن سان گڏ اسين يوم آشرم ملهائيندا آهيون. اڳي وانگر هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ڪونه ڪوٺائيندا آهيون؛ گذريل سال کان اسپتال جي واسطيدار آفيسرن جي روڪ وجهڻ سبب ماٺيڻي نموني هي ڏينهن ملهائيندا آهيون. اڳي وانگر وڏو ميلو ڪونه لارائيندا آهيون، ڇا لاءِ جو هاڻي اسان جي بنگلي جي هيٺان زناني اسپتال ماڻهن سان ڀريل هوندي آهي. اڄ سام ننڊ مان اٿڻ سان مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين ته هل ته پنهنجي باغ کان ڪو سٺو گل چونڊي توکي سوکڙي ڏيان. پنهنجو Terrace Garden سارو گهمايائين مگر اوچتو ٿڌين پوڻ ڪري ڪو گلاب جو گل ڦٽل نظر ڪو نه آيو. تڏهين هڪڙو موتئي جو گل سام مون کي پٽي ڏنو ۽ چيائين: ”هي سفيد نماڻو گل حياتيءَ جي سچي آدرش جي نشاني آهي. منجهس سڳنڌ آهي، جيتوڻيڪ رنگدار نه آهي. اسان جي حياتيءَ جو آدرش به اهو ئي هئڻ کپي ته ماٺيڻي، نمرتا جي نموني سان زندگي سڳندي ۽ سڦلي بنايون؛ ڀڀڪي ۽ گوڙ شور واري نموني کان هي طريقو زندگيءَ جو سچ پچ وڌيڪ ملهائتو آهي. اخبارن جي گوڙ شور ۽ وڏن پروگرامن سان فقط آدرش پورو حاصل ڪري نه سگهبوآهي. سڀ کان اهم ڳالهه سچائيءَ واري سڳنڌ آهي جا هر سچي آتما هن جهان ۾ ڦهلائي سگهي ٿي. شال تنهنجو جيون به هن ماٺيڻي گل وانگر مٺڙي سڳنڌ ڏئي جڳ کي معطر بڻائي!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org