سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 32

13-7-1957ع اڄ کان هفتيوار پرارٿنا ڪلاس شروع ڪيل آهي جنهن ۾ خاص ڪري اسان جي هندي اسڪول جي شاگردن ٻالڪن ۽ ٻالڪين کي نينڍ ڏنل آهي پرارٿنا گيت کان پوءِ جدا جدا مذهبن جي ڪتابن مان مختصر ٽڪرا ڪن شامل ٿيندڙ دوستن پڙهيا، جنهن بعد صوفي صاحب ڇوڪرن کي مختصر وياکياڻ ”سمجهو شاگرد“ جي وشيه تي ڏنو ۽ سمجهو شاگرد جي وصفن جو ذڪر ڪندي چيائين سمجهو شاگرد کي اول صفائي تن من جي رکڻ گهرجي؛ انسان جي حياتيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ملهائتي چيز سندس دل من آهن؛ اول انهن کي صاف رکڻ گهرجي؛ صاف رکڻ جي معنيٰ اها به آهي ته دوئي يا بغض ڪڍي ڇڏجي؛ جيڪڏهين ڪو اڇوت ڇوڪرو تڪليف ۾ هجي ته انهيءَ کي مدد ڪرڻ اول پنهنجو فرض ڄاڻو ڇا لاءِ جو هن کي سڀ کان وڌيڪ گهرج آهي اوهان جي مدد جي.“

تنهن بعد سام پنهنجي وياکياڻ ۾ هنيئن چيو: ”توهان جي اڳيان جدا جدا ڌرمن جي خيالات مان ٽڪرا پڙهيا ويا آهن. تنهن مان سمجهي سگهندا ته اهي سڀ چڱي سکيا ڏين ٿا؛ سڀڪنهن ڌرم ۾ وڏا سنت ۽ درويش ملي سگهندا جي چڱا عمل سيکارين ٿا ۽ پريم يا ڀڳتيءَ جو مارگ بتائين ٿا. انهن مان ڪنهن کان به نفرت ڪرڻ سو آهي پاڻ کي سڃو بڻائڻ، ڇا لاءِ جو اهي سڀيئي اسان جي دولت آهن گهر ۾ جيڪڏهن فرنيچر هوندو ۽ رڌ پچاءُ جو سامان يا ٻيو ڪجهه نه هوندو ته اهو گهربه پورو نه ليکبو. تنهن ڪري گهر ۾ سڄي سک جي لاءِ گهڻن قسمن جا سامان گڏ ڪجن ٿا. اهڙي طرح من ۾ سک جي واڌاري لاءِ ضروري آهي ته سڀ قسم جي خيالات مان واقف ٿي انهن مان چڱائي حاصل ڪجي. تنهن ڪري مان توهان کي چوان ٿو ته هي سڀ درويش ۽ سنت جدا جدا ڌرمن جا اوهان جا آهن ۽ انهن جي خيالات اوهان جي ملڪيت آهي؛ ان مان جوڳو فائدو وٺو.“

سام وڌيڪ چيو: ”توهين سمجهندا هوندا ته اسين بنا ڪنهن مطلب جي ويٺا هي ڪم اسڪول جو هلايون. مگر اسين سڀ کان وڏا لالچي آهيون؛ هيءَ اسان جي کيتي يا پوک آهي ۽ توهين ان جا اسرندڙ سلا آهيو. اسان اها اميد رکي آهي ته انهن سلن کي پاڻي ڏيئي منجهائن ڦل ۽ ڪي ڦول پيدا ڪريون، اهي ڦول جي سنسار کي سڳنڌ ڦهلائن ۽ اهي ڦل جي ڪن بکايلن جو پيٽ ڀري سگهن. يعني اسان جا ڇوڪرا سڱنڌ عملن جي پيدا ڪن ۽ شيوا ڪري ٻين کي سکي ڪن! تنهن ڪري دوستو، توهان سڀني تي به فرض آهي ته هن پوک اسان جيءَ جي پالنا ڪريو ۽ توهين ٻالڪ جيڪي ان پوک جا سلا آهيو. توهين پڻ هوشيار ۽ خبردار رهو، جيئن ڪو به ڪوسو واءُ يا طوفان توهان کي هرج رسائي نه سگهي ۽ پاڻ کي اهڙو مضبوط ارادي جو بنايو جو ڪو به توهان کي پنهنجي راهه تان ٿيڙي نه سگهي.“

***

 

 

21-7-1957ع  اڄ هفتيوار پرارٿنا ڪلاس صبح جو ٿيو اسان جي سنڌي اسڪول جا ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽ ٻيا ڪي دوست آيا جن ۾ بلڪل گهڻو اتساهه نظر ٿي آيو. ائين پيو لڳي ڄڻڪ گهڻن سالن جي خراب ٿيل فضا کان پوءِ هنن هريجن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پهريون ڀيرو بهار جي هير گهلي رهي آهي. پرارٿنا ڪلاس ۾ ٻيا ننڍڙا ٻالڪ به چڱي تعداد ۾ ڇڪجي آيا ٻه اڇوت ڪنيائون پڙهيل ۽ سڌريل ٻالڪن جي ڊريس ۾ بلڪل اتساهڪ نظر ٿي آيون. دستوري ڀڄنن، ڪافين ۽ جدا جدا ڌرمن جي پستڪن منجهان پڙهائيءَ کان سواءِ اسان جي صوفي صاحب ۽ سام ڪڇ اکر ڳالهايا.

صوفي صاحب مسٽر ڌڻي بخش پنهنجي وياکياڻ ۾ چيو ته جيئن مثال طور منهنجي گهر وڃڻ لاءِ پنج يا ست رستا هن جاءِ کان ملن ٿا تيئن الله کي حاصل ڪرڻ جا به ڪئين رستا آهن؛ گرجا، مندر، مسجدون سڀ ان طرف پهچائي سگهن ٿيون اهو وقت آيو آهي جو اسين پنهنجي عملي ڪمن ۾ ڏيکاريون ته اسان ۾ ڪو به دوئي ڀاءُ ڪونه آهي. هن سسنٿا ۽ اسڪول جي شاگردن کي خاص ائين جڳائي ته هڪ ٻئي ڏانهن ۽ ٻين ڏانهن اهڙو رخ رکن جو سڀ کي پنهنجو ڀاءُ ڪري ڄاڻن. مان جيڪر چاهيان ته توهين جيڪي به اهڙا چڱا ڪم ڪريو يا ٻين ڌرمن وارن ڇوڪرن يا محتاجن کي جيڪا مدد ڪريو ته اها اسان کي هفتي هفتي هت اچي هن ڪلاس ۾ چڱيءَ طرح ورنن ڪري ٻڌايو.

تنهن بعد سام چيو: ”ٻالڪو، توهان وديارٿي آهيو. وديا جي تلاش ۾ آهيو. هيءُ پرارٿنا ڪلاس به هڪ وديا جو ذريعو ڪري ڄاڻو ۽ پنهنجو اسڪول وري هڪ پرارٿنا  ڪلاس ڪري ڄاڻو منهنجو مطلب هي آهي ته وديا جي ڳالها ۾ وڌ ۾ وڌ شرڌا رکي ڪلاس ۾ اچو. وديا هڪ اتم چيز آهي جنهن جي ڳولها توهين نه رڳو پر اسين وڏي عمر وارا پڻ ڪريون پيا! وديا هڪ روشني آهي جا روشني اسين ساڻ کڻي زندگيءَ جي منجهيل رستن مان پار پيئي سگهون ٿا؛ اها روشني اسڪول ۾ علم رستي پرايون ٿا ۽ هن پريئر ڪلاس ۾ سنگ ۽ صحبت رستي وڌون ٿا.

”وديا يا علم ۾ ڪهڙي مراد هئڻ گهرجي ان بنسبت پڻ مان اوهان کي ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان علم فقط ان مراد سان هٿ نه ڪريو ته ان مان پئسو يا پوزيشن ٺاهيون. برٽش گورنمنٽ جي ڏينهن ۾ اسان جي حڪومت جيڪا وديا ڏيندي هئي ان ۾ پهريائين شايد اهو مطلب رکيل هيو ته گورنمنٽ جي ڪمن لاءِ ڪافي انداز ۾ ڪلارڪ يا آفيسر پئدا ڪجن، ورنه اهڙي سٽا وديا جي نه رکي وڃي ها. اسان جي ملڪ جي اسڪولن ۾ هت اڃا به اکري علم تي گهڻو زور آهي. ٻوليون سيکارڻ، حساب ڪتاب سيکارڻ يا هنر وغيره ڪجهه سيکارڻ به چڱو ڪم آهي. مگر اها پوري وديا نه آهي؛ پوري وديا ڇا آهي؟ ان جي لاءِ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته انسان ڇا آهي. انسان جو شرير يا جسم سنڀال ۽ پالنا گهري ٿو جنهن جي لاءِ هنر يا ڪارائتا علم سيکارڻ بلڪل ضروري آهن. اهڙي طرح انسان جو من عقل جي روشني گهري ٿو جنهن جي لاءِ پڻ ڪتابي علم ضروري آهي. ان ڪري هي درسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهائڻا پون ٿا ۽ ڪجهه قدر اسان جا اسڪول اهو پارٽ ادا ڪندا رهن ٿا. پر انسان سڀ کان اول روح يا آتما آهي. توهان سڀني ۾ جيڪا آتما آهي انهيءَ جي پالنا هنن اسڪولن ۾ ڪانه ٿي ٿئي. گهڻو اڳ هن ملڪ ۾ استاد کي گرو چوندا هئا، ۽ گروڪلن يا آشرمن ۾ استاد پنهنجي ٻالڪن جي چوطرف نظر رکندا هئا. هو ڪتاب جا سبق پورا ڪرائڻ فقط پنهنجو فرض ڪين سمجهندا هئا. مگر ائين ڪوشش ڪندا هئا ته اسان جا وديارٿي قابل، ڪارائتا، ٻڌيوان ۽ لائق انسان بڻن. اڄ ڪالهه اسڪول جي ٽائيم کانپوءِ ماسترن کي ڪهڙي ڳڻتي  پنهنجي شاگردن جي رهي ٿي؟ هو اسڪول ۾ هڪ مشين وانگر ڪم ڪري هليا ٿا وڃن، ڪلاڪن پوري ڪرڻ بعد هو ٻارن ۾ ڪو به چاهه ڪونه ٿا رکن جئن اڳي گروڪلن ۾ هيو. اسان ڪلاس کانپوءِ شام جو وڏن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ ملڻ جا موقعا ۽ هيءُ پرارٿنا ڪلاس ان ڪري رکيا آهن ته توهين انهن مان ڪجهه لاڀ وٺي پنهنجي وديا پورڻ بڻايو. هڪ پاسي کان هنديءَ جو اڀياس توهان لاءِ هندي ساهتيه ۽ پراچين خيالات جا دروازا کوليندو، ٻئي پاسي کان هي سنگ جو نمونو صوفي صاحب ۽ ٻين استادن سان صحبت جي ذريعي مذهبي ايڪتا ۽ فراخ دلي وڌائيندو. اسان جو اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ هن نموني سنگ ڪريون ٿا، مان اميد ٿو رکان ته توهان جي دل ۽ من جي اسرندڙ سلن لاءِ پاڻيءَ جي مثل ٿيندو. توهين شل ان مان پورو لاڀ پوايو، اها آهي اسان جي آشا ۽ پرارٿنا.“

***

  

26-7-1957ع ڪالهه ڊپٽي صاحب اسان وٽ آيو ۽ ڳالهين ڪندي ڪندي هڪ آمريڪن ڪرستان جي ڳالهه ٻڌايائين جو ميٽنگ ۾ عام ماڻهن کي دعوت ڏيندو هو ته جي ڪوبه چاهي، ته مان سندس وقت تي وٽس پاڻهي وڃي عيسائيي مذهب بنسبت سمجهاڻي ڏيان. مون کي فقط پنهنجي گهر جو پتو ڏئي ڇڏيو! هو پاڻ ڀاڙو خرچ ڪري اچي گهر سمجهاڻي ڏيندو هو. ڊپٽي صاحب چيو مون کائنس پڇيو ته هن ۾ توهان کي ڪهڙو فائدو ٿئي ٿو جنهن تي هن وراڻيو ته مون کي خدمت ڪرڻ يا ڪجهه ڏيڻ ۾ خوشي ٿيندي آهي!

ڊپٽي صاحب وڌيڪ چيو: ”ڏسو؛ توڙي جو اسان کي هنن جي ڪمن لاءِ چاهه ڪونه آهي هو ڪيئن نه پنهنجو ديس ۽ ان جا سک ڇڏي ڪيتري مفاصلي تي اچي هنن ڏکن ۽ ڪشالن مان هن نموني دل جي خوشي پرائن ٿا! اسان کي خوشي پرائڻ لاءِ گهڻائي عجيب رستا اختيار ڪرڻا پون ٿا، ايترو مان چوندس ته توڙي جو پادرين جي ڪم تي ڪنهن کي اعتراض هجي تڏهين به ائين ته هر ڪو چوندو ته هو پنهنجو فرض ڄاڻي اهو ڪم سچائيءَ سان ڪن ٿا.

سام چيو: ”گهڻو ڪري جو به ڪم انسان ڪري ٿو سو چڱو ڄاڻي ڪري ٿو توڙي جو ٻين لاءِ ان مان نتيجو چڱو نه نڪري، مثال طور اسان جي ڳوٺ ۾ ٿورن سالن اندر 7 يا 8 خون ٿيا؛ مون کي انهن مان هڪ هڪ جي تواريخ ياد آهي ۽ ٻيا به ڪيئي واقعا ٿيا. انهن مان ظاهر هيو ته اهي خوني خون ڪرڻ وقت خود ائين پيا سمجهن ته هو هڪ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪن ته وڏي قرباني ڪري اهڙي خون ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي گويا ٻين جي خاطر هموار ڪيو هو. اڪثر مراد انهن خونن جي اها هئي ته عزت پنهنجي ذات ۽ گهراڻي قائم رکجي يا برائيءَ کي سزا ڏجي ۽ پنهنجي پاڙي يا ذات تان بزدليءَ جو ڪلنڪ لاهي يا ڪنهن بري رنڊيباز ماڻهوءَ جي برن ڪمن کي ان ريت بند ڪجي. البت اسان جي نظر ۾ اهي خوني خود برو ڪم ڪري رهيا هئا. مگر اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هنن کي ان وقت خون ڪرڻ پنهنجو فرض ٿي لڳو؛ تنهن ڪري قرباني ڪري ۽ تڪليف وٺي ڪو ڪم سر انجام ڪرڻ، جيئن هڪ پادريءَ لاءِ توهان چيو، سو هروڀرو ساراهه جوڳو ڪم نه آهي ۽ نه وري ڪشالي اٺائڻ سان فقط سچي خوشي پئدا ٿي ٿئي. مان گهڻن پادرين لاءِ شخصي طور عزت رکان ٿو. مگر تڏهين به ائين چوندس ته اهڙو تبليغ جو ڪم گهڻو ڪري چڱائيءَ جو باعث نٿو بڻجي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ” هت سوال آهي پنهنجي خوشي ڳولڻ جو ۽ نه ٻين کي خوش ڪرڻ جو. مان ته ائين سمجهندو آهيان ته اها خوشي جيڪا گهڻو چٽاءُ ڪري ٿي سا جوڳ سمجهڻ گهرجي ۽ جيڪا ٿوري جٽاءُ ڪري ٿي سا گهٽ درجي واري يا اعتراض جوڳي سمجهڻ گهرجي.“

سام چيو: ”اهو اصول هميشہ لاءِ ڪارگر نه ٿيندو پر انهيءَ جو مطلب ائين سمجهڻ گهرجي ته سچي آنند واري خوشي هميشہ جٽادار آهي؛ مان ئي حاصل ڪرڻ گهرجي.“

مون چيو: ”فرض پوري ڪرڻ ۾ خوشي ڇا لاءِ ٿا ڳولهيو؟ فرض ڪندا رهو! جيڪو ڪم ضروري آهي، تنهن کي هلائيندو رهجي پوءِ خوشي انهيءَ ۾ پيدا ٿئي يا ڏک.“

سام چيو: ”اهو اصول ٺيڪ آهي، جيتوڻيڪ اها به ڳالهه وري آهي ته فرض ڪرڻ مان ضرور ڪا خوشي من کي ملي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”هميشہ واري آنند جو سوال پري رکي باقي ٻئي نموني وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ خوشي وڌيڪ چڱي، يا ڪشالي يوگ سمجهڻ گهرجي.“

سام چيو: ”مان اها ڳالهه نٿو سمجهي سگهان. جتي خوشيءَ جو سوال آهي اتي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڏسڻ ضروري آهي ته اسان جي خوشي جيترو ٿي سگهي، ٻئي جي خوشيءَ کي نه روڪي روز مره جي زندگيءَ جي لاءِ هڪ ڪارگر اصول هيءُ به آهي ته خاص پنهنجي شخصي خوشيءَ لاءِ ڪوبه ڪم رٿڻ ضروري نه آهي، توڙي جو من جي خوشي چڱي ڪم مان ضرور ملي ٿي.“

***

 

 

28-7-1957ع اڄ صبح جو پرارٿنا ميٽنگ ۾ سام علم جي ماڻ وغيره تي ڳالهايو جنهن جو تتسار هيٺ ڏيان ٿي:

شاگردن کان سام پهريائين ٻه ٽي سوال پڇيا جهڙوڪ ان جو مڻ ڇا آهي، پاڻيءَ جو مڻ ڇا آهي وغيره پوءِ چيائين: ”جنهن ان ٽوئي يا ڇليءَ سان ڳوڻ ۾ وجهجي ۽ پاڻيءَ ڪنهن برتن ۾ وجهجي، کاڌو ٿالهيءَ ۾ پائجي، نئين علم يعني وديا لاءِ پڻ ٿانو ضروري آهي! وديا جو ماڻ شرڌا آهي. شرڌا جي يا دل ۾ وديا پايو يعني جيڪي توهان کي توهان جا سکيا ڏيندڙ چون تنهن کي عزت سان وٺو ۽ پوءِ ڀل جاچي ڏسو ته ڇا آهي. مان اوهان کي انڌ شرڌا رکڻ لاءِ نه ٿو چوان جنهن موجب گرو يا استاد جو هر هڪ اکر بنا سوچ ويچار جي ڪم ۾ آڻبو آهي، مگر اها سچي شرڌا رکو، جا گيان جي پراپتيءَ لاءِ ضروري آهي. جو ڪجهه هو توهان کي چون سو پيار ۽ عزت سان وٺو ۽ اعتقاد رکي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. پوءِ ڀل وڌيڪ جاچ ڪريو ته اهو سڀ سچ آهي يا نه.“

وديارٿين کي فهمائش ڪندي وڌيڪ چيائين ته توهان جيڪا چئنچلتا ڪيو ٿا، ان مان ظاهر آهي ته اوهان جي دل ۾ دويا لاءِ پورو شوق نه آهي. ارمان آهي جو اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ مقرر ڪمن جي پوري ڪرڻ بعد ماسترن پاڻ تي ڪابه جوابداري ڪانه ٿا سمجهن هن زماني جي ڀيڙ يا رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي مٽيل نمونن ڪري مائٽن کي ڪو وقت ئي ٻارن جي سنڀال لاءِ ڪونه آهي. نه وري سکيا ڏيڻ جي ڪا لياقت منجهن رهي آهي. ان باري ۾ خاص طور هريجن ۽ ٻين هندن جا ٻار مان ڏتڙيل ڏسان ٿو، ڇا لاءِ جو اهي خيال جا اڳواڻ، اهي گرو ۽ استاد، اهي پنگتي ۽ ڌرمي جيون جا رهبر توهان جا لڏي ويا آهن، جن جو فرض ٿئي ها اوهان جي نگراني ڪرڻ مان توهان کي پڪ ڏياريان ٿو ته توهان جا پالنا ڪندڙ نه فقط توهان جا ماتا ۽ پتا آهن، پر اهي سوسائٽي ۽ قوم جا رهبر پڻ آهن، جن جا اونچ عمل ڏسي توهين جيڪر پنهنجي زندگيءَ جي راهه روشن ڪري سگهو، مگر هن وقت توهان جي روشنائيءَ جا فانوس وسامي ويا آهن. هيءَ ننڍڙي سنسٿا اسان ان لاءِ برپا ڪئي آهي ته هن اهنجي وقت ۾ ڪجهه قدر ان اوڻائيءَ جي ڀرتي ڪري سگهون ۽ اسڪولي وديا کان سواءِ ٻيو سمجهه پڻ اوهان لاءِ ميسر ڪريون جنهن مان توهين پنهنجي آتمڪ جيون اڏي سگهو. مگر هي پورهيا تڏهن سڦلا ٿيندا جڏهين توهان پوري شرڌا ۽ پوري عزت سان وديا جي ڦل پائڻ لاءِ هن ننڍڙي وديا مندر يا هن پرارٿنا ڪلاس ۾ ايندا؛ سنگتين يا ساهيڙين کي به وٺي ايندا ۽ خود پنهنجي دلين ۾ اتساهه وڌائيندا جنهن کان سواءِ ڪو به ڪارج سڦلو ئي ڪونه ٿو ٿي سگهي.

***

 

 

 1-8-1957ع  اسان جي گهر ۾ هڪ عجيب قسم جو ٽولو اچي گڏ ٿيو آهي! جيئن صوفي صاحب چوندو آهي، هيءُ هڪ فقيراڻو ٽولو آهي! توڙي جو انهن مان ڪي نوڪريءَ جي بهاني ۽ ڪي ٻين بهانن سان سان اچي گڏ ٿيا آهيون،. اڳي ذڪر ڪيل هڪڙو چمٽو (موهن) جو پيءُ جي موڪل سان گهر ڇڏي اسان ساڻ اچي رهيو آهي ۽ هت اڀياس ڪندو آهي؛ ٻيو گرڌاري آهي جو ظاهرا پگهار تي مگر حقيقت ۾ ڪنهن آتما جي غرض کان ئي قريباً 20 سال کان گهر ۽ مائٽ ڇڏي هت اچي رهيو آهي؛ ٽيون اسان وٽ رهندڙ مسٽر اسٽوئرٽ آهي جو هڪ برميز نئشنل آهي ۽ ٻارهن سالن کان اسان جو مهمان آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به اسان وٽ قسم قسم جا ماڻهو آهن ۽ تازو نئين هڪ مسلم مهاجر ڇوڪري ٿوريءَ پگهار تي اچي رهي آهي. سندس چوڻ موجب ٻن سالن کان هوءَ سنبرندي هئي ته مان ڪنهن به بهاني هنن ماڻهن وٽ (يعني اسان وٽ) وڃان، انهن مان هر هڪ پنهنجي  پنهنجي نموني پيار گهري ٿو. مثال طور چمٽو هڪ ٻالڪ جو پيار گهري ٿو، گرڌاري ٻالڪ جو پيار به ڇڪي ٿو ۽ جهوني نوڪر جو لحاظ به گهري ٿو، جيتوڻيڪ چمٽو پڙهي ٿو ۽ گرڌاريءَ کي پڙهڻ جو شوق نه آهي؛ انهن جي وچ ۾ ٿوري ايرشا پڻ ڪجهه قدر ڏسڻ ۾ پئي اچي؛ هڪ مسٽر اسٽوئرٽ کان سواءِ سام انهن ڳالهين جو ويچار ڪندي اڄ مون کي چيو: ”تنهنجو ۽ منهنجو پيار هڪ وهندڙ واه مثل آهي. ان مان ڪي ست سنگي ٿي ۽ پريمي ٿي، ڪاچڪي پي وڃن ٿا. انسان جي دل جي درياهه ۾ ڪا لکا ڪانه ٿي پوي ڪير به اتهان پياس مٽائي. مان ته ائين سمجهندو آهيان ته پريم هر صورت ۾ پاڪ آهي اهو هڪ اکٽ درياهه مثل آهي جنهن مان پاڻي پيئڻ سان ڪڏهين کوٽ ڪانه ٿي پوي نه سندس پاڻي ميرو ٿئي ٿو، ان جي وهڪري جو مطلب ئي اهو آهي ته ڀل پياسي پيا پاڻي پيئن. انسان هجن يا ٻيا ساسي هجن؛ وهندڙ پاڻي هميشہ پاڪ ٿيندو آهي بيٺل پاڻي جو هڪ جاءِ رهي ٿو سو ناپاڪ ٿي سگهي ٿو.

پريم وهندڙ پاڻيءَ مثل هجي؛ منجهس ڪادوئي رکڻ نه جڳائي.

***

 

 

4-8-1957ع  اڄ پرارٿنا ڪلاس ۾ ڀڄن ڪرڻ ۽ قرآن، گيتا، سکمني وغيره جي پڙهائيءَ کان پوءِ سام ڇوڪرن سان گفتگو ڪندي چيو: ”اوهان جي ماستر صاحبن کان سواءِ گهڻو ڪري سڀ هت ننڍا ٻالڪ آهيو جي شايد هنن ڪتابن مان پڙهيل ٽڪرا يا هن کان پوءِ جيڪو گفتگو ٿئي سو پوريءَ طرح سمجهي نه سگهو. مگر تنهن هوندي به مان توهان کي چوندس ته ڌيان ڏيئي ٻڌو ڇا لاءِ جو ڪي اکر ۽ ڪي خيال جيڪي توهان جي اڳيان پيش ٿين ٿا ضرور توهين سمجهندا هوندءُ؛ اڄ ٻه سڀاڻي چار ٻيا اکر ٻڌي (توهين به پنهنجو خيال وڌائي سگهون ٿا مان جڏهين اتر آمريڪا ۾ هڪ گهر ۾ مهمان طور ٻه ٽي مهينا وڃي رهيو هيس، تڏهين ان گهر ۾ ڪوبه ماڻهو انگريزي ڪونه سمجهندو هو ۽ مون کي فرينچ جو هڪ اکر به ڪونه ايندو هو. تنهن هوندي به شام جي وقت جڏهين سڀ پاڻ ۾ گڏبا هئا  تڏهين مان جدا پري ٿي ويهڻ خراب سمجهندو هيس ۽ انهن دوستن جي وچ ۾ ئي وڃي ويهندو هيس. سندن گفتگو ٻڌندي ٻڌندي، آهستي آهستي ڪيترا اکر پڪڙڻ لڳس ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري مطلب سندس گفتگوءَ جو ڪڍي ويندو هيس. اهڙيءَ طرح مون ڏٺو آهي ته اسان جي گهر ۾ گرڌاري انگريزيءَ نه ڄاڻندو هو ڪيترا لفظ انگريزيءَ جا سمجهي ويو آهي حقيقت هيءَ آهي ته اسان جي سڀني ٻولين ۾ ڪيترا ذري گهٽ هڪ جهڙا اکر آهن، ڇا لاءِ جو چون ٿا ته انسان ذات پهريائين جڏهين وچ ايشيا ۾ يا ڪن ٻين جي چوڻ موجب هماليه پهاڙ ۾ پئدا ٿي، تڏهين انهن جي جيڪا پهرين ٻولي هئي تنهن جو اثر جدا جدا ملڪن ڏانهن پکڙجي وڃڻ کان پوءِ به ڪجهه قدر سڀني ٻولين ۾ رهيو آهي. ازانسواءِ انسان کي ساڳي دل آهي ۽ خيال جي پروڙ لاءِ لفظن به اسين ڪي خيال يا اثر انهن مان وٺي سگهون ٿا. ايتري چوڻ کان پوءِ مان اڄ وڌيڪ ڪجهه توهان سان ”وديارٿي ۽ نئين دنيا“ جي وشيه تي ٿورا اکر ڳالهائڻ چاهيان ٿو، هت هن شهر ۾ وديارٿين جي زندگي اسڪول تائين ۽ اسڪول کان گهٽين يا سينيمائن تائين محدود آهي، مگر وديارٿي ٻين ملڪن ۾ ٻين گهڻين ڳالهين ۾ بهرو وٺن ٿا، مثال طور جيئن هتي اڳي هڪ ٻالڪن جي ٻاري هوندي هئي تيئن گهڻو ڪري سڀني سڌريل ملڪن ۾ وديارٿين جون ٻاريون ۽ ڪلبون وغيره آهن  جي خاص پنگتي ۽ ٻين پروگرامن دوران ۽ خاص رسالن سينيمائن ۾ ٻارن جي کيلن وغيره دوران ٻارن جي تعليم جو دائريو وڌائن ٿيون لاڳيتي ملڪ هندستان ۾ به اهڙيون ڪيتريون سنسٿائون برپا ٿيون آهن ۽ اتي جيڪي ڪميونٽي پرا جيڪٽس (Community Project) آهن يعني ڳوٺن جي بهبوديءَ لاءِ ڪم چالو ڪيل آهن انهن ۾ به شاگرد بهرو وٺن ٿا.

اهڙي طرح 1918ع جي جنگ کان پوءِ تباه ٿيل جرمنيءَ ۾ شاگردن نه رڳو پاڻ مرادو اسڪولن، ڪاليجن ۽ لئباريٽرين جي اڏاوت ۾ بهرو ورتو پر پنهنجي مائٽن کي پڻ چاهه ڏياري اهڙن تعميري ڪمن ۾ شريڪ ڪيو، هن جنگ 1939 واريءَ کان پوءِ به ملڪ جي اڏاوت ۾ انهن چڱو پارٽ ادا ڪيو آهي ۽ اسان لاءِ هي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ننڍڙي اسڪول جي جوڙ جڪ واري ڪم ۾ لڇمڻ، موهن، تولو، ۽ ٻيا شاگرد گهڻو بهرو وٺن ٿا. مان اميد ٿو ڪريان ته انهيءَ رستي توهين وڌيڪ ۽ وڌيڪ چاهه رکي پاڻ کي ۽ پنهنجي مائٽن کي به ان ۾ شريڪ ڪندا. مون کي افسوس آهي جو اوهان جا مائٽ هن وقت اوهان کي اٽي لٽي ۽ اجهي ڏيڻ بعد يا اسڪول ۾ موڪلڻ بعد وڌيڪ ڪو دخل توهان جي زندگيءَ ۾ ڪونه ٿا ڏين، توهين اهي آهيو جي ڏهن يا پنڌرهن سالن کان پوءِ هن دنيا ۾ گهڻن ڪم ڪارين جا مالڪ بڻندا.“

اتي سام ڪن ڇوڪرن کان پڇيو ته توهان جي عمر گهڻي آهي؟ ڪن چوڏهن، ڪي پنڌرهن، ڪي سترهان ۽ ڪن گهٽ ٻڌائي. تنهن بعد کين چيائين: ”ڏهن سالن بعد توهين پنجويهن يا ستاويهن سالن جا بڻندا؛ تنهن جي معنيٰ ته توهين جوان ٿي دنيا جي سڀني ڪمن ڪارين کي سنڀاليندا؛ ڪو ولي عهد يا ڪنهن راجا جو پٽ جيڪو گاديءَ تي ويهڻو هوندو آهي، ان جي سنڀال ۽ تعليم لاءِ ڪيڏي نه اڳواٽ رٿ ۽ تياري ٿيندي آهي. ڇا لاءِ جو ان کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون پونديون آهن! مان اوهان کي يقين سان چوان ٿو ته توهين ٻالڪ ۽ نوجوان اهي ولي عهد آهيو جي هڪ وقت دنيا جون واڳون هٿ ۾ کڻندا. تنهن ڪري توهان جي تعليم ۽ واڌاري لاءِ پورو بندوبست هئڻ گهرجي. پر ان ڳالهه جو ويچار اوهان جي وڏن کي اڃان ڪونه آهي. توهان کي نه رڳو وديا يا اکري علم پرائڻو آهي پر پنگتي سماجي يا ملڪ جي ڳالهين مان پڻ ڪجهه قدر واقف ٿيڻو آهي. توهان جي تعليم جو دائرو نه رڳو اسڪول تائين محدود هئڻ گهرجي مگر ٻيا پڻ گهڻا نمونا اوهان جي! واڌاري جي لاءِ اختيار ڪرڻ گهرجن. هي ننڍڙو اسڪول ۽ هي پرارٿنا ڪلاس مان اميد ٿو رکان ته ان اوڻائي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو وسيلو بڻبو ارمان آهي جو هت فقط هندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اچن ٿا. مان جيڪر چاهيان ته ٻين مذهبن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ گڏجي اسان سان هٿ ملائي اها علم جي عمارت کڙي ڪن جنهنجي اسان کي وڏي گهرج آهي. ايشور اهي اميدون اسان جون ڪنهن وقت ضرور پوريون ڪندو.

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org