سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

نوٽ

صفحو :3

* نوٽ:-

 

مناسب ائين هيو ته مان پنهنجي سائينءَ ڏانهن ”سام“ جي بجاءِ ”سام سائين“ چوڻ سان اشارو ڪريان ۽ ڪا حجت نه رکان مگر اهڙو سڌارو هن ڊائريءَ ۾ ڪرڻ کان پاڻ منع ڪن ٿا؛ سندس خيال موجب مضمون فقط ”سام“ چوڻ سان هلڪو ۽ سٺو لڳي ٿو ۽ ”پريم اکرن ۾ اڙجي نٿو سگهي، نه ادب جو هميشہ قائل رهي ٿو!“


 

 

 

جيتامڙي جي ڊائري

 

27-11-1950ع ”گيان باغ“ ۾ سام سان گڏ ٿي گهميس؛ ڳالهائيندي، ڳالهائيندي مونکي چيائين، ”مون به ڪجهه توکان پرايو آهي ۽ تو به ڪجهه شايد منهنجي سنگت مان پرايو هجي؛ پر تو جيڪي پرايو آهي سو بي خبر ٿي ڪري پرايو اٿي، يعني تو زندگيءَ جا سبق ائين گرهڻ ڪيا آهن جيئن ڪو ننڍو ٻار کير جي ٻاٽليءَ کي چمبڙي وڃي ۽ پئڻ وقت اهو ويچار نه ڪري ته ميٺاج ڪٿان ٿو اچي يا ڪئين ٿو اچي، مگر هو ان ميٺاج ۾ لنولين ٿي وڃي! اسان جي گڏيل جيون جي ٻاٽلي تو هڪ ٻار وانگر کڻي منهن ۾ ڏني آهي ۽ وڃين ٿي خوب نوان نوان خيال ڳرڪائيندي، منهنجا ۽ پنهنجا آزمودا دل سان هنڊائيندي، ايتريقدر جو اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڇا مون توکي ڏنو آهي ۽ ڇا تو پنهنجو پاڻ بنايو آهي؛ ”تون“ ۽ ”مان“ ٻيئي هڪ وهڪري ۾ پاڻ وڃائي رهيا آهيون!“

سام وڌيڪ چيو: ”ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻکي به هڪ ٻار سمجهندو آهيان ۽ خود پنهنجي پرداخت لاءِ تو ڏانهن نهاريندو آهيان.“

مون چيو: ”مان برابر هڪ ٻار آهيان ۽ اڃا به وڌيڪ ننڍڙو ٿيڻ گهران ٿي، هڪ جيتامڙو يا هڪ ننڍي کان ننڍو جيءُ.“

ڪجهه وقت کان پوءِ مون سام سان ڳالهائيندي پنهنجا ڪي ارمان ظاهر ڪيا. تڏهن سام چيو ته ”جيتامڙو ٿيڻ معنيٰ پاڻ بلڪل وسارڻ، يعني ڪوبه ارمان دل ۾ نه رکڻ. مون زور سان نه، ڄاڻي واڻي نه، پر اڻ سڌي طرح شايد تنهنجي سنساري اميدن کي اُجهائي ڇڏيو هجي؛سو ائين آهي جيئن ڪنهن ڦلدار ٻوٽي جي چوٽين کي ڦر جهلڻ کان اڳ ۾ چٿي ڇڏجي، ان لاءِ ته ان جو رس (Sap) وڌيڪ ڪارگر ٿئي؛ اجايا پن ۽ ساوڪ فقط پيدا نه ڪري، پر نوان گونچ ڪڍي مٺاڦل پيدا ڪري؛ جيترو سنساري اميدن کان من مڙي، اوتروئي اتمڪ ڦل وڌيڪ مٺو ٿو اپجي مگر اهو موڙڻ پنهنجي مرضيءَ سان ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪنهن ٻاهرين زور پوڻ سان.

29_11_1950ع اڄ سنڌيا کان پوءِ جيئن سام سان مليا سين ۽ پنهنجي نيم انوسار سکمني صاحب جو پاٺ پورو ڪري کائنس ڪجهه خيالن يا آزمودن جي طلب ڪئي سين، ته ڌيان ۾ ويهڻ واري وقت جو حال هن ريت ٻڌايائين: ”سنڌيا جي مهل خيال ٻئي ڪنهن ڪم ۾ نٿو لڳي؛ ان وقت سنساري ڪمن جي سامهون ٿيڻ سان ئي ڄڻ خفي پيو ٿئي؛ سو ائين آهي جيئن ڪو ٻار ماءُ جو کير ڌائيندو هجي ۽ انکي راند لاءِ سڏجي يا ٻئي ڪنهن پاسي ڇڪجي ته هو خفي پيو ٿئي. جئين زندگي وڌيڪ ۽ وڌيڪ آتمڪ اصول تي رکجي ٿي، تيئن من پڻ وڌيڪ اندروني ميٺاج ڏانهن مائل ٿئي ٿو؛ پکين ۽ ٻين جيئن وانگر، جيئن واهيري جي مهل هو چڳي، کائي پي، پنهنجي آکيرن ڏانهن موٽندا آهن، سنجها جي وقت ساڌوءَ جو خيال پڻ ايڪا گرت ٿئي ٿو؛ جيئن ڪنهن به لالچ خاطر اُهي پکي وغيره وڌيڪ ڪٿي ڪين ترسن تيئن ساڌوءَ جو من به ان مهل سنساري جيوت ڏانهن منهن ڪرڻ کان بنہ انڪار ڪري ٿو. پکي جيڪڏهن واهيري جي وقت پنهنجي آکيري واري وڻ جي ويجهڙائيءَ ۾ پهتل هوندا ته اُتان کين تڙي ٻاهر ڪڍي شڪارين لاءِ پڻ اهنجو ٿي پوندو آهي؛ اهڙيءَ ريت ڪوبه سبب يا زماني جي مجبوري ساڌوءَ کي پنهنجي خيال کان ان وقت موڙي نه ٿي سگهي.“

***

 

 

وڌيڪ چيائين، ”جڏهن باقي ڪمن کان آجا ٿي، پنهنجي آشرم ۾ نئين زندگي اختيار ڪنداسون، تڏهين اسين به قدرت جي سڀني جيئن وانگر زندگيءَ جي سچي قانون پٽاندر رهنداسون، اها زندگي ڪهڙي نه سندر ٿيندي! جيتوڻيڪ هربات ۾ اها هڪ تات آهي تڏهين به باتين جو ان هڪ تات ۾ سميٽي وڃڻ، يعني نا ضروري ڪمن کان آتما جو الڳ ٿي وڃڻ، سا نشاني آهي آنند جي ڦل راس ٿيڻ جي. جيئن ميوي پچڻ تي پن پاڻهي ڇڻي وڃن تئن آهي گيان جي پراپتيءَ بعد خواهشن جو گم ٿي وڃڻ ۽ هنن سنساري ڪمن جو از خود بيهجي وڃڻ. ظاهر ۾ ته زمينداري ڇڏي اچي بيڪار بڻيان آهيون پر دل من هن ماٺ ۾ راضي رهي ٿو ۽ وڌيڪ ايڪانت جي طلب رکي ٿو.

2- 12-1950ع اڄ ٻاهر نڪرڻ جو پروگرام هيو؛ جنهن دوست سان گڏ وڃڻو هيو سو 3 ڪلاڪ دير سان آيو. ويهي ويهي اسان سڀني جي طبعيت خراب ٿي پيئي. سام به ان ڳالهه تي ناراضپي ڏيکاريو ۽ پوءِ ان ماڻهوءَ سان گڏجي هلڻ کان انڪار ڪيائين. مون کيس چيو: ”شايد هو دل ۾ ڪري!“

جواب ۾ چيائين: ”سو ٺيڪ آهي؛ ائين ئي ته ٻئي جي تڪليف جو احساس پيدا ٿئي ٿو. اسانجي لاءَ صبر سٺو آهي پر اڻ ڳاڃ صبر کان سچي سهن شيلتا نرالي آهي؛ جيترو تفاوت ننڊ ۽ سماڌيءَ جي اوستائن وچ۾ آهي اوترو تفاوت بي خبريءَ جي ماٺ ۽ سچي سهن شيلتا ۾ آهي؛ اياڻپ جي صبر کان سجاڳي احساس جي چڱي آهي؛ هن نموني ماٺ ڪري هلڻ سان اسين اهڙي بي پرواهيءَ جي گناهه کي همتائڻ جا ڀاڳي ٿينداسين؛ اهڙي بي پرواهيءَ ڪري جي من ۾ غصو پيدا ٿئي  ته اهو جائز آهي. غصو به پنهنجي حد اندر هڪ سٺو اوزار آهي مگر شخصي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ ۾ برو نظر اچيٿو. هت شخصي فائدي جو سوال ڪونه آهي؛ صبر ۽ غصي ٻنهين کان ڪم وٺي سگهجي ٿو، هميشہ چپ ۾ رهڻ به چڱو نه آهي. اسان جي ملڪ ۾ اهو هڪ غلط خيال ڦهليل آهي ته ساڌو يا فقير وقت جو ويچار نه رکندا آهن. مگر سڀ ويچار رکي ڪري به، دک پسي ڪري به سهن شيلتا ڌارڻ سو هڪ سٺو گڻ آهي. وقتي اون نه رکڻ ۽ انجام نه پاڙڻ، سان اسانجي زندگيءَ ۾ هڪ عام ڳالهه ٿي پيئي آهي. اهڙي بي پرواهيءَ کي همٿائڻ نه گهرجي، اگرچ دل ۾ ڪو ارمان يا ڏک رکڻو نه آهي.

***

 

 

3-12-1950ع مون سام کي چيو، ”منهنجي قلم کي شايد طاقت گهٽ آهي جو مونکي لکڻ جو ڪم اهنجو لڳي ٿو. ليکڪ ڪيئن ٿجي، سو ڏسيوم.“

جواب ۾ چيائين، ”پارڪر (Parker) پين وٺ!“

اسان سڀني کلي ڏنو. ٿوري دير بعد وري چيائين: ”منهنجي قلم کي ته پنهنجو پاڻ مان پاور ملندي رهي مگر مان ان ۾ مس شرڌا جي وجهندوآهيان، اهڙي جو قلم هٿ ۾ کڻ ته پاڻهي پيو هلي! لکڻ جو حرص نه رکي، فقط ساوڌان ٿي ماڻهو پنهنجي دل من جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ته اندر مان ڪافي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديو؛ ايتري قدر جو پوءِ قلم پوروئي نه پوندو. خيال جي شڌي ڪري پوءِ سڀ ڪم شروع ڪجي؛ بي واسطيدار ٿي پنهنجي من کان سڌو سوال پڇجي ته هن يا هن سوال بابت سچ پچ ڇا چوڻ اٿئي يا ڇو چوڻو اٿئي؛ پوءِ هو پنهنجي سنهي ۽ سرل آواز ۾ پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندو. جي انهن ۾ ڪي لاڀدايڪ هجن ته لکجن نه ته هرو ڀرو گهڻي لکڻ سان ڪو مطلب سڌ ٿيڻو ڪونه آهي.“

وڌيڪ هيئن چيائين: ”لکڻ  يا ڳالهائڻ جي طاقت به هڪ عجيب ڏات آهي. فرض ڪريو، جي رشي الميڪ رامائڻ جهڙو سندر گرنٿ نه رچي ها يا سکديو سوامي ڪرشن ليلا (ڀاڳوت ۾) نه سڻائي ها ته دنيا هڪ وڏي خزاني کان محروم رهجي وڃي ها. ڪي ساڌو لکڻ ۽ ڳالهائڻ کي گهٽ ڪري سمجهندا آهن مگر لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي طاقت به ٻين اوزارن وانگر آهي؛ جي چڱي ڪم لايو ته چڱو نتيجو نڪري، جي بڇڙي ڪم لائجي ته برائي پيدا ٿئي، فقط من مان آپو ڪڍڻ ڇڏڻ گهرجي، پوءِ ته فقط قلم  ۽ زبان پاڻهي فصيح ٿيندا، پر جيڪي چئبو يا لکبو تنهن جو نتيجو به عمدو نڪرندو. البت ائين قبول ڪرڻو پوي ٿو ته ڪنهن حد کان پوءِ قلم هڪڙو گهٽ اهميت وارو اوزار نظر اچيٿو. قلم جي طرز کان وڏي طاقت آهي روحاني رمز جي. ڪجهه سالن کان مان پڻ لکڻ کان عار ڪندو آهيان پر جڏهن خيال کڻندو آهي ته ڪنهن حد ۾ اٽڪي نه پوندو آهيان. ڪنه به شيوا جي طرز طريقي ۾ ارادو سچو رکبو ته اهو ضرور ڪامياب ٿيندو.“

***

 

 

پهريائين جڏهن سام ڪجهه چوندو يا لکائيندو آهي ته زبان سان تمام آهستي آهستي اکر اچاريندو آهي. ان باري ۾ پڇا ڪرڻ تي چيائين: ”مان ڄڻڪ ٻئي ڪنهن جا ويٺو خيال ٻڌان ۽ خبرداريءَ سان رڪارڊ ڪريان؛ کوهه کوٽڻ وقت تڙ تي پهچڻ سان پهريائين پاڻي البت لڙاٽيو نظر ايندو آهي؛ آهستي آهستي وڌيڪ کوٽڻ سان صاف پاڻي نڪرندو آهي؛ سنساري شين مان خيال کي ڇڪي جڏهن من جي اونهن چشمن تي لاهبو آهي ته تڙ جي کوٽائيءَ وانگر ڌيمي ڌيمي ڪوڏر جو ڌڪ هڻبو آهي؛نج خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ اکر آهستي اُچاربا آهن متان نفيس ۽ سنهڙا خيال خود پنهنجي آواز جي گهڻائيءَ ۾ گم ٿي وڃن! خاص ڪري شروع ۾ ائين ٿيندو آهي جيستائين جي ڏي وٺ (Communion) جي تار من جي لڪل ۽ اونهن طبقن سان وڃي لڳي. پر هر ڪنهن جو پنهنجو طريقو آهي. مان فقط پنهنجو طريقو بيان ڪريان ٿو.“

***

 

 

4-12-1950ع سويل صبح جو گهر ۾ ڪيترين ڳالهين گهٽ وڌ ٿيڻ ڪري پرارٿنا جي نيم ۾ ٿورو وگهن پيو، جنهن تي سام چيو: ”سهڻيون عادتون ۽ هن وقت جا سهڻا نيم اسان جي آئينده جي آشرم جا ٿنڀا ٿي سگهن ٿا؛ اُن شرم جي اڏاوت اسانکي هينئر، هن ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گهرجي؛ جڏهن ڪنهن ڀاتيءَ يا نوڪر کي غفلت ڪرڻ سبب يا صفائي ۽ وقت جي قانون بجا نه آڻڻ سبب واجبي سزا ملي ته ان کي خوشيءَ سا ڀوڳڻ گهرجي؛ سزا مقرر ڪندڙ کي به ڪوڙي ديا دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. سچي ديا سڀ لاءِ ان ۾ آهي ته سهڻي عادت اُپجي ۽ سچي زندگيءَ جو قانون عمل ۾ اچي! قانون کان سواءِ زندگي ڦلهڙي ۽ بيڪار آهي جئڻ هڏن کان سواءِ ماس! تنهن ڪري هر روز اهڙيون ڳالهيون در گذر ڪرڻ تي هري وڃڻ نه گهرجي. ڪنهن وقت ادار چت ٿي ڪا ڳالهه در گذر ڪرڻ چڱي آهي، پر هميشه گندگي، بي پرواهي يا برائي برداشت ڪرڻ روحاني ضعف جي نشاني آهي.“

***

 

 

05-12-1950ع گهر ۾ نئين چلهه ٺهرائي سين جنهن تي ماڻهو بيٺڙ ڪم ڪري سگهي. چلهين ۾ اوستو مارنگ اهڙي نموني وجهي ويو جو ديڳڙي رکڻ تي ڏٺو ويو ته ڄر پٺيان نڪري ٿي ويئي مون چيو: ”ٺهيو؛ ٻئي ڀيري اوستو سڌاري ويندو.“

مگر سام کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن کي سمجهايائين ته ڪاٺين جو انهيءَ ۾ زيان ٿئي ٿو جو آگ ڪم اچڻ کانسواءِ پٺيان اجائي نڪري ٿي وڃي؛ تنهنڪري ڪجهه سڌارو ڪرڻ گهرجي.

ڇوڪرن کي اها ڳالهه خسيس ۽ ذرا نئين ٿي لڳي. تنهن تي سام کين يورپ جي ماڻهن جو سهڻو مثال ٻڌايو؛ ”هوُ سڀ ڪنهن شيءِ کان پورو ڪم وٺندا آهن؛ ڀاڄين جا پن، گوبين جون مٿيون کلون وغيره جيڪي اسين بيڪار ڄاڻي ڦٽي ڪندا آهيون، تن سان هو ٻيون شيون ملائي شروو (Soup) ٺاهيندا آهن؛ سندن چلهين ۾ به اهڙي رٿ رکيل هوندي آهي جو باهه جي گرمائش سموري ڪم اچي سگهي؛ چلهين جي وچ ۾ ٽنگ رکندا آهن جيئن وڌيڪ گرمائش ٻين خانن ۾ وڃي پاڻي ڪوسي ڪرڻ جو ڪم ڏئي ۽ اجائي اڏامي نه وڃي.“

سام چيو، ”هي خسيس ڳالهيون ڪري سمجهڻ نه گهرجن. بلڪ هي بنيادي ڳالهيون آهن جن تي گهرو ۽ قومي زندگيءَ جي اڏاوت ٻڌل رهي ٿي. ترقيءَ جي شروعات انهن سنهين ڳالهين ۾ آهي. ائين نه سمجهو ته هي منهنجو هڪ سو دائي خيال آهي، مگر مون انهن ڳالهن تي گهڻو ويچار ڪيو آهي؛ ملڪ جي پٺتي پوڻ جو ڪارڻ اهو آهي جواسانجي گهرو زندگي ٺيڪ نه آهي. گهر جي آسودگي ۽ صحت جو مدار انهن سنهين ڳالهين تي ڪيترن وڏن ماڻهن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا؛ جن قناعت جي اصول تي زور ڏنو آهي.“

ان کان پوءِ مهاتما گانڌيءَ جي جيون مان هڪڙو سهڻو مثال پنهنجي هڪ دوست جو بيان ڪيل ٻڌايائين: ”مهاتما گانڌي سابرمتي آشرم ڇڏڻ بعد هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي رهيو؛ سندس رهڻ واري جاءِ جي ٻاهران اچ وڃ واري رستي تي برسات سبب گندگي ۽ پوسل ٿي پيئي. هنکي اها ڳالهه نه وڻي، مگر ٻئي ڪنهن کي حڪم ڪري رستو پڪو ڪرائي ڇڏڻ سو کيس ٺيڪ نه لڳو؛ ڇا لاءِ جو اهو هڪ دنيا داريءَ جو اپاءُ ٿئي ها ۽ عام ماڻهن جي لاءِ مثال نه بڻي ها. تنهنڪري هڪ ڏينهن اوچتوئي اوچتو روزاني تفريح کانپوءِ، جيئن گهر ٿي موٽيو ته واٽ تان ننڍا پٿر جهول ۾ وجهندو آيو. ساڻس گڏ گهمندڙن کي عجب لڳو، مگر هن ڳجهه جي خبر تڏهين پين جڏهين گهر وٽ پهچي انهن پٿرن سان هن چڪڙ واري رستي جي هڪ ننڍڙي ڪنڊ پڪي بڻائي ڇڏي. ان کانپوءِ ساڻس گڏ گهمندڙن پڻ ساڳيو نيم اختيار ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو رستو گپ کان آجو ٿي پيو. هي خود يا وريءَ جو مثال ڏسي ڳوٺ وارن ماڻهن يا آشرم نواسين تي ڪيڏو نه اثر ٿيو هوندو.

”قناعت فقيريءَ جو هڪ مول متو آهي. ڪا به آدرشي زندگي قناعت کانسواءِ برپا ٿي نه سگهندي. جي گهڻي پئسي خرچڻ سان ڪا آشرم اڏي به سگهياسين ته اها ڪارگر نه ٿيندي ۽ جٽاءُ نه ڪندي. محنت انسان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي ۽ جي ساڻس محبت ملايو ته ڪابه منزل دور نه آهي.“

***

 

 

6-12-1950ع سام کي ٿورو مليريا جو بخار هو. تنهن کان اڳ هن چيو ٿي ته ڪئينائين جهڙيءَ شيءِ جي ڄڻڪ منهنجي معدي ۽ زبان کي طلب ٿي رهي. اسان کي ان ڳالهه تي ٿورو عجب لڳو، ڇا لاءِ جو ڪئينائين هڪ ڪڙي دوا آهي، ان جي طلب زبان کي ڪيئن ٿي سگهي ٿي! ان بابت پڇا ڪرڻ تي چيائين: ”جيئن ڪي جانور بد هاضمي کانپوءِ مٽي کائيندا آهن جا هنن جي آنڊي کي ٺاريندي آهي، يا گهوڙا لوڻ جي کارن ڳوڙهن کي پاڻهي پيا چٽيندا آهن جڏهن هنن جي معدي کي اهڙي گهرج ٿيندي آهي، تئن انسان به جيڪڏهن پنهنجي ڀلائيندڙ خواهشن تي نه هلي ۽ پنهنجو ذاتي گهرجون چڱيءَ طرح سمجهي ته هن جون سچيون چاهنائون خود هن جي مرضن جو علاج ٿي پون. مگر اسانجي زندگي اڄ مصنوعي ۽ اُڇاتري ٿي پئي آهي ۽ اسانکي پنهنجن سچين گهرجن ۽ ڪوڙين خواهشن جي وچ۾ تفاوت ڄاڻڻ جي ٻوجهه نه رهي آهي، جنهنڪري وڏيون بيماريون پيدا ٿيون آهن ۽ ايتري ڊاڪٽرن جي ضرورت پويٿي نه رڳو جسماني مرض پنهنجي بدن جي گهرجن صحيح سمجهڻ سان ٽاري سگهجن ٿا مگر اندروني يعني من جا مسئلا پڻ پنهنجي واجبي خواهشن ۽ سچين چاهنائن جي پوري ڪرڻ سان حل ڪري سگهجن ٿا. مان سمجهان ٿو ته جيترو انسان بيروني دنيا ۾ پاڻ پتوڙي ٿو اوترو يا ان جو ڪجهه حصو ئي اندروني جيوت جي سنوار ۾ لڳائي ته انسان جي جيوت جي بي مرض ۽ پوتر ٿي پوي ۽ سندس هر خواهش آتمڪ انتيءَ جو ڪارڻ ٿي پوي. پر اسين اجاين سجاين ڪمن ۾، ٻين کان پرايل عادتن جي پٺيان لڳڻ ۾ ۽ ڪوڙن سکن جي ماڻڻ ۾ پنهنجي طاقت وڃايون ٿا؛ پنهنجي سچي خيال تي ڪين ٿا هلون جنهنڪري خود پنهنجي گهرجن کي سمجهي نٿا سگهون. جيڪو اسانجي اندر ۾ سچو خزانو خيال ۽ احساس جو آهي، جنهن منجهان سمورو گيان ۽ وگيان پيدا ٿئي ٿو، ان جي فائدي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿا رهون ۽ حياتيءَ ۾ ڪيترا هٿرادو مسئلا پئدا ڪري ٿا ڇڏيون.

***

 

 

 گهرو ڪمن جي نيم جو سام کي گهڻو خيال رهندو آهي. جيڪي ڪم خاص ڪري سندس حوالي هوندا آهن، انهن جي هو ائين پالنا ڪندو آهي ڄڻڪ ڪو ڌرمي نيم پورو ڪرڻو اٿس. اهي ڪم نوڪر به ڪري ٿا سگهن، تنهنڪري مون کيس چيو: ”توهان پنهنجو امولڪ وقت نه وڃايو. ڀل ٻيا ڪن: ٿورو گهٽ وڌ ڪيائون ته ڇا آهي؟“

سام چيو: ”طيب ۾ زمينداري ۽ راڄوڻا ڪم گهڻا هوندا هئا؛ اهي ڪم مونکي ڌرمي نيم وانگر پالن ڪرڻا پوندا هئا. هينئر لاڙڪاڻي ۾ انهن جي ڀيٽ ۾ هي ننڍڙا ڪم گهرو سنڀال جا فقط ڪرڻا ٿا پون، پر انهن جو پالن ڪرڻ مان ساڳيوئي ڌرم سمجهانٿو. نيم جي پالنا ڪرڻ سان جيڪو فيض رسي ٿو سو ڪم جي ننڍائيءَ يا وڏائيءَ تي يا مالي نقطه نگاه کان جيڪو انجي اهميت هجي انتي مدار نٿو رکي؛ بلڪ انهيءَ جي چڱي نموني پالن ڪرڻ سان ئي ملي ٿو. ننڍي ۾ ننڍو ڪم ڪو به رواجي انسان اگر پاڻ تي هموار ڪري ۽ ايمانداريءَ سان پورو ڪري ته انهيءَ جو فيض سندس روح کي ايتروئي رسندو جيترو دنيا جي وڏي ۾ وڏي حڪمران کي سندس مکيه ڪاروباري ڪمن مان رسي سگهي ٿو. ڇالاءِ جو فيض رسائي ايمانداري ۽ شد ڀاونا منجهان آهي ۽ نه ڪم جي ننڍائي ۽ وڏائي منجهان ڪم جي نتيجي جو مالڪ ايشور پاڻ آهي. هن جي نظرن ۾ وڏن ۽ ننڍن ڪمن جو ڀلا ڪيترو تفاوت ٿي سگهي ٿو؟

***

 

ٽڪر جي چوٽيءَ تان يا هوائي جهاز مان ڏسندڙ ماڻهون کي ننڍي يا وڏي قدواري شين جي وچ۾ تفاوت بنهه ڪو نظر اچي ٿو. پرما تما جيڪو شاهن جو شاه آهي، تنهن جي نظر ۾ اسانجي ننڍي يا وڏي ڪم جو ڪوبه فرق نه آهي. نه رڳو ايترو پر حق جي تارازيءَ کي وزن جا وٽ ٿين ئي ڪونه. البت انکي گڻ يا وصف جي خاصي خبر رهيٿي. موٽائي ته مڻ، جي اگهائي ته ماسو به اگهي وڃي! ڪبير هڪ ڪوري هو؛ راما نند موچيءَ جي گهر جنم ورتو؛ سدنو ڪاسائي هو؛ مگر انهن جي مهما سندس آتما جي اوچ پدوي ۾ هئي ۽ نه وڏن ڪمن ڪرڻ ۾ تنهن ڪري ننڍي يا وڏي ڪم کي نه ڏسي انسان حياتيءَ جي هر طبقي ۾ ايمانداري ۽ اوچ آدرش سان رهي. انجي زندگيءَ جو نتيجو شايد ظاهر ۾ گهڻو نه ڏيکارجي، مگر اهڙي انسان جا اثر اونها ٿين ٿا ۽ جن شين يا جن جيئن سان سندس واهپو رهيٿو، انهن جي مٿان سندس عالى شخصيت جو پڪو رنگ چڙهي وڃيٿو. اخبارن جي ذريعي مشهوري يا ماڻهن جي واهه واهه جي اهڙي انسان کي تمنا رکڻ نه گهرجي. هو گوشي نشين ٿي پنهنجي زندگي ڀل ته ڪنهن ننڍڙي دائري ۾ گذاري؛ دنيا جي تختي تان ڀل ته اڻ ٻڌو، اڻ ڏٺو مٽجي وڃي، تڏهن به سندس ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جو اثر ڪٿي، ڪنهن اڪيلي انسان جي دل ۾ زنده رهي، ڪنهن وقت، سندس مئي پڄاڻان خوشبوءِ جو ڪو خزانو کولي سگهيٿو. هن جو پورهيو هرگز اجايو نه ويندو. اهو ڀلائيءَ جي واٽ وارن جو ايمان آهي اهو اسانجو عقيدو ۽ سچو مذهب ٿيڻ گهرجي. ايماندار ٿي رهڻ ۽ مالڪ جي سچي نوڪر وانگر ٿي هلڻ، ۽ جيڪو به ڪم هو سونپي انهيءَ کي سچائيءَ سان چهٽي وڃڻ، زندگيءَ ۾ ان کان اتم موکشيه جو ڪوبه مارگ ڪونه آهي. جيتر جيئرو رهبو تيتر ڪرم کان منهن موڙي نه سگهبو. هي به ڪم انهيءَ جا، ٻيا به انهيءَ جا؛ جو ڪم ملي سو خوشيءِ سان ڪبو.“

***

 

نيمن جي باري ۾ وڌيڪ ذڪر ڪندي سام چيو: ”ڪو اصول مقرر ڪجي ته انهيءَ کي پوري آزمائش کانسواءِ ڇڏي ڪين ڏجي، ڇا لاءِ جو اصول يا نيم جي چڱائيءَ ۽ برائي جي خبر آزمائش کانپوءِ ئي پئجي سگهي ٿي.

ٿوري تڪليف ڏسي تڪڙ ۾ پنهنجو اصول ڇڏي ڏيڻ وارو انسان پنهنجي زندگي سڦل ڪري ڪين سگهندو. ڀل ته لوڪ ننداڪن يا اسانکي چريو چون، پر جيڪڏهن اسان پنهنجو آدرش ايمانداريءَ سان چونڊيو آهي ته انهن جي پچار جو اثر اسان تي پوڻ نه گهرجي. ايمانداريءَ ۽ محڪم ارادي وارو ماڻهو آخر عام جي راين تي فتح پائي ٿو. دنيا جي پيغمبرن ۽ قوم پرستن جا اهڙا مثال اسانجي اڳيان آهن. پر جيڪڏهن خاطري ٿئي ته اسان جو اصول يا رستو ٺيڪ نه آهي، ته پنهنجي سڄي عمر جي محنت پڻ رد ڪري ان اصول کان منهن موڙڻ گهرجي. مون اڪثر ائين به ڏٺو آهي ته ايمانداريءَ سان اختيار ڪيل نيم شروع ۾ اگرچ ڪچو تڏهن به سائين جي مهر سان پڪو ۽ لاڀ دايڪ بڻي پوي ٿو. پنهنجن سچن ڀڳتن جي راهه پرڀو پاڻ اچي صاف ڪندو آهي. سندن اوگڻ معاف ڪري انهن مان ڳڻ پيدا ڪندو آهي. پر هيءَ هڪڙي اندروني تجربي جي ڳالهه آهي جنهن جي اکري ثابتي ڏيڻ اهنجي آهي.“

***

 

7-12-1950ع مونکي دل ۾ ڪجهه سورهيو؛ طبعيت ٺيڪ نٿي سمجهيم؛ پنهنجي هميشہ جي ريت موجب سام جي هٿن جي ڪا شيءِ، رومال وغيره ٿي ڳوليم ته انهيءَ سور واري جڳهه تي گهمايان ته جئن راحت مليم. هڪ ڪم آندل رومال هٿ آيم جو اتي گهمائي پوءِ پيشانيءَ سان لڳايم. سام انهيءَ ڳالهه تي هميشہ وانگر گهڻو ناراض ٿيو ۽ چيائين: ”ڊاڪٽر ٿي ڪري ڪابه ڪم آندل شيءِ ڪيئن ٿي پنهنجي جان سان لڳائين؟ منجهس بيماريءَ جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڳالهه کي مان هر گر نٿو پسند ڪريان.“

مگر مونکي جو راحت ملي، تنهن ڪري مون وري به ائين ڪيو ۽ چيم: ”مان انهيءَ ڳالهه کان اصل ڪون مڙندس.“ پوءِ گرڌاريءَ[1] جي مٿان ساڳيو رومال رکي کانئس پڇيم ته ڀائي ڏس، توکي به راحت ملي ٿي يا نه؟“

سام آخر ڪاوڙ ڇڏي مشڪي ڏنو ۽ چيائين: ”توهان جو عقيدو ئي توهانکي کٽائي ٿو. اها راحت ۽ خوشبوءِ توهان جي آتما ۾ آهي ۽ نه منهنجي هٿن پيرن يا کرن ۾. پريتم جي ڪا به شيءِ پياري لڳندي آهي؛ ان جي وسيلي پريتم جو پيار دل ۾ وڌي ٿو. جهڙي طرح ڪنهن تيرٿ تي وڃجي ۽ انهيءَ آستان تي ايشور جي رچل ليلا ياد ڪرڻ سان دل ۾ امنگ اٿن، يا ڪنهن پريميءَ ۽ پوج انسان جي ڏنل سوکڙيءَ ڏسي سندس سڪ وڌي، تهڙيءَ طرح هيءُ پراڻي اڳڙي به ڪو امنگ اٿاري سگهي ٿي. مگر تنهن هوندي به مان ائين پسند نه ڪندو آهيان ته ساڌن يا فقيرن جي عام ماڻهو پوڄا ڪن يا انهن چرن ڇهن، ڇا لاءِ جو انهيءَ مان جيڪو ڪن ٿورن اٽل ڀڳتيءَ وارن کي فائدو رسي ٿو سگهي تنهن کان وڌيڪ عام ڀرمي ماڻهن کي، جيڪي عادت طور اهڙي هلت ڪن ٿا، نقصان رسي ٿو. تنهن ڪري ٻين جي ڀلي لاءِ توهان به اها ريت ڇڏي ڏيو.“

***

 

ساڳي وشيءِ تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”گذريل رات سنڌيا جي وقت کان اڳ تو پنهنجي ڏينهن جي ڪمائيءَ جا پئسا مون وٽ آندا هئا، جي مون ان وقت ٻاهر رکي ڇڏيا. سنڌيا جو وقت اچي رهيو هو ۽ سج لٿي کانپوءِ خاص ڪري پئسي جهڙي شيءِ کي هٿ لائڻ نٿي وڻيو مگر سنڌيا کانپوءِ اوچتوئي هي خيال آيو ته اهي پئسا منوءَ جي هٿڙن جو پورهيو آهن؛ متان اتي گم ٿي وڃن! تنهن ڪري گهڻي شرڌا سان وري کڻي مٿن پيار مان هٿ گهمايم؛ پوءِ ڪٻٽ ۾ ٺاهي رکيم. جيڪا شيءِ رواجي طرح ميري ۽ خيال کي اڻ وڻندڙ ٿي لڳي. خاص طور سنڌيا جي مهل، سادل جي شرڌا سا ايتري پياري ۽ پوتر ٿي پئي جو نه رڳو سانڍي رکيم پر پيار مان مٿس هٿ به گهمايم! اهڙي طرح تنهنجو هڪ اڳيون رومال به مونوٽ آهي ۽ ڪي ٿوريون شيون منهنجي ٻارن ۽ دوستن جون به مونوٽ سانڍي رکيل آهن؛ اهي سندن مالي ملهه جي ڪري نه، مگر ڪنهن ياد يا پريم جي ڪري امولڪ آهن. ان مان ثابت آهي ته امنگ ۽ احساس انسان جي سچي دنيا آهي؛ احساس جيوت جو هڪ خزانو آهي ۽ گيان جو دروازو آهي. ان جي صفائي ۽ سينگار ۾ انسان جو اُڌار آهي. پريم احساس جي شڌيءَ لاءِ سڀ کان اتم اپاءُ آهي پر تنهن هوندي به ڪنهن شخصي، ڪم آندل شيءَ کي سر سان لڳائڻ جي ڳالهه مونکي ٺيڪ نٿي لڳي؛ اها ڳالهه گويا عقل ۽ ويچار کي ڌڌڪو ڏيئي ٿي ڇڏي.“

***

 

9-12-1950ع ”جن شين سان پريم شامل ٿئي ٿو، سي وري پريم کي وڌائين ٿيون ۽ جن شين سان اگيان يا نفس شامل ٿئي ٿو، انهن جي صحبت اگيان کي وڌائي ٿي.“ اها سمجهاڻي سام مونکي ڪالهه چٽيءَ طرح ڌرشٽانت سان ڏني. هيئن ٿيو جو اسانوٽ رهندڙن ڇوڪرن مان هڪڙي جو فوٽو سندس هٿ آيو جنهن ۾ هو ٻيڙي وات ۾ وجهي هڪڙي ٻاهرين رولو ڇوڪري جي سنگت ۾ بيٺو آهي، سام اهو فوٽو مونکي ڏيکاريو ۽ چيائين ته ڏس هن مان ظاهر آهي ته هنجو لاڙو اهڙو سنگت ڏانهن اڃا ايترو ته آهي جو هي فوٽو ڏسي هو خوش ٿئي ٿو. هن فوٽي ۾ هو نه فقط ٻيڙيون ڇڪي رهيو آهي يا واهيات نموني ۾ بيٺو آهي پر دل جي خوشيءَ مان انهيءَ واقعي جو بيهي نقش چٽرائي ٿو، يعني انهيءَ صحبت ۾ فخر رکي ٿو.“

اهو فوٽو ڇوڪري انوقت واپس گهريو. سام کيس چيو ته اهو ڪنهن کي ڏيکارڻ به چڱو نه آهي، تنهنڪري ڦاڙي ڇڏڻ گهرجي. تڏهن فوٽو مونوٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو جنهن تي سام چيو: ”تو شايد اهو خيال ڪيو ته اهڙي شيءِ جنهن تي رپيو يا ٻه خرچ ٿيو سا ناحق ڇو ڦاڙي وڃي. مگر برائيءَ کي ناس ڪرڻ لاءِ اسانکي همٿ هئڻ گهرجي. جنهن شيءَ سان بروخيال شامل آهي سا ڪيتري نه قيمتي يا هنر سان ٺهيل هجي ته به ان مان چڱائي پيدا ڪونه ٿيندي. بڇڙي ارادي سان سٺيون شيون شامل ٿي بڇڙائي جو ڪارڻ بڻجيو پون.“

پوءِ مهاتما گانڌيءَ جو هڪ مثال ٻڌايائين: ”مسز گانڌيءَ کي پنهنجي زيورن سان بيحد موهه رهندو هو. مهاتما گانڌي انکي زيورن جي موهه کان ڇڏائڻ ٿي گهريو؛ مگر اهو زنانو موهه اهنجو ٿو ڇڏجي؛  آخر چون ٿا ته جهاز جي مسافري ڪندي مهاتما گانڌي اهو ڳهڻن جو دٻلو کڻي سرن درياهه ڪيو، ڇاڪاڻ جو اهو خود موهه جي هڪ جڙ بڻجي پيو هو. اهڙي ريت سلطان محمود غزنوي پنهنجي خيال موجب سومناٿ جومندر ڊهرائي پنهنجي آدرش جو ثبوت ڏنو، اگرچ انهيءَ کان وڌيڪ اوچو ٻيو هڪ آدرش هو جنهن جو قرآن شريف ۾ خود ذڪر ٿيل آهي، اهو ته تنهنجو مذهب توتاءِ ۽ اسانجو اسان تاءِ. پر محمود چيو: ”مان بتن جو وڪڻندڙ ڪونه آهيان مگر ٽوڙيندڙ آهيان!“ هنکي لکين روپيا آڇيا ويا مگر هن پنهنجي اصول جو ملهه پئسن کان وڌيڪ سمجهيو. بتن ٽوڙڻ واري اصول جي مان پٺڀرائي نٿو ڪريان، مگر سندس اصول جي پڪائي جو فقط ذڪر ٿو ڪريان. اهڙي طرح قطع تعلقات جي هلچل وقت وديشي ڪپڙن جي جلائڻ (Bonfire) جو مثال پڻ اسانجي اڳيان آهي. انساني هٿن جي پاڪ ۽ نازڪ پورهئي کي هندستان جي آزادي جي آهوتيءَ ۾ جلايو ٿي ويو! حقيقت ڪري ڪپڙي جي جلائڻ جي ضرورت نه هئي، پر ڪپڙن سان گڏ يا چئجي کڻي ته ڪپڙن جي لباس ۾ وديشي خيال ايترو ته لڪل هو جو سندس بوتي جي جلائڻ جي ضرورت سمجهي ويئي. جيتوڻيڪ مون پاڻ پنهنجي شڪتيءَ آهر ان خيال جي برخلافي ڪئي هئي، ڇا لاءِ جو هڪ غريب اگهاڙي ديش لاءِ اهو هڪ غلط قدم هو ۽ سمدرشٽيءَ وارن جي نگاهه کان پڻ هڪ تنگ خياليءَ جو مثال هو، تڏهن به انوقت جي مرض لاءِ مهاتما گانڌيءَ کي اهو هڪ صاف ۽ سڌو رستو نظر آيو. سمدرشٽيءَ وارن لاءِ ڪابه شيءِ وديشي نه آهي. مگر قوم پرستن کي هندستان جي جيوت ۾ وديشيپڻي جو ذرو به قومي غلاميءَ جو ڪارڻ ٿي لڳو. جيئن ڪنهن جاءِ جي اڏيندڙ کي اڏاوت لاءِ پڌر صاف ڪرڻو پوي ٿو، تئن هڪ ڪرم يوگيءَ کي پنهنجي رستي صاف ڪرڻ لاءِ ڪڏهن شوشڪتيءَ مان يعني ناس ڪرڻ واري طاقت مان ڪم وٺڻو پوي ٿو. خاص ڪري هن حالت ۾ ته ان ڳالهه بنسبت ڪو شڪ ئي ڪونه آهي. هي فوٽو ڪا ڪار گرشيءَ ڪونه آهي. تنهن ڪري هن ڇوڪري کي پاڻ اهوناس ڪرڻ گهرجي ته جئن اهڙي صحبت کيس ياد به نه رهي.“

***

 

اسانجي ننڍڙي دنيا ڪهڙي نه سندر آهي! اسانجي نماڻي جيون ۽ اسانجي ننڍڙن ڪمن مان اسانجو سام خيال جي مانڌاڻيءَ سان ڪهڙي نه گيان جي ملائي ۽ مکڻ ڪڍي پيو ڏئي! هي رام، تنهنجا اسين بار بار شڪرانا مڃون ٿا. سچ پچ وڏي اڊ مبر وارن ڪمن ڪارين ۾ ڪڏهين انسان جو من مد ۾ ڀرجي وڃي ٿو. هن نماڻي ڳوٺاڻي جيوت ۾ به اسان سان ڀڳوان پنهنجي ڀلائي ڪري ٿو. هن کان اڳ ڏکين وقتن ۾ پڻ ائين ئي چوندا هئا سون: ”جو تڌ ڀاوي سائي ڀلي ڪار!“ اي سائين اسان ته تنهنجا ننڍڙا جيتامڙا جيءَ آهيون. اسان وٽ ڪي وڏا ڪم ڪاريون ڪين آهن. تون پنهنجي راهه ۾ هلڻ جي اسانکي همٿ ڏئي! دنيا ۾ ڀل اسانکي اڃا به وڌيڪ ننڍڙو بڻاءِ؛ هئڻ ۽ هستي اسانجي مٽاءِ؛ فقط پريم پنهنجو دان ڏي اسانکي؛ جيئن هڪ ڦڙو ساگر ۾ سمائجي وڃي تيئن هي ننڍڙي جيون اسان جي شل تو ۾ سمائجي وڃي! اسين پنهنجي ننڍائيءَ ۾ نهال آهيون. آسيس ڪر هي سائين، جيئن تنهنجي پريم بنا ٻي ڪا تمنا دل ۾ نه رهي! ڪم اهو ڀلو جنهن ۾ تنهنجو پريم ملي.

10-12-1950ع احساس جي وشئي تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”احساس کان وڌيڪ اتم خزانو ٻيو آهي. احساس انساني جيوت جي پهرين پرهه واري روشني مثل آهي. پريم ان جي ڪماليت آهي. احساس جو رستو گيان جي طرف رجوع آهي، مگر پريم ۾ گيان خود سمايل رهي ٿو. پريمي پنهنجي پريم جي ذريعي منزل مقصود سان گويا مليل رهي ٿو. احساس فقط معلومات ڪرڻ جي شڪتي آهي. مگر پريم ان ۾ مطلب يعني معنيٰ وجهي ٿو. احساس تصور جو اڇو پڙدو آهي؛ پريم انهيءَ جي چٽسالي آهي، جنهن جي ذريعي صورت خود ظاهر ٿئي ٿي. خالي اڇو پڙدو بيڪار آهي جيستاءِ مٿس پريم جي پر ڪارسان تصور نه ٿي کينچجي. احساس گيان ڪمائي ٿو يعني هتان هتان ڪٺو ڪري ٿو، پريم گيان کي پاڻان پائي ٿو! گيان جڏهن ڪامل ٿئي ٿو تڏهن نه رڳو من مقصد پنهنجو ڏسي ٿو پر پنهنجي مطلوب سان هڪ ٿي وڃي ٿو؛ گيان تڏهن عشق ٿي پويٿو، جنهن جي محسوسات جو دارو مدار اندرين يا من جي عقلي هلچل تي نه پر ڪنهن الهامي اعلان يا انتر گيان تي رهي ٿو. جسماني دائري ۾ خواهشن جو راڄ آهي. جذباتي دائري ۾ احساس جو رنگ آهي. مگر مانسڪ يا دماغي دائري ۾ گيان اتم چيز آهي. روحاني يعني آتمڪ دائري ۾ فقط پريم ۽ آنند جو واسو آهي.

”سچو پريم جيڪو پاڻ ۾ ڀرپور آهي، انکي ديا آهي پر ديا جو ڏيک نه آهي. ڪنهن سان ظاهري پنهنجائي رکڻ يا خاص سڪ ۽ رغبت جو نمون اختيار ڪرڻ سو ڪڏهن ڀڳتين کي وڻي ٿو ته ڪڏهين وري هو سڀ کان الڳ الڳ نظر اچن ٿا. مگر چپ چپ ۾ رهندي هو ديا ڀاو سان ڀرپور رهن ٿا. ديا ڀاو گويا پريم سان مليل ئي آهي. جنهن جي ثابتي پريمين جي سنگ مان ملي ٿي. پريمي پرش جي ويجهي اچڻ تي ديا جي ڄڻڪ ڄر پئي اچي. ظاهر ۾ ڀڳت جن ڪڏهين اداس ۽ بي پرواهي لڳندا آهن گر اها ڏسڻ وارن جي سمجهه جي گهٽتائي آهي؛ هو احساس رهت هرگز نه آهن؛ ديا پريم سان ايترو ته ڀرپور آهن جو ان جي مزي ۾ سدا مگهن آهن ۽ انهيءَ جو اظهار فقط ماٺ ۾ ڪري سگهن ٿا يا چئجي کڻي ته پاڻ خود انهيءَ جي اظهار جو هڪ نمونو آهن، ڇا لاءِ جو پريم آنند روپي آهي. مگر اهو آنند چت ۽ ڀاونا رهت نه آهي. احساس يا انڀو، چت ۽ گيان يا سمجهه ۽ علم انجي اتم جوڙ جا جزا آهن.“

وڌيڪ هن باري ۾ سام چيو: ”اکرن جي رستي سمجهاڻي فقط ايتري ملي ٿي. زياده پنهنجي سمجهه سان پرائي سگهجي ٿو. آتما جو خزانو اکٽ آهي. ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ کان وڌيڪ اتم رستو ڏسڻ يعنيٰ درشن پائڻ جو آهي. مگر ڏسڻ کان به وڌيڪ آهي ”ٿيڻ“ مطلوب سان هڪ ٿي وڃڻ! جا شيءِ اسين ڏسون ٿا. يا جنهن جو اسنڀو ڪيون ٿا اها ڪجهه قدر اسان پاڻ ٿي به وڃون ٿا. نه رڳو ايترو پر جيتري قدر اسين اها شيءِ ٿيون ٿا، اوتري قدرئي فقط ڪنهن شيءِ جي سچي ڄاڻ يا سمجهه رکون ٿا! ان نموني حقيقت ڪري ڏسڻ ۽ ٿيڻ وجودي هلچل جا ٻه ڇيڙا آهن. پر ٿيڻ معنيٰ هڪ ٿي وڃڻ گيان جي چوٽي آهي ۽ ڏسڻ شروعات وارو ڇيڙو آهي.

”هن ديش جي رشين جي اها هڪ نرالي واٽ هئي ۽ آهي ته نه فقط الله جو آواز ٻڌون يا سندس درشن پايون، پر ان ۾ خود سمائجي وڃون، يعنيٰ ايشوري پدويءَ کي پاڻ پهچون. ٻين اکرن ۾ ته پاڻ الله ٿيون! آتما جي ياترا جو انت فقط پرماتما ٿي سگهي ٿو!“

***

 

[1]  نوٽ:- ڇوڪرو جيڪو اٺن (8) سالن جي عمر کان وٺي اسان سان رهندو آهي ۽ پنهنجا مٽ مائٽ ڇڏي آيو آهي.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org