سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 27

27-10-1954ع ڪيترن مهينن کان ڊائري ڪانه لکي اٿم. ان جو خاص سبب هي هو جو سام کي مدي جو تپ ٿي پيو، جنهن بعد مون هن کي هوا مٽائڻ لاءِ هندوستان روانو ڪري ڇڏيو. مون کي پڻ انهيءِ عرصي ۾ ڪو نه ڪو دک پئي رهيو آهي. سام صلاح ڏني ته پيشاب جي تپاس ضرور ڪراءِ. تپاس ٿيڻ تي ڏٺو ويو ته مون کي ذيابيطس (Diabetes) ٿي آهي، جنهن ڪري پڻ شايد ڪم ۾ چاهه گهٽجي ويو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيا ته سام به مون کي اشارو ڏنو ته ڊائري هينئر لکڻي ڪانه پوندءِ، ڇا لاءِ جو حالتون زندگيءَ جون وڃن ٿيون مٽبيون  ۽ اصلوڪن بنيادي خيالن جو ورنن گهڻو ڪري ٿي چڪو آهي. اڳتي فقط ننڍا ننڍا خيال متفرقه ڳالهين بنسبت نوٽ ڪجانءِ ۽ اهو ڀاڱو ڊائريءَ جي بڇڙيءَ ۾ متفرقه خيالات يا ٻئي ڪنهن سري هيٺ آڻڻو پوندءِ.“

ان وقت سام کي هڪ نئون خيال دل تي تري آيو، جنهن جي ٻڌائڻ کان اڳ ۾ هن مٿيون ذڪر دياچه طور ڪڍيو هو، مگر جيستائين اهو مٿيون ذڪر ڪيائين، تيستائين اهو اصلوڪي خيال سندس دل تان لهي ويو، جنهن مان متفرقه خيالات جي شروعات ٿئي ها. سو وري ياد ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، مگر کيس ڪجهه به ياد نه آيو؛ تنهن تي چيائين: ”انسان جو من هڪ اٿاهه سمنڊ مثل آهي جنهن ۾ خيال هڪ شيءَ مثل ڪري پوي ٿو ته وري مشڪل ٿو لهي سگهجي. پاڻيءَ ۾ ڪريل شيءِ جيترو گهڻو ڦولهه اوترو وڃي پاڻي لڙاٽيو ٿيندو ۽ شيءِ جو لڀڻ وڃي مشڪل ٿيندو. مطلب ته سچيتائي يا هوش من جي درياهه ۾ گوڙ يا اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو ۽ هن جو مٿاڇرو لڙاٽيو ڪري وجهي ٿو، جنهن ڪري خيال جي صفائي (Clarity of Vision) وڃائي ڇڏي ٿو. جي پاڻيءَ کي وري آٺرڻ ڏجي ته پوءِ شايد گم ٿيل خيال اصلوڪي صورت ۾ يا ٿورو مٽيل روپ وٺي ٻاهر نڪري اچي. صبر جي ڦٽڪڙي من جي پاڻيءَ کي صاف ڪري ٿي.“

***

 

 ٻيو هڪ ننڍو خيال اڄ صوفي صاحب سان ڳالهائيندي سام هن ريت ظاهر ڪيو: ”جي لغڙيءَ جي ڪاڻ پوري آهي ته پڇ جو پونو به کڻندي نه ته پڇ کيس گوهيون کارائي پاڻ هيٺ گهلي ايندو.“

هي خيال هن طرح ظاهر ٿيو جو صوفي صاحب هڪ دوست جي ڳالهه ٿي ڪئي ته عياش آهي. نه ته هونئن خيالي دنيا جو هڪ ماڻهو آهي.

سام وراڻيو: ”تنهن هوندي به هن جو سڀاءُ وڻندڙ آهي! ڇا لاءِ جو هن جو خيال وسيع ۽ وڻندڙ آهي؛ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي ننڍڙي خيال وارن ماڻهن ۾ عيب ٿي نِظر اچن ٿيون، وسيع خيال وارن ماڻهن ۾ ڪا بد زيبائي پيدا ڪونه ٿيون ڪن، اگر انهن جي خيال جي ڪارڻ پوري ٻڌل آهي. هو زندگيءَ جي پڇ جو بوجو ٻين کان وڌيڪ آسانيءَ سان کڻي سگهن ٿا ۽ اهو انهن لاءِ پرن مثل ٿي پوي ٿو.“

جيئن اڳ ذڪر ڪيل آهي، ڪيترن ڏينهن کان مون پاڻ کي ضعيف ٿي سمجهيو. سام ٻن سالن کان چوندو ٿي آيو ته پيشاب جي تپاس ڪراءِ. آخر جڏهن سندس زور لائڻ تي تپاس ڪرايم ۽ کنڊ ڏسڻ ۾ آئي، تڏهين غمغين ٿيس ۽ بيهوش ٿي هڪدم ڪري پيس. عمر لاءِ کاڌي جا ٻنڌن ۽ دوائون وٺڻ، سا هڪ وڏي مصيبت سمجهڻ لڳس. سام مون کي دلاسو ڏئي چيو: ”هي شرير ناسونت آهي، انهيءَ جي دک سک سان آتما جي سچي سک جو گهڻو سنٻنڌ نه آهي. سڀني ماڻهن کي ڪي نه ڪي مرض ٿين ٿا. آخر کاڌي کائڻ جو مطلب ته اهو آهي جيئن بندن کي خوراڪ ملي؛ چسڪو کاڌي جو ته فقط ٿورا منٽ هلي ٿو. ان جي چاهنا ڇو رکڻ گهرجي؟ البت ايترو قبول ڪبو ته اهو چسڪو خود پيٽ جي هاضمي يا دل کي چهري رکڻ لاءِ ڪجهه قدر ضروري آهي. مگر چسڪن جي چنتا ۾ خود زندگيءَ جو چاه وڃائڻ سو ٻٽو نقصان آهي. تنهنڪري اسين به توسان انهن پابندين ۾ شريڪ ٿينداسين. جيئن تون ڏسي سگهين ته انهن پابندين ۾ ڪا وڏي تڪليف ڪانه آهي. پٽاٽا يا نشاستي واريون شيون هونئن به انسان لاءِ هروڀرو چڱيون نه آهن.“

ان ڏينهن کان سام پٽاٽا آڻڻ ئي بند ڪري ڇڏيا. چانور، هنداڻا ۽ اهڙيون ٻيون شيون پڻ بند ٿي ويون. منهن جي دل ڪونه ٿي گهريو ته سام به اهي شيون ڇڏي ڏئي. مگر هن ان وقت ائين ڏٺو ته اهڙيءَ ريت مون سان ساٿ ڏيڻ ۾ منهنجي دل جي مايوسي گهٽ ٿيندي. کير، پڊنگ وغيره جن جي کائڻ جي مون کي منع ٿي، سي سام به ڇڏي ڏنا. ائين زندگيءَ جي نئين ڦري تي ڪجهه قدر ٺهي وياسين. پر تازو ڪراچيءَ وڃڻ تي هڪ نئين ڊاڪٽر سان صلاح ڪيم. جنهن ٻن ڪيترين شين کائڻ جي به منع ڪئي. سئڪرين نه وٺين ته چيائين کنڊ بجاءِ لوڻ چانهه ۾ وجهي پيءُ. اهڙيءَ طرح چانهه جڏهين منهنجي پئڻ لاءِ ٺهي آئي ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ازخود سام جي اکين ۾ به منهنجو غم سمائجي ويو. مگر هن کلي چيو ته  اها به هڪڙي خسيس ڳالهه آهي؛ اڳتي مان به لوڻ جي چانهه پيئندس. ان وقت کان وٺي هو به چانهه لوڻ سان وٺندو رهيو. مون ائين ڪو نه ٿي گهريو ته سام به پاڻ کي ڪيترن شين کان سڪائي پر ساڳئي وقت ائين قبول ڪنديس ته سندس اهڙي رخ وٺڻ سان منهنجي دل کي وڏو آٿت مليو ۽ سام ان باري ۾ سمجهائيندي هينئن چيو: ”هي سڀ لذتون قدرتي آهن. لوڻ ۾ به هڪ لذت آهي. پر انهن لذتن کان وڌيڪ سٺي آهي همشريڪي خيال جي. جن سنگ جي لذت پاتي آهي تن کان ٻيون لذتون جلد وسري وڃن ٿيون. جيڪي سهج سڀاءُ ملي، سو هو سئيڪارڪن ۽ نه ملڻ تي ڪروڌ يا غم نه ڪن. هي پڻ برهم گيان جي مارگ تي هڪ قدم ڪري سمجهه ۽ هڪ موقعو آتما جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ.“

***

 

 

8-11-1954ع سام ٻن ڏينهن کان اسان جي رسوئي تي سندس ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ڪري رنج هو. پر انهيءَ وچ ۾ جڏهين جڏهين انهيءَ رسوئي ڪو چڱو ڪم ڪيو ٿي ته ان وقت لاءِ سام جو رخ وري ڦري ٿي ويو؛ ڄڻڪ عضو سندس گهٽ ٿي پي ويو. مثال طور گهر واريءَ واڙيءَ ۾ جيڪو وقت گڏجي پوک جو ڪم ٿي ڪيائون، اهو وقت سام ساڻس گهڻو راضي ٿي نظر آيو. ان بنسبت ان ڇوڪري کي جيڪا سمجهاڻي ڏنائين تنهنجو ان مون سان ذڪر ڪيو. سا هن ريت آهي: ”ڏس، جي اسان کي ڪو وير ڀاءُ هجي ته جيڪر هت به توسان ڪين ڳالهايون. پر هت هن ڪم ۾ تون تمام سريلو ٿو هلين، جنهن ڪري اڳين ڳالهين جو رنج پڻ ٿوري وقت لاءِ وسري ٿو وڃي.“

ڇوڪري پنهنجي اٻوجهائيءَ وچان چيو: ”ان جو سبب هي آهي جو پوک جي ڪم جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانه آهي ۽ اوهان کي وڌيڪ خبر آهي؛ جيئن چئو ٿا تيئن مان ڪريان ٿو.“

سام چيو: ”تنهن جي معنيٰ اها آهي ڇا ته ٻين ڪمن جي توکي وڌيڪ ڄاڻ آهي جو انهن ۾ تون نٺرائپ ڪرين ٿو؟ نٺرائپ علم يا ڪنهن به خوشي جي حاصل ڪرڻ واري رستي ۾ هڪ رنڊڪ آهي. ماڻهو تڏهن ئي ڪجهه سکي سگهي ٿو جڏهن پاڻ کي نهٺو بڻائي ٿو. پاڻي پالهي ٿانو ۾ ئي اوتي سگهبو آهي. جنهن جو من غرور ۽ خوديءَ سان ڀريل آهي اهو هرگز پرائي ڪجهه ڪين سگهندو.“

***

 

 

12-12-1954ع  ڊائري لکڻ جو ڪم مون کان اڄ ڪالهه گهٽ ٿئي ٿو. هڪڙو ته منهنجي صحت خراب ٿي پوڻ ڪري مون کي واند گهٽ ملي ٿي؛ ٻيو ته اسان جي زندگيءَ ۾ گهڻي ساڳيائي ۽ اڪيلائيءَ جي ڪري منهنجو چاهه به شايد گهٽ ٿي ويو آهي. سام ڪي ڳالهيون اهڙيون ڪندو آهي، جيڪي سمجهندي آهيان ته درج ڪرڻ جهڙيون آهن، مگر ارادي جي گهٽتائيءَ سبب لکڻ ۾ دير ٿي پوي ۽ آخر اهي ڳالهيون خيال مان نڪري ٿيون وڃن. تازو مون کي اهو خيال ٿيو ته هينئر وڃي ٿيون بيماريون لڳندويون؛ انسان جي عمر تي ڪو ڀروسو نه آهي. تنهن ڪري ڇو نه ڪجهه ڪري وٺان! گهٽ ۾ گهٽ هيءَ ڊائري هڪ نشاني پنهنجي ٻين جي لاءِ ڇڏي وڃان، جيتوڻيڪ ان ۾ درج ڪيل خيالن جي لاءِ سموري شابس مون نه لهڻي. اهو خيال سام کي ٻڌائي ڏٺم. سام پڻ هت هڪ قسم جي وڇڙيل حياتي گذاري رهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جي چاهه ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آهي، تڏهن به اهو ظاهر آهي ته پنهنجي سچي ماحول واري امنگي حياتيءَ کان هو وڇڙيل آهي. ڪا واد وواد، ست سنگ يا ڪو ڪتابي ڪم هوندو اٿس ته ان ۾ وڌيڪ خوش ڏيکاربو آهي، جيتوڻيڪ روزانا نيم ورزشون، رانديون، رٿون گهرو انتظام جون ۽ کاڌي، (Diet) وغيره جا آزمودا ڪرڻ ۽ ٻيون سندس وندرون هلنديون اچن. مان ڏسندي آهيان ته خيال جي ڏي وٺ واري وندر يعني سنگ کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. اُن هوندي به هٿرادو طرح خيال جي ڏي وٺ شروع ڪرڻ يا ڊائري جي لاءِ خاص ڪنهن وشيءِ تي ڪجهه ٻڌائڻ سو هو ڪڏهين پسند نه ڪندو آهي. تنهنڪري ايترو وقت هو به گويا چپ ۾ هو. هينئر مون ۾ هي نئون چاهه نيئن سر ايندو ڏسي هو خوش ٿيو ۽ چيائين: ”مون سمجهيو هو ته اسان جي ڊائري گهڻي ڀاڱي لکجي چڪي آهي؛ نه وڌيڪ نوان خيال ايندا ۽ نه تو ۾ لکڻ جو ايڏو چاهه پيدا ٿيندو. پر خيال خود زندگيءَ آهي. زندگي خيال کي سدائين چوري ٿي ۽ خيال زندگي جوڙي ٿو. جيئن ايمرسن چيو آهي، ودوان جي لاءِ ڪرم ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ’چوگ وششٽ‘ ۾ پڻ سمجهاڻي ڏنل آهي ته هر ڪنهن منشيه لاءِ پرشارٿ ضروري آهي. ان ڳالهه ۾ زندگي خود اسان جي رهبري ڪري ٿي؛ سالن پٺيان سال جيڪي اسين زمينداري ڌنڌي يا گهرو ڪمن ۽ ديهاتي ماحول ۾ گهاري آياسين سي به اجايا ڪونه ويا آهن ۽ نه هت اجايا ويندا. خيال ۾ زندگيءَ جي نون، ورقن اٿلڻ سان پنا نئين تيزي پرائيندا. خيال هڪ کاڻ آهي، جنهن ۾ جيترو اونهو وڃبو اوترو وڌيڪ حاصلات جي اميد رهندي؛ تنهنجو نئون چاهه مون ۾ به نئين آشا پيدا ڪري ٿو.“

***

 

 

7-12-1954ع  سام چيو: ”اسٽوئرٽ (هڪ بيمار ۽ بي گهر ڪرستان جيڪو اسان وٽ رهندو آهي) جيئن نئون گرم سوٽ پائي اڄ مٿي آيو، تيئن دل تي اهو خيال آيو ته جيڪر تون به سندس سوٽ ڏسين؛ ڇا لاءِ جو تنهنجي ڪمائيءَ جي پئسن مان ئي اهو سوٽ ٺهرايل هو. وري دل جو دل ۾ ٻيو خيال آيو ته توکان جيڪر پڇي پوءِ اهو سوٽ خريد ڪري ڏيانس ها. ترت مٿان ٽيون خيال آيو ته تون ڪو اعتراض ته ڪو نه آڻيندي آهين؛ جنهن صورت ۾ مان ئي پيو ٿو گهر جو خرچ هلايان، تنهن صورت ۾ اهو بس آهي جي مون فقط ڏٺو. وڌيڪ پڇڻ يا چوڻ جي ڇا ضرورت آهي؟ تنهن بعد سنجها جي وقت جيئن ڌيان ۾ هيس ته اوچتو هي خيال هڪ اعلاني صورت وٺي آيو، ته ڪنهن به اڌين جو، ڀلو ڪرڻ يا ان جي پرداخت ڪرڻ، سا پنهنجي خاص جوابداري ڪري سمجهه ۽ اُن تي ٻيو ڪا مهرباني ڪري، ته اُها پاڻ تي مهرباني ٿيل سمجهه، تنهن ڪري تون ٻين جا شڪرانا مڃ. ڇا لاءِ جو اهو هڪ توتي احسان ٿيل آهي.“ هي مان ان ڪري درج ڪريان ٿي جو سام جي لفظن ۾ سچو امنگ آنساني محبت جو سمايل آهي ۽ اهو بتايل آهي ته شيوا جو آدرش ڪيڏو نه اونچو آهي.

***

 

 

18-12-1954ع سنڌيا کان پوءِ جيئن مان نيم موجب سام ساڻ ملڻ ايندي آهيان ۽ دعا وٺڻ جي چاهنا رکندي آهيان، تيئن اڄ به ڪيم. سندس ڪمري جو در کولي جهاتي پاتم ته ڏٺم اُن وقت هو پنهنجي خيال ۾ مگهن هو، مون کي ڏٺائين مگر پنهنجي آنند روپي تار شايد ٽوڙي نه سگهيو ۽ مون سان ڪجهه ڪونه ڳالهايائين؛ تنهن کان پوءِ جڏهن ليئو پاتم تڏهين چيائين ته تنهنجي موٽي وڃڻ کان پوءِ منهنجي دل هي خيال آيو: ”شل اڻ ڳولهيو پريتم ڪنهن کي نه ملي. ڇا لاءِ جو اڻ ڳوليو ملندو ته متان سڃاڻي نه سگهونس! پوءِ متان رسي وڃي يا گهڻي دير گم ٿي وڃي! تنهن ڪري شل طلب سدس هميشہ قائم رهي!“

سام وڌيڪ چيو: ”اهو خيال ان ڪري آيو جو تو مون کي هڪ وقت چيو هو ته سنڌيا جي ڌيان پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي سڏ ڪندو ڪر يا تاڙي وڄائيندو ڪر ته مان هلي اچان؛ نه ته ٻه ٽي ڀيرا ڏسڻو پوندو اٿم! اهو خيال به من تي آيو، پر چيم ته ڀل هوءَ ڏسندي رهي ۽ ڳولهڻ سکي، جيڪا شيءِ اڻ گهري يا مند جي اچڻ کان اڳ ملي ٿي تنهن ۾ ميٺاج گهٽ رهي ٿو. تنهن ڪري اڳتي توکي سڏ ڪونه ڪبو. تون پاڻ ان وقت جو انتظار رکندي ڪر. ان ريت مزو وڌيڪ ملندءِ!“

***

 

 

24-12-1954ع  مون سام کي چيو: ”اڪبر آشرم جو تحرڪ ڪراچيءَ وارو هلائيندا اچو ها ته جيڪر ڪيترو نه سٺو ٿئي ها! اُن کي ڇڏي ڏيڻ ڪري هي ڪم پٺتي پئجي ويو آهي. هونئن جيڪر گهڻو ڪم ٿي سگهي ها.“

سام کلي چيو: ”اسان ڪجهه به ڪونه وڃايو آهي. زندگي پيئي ٿي هلي. جيتريقدر سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گهاريون ٿا، اوتري قدر ضرور اها ڦلدائڪ ٿيندي. ڪوبه ڪرم چڱو چاهي برو نشڦل نٿو وڃي. جيڪڏهن ڪن گهرو يا پنگتي حالتن جي ڦيرن اچڻ ڪري اسان جي آشرم جو ڪم بند ٿي وڃي ته ان ڪري اسان جي زندگي ۾ ڪو سچ پچ خيال پيدا ٿيڻ نه گهرجي. بعضي بعضي پنهنجي ڪرمن ۽ ويچارن جو ڦل ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي مگر اهو دير سان ڪٿي نه ڪٿي ضرور وڃي ظاهر ٿيندو آهي. نه رڳو ضروري فرض زندگيءَ جا هن عرصي ۾ ڪي پورا ڪري ورتاسين. پر سنساري زندگيءَ ۾ گهري پوڻ سان پنهنجي خيالن جي چڱي چڪاس ورتيسين. جيڪي خيال آزمائش ۾ نٿا اچن سي وائي آهن يعني انهن ۾ ست ڪونه آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هيترين مشڪلاتن ڏسندي به پنهنجي خيال کي چهٽيا پيا آهيون ۽ اها خيال جي دونهين به دکندي رهي ٿي. سچي شيوا جا ڦل لڪل پر مٺا ٿين ٿا مثال طور تنهنجي زندگي سڄي ۽ هي ڊائري تنهنجي سي ٻيئي هن عرصي ۾ گهڙجي راس ٿيون آهن. ائين نه آهي ته ڪو مان پاڻ کي خوش ڪري وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت کي ٽاري ٿو ڇڏيان مگر اهو منهنجو وشواس آهي ته چڱن ڪمن جي شروعات هميشہ ماٺيڻي ۽ بنا ڏيک ويک جي ٿيندي آهي. چوڌاري وڏن وزيرن، ملڪ جي مدبرن يا جنگي جوڌن جا ڪارناما ڏسي ۽ ٻڌي شايد اهو توکي خيال ايندو هجي ته اسين انهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون؛ مگر اهو خيال سراسر غلط آهي. ائين برابر آهي ته تنهنجي ۽ منهنجي زندگي غريباڻي لباس ۾ آهي. پر غريب ٿيڻ به چڱو آهي؛ نه رڳو ايترو پر اهو لڪ خود خيال جي خوراڪ آهي. انهيءَ وقت ۾ پنهنجي خيال کي نپائي وڏو ۽ مضبوط بڻايو اٿئون. جيترو وڌيڪ عرصو ان جي پالنا ڪرڻ تي خرچ ڪيو اٿئون اوترو وڌيڪ سندس بالغپڻو جٽادار رهندو. اڄ ڪرائيسٽ جي جنم جي رات آهي؛ جنهن جو چوڻ هو ته بهشت جي حڪومت غريبن ۽ مسڪينن لاءِ آهي. اچ ته انهيءَ آدرش ۾ پنهنجو اعتقاد وڌايون ۽ دنيا جي هل هلاچي ۾ پنهنجي خيال کي بلڪل ٿڙڻ يا گم ٿيڻ نه ڏيون ۽ ماٺ ميٺ ۾ سچي زندگي گهاريندا رهون. جيڪي سچائي ۽ صدق رکن ٿا انهن جي زندگي نشڦل هرگز نه ٿي ٿئي.  ايشور هر طرح انهن جو حامي ٿئي ٿو. لڪ انهنجي اندروني واڌاري لاءِ ضروري آهي. ڏس ڪرائيسٽ خود هڪ واڙيءَ ۾ ڄائو هو. ايڏي وڏي پريم جي تحريڪ جي شروعات اهڙي غريب ۽ ماٺيڻي نموني ۾ ٿي! نه رڳو ايترو پر گهڻو ڪري دنيا جا وڏا مذهبي ۽ خيال اڳواڻ بندي خانن ۽ غريبي حال ۾ پيدا ٿيل ٻڌجن ٿا. جي ٻيءَ طرح ڄاوا ۽ نپنا، تن ڪجهه وقت لاءِ غريبي اختيار ڪئي هئي. ڇا پوءِ به اسين هن ماٺيڻي ۽ گمنام طريقي زندگيءَ جي تي رنج رهي سگهون ٿا؟“

***

 

 

29-12-1954ع  اڄ ڊپٽي صاحب گهڻن ڏينهن کان پوءِ اسان وٽ آيو، سندس خيال اسان جي گهر سامهون هڪ نئين ٺهيل گرجا ڏانهن ڇڪجي ويو. مون کان پڇيائين ته توهين اتي ويندا آهيون؟ سام کيس چيو ته ٽي آمريڪن فئمليون اتي ڪم ڪرڻ لاءِ آيل آهن؛ اهي اسان کي اچي ڪوٺ ڏئي ويا هئا، تڏهن اسين هڪ ڀيرو انهيءَ گرجا ۾ وياسين. هو سٺي سڀاءَ وارا نوجوان آهن، جن جي سنگت ۾ مزو پيو اچي، ورنه تبليغ وارن مرڪزن کان اسين پاسو ڪندا آهيون.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تبليغ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي؟ خاص ڪري ڪرستان مشنري ته سٺي شيوا جو ڪم ڪري رهيا آهن.“

سام چيو: ”ڪنهن به ڪم جي چڱائي يا ڪسائي سندس ظاهري مشهور ڪيل مقصد تي نه پر اندروني سچي مراد تي مدار رکي ٿي. ان جي سٺائيءَ جو اندازو ٻاهرين ڏيک ويک مان لڳائي نه ٿو سگهجي. ڪي مشنري اها مراد رکندا آهن ته ماڻهن کي ريبي پنهنجي مذهب ۾ آڻيون. ائين برابر آهي ته اسين سڀئي پنهنجي پنهنجي خيالن جو پرچار ڪريون پيا ۽ چاهيون ٿا ته اهي خيال ٻين کي به وڻن، پر خاص مقصد پنهجي مذهب وڌائڻ جو، سو دنيا ۾ جهڳڙي وڌائڻ جو باعث ٿي پوي ٿو. ان ڪري جن فرقن ۾ تبليغ ڪرڻ جو رواج آهي اسين عام طور انهن کان پري رهندا آهيون.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ڇا، جي ڪرستان ڪجهه وڌي ويا ته هت جهڳڙو پيدا ٿيندو؟“ سام چيو: ”جيڪڏهن ڪرستان هڪ پاسي ڇڪيندا، هندو ٻئي پاسي ڇڪيندا ۽ مسلمان ٽئين پاسي ڇڪيندا ۽ پنهنجي پنهنجي مطلب لاءِ هو ماڻهن کي لالچائڻ شروع ڪندا ته ضرور جوش و خروش وڌندو ۽ بدامني پيدا ٿيندي گڏيل پئليسٽائين ۾ ڏسو ها ته يهودي ڪرستان ۽ مسلمان چڱي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ اتي هن جي سرگرمين ڪري ايتري خيال جي گرمي وڌندي رهي جو صدين ۾ پئليسٽائين ڪڏهن اندروني صلح يا شانتي ڪانه ماڻي. اهڙيءَ طرح جي ڪڏهن ٻين ملڪن ۾ به اهڙيون سرگرميون بنا روڪ ٽوڪ جاري رهنديون ۽ جيڪڏهن هاڻوڪي صورت ڦري ويئي يا ننڍن فرقن وارا وڏي تعداد ۾ اچي ويندا ته بدامني پيدا ٿيندي. تنهن ڪري مان انهيءَ خيال جو آهيان ته تبليغ وارن تي ڪي بندشون پوڻ گهرجن، جيئن تعليم ۽ دواخانن جي سهولت بنا ڪنهن مذهبي پرچار جي ميسر ڪن ته ڀلي ڪن ورنه اجازت اهڙن مرڪزن کولڻ لاءِ کين نه ڏني وڃي. خيال جي سچي ڏي وٺ ۾ ڪو اعتراض ڪونه آهي، مگر پنهنجي مذهب جي واڌاري لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون کولي[1] پرچار ڪرڻ سو هڪ ناجائز رستو آهي. جيئن سياسي چونڊن ۾ جيڪو اميدوار ووٽن لاءِ پئسا يا ڪا به لالچ ڏئي ٿو، يا حد کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿو ته اهي ڏوهي ٺهرايو وڃي ٿو، تيئن مذهبي تبليغ ۾ پڻ پئسي  ۽ ٻين سهولتن جو ڏيڻ يا ڪنهن جي غربت جو فائدو وٺڻ قانوني گناهه ٺهرائڻ گهرجي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪو گهرجائو هجي ۽ تبليغ وارا کيس پئسا لٽايا تعليم ڏئي سڌارن ته پوءِ ڇو نه هو پنهنجو مذهب مٽائي؟“

سام چيو: ”مون کي هڪڙو مثال ياد آيو آهي. هڪڙي ڇوڪري کي ڪراچيءَ جي هڪ ڪرستان اسڪول ۾ تعليم ڏني وئي. هن جي خيال تي گهڻو اثر ڪونه پيو مگر ڏٺائين ته جيڪڏهن ڪرستان ٿيندس ته مون کي بمبئي جي ڪنهن وڏي ڪاليج ۾ ڪرستان پادري موڪلي ڏيندا. تنهن ڪري هن ٿوري وقت لاءِ پنهنجو ڌرم مٽايو. تعليم وٺي جڏهين پوري ڪيائين تڏهن وري هو هندو ٿي رهڻ لڳو، اهڙي هرکائڻ وارا مثال اڻ سڌيءَ طرح لالچ آڇڻ جا ٻيا به گهڻا ئي ملي سگهندا. انهن تي بندش پوڻ گهرجي جو اها سچي تبليغ نه آهي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”مون کي ته انهيءَ ۾ ڪو اعتراٰض ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي؛ جي ڪنهن کي پڙهائي ۽ وڌيڪ ڪرائتو ڪجي. پوءِ ڇاهي جي هو ڌرم مٽائي ڇڏي؟“

سام چيو: ”اهي ڳالهيون ٻن سببن ڪري اجوڳ نظر اچن ٿيون. هڪڙو ته ڪو ماڻهو پنهنجو مذهب يا نيت ڪن شخصي فائدن لاءِ ڦيرائي ڇڏي ته انهيءَ ۾ سندس چال (Character) جي گهٽتائي آهي. ٻيو هي سمجهڻ کپي ته جن شين جو واسطو بدن سان آهي، انهن جي بدلي ۾ اسان کي ڪنهن جي عقيدن مٽائڻ جو حق ڪونه آهي. انهن جي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان جيڪڏهن ڪو اسان جو ضمير ڦيرائڻ گهري ٿو ته اهو هڪ قسم جي چوري ڪري ٿو. مذهب ڦيرائڻ لاءِ خيال جي تبديلي کپي ۽ نه خيال کي گمراهه ڪرڻ کپي. انهيءَ سچي تبديل لاءِ ڀلا ڇو ڪنهن کي ايترو انتظار ڪرڻ کپي جيترو تبليغ وارا ڏيکارن ٿا؟“ جيڪڏهين دنيا مان ڪرستان مت يا ٻيو ڌرم مان گم ٿيندو ڏسان ته جيڪر مون کي بيحد دک پهچي. جيئن هڪ وڏي باغ مان هڪ سهڻو ٻارو گلن جو ٻوڏ هيٺ اچي گم ٿي وڃي ته انهيءَ جو ارمان ٿي پوي. هي سڀ ڌرم ۽ فلسفا انسان جي خيال جي پئدائش آهن؛ دنيا جي باغ ۾ گلن مثل آهن. سڀ پنهن جي پنهنجي جاءِ والارين ٿا. جن کي جتي خالق خلقيو آهي، اتي انهن کي رهڻ ڏجي. انهن جي ڊاهڻ يا ڦيرائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪرڻ نه کپي. انهن جي ٺاهيندڙ کي ئي خبر آهي ته اهي ڪيستائين ضروري آهن. پنهنجو پاڻهي علم و عقل جي آزمودن جي واڌاري سان اندروني طرح اسان جي ريتن ۽ متن ۾ تبديلي اچي ٿي. اها ڦير گهير ڪافي آهي. پر جيڪا ڪوشش ان باري ۾ تبليغ وارا ڪن ٿا انهيءَ ۾ مان ڪا چڱائي ڪانه ٿو ڏسان. مان جيڪر انهن کي چوان ته قدرت جي ڪم ۾ هڪ قسم جي اٻهرائي ڪري رهيا آهن. ڪنهن به صورت ۾ لالچ سان مذهب ڦيرڻ يا  ڦيرائڻ سو هڪڙي نيچ ۾ نيچ اوزار کان ڪم وٺڻو آهي. هڪ پاسي تمام وڏي بندوبست يا ڌن وارا، زوردار ملڪن جي اڻ سڌيءَ مدد سان، سڄي دنيا اندر تبليغ ۾ مشغول هجن ۽ ٻئي پاسي نامنظم (Uoorganised) مجموع هجن سو انصاف جي خلاف آهي. ان ريت ننڍا گروه بي سمر ۽ بي سهاري، مگر سٺا سٺا خيال ۽ مت رکندڙ گم ٿيندا وڃن، ان ۾ مان انسان ذات جي هاڃيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏسي نٿو سگهان. البت ائين برابر آهي ته پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي.

”هي سڄي دنيا ۾ ڪن وڏن فرقن جو ڄار وڇايل اڻ سڌيءَ طرح گذريل وقت ۾ جنگين جو ڪارڻ بڻيو آهي. ڏاڍي ۽ هيڻي کي گڏ ميدان ۾ انهيءَ نموني ڇڏي ڏيڻ ٺيڪ نه آهي. پر ايشور کي به شايد ڪو طوفان کڙو ڪرڻو آهي جنهن ۾ اهي ڏاڍا، هيڻا، ’سچا‘ ۽ ڪوڙا مذهب سڀ ٻهاري ٻاهر ڦٽي ڪرڻا اٿس!“

***


[1]  ٿيو به ائين؛ ٿورن ڏينهن بعد ڪرستانن لائوڊ اسپيڪر هڻي ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪري ڪن غريب ڇوڪرن کي پاڻ وٽ آندو. ٻاهران ديول جي هڪ مولوي به اچي وعظ ڪرڻ بيٺو. ٿوري وقت لاءِ چڱو جوش پيدا ٿي ويو ۽ ان مان اسان ظاهر ڏٺو ته اهڙين حالتون جهيڙو پيدا ڪري سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ جهيڙو هن حالت ۾ ٽري ويو جو ڪرستان تمام ٿورا هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org