سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 10

سام وراڻيو: ”جي اها ڇڪ اڻٽر هوندي ته اوس پوري ٿيندي ۽ هر خواهش واجبي نموني پوري ڪرڻ به گهرجي، توڙي جو ظاهر ۾ لوڪ انکي گناه چون، واجبي نموني پوري نه ڪبي ته دٻجي هڪ وڏي زلزلي يا طوفان جي صورت وٺي ايندي. حياتي جي ڏاڪڻ جي مٿين چوٽيءَ کان ڏسو ته سڀ کان هيٺ پهريون ڏاڪو نظر ايندو. مگر ڏاڪڻ جي هيٺان بيهي ڏسو ته اهو پهريون ڏاڪو به هڪ چڙهڻ جو وسيلو يعني هڪ ڏاڪو ٿي نظر ايندو. اهڙيءَ طرح ظاهري گناه ڪنهن نڪته نظر (View Point) کان هڪ ثواب به ٿي سگهيٿو. مثال طور، ڪو ڪنهن کي گار ڏئي ٿو ۽ ٻيو جوش ۾ اچي ڌڪ هڻي ٿو. اهو ڪم ڌڪ هڻڻ جو گناه چئجي ٿو مگر اهو ڪم گهٽ ۾ گهٽ ڌڪ هڻندڙ چڱو ڄاڻي ڪيو هوندو. جي چوٽيءَ واري سنتپڻي يا فلسفيانه خيال کان ڏسو ته اُهو هڪ وڏو جرم آهي. پر جي هيٺان بيهي بزدليءَ واري ڏاڪي کان ڏسو ته اهو ڌڪ هڻڻ بزدليءَ کان مٿي چڙهڻ جي هڪ ڪوشش ثابت ٿي سگهي ٿي، ۽ هڪ قسم جي بهادريءَ جو اظهار ٿي سگهي ٿو. سمجهو، اهو ڌڪ هڻڻ جو واقعو ڪنهن عورت جي بي حرمتي ٿيڻ مان پيدا ٿيو آهي يا ڪنهن نٻلي انسان جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ ڌڪ هنيو ويو آهي ته بزدليءَ جي اظهار کان ڪم از ڪم وڌيڪ تحسين جوڳو قدم ليکبو. البت ڪڏهين بي سمجهائيءَ کان به اهڙا ڪم ٿي وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري ان کان وڌيڪ چڱا اپاوَ اهڙن موقعن لاءِ ممڪن هوندا آهن. پر جيڪڏهين ٻيو اُپاءُ اهو آهي جو چپ ۾ بي عزتي سهڻي پوي ته پوءِ يقيناً اهڙا قدم بهادريءَ ۾ شمار ٿيڻ گهرجن. ان ڪري گناه يا ثواب جو فيصلو حالتن تي منحصر آهي ۽ اهڙو ڪو ڪم ڪونه آهي جو هر حالت ۾ چڱو ليکجي يا هر حالت ۾ برو چئجي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين توهان جي خيال موجب نڪو مقرر گناه نه ان جي ڪا سزا آهي.“

سام چيو: ”گناه مقرر نه آهي مگر گناه تيستاءِ آهي جيستاءِ گناه جي ڀاونا آهي؛ ڪيترا ڪم ڄاڻي واڻي ساڙ وچان فقط ٻئي کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا؛ انهيءَ خواهش پوري ڪرڻ ۾ قدرت جي ڪا ذاتي گهرج پوري ڪانه ٿي ٿئي. تنهن ڪري اها ڀاونا بري آهي ۽ نه وري ڪا اڻٽر ڇڪ انسان کي ان برائيءَ ڏانهن ٿي سگهندي. مگر انسان جو من پاڻ کي ڀلائي، بنا سچي چاهه جي به ڪڏهين اُگرا ڪم رٿي يا ڪري سگهي ٿو. اهي واقعا ظاهر ظهور گناه جا ڪم آهن. ان ڳالهه ۾ ملڪي قانون پڻ اسانجي خيال کي ٽيڪ ڏئي ٿو. جورٿيل خون جي سزا وڌي ڏئي ٿو ۽ ساڳئي قسم جي اتفاقي خون جي سزا بعضي نالي ماتر ڏئي ٿو. چڱي ارادي سان چورن کي بندوق هڻي مارڻ واري کي سرڪار پڻ انعام  بخشي ٿي؛ تنهن ڪري، جئن هن حالت ۾، ڪنهنجو خون ڪرڻ به ثواب ٿي سگهي ٿو.“

”ٻيو گناه تڏهين ٿو پيدا ٿئي، جڏهين ٻه قدرتي خواهشون پاڻ ۾ ٽڪرن ٿيون ۽ انهن مان هڪڙي ٻيءَ کي دٻائي انجي مٿان غالب پوي ٿي. مثال طور کاڌي لاءِ هڪ ڦل آهي؛ توهين به بکيا آهيو ۽ مونکي به بک آهي پر مان توهان جي بک جو خيال نه ڪري ڏاڍائيءَ سان ڦل کڻي کائي وڃان ٿو. ٻنهي جون خواهشون قدرت جي قانون مواقف آهن پر تنهن هوندي به ان نموني خواهش جي پورائي ڪرڻ کي گناه چئي سگهجي ٿو؛ هونئن ته ڦل کائڻ ڪو گناه ڪونه آهي.“

ڊپٽي صاحب پڇيو: ”ڀلا سزا بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ جيڪڏهين توهان جي خيال موجب عام طور زندگيءَ ۾ ڪي مقرر گناه ڪونه آهن ته چئبو سزا ۽ انعام يا خود بهشت دوزخ جو سرشتو به اجايو آهي.“

سام چيو: ”هاڻي ان سوال تي اچون! هيڏي ساري وڏي رشٽيءَ ۾، جنهن ۾ چت يعني خيال جي موجودگي ظاهر نظر اچي ٿي ۽ جنهن جو سڄو ڪاروبار از خود يعني پاڻمرادو هلي رهيو آهي، ڇا تنهن ۾ گناه جي عيوض چڪائڻ جو رستو به ڪو خود بخود هلندڙ اصول موجب، ڪنهن وگياني ۽ تيز بجا ايندڙ قانون موجب هوندو يا پوءِ بهشت ۽ دوزخ تاءِ مهمل ڪيل هوندو؟ بهشت ۽ دوزخ جو طريقو اهڙي شاهي ۽ خود بخود هلندڙ ڪارخاني ۾ ائين پيو لڳي جئن آمريڪا جهڙي سڌريل ملڪ ۾ ڪاٺ جي پير ڪڙين وارا جيل خانا هجن، جن ۾ اڳئين زماني وارا مجرمن جا پير بند ڪري ڇڏيندا هئا. اڄوڪي گناه جي سزا مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ ڇو ملي ۽ اڄوڪي ثواب جي ڪم جي موٽ مرڻ کان پوءِ بهشت ۾ ادا ڇو ڪئي وڃي؟ قدرت کي ان وقت حساب ڏيڻ ۽ وٺڻ جي توفيق ڪانه آهي يا اهڙو سرشتو ڪو وڌيڪ سهوليت وارو آهي؟ اها نتيجي مهمل ڪرڻ واري ترتيب انتظام لاءِ خراب ۽ نقصانڪار ٿيندي؛ ڇا لاءِ جو هڪ پاسي چڱائي جي وهنوار ۾ آلس پيدا ڪندي ۽ ٻئي پاسي برائيءَ وارن ۾ بي پرواهي پيدا ڪندي. مان اوهان کي اهو اشارو ڏيڻ گهران ٿو ته ڪرم جو قانون اهڙو پورو، وگياني طريقي موجب ۽ تيز هئڻ گهرجي جو بڇڙن کي ڏوهه ڪرڻ سان نه فقط پر ارادي ڪرڻ واري وقت تي ئي سزا ملڻ کپي ۽ ڀلائي جو ڦل ساڳيءَ طرح اتي جو اتي ملڻ کپي. ائين ئي اهڙي طاقتور ايشور يا الله کي ڪرڻ جڳائي جو سرو شڪتيوان ۽ هرجا حاضر ناظر آهي. ۽ ائين ئي سچ پچ آهي!“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ڳالهه جو مطلب وڌيڪ کولي ٻڌايو.“

سام چيو: ”ڳالهه جو مطلب هي آهي ته بڇڙائي وڌيڪ بڇڙو ۽ ڪڌو بڻائي ٿي؛ من کي مونجهو ۽ ٻڌيءَ کي ناس ڪري ٿي؛ آتما جو آنند گم ڪري ٿي. انسان کي بڇڙائيءَ جو ارادو خود اتي جو اتي ذليل ۽ بدزيب بڻائي ٿو. اها بڇڙائيءَ جي سزا آهي. چڱائيءَ جهڙو ڪم وري انسان جي روح ۾ هڪ قسم جي آنند، من ۾ طاقت ۽ جسم ۾ قرار پئدا ڪري ٿو. اهو ان جو انعام آهي. انهن جا ٻيا پڻ نتيجا از خود نڪرن ٿا، جهڙوڪ بڇڙائي مان جڳ ۾ گلا، ماڻهن ۾ بي اعتباري پيدا ٿيڻ يا همدرديءَ جو گهٽجي وڃڻ ۽ انهن سببن ڪري ٻين تڪليفن جو پيدا ٿيڻ. چڱائيءَ جا وري ان جي ابتڙ آثار اتپن ٿين ٿا، جهڙوڪ جڳ ۾ نيڪي، ڀلائيءَ وارن جي همدردي ۽ هٿ ڊگهيڙ ۽ آخر ڪار سهوليت، سک ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ شانتيءَ جو واڌارو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ڀلا چوڻ ۾ اعتبار ڪهڙي نموني جائز سمجهو ٿا؟“

سام چيو: ”چوڻ ڪرم جي قانون جو ٻاهريون پاسو آهي؛ ڪرم ان زنجيريءَ جو اندريون پاسو آهي. جيئن ڪرم ٿئي ٿو تيئن وڻ به اتي جو اتي مٽجي ٿي. منهنجي هن وقت جي اوسٿا صبح واريءَ اوسٿا کان البت ڦريل آهي. گذريل سال واريءَ کان گهڻو ڦريل ۽ جوانيءَ جي وقت کان بلڪل نرالي آهي، گويا من منهنجي هن عرصي اندر ڪيترائي جنم ورتا آهن.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تنهن جي معنيٰ ته ٻاون ٻانڀڻن وانگر، يعني جئن هندو ڌرم وارا مڃن ٿا ان نموني توهان جو جوڻين ۾ اعتبار ڪونه آهي.“

سام چيو: ”اسڪول ۾ ظاهر ۾ ست درجا ليکجن ٿا مگر انهن ستن درجن اندر ڪئين ٻيا درجا به آهن. ستين درجي وارن شاگردن ۾ ئي ڏسو ته ڪي هوشيار آهن، ڪي موڳا آهن ۽ ڪي درميانن طبقن جا شاگرد آهن. چوراسي لک جوڻيون مقرر ڪرڻ، سو به ائين آهي جئن مئٽرڪ ڪلاس تائين ست درجا مقرر ڪجن ٿا. مگر در حقيقت اسڪول ۾، جئن حياتيءَ جي وديالي ۾، هڪ ڳنڍيل ۽ لاڳيتو تحريڪ هلندڙ آهي. ساڳي طرح آتما جي اُڌار جو پڻ مارڳ ڳنڍيل آهي ۽ سرشتو لڳاتار جاري رهي ٿو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين اتي توهان جو خيال به اچي صوفين سان ملي ٿو. باقي هڪ ڳالهه آهي، سا هيءَ ته من جي هر خواهش پوري ڪرڻ بدران ان کي موڙي سگهجي ٿو ۽ ڪيتريون گهرجون پوريون ڪرڻ بدران ٽاري يعني گم ڪري سگهجن ٿيون. مگر توهان چئو ٿا ته خواهشون واجبي نموني پوريون ڪرڻ گهرجن!“

سام چيو: ”من کي موڙي تڏهين سگهبو جڏهين اول ٻيو ڪجهه عيوض ۾ ان کي ڏبو يعني ٻي ڪا اڳين کان زوردار خواهش پيدا ٿيندي ته ننڍي خواهش کان مڙي سگهندو. مثال طور شادي ڪرڻ ۽ زماني ۾ گهرڻ کان وڌيڪ زوردار جيڪڏهين ساڌو پڻي ۽ سنياس جو شوق پيدا ٿيندو ته من اوڏانهن لڙي سگهندو. من جي چڙي هڪ وڻ تان اٿارجي ته ضرور ٻئي تي ويهندي؛ هوا ۾ هميشہ ڪانه رهي سگهندي. بيشڪ خيال ۾ گم ٿي وڃي؛ پر سو سڀ پنهنجي مرضيءَ سان ڪندو، يعني جڏهين اها خود من جي خواهش بڻبي. خواهشن کي ان ريت خيال سان موڙي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ اهي مرن نٿيون مگر انهن جو رنگ روپ مٽائي سگهجي ٿو. انهن کي وڌيڪ سٺو يا ڀدايڪ رستو ڏيکاري وڌيڪ اوچ پدويءَ واري زندگيءَ ڏانهن لاڙي سگهجي ٿو. تنهن لاءِ سٺي ۾ سٺو اپاؤ صحبت يعني ست سنگ آهي. ست سنگ يعني ڀلائيءَ وارن جي صحبت ۾ ئي ڀلائي پيدا ٿئي ٿي.“

***

 

 

14-8-1951ع اسان جو گهر سچ پچ هڪ ننڍڙي آشرم بڻجي پيو آهي. پرڀوءَ جا شڪرانا آهن جو اهڙو سک اسان کي گهر ۾ موجود ڪري ڏنو اٿس، جنهن ۾ مان نه رڳو پر اسان جا نوڪر ۽ ٻيا پڻ پنهنجي پنهنجي جيون جو لاڀ پايون ٿا؛ ماڻهن جي وچ ۾ رهي به ڄڻڪ پاڻ کي سنسار کان سوين ميل پري سمجهون ٿا. هي مون لاءِ ڄڻڪ هڪ بر ۾ وڏي آسائش جو آستان آهي. جا ڳالهه اسان کي طيب جي محلن ۾ مشڪل ٿي ملي سگهي، (جيتوڻيڪ ڳوٺ ۾ قدرت جي نمائن کي ويجها هئاسون) سا ڳالهه  هت شهري زندگيءَ، هن گوڙ ۽ سوڙهه واري ماحول ۾ اسان کي سهنجائي سان حاصل ٿي آهي. مان ڀانيان ٿي سو ان ڪري آهي، جو سام هت نلو پلو اسان جو آهي، يعني ٻيون گهڻيون مشغوليون ڪونه اٿس؛ مان ۽ هي ڇوڪرا، سندس سعيي هيٺ ٻالڪن وانگر زندگي گهاري رهيا آهيون. ويهي ويهي ڪڏهين اهڙي محبت ۽ موج جاڳندي آهي جو عجيب ڳالهيون ڪري چڪندا آهيون. حقيقت ۾ اهي عجيب ڪونه آهن ڇا لاءِ جو اسان جي زندگي بلڪل سڀاوڪ آهي؛ منجهس ڪابه هٿرادو ڳالهه ڪانه آهي؛ مگر ٻين جي ڀيٽ ۾ اهي ڳالهيون ذرا نراليون پيون لڳن جنهن ڪري مون ”عجيب“ اکر مٿي ڪم آندو آهي.“

اڄ منشي کي اوچتوئي اوچتو اهڙو هڪ خيال آيو؛ هو ڄڻ ته حال ۾ اچي ويو! سام کي پيرن تي هٿ رکي چيائين، دادا ٻاهر هلو ته توهان کي تماشو ڏيکاريان.“

سام پڇيس: ”ڇا رٿيو اٿيئي؟“

منشي چيو: ”مان اڄ ميز تي مٿي چڙهي، عام سير واري پاسي کان بيهي، اٿ ويهه ۽ ڪن ڪوشي ڪندس؛ ڀل ته ماڻهو ڏسن!“

سام پڇيس: ”ائين ڀلا ڇو ٿو ڪرين؟ تون ته پاڻ چوندو آهين ته مونکي منشيءَ جو گريڊ ڏيو، جئن ماڻهو مونکي رواجي نوڪر نه سمجهن! هاڻي ڇو ٿو ماڻهن اڳيان پاڻ کي اجايو خوار ڪرين؟ تنهن کان ڪو سجايو ڪم ڇو نه ٿو رٿين؟“

منشي چيو: ”بس اڄ کان وٺي مون پڪو پرن ڪيو آهي ته مان توهان جو ٿي رهندس. هي ساڌن من جي مارڻ لاءِ ڪرڻ ڏيوم؛ جي چئو ته اصل منهن ڪارو ڪري شهر گهمي اچان!“

پوءِ اسان سڀني کي ٻاهر وٺي هليو ۽ ميز تي چڙهي، ڪنن ۾ هٿ وجهي، واڪا ڪري، رستي وارن کي سڏ ڪندو، اٿويهه ڪرڻ لڳو. سندس واقفڪار دوست ٻين ماڻهن سان گڏ بيهي ڏسڻ لڳا. اسان سام کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو؛ نه هي ڪم سندس خيالن موجب هيو؛ پر منشي کي ايترو خوش ڏسي سڀ کل ۾ ٻڏي وياسون. مون به اتساه ۾ اچي سام کان موڪل گهري ته پاڻ مارڻ لاءِ مان به ڪجهه ڪريان مگر سام چيو: ”زال ماڻهو ٿي ڪري تون هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ ائين نه ڪر؛ منشي لاءِ به ان کان وڌيڪ سٺا پيا ساڌن ٿي سگهن ٿا. هي ڪو ضروري ساڌن ڪونه آهي جو سڀڪو ڪري، مگر مان ڪنهنجي خيال جي آڏو اچڻ نٿو گهران.“

منهنجي دل اتساهه ۾ ٽپا ڏيندي رهي؛ پوءِ سام جون جتيون وانديون ڏسي جهول ۾ کڻي اچي پڌر ۾ صفا ڪرڻ لڳس. سام چيو تنهنجي مريضن تي ڪهڙو اثر پوندو؟ من کي مارڻ لاءِ هروڀرو ضروري نه آهي جو اهڙا ساڌن ڊاڪٽر ماڻهو ڪن؛ ڇو نه ڪي اتم ساڌن شيوا جا اختيار ڪريو؟“

مون حجت وچان سام جي صلاح نه مڃي؛ ٻيا به ڪي اهڙا ساڌن شروع ڪيم. منشو اچي مونسان شامل ٿيو ۽ گرڌاري به هٻڪندو اسان سان اچي ڳنڍيو. مونکي سري رام چندر جون چاکڙيون ياد اچي ويون جن کي مٿي ئي رکي ڀرت گهڻو آنند پراپت ڪيو هو.

سام چيو: ”توهين سڀ مونکي شرمايو ٿا! تنهن کان سوا جتين ۾ مرض جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا.“

مگر اسين ته ڄڻ راس ليلا کيڏي رهيا هئاسون. مان سمجهان ٿي ته سام لاءِ ائين چوڻ جوڳ هو. مگر کيس پنهنجي دل اندر خبر هئي ته پريم وچان اهڙي ڪم ڪرڻ ۾ ڪوبه نقصان نه آهي. پريم جي آڳ ۾ ڀلا ڪيئن ٿا ڪي جيوڙا بچي سگهن! ’صدق جهڙي صفائي ٻي ڪانه آهي.‘ آخر اهي به سندس ئي اکر آهن. وري جوش ۾ اچي منشي پاڻ تي چماٽن جو وسڪارو ڪيو ۽ پوءِ ننڍڙي ٻالڪ وانگر روئڻ لڳو ۽ لولاٽ ڪري چيائين ته مان وري اوهان کان ڇڄي ڪين ويندس ۽ هميشہ توهان جو ٿي رهندس! تنهن بعد اسان سڀني گڏجي سام کي ڀاڪر اچي پاتا. هن چرچي طور چيو: ”توهان جا هٿ ميرا آهن؛ پراڻن جتين هاڻا!“

پر اسين کيس وڪوڙي وياسون ۽ جڏهين سام به اسانکي پيار مان هٿ گهمايا، تڏهين دل کي راحت ملي ۽ اها پريم جي ليلا بند ڪئيسين. سڄو ڏينهن اسان ڄڻ عيد ڪري ملهايو آهي.

***

 

 

15-8-1951ع  گهمندي گهمندي گهاڙ ڀر واري فقير وٽ وري وياسين؛ وٽس هڪڙو ساڌو ٽڪيل هو، جو ذات جو مسلمان هو، مگر ويس جوڳيءَ جو پيل هيس ۽ هندو صوفين جي صحبت ۾ آيل هو. سام کي ڏاڍو وڻيو ۽ سڏي ڀرسان ويهاريائينس؛ پڇيائينس ته ڪهڙي درگاه جا فقير آهيو؛ طلب ڪنهنجي ورتي اٿو؟

ان فقير وراڻيو: ”بابا! مان ته اڃا ڳولائو آهيان. يقين ڪونه ٿو ٿئيم. خاطري ٿيڻ کان سواءِ ڀلا ڪيئن چوان ته مان ڪنهن جو آهيان!“

سام چيو: ”اسان ته اها ڳولا واري شيءِ خود تو ۾ ئي ڏٺي تنهن ڪري توکي ويجهو سڏيوسين. تون وري چوين ٿو ته مونکي خاطري ڪانه آهي!“

فقير چيو: ”بابا! مونکي اوهان مان ڄڻ ڪا چڱي بوءِ آئي، تنهن ڪري مان به ڇڪجي آيس؛ توهان ئي ٻڌايو ته ڇا ڪريان؟“

سام چيو: ”ڳولا بنا ڏسڻ پسڻ مشڪل آهي؛ ڏسڻ کانسواءِ يقين ڪونه ٿو ٿئي ۽ يقين کانسواءِ اعتقاد ڪونه ٿو ٻجهي. پر اها ڳولا سڄي پاڻ ۾ رکيل آهي؛ درگاهن تي وڃڻ به هڪڙو بهانو آهي.“

فقير چيو: ”بابا! ڳالهه کولي ٻڌايوم!“

سام چيو: ”تو کانسواءِ ٻي شيءِ ڪٿ آهي ئي ڪانه. ساڳي بازي جئن ٻاهر تئن پاڻ اندر پڻ سمايل آهي. جڏهن ان جي ڄاڻ ٿيندي تڏهين سڀ شيءِ ۾ اهوئي نظر ايندو. وچ ۾ فقط اگيان جو پڙدو آهي؛ نظر جي ڪوتاهي آهي جو هي سڀ شيون جدا جدا نظر اچن ٿيون؛ ڪنهن به ذره مان ساري شيءِ جي وصف معلوم ٿي سگهي ٿي. صفات ۾ ئي ذات سمايل آهي.“

فقير چيو: ”بابا! ذات ۽ صفات وارو فرق کولي ٻڌايوم.“

سام چيو: ”ذات ۽ صفات ۾ فرق ڪونه آهي، ٻئي ساڳيءَ شيءِ جا نالا آهن؛ ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. هي سڀ شيون جدا جدا وصفن سان هڪ ذات جون ئي آهن جا اهي سڀ روپ اختيار ڪري ٿي، ان لاءِ ته پنهنجو ظهور پورڻ ريت ڪري.“

فقير پڇيو: ”بابا! انهن روپن مان سندس ڪهڙو روپ اتم آهي.“

سام تڏهين کيس رشي يجنولڪيه جي هيءَ ڳالهه ٻڌائي: ”ان درويش جو پٽ وٽس برهم وديا حاصل ڪرڻ لاءِ آيو؛ پڻس چيو، بابا تون پاڻ وڃي ڌيان ڪر ته برهم يعني الله ڇا آهي؟ اهو پٽ، سندس چيلو به هيو؛ ڪجهه وقت کان پوءِ وٽس موٽي آيو ۽ چيائين، بابا مون هاڻي سمجهيو ته برهم ڇا آهي؛ ’آنم‘ برهم آهي؛ يعني هيءُ جهان، هي سرشٽي سڄي عناصرن يعني تتن جي جڙيل آهي؛ کاڌي، اَن، مٽيءَ وغيره سان سندس تڳاءُ آهي. انهيءَ درويش پٽ کي چيو ته اها ڳالهه به ٺيڪ آهي؛ پر تون اڃا وڌيڪ وڃي ڌيان ڪر ته انجو اتم روپ ڇا آهي. ڪجهه عرصي بعد وٽس آيو ۽ ’پرانم برهم‘ جو واڪ ڏنائين، يعني برهم پران آهي؛ ڇا لاءِ جو انهيءَ جسم کي هلائڻ واري شيءِ ساس يعني پران يا دم آهي!

”اهڙي طرح وڌيڪ ڳولا ڪيائين ۽ ڏٺائين ته ’منم‘ برهم آهي؛ ڇا لاءِ جو پران يعني ساس تي قبضو وري من جو يا خيال جو آهي؛ اڃا به وڌيڪ ڌيان کان پوءِ انهيءَ چيلي ڏٺو ته من خود ٿِر نه آهي يعني لڏندڙ ڦرندڙ آهي؛ جستائين انهيءَ ۾ گيان جي روشني نه ٿي اچي تيستائين اهو ڀُلي سگهي ٿو. تنهن ڪري ’گيان برهم‘ جو اعلان ڪيائين. آخر ڳولا ڪندي هو انهيءَ خيال کي وڃي پهتو ته برهم آنند روپي آهي يعني منجهس آنند يا موج سمايل آهي ۽ اهو اندروني آنند سڄو برهم آهي. پيءُ کي چيائين: ’آنند ۾ برهم!‘ پڻس هن جي پٺي ٺپي چيو ته اهوئي برهم جو سچو روپ آهي.“

فقير چيو: ”تڏهين اسين پاڻ کي ئي اهو برهم ڪري ڄاڻون؟ پوءِ نفس ڇا آهي؟“

سام چيو: ”نه! ’پاڻ‘ کان سوا باقي جو آهي يعني نفس کان سواءِ باقي جيڪي آهي سوئي برهم آهي! در حقيقت نفس ڪا شيءِ ڪانه آهي. اهو فقط اگيان جو پڙدو آهي.“

ان وقت واه ۾ ٿوري پري هڪڙي هندو فقير سنان ڪندي سريلي آواز سان زنده پير لعل اُڏيري جا گيت ٿي ڳاتا. زنده پير جو آستان درياه ۽ ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. راڳ جي تڪ ۾ اهڙا ڪي اکر ڪم آندل هئا: ’جاڳ زنده پير! تون آن پهاڙن وچ ۾! تنهنجا نوڪر ننڊ ۾ وغيره‘! مڪان واري هندو فقير سڏ ڪري چيس ته اهي وري ڪهڙا پيرن جا راڳ وٺي شروع ڪيا اٿيئي؟“

سام چيو: ”ويچاري جي ڳالهه ته ٻڌو ته سهي؛ هو به سچ ٿو چوي؛ پير پهاڙن يعني هڏي جي پڃري جي وچ ۾ آهي؛ هي آتما زنده پير آهي. نوڪر سندس، هي اندريون، سي برابر حرص جي ننڊ ۾ آهن ۽ پير جا نوڪر چيو ڪونه ٿا مڃن. هي ڀائي سچ ٿو چوي؛ پنهنجي پير کي ٿو جاڳائي!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org