سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :9

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي

 

سياست هميشـہ  پيسي جي راند رهي آهي. سنڌ ۾ ته، شيخ عبدالمجيد جي اڀرڻ کان اڳ، ڪنهن غريب دانشور لاءِ سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ به ممڪن ڪو نه هوندو هو.  سنڌ جا مالدار ماڻهو، سردار، وڏيرا، مير، پير، مخدوم، سيٺيون، مالدار وڪيل، وڏا ڪامورا (رٽائرڊ يا اڻ رٽائرڊ) ”نانيءَ ويڙهو“ لايون ويٺا  هوندا هئا. پنهنجو پاڻ ۾ ملي ”ونڊ ورهاست“ پيا ڪندا هئا. ان سياست جو مقصد  به محدود هوندو هو: محض ڪمشنر صاحب کي خوش ڪرڻ،  آفيسرن تي اثر وجهڻ، غريب عوام تي سڪو ڄمائي رکڻ، (1) پنهنجن  حريفن کي هيٺاهين ڏيکارڻ، ذاتي پذيرائي ۽ تن پر وري،ڏيک ۽ ويک، ٽـِـيپَ ۽ ٽاپ! اهڙي خار زار ۾ ڇا مجال هئي ڪنهن غريب جي ته پنهنجو پير ڌري؟

ڏاگهن، ڏيرن ساڻ، ڪرهن، ڪيچين ساڻ.....

             ..... متان ڪا ٻي لنءُ لائي.

شيخ عبدالمجيد  ئي پهريون شخص هو، جيڪو خالي هٿين، سنڌ جي ان ڪافر قلعي اندر ڪاهي پيو. ٺٽي جي هڪ معمولي هندو گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو ليلا رام هو. محض ذاتي مطالع، غور ۽ فـڪر جـي زور تـي

ابتدائي عمر ۾ ئي مسلمان ٿيو. ۽ ”قومي خدمت“ جو ڪم شروع ڪيائين پهريان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي مرحوم جي سنگت ۾ شامل ٿيو. رئيس مرحوم سنڌ جي مسلمانن، خاص طرح سان وڏيرن مان پهريون  ماڻهو هو، جنهن جي سياست ”پروگريسو“ هئي. نوڪر شاهيءَ کان نفرت ۽ ملڪ جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. ”الامين“ نالي اخبار ڪڍيائين. شيخ عبدالمجيد کي ان جو ايڊيٽر بڻايائين. جيرامداس دولت رام (جيڪو پاڪستان کان اڳ سنڌ جي ڪانگريسي هندن جو تسليم شده اڳواڻ هو، ۽ هندستان جي ٽٽڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ  هندستان جي چوٽيءَ جي ليڊرن مان شمار ٿيو ۽ ڪجهه عرصي تائين اُت گورنر به ٿي رهيو)، ڄيٺمل پرسرام (سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو، سنڌي صحافت جي ميدان جو شهسوار ۽ سنڌ جو  سچو عاشق)،ديوان سنت داس منگهارام (حيدرآباد جو برک قانون دان)، ۽ مسٽر عبدالجبار (وڪيل)  به ان سنگت ۾ شامل هئا.

البته خلافت تحريڪ ئي هئي(جا ڪجهه سالن بعد شروع ٿي) جيڪا شيخ صاحب جي حقيقي جوهرن کولڻ جو سبب بڻي.

هن تحرير جو مقصد شيخ صاحب جي مفصل سوانح حيات مرتب ڪرڻ جو نه آهي. ان لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ گهڻي مواد جي ضرورت آهي. مان هن ڪتاب ۾ صرف انهن ڳالهين جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪي مون کي نظر آيون يا جن  منهنجي حافظي تي مستقل نشان ۽ اثر ڇڏيا. اهو اصول نه صرف شيخ صاحب جي باري ۾ مد نظر رهيو آهي، پر ٻين بزرگن جي سلسلي ۾ پڻ.

شيخ صاحب جي ابتدائي زماني کي ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ، سن 1924ع کان، پاڻ  منهنجي اکين اڳيان پئي رهيو آهي. آءٌ ڪڏهن به سندس گروپ ۾ شامل ڪو نه ٿيس پر ڏسندو سڀ ڪجهه رهيس.  هينئر اسان ٻنهي جي زندگين جي ڪهاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي، ته ساري تصوير ٺهي، جڙي، مڪمل ٿي، اکين اڳيان ڦرڻ لڳي آهي.

مجموعي طور،  جيتري قدر آءٌ ڏسي سگهيس، شيخ صاحب جي سياسي زندگيءَ جا چند خاص مقصد رهيا. مثلاً:

(1) هندستان جي آزادي(1938ع کان پوءِ پاڪستان جي آزادي)

(2) اسلام ۽ مسلمانن جي سربلندي(آل انڊيا پيماني تي)

(3) سنڌ جي ڀلائي( هر لحاظ سان)

اهي وڏا مقصد هئا: وڏي دماغ، وڏي حوصلي، وڏي اخلاق، ۽ وڏين ذاتي صلاحيتن جي وسيلي ئي ماڻهو ان ڏس ۾ ڪجهه اڳتي وڌي سگهيو ٿي. اهو ڪرشمو شيخ صاحب جو هو، جو سنڌ جهڙي پسمانده ملڪ جو غريب ٿي، ۽ بنا ڪنهن سازو سامان يا مال ۽ دولت جي، سياست جهڙي سلوڻي لقمي کي، وڏيرن جهڙن واسينگن جي وات مان ڇڪي ڪڍڻ (۽ ساڳئي وقت پاڻ به جيئري رهڻ) لاءِ ساري عمر جـُـڌ ۽ جتن ڪندو رهيو.

 شيخ صاحب وٽ قلم هو، زبان هئي، دماغ هو، ارادي جي قوت هئي، ان کان سواءِ وٽس ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو.هٿئين خالي وڙهندو رهيو. ڪڏهن هندن سان، ڪڏهن انگريز سان، ڪڏهن انگريز جي ٽوڊين سان، ڪڏهن سياسي ٺيڪيدارن سان، ڪڏهن سيٺين، سردارن ۽ سـَـرن سان، نتيجو ڪجهه به پئي نڪتو، پر دائما هٿ صاف ۽ ڳاٽ اوچو رهيو. عملي سياست ۾ مقام پيدا ڪرڻ ۽ ٿي سگهي ته هر هنڌ پهرين نمبر عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ خود وڏيرن جي پنهنجن  اختلافن مان فائدي وٺڻ جو فڪر هوندو هوس، ڇو ته سندس جهڙي هڪ غريب  ڪارڪن لاءِ اڳتي وڌڻ جو اهو ئي طريقو ٿي سگهيو ٿي. پر اِ هو ”جوڙ توڙ“ به مناسب ۽ اخلاق جي حدن اندر ٿيندو ٿي رهيو. ڪراچي ضلعي (هاڻوڪي ٺٽي ضلعي)  جي سياسي وڏيرن  ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته پاڻ منجهان هڪ ڌر سان شامل ٿي، کانئن بمبئي ڪائونسل جي هڪ سيٽ ڇڏائي ورتائين. لاڙڪاڻي ضلعي جا وڏيرا وڙهيا ته منجهان هڪ پارٽيءَ سان شامل ٿي، سر شاهنواز ڀٽي مرحوم جي تڪ مان اميدوار بيهي، سر صاحب  کي شڪست ڏئي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سر شاهنواز  خان هميشـہ  لاءِ سنڌ جي سياست مان خارج ٿي وڃي بمبئيءَ ۾ هڪ سرڪاري عهدو وٺي ويهي رهيو. جت اختلاف جي اهڙي صورت بڻجي ڪا نه سگهي، اُت شيخ صاحب هميشـہ  هارايو. جنهن جو مطلب هيءُ رهيو ته سنڌ جي مسلمان عوام شخصي طور شيخ صاحب جي قدر شناسي ڪانه ڪئي ۽ سندس خدمت، قربانين، جسماني  ڪاوشن ۽ دماغي ۽ قلمي پورهئي جو ڪو لحاظ ڪو نه رکيو. ڏينهن گذرندي ۽ وقتن ڦرندي سياسي گرا گنجا به سنڌ جا وزير  بڻيا رهيا،  پر شيخ صاحب کي ، هڪ دفعي جي ٻارهن مهينن جي وزارت کان سواءِ، ڪجهه ڪو نه  جڙيو،  حالانڪه شيخ صاحب  هر لحاظ سان ملڪ جي وڏي ۾ وڏي منصب ماڻڻ جو اهل ۽ حقدار هو. سنڌ  جي سياسي ماڻهن مان صرف هو صاحب ئي هو، جنهن کي عالمي سياست جي پروڙ هئي، آل انڊيا مسئلن جي باري ۾ ڪا راءِ هئي، ۽ پاڻ دنيا جي وڏي مان وڏين سياسي مجلسن جو مور بڻجي ٿي سگهيو، پر هو غريب هو، سنڌ جي پيداوار هو. لعل لـِـڏ  ۾ ئي لڪل رهجي ويو!

ٻه ٽي دفعا جيل ۾ به وڌائونس. جوانيءَ ۾ ٻه ٽي دفعا انگريز سرڪار، ۽ عمر جي پڇاڙيءَ ۾ پاڪستان جي مسلمان حاڪمن (ايوب خان). انگريز تي ته ميار ڪا نه هئي، پر پاڪستان جي مسلم ليگي وزيرن ۽ حاڪمن لاءِ مناسب ڪو نه هو ته هو به ساڻس اهو سلوڪ روا رکن. هو پاڪستان جي معمارن ۽ محسنن مان هو. مثلاً:  هندوستان جي ورهاڱي ۽ مسلمانن جي علحده قوم هجڻ ۽ سندن آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ حقدار هجڻ جي باري ۾ پهريون ٺهراءُ، جو 1938ع واري ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ پاس ٿيو ۽ جنهن کان پوءِ ساري برصغير ۾ پاڪستان جي تحريڪ چالو ٿي وئي، سو شيخ صاحب جو لکيل ۽ پيش ڪيل هو. (1) ان ٺهراءَ ۾ هندستان جي مسلمانن  جو سارو طرف پيش ٿي ويل هو ۽ اهڙو مفصل ۽ زوردار ٺهراءُ ان کان اڳ يا پوءِ پاس ڪو نه ٿيو.

سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو الوحيد اخبار سان وابستگي ۽ منجهس ڇپجندڙ سندس بي شمار تحريرون هيون. اها روزانه اخبار شروع ۾ ته سيٺ عبدالله هارون جي شرڪت ۽ مدد سان نڪتي، پر پوءِ سيٺ صاحب پاڻ نڪري ويو ۽ الوحيد جوسارو ادارو شيخ صاحب جي سپرد ٿيو، جنهن کي پاڻ عوام جي مدد ۽ چندي سان هلائيندو رهيو. سال 1954ع تائين (جڏهن پاڪستان جي سرڪار الوحيد کي ڪجهه عرصي  لاءِ حڪماً  بند ڪيو ۽ بندش کان پوءِ وري اٿي نه سگهي). پر جيترو عرصو اها اخبار جاري رهي، سنڌ مٿان سندس ڌاڪو رهيو.

طرز تحرير شيخ صاحب جي سياسي هوندي هئي. ڊگها مضمون لکندو هو. سنڌ جي مسلمانن جي بهتري ۽ سربلندي  جي خيال سان. وڏيون وڏيون تعميري اسڪيمون پيش ڪري  رڍن اڳيان رباب وڄائيندو رهندو هو. سياسي تحرير  ۾ جذباتي ۽ لفظي لوڻ مرچ ڪو نه ٿو ٿئي، تنهنڪري سندس مضمونن کي دوامي ادبي حيثيت حاصل ڪا نه ٿي سگهي ۽ هزارين مضمون الوحيد سان گڏ دفن ٿي ويا. هن کان پوءِ جيڪڏهن ڪو سنڌي محقق اهي مضمون هٿ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇاپيندو ته  انهن جي ذريعي سنڌ بلڪه ساري هندوستان جي اُن زماني جي تاريخ ۽ سياسي مفڪرن جي،، سوچ  جا انداز اڳيان  ڦرڻ لڳندا. پر اهو ڪم ڪير ڪندو؟ ڪو دل جليو ئي ڪري سگهندو. هن وقت ته مون کي اهڙو ڪو علمي محنت ڪش نظر ڪو نه ٿو اچي.

هڪ ڀيرو شيخ صاحب جي آل انڊيا سياست ۾ وڏي شهرت ٿي. پاڻ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ناميارو صدر  چونڊيو( مولانا شوڪت علي مرحوم خلافت ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو)، ۽ پنهنجي اصابت راءِ سان هندوستان کي ايتري قدر متاثر ڪيائين جو ستت ئي سندس صدارت هيٺ آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس به سڏائي وئي، جنهن هندوستان جي آئيني مسئلن بابت تجويزون تيار ڪيون. آل انڊيا سياست ۾ سندس قدم رکڻ مان سنڌ کي اِهو فائدو ضرور پهتو جو هر موقعي تي سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد ڪرائڻ لاءِ آواز اٿندو رهيو، جنهن اڳتي هلي اثر پيدا ڪيو ۽ سنڌ بمبئيءَ کان علحده ٿي، پنهنجي مٿي جدا صوبي جي حيثيت حاصل ڪئي.

خلافت تحريڪ جي شروعات ۾ شيخ صاحب حاجي عبدالله هارون سان گڏجي ڪم ڪيو، پر جيئن جيئن ٻئي بزرگ مچي مڙس ٿيندا ويا تيئن تيئن منجهس هڪ ٻئي ڏانهن روايتي سنڌي سياسي مسهائپ جو جذبو پيدا ٿيندو ويو.هونءَ به ”بشريت“ جون تقاضائون اڻ ٽر ٿين ٿيون. بهرحال شيخ صاحب الوحيد عبدالله هارون مرحوم جي هٿن مان ڪڍي، پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي ۽ ٻين عهدن لاءِ باهمي سياسي رقيب طور هڪ ٻئي کي اکئين لايون ويٺا رهيا.

ٻه- ٽي  دفعا مون کي شيخ صاحب سان گڏ سنڌ کان ٻاهر هم سفريءَ جي سعادت حاصل رهي. 1941ع ۾ مدراس  ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو سالانو اجلاس ٿيو. ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آءٌ  شيخ صاحب گڏ جي مدراس وياسين. ڊگهو ريل جو سفر هو. گهڻين ڳالهين ڪرڻ جو موقعو  مليو ۽ شيخ صاحب گذشته تاريخي واقعات ۽ پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪندو هليو.  افسوس آهي جو هاڻي گهڻيون ڳالهيون وسري ويل اٿم.

ٻيو دفعو 1945ع ۾ وائسراءِ ويول هندوستان جي ليڊرن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ کين شمله سڏايو. جناب جي. ايم. سيد قائد اعظم رحه  جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، تنهن جي استدعا  تي آءٌ ۽ شيخ صاحب به ساڻس گڏجي شمله وياسون.

1936ع ۾ جڏهن مسلم ليگ تحريڪ جي نئين دؤر  جي ابتدا ٿي ته قائداعظم مرحوم سنڌ پاران شيخ صاحب کي پنهنجي آل انڊيا ورڪنگ ڪاميٽيءَ  جو ميمبر مقرر ڪيو هو.  پر اڳتي هلي جيئن سنڌ جي وڏن ماڻهن (جيڪي شروع ۾ ليگ کان متنفر هئا)، ليگ طرف رخ رکيو، تيئن شيخ صاحب کي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ رکڻ جي ضرورت گهٽبي وئي ۽ ٻئي سال کيس مورڳو  ورڪنگ ڪاميٽيءَ مان ڪڍي حاجي عبدالله هارون  مرحوم کي سندس جاءِ تي آندو ويو. ساڳي طرح پهريان ٻه سال شيخ صاحب سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر رهيو، پر پوءِ سندس بدران ان منصب لاءِ به حاجي عبدالله هارون مرحوم کي چونڊيو ويو. سنڌ جي سياست ۾ مقام حاصل ڪرڻ ۽ مقام ماڻڻ لاءِ دولت جو هجڻ لازمي هوندو هو ۽ شيخ صاحب وٽ دولت ڪانه هئي!(1)  البت هيءُ قبول ڪرڻو پوندو ته حاجي صاحب به آل انڊيا سياست جو خوب ڄاڻو ۽ شيخ صاحب جو هم پله هو. جيڪڏهن منجهن ڪو فرق هو ته صرف هيءُ ته شيخ صاحب وٽ قلم ۽ زبان هئي، دولت ڪا نه هئي. حاجي صاحب مرحوم وٽ دولت ۽ سياسي شعور هو، قلم ۽ زبان ڪا نه ڪئي.

ذاتي رهڻيءَ  ڪرڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سادگي، صفائي ۽ سنجيدگيءَ جي تصوير بڻيو رهيو. جوڙيءَ جا سفيد ڪپڙا جسم تي، ڊگهيرڙي قميص ۽ پاجامو، محفل هوندي ته مٿان شيرواني، ڪاري کلائين ٽوپي مٿي تي، انگريزي جوتو پيرن ۾، صورت بزرگانه، خسخس پر نوڪدار ڏاڙهي، قد ڊگهيرڙو، بـُـت ڇڙڪ، سفر ۾ هلندو ته مختصر اوڇڻ بغل ۾، ڪاغذن ۽ اخبارن سان ڀريل ٿيلهو هٿ ۾. الوحيد پريس جي جنهن ڪاٺاوين ننڍڙي ڪمري ۾ ويهي سلپن مٿان سلپون، مضمونن جون، لکيون پيون ڇپجڻ لاءِ اندر ڪمپازيٽرن ڏانهن موڪليندو هو، تنهن ڪمري ۾ هڪ پراڻي ننڍي ميز ۽ معمولي ڪرسي پيل هوندي هئي. ڪمري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته پوري ٻوهاري به ڦريل ڪا نه هوندي هئي. مگر اهڙي ماحول ۾ به سندس سياسي خيال آسمان کي پيا ڇـُـهندا هئا.

شيخ صاحب جي ڄمار هن وقت نوي ورهيه جي قريب آهي، ٿورو مٿي يا گهٽ. ڪي ورهيه ٿيا ته سياست ڇڏي چڪو آهي. جسم جواب ڏئي چڪو اٿس ۽ ويسارو وڪوڙي ويو اٿس. تنهن ڏينهن اخبارن ۾ سندس ”گمشدگي“ جي خبر پڙهي، دل کي ڏاڍو ڌڌڪو رسيو. پوءِ معلوم ٿيو ته صبح  جو شيخ صاحب فجر جي نماز مسجد ۾ پڙهڻ لاءِ گهر کان نڪتو، موٽندي رستو وسري ويس، سو وڃي اڇي قبر (پراڻيءَ ڪراچي) وٽ نڪتو. اُت ڪن ماڻهن کيس سڃاڻي بروقت کٽ تي سمهاري ڇڏيو. شام جو گهر وارن کي خبر پئي ته اتان موٽائي وٺي آيس.

آزاديءَ  ۽ تقسيم برصغير کان پوءِ ( جيڪو شيخ صاحب جي پنهنجي خواب جو تعبير هو) شيخ صاحب جو صحيح مقام يونائيٽيڊ نيشن ۾ هو، بحيثيت مستقل مندوب جي. جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته ساري دنيا حيرانيءَ ۾ پئجي وڃي ها ته سنڌ ۾ به ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جيڪي بين الاقوامي سياست بلڪه خود ماڻهپي جو سينگار هوندا آهن، پر .......

سسئي شهر ڀنڀور ۾، نڪي رڙ نڪي روءُ!

بين الاقوامي سياست جي باري ۾ شيخ صاحب جي فهم ۽ ادراڪ جو هڪ مثال ٻڌو. 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي. هٽلر، جرمنيءَ جو ڊڪٽيٽر، جنهن جنگ شروع ڪئي، هونءَ  ته روس ۽ ان جي ڪميونزم جي سخت برخلاف هو، پر هن جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ چالاڪي ڪري ساڳئي روس سان صلح، تعاون، دوستيءَ ۽ مدد جو معاهدو ڪري ورتو هو. روس ۽ جرمنيءَ ان معاهدي هيٺ پولينڊ جي ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائي کڻڻ جو منصوبو بڻايو هو ۽ اِها  ئي ڀيتي هئي، جيڪا قبول ڪري، روس هٽلر کي پنهنجي طرفان بي فڪر ڪري، انگريزن ۽ فرانس سان جنگ ڪرڻ لاءِ رستو کولي ڏنو هو. جيڪڏهن هٽلر روس سان اِهو معاهدو ڪري، روس واري طرف کان بي فڪر نه ٿئي ها ته هو روس جي خوف وچان، انگريزن ۽ فرانس سان جنگ نه ڇيڙي سگهي ها. اِن جي معنيٰ اها ٿي ته هٽلر جي جنگي منصوبي جوبنيادي پٿر اهو معاهدو هو.

 جنگ جي اعلان کان پوءِ هندوستان جي سياسي پارٽين انگريزن سان جنگ ۾ مدد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ڪانگريس هيءُ ٿي سمجهيو ته جرمني ۽ روس جي اِن معاهدي کان پوءِ هٽلر جي ڪاميابي ۽  انگريز جي شڪست يقيني ٿي چڪي آهي ۽ انگريزن جي کٽڻ جو ڪو امڪان ڪو نه رهيو آهي، تنهنڪري ڪانگريس تڙ تڪڙ ۾،مهاتما گانڌيءَ جي مشوري سان، پنهنجي پاليسيءَ  جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان پاليسيءَ  جو مول متو هيءُ هو ته  انگريز هندوستان  کي هڪدم آزاد ڪري، ڪانگريس جي حوالي ڪري ڇڏي، ٻي صورت ۾ ڪانگريس انگريزن جي مدد ڪري ڪا نه سگهندي. اکرن جي هير ڦير جيڪا به هئي، پر مطلب اهو ٿي نڪتو.

(قائداعظم) جناح صاحب رحه دور انديش ۽ ديرينو مدبر هو. ڪانگريس وانگر جوش ۾ اچي،تڪڙي فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو هو. تنهنڪري هـُـن صاحب ٻه ٽي هفتا پاڻ سوچڻ ۽ مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ کي حالتن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ موقعي ڏيڻ ۾ لائي ڇڏيا. آخر مسلم ليگ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس دهليءَ ۾ سڏايائين. سنڌ مان شيخ عبدالمجيد، حاجي عبدالله هارون ۽ آءٌ وياسين. شيخ صاحب ۽ آءٌ فتح پوري مسجد جي سامون ڪارونيشن هوٽل ۾ گڏ رهياسين. حاجي صاحب وڃي مرينا هوٽل Marina Hotel  نئين دهليءَ ۾ رهيو. ميٽنگ ۾ اڃان ٻه ڏينهن هئا. ان وچ ۾ (قائداعظم) جناح صاحبرحه سان آءٌ ۽ حاجي عبدالله هارون گڏياسين. پاڻ مون کي حڪم ڪيائين ته جنگ جي باري ۾ مسلم ليگ جي ڪهڙي پاليسي هجي، تنهن موضوع تي ٺهراءُ لکي تيار ڪريان.  ڪا خاص هدايت ڪا نه ڏنائين، صرف اهو چيائين ته حالتون سامهون آهن، انهن تي نظر رکندي مسودو تيار ڪر. مون کي اها خبرڪا نه هئي ته اهڙي اهم ٺهراءَ جي مسودي تيار ڪرڻ جو بار مون تي وڌو ويندو. مان ساڻس هائو ڪري، موٽي اچي ڪارونيشن هوٽل پهتس. اُت شيخ صاحب کي صورتحال ٻڌايم ۽ کيس عرض ڪيم ته: ”اوهان صلاح  ڏيو ته آءٌ ڇا لکان، ڇو ته بين الاقوامي حالات جي مون کي پنهنجي سر گهڻي پروڙ ڪا نه آهي.“

شيخ صاحب هيءَ راءِ ڏني:

”مسلم ليگ کي وچولي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي. نه انگريز سان دشمنيءَ جي ۽ نه اهڙيءَ دوستيءَ جي، جو اڳتي هلي پاسي موڙڻ لاءِ به گنجائش نه رهي. جنگ ۾ ڪاميابي انگريز کي حاصل ٿيندي. ڪجهه وقت کان پوءِ هٽلر ۽ روس پاڻ ۾ وڙهندا ۽ جنهن معاهدي کي اڄ ڪلهه جي بيوقوف دنيا ايتريقدر  پختو پئي سمجهي، سو ناپائيدار ثابت ٿيندو. آخر ۾ انگريز ۽ روس پاڻ ۾ ملي وچ ۾ هٽلر کي چيڀاٽي ڇڏيندا. تنهنڪري جنگ جي اهڙي انتها، ۽ اهڙي انجام کي اکين اڳيان رکي، پوءِ پنهنجي پاليسيءَ جوٺهراءُ تيار ڪريو.“

مون انهيءَ لائن تي ٺهراءُ جو مسودو تيار ڪري قائداعظم جي اڳيان رکيو، جنهن مسودي کي منظور ڪري مون کي حڪم  ڪيو ته ٻئي ڏينهن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آءٌ ئي اِهو ٺهراءُ پيش ڪريان. ٻئي ڏينهن ٺهراءُ (1) منهنجي نالي سان پيش ٿيو ۽ منظور ٿيو. ان ٺهراءَ جو ڪانگريس جي ٺهراءَ سان مقابلو ڪري، اڄ به فرق محسوس ڪري سگهبو ته ڪير صحيح ثابت ٿيو.

هاڻي غور ڪريو! هيءَ ڳالهه جنگ ڇڙڻ کان ٻن ٽن هفتن کان پوءِ جي آهي. ان وقت سارو عالم ( گانڌي، نهرو، روزيولٽ، چرچل ۽ ٻيا ان ڪڙيءَ جا ليڊر ۽ مفڪر ۽ بين الاقوامي سياست جا ماهر) هن بنياد تي ٿي هليو ته هٽلر ۽ روس جو معاهدو ڪڏهن ڪونه ٽٽندو ۽ اهي ٻئي طاقتون پڇاڙيءَ تائين گڏجي هلنديون، پر سنڌ جي هڪ سياسي قلندر يعني شيخ عبدالمجيد  ڪيئي سال اڳ ۾، هتان ويٺي ڏٺو، ته اهو معاهدو قائم رهي ڪو نه سگهندو، تنهنڪري فتح انگريز جي ٿيندي. اهو هو پايو شيخ صاحب جو بين الاقوامي سياست ۾!

 

 

مولانا محمد صادق کڏي وارو

 

مولانا صاحب انهن عالمن مان هو، جن ۾ علم غرور پيدا ڪري نه سگهيو. اسان ان دؤر جا ٻيا به گهڻا علماءَ ڏٺا، جيڪي ملڪ جي آزاديءَ يا خدمت خلق  خاطر ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا هئا، سارو وقت پنهنجي شڪل شباهت کي موثر بڻائي پيش ڪرڻ، بي معنيٰ بحثن ۾ اُلجهڻ ۽ هڪ ٻئي خلاف فتوائن جاري فرمائڻ ۾ رڌل رهندا هئا.

مولانا محمد صادق عليه الرحمة الله جي دل ۾ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڏاڍي لوڇ هئي. هر قومي تحريڪ ۾ شريڪ رهيو، ۽ اهڙي طريقي سان جو پنهنجيءَ ذات کي چمڪائڻ يا سياست ۾ پاڻ کي اڳ ڀرو ڪرڻ جو خيال سندس لوڇ کي قطعاً متاثر ڪري ڪو نه سگهيو، پهريائين خلافت ۽ ڪانگريس (جن جماعتن انگريز جي خلاف گڏيل محاذ بڻايو هو) جي تحريڪن ۾ حصو ورتائين ۽ جيل ڪاٽيائين. بعد ۾ ڪجهه عرصي لاءِ مسلم ليگ جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر به نامزد ٿيو. پر جڏهن مسلم ليگ طرفان انگريز وٽان خطاب يافتن، يا مالدارن، سيٺين ۽ سـَـرِن ڊوڙ ٻڌي ته هو خوشيءَ  سان پس منظر ۾ هليو ويو ۽ پنهنجي مدرسي ۾ ويهي درس تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. سندس مدرسو کڏه محله لياري ۾ هوندو هو. سيٺ عبدالله هارون مرحوم ساڳئي محلي ۾ هڪ يتيم خانو ۽ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ ان جو صدر مدرس مولانا محمد صادق کي بڻايو هئائين. پر سيٺ صاحب مرحوم ۽ هن فقير جي اها سنگت  گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي ۽ مولانا سيٺ صاحب جي مدرسي کان موڪلائي، ڀر ۾ ئي پنهنجو مدرسو کوليو. 1938ع  ۾ مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله عليه جلاوطنيءَ  جو عرصو پورو ڪري سنڌ ۾ واپس آيو ته مولانا محمد صادق به ساڻس شامل ٿي ويو ۽ کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو.  مولانا عبيدالله  رحه تحريڪ هلائي ته مسلمان بي تحاشا ڊگهيون ڏاڙهيون نه رکائين ۽ مٿي تي انگريزي قسم جو ٽوپلو ڍڪين(1). هڪ  ڀيرو مون سماسٽه ريلوي اسٽيشن( جت ريل گاڏين جو ڪراس هو ۽ آءٌ لاهور کان ڪراچي اچي رهيو هوس)  تي ڏٺو ته مولانا محمد صادق رحه، جيڪو مولانا عبيدالله سان گڏ دهليءَ وڃي رهيو هو، ٽوپلو پايو پيو پليٽفارم تي گهمي. مون کيس پهريان سڃاتو به ڪو نه، ڇو ته مولانا جي سـُـونهاريءَ ۾ به هينئر نمايان تخفيف ٿيل هئي.

مولانا ان وقت جي آزادي پسند قومي تحريڪن جي ادنيٰ ورڪرن وانگر جسم تي هميشـہ کاڌيءَ جي پوشاڪ پهريندو هو. مٿي تي يا ڪلهي تي عربي طرز جو موڪرو ڀريل، ڦـِـڪو رومال  رکيل هوندو هوس. ڏاڍو نيڪ ٻانهو الله جو هو. هزارين ماڻهو وٽانئس ديني علم پرائي فارغ ٿيا. قوم جي خدمت ڪيائين. عيوض نه ڪڏهن گهريائين، نه ورتائين. ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جي ڪجهه قربانيون ڪيائين پنهنجي عزت نفس جي تسڪين لاءِ. ملڪ جي ماڻهن جي جيڪا خدمت ڪيائين سا خوشنوديءَ خالق خاطر.اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي ته وقت جو ڪو به حاڪم انگريز، مسلمان، سندس ضمير کي خريد ڪري ڪو نه سگهيو. سندس جهڙو فقير، ان اپرانڌ، ۾ ٻيو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟


 

(1) ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس (آڪٽوبر 1938ع ۾ شيخ عبدالمجيد جو لکيل ۽ پيش ڪيل ٺهراءُ هن سببان بلڪل اهم آهي، جو هندوستان خواه مسلم ليگ تحريڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ان ئي ٺهراءَ جي ذريعي  ”پاڪستان تحريڪ“ جو بنياد پيو ٺهراءَ جي تاريخي اهميت جي پيش نظر آءٌ ان جو متن هت ڇاپي محفوظ ڪري ڇڏيان ٿو، جيئن ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي.

ٺهراءَ جو متن ۽ مضمون جو سنڌي ترجمو

(اصل ٺهراءُ انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين).

            ”جڏهن ته انڊين نيشنل ڪانگريس جو، هندو مسلم جي باري ۾، آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳالهين ڪرڻ کان انڪار، (هن بهاني سان ته مسلم ليگ هندوستان جي مسلمانن جي اڪيلي نمائنده  جماعت نه آهي) ظاهر ڪري رهيو آهي ته ڪانگريس  جي نيت اها آهي ته مسلمان قوم کي حصن بخرن ۾ ورهائي مٿن (هندو)  راڄ مسلط ڪري ۽ ساڳي وقت هندوستان جي اقليتن جي مسئلي کي به سلجهائڻ بدران هميشـہ لاءِ منجهائي ڇڏي، حالانڪه مسلم ليگ گذريل پندرهن سالن کان ان سلسلي ۾ ڪي ( بي نتيجه) ڪوششون پئي ڪندي رهي آهي.....

            ”جڏهن ته ڪانگريس، پيسي ۽ اخبارن جي زور تي ، سڌيءَ طرح مسلمانن کي گمراه ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڏني آهي، تاڪه هڪ طرف مسلمان قوم جي ٻـَـڌي ٽـُـٽي  ۽ ٻي طرف دنيا تي اثر پئي ته ڪانگريس خود هندوستان جي سڀني قومن جي نمائنده جماعت آهي....

            ”جڏهن ته ڪانگريس هندو  راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان صوبن ۾ اهڙيون وزارتون ٺاهيون آهن، جن ۾ يا ته مورڳو ڪنهن مسلمان کي شامل ڪو نه ڪيو اٿائين يا جيڪڏهن ( نالي خاطر) ڪو مسلمان وزير کنيو به اٿائين ته اهڙو، جنهن کي پنهنجي مسلمان قوم ۾ ڪو به نمائندگيءَ  جو مقام حاصل نه آهي، حالانڪه وزارتن قائم ڪرڻ جو اِهو طريقو گورنمينٽ آف انڊيا جي آئيني سڌارن واري ايڪٽ خواه ( برطانيه  سرڪار طرفان ) جاري ڪيل  هدايت نامي Instrument of Instruction  جي روح ۽ لفظ جي ابتڙ آهي..... 

”جڏهن ته اِن (غلط)  طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن  اهڙيءَ طرح ۽ طور سان راڄ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيئن مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري، سندن حوصلو برباد ڪري ڇڏين، مسلمانن  جي صحت مند ۽ تعميري ثقافتي اثرات کي (هندستان مان)  ختم ڪري  ڇڏين، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواج ۽ (اسلام ڏانهن)  سندن (يعني مسلمانن جي) ذمه دارين کي ميساري ڇڏين ۽ سندن حقن کي (جيڪي بحيثيت هڪ جدا قوم جي کين حاصل آهن) پامال ڪري ڇڏين..........

            ”جڏهن  ته جمهوريت جي تسليم شده اصولن جي ابتڙ ڪانگريس جي اِها ڪوشش آهي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي، تن صوبن ۾ به مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏجي ۽ ان مقصد سان ڪانگريس انهن صوبن (مثلاً: صوبه سرحد، بنگال، پنجاب ۽ سنڌ) ۾ به اهڙن گروپن کي طاقت ۾ آڻي رهي آهي (يا ساڻن گڏجي مشترڪه وزارتون ٺهرائي رهي آهي، يا مشترڪه وزارتن جي پـُـٺ ڀرائي ڪري رهي آهي)  جن گروپن کي مسلمان عوام جو اعتماد حاصل نه آهي.....

            ”جڏهن ته ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي نالي ۾ ۽ ان جي ذريعي صوبائي وزارتن مٿان پنهنجو اختيار ڄمائي رکيو آهي جيڪو طريقو صرف فاشي آمريتن ۾ مروج رهي ٿو ۽ جنهن طريقئه ڪار  جو نتيجو هينئر هيءُ نڪري رهيو آهي، جو پارلياماني رسم و رواج ۽ آئيني روايتن کي اُپڙڻ جو موقعو ڪو نه ملي رهيو آهي، مسلمانن جي  حق تلفي ٿي رهي آهي ۽ کين سندن جائز حصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو پيو آهي ۽ ان اپرانڌ، صوبائي وزارتن کي، مسلمانن جي حقوق ۽ مفاد جي مد نظر سان، ازسر نو تشڪيل ڪرڻ کان به صاف انڪار ٿي چڪو آهي.....

            ”جڏهن ته ڪانگريس هيءُ فيصلا ڪري چڪي آهي ته:

(الف)       مسلمانن جي سخت اعتراض جي باوجود وديا مندر اسڪيم (پراڻي هندو  طريقي سان  هنديءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو طريقو، جنهن تي هندو مذهب ۽ تهذيب جو پهلو غالب رهي ٿو) کي رائج ڪيو وڃي .........

(ب)        بندي ماترم جي گاني کي قومي تراني جي حيثيت ڏئي مسلمانن تي به مڙهيو وڃي، حالانڪه ان گاني ڪري مسلمانن جا جذبا مجروح ٿين ٿا، منجهس بت پرستيءَ جا جزا موجود آهن ۽ ان جي ڪري مسلمانن جي خلاف نفرت جو ٻج پوي ٿو.

(ج)         هندي ۽ ديونا گري رسم الخط کي هندوستان جو قومي رسم الخط معين ڪيو وڃي، حالانڪه مسلمانن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي هندو مذهب جي خيالن ۽ هندو فلسفي ۽ ڪلچر جو ٻج انساني دماغن ۾ پوکجي ٿو ۽ هندوستان مٿان برهمڻ ڪلچر جي مسلط ٿيڻ جو امڪان روشن ٿئي ٿو.

(د)          هندو ميجارٽي جي زور تي لوڪل باڊين ۾ گڏيل چونڊون ڪرايون وڃن، جيئن مسلمانن کي صحيح نمائندگي حاصل ڪرڻ جو وجهه نه ملي.

(هه)         اردو اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي حوصله افزائي نه ڪئي وڃي، جيئن هندستان مان اردوءَ جو نانءُ نشان ميٽجي وڃي.

(و)         تقرير ۽ جائز سياسي ڪاروبار جي آزاديءَ کي ان بهاني سان بند ڪيو وڃي ته ”لا اينڊ آرڊر“ قانون ۽ امن عامه لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.

(ز)         مسلمانن جي مذهبي آزادي ريتن ۽ رسمن ۾ رڪاوٽ وڌي وڃي، ڏاڍائي ۽ هٿيارن جي مدد سان.....

            ”جڏهن ته هندوستان جي هندو اڪثريت هزارن سالن کان ”ڇوت ڇات“ جي رسم  تي ڪاربند رهي آهي، جيڪا رسم قوميت، انساني مساوات ۽ جمهوريت جي انهن جمله اصولن جي ابتڙ آهي، جيڪي اصول باقي ساري دنيا اڳ ۾ ئي اختيار ڪري چڪي آهي يا انهن لاءِ واجهائي رهي آهي، ۽ جنهن رسم وگهي اڄ هندوستان جا ڪروڙين انسان اقتصادي ۽ اجتماعي طرح عدم مساوات جا شڪار ٿي چڪا آهن ۽ دوامي غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن...

            ” ۽ جڏهن ته هندستان اندر واحد  متحد قوميت جو اسرڻ ۽ اڀرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي ۽ جنهن جا ڪارڻ هي آهن ته هندو اڪثريت جي پراڻي ( مذهبي) ڇوت ڇات واري ذهنيت اڃان قائم آهي، اها هندو اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواه ثابت ٿي چڪي آهي، ۽ علاوه ازين منجهن (هندن ۽ مسلمانن ۾ ) مذهب، زبان، رسم الخط، ڪلچر، تمدني روايات، نظرياتي لاڙن ۽ زندگيءَ جي مقصدن ۾ بنيادي فرق آهي( ڪنهن حد تائين ته نسلي فرق به آهي).......

            تنهنڪري، هيءَ ڪانفرنس ضروري سمجهي ٿي ته برصغير ۾ دائمي امن، تمدني ارتقا، اقتصادي تعمير ۽ بهتري، ۽ وڏين ٻن قومن کي حق خودارادي ( Self-Determination) ڏيارڻ خاطر آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪجي ته هوءَ هن ڳالهه تي ازسرنو غور ڪري ته هندوستان  لاءِ ڪهڙو آئين مناسب ٿيندو، جنهن جي ذريعي انهن ٻنهي قومن کي پنهنجو پنهنجو صحيح مقام ميسر ٿي سگهندو ۽ ( پنهنجي مٿي) اهڙي آئيني رٿا تيار ڪري جنهن هيٺ مسلمان قوم ڪامل مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي...

            ”وڌيڪ  هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا گڏيل وفاق( جنهن لاءِ 1935ع واري گورنمنٽ  آف انڊيا ايڪٽ ۾ بندوبست ڪيل آهي) کي نامنظور ڪري ٿي ۽ حڪومت برطانيه کان مطالبو ڪري ٿي ته هوءَ ان ايڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ کان پاڻ کي روڪي ڇو ته ان ايڪٽ ۾ ڏنل رٿا هندوستان جي عوام لاءِ بالعموم ۽ هندوستان جي مسلمانن لاءِ بالخصوص، نقصان ده آهي.

            ”(آخر ۾) هيءَ ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به آئين قبول ڪو نه ڪندا، بشرطيڪه ان جو بنياد (هن ٺهراءَ ۾) مٿي ڄاڻايل اصولن تي رکيل هجي ۽ مسلم ليگ جي مشوري ۽ ان جي منظوريءَ سان تيار ڪيل هجي.“

ٺهراءُ پيش ڪندڙ:    شيخ عبدالمجيد ايم ايل اي( سنڌ)

تائيد ڪندڙ:           خان بهادر گرماني ايم ايل اي (پنجاب)

مزيد تائيد ڪندڙ:      سر حاجي عبدالله هارون ايم ايل اي(مرڪز)

                        سيد عبدالروف شاه ايڊووڪيٽ ۽ ايم ايل اي( سي پي)

                        مولانا عبدالحامد بدايوني (يو پي)

            (نوٽ: ڪراچي ڪانفرنس جي ڇپيل رپورٽ حڪومت پاڪستان آرڪائوز Archives اسلام آباد ۾ موجود آهي- نمبر اٿس 349 جلد 4 قائداعظم رحه جي ڪاغذن جي Accession-list).

(1) سنڌ جا دولت مند ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجي دولت جو صرف ڏيک ويک ڪندا هئا. قومي ڪمن ۾ پئسو خرچ ڪو نه ڪندا هئا. جيڪو خرچ ڪندا به هئا، سو پنهنجي ذات تي ۽ هوٽلن ۾ رهڻ ۽ موٽرن جي ڪرائي بلي. البته حاجي عبدالله مرحوم ڪنهن حد تائين ان ڪـُـليه کان مستثنيٰ هو. هو قومي ڪمن لاءِ چندا به ڏيندو هو ۽ سياسي تحريڪن تي مناسب خرچ به ڪندو هو. غرض مقابلتاً سندس وجود غنيمت هوندو هو.

(1) مسلم ليگ جي ان ٺهراءَ لاءِ ڏسو Indian Annual Political Register Sep-Oct: 1939

(1)مولانا عبيدالله رحمة الله عليه ۽ سندس تحريڪن ۽ تجويزن جو ذڪر اڳتي ايندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org