سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :3

 

محمد اسماعيل زونر مرحوم

 

مون سان ته مولا سائين هميشـہ ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا آهن. ساري زندگي بنا ڪوشش، بنا محنت، بنا لياقت، لـِـڏ مان لعل لهندو رهيو آهيان.  انهن ڏينهن ۾ عام چوڻي هوندي هئي ته: ”ميان جيئن پوءِ تيئن سڀ شئي گهٽ آهي“، پر  مون کي ته انهن ڏينهن ۾ به گهٽين گهمندي ناگهان، ناگمان، پاڻهرتو ماڻهپي  جا ماڻڪ ميسر ٿيندا رهيا.

مثلاً:

اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ آءٌ هڪ ڏينهن صبح ويلي گهاڙي واهه جي ڀڪ واري چونڪ وٽان لنگهي رهيو هوس، هڪ ڳوٺاڻو مهانڊو سامهون اچي ويو. قد وچولو، بت هلڪو، شهپر ايتري قدر وڏا جو کيس غير معمولي ماڻهو سمجهي آءٌ خود بخود ڏانهس ڇڪجي ويس. هٿ ملاياسين، خوش خير عافيت ائين ڪئيسين جيئن ورهين جا واقف هئاسين. خوش خيرعافيت  کان بعد ئي هڪ ٻئي جا نالا ۽ نشان پتا پڇياسين. سندس نالو  محمد اسماعيل ۽ ذات زونر هئس. دادو اسٽيشن جي ڀر ۾ زونرن جي ڳوٺ جو رهندڙ هو. ڳوٺ جي وڏيري  بلاول خان جو پٽ هو. معمولي سنڌي لکڻ پڙهڻ ڄاڻندو هو. ڪرت پوک ۽ معمولي کاتيداري هئس.

آءٌ ساڻس ملڻ بعد آفيسن ڏانهن رڙهڻ لڳس. هي به بنا چئي  بنا پڇئي مون سان گڏ اوڏانهن هلندو رهيو. جيترو وقت آءٌ ات ترسيس هيءُ به ويٺو رهيو. ساڳيءَ طرح واپسيءَ ۾ به سنگت ڪيو آياسين. بس ان ملاقات کان پوءِ مرندي گهڙيءَ تائين محمد اسماعيل گهر  ٻار وساري مون سان گڏ رهيو. هر مصيبت ۾ منهنجو ساٿي، هر ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي، خطري جي گهڙي آئي ته سر تريءَ تي. نه غرض نه مطلب، نه پگهار، نه ڏيڻ وٺڻ،  محض محبت، جنهن ۾ ويهن سال گذري وڃڻ بعد به ماٺائي  ڪا نه آئي. جيڪڏهن ڪو فڪر رهيس ته اهو ته مون سان گڏ رهي، هر وقت سامهون هجي، دم ڌار نه ٿئي. حقيقت هيءَ هئي ته:


 

 

 

 

محمد اسماعيل زونر


 

محبت وڌو هوس مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري؟

مون جهڙي زود رنج ۽ زبان جي تکي انسان سان ويهه سال گڏ رهڻ ۽ آخري دم تائين پل پاسي نه ٿيڻ واقعي وڏو ڪشالو هو. اهو ڪشالو ڪڍڻ  ڪنهن معمولي ماڻهو  لاءِ محال ڇا ناممڪن هو، پر محمد اسماعيل معمولي انسان نه هو. هو اهو ڪشٽ ڪڍي وڃي پار پيو ۽ ڪڏهن ٻـِـڙڪ نه ٻاهر ڪڍيائين.

جيڏانهن آءٌ ويندو هوس، مون سان ساڻ هوندو هو. سفر هجي يا حضر، حضر ۾ ته لازمي طرح. هڪ اهڙو زمانو هو جنهن ۾ منهنجي جان خطري ۾ هوندي هئي. اهو زمانو پندرهن سال هليو. محمد اسماعيل منهنجو چوڪيدار هوندو هو. چوويهه ئي ڪلاڪ آءٌ سمهي رهندو هوس ته هي بندوق ڀريو در جي ٻاهران ويٺو هوندو هو. گاڏيءَ يا موٽر ۾ ويهندو هوس ته به ڀر ۾ ڀريل بندوق اڀي ڪيو هيڏي هوڏي نهاريندو هلندو هو.  هڪ دفعي هٿياربند مقابلي جو امڪان پيدا ٿي پيو. ٻي طرف کان گوليون وسڻ شروع ٿيون. پوليس پارٽيءَ وارا، جيڪي محمد اسماعيل سان گڏ ويل هئا، سي سڀ ناپٽ ۾ ليٽي پيا. محمد اسماعيل ناپٽ جي ڀڪ کان مٿي مٿو ڪڍيو جوابي فائرنگ ڪندو رهيو. سندس هٿ، ٻارهن بور جي ڇرن جي بندوق تي هريل هو. ان ڏينهن فاصلي سبب رائفلن جو معاملو هو. رائفل جو تجربو ڪو نه هوس. ڪوشش گهڻي ڪيائين پر سندس ڌڪ ڪنهن کي ڪو نه لڳو. مقابلي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيءَ ڌر کي گاريون ڪڍندو رهيو ۽ چوندو رهيو: ”هٿ سڌو ڪو نه هون نه ته اسان اڄ شهيدان ڪربلا جي ميڙن ۾ حورن جي هنج ۾ ويٺا هجون ها.“

 حورن جي هنج ۾ هينئر ضرور هوندو، پر ان ڏينهن کيس ان سفر تي سڌارجڻ جو موقعو ڪو نه مليس.

شڪار جو ڏاڍو خفتي هو ۽ شينهن جي منهن ۾ به ويندي اصل ڪونه ڊڄندو هو. مون سان گڏ وڏي شڪار جي ڳولا ۾ تقريباً  هر سال هندستان هلندو هو. ڪڏهن يو. پي، ڪڏهن سي. پي، ڪڏهن بهار، ڪڏهن ميسور، شينهن سان مقابلي ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوس. هڪ دفعي اسان ٻئي هاٿين تي سوار ٿي يو. پي. جي جهنگن ۾، وڏي گاهه جي هڪ دڙيءَ مان لنگهي رهيا هئاسون. شينهن ان گاهه ۾ لـِـڪل هو. محمد اسماعيل کي هدايت ڪيل هئي ته ٻارهين بور جي ڇرن جي بندوق شينهن تي نه هلائي. هاٿي، گاهه چيريندا اڳتي وڌندا رهيا. اوچتو محمد اسماعيل جي نظر شينهن تي پئجي وئي. نه ڪيائين هم نه تم، ڇرن جي بندوق شينهن تي وهائي ڪڍيائين. گاهه وڏو هو، اسان شينهن ڏسي نه ٿي سگهياسين.  بندوق ڇٽڻ کان پوءِ شينهن سامهون گاهه جي جهڳٽي ۾ گهڙي ويو ۽ محمد اسماعيل هاٿيءَ جي پٺيءَ تي اڀو بيهي نعرا هڻڻ لڳو ”قادر قلندر مست! مست!  قادر قلندر مست.“ ”ڪاڏي ٿو ڀڳو وڃين گاهه ۾.“ گاريون ڏيندي للڪاريندو رهيس ته ”مڙس آهين ته قلندر جي پانڌيئڙي جو مقابلو ڪر.“ هاٿيءَ جي مهاوت کي تجربو هو، تنهن پنهنجو هاٿي ڪري پوئتي هٽايو ۽ پاسي وارن هاٿين کي اشارو ڏنائين ته ”آڏو شينهن اٿوَ.“ محمد اسماعيل ڪاوڙ منجهان مهاوت جي پڳ لاهي ورتي ۽ کيس گاريون ڏيندو رهيو ته هاٿي پوئتي ڇو ٿو موٽائي.سندس هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻئي ۾ مهاوت جو پٽڪو. اٿيءَ جي پٺيءَ تان لڙ بغاغو مچائيندي  جهنگ مٿي تي کڻي ڏنائين. اسان جا باقي ٻه هاٿي (جنهن مان هڪ تي آءُ سوار هوس ۽ ٻئي تي منهنجو ميزبان) محمد اسماعيل واري هاٿيءَ جنهن جهنگ جي ٻوٽي ۾ شينهن وڌي وڃي ڇپيو  هو، تنهن جي وچ ۾ ڪاهي پيا. منٽن جو معاملو هو، شينهن هاٿي ويجها ايندا ڏسي رنڀ ڪئي ۽ ٽپ ڏئي محمد اسماعيل  واري هاٿيءَ  تي حملي ڪرڻ لاءِ سڌو اوڏانهن جو رخ ڪيو. ٻيلائي شينهن جي رنب ايتري قدر خوفناڪ ٿئي ٿي جو ائين سمجهجي ٿو ته زمين ۽ آسمان لرزش ۾ اچي ويا. جهنگ جا ٻيا جانور خواهه پکي پرنڀ جت به هوندا شينهن جي رڙ ٻڌي دهلجي دانهون ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ ۽ لڪڻ لڳندا آهن ۽ اها رڙ ميلن تائين ٻڌڻ ۾ ايندي آهي(1). شينهن  گاهه مان نڪري اڃا ٻه ٽپ مس ڏنا هئا ته ان وچ ۾ اسان جي ساٿي شڪارين منجهان ڪنهن جي گولي ڇٽي جيڪا وڃي شينهن جي ڳچيءَ ۾ لڳي ۽ ڪنڌ ٽوڙي وڌائينس. شينهن انهن ئي پيرن تي ڪري پيو(2)، پر محمد اسماعيل جو بغاغو ان وچ ۾ به جاري رهيو. مون چيس: ”بڪ بند ڪر! اڄ پاڻ کي به مارايو هئي ۽ اسان کي به. هي ڪو موقعو هو قلندر جي دنبهن هڻڻ جو.“

 وراڻي ڏنائين: ”پير يار، بدمگز(مغز) آهين. شينهن کي قلندر ماريو يا تو ماريو؟“

ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به شڪار تي ويندا هئاسين ته مان محمد اسماعيل کي پاڻ سان گڏ هاٿيءَ  تي ويهاريندو هوس ۽ کيس چئي ڇڏيو هوم ته جيڪڏهن وري ڪا مستي ڪيائين ته سندس مڇ ڏي خير ڪو نه رهندو(يعني مان مڇ پٽي وٺندوسانس).مڇن جي دفاع جو مرحوم کي گهڻو خيال هوندو هو ۽ اهو ئي دڙڪو سندس حالت ۾ ڪارگر ٿيندو هو.

اهو ته هو ٻيلائي شينهن جو واقعو، هاڻي چيٽي شينهن جو قصو ٻڌو. شڪار جي خاطر اسان جهنگ ۾ جنهن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، ات رات وڳڙي چيٽا شينهن لنگهي ايندا هئا. چيٽو شينهن ڪتن کي مارڻ ۽ ڪتن جي گوشت کائڻ جو ڏاڍو شوقين ٿئي ٿو. ڪتن جي ڳولها  ۾ اڪثر رات جو ڳوٺن جي گهٽين ۽ گهرن ۾ رلندو، نوسيندو رهي ٿو. محمد اسماعيل مرحوم کي نماڻي ٻوٽيءَ پيئڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، تنهن ڪري رات جو ٻه ٽي ڀيرا کيس (مڪتبن جي اصطلاح موجب)  ”هڪ“ جي خيال سان  اٿي ٻاهر وڃڻو پوندو هو. عرض ڪيل هوس ته هميشـہ ٽارچ ۽ بندوق پاڻ سان کڻي ٻاهر نڪري، پر هڪ رات جو ٽارچ ته کڻي ويو پر بندوق ڇڏي ويو. مشڪل سان ”هڪ“ جي خيال پوري ڪرڻ لاءِ ويٺو هو ته صحن جي هڪ ڪنڊ مان کيس سـُـرڪاٽ  ٻڌڻ ۾ آيو. ويٺي ويٺي ٽارچ هنيائين ته چيٽي شينهن جون ٽمڪندڙ اکيون نظر آيس. شينهن ٽپو ڏيئي ديوار تي چڙهي موٽي ڏانهس پئي واجهايو. محمد اسماعيل کي اڳٺ ٻڌڻ جو ٽائم ڪو نه مليو. بندوق کڻڻ لاءِ ڀڄندو اندر آيو. سٿڻ پيرن ۾ ٿڦڪندي رهيس. تڪڙ ۾ بندوق کڻي ٻاهر ڀڳو، ڀڄندي منهنجي پير کي لوڏو ڏيندو ويو. آءٌ سمجهي ويس ته چيٽي جو معاملو هوندو تنهن ڪري رائفل کڻي سندس ڪڍ لڳس. ان وچ ۾ شينهن ته ڀڄي ويو. محمد اسماعيل چيو: ”آءٌ شينهن جي ڳولا ۾ ويندس، تون هيءُ بندوق جهل ته مان سٿڻ مٿي ڪري اڳٺ ٻڌي وٺان.“ان وقت ته مون زوريءَ گهلي آڻي سمهاريس پر سڄي رات ننڊ ڪا نه ڪيائين. هر ڪلاڪ کان پوءِ ٽارچ ۽ بندوق کڻي ٻاهر نڪري شينهن لاءِ چئني طرف واجهائيندو ٿي رهيو.

مون مٿي لکيو آهي ته مرحوم جي نماڻيءَ ٻوٽيءَ سان ڏاڍي دلچسپي هئي. آءٌ کيس منع ڪري ڪو نه سگهندو هوس، ڇو ته نماڻي ٻوٽي نه ملندي هوس ته چرس جا سوٽا هڻي پنهنجن ڦڦڙن کي ڦٽيندو هو. يو- پي ۾ ڀنگ عام ٿئي ٿي، جيئن سنڌ ۾  جهنگلي گاهه. اتي جا ماڻهو ڀنگ ڪو نه پيئندا هئا. محمد اسماعيل مرحوم ڀنگ جا جهنگ ڏسي مرڪندو  ٿي رهيو. مون کي ڀؤ ٿيو ته مبادا يو-پيءَ  مان موٽندي هي صاحب ڀنگ جي ڀري ٻڌي ڪراچي نه هلي، ڇو ته سنڌ ۾ ڀنگ تي بندش هئي ۽ ڀنگ رکڻ آبڪاريءَ جو ڏوهه هو. مان کيس تنبيهه ڪندو رهيس ته ڀنگ ڳوٺ کڻي ناهي هلڻي. هو ”ها - ها“ چوندو رهيو. پر جڏهن  ڪراچي پهتاسين ته ڀنگ جي گهنڊين جي ڀري ڪڍي آڻي منهنجي اڳيان رکيائين. مون پڇيس ته ”هيءَ ندوري ڪيئن آندئي؟“ چيائين ته: ”تو ته پنهنجي بڇڙائي ڪئي، پر قلندر اسان جو پردو رکي ورتو. ”سو وري ڪيئن؟“ مون سوال ڪيس. جواب ڏنائين: ”پندرنهن دوناليون بندوقون پاڻ سان ساڻ هيون. ڀنگ جون گهنڊيون ڪڍي بندوقن جي نالين کي ساڻن ڀري ڇڏيوسين. ڪير بندوقان کولي نالين ۾ نظر ڪري ها؟ هاڻي ڇهن مهينن جو راشن مولا هڪ ئي وقت ڏياري ڇڏيو. پيا پيئنداسين ۽ جيئنداسين قادر قلندر مست.....“

سندس لطيفا بيشمار آهن. ڪهڙا ٻڌائي، ڪهڙا ٻڌايان؟ هڪ ڀيرو جواهر لعل نهرو اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو. کيس سنڌ ۾ گشت ڪرڻو هو. پر خبر پئي هوس ته مسلمان ڪانگريس جي خلاف آهن ۽ وڏو امڪان آهي ته ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي مٿس خوني حملو ٿي پوي. اسان جا ڪانگريسين سان سخت اختلاف هئا. آءٌ پاڻ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري  هوس. ان هوندي به جواهر لعل طرفان هڪ مقامي هندو ليڊر مون وٽ لنگهي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”توهان مسلمانن ۾ ايتري فراخدلي آهي ته اوهان سنڌ اندر جواهر لعل جي سلامتيءَ جو ذمو کڻو. آخر هو سنڌ جو مهمان آهي.“ مون اختلافن جي باوجود اهو ذمو کنيو ۽ محمد اسماعيل کي بندوق ڏئي تيار ڪيم ته هو جواهر لعل سان گڏ موٽر ۾ ويهي ۽ جيڪڏهن جواهر لعل تي حملو ٿئي ته ان جي حفاظت ڪري. محمد اسماعيل بندوق کڻي ڪراچيءَ  کان ڪشمور تائين جواهر لعل سان گڏ سفر ڪيو ۽ رستي ۾ کيس ٽوٽڪا ٻڌائي کلائيندو رهيو. ڏينهن جو ساڻس موٽر ۾ هلندو هو ۽ رات جو سندس سمهڻ واري ڪمري جي در جي ٻاهران ويهي پهرو ڏيندو هو. ڪنڌ ڪوٽ يا ڪشمور  ۾ جواهر لعل کي نوٽن جي ڳوٿري ڏنائون. جواهر لعل اها ڳوٿري تحفي طور محمد اسماعيل کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد اسماعيل ڳوٿري وٺڻ کان صفا انڪار ڪيو. چي: ”هم ڳوٿري ڪي واسطي جان جوکم ۾ نهين ڊالتا. هم ڪو سائين راشدي ڪا حڪم هي.“ جواهر لعل ڏاڍو متاثر ٿيو. سندس سنڌ جو سفر سلامتيءَ سان ختم ٿيو.

50-1949ع ۾ جڏهن پاڻ هندستان جو وزيراعظم هو، تڏهن آءٌ اخبار نويسن جو وفد وٺي دهلي ويس. پاڻ اسان جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنائين. آءٌ سندس ڀر ۾ ويٺل هوس. مون سان محمد اسماعيل جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ”بڍا بهت بهادر هي، جسم مين کمزور مگر دل کا مضبوط.“ موڪلائيندي به محمد اسماعيل لاءِ سلام ڏنائين.

خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي تي الله بخش مرحوم جي خون جو ڪوڙو مقدو ٺهيو. سياسي دشمنيءَ سببان، هو آخر بي ڏوهي ثابت ٿيو. پر هڪ وقت اهڙو به اچي ويو جو خانبهادر جي خلاف متل باهه ڏسي کانئس هر ڪو پاسو ڪرڻ لڳو. خانبهادر جي طرفان هڪ قسم نامو پيش ڪرڻو هو، پر قسم نامي ڏيڻ کان ٻيا ته خير سندس ذاتي نوڪر به نابري واري ويهي رهيا هئا. مون کي چيائين: ”هاڻي ته هر ڪو ڇڏي ويو. هڪ معمولي  قسم نامي ڏيڻ لاءِ به ماڻهو نه ٿو ملي؟“ مون چيس: ”اوهان قسم نامو لکرايو، ماڻهو آءٌ ٿو پيش ڪريان. سياسي دشمنيءَ  جي حقيقت هونءَ  به سچي آهي. فقط دل گهرجي. اوهان جي دوستي وڏن ماڻهن سان رهي، جيڪي پنهنجن غرضن جا غلام  ٿين ٿا. ڪنهن غريب سان ياراڻي رکو ها ته هو ههڙي ويل ڪا نه وڃائي ها.“ مون  فوراً  گهر پهچي محمد اسماعيل سان ڳالهه ڪئي، جيڪو چئلينج جهڙي ڳالهه ٻڌي هڪدم شهپرن تي هٿ هڻي تيار ٿي بيٺو. فقط تيل گهرايائين ته هو مڇن کي لائي کين چمڪائي جيئن انگريز ماجسٽريٽ تي به رعب پئجي وڃي.

خانبهادر کهڙو قسم نامو لکرائي فريئر هال وٽ پهتو ته آءٌ ۽ محمد اسماعيل اڳ ۾ موجود هئاسين. ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ڀر ۾ هئي.  ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ  هڪ انگريز مسٽر بڊ هو، جنهن جي سخت گيريءَ جون ڳالهيون مشهور هيون.

محمد اسماعيل سندس اڳيان وڏيءَ خــُـنڪيءَ سان بيان ڏنو. بيان ۾ ڪنهن نامور وزير جي دشمنيءَ جو به ذڪر هو. ماجسٽريٽ پڇيس: ”تون انهيءَ وزير کي سڃاڻين؟“ ”هائو- مان پڻس کي به سڃاڻندو هوس. فلاڻي شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو. پهريان واڻيو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو هو.“ ماجسٽريٽ کلي کڻي بيان جي تصديق ڪئي.

1943ع ۾ محمد اسماعيل چوڻ لڳو ته: ”پير!  اسان جي حياتي هاڻي ٿوري آهي. مون کان پوءِ دادوءَ سان تنهنجو واهپو ڪو نه رهندو. اها ڳالهه مون کي ناپسند آهي. تون دادوءَ ۾ زمين جو ٽڪر وٺ.“

سندس دل رکڻ لاءِ مون زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو ۽ ان زمين سبب آءٌ اڄ تائين دادوءَ سان پيو لڙڪان.

1950ع جي وچ ڌاري پاڻ وفات ڪيائين. آءٌ انهن ڏينهن ۾ لنڊن ويل هوس.  منهنجي  ٽپال بانڊ اسٽريٽ ۾ ايندي هئي. سندس قضيه جي اطلاع جو خط پڙهي منهنجون وايون وينديون رهيون. موٽندي گهر جي خبر ڪا نه رهيم. لنڊن جي رستي تي سارا رات پنڌ ڪندي وڃي شيپرڊ بش نڪتس. هوش حواس گم هئا. پوليس واري مون کي  وائڙو ڏسي پڇيو: ”ڪيڏانهن  پيو وڃين؟“ مون جاءِ جو پتو ٻڌايس. چيائين: ”اها ته پندرنهن ميل پوئتي ڇڏي آيو آهين.“ مون کي هٿ کان وٺي ٽيڪسي ۾ ويهاريائين ۽ ٽيڪسي واري کي منهنجي جاءِ جو پتو نشان ڏنائين. گهر پهچڻ بعد ڏٺو  ويو ته سخت بخار چڙهيل هو، جنهن پندرهن ڏينهن نه ڇڏيو. شاهي محل جي ڊاڪٽر کي اٺ پائونڊ ڏئي مشوري لاءِ سڏايو ويو، جنهن راءِ ڏني ته ڪنهن صدمي(Shock) سبب منهنجي اعصابن کي نقصان پهتو آهي. مون کي لنڊن کان ٻاهر برائٽن ۾ وڃي ڪجهه ڏينهن رهڻ گهرجي ۽ غم غلط ڪرڻ لاءِ هلڪو شراب (Red Wine)  واپرائڻ گهرجي. برائٽن ته ويس پر ريڊ وائن پيئڻ جي همت ڪا نه ٿيم. تشنه ڪاميءَ جي حالت ۾ مهينو کن رهي موٽيس.

منهنجي ڪراچيءَ واري گهر جي صحن ۾ محمد اسماعيل مرحوم پنهنجي ويهڻ لاءِ سيمنٽ جي هڪ بينچ ٺهرائي ڇڏي هئي، جت ويهي مون ڏانهن نهاريندو رهندو هو. اها بينچ اڄ تائين سلامت آهي، محمد اسماعيل ڪو نه آهي.

سامونڊي سنڀوڙا منهنجا ويراڳي ويا،

نڪا باهه بندر تي، نڪي ڏسجن ڏيا،

جاني جنهن جهاز ۾، سي ٻيڙائي ٻيا.

 

 

 

 

 

 

سائين گل محمد شاهه مرحوم

 

گل محمد شاهه لڪيارين جو گل هو. اڃان وڃڻ جي ويل به ڪا نه هوس، پر ڏاڍي جي سڏ کي ڪيئن موٽائي ها؟

سائين ولي محمد شاهه مرحوم جو اڪيلو فرزند هو. پيءُ کان پوءِ جوانيءَ  ۾ ئي قلندر جو سجاده نشين بڻيو، سو به اهڙي سمي ۾ جڏهن اڃا قلندر تي اوقاف وارن جو قبضو ڪو نه هو. هونءَ به وڏين درگاهن جا سجاده نشين اڃا گهور جا ڏوڪڙ ڪو نه بڻيا هئا. وڏي ٺٺ ٺانگر  سان رهندا هئا. هت ته قلندر سائين جي درگاهه هئي، ۽ ان جو سجاده نشين گل محمد سائين جهڙو سهڻو جوان!  ڏاڍو عياش، ڏاڍو مهمان نواز، ڏاڍو هٿ جو کليو، ڏاڍيءَ  همت وارو ۽ پنهنجا ئي ۾ ڏاڍيءَ غيرت وارو، ڏک سک ۾ پنهنجن کي هيکلو نه ڇڏيندو، دوست ٿيو ته ڀيرو نه ڀڃيندو، ڪٿ هڪل ٿي ته منهن نه موڙيندو. ان زماني جي اميرن جي پٽن وانگر لکڻ پڙهڻ سان ڪا نه  پئي هوس، پر ان هوندي به ورهين جا ورهيه سيوهڻ ميونسپالٽي ۽ دادو ضلع لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽي هلائيندو رهيو. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو، پر ايتري قدر مروتي جو جيڪڏهن ڪو ٻيو دوست آشنا وچ ۾ اميدوار بيهجي ويو ته پاڻ هٿ کڻي ان لاءِ جاءِ خالي ڪري ڏيندو. دوستن وٽان هر وقت گهمرو ڪندو رهندو. بي وقت ۽ بيگاهه در کڙڪيو ته سمجهبو سائين گل محمد شاهه اچي ويو. ٻه گهڙيون ويهندو، ٻه ڍُنگ ڳالهين جا ڪندو ۽ روانو ٿي ويندو. ڪنهن اليڪشن ۾ دوست يا مٽ مائٽ جو طرف ورتائين ته پٿر جو انسان بڻجي انجهيءَ منجهيءَ چوويهه ئي ڪلاڪ پيو هلندو. نه آرام جو اونو، نه مانيءَ جي محتاجي، نه پاڻيءَ جي حاجت، خرچ پنهنجو هلندو، ڪم دوست جو ٿيندو. ان زماني جي سنڌ جي اميرن وانگر سندس دسترخوان تمام ڪشادو هوندو هو. سيوهڻ جي ريلوي لائين سان ڪو يار دوست ٽرين ۾ لانگهائو ٿيو ته سندس گهران قسما قسم مانيءَ جا ٿالهه ڀرجي اسٽيشن تي ايندا. گهڻو ڪري مانيءَ سان گڏ لانگهائو مهمان سان ملڻ لاءِ پاڻ به هليو ايندو. وڏيءَ رسائيءَ  وارو مڙس هو. سندس خاطر انگريز جي ڏينهن جا ريلوي بابو به گاڏي سيوهڻ تي بيهاري ڇڏيندا هئا ۽ جيستائين گل محمد شاهه موڪل نه ڏئي، گارڊ جهنڊي نه ڏيکاريندو.

بي انتها ڪم آزار انسان هو. شايد ڪڏهن دشمن کي به ڪو نه آزاريائين . دائما پنهنجي ئي من اندر مگن رهيو. زندگي ٺٺ سان گذاريائين، جوانيءَ ۾ ئي اوچتو وفات ڪيائين. سندس جيئري سندس قوم  جا ماڻهو ٿوريءَ  گهڻيءَ ڳالهه تي ڪڏهن ڪڏهن کانئس ڏکوئبا به هئا، پر آءٌ وڏي واڪي چوندو هوسانِ ته: ”گل محمد جو قدر ڪريو، وري گل محمد جهڙو ننگي ننگپال اوهان ۾ ڪو نه ڄمندو.“

“ شايد ٿيو به ائين، خدا نه ڪري، پر شايد دڙي ئي دف!  سيوهڻ جو بادشاهه ته قلندر آهي، پر بادشاهه جي باغ جو مور گل محمد هو. اڄ بادشاهه به موجود ۽ سندس باغ به، پر مور جنت ۾ پيو ٽلي.

 

 

 

 

 

سائين جڙيل شاهه

 

حيران آهيان ته سائين جڙيل شاهه سان ماڻهن جي پيار  جو راز ڪهڙو آهي؟ اليڪشنون به لڙيو، سياست ۾ مخالفتون ۽ موافقتون به ڪيائين، ڊڄڻون به ڪو نه، پنهنجيءَ تي چڙهيو ته ايوب خان جهڙي ڊڪٽيٽر جي مخالفت ۾ به ووٽ ڏياري وڃي ٻاهر چڙهيو. انهن سياسي لاهن چاڙهن مان لنگهندي به عام ماڻهن جي اکين ۾ سندس لاءِ ايتري لـڄ  ۽ دشمن بنهه ڪو نه؟

زميندار آهي، زمينداري بنا دڙڪي کڙڪي ڪا نه ٿي هلي. پر سائين جڙيل شاهه ۽ دڙڪو کڙڪو؟ ناشدني. سڄو ڪم حيا ۽ مرم جي آڌار تي پيو هلي، گويا هن سمي ۾ به انساني اکين ۾ اڃا تائين شرم ۽ حيا باقي رهجي ويل آهي، جيڪو جڙيل شاهه جي ڪم پيو اچي. تعجب جهڙي ڳالهه آهي، شايد دادوءَ  ۾ لـڄ جي لـِـڇَ اڃان به لڀي سگهي ٿي.

سائين مصري شاهه مرحوم جو ( جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) جائنشين آهي. مڙسن جي پوکيل پيو لڻي. دادو شهر جو بنياد وجهندڙ ئي اها خاندان هئي، يعني دادوءَ  کي دادو دادوشاهه بڻايو، جيئن درياءَ جي پرينءَ  ڀر نواب شاهه کي نواب شاهه، نواب شاهه بڻايو.

جڙيل شاهه سائينءَ جي مروت ۽ چڱ مڙسي منهنجي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مهانگي  به پي پئي آهي. وڏن لاڏن ڪوڏن سان کيس دادو ميونسپالٽيءَ  جو چيرمن بڻايوسين. مون کيس صرف ايترو عرض ڪيو ته منهنجي گهر ٻاهران جيڪا گند جي موري آهي، سا بند ٿيڻ گهرجي. اها موري بدبوءِ جو ڀنڊار  هئي، منجهانس  نڪرندڙ بدبوءِ  ڏکڻ جي هير سان ملي اسان کي رات جو اڌ مئو ڪري ڇڏيندي هئي. مهينا گذري ويا پر موري ڪا نه کنئين. آءُ الله تعاليٰ کي سوال ڪندو رهيس ته ڪنهن ڏينهن مون ڏانهن ايندي جڙيل شاهه سائين پاڻ وڃي انهيءَ موريءَ ۾ ڪري ته ڪجهه اسان جي تڪليف جو به احساس ٿئيس. ان منصوبه تحت مون گهٽيءَ مان بجليءَ جو بلب به ڪڍرائي ڇڏيو ته ڀل اونداهي هجي جيئن سائينءَ کي موريءَ  ۾ ڪرڻ لاءِ سهولت رهي، پر منهنجي اها آس پوري ڪا نه ٿي ۽ سائين هڪ دفعو به موريءَ ۾ ڪا نه ڪريو. مجبور ٿي مون موريءَ تي باقاعده سائين جڙيل شاهه جو نالو رکي ڇڏيو، ان هوندي به پاڻ ٻڌندو ۽ کلندو رهيو. موريءَ  ڪڍائڻ ۾ کيس هيءَ رڪاوٽ هئي ته اها موري اتان جو کڄي ته وري پاڙي جي ڪهڙي غريب جي گهر سامهون رکي ان لاءِ آزار جو اهتمام ڪجي؟ مطلب ته جيترا ڏينهن سائينءَ جي چيئرمني هلي، موري ڪا نه وئي. کانئس پوءِ پهرين ڏينهن کڄي وئي. صرف سروير صاحب کي چوڻو پيو.

شاهه صاحب جي طرز زندگي مون لاءِ هڪ اهڙي ڳجهارت آهي، جيڪا مان اڄ تائين ڀڃي نه سگهيو آهيان. ڏاڍو  تنهائي پسند، مهينن جا مهينا پنهنجي اوطاق  ۾ پيو هوندو.  نه ڪيڏانهن ويندو، نه ڪنهن جو سلام ڪندو. ڪم سوال،  ڪفايت شعار، خوددار، ڏيندو نه ته ڏکوئيندو به ڪو نه. اوطاق جي ”حبس دوام“ ۾ پيو ريڊئي سان  اوران اوريندو ۽ ڳجهه ڳرهيندو. الله تعاليٰ گهڻين ذميدارين کان آجو ڪري ڇڏيو اٿس.!  سر جو غم سر سان!

 


 

(1) اهارات منهنجي اک ڪا نه لڳي. اڃا سمهان ته ائين پيو سمجهان ته شينهن مون تي حملو ڪري رهيو آهي. سندس رنڀ ساري رات منهنجن ڪنن ۾ گونجندي ۽ گجندي رهي.

(2) شينهن جي حالت ۾ ڪنڌ جي گولي ئي فوراً ڪارائتي ٿئي ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org