سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :16

 

 

خوش درخشيد ولي شعلئه مستعجل بود!

نسيم تلوي مرحوم

لياري محلي جو بلوچ، پيدائشي پهلوان هو.

سدا ملڪ، سدا ڳڀرو، پڇاڙيءَ تائين منهن مان عمر ڪا نه لکايائين. سياست جي سـَـپ  جو سنگهيل هو. صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين، پر پيشي طور استعمال نه ڪيائينس. اخبار جو نالو هوس ”بلوچستان جديد“. آزادي جو عاشق  هو. عزت نفس بنا جيئڻ جنجال ڀائيندو هو. غريب هو پر غيرت وارو. سنڌ ۽ بلوچستان  جي آزادي ۽ سربلنديءَ جي رستي ۾ جو روڙو ڏٺائين، ان کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

پنهنجي سياست خواهه صحافت کي بلوچيت جي سانچي ۾ ڍاليو هئائين. سنئين راند سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي! بلوچستان خواهه سنڌ جو هر دشمن سندس ذاتي دشمن، دشمن جو در ڏسڻ، ان کي کلي کيڪارڻ، ان سان ڳالهائڻ، ان جو نمڪ واپرائڻ، حرام، ان جي زير بار احسان ٿيڻ. مثلاً: ان کان رهائشي پلاٽ پنڻ، رعايتي سفر جون سهولتون وٺڻ، پني جون پرمٽون حاصل ڪرڻ، ان جي خرچ تي ٻاهرين ملڪن جا سير سپاٽا، جنسي لحم خنزير. حتاڪ اخبار لاءِ حڪومت جا اشتهار به قبول نه ڪيائين. هڙ ۾ ڏوڪڙ هوندس ته پرچو پڌرو ڪندو نه ته ناغو، پر ناغي بعد جڏهن پرچو نڪتو ته ڄڻ موالين اڳيان دو آتشو اچي ويو. اڳيون پويون  گهٽتايون پوريون ٿي وينديون. وري ٻئي پرچي تائين موذين جي گهرن ۾ مانڌاڻ متو رهندو.

نسيم مرحوم قلمرانيءَ سان گڏوگڏ ٻيا فن به ڄاڻندو هو، مثلاً: خڙدم هلائڻ ۽ ٽڪر هڻڻ. هٿ ۾ قلم، چيلهه سان خڙدم. مڙس تي مهل  ڪـُـمهل پڇي ڪا نه ٿي اچي تنهنڪري پيشگي دفاعي بندوبست ڪيل هوندو هوس.

ٽڪر هڻڻ جي معنيٰ هئي مٿي سان مٿو ٽڪرائي مخالف جي پيشانيءَ جو هڏو ڀڃي وجهڻ، گهٽ ۾ گهٽ سندس نراڙ جي کل کي ڏڪ سان چيڀاٽي رتو ڇاڻ ڪرڻ. جاپان جي جوڊي ۽ ڪراٽي جو اهو سنڌي بلوچي نعم البدل هو. 144 قلم لڳي وڃي ۽ لٺ باٺي کڻڻ جي ممانعت ٿي وڃي ته به مڙس پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي. ڪيترن ايڊيٽرن، ڪامورن ۽ حريف ورڪرن تي اشتعال جي موقعن تي تجربو به ڪري چڪو هو.

 ورهاڱي  کان اڳ تمنا هئس ته، موقعو وٺي، ”سنڌ آبزرور“ جي متعصب مهاسڀائي ايڊيٽر، آنجهاني ڪوٽمراج  پنيا، جو نراڙ چٿي ڇڏي. پنيا کي سر عبدالله هارون مرحوم، ”منهن جو ڪارو، دل جو ڪارو، ڪوبرا(ڪاريهر نانگ)“ سڏي چڪو هو. رنگ روپ آنجهانيءَ جو واقعي اهڙو هو، قلم مان به ڪاريهر جي ڄڀ وانگر زهر هاريندو رهيو ٿي، هندن ۽ مسلمانن کي هڪٻئي ڏانهن بدظن بڻائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪندو رهيو هو.

پنيا کي نسيم جي نيت جي خبر پئجي ويل هئي. کانئس ائين ٽهندو رهيو ٿي، جيئن ڪانوُ ڪمان کان.

ڪراچي ميونسپالٽي جي ميئر جي پارٽي هئي. آءٌ گيٽ کان اندر داخل ٿي رهيو هوس  ته پنيا اتان تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري رهيو هو. پارٽيءَ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پارٽيءَ مان موڪلائڻ جو سبب منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪندو ويو. چي:

”نسيم نامراد پارٽيءَ ۾ آيل آهي، اکيون ڳاڙهيون اٿس، مون ڏانهن ڏسي ڏند پئي ڪـُـرٽيائين.ممڪن آهي ته مون سان ٽنٽو ڪري وجهي ها، تنهنڪري آءٌ هليو وڃان ٿو. تنهنجو سنڌي ڀاءُ آهي، تون  کيس سمجهاءِ ته صحافيءَ کي تشدد پسند (Violent)  ٿيڻ نه جڳائي، ٿي سگهي ته اسان جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏ.“

پر آءٌ ان ڏس ۾ ڪا سرجوشي ڏيکاريان ها، ان کان اڳ ئي پنيا پاڻ لڪي ڇپي بمبئي ڀڄي ويو.  ورهاڱي ڪري سندس قلم جو کيل ختم ٿي چڪو هو.

ورهاڱي کان پوءِ نسيم جي ذهن ۾ پنيا بجاءِ وري هڪ نو وارد ٻئي ايڊيٽر جي صورت ڦرڻ لڳي. اهو صاحب مسلمان هو، سواءِ رنگ روپ جي، ان جي ٻي ڪا مشابهت يا مناسبت، پـُـنيا سان ڪا نه  هئي. پر نسيم جو خيال هو ته هو سنڌ ۽ سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو، ۽ بلوچستان کي آئيني اصلاحات ملن، تنهن جو مخالف آهي، توڙي جو نئين حڪومت ۾ سندس گهڻي هلندي آهي.

هڪ ڏينهن، ڳالهين ڪندي، واتان نڪري ويس ته جنهن صورت ۾ ان ايڊيٽر سان اثر، قلم يا زبان  ۾ پڄڻ محال آهي، تنهن صورت ۾ ارادو اٿس ته ڪنهن محفل ۾ ان سان ”تون ڇا، تون ڇا“ ڪري، مٿس پنهنجو مخصوص ٽـَـڪر  وارو نسخو استعمال ڪري وٺي.

مون گهڻو ڊيڄاريس. سمجهايومانس ته ان ايڊيٽر تي حڪومت جو هٿ آهي، جيڪڏهن ان سان هٿ چراند ڪيائين ته کيس جيل جون هوائون جهٽڻيون پونديون.

پر هو بي خوف هو. چيائين ته هٿيار ڪو به استعمال ڪو نه ٿيندو، ڪورٽيون انسان جي مٿي کي هٿيار يا اوزار هرگز ڪو نه ٺهرائينديون، تنهنڪري جيل وڃڻ جو سوال ڪو نه پيدا ٿيندو.

خوش قسمتي  اها هئي جو ٻيءَ ڌر ، يعني ان ايڊيٽر، سان به منهنجا ذاتي تعلقات چڱا هئا. مون کيس اڳواٽ  خبردار ڪري ڇڏيو ته نسيم ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي ۽ منجهانس ضرر پهچڻ جا ڪهڙا ڪهڙا امڪان ٿي سگهن ٿا. ان کان پوءِ هو نسيم جي ڏاڍي خوشامد  ڪرڻ لڳو. جت به نسيم تي نظر پيس ٿي ته پاڻ ڊوڙي وڃي، ڀاڪر پائي، سندس آجيان ٿي ڪيائين ۽ ”هيلو  ماءِ ڊيئر! مسٽر محمد نسيم خان صاحب“ جا مرحبائي الفاظ ۽ القاب استعمال ڪندي،  خواه مخواهه پنهنجا ڏند به ٽيڙيندو ٿي رهيو.

ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو مون کي ٽيليفون ڪري پڇڻ لڳو ته: ”مسٽر نسيم احمد خان سان ويجهڙائيءَ ۾ اوهان جي ڪا ملاقات ٿي آهي؟ جي هائو ته هينئر منهنجي باري ۾ سندس ڪهڙي ”اٽيٽيوڊ(Attitude) آهي؟“

مون جواب ڏنس ته: ”ماڻهو ته پيدائشي پاڳل آهي، مٿس اعتبار ته ڪري ڪو نه ٿو سگهجي، ڪنهن به وقت سندس ڪل ٿڙي سگهي ٿي، پر في الحال ته ٺيڪ پيو نظر اچي.“

ان دٻ هيٺ فوري  طرح اهو فائدو به رسيو ته هن صاحب بلوچستان جي اصلاحات جي حق ۾ (پنهنجي اخبار ۾ )  لکڻ شروع ڪري ڏنو ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ معاملات ۽ اسان جي پاليسين جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳو. ان ڪري ان ساري عرصي ۾ اهڙي ڪا به وزارت سنڌ مٿان مڙهجي ڪا نه سگهي، جيڪا مون کي اڻ وڻندڙ لڳي هجي، گهڻين بلائن کان ان طريقي سان بچندا رهياسين.

بدقسمتيءَ  سان، ڪن سالن کان پوءِ، هڪ اهڙو مسئلو به کڙو ٿيو، جنهن تي ان ايڊيٽر ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. منهنجي نقطئه  نظر جي خلاف تقرير ڪرڻ  لاءِ ٻيءَ ڌر، ان ايڊيٽر صاحب  کي تيار ڪري، لاڏن ڪوڏن سان، ميٽنگ اندر موڪليو هو. اميد اها هون ته هو اهڙي زوردار تقرير ڪندو جو منهنجون وايون مـُـنجهي وينديون.

 ميٽنگ  جي صدارت مون کي ڪرڻي هئي. مون انتظام اهڙو ڪيو ته پهرئين قطار ۾ جنهن صوفي تي ان ايڊيٽر کي ويهڻو هو، ان ساڳئي صوفي تي نسيم لاءِ به نشست رکي وڃي. ايڊيٽر صاحب ميٽنگ ۾ نسيم کي پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڏسي، حوصلو هاري ويهي رهيو. ٻنهي جون شڪليون ڏسڻ وٽان هيون. نسيم ڏانهس ڪرڙيون اکيون ڪري ڏسي ته هو ويٺي ويٺي سـُـسندو وڃي. هن کي يقين ٿي ويو ته منهن مان اکر ڪــُـڇندو ته نسيم کيس ٽڪر رسيد ڪندو.  تقرير ڪرڻ لاءِ کيس سڏيو ويو ته ٻه ٽي ڀيرا اٿي ”صدر صاحب“، ”حضور والا“، چئي ڪري ڪرسيءَ تي ڊهي پئي پيو. اهي ٻه- ٽي اکر چوندي به اکيون نسيم تي کـُـتل ٿي رهيس. آخر هيبت وچان بي حال ٿي ويهي رهيو. ڪا به تقرير ڪري ڪو نه سگهيو. جن بزرگن  کيس ايڏي اهتمام سان ميدان ۾ آندو هو، تن جا مقصد خاڪ ۾ ملي ويا. کيل وڏو هو، وقت جي مکيه حڪمرانن جو منجهس هٿ هو. پر اهڙي بـُـڇڙي شڪست کاڌائون، جنهن جي تلافي ٿي ڪا نه سگهين.  تفصيل ٻڌائڻ لاءِ اڃان وقت موزون نه آهي.

*      *      *

هن وقت نسيم  ۽ اهو ايڊيٽر صاحب هن جهان مان موڪلائي ويل آهن. سندن حق ۾ فقط دعاءِ مغرفت ئي گهري سگهجي ٿي. ٻئي تاريخ ساز هئا، ٻئي لاجواب هئا.

وري نسيم جو ثاني نظر ڪو نه آيو. سندس باري ۾ مختصراً اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته:

صحافت را نقاب روئي کردي،
وگر نه عاشقه مستانه بودي.

 

 

 

حاتم علوي مرحوم

ڏسڻ وائسڻ ۾ ملوڪ، ڪپڙين لٽين ٺاهوڪو، لکيل پڙهيل، ڪلچرڊ، مهذب، ڪراچيءَ جي هڪ پراڻي بوهري خاندان جو فرد هو، پر ڪن اعتقادي اختلافن ڪري، بوهرن جي پير صاحب کان ٽـَـٺل هو.

سياست جو شوقڙو هوس، پر ڊرائنگ روم يا محفل کان ٻاهر وک وجهڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيو. جمشيد مهتا وانگر”اڍائي گهرن“ جي خير گهرڻ وارو هو، پر جمشيد جي پـَـهچُ پري هئي. ڪنهن به قانون ساز اسيمبلي يا ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي نه سگهيو، حالانڪه هڪ دفعي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جا ٻه ڀنگي به ڪانگرس جي ٽڪيٽ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر منتخب ٿي ويا هئا.

وڏا مٿا مونا ڏيئي مرحوم هڪ سال لاءِ ميونسپل ميئري حاصل ڪئي هئي، باقي ٿيو ڀلو.

پيدائشي نازڪ مزاج، نزاڪت پسند، آرام طلب انسان هو. ”زنده باد“ ۽ ”مرده باد“ واريءَ سياست سان ڪا نه پوندي هئس. پوليس جي لٺين جهلڻ ۽ جيل ڀوڳڻ لاءِ سندس جسم ئي ڪو نه جڙيو هو. اهڙي ڪال جي شايد خبر به
 

قائداعظم ميونسپل جو ائڊريس وٺي رهيو آهي، حاتم علوي سندس کٻي ۽ نهلچداس وزيراڻي سندس سڄي پاسي.


 

ڪا نه هئس ته سياسي تاريخ جو ڦيٿو  ڦرندو رهي ٿو. اڄ جا پوليسي لٺين جا ڦٽيل والنٽيئر  سـُـڀان  ملڪ جا حاڪم ٿيندا. ڪراچي ۾ سٽي ڪورٽ جي سامهون، جيرامداس دولترام کي لٺيون هڻي رستي تي خونا خون ڪري ڇڏيائون، وقت آيو، ساڳيو جيرامداس گورنر بڻيو. جواهر لعل نهروءَ کي، جيڪو مئجسٽريٽ گهر کان رُسندو هو سو ٻه چار سال جيل جي سزا ڏئي ڇڏيندو هو، پورا چوڏهن سال ساڻس اها ويڌن رهي، جيڪا هو صبر سان سهندو رهيو. پر هڪ ڏينهن سياست جي رُت ڦـِـري ۽ اهو ئي جواهر ڀارت جو بي تاج بادشاهه بڻيو. مطلب ته سياست ۾ جيڏي مـُـشقت اوترو معاوضو.

حاتم سيٺ نه مشقت ڪئي نه معاوضو پاتائين، ورنه منجهس صلاحيتون ججهيون هيون.

سندس وڏو ڀاءُ سيٺ طيب علي مرحوم کانئس طبيعت ۾ قدري مختلف هو. تعليمي ڪمن سان چاهه هئس. نالي ڪڍائڻ جو شوق ڪو نه هئس. ماٺ ميٺ  ۾ پنهنجي قبيلي  جي خدمت پئي ڪيائين. هڪ اسڪول کولرايائين ۽ جنهن کي سڄي حياتي سنڀاليندو رهيو.

 

 

 

خانبهادر حسن علي جو خاندان

سنڌ جا بزرگ ڏاڍا غيرت وارا هوندا هئا. غيرت وچان وڏا وڏا قدم کڻي چـُـڪندا هئا.

سنڌ مدرسو ڪيئن وجود ۾ آيو؟ ڪهڙين حالتن هيٺ مسلمانن جو هڪ اهڙو تعليمي ادارو قائم ٿيو، جنهن جي فيض رسانيءَ طفيل ملڪن جي تاريخ بدلجي وئي، سنڌ جا مسلمان ويهينءَ صديءَ ۾ پير رکڻ جي قابل بڻيا. ۽ علمي ۽ سياسي ميدان ۾ اهي بزرگ اچي سگهيا، جن جي نالن جي برڪت سان سنڌ اڄ به زنده رهڻ جي مستحق آهي.

مثال طور جيڪڏهن سنڌ مدرسو نه هجي ها ته قائداعظم رح جهڙي شخصيت جي تعليمي ۽ ذهني تربيت  جي ابتدا ڪٿان ٿي سگهي ها ۽ ڪهڙي ماحول ۾؟ عمارت جي پختگي ۽ پائداريءَ جو مدار پيڙهه جي پهرينءَ  سر تي ٿئي ٿو. اها سر، قائداعظم رح جي حالت ۾،  ڪنهن رکي ۽ ڪـِـٿ؟

ويهين صديءَ جي سنڌ جي ساري تاريخ جو تجزيو ڪري ڏسو. اوهان کي ڪو به اهڙو نالو ڪو نه ملندو جيڪو سنڌ مدرسي جي شاگردن جي ”حاضري بوڪ“ تي رهي نه چڪو هجي!

پر ان مدرسي جو پايو ڪيئن پيو؟

فقط هڪ شخص جي غيرتمنديءَ سبب، ۽ اهو شخص هو مرحوم مغفور خانبهادر حسن علي آفندي.

جنهن واقعي مرحوم کي اها غيرت ڏياري، تنهن جو تفصيل پروفيسر ڦيرواڻي(1) جي لفظن ۾ ملاحظه ڪيو:

”آڪٽوبر 1884ع ۾ هڪڙي پبلڪ ميٽنگ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي، جتي ٺهراءُ ڪيو ويو ته لارڊ رپن (2) کي مانپتر ڏجي. سنڌ سڀا(3) اهو به فيصلو ڪيو ته ماڻهن ۾ عام جام پرچار ڪري، لارڊ رپن جي مهربانين لاءِ شناخت پيدا ڪجي.

”لارڊ رپن جي واهه واهه ساري هندستان ۾ پئجي وئي هئي. سندس آجيان خاطر هزار  کن مانپتر جدا جدا ڀاڱن مان تيار ٿيا ۽ سنڌ سڀا ۾ به اها رٿ آئي ته سنڌيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ  ۾ کيس مانپتر ڏجي. خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ  رٿ ڏني ته مانپتر ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، فقط خط لکي موڪلجيس ته بس آهي.

”ڏيارام (گدومل) انهيءَ جي مخالفت سخت لفظن ۾ ڪئي. چيائين ته: “جڏهن هندستان جي هر هڪ ڀاڱي مان کيس مانپتر ملي رهيا آهن،  تڏهن جي سنڌ مانپتر نه ڏنو ته سنڌ تي لعنت آهي.“

”انهيءَ تي خانهبادر  حسن علي صاحب کي تمام چڙ لڳي ۽ ”لعنت“، چوندو سڀا مان نڪري ويو، ۽ وڃي مسلمانن جي جدا انجمن (4) ٺاهيائين، جنهن جي تحرڪ  سان مدرسو برپا ٿيو.

”ڏيارام صاحب کي کي سخت افسوس ٿيو، ۽ ساري عمر چوندو هو ته زبان مان لفظ تمام سنڀالي ڪڍڻ گهرجن، جو ڏسو ته هڪڙي لفظ ”لعنت“ مان ڪيترو ڦيٽارو پئجي ويو.“

*      *      *     

خانبهادر  حسن علي مرحوم جي زيارت مون کي نصيب ڪا نه ٿي، منهنجي سانڀر کان گهڻو اڳ گذاري ويو هو. البته سندس فرزند خان بهادر ولي محمد سان ڪجهه چهارچشمي رهي. مون جڏهن ڏٺو ته ڪافي عمر رسيدو ٿي چڪو هو، سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ڪري اچي ڪراچيءَ  ۾ رهڻ لڳو هو. هندستان جي مرڪزي  اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو هو، ساڳئي وقت پنهنجي والد جي قائم ڪيل سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو به سيڪريٽري هوندو هو.

سفيد ريش، قد ۾ پورو پنو، سوٽ ڪوٽ تي ترڪي ٽوپي پهريندو هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسيپالي ڪئي هئائين، تنهنڪري پڇاڙيءَ تائين سندس منهن مان اهو استاديءَ  جو شان بکندو هو. مون کيس ڪڏهن مشڪندو ڪو نه ڏٺو، مجلس ۾ يا ملاقات ۾. هونءِ  به ماستر، آخوند يا  استاد ڏسي منهنجي طبيعت تي هميشـہ  وحشت طاري ٿيندي هئي. منهنجو تجربو هيءُ رهيو هو ته جيڪو بزرگ هڪ دفعو استاديءَ يا ماستريءَ  جي منصب تي ويهي ڏسي ٿو، سو مرندي گهڙيءَ تائين مزاج اهو ئي ماستريءَ  وارو رکي ٿو. ان جي نظر ۾ ساري مخلوق خدا خطابيءَ  جي حيثيت رکي ٿي، تنهنڪري سندس گفتي کي حرف آخر سمجهڻ جي پابند. هڪ مرتبو استاد ٿي رهڻ کان پوءِ ماڻهو ڪيڏي به ترقي ڪري، ايڊيٽر بڻجي يا وزير ٿئي، پر مزاجي ڪيفيت اها اصلوڪي ئي رهندس. يعني پاڻ استاد، باقي عالم طفلِ  مڪتب، تنهنڪري منهن ۾ مستقل طور گهـُـنڊ‍ مبادا ڇوڪرا نرمي يا خوش مزاجي جو ناجائز فائدو وٺن!

آءٌ مڃان ٿو ته منهنجي پنهنجي احساس ڪمتريءَ  مون کي ان محترم بزرگ جي ويجهو وڃي وٽانس ڪجهه پرائڻ کان روڪي ڇڏيو. حالانڪه اها منهنجي پنهنجي ئي بدنصيبي هئي. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ اڳئين دور جي حالات بابت وٽانس گهڻي معلومات حاصل ڪري سگهان ها.

پر ان کان به وڏي بدنصيبي هيءَ هئي ته منهنجو سڌيءَ طرح ساڻس اختلاف ٿي پيو.

پاڻ سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو، جيڪا جماعت، پوئين زماني ۾،  منهنجي نظرن ۾ رجعت ۽ انحطاط جو شڪار ٿي چڪي هئي.(1) ساريءَ سنڌ جا خطاب يافته  وڏيرا ۽ مسلمان عملدار ان  جا ميمبر هوندا هئا، جيڪي سنڌ جي ڪمشنر اڳيان سرخرو ٿيڻ ۽ ذاتي فائدن وٺڻ خاطر، اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا هئا، جيڪي نئين زماني جي تقاضائن جي خلاف هوندا هئا، ۽ سنڌ جي عام مسلمانن لاءِ باعث ننگ ۽ عار.

مثلاً: جڏهن ڪڏهن به آئيني اصلاحات جو سوال اٿندو هو ته سنڌ محمدن ايسوسئيشن جا وفد سيڪريٽري هند ۽ وائسراءِ اڳيان سپاسنامه پيش ڪري هيءَ ارداسون ڪندا رهندا هئا ته ملڪ کي آئيني اصلاحات جي ڪا به ضرورت ڪا نه آهي، سنڌ جا مسلمان بمبئيءَ جي گورنر ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي راڄ مان بلڪل خوش آهن.

اهي حرڪتون اهڙي زماني ۾ ٿيڻ لڳيون هيون جڏهن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ سارو هندستان ڦٿڪي رهيو هو. خود سنڌ اندر غلام محمد خان ڀرڳڙي مرحوم پارا سنڌ جا اڳواڻ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ، ڪمشنري راڄ کي نيڪالي ڏيارائڻ، ۽ عوام لاءِ آئيني سڌارن حاصل ڪرڻ واسطي اڪيچار تڪليفون برداشت ڪندا ٿي رهيا.

منهنجي به نوجواني هئي. چوندا آهن ته ڇورو پاڻ زور. اڪيلي سر ڪوشش شروع ڪيم ته سنڌ محمدن ايسوسئيشن جي ڪارگذارين ڪري، جيڪا شرمندگي، سنڌ جي مسلمانن کي برداشت ڪرڻي پئي پيئي، يا جيڪي ٽوڪون هندن واتان سهڻيون ٿي پيون، تن کان کين آجي ڪرائڻ لاءِ سنڌ محمدن ايسوسئيشن کي راهه راست تي آڻيان ۽ ان کي اهڙيءَ ترقي پسند پاليسي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيان، جيڪا نئين دؤر جي حالتن سان مطابقت رکندڙ هجي.

پر اهو مقصد حاصل ڪيئن ٿئي ۽ سو به هڪڙي ڄڻي کي، جنهن جي ڪڍ ساريءَ سنڌ مان هڪڙو ماڻهو به ڪو نه هجي! ۽ ٻئي طرف هجن ڪير؟ سنڌ جا سمورا وڏيرا، سيٺيون، سرڪاري ڪامورا، نواب، سردار بهادر، خان بهادر،  خانصاحب،قيصر هند جا ٻلائي، لوڪل بورڊن ۽ ميونسپالٽين جا پريزيڊنٽ ۽ ميمبر، ايم . ايل. اي، ايم. ايل. سي، وغيره وغيره. اهي سڀ بزرگ، سڌي  ۽ اڻ سڌيءَ طرح، سنڌ محمڊن ايسوسئيشن سان وابسته هئا، ڇو ته ان ايسوسئيشن کي سرڪار مسلمانن جو نمائندو تسليم ٿي ڪيو ۽ ان پاڻ به ٻولي، گهڻو ڪري، اها ئي ٿي ٻولي، جيڪا وقت جي سرڪار جي ڪـَـن ۽ مـَـن کي وڻندڙ هئي(1).

باقي رهيو هو سنڌ جو عوام، سو ان زماني ۾ ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ ئي ڪو نه هوندو هو. محمدن ايسوسيئيشن جون سموريون ڪارگذاريون ٿينديون ٿي رهيون عوام جي نالي ۾ پرعوام خودکان ڪڏهن ڪنهن پڇيو به ڪو نه ٿي.

مون پنهجي مدمقابل انهن سڀني ناٿن کي نوائڻ لاءِ هڪ طريقو ڳولي ڪڍيو. مون سول ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ائسوسئيشن جي عهديدارن خلاف ”حق ٺهراءَ ۽ منع نامي“جي دعويٰ داخل ڪئي، جنهن جو بنياد هنن ڳالهين تي رکيم:

(1) سنڌ محمدن ايسوسئيشن سنڌ جي ”سمورن ۽ مسلمانن جي نمائنده جماعت نه آهي. اهڙو ڪو به ريفرينڊم ڪو نه ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن مسلمانن کيس پنهنجو نمائندو منتخب ڪيو هجي. (2)  فقط چند وڏا ماڻهو، ”ناني رڌڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا“ جي اصول مطابق پاڻ ۾ ملي، سنڌ جي ساري مسلمان عوام جي نالي کي غلط طور استعمال ڪندا ٿا رهن. (3) اهي انگريز سرڪار جي اڳيان سپاسنامه پيش  ڪري اهڙن راين جو اظهار ڪندا ٿا رهن، جيڪي سنڌ جي مسلمانن جي 99 سيڪڙي جي راءِ جي ابتڙ هجن ٿا ۽ مسلمان عوام کي ان ڪري شرمساري محسوس ڪرڻي ٿي پوي.(4)  تنهنڪري ڪورٽ ڊگري جاري ڪري ته اهو ائسوسيئيشن سنڌ جي سمورن مسلمانن جو نمائندو ڪو نه آهي ۽ کيس ڪو حق ڪو نه آهي ته انهن جي پاران ڪنهن به راءِ جو اظهار ڪري. (5)  حڪومت تي منع نامو تعميل ڪيو وڃي ته هو ان ائسوسيئيشن کان ڪو به سپاسنامو نه وٺي. (6)  خود ائسوسيئيشن کي به منع ڪئي وڃي ته هو پاڻ کي سنڌ جي سمورن مسلمانن جو نمائندو نه سڏائي!

دعويٰ ۾ مدعاعليه ٿيا ائسوسيئيشن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو مرحوم، سيڪريٽري خانبهادر ولي محمد مرحوم ۽ گورنمينٽ هند.

سول جو معاملو هو، ڪيترا مهينا ته حاضرين ۾ ڦرندي گذري ويا. آخر سياري جي موسم ۾، وائسراءِ هند، لارڊ ريڊنگ، جي لاڙڪاڻي اچڻ جو پروگرام بڻيو. محمدن ائسوسيئيشن واران ٺهراءُ ڪيو ته ان موقعي تي وائسراءِ جي حضور ۾، دستور موجب، هڪ سپاسنامو پيش ڪيو وڃي. وائسراءِ سپاسنامو وٺڻ قبول ڪيو ۽ ان جو اعلان سرڪاري طرح ٿي ويو. ساري سنڌ جي وڏيرن ۾ هلچل مچي ويئي، منجهانئن هر ڪو محمدن ائسوسيئيشن جي سپاسنامي واري وفد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششن ۾ جنبي ويو.

مون موقعي جو فائدو وٺي، ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته جيستائين منهنجي دعويٰ جو فيصلو ڪو نه ٿيو آهي، ايسوسيئيشن کي سپاسنامي  ڏيڻ ۽ وائسراءِ کي سپاسنامي قبول ڪرڻ کان قانوني حڪم ذريعي منع ڪئي وڃي.

سول جج مرحوم مغفور آغا غلام دستگير خان هو. صورت ۾ ايران جي قاچاري بادشاهن کي مات ڪيو ويٺو هو، ڀورو، قداور، وڏا شهپر، محض کيس ڏسي ماڻهوءَ تي رعب ڇانئجي ويندو هو. انصاف ۽ قانون جي معاملي ۾ سرڪار جي راضي يا ناراض ٿيڻ جي ننڍڙي  کان ننڍڙو جج به بلڪل پرواهه ڪونه ڪندو هو، بي ڊپائي ۽ بي ريائي ۾ آغا صاحب جو نمبر ته خاص طرح مٿاهون هوندو هو.

آغا صاحب منهنجي درخواست وٺندي، سرڪاري وڪيل ۽ مدعا عليهن ڏانهن حڪم جاري ڪيو ته هو هڪدم ڪورٽ  ۾ پيش ٿي ٻڌائين ته ڇو نه اهڙو منع نامو مٿن جاري ڪيو وڃي.

وائسراءِ جي لاڙڪاڻي ۾ اچڻ ۽ محمڊن ايسوسيئيشن جي سپاسنامي پيش ٿيڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا هئا. سڄيءَ سنڌ جا لقب يافته بزرگ اچي لاڙڪاڻي ۾ گڏ ٿيا هئا، هنن سمجهيو پئي ته هو سپاسنامي پيش ڪرڻ واري اعزاز کان محروم ڪو نه رهندا، ڇو ته سول جج جي معمولي ڪورٽ جي ڇا مجال آهي،جو وائسراءِ  هند تي منع نامو ڪڍي، سندس بيعزتي ڪري سگهي.

ان ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن ”وڏا ماڻهو“ اچي ڪورٽ ۾ موجود ٿيا. منجهانئن هر هڪ نالي وارو ۽ وڏي چاهه ۽ منصب جو مالڪ هو. شايد سمجهيائون ته ڪورٽ ۾ سندن مـِـڙڻ ڪري جج(1)  تي رعب پوندو. هوڏانهن وائسراءِ جي عزت جو سوال به درميان هو.

سرڪار طرفان پبلڪ پراسيڪيوٽر راءِ صاحب ٽو پڻداس، جيڪو مڙس کاکاڙ ٻوٿاڙ سان هوندو هو، چاليهه پنجاهه قاعدي جا ڪتاب ساڻ کڻي اچي ويٺو هو. ٻن ڪلاڪن جي تقرير جي دوران هو گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ ڀيرا وائسراءِ جو نالو وٺندو رهيو. ٻين مدعا عليهن پاران به سنڌ جا ڪيترا نالي وارا وڪيل پيش ٿيا.

ڪيس جو وارو آيو ته پٽيوالي وڏي آواز سان ايوان ۾ بيهي ڌرين کي پـُـڪارڻ شروع ڪيو:

”علي محمد شاهه راشدي مدعي حاضر ٿئي“ (2) آءٌ اندر گهڙيس. وري رڙ ڪيائين:

”روفس آئزڪس، لارڊ ريڊنگ حاضر ٿئي“،(3) راءِ صاحب ٽوپڻداس ڪتاب کڻائي اندر هليو. هڪل ڪيائين:

”خان بهادر شاهنواز ڀٽو حاضر ٿئي“: سندس وڪيل اڳتي وڌيو، پٺيانس  مرحوم پاڻ. ساهه کڻي وري رنڀ ڪيائين:

”خان بهادر ولي محمد خان ۽ ٻيا ”مدعا علا“ حاضر ٿين.“

خان بهادر مرحوم پاڻ اڃا ڪو نه پهتو هو، پر سندس وڪيل موجود هو، جنهن ڪورٽ واري ڪمري ڏانهن قدم وڌايا.

سارو ڏينهن تقريرون هليون.جج فتويٰ لاءِ ورندڙ صبح مقرر ڪيو.ان ڏينهن جي هنگامي ۽ پٽيوالي جي رڙين ڪري عوام ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي.

فتويٰ واري ڏينهن سون جي تعداد  ۾ ماڻهو اچي مڙيا. منجهانئن ڪي پاڻ ساڻ دهلاري ۽ شرناين وارا به وٺي آيا هئا.

جج صاحب ڊرامائي انداز ۾ ڪورٽ ۾ تشريف آور ٿيو. سرشتيدار ڌرين جا نالا ورتا، اسان سڀ اٿي بيٺاسين.فتويٰ صادر ٿي: ”مدعي(علي محمد)  جي درخواست منظور ڪري منع نامو جاري ٿو ڪجي ته ايسوسيئيشن سپاسنامو پيش نه ڪري ۽ وائسراءِ اهڙو سپاسنامو نه وٺي.“

 واهه واهه ٿي وئي. کٽندڙ جو پاسو سڀ ڪو کڻي ٿو. ٻاهران دهلن شرناين جي ڌم لڳي وئي. ڪورٽ مان ٻاهر نڪتاسين ته منهنجي پويان هلڻ لاءِ هڪ جلوس تيار ٿي ويو.

لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ وڏن ماڻهن جي خلاف اڻ پڙهيل عوام جي ناراضگيءَ جو اهو پهريون مظاهرو هو. انهن سمجهيو ته وائسراءِ ۽ خان بهادرن کي منع نامو ڏياري  مون ڪا وڏي ڳالهه ڪري وڌي آهي، سندن دلين ۾ نوڪر شاهي ۽ ان جي حامي ليڊرن جي خلاف شايد ڪا باهه دٻي پئي هئي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جو کين اهو خفيف موقعو ملي ويو هو.

*      *      *

 انهيءَ واقعي کان پوءِ ايسوسيئيشن وارن جي همٿ جواب ڏيئي بيهي رهي. خان بهادر کهڙي معرفت مون سان ٺاهه جون ڳالهيون هلايائون. مون ٽن شرطن تي ٺاهه ڪيو:

(1) ائسوسيئيشن جو جائنٽ سيڪريٽري مون کي بڻايو وڃي.
(2) ايسوسيئيشن سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ هلائي، ۽ (3) آئنده جيڪي به ٺهراءُ پاس ٿين يا سپاسناما پيش ڪيا وڃن تن ۾ نوڪرشاهيءَ کي کليءَ طرح ننديو وڃي ۽ ڪامورن هٿان ٻهراڙيءَ جي عوام سان جيڪي زيادتيون ٿين ٿيون تن جي اپٽار ڪئي وڃي.(1)

شرط منظور ٿيا. لاڙڪاڻي ۾ ميٽنگ ڪري انهن کي عملي جامو پهرايائون. سنڌ جي جدائيءَ لاءِ زوردار ٺهراءُ پاس ٿيو. مون جائنٽ سيڪريٽري جي چارج ورتي ۽ چارج وٺندي ايسوسيئيشن جو سمورو ڪاروبار  سميٽي پنهنجن هٿن ۾ رکيم. خانبهادر ولي محمد مرحوم خود  به خود  پس منظر ۾ هليو ويو.  مون وري کيس ڪنهن ميٽنگ ۾ شامل  ٿيندو  ڪو نه ڏٺو. برسبيل تذڪره،  اڳتي جو ڪجهه حال عرض ڪرڻ بي موقعي نه ٿيندو. سنڌ جي عوام آزار نوڪر شاهي، محمدن ايسوسيئيشن جو اهو نئون رجحان ڏسي ڏاڍو منجهي  پئي. ان اداري کي هن هيلتائين پنهنجي لاءِ  جاءِ پناهه يا  هڪ قسم جي سياسي پـُـشتي  پئي سمجهيو. پر هينئر هن محسوس ڪيو ته سندن اها جاءِ پناهه ڊهي رهي آهي، تنهنڪري سندس پريشاني قابل فهم هئي.

 نوڪر شاهي هڪ دفعو سوچي سمجهي، رٿا رٿي ته ڪنهن طرح ايسوسيئيشن جي نئين رجحان کي روڪڻ لاءِ مون کي ائسوسيئيشن مان خارج ڪرائي، ڇڏي، ڇو ته هن جي نظر ۾ ، آءٌ ئي نوڪرشاهيءَ  خلاف ”فساد“ جي پاڙ هئس.

ايسوسيئيشن  جي صدر طرفان اوچتو ميٽنگ سڏائڻ جو اعلان ٿيو. ايجنڊا جاري ٿي، جنهن جي پهرين شق هئي ”نون عهديدارن جي چونڊ“. ميٽنگ  سکر جي ميونسپل ٽائون هال ۾ ٿيڻي هئي.

منهنجي دل ۾ اوستائين ڪو به شڪ ڪو نه گذريو. مون نٿي سمجهيو ته مون سان ڪيل عهد نامي خلاف نين چونڊن ذريعي مون کي ڪڍائڻ  لاءِ ڪو منصوبو رٿيل آهي. پر جڏهن ميٽنگ جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾، ٻاهريان ماڻهو،  خانبهادر، خان صاحب، سکر ۾ وارد ٿيڻ شروع ٿيا ته هوريان هوريان چؤ پچو  شروع ٿي ته آئينده لاءِ ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري حيدر آباد جي وڪيل ۽ بمبئي ڪائونسل جي ميمبر، ميان نور محمد مرحوم، کي بڻائڻ جو ارادو اٿن. ميان نور محمد مرحوم لاءِ سمجهيو ويندو هو ته هو مسلمان آفيسرن جو خير خواهه ۽ ايتريقدر زوردار شخصيت جو مالڪ آهي جو هو ايسوسيئيشن مان مون کي نيڪالي ڏيارائڻ کان پوءِ، پيدا ٿيندڙ رد عمل کي، چڱي طرح سان منهن ڏئي سگهندو. جاچ ڪندي معلوم ٿيو ته ان خبر ۾ سورهن آنا سچائي آهي.

ٻاهران آيل ليڊرن پنهنجي ڪيمپ ڊاڪ بنگلي ۾ هنئي هئي، جتان جا سمورا ڪمرا اڳواٽ وٺي ڇڏيا هئائون. آءٌ ساڻن گڏجڻ لاءِ ويس ته مون سان ڪا ڳالهه ڪا نه ٿي ڪيائون، پاڻ ۾ ڳوڙها ڳوڙها ٿي، ڪن ۾ ڳالهيون ڪندا ٿي رهيا.

آءٌ انهن ڏينهن ۾ سکر جي سنڌ زميندار جو ايڊيٽر هئس. آغا نظر علي خان مرحوم،  جنهن جو ذڪر پهرين جلد ۾ اچي چڪو آهي، پريس جو مئنيجر هو. ان کي خبر ملي ته ڊاڪ بنگلي ۾ محمدن ايسوسيئيشن جي ميٽنگ جي سلسلي ۾ آيل ليڊرن کي کارائڻ لاءِ پنجاهه ڪڪڙن جون سيخون تيار پيون ٿين، ٻوڙن پلاون ۽ پڊنگن جو انتطام ان اپرانڌ.

آغا صاحب مرحوم دعوتن  جو شوقين هوندو هو. مون کان پڇيائين ته: ”اسان کي به ڪا دعوت ڏني اٿن يا نه“، مون چيس: ”ڪا نه ڏني اٿن ۽ ڏين به ڇو، جڏهن ته سندن نيت اسان کي ڪڍڻ جي آهي.“

 آغا صاحب تپي باهه ٿي ويو. ڪجهه دعوت کان محرومي جو ڏک هئس، ڪجهه منهنجي خلاف رٿيل منصوبي تي ڪاوڙ.

هڪل ڪري چيائين: ”بي غيرت، اڃا ويٺو آهين؟ اڄ به بيعزتي، سـُـڀان به بيعزتي. اڄ اسان کي دعوت کان ٻاهر رکيو اٿن، حالانڪه اسان سکر جا مکيه ۾ مکيه صحافي آهيون. سڀان تو کي ائسوسيئيشن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. اُٿ ته ان آپدا کي منهن ڏيڻ لاءِ راتو رات ڪو بندوبست ڪري وٺؤن.“

بندوبست هيءُ ٿيو ته سکر جي عوام مان ائسوسيئيشن جا ميمبر بڻائي، ٻئي ڏينهن ميٽنگ ۾ پنهنجي ميجارٽي بڻائي وٺجي. ميمبريءَ  جي في فقط چار آنا سال هئي، جيڪا اسان کي هڙان ڀرڻي پيئي ۽ داخلا جو اختيار مون کي هو.

ميمبرن جي داخلا لاءِ آغا صاحب بچل شاهه جي مياڻي ڏانهن هليو ويو، جت ٻنپهرن رات تائين ٻه سو کن ميمبر داخل ڪري، انهن کي رسيدون ڏيئي تيار  ڪندو رهيو ته هو 9 بجه صبح جو اچي هال کي اڳواٽ والاري ويهي رهن.

آءٌ پاڻ بندر طرف لهي ويس. ات لاکاٽين ميربحرن جون ٻيڙيون بيٺل هيون، لاکاٽي اسان جي خاندان جا مريد هئا. ساڍا ٽي سؤ کن ميمبر ڀرتي ڪري، کين ساڳيءَ طرح سمجهاڻي ڏنم ته هو به 9 بجه صبح جو اچي هال ۾ ويهي رهن، جيڏانهن اسان هٿ کڻون، ان طرف هو به پنهنجا هٿ مٿي ڪندا رهن.

صبح تائين  اهو سڄو انتظام مڪمل  ٿي ويو. 9 بجه پاڻ وڃي ڏٺوسين ته هال اسان جن ماڻهن سان ڀرجي ويل هو. فقط ڊيس خالي ڇڏي ويئي هئي، جت ليڊرن کي اچي ويهڻو هو.

ليڊر صاحبان پاڻ شيو، غسل ۽ نيرنيون ڪري سوا ڏهين بجه ڊاڪ بنگلي مان نڪري اچي موقعي تي پهتا. هال جي دروازي تي مون سندن استقبال ڪيو. هال اندر قدم رکندي هال جو حال ڏسي ويچارن جا منهن لهي ويا(1).

خانبهادر(1) شاهنواز خان مون ڏانهن نهاري، وري هال ۾ حاضر هجوم ڏانهن اشارو ڪندي، ٽوڪ طور انگريزيءَ  ۾ چيو: “Very respectable gathering”  (يعني ”تمام معززن جو مجموعو آهي.“) مون جواب ڏنس:

“They are the common men in whose name you speak”

(يعني: ”اِهي اُهي ئي عوام آهن، جن جي نالي ۾ اوهان ڳالهائيندا رهو ٿا.“

 ميان نور محمد مرحوم، جنهن کي سيڪريٽري چونڊجڻو هو، سو هجوم ڏسندي ئي پويان پير ڪري ٻاهر نڪري ويو، وري ڪنهن کيس سکر ۾ ڪو نه ڏٺو.

خانبهادر شاهنواز خان مرحوم حاضرين کي رسمي طور خوش آمديد چوڻ کان پوءِ ميٽنگ کي مهمل ڪرڻ جو اعلان ڪري، هال ڇڏي، وڃي موٽر ۾ ويٺو ۽ سڌو لاڙڪاڻي  روانو ٿي ويو. ٻيا ليڊر به غائب ٿي ويا، گهڻو ڪري وڃي ريلوي جي ويٽنگ روم ۾ ساهه پٽيائون ۽ ريل گاڏين رستي ڇڙ وڇڙ ٿيندا ويا.

پٺيان ڊاڪ بنگلي ۾ ڪڪڙ پچندا ۽ ديڳڙا دمبا رهيا، پر کائڻ لاءِ هيڪڙ ٻيڪڙ  ڪو شخص آيو. موقعي کي تاڙي اسان جو آغا صاحب مرحوم سڌو وڃي ڊاڪ بنگلي تي پهتو. پريس مان نوڪر کان ديڳڙا کڻايو ويو هو. بنگلي جي  بورچين تي ڌونس ڄمايائين  ته مهمانن جو هڪ مجموعو خانبهادر در محمد خان(2)  جي بنگلي ۾ آيل آهي، جنهن لاءِ ماني اوڏانهن کڻي وڃڻي آهي.

بورچين ديڳڙا ڀري سندس حوالي ڪيا، آغا صاحب گهڻي ۾ گهڻن سيخ ڪباب ڪڪڙن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

در محمد خان جي بنگلي جو ته فقط بهانو هو. ديڳڙا سڌا پريس ۾ اچي پهتا. ٻه ٽي ويلا پاڻ به کائيندا رهياسين ۽ آئي وئي  کي به کارائيندا رهياسين. البته پڪلن ڪڪڙن جي ويجهو آغا ڪنهن کي اچڻ ڪو نه ٿي ڏنو. کيس ”جگر جي خرابيءَ“ جي شڪايت رهندي هئي، جنهن جو علاج ڪڪڙ جو ڪباب سمجهندو هو. هڪ شام جو آءٌ گهمي ڦري اڌ رات جو موٽي پريس ۾ آيس. ڇا ڏسان؟  آغا صاحب ڪڪڙ جو ڪباب کائي ويٺو هڏا چٻي.  مون چيس: ”آغا صاحب، اڌ رات جو ويٺو بد پرهيزي ڪرين، انهن پرڪارين ته، ڪنهن ڏينهن، تنهنجو جگر  بنهه جواب  ڏئي بيهي رهندو.“ فرمايائين:
”هرگز نه، هي مال غنيمت آهي، ان مان مستفيد ٿيڻ شرعاً  جائز آهي. ۽ جائز شيءِ واپرائيندي  جگر کي ڪنهن نقصان پهچڻ جو انديشو ڪو نه آهي، پاڻ ان ۾ برڪت ۽ صحت جو راز سمايل رهي ٿو.“

 مون عرض ڪيو: ”هي مال غنيمت ڪيئن آهي؟“

 فرمايائين: ”تون  بي سمجهه آهي، حقيقي علم کان بي بهره آهين.  جنهن سازش کي اسان ناڪامياب بڻايو آهي سا سازش سنڌ جي مومن مسلمان عوام جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ لاءِ هئي، ان جي مخالفت هڪ قسم جو جهاد هو. جهاد جي دوران ۾ مخالف ڌر جو جيڪو مال قبضي ۾ اچي ٿو سو مال غنيمت ليکيو وڃي ٿو. ان اصول هيٺ دشمنن جي ڪيمپ مان هٿ آيل خوراڪي سامان مال غنيمت نه ته ٻيو ڇا آهي؟“

 هڏا کائي ختم ڪيا هئائين، هڪ وڏي اوڳرائي ڏئي، اکيون ٻوٽي، آيت سڳوري انا فتحنالک فتحاً  مبينا، بلند آواز سان پڙهندي وڃي کٽ تي آئڙيو.

ڪنهن ڊاڪٽر آغا صاحب کي ٻڌايو هو ته هڏن ۾ فاسفورس ٿئي ٿي، تنهنڪري آغا صاحب ڪو به هڏو پوئتي ڪو نه ڇڏيو هو، ڪتا ويچارا ســِـنگهي  سـُـنگهي نا اميد ٿي هليا ويا.

غرض، ايسوسيئيشن جي سياست جيءَ جو جوکم يا آبرو لاءِ انديشناڪ ڪا نه هوندي هئي. ان جا دلچسپ ۽ وڌندرائيندڙ پهلو به ٿيندا هئا، ماڻهو کلي به سگهندا هئا، کلائي به سگهندا هئا.

*      *      *

ايسوسيئيشن  اڳيان ڪو اهڙو پروگرام ڪڏهن ڪو نه رهيو هو، جنهن ۾ ههڙن واقعن يا رڪاوٽن يا مهملين سببان  ڪنهن رخني پوڻ جو امڪان پيدا ٿئي.

ايسوسيئيشن کي وڌ ۾ وڌ مانپتر ڏيڻا پوندا هئا، جن جو رواج، وچ ۾ سياسي ۽ انقلابي تحريڪن جي زور وٺڻ ڪري خودبخود ختم ٿي ويو. پاڻ کي عملدارن اڳيان اڳي ڪرڻ ۽ امن پسند ليڊري ڄمائڻ جي پراڻن طريقن جي ضرورت ويندي رهي.

*      *      *

اها سکر واري ميٽنگ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي آخري ميٽنگ ثابت ٿي، نه وري ميٽنگ ٿي، نه عهديدارن چونڊائڻ جي ڪنهن کي جرئت ٿي. سمهندي، سمهندي ايسوسيئيشن هميشـہ لاءِ سمهي پيو، ميدان خالي ٿي ويو. ان جي جاءِ تي ترقي پسند نيون تحريڪون ۽ جماعتون اڀرنديون ويون، پهريان سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ جماعت ٺهي ۽ تحريڪ شروع ٿي، سنڌ جدا ٿي ته اسيمبلي پارٽيون وجود ۾ آيو، اڃا انهن جا جهيڙا جاري هئا ته مسلم ليگ  کڙي ٿي ۽ پاڪستان جي هلچل هلي دنيا بدلجي ويئي.

مرحوم محمدن ايسوسيئيشن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه رهيو.

*      *      *

ساڳيو حال، گهٽ ۾ گهٽ، سياسي لحاظ سان، حسن علي خاندان جو ٿيو. الله تعاليٰ سندس پوين کي هر طرح نوازيندو رهيو آهي، ۽ نوازيندو رهندو، ڇو ته هو ان جا مستحق آهن. پر سياست جي ميدان ۾ اهو سلسلو مرحوم مغفور خانبهادر ولي محمد تي ختم ٿي ويو.

آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته اها خاندان سنڌ جي محسن خاندان آهي. سنڌ ان جا ٿورا، صدين تائين، لاهي ڪا نه سگهندي.

 

 

 

سر مانٽيگو ويب ۽ ٻيا انگريز شهري

ڪراچيءَ ۾ انگيز عملدارن کان سواءِ واپاري انگريز به رهندا هئا، جن جون وڏيون وڏيون ڪوٺيون هونديون هيون. پر انگريز پاڻ ۾ ايتري قدر هڪ ٻئي جي قريب هوندا هئا جو اهو فرق ڪو نه ٿيندو هو ته ڪير سرڪاري عملدار آهي ۽ ڪير خانگي ماڻهو.

جيڪي ناميارا غير عملدار انگريز مون ڪراچيءَ ۾ ڏٺا، انهن مان هڪ سر مانٽيگو ڊي. پي. ويب هو. ڏسڻ وائسڻ ۾ حشمت وارو مڙس هوندو هو. فاربس فاربس ڪيمبيل يا ميڪنيان ميڪنزئي ڪمپني جو مقامي مئنيجر ٿي رهيو. سياست ۾ حصو وٺندو هو. انگريزي روزانه اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ جو پهريان چيئرمين ۽ پوءِ پاڻ ايڊيٽر بڻيو. انگريز قوم ۽ حڪومت جو طرف بيان ڪندو رهندو هو. بمبئي ڪائونسل جو به سرڪاري ٿاڦيل ميمبر هو.

ٻيو هڪ انگريز اي. ايل. پرائس هو، جنهن کي به وقت جي حڪومت پـُـشتي  ڏيندي رهندي هئي. سنڌ جي علحدگيءَ جي باري ۾ جيڪي سرڪاري جانچ ڪاميٽيون مقرر ٿيون، تن جو ميمبر بڻائيندا هئس. اقتصاديات جو ماهر سمجهيو ويندو هو. البته اڌ مغزي هوندو هو. هڪ بنهه پراڻي فورڊ موٽر هئس، جنهن جا دروازا ڪڍرائي  ڇڏيا هئائين، ڇو ته دروازي کي کولڻ تي به وقت وڃائڻو ٿي پيس.

ڊبليو رچرڊسن، سالن جا سال ڪراچيءَ جو سٽي ماجسٽريٽ  ٿي رهيو. علي برادران  واري تاريخي مقدمي هلائڻ کان هن ڪري نابري واري هئائين ۽ سرڪار جو حڪم نه مڃيو هئائين،  جو هن جي خيال ۾ اهو سياسي مقدمو هو، جنهن جي ٺاهڻ ۾ ڪامورن ضرور ”ڳنڍ ٽوپو“ ڪيو هوندو، جنهن تي چشم پوشي ڪرڻ لاءِ هو تيار ڪو نه هو. پوءِ اهو مقدمو هڪ ديسي ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ، ايس- ايم- ٽلاٽيءَ، کي هلائڻ لاءِ ڏيڻو پيو هئن.

 

 

 

قاضي عبدالرحمان مرحوم

 هڪ ڏينهن حاجي عبدالله هارون مرحوم، گفتگو ڪندي، پنهنجي متعلق چيو:

”منهنجي ترقيءَ  ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هن ڳالهه جو به حصو رهيو آهي، ته مون کي پنهنجين گهٽتاين جو پورو پورو احساس رهي ٿو ۽ ان ڪري انهن گهٽتاين کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻين لائق ماڻهن جي مدد حاصل ڪندي ڪو عار محسوس ڪو نه ٿو ڪريان. الله تعاليٰ ماڻهن کي سڃاڻڻ جو ملڪو مون کي عطا ڪيو آهي. مون کي هر موقعي ۽ هر ڪم لاءِ صحيح ساٿي مليو وڃن. انهن جي مدد سان آءٌ پنهنجون گهٽتايون پوريون ڪري ڇڏيان.“

 جن نوجوانن کي حاجي صاحب سڃاڻي، لائق سمجهي، پاڻ سان شامل ڪيو، تن ۾ هڪ قاضي عبدالرحمان مرحوم به هو. ڪيترا سال حاجي صاحب جو سيڪريٽري  رهي سندس سياسي ڪاروبار هلائيندو رهيو.

مرحوم نواب شاهه جي ساهتي علائقي جي پيدائش هو. بي. اي. پاس ڪري ڪراچيءَ  ۾ رهڻ لڳو، جت عبدالله هارون جي نظر انتخاب مٿس پئجي وئي. پهريائين پنهنجو سياسي سيڪريٽري ڪري رکيائينس، ان کان پوءِ الوحيد اخبار  ڪڍارايائين ته  ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائينس.  ايڊيٽريءَ ۾  ڏاڍو نالو پيدا ڪيائين. الوحيدي ٽولي سان گڏ، جيل جي ياترا به ڪيائين. الوحيد مان هفتيوار انگريزي اخبار ”مسلم ايڊووڪيٽ“ نڪتي ته ان جو ايڊيٽر به پاڻ ئي بڻيو. سنڌي خواهه انگريزيءَ ۾ سندس قلم ۾ رواني هئي. 1920ع وارن آئيني سڌارن  کان پوءِ جيڪا سياسي بيداري سنڌ جي مسلمانن ۾ پيدا ٿي، تنهن کي موثر بڻائڻ ۽ چمڪائڻ  لاءِ بي انتها پاڻ پتوڙيندو رهيو. مجموعي طرح سنڌ جي نئين سياست جي بنياد رکندڙن ڏهن ٻارهن  ماڻهن جي پهرينءَ قطار  جي زينت هو، پر غريب هو، زر يا زمين ڪا نه هئس، جوانيءَ جو وڏو حصو قوم اڳيان نذر ڪرڻ بعد، قوم جي بي قدريءَ ٿڪائي وڌس. سياست ۽ صحافت ڇڏي پيٽ پالي زنده رهڻ خاطر ڪراچي لوڪل بورڊ ۾ نوڪري ورتائين ۽ چيف آفيسر بڻيو. اتان نڪرڻ بعد سندس ڪهڙيون  مصروفيتون رهيون، تنهن جي خبر ڪا نه رکيم. جيڪڏهن هندن ۾ هجي ها ته قدر افزائي ٿيندي رهيس ها ۽ پاڻ به پڇاڙيءَ  تائين سياست ۾ رهي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي ها- گهٽ ۾ گهٽ، آزاديءَ کان پوءِ ته پنهنجي هم عصر  هندو قومي ڪارڪن سرڳواسي  جيرامداس دولت رام وانگر ڪنهن صوبي جي گورنري  تان رٽائر ڪري ها.

پر هت صفا سـُـڃ  جو سفر سامهون آيس. گهٻرائي وڃي گوشئه گمنامي اختيار ڪيائين. هڪ هٿ سان هميشـہ لاءِ تاڙي وڄي ڪا نه سگهي.

 

 

 

سيٺ نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي

ڀوڄواڻي ڪٽنب دادوءَ  مان آيل هو. خدا آباد جي ڀر ۾ سامتاڻي علائقي جي سوکڙي هئا. دنيا جي مختلف حصن کي واپار جي ڄار ۾ وڪوڙي ويٺا هئا.  ملڪان ملڪ ڪوٺيون ۽ گماشتا هئن. چار سو ٻيڙا وٽن هئا، جيڪي واپاري مال مختلف ملڪن جي مابين آڻيندا نيندا هئا.  جيڪي واپاري مال مختلف ملڪن جي مابين آڻيندا نيندا  هئا. مرڪز پهريان سونمياڻي پاسي بلوچستان جي حدن اندر هڪ خانگي بندر جي ڀر ۾  کوليو هئائون.  جڏهن اهو بندر سمنڊ جي ويرين جي لاهه چاڙهه سبب لٽجي جهازن جي استعمال لاءِ ناڪارو ٿي ويو ته خاندان پنهنجو مرڪز اتان کڻي آڻي ڪراچيءَ ۾ رکيو. ڪراچي ان زماني ۾ ڪا نه هئي. مهاڻن جي هڪ ڪکائين مياڻي هوندي هئي، جنهن جي ڀر ۾ سمنڊ جو ڪنارو جهازن جي بيهارڻ لاءِ موزون هجڻ ڪري بندرگاهه طور استعمال ٿيڻ جي قابل هو.

ڀوڄواڻين ات هڪ ڪوٽ ڪڍائي پنهنجو ڪٽنب ۽ واپاري عملو آڻي منجهس ويهاريو. ڪوٽ کي ٻه دروازا رکيائون، کارو در ۽ مٺو در. اهو علائقو  خان قلات کي  ڪلهوڙن جي زماني ۾ مليو هو به طور  ”خون بها جي“. ڪلهوڙا حاڪم، خان قلات جي ڀاءُ کي خون ڪرائڻ جا ڏوهي ثابت ٿيا هئا، عيوض ۾ اهو علائقو خان کي ڏيئي ڌرين پاڻ ۾ ٺاهه ٺوهه ڪيو هو. خان طرفان انتظام ڀوڄواڻي هلائيندا رهيا، جن پڇاڙيءَ ۾، خان جي هيڻائي ڪري ۽ سنڌ جي نون ٽالپرن حاڪمن جي فوجي حملن کان مجبور  ٿي علائقو ٽالپرن جي حوالي ڪري ڇڏيو، پر انتظامي ڪاروبار، وري به، ڀوڄواڻين جي صلاح مشوري مطابق هلندو رهيو.

جنهن زماني ۾ ڀوڄواڻين اچي ڪراچي شهر جو بنياد وڌو، خاندان جا سربراهه سيٺ هوتچند ۽ سندس پٽ نائون مل هئا.

بين الاقوامي دنيا سان تجارتي تعلقات رکڻ سببان هو دنيا جي سياسي حالتن کان باخبر رهيا ٿي، ظاهر آهي ته جن ماڻهن دنيا سان ڌنڌو هلايو ٿي سي، پنهنجي مٿي، هوشيار ۽ زمانه شناس به هوندا.

 کين معلوم هو ته انگريز هندستان جي ڪن ڀاڱن تي اڳ ۾ قابض ٿي چڪو آهي ۽ سندس اکيون باقي ٽڪرن تي به کـُـتل آهن، جتان جي اندروني واءُ سواءُ  لهڻ لاءِ انگريزي جاسوس ۽ ڇاڙتا ملڪان ملڪ ڦرندا پئي وتيا. سنڌ جي پاڙيچي علائقي ڪڇ ۾ هو اڳ ۾ ئي اڏو قائم ڪري ويهي رهيو هو، ڪڇ جي راجا پنهنجو ملڪ سندس حفاظت ۾ ڏيئي ڇڏيو هو.

ڀر واري ملڪ سنڌ به انگريز لاءِ وڏي اهميت ٿي رکي. ان زماني ۾ کيس ٻن پاسن کان خطرو نظر ٿي آيو. افغانستان ۽ بلوچستان جي رستي سان روس جي حملي جو ۽ ايران جي پاسي کان فرينچن جي يلغار جو. انهن حمله آورن کي روڪڻ ۽ ان خطري کان هميشـہ  لاءِ محفوظ رهڻ جو هڪڙو ئي طريقو هوس. وچ ۾  پوندڙ ملڪ،يعني سنڌ،تي سندس قبضو نه ته تسلط ضرور رهي!

-- سنڌ جا ٽالپر حاڪم انهن امڪانن کان بيخبر هئا.

-- ڀوڄواڻي باخبر رهيا!

*      *      *

مير صاحب (الله تعاليٰ جون مٿن رحمتون هجن) تمام نيڪ نيت ۽ ويساهي انسان هئا.هو پنهنجي دل تي هلندا ٿي رهيا.  نيڪ نيتي ۽ صلح پسندي کي ”فيصله ڪــُـن“ دفاعي حڪمت عملي تصور ڪندي، پاڻ قبائلي جنگين ۾ ماڻهن ۽ جهنگن ۾ مـِـرُن کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هوندا هئا. شعر و شاعريءَ جي ٽونڪر هوندي هـُـوَن، چوڌاري قصيده گو  شاعر لامارا ڏيندا ٿي وتين، وڏو ڦاڙهو يا مرون ماريو  ته اهڙي رزميه انداز ۾ نظمون جڙي راس ٿينديون ڄڻ ميرن صاحب ڪا وڏي فوجي مهم سر ڪري وڌي!

سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ميرن ملڪ کي ٽي ٽڪر ڪري هر هڪ شاخ جي حوالي، ۾ هڪ ٽڪر ڏئي پنهنجي خاندان کي سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.  سمجهيائون پئي ته ان طريقي سان منجهانئن اندروني رقابتن ۽ بشريت جي تقاضائن کي ٻنجو اچي ويندو. علي مراد خان (1) ۽ ان مزاج جي ٻين مائٽن ۾ بنهه اک ڪا نه ٿي ٻڏين.

عدالتي ۽ انصافي ذميدارين کان پاڻ کي آجو رکيو هئائون، الا بلا برگردن ملا. شريعت مطهره جو قانون هوندو هو، فيصلا ڦڙا قاضي مفتي ڪندا هئا، ڏاڍا بي رياءَ  هوندا هئا، پنهنجن مان به ڪو نه گـُـسندا هئا، هڪ ٻئي خلاف ڪفر جي فتوائن جاري ڪندي به دير ڪا نه لڳندي هـُـون. مولانا غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي مدظلـہ(2)  جي تحقيق مطابق شاهه عنايت شهيد رحمة الله عليـہ کي شهيد ڪيائون ته شڪارپور  جي بزرگ حاجي فقير الله علوي صاحب رحمة الله عليـہ ، اها خبر ٻڌي، شڪراني جا نفل پڙهيا.

ميرن جا مالياتي معاملا هندو ڪاردارن، متصدين، ۽ منشين جي حوالي رهيا. سفارتي ڪم به گهڻو ڪري اهي ئي پيا هلائيندا هئا(3).

 

*      *      *

 ڀوڄواڻين جي ڪوٺيءَ کـُـلڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي آبادي وڌي. هندن مندر قائم ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسلمانن به مسجد ٺاهي. ڪنهن معمولي ڳالهه تان هندن ۽ مسلمانن ۾ ”تون ڇا“ ”تون ڇا“ ٿي پئي. هندن جي سرڪرده،  ڀوڄواڻين جي مهندرا، هوتچند خلاف ميرن کي دانهن ملي. حيدرآباد مان ميرن  ماڻهو موڪلي هوتچند کي گرفتار ڪرائي پاڻ وٽ گهرايو. فيصلي لاءِ معاملو قاضين مفتين جي حوالي ٿيو. ڪجهه ڏينهن نظر بند رکڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهـِـلڻ کان پوءِ هوتچند کي نصرپور نيئي مشرف به اسلام ڪيائون.

ختني  ٿي وڃڻ کان پوءِ، هوتچند کي ميرن وٽان آزاديءَ جو مزدو مليو. جيڪڏهن بخت  ڀڙائيس ها ته هو مسلمانيءَ جي مليل نعمت جو قدر ڪري ها ۽ ان تي قائم رهي، پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي باغ بهار بڻائي وڃي ها. پر سندس بخت بگڙيل هو. هن ان سرجريءَ  کي شديد  بي عزتيءَ سان تعبير ڪندي، گهر ڀاتياڻيءَ کي پنهنجي حال زار ڏيکارڻ  بدران، حيدرآباد مان  چوري ٻيڙي هٿ ڪري، ڦليليءَ جي رستي، سڌو رياست ڪڇ جي سرحد تي وڃي پهتو(1). اتان ڪشالا ڪندو ڀـُـڄ  رسيو، جت اڳ ۾ ئي سندس ڪوٺيءَ  جي شاخ هئي.

انتقام جي باهه سندس جيرو جلائي ڇڏيو هو. هو پاڻ سان وچن ڪري چڪو هو ته جيستائين  سنڌ مان ميرن جو خاتمو نه ڪرايو اٿائين، اوستائين هو گهر ڪو نه موٽندو.  ان مقصد سان ڀڄ ۾ رهي پيو ۽ انگريزن سان سازباز ڪندو رهيو.

حيدرآباد ڇڏيندي، پوين ڏانهن پيغام موڪليندو ويو ته جيستائين ميرن کان انتقام وٺڻ جو بندوبست نه ٿيو آهي. اوستائين هو موٽي سنڌ ۾ قدم ڪو نه رکندو.

ان ڏينهن کان پوءِ ميرن جي پاڙن پٽائڻ لاءِ ڀوڄواڻي ڪٽنب جا ماڻهو ڪات ڪهاڙا کڻي بيهي رهيا.

*      *      *

 ڀـُـڄ  ۾ انگريزن جو اڏو اڳ ۾ ئي موجود هو. هوتچند اتان جي انگريزي ايجنٽن جي ذريعي اورين پرين انگريزن کي ڪوٺ ڏني ته هو اچي سنڌ تي قبضو ڪن. کين يقين ڏياريائين ته سندس ڪراچيءَ  واري ڪوٺي، ۽  سندس خاندان جا سمورا ذرائع، کين مقامي طرح، مدد ڏيڻ لاءِ تيار رهندا.

انگريزن کي ٻيو ڇا گهربو هو؟ منصوبو ٺهيو ته افغانستان ڏانهن ويندڙ سندن فوجون سنڌ جي رستي وڃن، ۽ افغانستان مان واپسيءَ  بعد ميرن کي ڪڍي خود سنڌ  تي قبضو ڪري ويهي رهن.

 ڪراچيءَ ۾ هوتچند جو پٽ نائون مل موجود هو. هو انگريزي فوجن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي رهيو.

ان کانپوءِ ڇا ٿيو؟ نائون مل وارن انگريزن لاءِ ڇا ڇا ڪيو، تنهن جو تفصيل ڪتاب ”نائون مل جون يادگيريون “۾ ڏسي سگهجي ٿو، پڙهڻ جهڙي شي آهي.(1)

*      *      *

صاف ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن هوتچند انگريز کي اٿاري کڙونه ڪري ها، سندس پٽ نائون مل، سنڌ اندر، انگريز جي امداد نه ڪري ها، نه انگريز کي ضرورت وقت خرچ لاءِ قرض ڏئي ها، نه سندس فوج جي سواريءَ  لاءِ سوين اٺ فراهم ڪري ها، نه سندن طرفان جاسوسپ جو ڄار وڇائي ملٽري خبررسانيءَ جي ضرورت پوري ڪري ها،  نه پاڻ، ڪن موقعن تي، ڌوتي لاهي، پتلون پهري ۽ ٽنگن تي پٽيون چاڙهي، انگريزي فوج جي رهبري ڪري ها، نه پاڻ اڳ ۾ ٿي، انگريز پاران، زوريءَ ڪراچيءَ  تي قبضو ڪري ها، ته هوند سنڌ جي تاريخ ٻيءَ طرح هجي ها. يعني:

* ميرن جي صاحبي اڄ تائين هلندي رهي ها.

* ويهين صديءَ جا اثر ۽ ايجادات، گهڻي پر، سنڌ اندر اسري ڪو نه سگهن ٿا.

* زندگي سانتيڪي هجي ها، راتيون خواب آورگورين جي مدد کان سواءِ گذرن ها.

* سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گهوڙا هجن ها (هندن لاءِ گڏهه ۽ خچر).

* جهازن جا ڪم جهـَـمٽين کان پيا وٺجن ها.

* وقت آرام سان پيو گذري ها، شيلن ۽ شڪارن ۾.

* نه وڏا شهر هجن ها، نه گند ۽ غلاظت جا ڍير مڙن ها.

   پر نڀاڳي نائون مل، گهر جو ڀيدي ٿي، انگريزن کي هت آڻي، لنڪا لٽرائي ڇڏي.

   سارو خـُـلم ، حقيقتاً  هوتچند جي خـُـتني تي متو.

   ميرن جي حڪومت کي جيڪي ڪجهه ختني مان هٿ آيو سو ڦٻيو، بدلي ۾ سنڌ انگريز ڦٻائي ويو. ڇا وتائون، ڇا وڃايائون؟ سؤ سالن لاءِ سنڌ مان مسلمانن جي راڄ ۽ شرعي نظام جي لاک لهي وئي. مير مراد علي خان مرحوم خود نائون مل کي گهرائي چيو:”پنهنجي پيءُ جو پلئو بيشڪ ڪيئي!“

جڏهن انگريز سنڌ تي قبضو پئي ڪيو ۽ نائون مل ڪيپٽن پريڊي سان گڏ، ڪراچيءَ مان ميرن جي ڪامورن کي پئي ڪڍيو، ته هوتچند ڪڇ مان ڪهي، پنهنجي خانگي  جهاز ۾ سوار ٿي، اچي ڪراچيءَ جي ساحل تي پهتو هو ۽ اُت جهاز کي لنگر انداز ڪري ان ۾ ويهي رهيو هو. اتان ويٺي ويٺي پئي تماشي  جون خبرون ورتائين. معاملو صاف ٿي ويو، ۽ ميرن جو خاتمو ٿي ويو ته پاڻ به جهاز مان لهي خشڪيءَ تي پير پاتائين ۽ موٽي اچي پنهنجي گهر ۾ ويٺو،ڏهن يارهن ورهين جي جلاوطنيءَ کان پوءِ! ان گهراڻي جو بعد جي انگريزي دور ۾ به ڪافي اثر رهيو. ڪراچي شهر جا ته ڄڻ مالڪ مختيار هئا.

*      *      *

مون پنهنجين اکين سان نائون مل جو پڙ پوٽو ڏٺو، راءِ بهادر بولچند آلو مل ڀوڄواڻي. سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي جو حضور ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو هو.

مون کي پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏ، ڪنهن سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾، کيس ڏسڻ جو موقعو مليو. ڊگهو قد، جسم وچولو، رنگ ڪڻڪائون، ڏاڙهي ڪوڙيل، مڇون موزون، مٿي تي ننڍي پڳڙي، هيٺ تي اڇي پتلون ۽ ساڳئي رنگ جو بند گلي سان ڊگهو ڪوٽ. ڏاڍو ”فهميدو“ ۽ سنجيدو ٿي لڳو. ٿور ڳالهائو، نوڙت وارو، فارسيءَ جو ڄاڻو، گفتگو  جي وچ ۾ فارسي جا مثالي بيت ۽ قول پيش ڪندو ٿي رهيو. تصوف ڏانهن مائل ۽ قلندر لعل شهباز رحه جو معتقد ٿي ڏٺو. سنڌ اندر  مختلف جاين تي  نوڪري ڪري چڪو هو. جتان ٿي آيو هو اتان جا ماڻهو سندس اشرافت، خدا ترسيءَ، عدل ۽ بي ريائيءَ جي تعريف ڪندا ٿي رهيا.


(1) ڏسو ڪتاب ”راج رشي ديوان ڏيارام گدو مل جو جيون چرتر“ ليکڪ: پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ڇپايل 1938ع، صفحو 18 ۽ 19

(2) هندستان جو وائيسراءِ هو

(3) اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ وارن ويهن سالن اندر سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن گڏجي هڪ انجمن ٺاهي هئي، جنهن جو نالو هو ”سنڌ سڀا“.

(4) ان انجمن تي نالو پيو ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“، جنهن جو ڪجهه ذڪر هن کان پوءِ ايندو.

(1) ويهين صديءَ جي اوائل ۾ جيڪي به مسلمانن جون تحريڪون، وقتاً فوقتاً ، هليون هيون، مثلاً: جنگ بلقان،خلافت، هجرت، وغيره، تن سڀني جي سلسلي ۾ سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو رول هميشـہ اڻ وڻندڙ رهيو هو، يعني انگريز جي تائيد ۾ ۽ مسلمانن جي راءِ عامه جي ابتڙ.

(1) البته سنڌ جي مسلمان ڪامورن کي خوش ڪرڻ لاءِ ايسوسئيشن پنهنجن سپاسنامن اندر، دٻيل ۽ نيازمندانه زبان ۾، ڪڏهن ڪڏهن، سرڪاري نوڪرين ۾ مسلمانن جي گهٽتائي طرف به اشارا ڪندو رهندو هو، پر انهن مان کڙتيل ڪو نه نڪرندو هو.

            سنڌ جي سياسي ۽ آئيني مسئلن جي باري ۾ هميشـہ  سرڪار جي پاليسي جي حمايت ڪندو رهندو هو.

(1) سول جج جي پگهار انهن ڏينهن ۾ ٽي سؤ روپيا مهينو هوندي هئي.

(2) ان مقابلي ۾ آءٌ بلڪل اڪيلو هوس. حاضريءَ جي ڏينهن به مون سان ڪو ماڻهو گڏجي ڪو نه ٿي هليو. پنهنجي وڪالت به مون کي خود ڪرڻي پئي پيئي. وڪيل جي فيءَ جا پيسا مون وٽ ڪو نه هئا، مفت ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ ڪو وڪيل تيار ڪو نه هو.

(3) لارڊ ريڊنگ جو اصلي نالو ”روفس آئزڪس“ هو.

(1) ان ٺاهه کان پوءِ منهنجي زماني ۾ فقط هڪ سپاسنامو گورنر بمبئيءَ کي فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڏنو ويو. ان جو هڪ فقرو هيءُ هو:

            ”جناب والا، سنڌ اندر ڪامورن،خصوصاً پوليس کاتي جا عوام مٿان ظلم سموريون حدون ٽپي ويا آهن. ماڻهن ۾ هاڻي برداشت جو مادو ڪو نه رهيو آهي.“

            سپاسنامو  سر شاهنواز خان مرحوم پڙهيو. جنهن وقت سپاسنامي پيش ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌياسون ته سر صاحب مرحوم، ان جملي ڏانهن  اشارو ڪندي، مون کي چيو: ”راشدي صاحب! خبر نه آهي اسان کي ڪيڏانهن وٺيو پيو هلين، ڪاٿئين جيل ۾ ته نه وجهرائيندين.“ اهو جملو مذاق جي طور فرمايائين.

(1) ان کان اڳ ايسوسيئيشن جي ميٽنگن ۾ فقط 25 يا وڌ ۾ وڌ 40 کن وڏا ماڻهو ايندا هئا، عوام کي نه ميمبر بڻائيندا هئا، نه ميٽنگن ۾ اچڻ ڏيندا هئا. هيءُ پهريون دفعو هو، جو ايسوسيئيشن جي ميٽنگ ۾ غريب عوام سوَن جي تعداد ۾ اچي شريڪ ٿيو هو.

(1) اڃا تائين ”سر“ جو خطاب ڪو نه مليو هوس.

(2) اهو بنگلو اسان جي سنڌ زميندار پريس جي سامهون هو.

(1) سنڌ کسائڻ کان پوءِ علي مراد خان مرحوم کي انگريزن جي. سي. ايس. آءِ ۽ ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان مرحوم کي ڪي. سي. ايس. آءِ  جي خطابن سان سرفراز فرمايو.

(2) ڏسو مولانا جو مضمون، ڪتاب ”تحفه لطيف“ جي صفحي 33 تي. اهو ڪتاب مغربي پاڪستان حڪومت جي مڪمه اطلاعات (ڪراچي) ڇپايو.

(3) تعجب آهي ته ميرن هندن تي ڪيئن پئي اعتبار ڪيو، جڏهن ته هندو من حيث القوم، ملن ۽ قاضين کان نالان رهندا هئا ۽ ان لحاظ سان هو سندن خير خواهه به ٿي نٿي سگهيا.

ڏسو ان دؤر جي باري ۾ ڪي ڪتاب، مثلاً:

            (1) ”ميرن جي دربار“ ترجمو محمد حنيف صديقي مرحوم جو ڪيل. (2) ”نائون مل جون يادگيريون“، ترجمو محمد حنيف صديقي مرحوم جو.(3) ”تذڪره مخاديم کهڙا“ مؤلف: مخدوم الله بخش مرحوم.

            غالباً  هندو پاڻ ان ڪري ميرن سان چهٽيا ٿي رهيا، جو هڪ طرف ته ڪمائي جو سوال درپيش هئن، ٻئي طرف هيءُ خطرو ته جيڪڏهن ميرن کي بائڪاٽ ڪيائون ته مٿن وڌيڪ سختيون ٿينديون.

(1) غالباً رت ڳاڙيندو ۽ ڦٽ جي چيٺ ڪندو ويو.

(1) اهو ڪتاب سر ايون جيمس، سنڌ جي ڪمشنر، لنڊن ۾ ڇپارايو. ان جو سنڌي ترجمو مرحوم محمد حنيف صديقيءَ ڪيو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org