سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو ٻيو

صفحو :9

 

باب ڇهون

جاچ ڪندڙ، مـِـتيا کي جهلي ٿو

ڪا شيءِ قطعي اُميد جي خلاف ۽ عجب ۾ وجهندڙ، مـِـتيا جي مٿان گذري. ان کان اڳ هڪ منٽ به سندس دل ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه گذري هئي، ته ڪو به اِهڙي ناروا هلت ساڻس هلندو. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته هنن جي طرفان اها سڄي ڪارروائي کيس بڇڙي ڪرڻ جي لاءِ هئي. ضعيف اعتقاد واري ۽ نفرت سان ڀريل.هن جي لاءِ ڪوٽ لاهڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، پر اُگهاڙو ٿيڻ ڏکيو هو. هنن کيس ڪپڙن لاهڻ لاءِ چيو، نه پر حڪم ڏنو هو. جنهن کي هن چڱيءَ ريت ٿي سمجهيو. پنهنجي غروري خودداريءَ کان، هن اُن کي بنا ڪنهن ٻڙڪ ڪـُـڇڻ جي جلد ئي قبول ڪري ورتو هو. ڪيترائي سر ڦريا ماڻهو وڪيلن سان گڏجي پيا ۽ پردي جي ساڳي پاسي وڃي بيهي رهيا. اِنهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن زور جي ضرورت پوي، ته هـُـو ان کي پورو ڪن. مـِـتيا کي ته اِهو خيال آيو، پر شايد ڪي ٻيا سبب به هجن!

 ”ٺيڪ آهي، ڇا مان پنهنجي قميص به لاهيان؟“  هـُـن تيزيءَ سان پڇيو، پر نڪولائي پارفينووچ کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. هو جاچ ڪندڙ عملدار سان گڏ، ڪوٽ جي معائني ڪرڻ ۾ بيحد مشغول هو. هـُـو ڪوٽ سان گڏ، شلوار، صدري ۽ ٽوپيءَ کي به ڏسي رهيا هئا. هيءَ حقيقت آهي، ته هـُـو، هـُـن تفتيش ۾ بيحد دلـچسپي وٺي رهيا هئا. هنن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو. مـِـتيا اُن وقت خيال ڪيو ته  ”هي ٿوري مروت به ڏيکاري نه ٿا سگهن.“  

 ”مان اوهان کان ٻيهر پڇان ٿو، ته ڇا مون کي قميص لاهڻ جي ضرورت  آهي؟“  هن وڏيءَ ڪاوڙ مان چيو.

 ”پاڻ کي تڪليف نه ڏي. اسان توکي پاڻهي چونداسين، ته تون ڇا ڪر؟“  نڪولائي پارفينووچ کيس چيو ۽ مـِـتيا سمجهيو، ته اُن ۾ قطعي تڪ مان آواز هو.

ساڳي وقت وڪيلن جي وچ ۾ آواز جي  آهستگيءَ سان ڪا صلاح ۽ مشورو ٿي رهيو هو. هـُـو ڪوٽ تي ڳالهائي رهيا هئا. خاص ڪري ڪوٽ جي پٺ واري ڏائي پاسي تي، جتي هڪ وڏو رت جو داغ موجود هو، جو خشڪ ۽ سخت ٿي ويو هو. رت جا داغ شلوار تي به هئا، جيڪي پڻ خشڪ ۽ سخت هئا. نڪولائي پارفينووچ، ڳوٺاڻن جي حاضريءَ ۾، شهادت لاءِ، ڪوٽ جي ڪالر ۽ ڪفن کي ۽ شلوار جي هرهڪ حصي کي آڱريون ٿي هڻي ڏٺو. خاص ڪري ڪنهن شيءِ جي لاءِ نهاري رهيو هو - يعني ڪنهن رقم جي لاءِ. هن پنهنجي شڪ کي مـِـتيا کان به نه لڪايو، ته هن شايد پيسن کي اندر سبي ۽ لڪايو هجي.

 ”هيءُ مون سان، هڪ آفيسر جي حيثيت سان نه، پر هڪ چور جي حيثيت سان هلت هـَـلي رهيو آهي.“ مـِـتيا پاڻ سان ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندو رهيو. هـُـو پاڻ ۾ به هڪٻئي سان، عجب ۾ وجهندڙ کليل طرح سان، هن حقيقت کي دهرائيندا رهيا. مثال لاءِ سيڪريٽري، جو اُن پردي جي پويان هو، مذاق ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي، نڪولائي پارفينووچ جو ڌيان ٽوپي ڏانهن ڇڪايو، جنهن کي به هو، آڱريون هڻي رهيا هئا.

 ”توهان کي نقل نويس منشي گرائيڊنيڪو ياد هوندو،“  سيڪريٽري چوڻ لڳو.  ”گذريل اونهاري کيس سڄي دفتر جون پگهارون مليون هيون، هـُـن نمونو ڪيو، ته نشي ۾ سندس پيسا گم ٿي ويا آهن. پر اُهي پيسا ڪٿي لڌا ويا؟ اُهي سندس ٽوپيءَ جي چندي ۾ هئا. سـَـؤ روبل نوٽن کي ڄمائي ۽ ويڙهي، چـَـندي ۾ سبيو ويو هو.“

ٻنهي وڪيلن کي گرائيڊينوڪا جو مقدمو پوريءَ ريت ياد هو. هنن مـِـتيا جي ٽوپيءَ کي پاسيرو رکيو ۽ فيصلو ڪيائون، ته ڪپڙن کي پوءِ وري چڱيءَ ريت جاچي ڏٺو ويندو.

 ”مون کي معاف ڪر!“  اوچتو نڪولائي پارفينووچ مـِـتيا جي قميص جي ڪف کي ويڙهيل ۽ رت سان ڀريل ڏسي رڙ ڪري چيو ته،  ”اِهو ڇا  آهي! رت!؟“

 ”هائو!“  مـِـتيا کيس ڌڪو ڏيندي چيو.

 ”اِهو ته رت آهي ..... پر ڪف کي ڇو ويڙهيو ويو آهي؟“

مـِـتيا کيس ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت گريگري کي ڏسندي، سندس ٻانهن رت سان داغدار بڻجي پئي. جڏهن هن پرهوٽين وٽ پنهنجي هٿن کي ڌوتو ته ڪـَـفَ ويڙهي ڇڏيا هئائين.

 ”تون پنهنجي قميص به لاهه! اِها ضروري ۽ گهربل ثابتي آهي.“

مـِـتيا  ڪاوڙ ۾ ڀرجي ڳاڙهو ٿي ويو.

هن واڪو ڪري چيو ته،  ”ڇا مان اُگهاڙو ٿيندس؟“

 ”پريشان نه ٿيءُ، اسان توکي ٻي قميص ڏيون ٿا، ۽ ها... اِهي جوراب به لاهه!“

 ”توهان مذاق ته نه ٿا ڪريو؟ ڇا اِهو ضروري آهي؟“  مـِـتيا جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون ٿي ويون.

 ”اسان وٽ ڪوبه مذاق نه آهي.“  نڪولائي پارفينووچ سختيءَ سان جواب ڏنو.

 ”ٺيڪ آ مان اِئين ڪريان ٿو.“  مـِـتيا ڀڻڪندي چيو. بستري تي ويهي، هن پنهنجي جورابن کي لاهڻ شروع ڪيو. هـُـو برداشت کان ٻاهر بيراهه بڻجي ويو هو. ٻين سڀني کي ڪپڙا هئا، پر هيءُ اُگهاڙو هو. هيءَ حقيقت به هئي، ته جڏهن هـُـو اُگهاڙو ٿيو، ته ٻين جي موجودگيءَ ۾ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪرڻ لڳو. کيس هاڻي يقين ٿيڻ لڳو، ته هـُـو هاڻي رتبي ۾ سڀني کان گهٽ آهي ۽ هنن کي هاڻي پورو پورو حق آهي، ته هو کيس ڇا به ڪن.

جڏهن سڀئي اُگهاڙا هوندا آهن، ته ڪو به پاڻ کي شرمندو محسوس نه ڪندو آهي، پر جڏهن هڪڙو عريان هوندو آهي ۽ ٻيا سڀ کيس ڏسڻ وارا هوندا آهن، تڏهن اِها بي عزتيءَ جهڙي حالت هوندي آهي. هـُـو ورائي ورائي پاڻ کي چوڻ لڳو ته،  ”هيءُ خواب ته نه آهي. مان خواب ۾ به اِهڙي بي عزتي جي حالت کي نه ڏٺو آهي.“  هن لاءِ جوراب لاهڻ وڏي مصيبت هئي. اِهي سخت ميرا ۽ بدبودار هئا ۽ اِهائي حالت سندس ڪپڙن جي به هئي. هاڻي ته سڀ اُن کي چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگهيا. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هئي، جو هـُـو پنهنجي پيرن کي بڇڙو ڀائيندو هو. هن سڄي حياتي ٻنهي کـُـڙين کي بدنما ٿي سمجهيو. خاص ڪري هن سڄي پير جي ننهن کي، جن جون نوڪون نڪتل هيون، بيحد بدزيب ٿي سمجهيو.  ”هاڻي ته سڀڪو اُن کي ڏسندو.“  هن خيال کيس برداشت کان وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ شرمندو ٿي ويو. هـُـو فوري طور تي ڄاڻي واڻي کهـُـرو بڻجي ويو. هـُـن پاڻ پنهنجي قميص کي ڇڪي لاٿو.

 ”اوهان کي جيڪڏهن شرم نه اَچي، ته ڇا ٻي ڪنهن جاءِ کي به ڏسندا؟“

 ”نه، هاڻي اَڃا ته اُن جي ضرورت ڪانه آهي.“

 ”تڏهن ڇا، مان اِيئن ئي اُگهاڙو رهندس؟“  هن وحشياڻي نموني ۾ چيو.

 ”هائو، ٿوري وقت لاءِ ڪجهه به ٿي نه سگهندو ..... مهرباني ڪري گهڙي کن هتي ويهه. بستري مان چادر ڪڍي پاڻ کي ويڙهه ۽ مان .... هنن سڀني کي ڏسندس.“

سڀئي شيون شاهدن کي ڏيکاريون ويون. ڪپڙن جي تلاشي جي حقيقت درج ڪئي وئي. آخر نڪولائي پارفينووچ چوڻ لڳو ته،  ”جڏهن توکان هن ڳالهه جو قطعي انڪار ٿيو آهي، ته تو اِها رقم ڪٿان حاصل ڪئي، تڏهن اَسان هن گهڙي ....“  آخر نڪولائي پارفينووچ ٻاهر ويو ۽ ڪپڙا سندس پويان کڻي ويا. آئپولٽ ڪيرليووچ به ٻاهر هليو ويو. مـِـتيا اَڪيلو ڳوٺاڻن سان رهجي ويو، جي خاموش بيٺا هئا ۽ منجهانئس اکيون ئي نه پيا ڪڍن. مـِـتيا چادر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو ۽ هـُـو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس پير ڄمي ويا هئا ۽ هـُـو چادر سان پنهنجا پير ڪنهن به صورت ۾ ڍَڪي نه ٿي سگهيو. نڪولائي پارفينووچ گهڻي وقت لاءِ ٻاهر هليو ويو، جو برداشت کان وڌي ويو هو.  ”هـُـو مون کي ڪتو ٿا سمجهن.“  مـِـتيا خيال ڪيو ۽ سندس ڏند ٿڌ کان کڙڪڻ لڳا.  ”بد جنس جاچ ڪندڙ عملدار به غائب ٿي ويو. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته کيس نفرت هئي ۽ هـُـن مون کي اُگهاڙو ڏسڻ ٿي چاهيو.“

مـِـتيا وري به خيال ٿي ڪيو، ته سندس ڪپڙن کي جاچ ڪرڻ بعد موٽايو ويندو. پر هن بي عزتيءَ جو ڇا ڪجي، جڏهن نڪولائي پارفينووچ ٻيا ڪپڙا کڻائي موٽي آيو؟

هـُـن هوائي طرح کيس چيو ته،  ”اِجهو هي ڪپڙا تنهنجي لاءِ آهن.“  هـُـو پنهنجي عمل تي نهايت خوش ٿي ڏٺو. مسٽر ڪلگنوف مهرباني ڪري، ضرورت جي مدنظر هي مهيا ڪـِـري ڏنا آهن. جن ۾ صاف قميص به آهي. خوش قسمتيءَ سان هي سڀ سندس پيتيءَ ۾ هئا. تون پنهنجا جوراب ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ رکي سگهين ٿو.

مـِـتيا عجيب جذبات ۾ اَچي ويو.

 ”مان ٻي ماڻهوءَ جا ڪپڙا نه پائيندس.“  هـُـن وضاحت سان واڪو ڪري چيو. مونکي پنهنجا ڪپڙا موٽائي ڏيو؟“

 ”مون کي منهنجا ڪپڙا ڏيو. کـَـڏ ۾ وجهو ڪلگنوف ۽ اُن جي ڪپڙن کي.“

کين ڪيترو وقت هنن کي راضي ڪرڻ ۾ لڳو. پر ڪيئن به هنن کيس راضي ڪري ورتو. هنن کيس هيئن چئي متاثر ڪيو، ته جيئن ته اِنهن تي رت جا داغ آهن، اُن ڪري ثابتيءَ جي لاءِ، ٻين شين سان گڏ، هن جو موجود هئڻ به لازمي آهي. کين هاڻي ڪوبه حق نه آهي، ته اُنهن کي هاڻي موٽائي ڏين ..... هنن مقدمي جي ضروري شين کي پنهنجي ڌيان ۾ ٿي آندو. مـِـتيا آخر هن حقيقت کي سمجهيو. هـُـو تاريڪي خاموشيءَ سان چپ ٿي ويو ۽ جلديءَ ۾ ڪپڙا پاتائين. هن اُن وقت محسوس ڪيو، ته هي ڪپڙا، سندس ڪپڙن کان بهتر هئا. مگر هـُـن اُن تبديليءَ کي پسند نه ٿي ڪيو. پر هي ڪپڙا جيئن ته سوڙها هئا.

هنن کيس وري وڌاءَ ڪرڻ جي لاءِ دٻايو، ڇو ته ڪلگنوف، کانئس ٿورو ڊگهو هو ۽ فقط سٿڻ ئي اُن کان ٿوري وڏي هئي. پر ڪوٽ سچ پچ ڪلهن وٽ کيس سوڙهو ٿي لڳو.  ”سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مان مشڪل سان بٽڻ پائي ٿو سگهان.“  مـِـتيا بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. اوهان مهرباني ڪري ڪلگنوف کي چئو، ته  ”مان ڪڏهن به کانئس ڪپڙا نه گهريا آهن ۽ هيءَ منهنجو ڪارنامو نه آهي، جو مون کي مسخري جهڙي پوشاڪ پهرائي وئي آهي.“

 ”هو پاڻ ئي هن ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو. کيس  ڪپڙن لاءِ ڪوبه ڏک نه آهي، جي توکي اُڌارا وٺي ڏنا ويا آهن، پر هـُـو هن سڄي ڪارگذاريءَ کان غمناڪ آهي.“  نڪولائي پارفينووچ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

هن پنهنجي ڏک کي لڪائيندي چيو ته:  ”ٺيڪ آهي، هاڻي ڪهڙو اِرادو آهي ۽ مان ڪاڏي وڃان؟“

کيس چيو ويو ته، هـُـو هاڻي ٻي ڪمري ۾ وڃي، مـِـتيا ڪاوڙ ۾ بـُـڙ بـُـڙ ڪندو اوڏانهن هليو ويو. هن ڪوشش ڪئي، ته هو ڪنهن کي به نه ڏسي. ٻئي ماڻهوءَ جي ڪپڙن ۾ پاڻ کي ڏسي، بيحد رنجيده هو. پر ڳوٺاڻن جي نظر ۾ به حقير ٿي ڏٺو ۽ تريفان بورسووچ جي نگاهه ۾ به، جنهن ڪنهن سبب کان دروازي مان منهن ڪڍيو هو ۽ جلد ئي غائب ٿي ويو هو. مـِـتيا پنهنجي دل ۾ خيال ڪيو، ته هـُـو کيس هن عجيب پوشاڪ ۾ ئي ڏسڻ لاءِ آيو هو. هـُـو اڳي وانگر ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس واهيات خواب جهڙا جذبا محسوس ٿيڻ لڳا. ڄڻ ته هـُـو پنهنجي حال ۾ نه هو.

 ”ٺيڪ آهي، پر هاڻي ڇا ٿيندو؟“  هـُـن کين چوڻ شروع ڪيو ته  ”مون کي بيد ئي لڳايا ويندا. اوهان جي لاءِ هاڻي، اِهوئي ته باقي رهيو آهي. هن ڏندن کي ڪـَـرٽيو. هن فقط جاچ ڪندڙ عملدار سان  ٿي ڳالهايو ۽ نڪولائي پارفينووچ ڏي ڪو به ڌيان نه ٿي ڏنو، ڄڻ ته هن ساڻس ڳالهائڻ نه ٿي گهريو.“

 ”بدمعاش! هو ته هن جي جوراب کي ويجهو ٿي نهاري رهيو هو ۽ ٻاهر کڻي اِنهيءَ لاءِ ڏيکاري رهيو هو، ته ڪيڏا نه غليظ آهن.“

 ”خير، هاڻي اَسان کي پنهنجي شاهدن ڏي رجوع ٿيڻ گهرجي.“  نڪولائي پارفينووچ چيو. ڄڻ ته هـُـو، مـِـتيا جو جواب ڏئي رهيو ه و.

 ”هائو!“  جاچ ڪندڙ عملدار چيو، هـُـو ڪنهن گهـَـري خيال ۾ ٿي ڏٺو.

 ”دمتري فيودورپاولووچ، اَسان تنهنجي فائدي لاءِ اُهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، جو ڪرڻ کپندو هو.“  نڪولائي پارفينووچ ڳالهائڻ لڳو، پر جڏهن ته توکان، اُن پيسن جي متعلق ته توکي اُهي ڪٿان هٿ آيا، تنهنجو انڪاري جواب آهي، اُنڪري اَسان هن گهڙي ........“

 ”تنهنجي منڊيءَ ۾ اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“  وري به مـِـتيا دخل ڏيندي وچ ۾ چيو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن رويا کان جاڳي پيو هو. هـُـن اُنهن ٽن مـُـنڊين مان، جي نڪولائي پارفينووچ جي هٿ ۾ پيون هيون، هڪ ڏي اشارو ڪري چيو.

نڪولائي پارفينووچ کيس عجب مان چيو ته  ”منڊي؟“

 ”هائو اِها .... جا تنهنجي وچئين آڱر ۾ آهي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون رڳون ٿيون ڏسجن. اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“  مـِـتيا ننڍڙي ٻار وانگر اُن تي زور ڏيڻ لڳو.

 ”هيءُ ميرانجهڙو پکراج آهي.“  نڪولائي پارفينووچ کيس مشڪندي چيو.  ”تون هن کي ڏسندين؟ مان لاهي ٿو وٺان.“

مـِـتيا جوش مان واڪو ڪري چيو،  ”نه، نه لاهجانءِ. اوچتو هـُـو ڄڻ ته جاڳي پيو ۽ پاڻ تي ڪاوڙجڻ ٿيڻ لڳو.  ”نه لاهجانءِ!“  ..... اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي .... کڏ ۾ وجهينس. شريف انسانو! اوهان منهنجي دل کي داغ هڻي ڇڏيو. ڇا اوهان اِيئن خيال به ڪري سگهو ٿا، ته جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هجي ها، ته اوهان کان اُن کي ڳجهو رکان ها. مان سخن سازي ڪريان ها، ڪوڙ ڳالهايان ها ۽ لڪي وڃان ها. پر اِهو دمتري ڪرامازوف جو وَڙ نه آهي. هـُـو اِهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندو. جيڪڏهن مان ڏوهي هجان ها، ته مان قسم کڻي ٿو چوان، ته اوهان جي لاءِ ڪڏهن به نه ترسان ها ۽ جيئن مان اوهان کي ٻڌايو آهي، ته پاڻ کي مارڻ لاءِ صبح تائين ترسيو هوس، اُن حالت ۾ اڳ ۾ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيان ها. پرهه ڦٽيءَ تائين به نه ترسان ها. مون کي هاڻ پنهنجي لاءِ خبر پوي ٿي. مان ويهن ورهين ۾ ته ڪجهه به سکي نه سگهيو هوس، پر هن منحوس رات ۾ جو ڪجهه سکيو اٿم، سوگهڻو ڪجهه آهي ..... ڇا اِهڙيءَ رات ۾ مان اِيئن ٿي پئي سگهيس. جيئن اوهان ڏسو ٿا؟ ۽ هيئن اوهان جي سامهون يا ٻين جي سامهون اِيئن ويهي ٿي سگهيس، جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ جو قاتل هجان ها. جڏهن ته اتفاقي طور تي گريگري جو قتل مون کي سڄي رات آرام ڏئي نه سگهيو آهي. خوف کان نه - اوهان جي سزا جي خوف کان نه! فقط ڏک ۽ افسوس کان. اوهان اُميد ٿا رکو، ته اوهان جهڙن طعني هڻندڙن جي اڳيان، مان کـُـلي ڳالهايان، جي پاڻ ڪجهه نه آهن، نه وري وٽن ڪو اعتبار آهي. اَنڌيون رڍون ۽ طعنيزن! اوهان کي وري اُها ٻي اَڻ وڻندڙ ڳالهه ٻڌايان، ته مان هيئن ڪيو آهي. اِهو وري ٻيو غم ٿيندو. مان ڪڏهن به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، پوءِ ڇو نه اِيئن ڪرڻ سان، مان اوهان جي تهمت کان بچي وڃان. نه اِنهيءَ کان سائبيريا چڱي آهي! اُنهيءَ ماڻهوءَ جنهن منهنجي پيءُ جو دروازو کوليو آهي، اُنهيءَ ئي کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. اُهو ڪير آهي؟ مان پنهنجي دماغ کي ڦيرائي رهيو آهيان ۽ سوچ ۾ آهيان، ته اُهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ پر مان اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو، ته اُهو دمتري ڪرامازوف نه آهي. بس اِهائي حقيقت آهي، جا مان اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو. اِهائي ڪافي آهي. هاڻي مون کي اَڪيلو ڇڏيو ...... مون کي ملڪ بدر ڪريو، پر مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪريو. هاڻي پنهنجي شاهدن کي سڏيو.“

مـِـتيا پنهنجي ڊرامي جي تنها ڪلامي پوري ڪئي، ڄڻ ته هـُـو فيصلو ڪري چڪو هو، ته هـُـو آئنده بلڪل چپ رهندو. جاچ ڪندڙ عملدار سمورو وقت گهـُـوري نهاريندو رهيو، پر جڏهن هن ڳالهائڻ بند ڪيو، تڏهن ڄڻ ته هـُـن اِيئن سمجهيو، ته اِها بلڪل معمولي ڳالهه هئي. وٽس ڪوبه اَثر يا همدردي ڪانه هئي.

 ”ها، جنهن کليل دروازي جي باري ۾ هاڻي تو ڳالهايو، اَسان توکي ٻڌايون ٿا، ته اِها نهايت دلچسپيءَ جهڙي ثابتي آهي. تنهنجي لاءِ به ۽ اَسان جي لاءِ به. اسان وٽ گريگري اُن حقيقت کي پيش ڪيو آهي. ها اُن پوڙهي، جنهن کي تو زخمي ڪيو آهي. جڏهن هـُـو هوش ۾ آيو، تڏهن وضاحت ۽ صفائيءَ سان ٻـُـڌايو ۽ اَسان جي سوال جي جواب ۾، ته جڏهن هـُـو ڏاڪن تي ٻاهر آيو ۽ باغ ۾ لـُـڙ ٻڌائين. تڏهن هن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو اُن ننڍڙي دروازي کان اوڏانهن ويندو، جو اُن وقت کليل هو. تنهنجي ڊوڙڻ کان اڳ ۾ جو اِهو واقعو آهي. جيئن تون اڳ ۾ ٻڌائي چـُـڪو آهين، ته اونداهي ۾، تو کليل دريءَ مان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو. گريگري کٻي طرف نهاريو ۽ ان وقت دريءَ کي کليل ڏسي، هن پنهنجي تمام ويجهو ڏٺو، ته دروازو کليل هو. جنهن دروازي جي بابت تو ٻڌايو هو، ته هـُـو کليل هو. تون سمورو وقت باغ ۾ هئين. مان توکان هي نه لڪائيندس، ته پختي طرح ۽ رازدارانه سندس شاهدي  آهي، ته تون پڻ اُن دروازي مان ضرور ڊوڙيو هوندين. جيتوڻيڪ هن پنهنجي اکين سان توکي اِيئن ڪندي نه ڏٺو هو. هن توکي پهريائين، ڪجهه فاصلي تي باغ ۾ ڏٺو ۽ تون لوڙهي ڏانهن ڊوڙندو ٿي وئين.“

مـِـتيا گفتگو تي پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿڻ وارو هو.

 ”بيوقوف! هن ڪاوڙ مان چيو. هيءَ هڪ نسورو ڪوڙ آهي. هن ڪڏهن به دروازي کي کليل نه ڏٺو هوندو، ڇاڪاڻ ته اُهو بند هو. هـُـو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“

 ”منهنجو هيءُ فرض آهي، ته مان هن حقيقت کي وري دهرايان، ته هـُـو پنهنجي بيان ۾ نهايت پختو هو. هـُـو ڪٿي به نه لڏيو. هـُـو اُن تي پوريءَ ريت قابو آهي. اسان کانئس ڪيترا ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.“

نڪولائي پارفينووچ کيس پوريءَ طرح يقين ڏياريندي چيو، ته اَسان کانئس ڪيئي ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.

اِهو ڪوڙ آهي، اِهو ڪوڙ آهي! مون کي تباهه ڪرڻ جي هيءَ ڪوشش آهي. اُن پاڳل ماڻهوءَ جي تصور جو فريب آهي. مـِـتيا اَڃا واڪا ڪري چوڻ لڳو، ته  ”هـُـو پنهنجي رت جي گهڻي وهڻ سبب، بـَـڪي رهيو آهي ...... هـُـن اُن کي چڱيءَ ريت ڏٺو هوندو، جڏهن، هـُـو اُتي آيو هوندو. هـُـو بـَـڪي رَهيو آهي.“

 ”هائو، پر هن پنهنجي زخمن کان پوءِ، دروازي کي کـُـليل نه ڏٺو هو، اڳ ۾ ئي ڏٺو هو. يعني جيئن هو پنهنجي جاءِ مان باغ ۾ ويو هو.“

 ”پر اِهو ڪوڙ آهي، غلط آهي! اِيئن ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي. هـُـو مون کي ڦاسائي رهيو آهي، رڳو نفرت کان ..... هـُـن ڪڏهن به اِيئن نه ڏٺو هوندو .... مان ڪڏهن به اِنهيءَ دروازي کان نه آيو هوس،“  مـِـتيا جواب ڏنو.

جاچ ڪندڙ عملدار، نڪولائي پارفينووچ ڏي مـُـڙيو ۽ کيس اَثرائتي آواز ۾ چيائين ته:

 ”هاڻي هن کي سندس سامهون پيش ڪر.“

 ”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“

نڪولائي پارفينووچ ميز تي هڪ ڊگهو ۽ ٿلهو سرڪاري لفافو رکيو، جنهن تي ٽي مهرون اَڃا لڳل ٿي ڏٺيون. لفافو خالي هو. اُهو هڪ طرف کان ڦاٽل ٿي نظر آيو. مـِـتيا  جون اکيون اُن کي ڏسي ڦاٽي ويون ۽ عجب مان اُن کي گهوري نهارڻ لڳو.

 ”هيءُ، هيءُ منهنجي پيءُ جو هئڻ گهرجي. اِهو، اُهو لفافو آهي، جنهن ۾ ٽي هزار روبل پيل هئا. جيڪڏهن ان تي اِيئن لکيل آهي ته:  ”منهنجي نوخيز چوزي لاءِ، ته اُن ۾ ٽي هزار روبل هئا.“  مـِـتيا واڪو ڪري چوڻ لڳو.  ”اوهان ڏسو ٿا، ته اُن تي ٽي هزار روبل لکيل آهن؟“

 ”بيشڪ اسان ڏسون ٿا، پر هن ۾ رقم ته موجود ڪانه آهي. هي خالي آهي. هيءُ، مقتول جي هنڌ جي ڀرسان زمين تي پيو هو ۽ پردي جي پويان.“

ٿورن منٽن لاءِ مـِـتيا ڀت بڻجي ويو. پوءِ چوڻ لڳو:  ”شريف انسانو، هيءُ ڪم سميرڊياڪوف جو آهي. هو ئي آهي، جنهن کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. ٻي ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر نه هئي، ته اِهو لفافو ڪٿي رکيو آهي؟ اِهو سميرڊياڪوف ئي آهي، اِها ڳالهه هاڻي ظاهر آهي.“

 ”پر تون به ته هن لفافي کي ڄاڻين ٿو ۽ اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو؟“

 ”مان هن کي ڪڏهن به نه ٿي ڄاتو ۽ نه وري مان ڪڏهن هن کي ڏٺو هو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مان هن کي ڏٺو آهي. مان فقط سميرڊياڪوف کان هن جي بابت ٻـُـڌو هو. هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن کي خبر هئي، ته پوڙهي اُن کي ڪٿي لڪائي رکيو آهي؟ مون کي ڪابه خبر نه هئي!“  مـِـتيا جو مڪمل طرح ساهه هيٺ مٿي کڄي رهيو هو.

 ”پر تو ته اَسان کي پاڻ ٻڌايو، ته اِهو لفافو فوتي يعني تنهنجي پيءُ جي وهاڻي هيٺان هو. تو خاص طرح اِها ڳالهه ٻڌائي، ته اِهو سندس وهاڻي هيٺان هو. توکي پـَـڪ سان اُن جي خبر هئي.“  نڪولائي پارفينووچ چيو، ته اَسان اِهو لکي ڇڏيو آهي ۽ اُن کي قبول ڪيو اَٿئون.

 ”بيوقوف! هيءُ ته واهيات آهي! منهنجي ڪڏهن به اِها مراد نه هئي، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو.“  ڪڏهن به اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان ٿي نه ٿو سگهي. هيءُ فقط اتفاقي گمان ٿي سگهي ٿو، ته اِهو خط سندس وهاڻي هيٺان هو. سميرڊياڪوف ڇا ٿو چوي؟ اوهان کانئس پڇيو آهي، ته اِهو ڪٿي هو؟ اِهائي ته مکيه ڳالهه آهي ..... مان ته اوجهڙ وڃي پنهنجي خلاف ئي ڳالهائي رَهيو آهيان. مان خيال ڪرڻ کان سواءِ ئي اِيئن چئي ڏنو، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو. هاڻي اوهان ڄاڻو ٿا، ته ڪيئن نه هڪ ماڻهو غلط ڳالهيون، بنا ڪنهن مطلب جي ٻڌائي ٿو. پر اِهي سڀئي ڳالهيون سميرڊياڪوف ڄاڻي ٿو، فقط سميرڊياڪوف، نه ٻيو ...... هـُـن هيءُ مون کي ڪڏهن به نه ٻڌايو هو، ته اُهو ڪٿي رکيو آهي؟ پر اِهو سڄو ئي سندس ڪم آهي. اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. هن ئي کيس قتل ڪيو آهي، اِهو روز روشن وانگر ظاهر آهي.“  مـِـتيا گهڻي کان گهڻو جوش ۾ ڀرجي ويو.  ”توهان هن کي چڱيءَ ريت سمجهو ٿا ۽ اُن کي گرفتار ڪيو ..... هـُـن کيس اُن وقت قتل ڪيو. اِيئن جنهن وقت مان ڊوڙندو ٿي ويس ۽ گريگري بيهوش هو ..... اِهو هاڻي بلڪل صاف ٿو معلوم ٿئي ...... هـُـن کيس نشاني ڏني ۽ منهنجي پيءُ دروازو کوليو .... ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه نه، پر هيءُ ئي نشانيون ڄاڻندو هو. نشانيءَ کانسواءِ منهنجو پيءُ ڪڏهن به دروازو نه کولي ها .......“

 ”تون وري به اسباب کي وساري رهيو آهين.“  جاچ ڪندڙ عملدار پنهنجي راءِ ڏيندي چيو. هـُـو اَڃا به ساڳي روڪ سان ڳالهائي رَهيو هو. جيتوڻيڪ اُن ۾ سندس خوشي به پئي ڏٺي.  ”حقيقت ۾ اِشاري ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، جڏهن ته دروازو اڳ ۾ کليل هو. تون اُن وقت باغ ۾ هئين ......“

 ”در، در،“  مـِـتيا زور سان چيو. هـُـن بنا ڪنهن گفتگو جي جاچ ڪندڙ عملدار کي عجب مان ڏٺو ۽ نااُميديءَ مان ڪرسي جي پٺ ڏي وڃي ڪريو. سڀئي خاموش ٿي ويا.

 ”هائو، دروازو! .... هيءُ هڪ خواب هو ..... خدا منهنجي خلاف ٿو ڏسجي.“  هن پريشانيءَ مان چيو. هن مڪمل طرح، مضبوط ڪرڻ واري عجب جي نگاهه سان اُن کي ڏٺو.

 ”ٻـُـڌ“  جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو،  ” ۽ تون پنهنجو پاڻ فيصلو ڪر، دمتري فيودورپاولووچ. هڪ طرف اسان وٽ هيءَ ثابتي آهي، ته تون اُن دروازي کان ڀڳو هئين، جو کليل هو. هيءَ اُها حقيقت آهي، جا توکي ۽ اسان کي وڪوڙي وئي آهي. ٻئي طرف تنهنجي، سمجهه کان ٻاهر ثابت قدمي ۽ اَڃا به اِيئن چئجي، ته اُن حقيقت کي ٻڌائڻ کان ضد واري خاموشي، ته اِها رقم توکي ڪٿان ملي هئي، جا اوچتو تنهنجي هٿن ۾ ڏٺي وئي، جڏهن ته ٽي ڪلاڪ اڳ ۾، تنهنجي ئي زبان موجب، تو پنهنجي پستول کي ڏهن روبلن جي لاءِ گروي رکيو هو! اِنهن سڀني حقيقتن کي هاڻي پنهنجي سامهون رکي، پاڻ ئي فيصلو ڪر! اسان ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪريون ۽ ڪهڙيءَ جي تائيد ڪريون؟ اسان جي سرد مهري، سختي ۽ بي پرواهي جي شڪايت نه ڪر، جي تنهنجي دل جي مهربانيءَ واري ڌَڪ ڌَڪ کي سمجهڻ کان قاصر آهن ...... ڪوشش ڪري اسان جي جوابدارين ۾ لنگهي اچ .......“

مـِـتيا، بيان ڪرڻ کان ٻاهر ڪاوڙ ۾ اَچي ويو ۽ سندس منهن جو رنگ هيڊو ٿي ويو.

 ”ٺيڪ آهي!“  هـُـن اوچتو رڙ ڪري چيو.  ”مان اوهان کي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو. مان هيءُ اوهان کي ٻڌائيندس، ته اِها رقم مون کي ڪٿان هٿ آئي ..... مان پنهنجي ندامت کي ظاهر ڪريان ٿو. اُن جي لاءِ، هن کانپوءِ نه مان اوهان کي ڪو ڏوهه ڏيندس نه پاڻ کي.“

 ”دمتري فيودورپاولووچ، اسان ۾ يقين رک.“  نڪولائي پارفينووچ خوشي ۽ رحم ڀري گڏيل آواز سان کيس چيو ته،  ”اُها سڀڪا خلوص واري قبوليت، جا تنهنجي طرف کان هوندي، پوءِ پوري ريت اَثر واري ۽ تنهنجي فائدي ۾ هوندي ۽ شايد اُن کان به مٿي وڃي .....“

پر جاچ ڪندڙ عملدار، کيس ميز جي هيٺان خفيف ڌڪو ڏنو ۽ هـُـن ڳالهائيندي پاڻ کي سنڀالي ورتو. مـِـتيا، کين سمجهي نه سگهيو.

 

dc


 

 

باب ستون

مـِـتيا جو راز، نفرت سان ظاهر ٿئي ٿو

 ”شريف انسانو!“  هن ساڳي جوش مان چوڻ شروع ڪيو:  ”مان پنهنجي پوري قبوليت ڏيڻ گهران ٿو، ته اِها سموري رقم منهنجي پنهنجي هئي.“

هيءُ ٻڌي وڪيلن جا منهن ئي لهي ويا. کين اِنهيءَ جواب ٻـُـڌڻ جي اُميد ئي نه هئي.

 ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“  نڪولائي پارفينووچ هٻڪڻ لڳو.  ”جڏهن ته ساڳي ڏينهن پنجين بجي، تنهنجي پنهنجي قبوليت موجب ......“

 ”کڏ ۾ وجهو ساڳي ڏينهن، پنجين بجي کي ۽ منهنجي قبوليت کي. هاڻي اُنهن جو ڪوبه سوال پيدا نه ٿو ٿئي. اِها منهنجي پنهنجي رقم آهي. جنهن کي مان چورايو هو. منهنجو مطلب آهي، ته اِها منهنجي نه هئي، پر مان اُن کي چورايو هو. اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل هئا ۽ اِهي هميشھ مون سان ٿي رهيا .....“

 ”پر اِهي توکي ڪٿان هٿ آيا؟“

 ”اِهي مان پنهنجي ڳچيءَ مان ورتا. شريف انسانو، هن ساڳي پنهنجي ڳچيءَ کان ...... اِهي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري هئا ۽ هڪ اڳڙيءَ ۾ سبيل. اِهي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ٿي رهيا. نهايت گهڻي وقت کان، ويجهي، مهيني کان منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ٿي رَهيا ..... اِها منهنجي لاءِ ندامت ۽ پشيماني آهي.“

 ”پر! هي تو ڪنهن کان تڳائي ورتا هئا؟“

تنهنجو مطلب چوريءَ کان آهي؟ هاڻي صاف ڳالهاءِ. مان اِيئن خيال ڪريان ٿو، ته حقيقت ۾ مون اِهي چورايا هئا، پر اوهان اُن کي اَڃا به وڌيڪ سمجهو. مون اِهي پيسا دغا سان تڳايا هئا، پر مان اِيئن سمجهان ٿو، ته اِها چوري ڪئي اَٿم، يعني گذريل رات اِهو ڪم ڪيو اَٿم.

 ”گذريل رات! تو ته ٻڌايو، ته گذريل مهيني کان تو، اِها رقم حاصل ڪئي آهي؟“

 ”هائو، پر پنهنجي پيءُ کان نه، اوهان پريشان نه ٿيو. مان اِها رقم پنهنجي پيءُ جي نه چورائي آهي، پر هڪ عورت کان. اوهان جي دخل اندازي ڏيڻ کان اڳ ۾، سڀڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿو. اِهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. مهينو کن اڳ ۾، مون کي ڪيٽرينا ايونونا پاڻ وٽ گهرايو هو. منهنجيءَ اڳوڻي مڱيندي! ڇا تون اُن کي ڄاڻين ٿو؟“

 ”هائو!“

 ”مان ڄاڻان ٿو، ته تون کيس ڄاڻين ٿو. هوءَ نهايت شاهاڻي عورت آهي. شاهاڻين کان شاهاڻي. گهڻي وقت کان هوءَ مون کي نفرت سان ڏسي رَهي آهي. ڪنهن بهتر اسباب هيٺ، هوءَ مون کي حقارت سان ڏسي ٿي!“

 ”ڪيٽرينا ايونونا!“  نڪولائي پارفينووچ، حيرت مان چيو. جاچ ڪندڙ عملدار کان به ڇرڪ نڪري ويو.

 ”اڙي، سندس نالو بيهوديءَ ريت نه وٺو. مان بدمعاش آهيان، جو سندس نالو، هن معاملي ۾ گهلي آيو آهيان. هائو مون ڏٺو آهي، ته هوءَ مون کي ڌڪاري ٿي ..... گهڻي وقت کان .... شروع کان ئي .... اِنهيءَ شام جي وقت کان ئي، جڏهن هوءَ منهنجي گهر ۾ آئي هئي .... پر هيءُ ڪافي آهي. توهان هن جي لائق ئي نه آهيو، جو هن حقيقت کي ٻڌو. هن جي ڪابه ضرورت نه آهي. مان اوهان کي فقط اِهو ٻڌائيندس، ته مهينو اڳ ۾، هـُـن مون کي ٽي هزار روبل ڏنا هئا، ته مان سندس ڀيڻ ۽ ٻي مائٽ ڏي ماسڪو موڪليان. (ڄڻ ته هوءَ اوڏانهين پاڻ موڪلي نه ٿي سگهي، مان ..... اُن بدنصيب گهڙيءَ ۾، جا منهنجي حياتيءَ جي سخت اونداهي ساعت هئي، ٻيءَ سان محبت ڪرڻ لڳو هوس. جا هاڻي هيٺ ويٺي آهي، يعني گروشينڪا. مان اُن کي هتي ماڪرو ۾ وٺي آيس ۽ ٻن ڏينهن ۾ اُنهن منحوس پيسن مان، اَڌ هتي وڃايم. يعني ٽن هزارن مان. باقي اَڌ رقم پاڻ وٽ محفوظ رکيم. مون اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل ڳچيءَ جي تعويذ وانگر، پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي رکيا. پر ڪالهه مان اُنهن کي کوليو ۽ خرچ ڪيم. اُنهن مان ڇا بچيو؟ اِهي اَٺ سـَـؤ روبل، جي هاڻي اوهان جي قبضي ۾ آهن، نڪولائي پارفينووچ. اِهائي باقي رقم آهي، جا ڪالهه مون وٽ هئي.“

 ”مون کي معاف ڪر، اِهو ڪهڙي ريت؟ ڇو جڏهن مهينو اڳ ۾ تون هتي آيو هئين، ته ٽي هزار روبل خرچ ڪيا هـُـيئي نه پندرنهن سـَـؤ. سڀڪوئي اِها حققت ڄاڻي ٿو.“

 ”ڪير ٿو اُن کي ڄاڻي؟ ڪنهن اُنهن کي ڳڻيو هو؟ ڇا مان ڪنهن کي چيو هو، ته اُن رقم کي ڳڻي؟“

 ”ڇو، تو سڀ کي، پاڻ ئي ته اِيئن ٻـُـڌايو هو، ته تو پورا ٽي هزار روبل خرچ ڪيا هئا؟“

اِهو سچ آهي، مان اِيئن چيو هو. مان سڄي شهر کي اِيئن ٻڌايو هو ۽ ٻين کي. هتي ماڪرو ۾ به، هر شخص اِهوئي حساب ٿي لڳايو، ته رقم ٽي هزار روبل هئي. پر مان ٽي هزار روبل خرچ نه ڪيا هئا، پر پندرنهن سـَـؤ، باقي پندرنهن سـَـؤ روبل مان سبي، هڪ ڳوٿريءَ ۾ رکيا. هيءَ اُهائي رقم هئي شريف انسانو! ڪالهه اَتان ئي اِهي پيسا مون کي مليا هئا ......“

 ”هيءَ ته ڪرامت چئبي!“  نڪولائي پارفينووچ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.

 ”جاچ ڪندڙ عملدار کيس آخر ۾ چيو، ته مون کي اِجازت ڏي، ته مان توکان پڇان ته تو اڳي، هي حقيقتون، ڪنهن کي ٻڌايون به هيون. منهنجو مطلب آهي پندرنهن سـَـؤ  روبل کان، جي تو وٽ مهينو کن اڳ ۾ بچيا هئا؟“

 ”مان ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو.

 ”هيءَ عجيب حقيقت آهي. ڪنهن کي به نه؟“

 ”هرگز نه، ڪنهن کي به نه.“

 ”پر اُن کي مخفي رکڻ جو سبب ڪهڙو هو ۽ راز بڻائڻ جي مراد ڪهڙي هئي؟ جيڪڏهن اَڃا به وضاحت ڪبي، ته آخر تو پنهنجي راز کي پاڻ ئي ٻڌايو آهي ۽ تنهنجي لفظن ۾ هيءَ نهايت پشيماني واري حقيقت به  آهي. اِيئن سچ پچ هجي به - جيڪڏهن هن کي ڪنهن مناسبت سان ڏسجي، ته هيءُ واقعو ٽي هزار روبل جي ٺڳيءَ جو آهي، جي ڪنهن ٻئي جي ملڪيت آهن، پر منهنجي نظر ۾ ٿوري وقت لاءِ، هي عمل ناعاقبت انديشي جو آهي، نه ڪنهن ندامت يا پشيمانيءَ جو. سو به تڏهن، جڏهن ڪو تنهنجي ڪردار کي بحث ۾ وٺي .... اِيئن به کڻي قبول ڪجي، ته هيءُ عمل بيحد شرمناڪ آهي. پر هر شرمناڪ شيءِ ذلت واري نه هوندي آهي .... ڪيترن ماڻهن هن مهيني اندر،ڪيٽرينا ايونونا جا ٽي هزار روبل، توکي لٽائيندو ڏٺو آهي ۽ مان هن داستان کي پاڻ ٻڌو آهي ..... تنهنجي قبوليت کان سواءِ، مثال لاءِ مائيڪل ماڪرووچ به اُن کي ٻڌو آهي. اُن ڪري اِهو مشڪل سان راز رهيو آهي. سچ ته شهر وارن جي لاءِ هڪ گپوڙي واري ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن مان غلطي نه ٿو ڪريان، ته هن ۾ ڪي اشارا به آهن، ته تو پاڻ ڪنهن سان هي قبوليت ڏني  آهي، جنهن کان منهنجو مقصد آهي، ته اِها رقم ڪيٽرينا ايونونا جي آهي. اِهڙي ريت هيءَ نهايت تعجب جي ڳالهه آهي، ته تون هن وقت تائين اُنهن پندرنهن سون کي هڪ غير معمولي راز ٿو سمجهين! ۽ اُن ڳـُـجهه سان تون هڪ مڪمل خوف کي وڃي ٿو ملائين؟ ........ هي اعتبار ڪرڻ ئي مشڪل آهي، ته تو وٽ اُن واقعي ايترو ڏک پيدا ڪيو، جو تون اُن راز جي قبوليت ڏئي نٿو سگهين. تو هاڻي به واڪا ڪري ٿي چيو، ته هن راز جي ٻڌائڻ کان سائبيريا ڏي وڃڻ بهتر آهي.“

جاچ ڪندڙ عملدار، گفتگوءَ کي پورو ڪيو. هـُـو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو هو. هـُــو پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائي نه سگهيو، جنهن کي ڪاوڙ ئي چئجي. سندس ضمير جي اندر جو ڪجهه به هو، اُن کي بنا ڪنهن رَک رَکاءَ جي چئي ڏنائين.

 ”اِهي پندرنهن سؤ روبل ذلت جو باعث نه آهن، پر اُها رقم آهي، جا مان جدا ڪري رکي هئي.“  مـِـتيا چيو.

 ”ڇو؟“  جاچ ڪندڙ عملدار جوش مان مشڪي چيو.  ”تڏهن تنهنجي خيال ۾ اُها ڪهڙي ذلت آهي؟ اُهي پندرنهن سـَـؤ، جيڪي تو شرمناڪ طريقي سان جدا ڪري رکيا هئا! تون اُن کي ٺڳيءَ کان به مٿي ٿو سمجهين؟ حقيقت ۾ اهي ٽي هزار روبل گهڻا ضروري آهن. اِنهيءَ کان، جو اوهان، اُن سان ڪري گذريا. تو اُن سان اِهڙو قدم ئي ڇو کنيو هو؟ اوهان اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل ڇو بچايا هئا؟ اوهان کي ڇا منظور هو، اُن جي بابت ڪا سمجهاڻي ڏيو؟“

 ”شريف انسانو! اِنهيءَ ئي نقطي تي، ته سڄي حقيقت بيٺل آهي!“  مـِـتيا رڙ ڪري چيو.  ”مان اُن کي پاسيرو رکيو، ڇو ته مان لائق نه هوس. مان اِنهن ٽن هزارن مان چڱيءَ ريت ڳڻي پندرنهن سـَـؤ روبل ٻاهر ڪڍيا هئا ۽ اِهو حساب شرمناڪ هو. اهائي نالائقي سڄو مهينو هلندي رَهي.“

 ”هيءَ ته سمجهه ۾ اَچڻ جهڙي ڳالهه نه آهي.“

مون کي ته توتي عجب ٿو لڳي، پر مان اَڃا به وضاحت ڪندس. شايد هيءَ سچ پچ سمجهه ۾ نه اَچڻ جهڙي ڳالهه هجي. مهرباني ڪري هن ڏي ڌيان ڏي، جو ڪجهه مان چوان ٿو، مان ٽي هزار روبل جي ٺڳي ڪئي، جو منهنجي عزت جو سوال هو. مان عيش جي مجلس ۾ اُن کي خرچ ڪري ڇڏيو. اِيئن کڻي چئجي، ته مان سڀئي پئسا خرچ ڪري ڇڏيا. ٻي ڏينهن مان اُن وٽ وڃي ۽ کيس چوان، ڪٽيا، مون کان غلطي ٿي آهي، مان تنهنجي ٽن هزار روبل کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اُهو چڱو ۽ صحيح طريقو ٿئي ها؟ نه اِهو صحيح نه آهي. اِها بي ايماني آهي ۽ بي همٿي. مان هڪ جانور آهيان - اُهو جانور جنهن کي پاڻ تي ضابطو نه هجي. اِهو اِيئن آهي نه؟ پر اُن هوندي به مان اَڃا چور نه آهيان. بد ڪردار چور نه آهيان. تون هن کي قبول ڪندين. مان اُن رقم کي فضول خرچيءَ ۾ وڃايو  آهي، پر چور نه آهيان. هاڻي هڪ سيڪنڊ لاءِ، هن جي ٻي صورت ٻڌو، جا وڌيڪ فائدي واري آهي. مون کي خبرداريءَ سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، متان مان وري منجهي نه پوان - منهنجو مٿو ڦري رهيو آهي، ها وري ٻيو حل. مان هتي ٽن هزار روبل مان پندرنهن سـَـؤ روبل خرچ ڪيا، جو اُن جو اَڌ آهي. ٻي ڏينهن جيڪڏهن مان اِهو اَڌ کڻي اُن وٽ وڃان ها ۽ چوان ها، ته ڪٽيا مون کان پندرنهن سـَـؤ روبل وٺ، مان هڪ جانور آهيان ۽ بي اعتبار بدمعاش، ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي اَڌ رقم ضايع ڪري ڇڏي آهي ۽ هيءَ به ضايع ڪري ڇڏيندس، مون کي هن هوَس کان بچائي وٺ! پوءِ اوهان هن ٻي صورت لاءِ ڇا چئو ها؟ مون کي جانور چئو ها يا بدمعاش! جيئن اوهان جي مرضي، پر اوهان ڪڏهن به چور نه چئو ها. يا ته مون کي ڪجهه به بچائي اَچڻ نه گهربو هو، پر مان اُٰن کي بچائي رکيو هو. مان اُن اَڌ کي وٽس کڻي وڃان ها ۽ هوءَ ڏسي ها ۽ باقي جو اَڌ خرچ ڪيو هيم، اُن کي پهچائي ڏيان ها، جنهن لاءِ مان ڪوشش ڪريان ها، ته اُن کي موٽائي ڏيان. اِهڙي حالت ۾ به، مان بدمعاش ته بڻجان ٿو، پر چور نه! توهان ٻيو ڪجهه به چئو پر چور نه!“

 ”مان قبول ٿو ڪريان ته هن ۾ تفاوت ضرور آهي.“  جاچ ڪندڙ عملدار ٿڌي طرح مشڪندي چيو.  ”پر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو تون هن اختلاف جي بنياد کي به ڄاڻين ٿو.“

 ”هائو، مان هن جي بنيادي اختلاف کي ڄاڻان ٿو. سڀڪو ماڻهو بدمعاش ٿي سگهي ٿو ۽ شايد هرڪو ماڻهو، بدمعاش هجي به. پر هرڪو چور ٿي نه ٿو سگهي. پر هن سوال جو حل ڪرڻ منهنجو موضوع نه آهي. نه وري مان هن جو موزون تفاوت ئي ڄاڻان ٿو .... پر هڪ چور، هڪ بدمعاش کان گهڻو حقير آهي. منهنجي اِهائي راءِ آهي. ڌيان ڏيئي ٻڌو، مان اِها رقم، مهينو ساندهه، پاڻ سان گڏ گهمائيندو رهيس. مان هميشھ اِهو اِرادو ٿي رکيو، ته موٽائي ڏيندس ۽ مان بدمعاش به نه رهندس. پر مون کان اِها همٿ نه ٿي. جيتوڻيڪ اوهان ٻڌو ٿا، ته مان ڏهاڙي اِهو اِرادو ڪندو ٿي رهيس. روزانو پاڻ تي زور ڏيندو ٿي رهيس، ته اِيئن ڪريان، پر سڄي مهيني ۾ مان اُن لاءِ تيار ٿي نه سگهيس. ڇا اوهان جي خيال ۾ هيءُ صحيح طريقو هو؟“

 ”يقينـََـا! اِهو صحيح طريقو نه هو. مان اُن کي پوري ريت سمجهان ٿو ۽ ڪوبه پس و پيش نه ٿو ڪريان.“  جاچ ڪندڙ عملدار، پاڻ کي سنڀاليندي چيو.  ”اَسان کي هنن اَجائي ۽ جزوي اختلافن تي بحث نه ڪرڻ گهرجي. تنهنجي مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن تون مکيه نقطي ڏي اَچين. اُهو نقطو آهي، ته تو اَڃا اسان کي ٻڌايو ئي نه آهي، جيتوڻيڪ اَسان توکان پڇندا رهيا آهيون، ته تو ڇو اَڌ فضول خرچي ۾ وڃايو ۽ اَڌ پاڻ وٽ بچائي رکيو؟ اُهو ڪهڙو مقصد هو، جنهنڪري تو اُن رقم کي لڪائي رکيو هو. تنهنجو اِنهن پندرنهن سون مان ڪهڙو مطلب پئي پورو ٿيو. دمتري فيودورپاولووچ، مان هن سوال تي زور ٿو ڏيان.“

 ”هائو، بيشڪ! “ مـِـتيا، نراڙ کي ڌڪ هڻندي چيو. مونکي معاف ڪريو، مان پاڻ کي پريشان ڪري رَهيو آهيان ۽ مکيه نقطي جي تشريح نه ٿو ڪري سگهان، نه ته جيڪر اوهان منٽ ۾ اُن کي سمجهي وڃو ها. ڇاڪاڻ ته اُن جي مراد ئي ’نفرت‘ آهي. هي سڀ ڪجهه اُن پوڙهي ماڻهوءَ لاءِ ڪرڻو ٿي پيو، يعني فوتي پيءُ لاءِ. هو هميشھ اگرافينا اليگزينڊرووينا جي لاءِ ٿي صدقي ٿيو ۽ مون کي حسد هو. مان اُن وقت سمجهيو، ته هـُـوءَ منهنجي ۽ اُن جي وچ ۾ انتخاب جي لاءِ ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. اُن ڪري مان روزانو پيو سوچيندو هوس. مثلاً: هـُـو اوچتو پنهنجو رخ ڦيرائي وجهي ۽ مون کي عذاب ڏيئي ڇڏي ڏي ۽ چوي ته مان توسان محبت ٿي ڪريان، نه هن سان! مون کي دنيا جي ڪنهن انتهائي ڇيڙي تي وٺي هل ۽ مون وٽ فقط چاليهه ڪوپڪس (ننڍڙا سڪا) هجن، ته پوءِ مان ڪيئن اُن کي وٺي وڃي ٿي سگهيس. مان اُن کي وڃائي ويهان ها. اوهان کي خبر هئڻ گهرجي، ته مان اُن وقت کيس نه ٿي سڃاتو. مان کيس نه ٿي سمجهيو. مان سمجهيو ٿي، ته کيس پيسو کپي ۽ هوءَ ڪڏهن به منهنجي مفلسيءَ کي وساري نه سگهندي. اِنهيءَ ڪري مان آخري طرح ٽن هزارن جو اَڌ ڳڻي، پاڻ وٽ سبي رکيو. شراب جي پيئڻ کان اڳ مون اُن کي سبيو ۽ پوءِ ئي شراب پيئڻ لاءِ ويس. اِهائي بنيادي حقيقت آهي، جنهن کي اوهان سمجهيو هوندو.

ٻئي وڪيل کلڻ لڳا.

 ”مان هن کي تنهنجي پاران، هڪ سمجهه ڀـَـري ۽ اخلاقي شيءِ سمجهان ٿو.“  نڪولائي پارفينووچ فخر مان کلندي چيو.  ”هيءَ ٺڳي ته آهي ئي نه. ڇاڪاڻ ته اِهي پيسا ڇا جي لاءِ گڏ ڪري رکيا ويا هئا؟“

 ”اِنهيءَ لاءِ ئي ته مان چوري ڪئي هئي. بنيادي حقيقت اِها آهي، اوهان اِهو نه سمجهڻ جي ڪري ڊيڄاري رهيا آهيو. هرهڪ ڏينهن تي مان، اِنهن پندرنهن سـَـون جي بابت، جيڪي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري تعويز ۾ سبيل هئا، چوندو ٿي رهيس ته مان چور آهيان، مان چور آهيان! اِهو سبب هو، جو، مان سڄي مهيني ۾ وحشي بڻيو رهيو هوس. اِهوئي سبب هو، جو مان ساقي خاني ۾ وڙهيو هوس. اِهوئي سبب هو، جو مان پنهنجي پيءُ تي حملو ڪيو هو. اِنهيءَ ڪري ئي مان همٿ نه ٻڌي سگهيو هوس. اِنهيءَ سبب جي ڪري، مان پنهنجي ڀاءُ اليوشا کي به اِنهن پندرنهن سـَـون لاءِ نه ٻڌائي سگهيو هوس. مان محسوس ٿي ڪيو، ته مان ذليل آهيان ۽ ڳنڍيءَ ڇوڙ، پر اوهان کي خبر  آهي، ته جڏهن مان اِن رقم کي کنيو ٿي، پاڻ کي چوندو ٿي رهيس ۽ هر گهڙي ته:  ”نه دمتري فيودورپاولووچ، تون اَڃا به چور نه آهين، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مان شايد ٻي ڏينهن تي، وڃي ڪيٽرينا کي اِها رقم موٽائي ڏيان. ڪالهه ئي مان اِرادو ڪيو، ته پنهنجي ڳچيءَ مان اُن اڳڙيءَ کي ڦاڙي ڇڏيان. مون کي اِهو خيال رستي تي آيو هو. جڏهن فينا کان پروهيٽن ڏي ٿي ويس. اِنهيءَ گهڙيءَ کان اڳ ۾، مان ڪڏهن به اِئين ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه ڪري سگهيو هوس. اُن اڳڙيءَ کي ڦاڙڻ کان پوءِ مان ذليل چور بڻجي ويس. هڪ چور ۽ سڄي حياتيءَ لاءِ بي ايمان انسان! ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اِيئن ڪندي، مان پنهنجي اُن خواب کي به برباد ڪري ڇڏيو، جنهن جو تعلق، ڪٽيا ڏي وڃڻ سان هيو، ته مان بدمعاش ته آهيان، پر چور نه آهيان. توهان هاڻي سمجهيو؟ توهان هاڻي سمجهيو.“

 ”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهنڪري تو ڪالهه، اِيئن ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو؟“  نڪولائي پارفينووچ، وچ ۾ دخل ڏيندي چيو.

 ”ڇو؟ اِهو ته پڇڻ ئي اَجايو آهي. مان صبح سان پنجين بجي پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هتي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو. مان خيال ڪيو، ته هاڻي هڪ چور ۽ عزت واري ماڻهوءَ جو ڪو تفاوت ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جڏهن ته مرڻو اَٿم. شريف انسانو! مون تي اعتبار ڪريو، ته مون کي جنهن شيءِ اڄ گهڻو عذاب ڏنو، اُهو اُن پوڙهي ملازم جو خون نه هو، پر مان هن خوف ۾ هوس، ته مون کي اُن وقت سائبيريا موڪليو ويندو، جڏهن مون کي پنهنجي محبت جو انعام ملي رَهيو آهي ۽ جنت جا دروازا وري مون لاءِ کلي ويا آهن. اِهو خيال مون کي عذاب ڏيندو رَهيو، پر اِهڙي طرح نه، جيئن هي ملعون رقم ۽ اڳڙيءَ جو ڦاڙي، اُن کي خرچ ڪرڻ! مان ذليل چور بڻجي چـُـڪو هوس. شريف انسانو! مان اوهان کي پنهنجي پـُـرخون دل سان ٻڌايان ٿو، ته مان اِنهيءَ رات ۾ گهڻو ڪجهه پرايو آهي، ته نه فقط بدمعاش ٿي رهڻ ڏکيو آهي، پر بدمعاش ٿي مرڻ به ڏکيو آهي ...... نه شريف انسانو! ايماندار ٿي مرڻ ئي بهتر آهي.“

مـِـتيا جو رنگ زرد ٿي ويو. سندس نگاهون جوشيليون هئڻ جي بجاءِ خوفزده ۽ ٿڪايل ٿي ڏٺيون.

 ”دمتري فيودورپاولووچ، هاڻي مان توکي سمجهڻ شروع ڪيو آهي.“  جاچ ڪندڙ عملدار کيس آهستي ۽ رحم ڀـَـري آواز ۾ چيو.

 ”پر هيءُ سڀ ڪجهه، جيڪڏهن تون منهنجي چوڻ کي معاف ڪرين، ته اعصابي پريشانيءَ جي باعث هو. منهنجي اِها راءِ آهي ..... تنهنجا مڪمل ريت خرابيءَ سان ڀريل اعصاب،اِنهن جي ڪري ئي اِيئن ٿيو آهي. ڇو؟ ٿوري وقت لاءِ خيال ڪر، ڇا تو پاڻ کي سڄو مهينو هن مصيبت کان بچايو نه هو؟ تون اُنهن پندرنهن سون لاءِ، اُن عورت ڏي، جنهن تنهنجي مٿان اعتبار ڪيو هو، سڄو مهينو آئين ۽ وئين نه ٿي؟ پوءِ ڇو تون هن کي اِها ڳالهه ٻڌائي نه ٿي سگهين؟ پنهنجي حيثيت جي لحاظ کان، جيئن تو اُن کي خطرناڪ ٻـُـڌايو آهي، ڇو تون اُن رٿ تي عمل نه ڪري سگهين، جا فطرتـََـا ڪنهن جي دل تي تـَـري اَچي ٿي، يعني عزت سان پنهنجي غلطين کي اُن وٽ بيان ڪرڻ. تو اِيئن هن کي ڇو نه ٿي چيو، ته تنهنجي خرچن لاءِ، هوءَ توکي قرض ڏئي. جو هوءَ پنهنجي نيڪ دليءَ سان ڪڏهن به انڪار نه ڪري ها. جڏهن ته اُن جي لاءِ، ڪا ضمانت به هجي ها. يا اُن سلامتيءَ تي، جا تون سامنسوف واپاريءَ ۽ بيگم هائلڪوف کي ڏئي رهيو هئين. مان سمجهان ٿو، ته تون اَڃا به اُن ضمانت کي قيمت وارو ٿو سمجهين!“

مـِـتيا اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو.

 ”مون کي يقين آهي، ته اوهان مون کي ايترو ويل بدمعاش نه سمجهندا هوندا؟ اوهان سنجيدگيءَ سان نه ٿا ڳالهايو.“  هـُـو نفرت سان چوڻ لڳو ۽ جاچ ڪندڙ عملدار جي منهن ۾ گهوري نهارڻ لڳو. ڄڻ ته کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه ٿي آيو.

 ”مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته مان سنجيدهه آهيان ..... تون اِيئن ڇو ٿو خيال ڪرين، ته مان سنجيده نه آهيان ...... تون اِيئن ڇو ٿو تصور ڪرين، ته مان مستعد نه آهيان؟“  هاڻي جاچ ڪندڙ عملدار جي حيران ٿيڻ جو وارو هو.

 ”اڙي اِهڙي سازش وڌيڪ ننگ ۽ ڪار واري هئي. شريف انسانو! اوهان کي خبر پوي ٿي، ته اوهان مون کي عذاب ڏئي رهيا آهيو! ڪجهه به ٿي پوي، مون کي سڀ ڪجهه چوڻ ڏيو. مان پنهنجي جنهن بڇڙائيءَ کي قبول ٿو ڪريان ۽ اوهان کي به شرمندگيءَ ۾ ٿو آڻڻ گهران. اوهان خود، پنهنجو پاڻ حيرت ۾ پئجي ويندا، ته بشر ۽ احساس ڪيتري قدر نه بديءَ جي پستيءَ ڏي لهي ٿو اَچي! شريف انسانو! هائو، جا رٿ جاچ ڪندڙ عملدار هاڻي پيش ڪئي آهي، منهنجي به ذهن ۾ آئي هئي. هلندڙ مهيني ۾ اهو خيال منهنجي اندر ۾ موجود هو، ۽ مان ارادو به ڪيو هو، ته ڪٽيا ڏي وڃان - مان اِنهيءَ لاءِ  پورو پورو لائق به هوس. اُن ڏي وڃڻ ۽ پنهنجي مڪاري ٻڌائڻ، ۽ اُن مڪاريءَ مان پورو پورو فائدو وٺڻ ۽ ڪٽيا کي رقم لاءِ عرض ڪرڻ،(يعني پنڻ، سمجهو ٿا پنڻ) ۽ اُن کان وري ٻي ڏي وڃڻ، سندس رقيب ڏي وڃڻ، جنهن سندس بي عزتي ڪئي هئي. نهايت عجيب خيال آهي! شايد تون چريو ٿي پيو آهين، جاچ ڪندڙ عملدار!“

 ”مان چريو ته نه آهيان، پر جلديءَ مان ڳالهائيندو ٿو وڃان ..... مان عورتن جي ساڙ ۽ حسد کي خيال ۾ ئي نه آندو آهي. هن ساڙ ۽ حسد جي حالت ۾، جنهن جو تون يقين ٿو ڏئين ...... هائو، شايد اِنهيءَ ۾ اِهڙي قسم جي ڳالهه هجي.“  جاچ ڪندڙ عملدار مشڪندي چيو.

 ”پر اِهو بيحد نفرت انگيز ٿئي ها.“  مـِـتيا خوفناڪ طرح سان ميز ڏي مڪ وڌائي.  ”اِهو ته سڀ کان وڌيڪ خراب ڪم ٿئي ها. هائو! اوهان کي خبر آهي، ته هوءَ اِها رقم مون کي ڏئي به ڇڏي ها ۽ وساري به ڇڏي ها، پر هوءَ هي سڀ ڪجهه پنهنجي انتقام کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪري ها. مون لاءِ پنهنجي نفرت کي ڏيکارڻ لاءِ ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هوءَ شيطاني طبعيت واري آهي ۽ وڏي غصي واري عورت آهي. مان اُن کان اِها رقم وٺان به ها ۽ وٺان ها، پر پوءِ سڄي حياتي .... خدايا! شريف انسانو! مون کي معاف ڪريو، مان هيءَ جا فرياد ٿو ڪريان، اُن لاءِ معافي ٿو گهران. مان هيءُ واڪا اِنهيءَ لاءِ ٿو ڪريان، ته ٻه ڏينهن اڳ جڏهن رات جو لياگاوي وٽ ڦاٿو هوس ۽ ڪالهه به اِنهيءَ فڪر ۾ گرفتار هوس. مون کي اُن جي پختي يادگيري آهي. ايستائين اِهو فڪر ساڻ هيم، جيستائين اِهو حادثو عمل ۾ آيو.“

نڪولائي پارفينووچ، سندس گفتگوءَ کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته:

 ”ڪهڙو حادثو؟“

پر دمتري سندس ڳالهه کي ئي نه ٻـُـڌو.

 ”مان اوهان وٽ، پنهنجي خطرناڪ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي.“  مـِـتيا مايوسيءَ مان چيو.  ”توهان هن جو قدر ڪيو. اَڃا به وڌيڪ، هن جي عزت ڪريو. جيڪڏهن هي ڳالهيون، اوهان جي دلين ۾ رحم اُڀاري نه ٿيون سگهن، ته پوءِ، اوهان کي منهنجي لاءِ ڪابه عزت نه  آهي. شريف انسانو! مان اوهان کي ٻڌايان ٿو، ته مان هن ندامت کان مري ويندس، ته مان توهان جهڙن ماڻهن وٽ پنهنجي قبوليت ڇو ڏني؟ مان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس! هائو مان اڳ ۾ ئي ڏسي چڪو آهيان، ته اوهان کي مون تي ڪو به اعتبار ڪونه آهي. ڇا اوهان اِها به ڳالهه لکڻ گهرو ٿا.“  هن جهڪو ٿيندي چيو.

 ”هائو! تو هاڻي جو ڪجهه به چيو.“  نڪولائي پارفينووچ کيس حيرت مان نهاريندي چيو.  ”اِهو ته تون آخري گهڙيءَ تائين ڪيٽرينا ايونونا ڏي وڃڻ لاءِ سوچيندو رهيو هئين، ته وٽس وڃي رقم لاءِ عرض ڪريان. مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته هيءُ ثبوت جو نهايت ضروري حصو آهي، دمتري فيودورپاولووچ..... مان سمجهان ٿو، ته سڄي مقدمي ۾ هي ضروري آهي. خاص ڪري، تنهنجي لاءِ نهايت ضروري آهي.“

 ”شريف انسانو! مون تي رحم ڪريو!“  مـِـتيا پنهنجي هٿن کي هوا ۾ هلايو.  ”اِنهيءَ کي ڪنهن به حالت ۾ نه لکو. ڪجهه شرم به ڌاريو. مان ته پنهنجي دل ڦاڙي اوهان جي اڳيان رکي آهي ۽ اوهان هن موقعي جو فائدو ٿا وٺو. ٻنهي طرفن کان منهنجي زخم ۾ آڱريون ٿا ٽنبيو، او خدايا!“

هن نااُميديءَ مان پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪلائي ڇڏيو.

 ”دمتري فيودورپاولووچ، پاڻ کي ايترو پريشان نه ڪر.“  جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو.  ”هتي جو ڪجهه به لکيو وڃي ٿو، اُهو سڀ وري توکي ٻڌايو ويندو. جنهن سان تون اتفاق نه ڪندين، اُن کي تون پنهنجي خواهش سان بدلائي سگهندين. هاڻي مان توکان هڪ ننڍڙو سوال ٿو پڇان ۽ اِهو ٻيو ڀيرو ٿيندو. جنهن رقم کي تو سبيو هو، اُن جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. توکي مان ٻڌايان ٿو، ته اِها اعتبار ۾ اَچڻ جهڙي حقيقت ئي نه آهي.“

 ”ڪنهن کي به نه، ڪنهن کي به نه، مان اوهان کي اڳ ۾ ٻڌائي چـُـڪو آهيان. يا ته اوهان ڪا ڳالهه سمجهي ئي نه ٿا سگهو، مون کي اَڪيلو ڇڏي ڏيو.“

 ”صحيح آهي. پر هن حقيقت جي لاءِ تشريح جي ضرورت آهي. اُن جي لاءِ گهڻو ئي وقت آهي، پر ساڳي وقت ڌيان ڏي اَسان وٽ ڪي شاهد به آهن، جن کي تو هر جاءِ تي پکيڙي ڇڏيو آهي. ٽن هزارن بابت ته هر هنڌ واڪا ڪري چيو آهي. اُنهن کي تو هتي خرچ ڪيو آهي. ٽي  هزار روبل، پندرنهن سـَـؤ نه! هاڻي به جڏهن توکي پيسا مليا آهن، يعني ڪالهه، ته تو ماڻهن کي اِيئن خيال ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي، ته تون پاڻ سان ٽي هزار روبل کڻي آيو آهين.“

 ”اوهان وٽ ڊزن نه پر سوين شاهد موجود آهن. ٻه سـَـؤ، ٻه سـَـؤ ماڻهن اُنهن کي ٻڌو آهي. هزارن اُن کي ٻڌو آهي.“  مـِـتيا رڙ ڪري چيو.

 ”ها، سڀئي اِها شاهدي ڏين ٿا. هڪ ئي لفظ، جنهن جي معنيٰ ساڳي آهي.“

اِنهيءَ مان ڪوبه مطلب نه ٿو نڪري. ڪنهن کي به مان نه ٻڌايو، پر هرڪو اُن کي دهرائيندو ٿو رَهي.“

 ”پر ڪهڙي ضرورت پئي هئي، ته تون اِهڙي خراب ڳالهه کي ڪرين، جنهن کي تون پاڻ به چوين ٿو؟“

 ”شيطان ئي هي ڄاڻي سگهي ٿو. پنهنجي غلط بهادري ڏيکارڻ لاءِ .... ته مان ايترو پيسو ضايع ڪري سگهان ٿو ..... اُن رقم کي وسارڻ لاءِ، ته مان ان کي سبي ڇڏيو هو ..... هائو، اِنهيءَ لاءِ ..... کڏ ۾ وجهوس ...... خبر نه آهي، ته اوهان اِهو سوال مون کان ڪيترا ڀيرا پڇندا؟ ٺيڪ آهي، مان اوهان کي به ضرور ڪوڙ ٻڌايو آهي. اِنهيءَ جي پڄاڻي ٿي چـُـڪي آهي. مان هڪ ڀيرو اوهان کي ٻڌايو آهي. مان هاڻي اُن کي صحيح ڪريان، اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڇو، ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي؟“

 ”پر هن جو فيصلو نهايت ڏکيو آهي، دمتري فيودورپاولووچ ته ماڻهو کي ڪهڙي شيءِ آهي، جا ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ، راضي ٿي ڪري.“  جاچ ڪندڙ عملدار، ڪنهن اَثر هيٺ اَچي چيو. مون کي ٻڌاءِ، ته اُها ڳنڍ جا، تنهنجي ڳچيءَ وٽ، جيئن تون چوين ٿو، وڏي هئي؟“

 ”نه، ايڏي وڏي نه هئي.“

 ”مثال لاءِ ڪيتري وڏي هئي؟“

 ”جيڪڏهن تون سـَـو روبل کي، اَڌ تي ٻيڻائيندين، ته اِهائي اُن جي ماپ ٿيندي.“

 ”تون اَسان کي اِيئن موڙي ڏيکار. اُهو ڪپڙو اَڃا تو وٽ هوندو؟“

 ”ڪيڏي نه بيوقوفي آهي، اها، هاڻي اُهو ڪپڙو مون وٽ ڪٿي آهي!؟“

 ”هڪ گهڙيءَ لاءِ اِجازت ڏيو، ته مان اوهان کان پڇان، ته ڪڏهن ۽ ڪٿي اوهان اُن ڳنڍ کي کوليو، جا اوهان جي ڳچيءَ سان هئي؟ اوهان ٻڌايو آهي، ته اوهان پنهنجي گهر نه ويا هئا.“

 ”جڏهن مان فينا کان پرهيٽن ڏي ٿي ويس. رستي ۾، مان اُن کي پنهنجي ڳچيءَ مان ٽوڙيو ۽ رقم ڪڍي ورتم.“

 ”اونداهيءَ ۾؟“

 ”مون کي روشني جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مان هڪ ٻن منٽن ۾ پنهنجي آڱرين سان اُن کي ٽوڙي ڇڏيو.“

 ”ڪئنچيءَ کانسواءِ گهٽيءَ ۾؟“

 ”مان خيال ڪريان ٿو، ته مارڪيٽ ۾. ڪئنچيءَ جي ڪهڙي گهرج هئي؟ پر اوهان اِهو ڇو ٿا پڇو؟“

 ”پوءِ تو اُن کي ڪٿي ڦٽو ڪيو؟“

 ”مان اُن اڳڙيءَ کي اُتي ئي ڦٽو ڪيو.“

 ”مارڪيٽ ۾، مارڪيٽ ۾. شيطان ئي ڄاڻي سگهي ٿو، ته ڪٿي؟“

 ”هي سوال نهايت ضروري آهي، دمتري فيودورپاولووچ. اِها شيءِ تنهنجي فائدي لاءِ ثابتي آهي. ڪيئن تون اِنهيءَ کي نه ٿو سمجهين؟ اِنهيءَ جي سبڻ ۾ توکي ڪنهن مدد ڪئي هئي؟“

 ”ڪنهن به مون کي مدد نه ڪئي، مان پاڻ ئي سبيو هو.“

 ”تون سبي به سگهين ٿو؟“

هڪ سپاهيءَ کي سبڻ اَچڻ گهرجي. ڪنهن به وڌيڪ ڄاڻ جي هن ۾ ضرورت ڪانه هئي.

 ”تو اِهو سامان ڪٿان آندو؟ يعني اُها اڳڙي، جنهن ۾ تو اُن رقم کي سبيو هو؟“

 ”ڇا اوهان مون تي کلو ته نه ٿا؟“

 ”ڪڏهن به نه. نه وري اَسان کلڻ جي موڊ ۾ آهيون. دمتري فيودورپاولووچ.“

 ”مون کي خبر نه آهي، ته مون اُها اُڳڙي ڪٿان آندي - مان خيال ڪريان ٿو، ته هتان، هتان.“

 ”مان سمجهان ٿو، ته تو اُن کي وساريو نه هوندو؟“

 ”مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان، ته مون کي ياد نه رهيو آهي. مان شايد ڪنهن پنهنجي ڪپڙي مان ڦاڙيو هوندو.“

 ”هيءُ نهايت دلچسپ آهي. اَسان سڀاڻي تنهنجي رهڻ واري جاءِ مان اُن کي ڳولهينداسون. پوءِ اُها قميص  آهي يا ٻيو ڪو ڪپڙو. اُهو عام ڪپڙو يا شلوار؟

 ”نيڪي ٿي ڄاڻي ته اهو ڪهڙو ڪپڙو هو؟ پر ترسو ....! مان سمجهان ٿو، ته ڪنهن مان به نه ڦاڙيو هيم. اهو ڪئليڪو جي ڪپڙي جو قسم هو. مون کي ياد ٿو اَچي ته مان گهر واري عورت جي ٽوپيءَ مان ڦاڙي اُن کي سبيو هو.“

 ”تنهنجي گهر جي مالڪياڻي جي ٽوپيءَ ۾؟“

 ”هائو! مان اُن مان ئي کنيو هو.“

 ”تو اُن کي ڪيئن حاصل ڪيو؟“

 ”مون کي ياد ٿو اَچي، ته هڪ ڀيري مان اُن ٽوپي کي پنهنجي قلم صاف ڪرڻ لاءِ کنيو هو. کانئس پڇڻ کان سواءِ کنيو هيم. ڇاڪاڻ ته اِها بيڪار ۽ بي قيمت شيءِ هئي. مان اُن کي ڦاڙيو. نوٽ کنيم ۽ اُن ۾ سبيم. منهنجو خيال آهي، ته اِنهيءَ ئي اڳڙيءَ ۾ مان پيسن کي سبيو هو. هڪ پراڻو ڪئليڪي جو ٽڪرو هو، جنهن کي هزارين ڀيرا ڌوتو ويو هو.“

 ”توکي اِنهيءَ حقيقت جو پورو يقين آهي؟“

 ”مون کي اَڃا به پـَـڪ نه ٿي پوي. مان خيال ڪريان ٿو، ته اِها ٽوپي ئي هئي. کڏ ۾ وجهوس، اوهان کي اُن مان ڪهڙو فائدو؟“

هن حالت ۾ تنهنجي مڪان جي مالڪياڻيءَ کي ياد هئڻ گهرجي، ته سندس ڪا شيءِ گم ٿيل آهي.

 ”نه، هـُـن کي ياد نه هوندو. هـُـن پنهنجي شيءِ وڃائي ته ڪانه هئي. هو هڪ پراڻو ڪپڙو هو، مان ٻڌايان ٿو، ته اُهو پراڻو ڪپڙو هو، جنهن جي قيمت هڪ پائي به نه هئي.“

 ”پر تو، سـُـئي ۽ ڌاڳو ڪٿان آندو؟“

 ”مان هاڻي چپ رهندس ۽ ڪجهه به نه ٻڌائيندس. ڪافي ٿي گذريو آهي!“  مـِـتيا آخر پنهنجو صبر وڃائي ويٺو.

 ”واقعي هن ڳالهه تي تعجب ٿو لڳي، ته مارڪيٽ ۾ تو اُن اڳڙيءَ کي ڪٿي ڦٽو ڪيو هو؟“

 ”اوهان سڀاڻي حڪم ڏيو، ته مارڪيٽ کي ٻـُـهاريو وڃي. پوءِ اوهان شايد اُن کي لـَـڀي وجهو.“  مـِـتيا پيچ تاب کائيندي چيو.  ”شريف انسانو! هيءُ ڪافي آهي ڪافي. هن ٿڪيل آواز ۾ پنهنجي اِرادي کي پختگي سان ٻڌايو. مان سمجهان ٿو، ته اوهان جو مون تي اعتبار نه آهي! هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه. اها منهنجي غلطي آهي، اوهان جي نه. مون کي ايترو مستعد ٿيڻ نه گهربو هو. ڇا لاءِ مون اوهان کي پنهنجو راز ٻڌائي بي عزتو ڪيو. اوهان جي لاءِ، هيءُ مذاق آهي، جنهن کي مان اوهان جي اکين مان ڏسي رهيو  آهيان. جاچ ڪندڙ عملدار، تو ئي ته منهنجي هن حقيقت ڏانهن رهنمائي ڪئي آهي. توهان کي، جيڪڏهن ڪو گيت ياد اَچي ٿو، ته پنهنجي ڪاميابي تي ڳايو. منهنجا عذاب ڏيندڙ وڃي کڏ ۾ پئو.“

هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ۽ چهري کي هٿن سان ڍڪيو. وڪيل خاموش ٿي ويا. ٿوري ويرم کان پوءِ هن پنهنجي مٿي کي مٿي کنيو ۽ خالي خالي نگاهن سان کين نهارڻ لڳو. سندس منهن مان هاڻي مڪمل نااُميدي پئي ظاهر ٿي. هـُـو مايوس ۽ غمگين ٿي ڏٺو، ڄڻ ته سندس چوڌاري، جو ڪجهه وهيو ۽ واپريو ٿي، اُن جي کيس ڪابه سـُـڌ ٻـُـڌ نه هئي. اُن وقت هـُـو به سڀ ڪجهه ختم ڪري چـُـڪا هئا، جنهن جي کين ضرورت هئي. هنن جلدي مان شاهدن جي پڇا شروع ڪري ڏني. اُن وقت صبح جا اَٺَ ٿي رهيا هئا. روشنيءَ کي گهڻو اڳ ۾ وسايو ويو هو. مائيڪل ماڪرووچ ۽ ڪلگنوف سمورو وقت مسلسل ڪمري جي اندر آيا ويا ٿي، جيستائين پڇا هلي رَهي هئي، هاڻي هـُـو به ٻاهر نڪري آيا هئا. وڪيل پڻ ٿڪيل ٿي نظر آيا. اِهو هڪ بدقسمت صبح هو. سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو ۽ مينهن ڄڻ ته ڳڙا هاري رهيو هو. مـِـتيا خالي نگاهن سان دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.

 ”مان دريءَ کان ٻاهر ڏسان؟“  هن اوچتو نڪولائي پارفينووچ کان پڇيو.

 ”بيشڪ! جيترو وقت تنهنجي مرضي هجي.“  هـُـن کيس جواب ڏنو.

مـِـتيا اُٿيو ۽ دريءَ ڏي هليو ويو. مينهن دريءَ جي سائيرڙن شيشن تي زور سان پئجي رهيو هو. کيس گپ سان ڀريل رستو، هيٺ دريءَ مان صاف نظر اَچي رهيو هو. ٿورو پـَـري، مينهن جي ڪوهيڙي مان، غريبن جي جهوپڙين جي ڪاري ۽ ميرانجهڙي قطار نظر اَچي رَهي هئي، جا مينهن ۾ گهڻي ڪاري ۽ غريباڻي ٿي نظر آئي. سندس ذهن، فيبس سونهري وارن واري صبح جي ديوتا ڏانهن منتقل ٿي ويو، جڏهن هـُـو پاڻ کي گولي هڻي پورو ڪرڻ وارو هو. اِهڙي ئي صبح تي اِيئن ڪرڻ مناسب ٿي نظر آيو. هن مشڪندي خيال ڪيو. اوچتو هـُـن پنهنجي هٿ کي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ هـُـو پنهنجي عذاب ڏيندڙ ڏي ڦريو.

 ”شريف انسانو!“  هن واڪو ڪري چيو.  ”مان ڏسان ٿو، ته ختم ٿي چڪو آهيان! هوءَ؟ مان هـُـن جي لاءِ ڪجهه چوڻ گهران ٿو. مان اوهان کي عرض ٿو ڪريان. مون کي يقين آهي، ته هن کي مون سان گڏ برباد نه ڪيو ويندو؟ هوءَ معصوم آهي. اوهان کي معلوم آهي، ته هن گذريل رات جو ڪجهه به ڪيو هو، اُهو اِنهيءَ کان، ته هوءَ پنهنجي خيال ۾ نه هئي. هيءَ سڀ منهنجي غلطي هئي.“  جاچ ڪندڙ عملدار کيس هڪدم جواب ڏنو، جنهن ۾ قانوني مستعدي ٿي ڏٺي، ته  ”جيتري قدر اَسان ڏٺو  آهي، اِنهيءَ خاتون جي خلاف اَسان کي ڪابه بنيادي ڳالهه نظر نه  آئي آهي، جنهن ۾ تنهنجي دلچسپي آهي. مون کي يقين آهي، ته پوءِ به مقدمي ۾ اِهائي ساڳي ڳالهه رهندي. اسان هن معاملي ۾ پنهنجي به سڄي قوت صرف ڪنداسون، جا اَسان کي آهي. توکي هن بابت ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي، دمتري فيودورپاولووچ. توکي مڪمل آرام هئڻ کپي.“

 ”شريف انسانو، مان اوهان جا ٿورا مڃان ٿو. مون کي خبر هئي، ته اوهان ايماندار ۽ سنوان سڌا آهيو. اوهان منهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏيو. ٺيڪ آهي، هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟ مان تيار آهيان.“

 ”اَسان کي جلدي ڪرڻ گهرجي ۽ بنا ڪنهن دير جي شاهدن کان پڇا ڪرڻ گهرجي. اِهو سڀ ڪجهه تنهنجي حاضريءَ ۾ ٿيندو، اُن ڪري .....“

 ”پهريائين جيڪر  چاءِ نه پيئون.“   نڪولائي پارفينووچ چيو.  ”يقيناً اسان اِنهيءَ جا مستحق به آهيون!“

هنن فيصلو ڪيو، ته ماڙيءَ کان هيٺ جيڪڏهن چاءِ تيار آهي، ته اُن کي پيئڻ گهرجي. (مائيڪل ماڪرووچ، هيٺ چاءِ کڻڻ لاءِ هليو ويو هو.) کين هڪ هڪ گلاس پيئڻو هو ۽ پوءِ، هل هلان هئي. جيڪڏهن پورو ناشتو ملي وڃي ها، ته اِها سندن وڌيڪ خوش نصيبي هئي. چاءِ سچ پچ هيٺ تيار هئي ۽ جلدي اَچي وئي. مـِـتيا پهريائين، گلاس وٺڻ کان انڪار ڪيو، جو کيس نڪولائي پارفينووچ نهايت مروت سان پيش ڪيو هو. پر پوءِ هن پاڻ ئي اُن جي طلب ڪئي ۽ نهايت شوق سان اُن کي پي ويو. هـُـو حيرت جهڙو ٿڪايل ٿي نظر آيو. اِهو خيال ٿي ڪيو ويو، ته سندس غير معمولي قوت جي سبب هڪ رات جو اوجاڳو ۽ اوسيئڙو، جنهن سان گڏ بيحد جوش به هو، مٿس ڪو خاص اَثر نه وجهندا، مگر هـُـو مشڪل سان پنهنجي مٿي کي جهلي ٿي سگهيو. وقت بوقت، سڀئي شيون، جن ساڻس تعلق ٿي رکيو، سندس سامهون رقص ڪنديون ٿي نظر آيون.  ”ٿورو وڌيڪ ۽ مان ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويندس.“  هن پاڻ کي چيو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org