سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو پهريون

صفحو :6

 

باب اٺون

خــمـــار

پوءِ ڇا ٿي گذريو، اِها سڄي بدمستي هئي. هڪ دعوت جنهن ۾ سڀني کي شريڪ ٿيڻ جي اِجازت هئي. گروشينڪا سڀ کان اڳ ۾ شراب جي پيئڻ جي خواهش ڏيکاري.

 ”مان پيئڻ گهران ٿي، مان چاهيان ٿي ته شراب ۾ غرق ٿي وڃان. بلڪل اِهڙي ريت، جيئن اڳ ۾ ٿيا هئاسون. توکي ياد هوندو مـِـتيا، اڳئين ڀيري، هتي ڪيئن نه دوست بڻايا هئاسين.“

مـِـتيا پاڻ به چڱي خمار ۾ هو. کيس احساس هو، ته سندس خوشي اجهو ٿي شروع ٿئي. پر گروشينڪا کيس مسلسل پاڻ کان پري، موڪليندي ٿي رَهي.

 ”وڃ ۽ پاڻ کي خوش رک. هنن کي چـَـؤ ته نـچن. پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ ڀلي ته لوهي چلهه ۽ جهوپڙيءَ ۾ نچن. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو.“  هوءَ ڳالهائيندي رَهي. هوءَ نهايت جوش ۾ هئي. هوڏانهن مـِـتيا سندس حڪم جي تعميل لاءِ حاضر هو. راڳ جي محفل ٻئي ڪمري ۾ ٿي رهي هئي. جنهن ڪمري ۾ هي ويٺا هئا، اهو ڪمرو نهايت ننڍو هو ۽ سوٽي پردن سان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اُن جي پوئتان هڪ ڳرو بسترو موجود هو، جنهن ۾ هڪ پٿرڻي، پکين جي کنڀن سان ڀريل هئي ۽ اُن جي مٿان وهاڻن جو پهاڙ رکيل هو. اُتي اِهڙيون چار ڪوٺيون هيون، جتي ملاقاتين جي لاءِ چار بسترا موجود هئا. گروشينڪا، جا دروازي جي ڀرسان وڃي ويٺي هئي. مـِـتيا هڪ آرام ڪرسي تي، سندس ويجهو ويٺو هو، هوءَ اڳي وانگر اُن جاءِ تي ويٺي هئي. جتان رقص ۽ راڳ کي چڱيءَ ريت ڏسي ٿي سگهي. هيءُ ٻئي اُتي نهايت خوش ٿي ڏٺا. سڀئي ڇوڪريون جي آيون هيون، اُتي ٿي ڏٺيون. يهودي باجن وارن جو ٽولو، جنهن ۾ سارنگيون ۽ سرود به هئا، اَچي ويا هئا. آخر جنهن گاڏيءَ جو انتظار ٿي ڪيو ويو، اُها کاڌي ۽ شراب سان اَچي پهتي.

مـِـتيا ڪافي مشغول ٿي ڏٺو. سڀني قسمن جا ماڻهو، ڪمري ۾ هن محفل کي ڏسڻ لاءِ ايندا ٿي ويا. هاري ۽ سندن زالون به هيون، جي ننڊ مان جاڳي پيا هئا ۽ هن عجيب محفل کي ڏسڻ لاءِ آيا ٿي ۽ کين اُهائي وندر حاصل ٿيندي، جا مهينو اڳ کين حاصل ٿي هئي. مـِـتيا سندن چهرن کي سڃاتو ٿي. جن کي ڄاتائين ٿي، اُنهن کي ڀاڪر پائي کيڪاريائين ٿي. هن شراب جي بوتلن جا ٻوچ کولي، سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي، جي اُتي آيا ٿي، شراب اَوتي ٿي ڏنو. فقط ڇوڪريون ئي شئمپين جون شوقين ٿي ڏٺيون. ماڻهن معمولي شراب ۽ برانڊيءَ کي پسند ٿي ڪيو. هنن کان به وڌيڪ گرم پنچ کي ٿي چاهيو، جنهن ۾ گرم کير سان گڏ شراب ملايو ٿي ويو. مـِـتيا سڀني ڇوڪرين جي لاءِ چاڪليٽ مهيا ڪيا هئا ۽ حڪم ڏنو هئائين، ته ٽي سماور تيار هجن، جن تي سڄي رات چاءِ ۽ پنچ ڪڙهندو رَهي ۽ ماڻهو پاڻ استعمال ڪندا رهن.

شروع ۾ ئي هيءَ عياشي جي بساط درهم برهم ٿيڻ لڳي. پر دمتري نشي ۾ هو، جيئن ئي بدانتظامي ۽ آشفتگي وڌندي ٿي وئي، تيئن شور ۽ پريشاني ٿي پيدا ٿي. مـِـتيا کي وڌيڪ تڪليف ٿي آئي. جنهن ڳوٺاڻي کانئس اُن وقت رقم جي طلب ٿي ڪئي، هن کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن کي ٻاهر ٿي ڪڍيو ۽ کٻي ۽ سڄي کيسن مان جهجها پيسا ڪڍي ٿي ڏنائين. اِهوئي سبب هو، جو سراءِ جو مالڪ تريفان بورسووچ، سندس سنڀال لهڻ لاءِ مٿس ڪـَـڙي نظر ٿي رکي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـن اُن رات ننڊ ڪرڻ جو ارادو ئي ڇڏي ڏنو هو. هن شراب به ٿورو پيتو هو، فقط پنچ جو هڪ گلاس، هـُـو مـِـتيا جي دلچسپين تي پوري نظر ڪري رهيو هو، پر پنهنجي طريقي سان. عين اُن وقت هو معاملي جي وچ ۾ اَچي ويو ۽ مـِـتيا تي زور آندائين، ته هـُـو سگار ۽ شراب ضايع نه ڪري. سڀ کان وڌيڪ کيس اِنهيءَ کان روڪيائين ته هـُـو رقم ڳوٺاڻن کي نه ڏئي، جيئن اڳي ڪيو هئائين. اهو ڏسي هن کي بيحد نفرت پئي ٿي، ته ڳوٺاڻيون  ڇوڪريون بي انتها شراب ۽ مٺائي لـُـٽائي رهيون هيون. کيس چوڻ لڳيون، ته  ”هيءُ ته رت چـُـوس ڄورون آهن، دمتري فيودورپاولووچ، مان ته هنن مان هر ڪنهن کي لـَـتون هڻندو آهيان ۽ هيءُ اُن کي پنهنجي عزت سمجهندا آهن - هنن جي قيمت ته اِهائي آهي.“

مـِـتيا کي وري ائنڊري ياد اَچي ويو. حڪم ڏنائين، ته ٻاهر کيس پنچ موڪليو وڃي.

ڪلگنوف، شراب پيئڻ نه ٿي گهريو، پهريائين، ته ڇوڪرين جو راڳ ٻـُـڌڻ به نه ٿي چاهيائين، پر جڏهن شئمپين جا ٻه گلاس چاڙهيائين، ته هـُـو غير معمولي طرح زنده دل بڻجي ويو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳو. موسيقي ۽ راڳن کي پسند ڪندو، کلندو ٿي وتيو. سڀ ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪندو ٿي ڦريو. ميڪزيموف ڏاڍي شوق مان ٿي پيتو ۽ گروشينڪا سندس پاسي کي نه ٿي ڇڏيو. هو پاڻ به پي رهي هئي، ڪلگنوف ڏي اشارو ڪندي، هن مـِـتيا کي چيو ته:

 ”ڪهڙو نه وڻندڙ ۽ پيارو ٻار آهي؟“

مـِـتيا، ڪلگنوف ۽ ميڪزيموف کي چمي ڏيڻ لاءِ، ڊوڙيو. ڪيڏيون نه سندس عظيم اُميدون هيون. گروشينڪا اَڃا ڪجهه نه ٿي ڪڇيو. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـن ڄاڻي واڻي پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو هو. پر هوءَ وقت بوقت کيس پيار ۽ شوق جي نگاهن سان نهاري رَهي هئي. آخر هن اوچتو سندس هٿ کي ورتو ۽ پيار مان کيس پاڻ ڏي ڇڪي ورتائين. هوءَ اُن وقت هڪ هيٺانهين ڪرسيءَ تي دروازي جي ڀرسان ويٺي هئي.

 ”تون هتي ڪيئن آئين؟ ڪهڙي نموني سان هت پهتين؟ ...... مان ته ڊڄي وئي هيس. تون اِنهيءَ لاءِ آيو هئين، ته مون کي هن جي حوالي ڪري ڇڏين. اِئين نه؟ سچ پچ تو اِيئن ٿي چاهيو.“

 ”مان تنهنجي خوشيءَ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو!“  مـِـتيا خوشيءَ مان عاجزي سان چيو، پر کيس سندس جواب جي ڪابه ضرورت نه هئي.

 ”چڱو، وڃ ۽ پاڻ کي وڃي وندراءِ ...!“  هـُـن وري کيس پاڻ کان، هڪ ڀيرو وڌيڪ پـَـري ڪري ڇڏيو.  ”غم نه ڪر، مان توکي وري پاڻ وٽ سڏينديس.“

هـُـو هليو ويو ۽ هوءَ راڳ ۽ ناچ کي ڏسندي ۽ ٻڌندي رَهي، جيتوڻيڪ سندس اکيون جيڏانهن به ويو ٿي کيس، نهارينديون ئي رَهيون.

 ”اَچ ۽ منهنجي ڀرسان ٿي ويهه. مون کي ٻڌاءِ ته توکي منهنجي ڪيئن خبر پئي، ته مان ڪالهه هيڏي هلي آئي آهيان؟ توکي پهريائين ڪنهن ٻڌايو؟“

مـِـتيا کيس سڄي حقيقت ٻڌائڻ شروع ڪئي. ان وقت هو غير مسلسل، نامنظم ۽ درهم برهم حالت ۾ هو. هن عجيب طرح ٿي ڳالهايو، ڪڏهن سندس نراڙ ۾ گهنج ٿي پيا، ته ڪڏهن ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ پئي ٿي ويو.

 ”تنهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج ڇو ٿا پون؟“   هن کانئس پڇيو.

 ”ڪجهه به نه ...... مان هڪ ماڻهوءَ کي بيمار ڇڏي آيو آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ جا ڏهه سال کيس ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جي هو خوش ٿئي. جيڪر مون کي خبر پوي، ته هو خوش آهي!“

 ”خير پرواهه نه آهي، جيڪڏهن هـُـو بيمار آهي. تڏهن تو پاڻ کي ڪالهه گولي هڻڻ ٿي چاهي! ڪهڙو نه احمق ڇوڪرو آهين! ڇاجي لاءِ؟ مان اهڙن نااُميد ماڻهن کي پيار ڪندي آهيان.“  هن هٻڪندي ۽ زبان تي ضابطو رکندي چيو.  ”تڏهن تون منهنجي لاءِ حدون به ٽپي ويندين. ڇا سچ پچ تون سڀاڻي پاڻ کي گولي هڻندين؟ بيوقوف! نه، ٿورو ترس. سڀاڻي، مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي .... مان اڄ نه چونديس پر سڀاڻي. وڃ وڃي پاڻ کي وندراءِ.“

هن ڀيري، هـُـن جڏهن کيس سڏيو، ته اِها پريشانيءَ جهڙي ڳجهارت هئي.

 ”تون ڇو غمگين ٿو ڏسجين؟ مان ڏسان ٿي، ته تون غمگين آهين ..... هائو مان ڏسان ٿي.“  هن سندس اکين ۾ سنئون سڌو نهاريو.  ”جيتوڻيڪ تون ڳوٺاڻين ڇوڪرين کي چمندو، واڪا ڪندو رهين ٿو، پر مان ڪا شيءِ تو ۾ ڏسان ٿي! تون خوش ٿيءُ، مان به خوش آهيان ۽ تون به خوش ٿي ..... مان هتي ڪنهن سان محبت ضرور ڪريان ٿي. اَندازو لڳاءِ ته اهو ڪير  آهي؟ ڏس هيءُ منهنجو ٻار ننڊ پيو آهي. هن عزيز کي نشو آهي.“

سندس اشارو ڪلگنوف ڏانهن هو. هـُـو سچ پچ نشي ۾ هو. هـُـو ٿوري وقت لاءِ صوفي تي ويٺي ئي ننڊ پئجي ويو هو، پر هو فقط نشي کان ننڊاکڙو نه هو. هـُـو اوچتو اُداس بڻجي ويو هو. اِيئن کڻي چئجي، ته ڪڪ ٿي پيو هو. هـُـو ڇوڪرين جي راڳ کان تڪليف ۾ هو. مٿس فقط شراب جو اَثر نه هو، پر جيئن جيئن شراب پيئندو ٿي ويو، وڌيڪ نااُميد ۽ پريشان ٿيندو ٿي ويو. رقص، جو ٿي رهيو هو، اُهو به ڪو چڱو نه هو. ٻه ڇوڪريون رڇن جي لباس ۾ اندر گهڙي آيون. هڪ چڱي حسين ڇوڪري، جنهن جو نالو اسٽيپاينڊا هو، اُن کي هٿ ۾ لڪڻ هو ۽ هوءَ رڇ واري جو پارٽ اَدا ڪري رهي هئي ۽ اُنهن کي نچائي رَهي هئي.

 ”ماريا! چڱيءَ طرح، نه ته هيءُ لڪڻ توکي لڳندو.“

آخر هيءُ رڇ زمين تي بـُـريءَ طرح ليٿڙيون پائڻ لڳو ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيل ميڙ مان، کـِـلَ جا ڪوڪرا اَچڻ لڳا.

گروشينڪا خوشيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي، ته  ”ڇڏيوِ، ڇڏيوِ! جڏهن هيءُ وندر جو ڏينهن ماڻهن کي ميسر ٿيو آهي، ته هنن کي خوش ٿيڻ ڏيو؟“

مگر ڪلگنوف هن تماشي کان بيزار ٿي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ته  ”ڳوٺاڻين جي هيءَ مسخري بازي ڪيتري نه اَڻ وڻندڙ آهي.“   پري سـُـرندي هن پنهنجي راءِ ڏني، ته  ”اِها ئي راند آهي، جا هي، اونهاري جي سڄي رات ۾، جڏهن روشنائي ميسر آهي، کيڏندا رهن ٿا.“

خاص ڪري کيس هڪ نئون نغمو، جو رقص جي لئي ۾ هو، پسند نه آيو. اُن ۾ ذڪر ڪيو ويو هو، ته هڪ شريف ماڻهو آيو ۽ ڇوڪرين سان قسمت آزمائي ڪرڻ لڳو. سندس مراد هئي، ته هـُـو ڏسي ته اهي ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟

 ”هـُـو آقا آيو، اِنهيءَ لاءِ ته ڇوڪرين کي آزمائي،

ته هـُـو ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟“

پر ڇوڪريون اُن آقا سان محبت نه ٿيون ڪن.

 ”هيءُ مون کي تڪليفن ۽ ايذائن سان ماريندو،

 ” اِهڙي محبت منهنجي لاءِ سودمند نه ٿيندي.“

هاڻي هڪ اوباش اَچي ٿو ۽ اُهو به قسمت آزمائي ڪري ٿو.

 ”هڪ اوباش آيو، ڇوڪرين کي آزمائڻ لاءِ

ته اهي هن کي پيار ڪن ٿيون يا نه؟“

پر هـُـو اوباش سان به محبت نه ٿيون ڪن.

 ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي، هيءُ ڪو چور نه هجي!

 ” منهنجي ڳوڙهن وهائڻ جو سبب نه بڻجي.“

ٻيا به گهڻائي ماڻهو قسمت آزمائي لاءِ آيا، اُنهن ۾ هڪ فوجي سپاهي به هو:

 ”فوجي سپاهي ڇوڪرين وٽ قسمت آزمائي ڪرڻ آيو،

ته اُهي هـِـن سان محبت ڪنديون يا نه؟“

پر فوجي سپاهيءَ کي نفرت سان رد ڪيو ويو. اِهو شعر ٻن سٽن ۾ هو، جنهن ۾ بلڪل صفائي ۽ صراحت سان اُن کي انڪار ڪيو ويو، جنهنڪري حاضرين ۾ عجيب لهر پيدا ٿي وئي. راڳ هڪ واپاريءَ جي ذڪر سان وڃي پورو ٿيو.

 ”واپاري ڇوڪرين کي آزمائڻ لاءِ آيو،
ته اُهي ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟“
اِهو ڏسڻ ۾ ٿو اَچي، ته هـُـو بازي کـَـٽي ويو آهي.

 ”واپاري منهنجي لاءِ سون گڏ ڪندو،
 ” مان خوشيءَ سان سندس راڻي ٿينديس.“
ڪلگنوف جي ڪاوڙ هن شعر کي ٻـُـڌي انتها تي پهچي وئي. هن رڙ ڪري چيو ته  ”هيءُ راڳ ڄڻ ته سڀاڻي جو ٿو نظر اَچي. ڪير آهي جو هيءُ ڳالهيون، هنن لاءِ ٿو لکي؟ هنن جي لاءِ ڪو ريلوي وارو ۽ ڪو يهودي به قسمت آزمائي لاءِ هئڻ کپندو هو. هنن کي ته اِهي سڀئي آڻڻ کپندا هئا.“

جيئن ته هي سندس شخصي ڌڪار هئي، هن اُتي ئي ظاهر ڪيو، ته هـُـو تنگ اَچي ويو آهي، هو جيئن ئي صوفي تي ويٺو هو، تيئن ئي کيس جلد ننڊ اَچي وئي. سندس سهڻو چهرو ڪومايل ٿي ڏٺو، جيئن ئي هـُـو گاديلي تي ليٽيو. مـِـتيا کي پاڻ ڏي سوريندي، گروشينڪا کيس چيو ته:

 ”ڏس ته هيءُ ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳي. مان سندس وارن کي هاڻي ڦڻي ٿي ڏني. سندس وار ڄڻ ته سـِـڻي وانگر آهن ۽ نهايت گهاٽا.“

هوءَ اُن جي مٿان نـِـوڙي ۽ سندس پيشانيءَ کي چميائين. ڪلگنوف اُن وقت پنهنجون اکيون کوليون ۽ اُن ڏي نهاري اُٿي بيٺو ۽ نهايت انتظار مان پڇيائين، ته ميڪزيموف ڪٿي آهي؟ گروشينڪا کلي کيس چيو، ته  ”هڪ منٽ مون وٽ ترس.“  پوءِ مـِـتيا ڏي نهاري چيائين، ته  ”ڊوڙ ۽ ميڪزيموف کي لـَـهي اچ!“

ميڪزيموف! ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـو گهڙي به ڇوڪرين کان پـَـري نه پئي ٿيو. هـُـو سندن گلاسن کي ڀرڻ لاءِ وقت بوقت ڊوڙندو ٿي رهيو. هـُـن چاڪليٽ جا ٻه گلاس پيتا هئا. اهي ايڏا ته مٺا هئا، جنهن ڪري سندس نڙي وٺجي وئي هئي. سندس منهن ڳاڙهو، نڪ گلابي ٿي لڳو ۽ اکيون پـُـر آب هيس. هـُـو ڇوڪرين کي چئي رهيو ته هو، ساڻن ڳوٺاڻي رقص ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

 ”مون کي سڀئي عامي رقص سيکاريا هئائون، جڏهن مان ننڍو هوس.“

 ”مـِـتيا تون هن ساڻ وڃ! مان هتان ڏسنديس، ته هو ڪيئن ٿو ناچ ڪري!“  گروشينڪا چيو.

 ”نه، نه مان ڏِسڻ اَچان ٿو“  ڪلگنوف نهايت سادگي سان، گروشينڪا جي آرزو کي ته هـُـو ساڻس گڏ ويهي، رد ڪندي چيو. هـُـو سڀئي ڏسڻ لاءِ هليا ويا. ميڪزيموف رقص ڪرڻ لڳو. مگر هو مـِـتيا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به پسنديدگي حاصل ڪري نه سگهيو. وٽس ٽپن ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. هـُـو پنهنجي پيرن سان ڄڻ ته هوا ۾ ٿڏا هڻي رهيو هو. هرهڪ ٽپي تي هـُـو پنهنجي پير جي تـَـري کي ڄڻ چماٽون هڻي رهيو هو. ڪلگنوف کي هرگز هي ناچ نه ٿي وڻيو، پر مـِـتيا رقاص کي چمي رهيو هو.

 ”مهرباني. تون شايد ٿڪجي پيو آهين؟ توکي ڪجهه کپي!؟ مٺائي يا سگريٽ؟“

 ”ها سگريٽ!“

 ”توکي شراب نه کپي؟“

 ”مان هاڻي شراب پيتو آهي ...... توهان وٽ چاڪليٽ نه آهن ڇا؟“

 ”هائو، ميز تي، اُنهن جو ڍير آهي، تون پسند ڪري اُنهن مان کڻي وٺ!“

 ”مون کي هنن مان هڪ مٺاڻ وارو کپي، جو پوڙهن کي پسند ايندو آهي. ها، ها، ها!“

 ”نه، اِهو خاص قسم جو اسان وٽ ڪونه آهي.“

 ”مان چوان  ٿو،“ هن پيرسن بڻجي، مـِـتيا جي ڪن ۾ آهستي چيو ته،  ”هيءَ ڇوڪري، ماريا. ها، ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو تون ساڻس دوستي رکڻ ۾ منهنجي مدد ڪرين؟“

 ”ها، تڏهن اِهائي ڳالهه آهي، جنهن جي پوئتان تون آهين؟ نه عزيز اِيئن ٿي نه سگهندو.“

 ”مان ته ڪنهن کي نقصان نه پهچايو آهي،“  ناراضپي سان ميڪزيموف جواب ڏنو.

 ”چڱو، چڱو، هيءُ ته هتي نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ آيون آهن، جنهن جي توکي خبر  آهي. پر کڏ ۾ وجهينس، ٿورو وقت ترس ...... کاءُ، پيءُ ۽ خوش ٿيءُ. توکي پيسا نه کپن؟“

 ”اِهي پوءِ.“  ميڪزيموف مشڪيو.

 ”چڱو، چڱو.“

مـِـتيا جو مٿو ڄڻ ته جلي رهيو هو. هـُـو ڪاٺ جي وڌاوڙي ڏي هليو ويو. جو سڄيءَ جاءِ جي اندر ٺهيل هو، جنهن مان هيٺ اڱڻ ۾ چڱيءَ ريت نظر ٿي پئي. تازي هوا منجهس خيالن کي وري آندو. هـُـو اونداهي گوشي ۾ بيهي رَهيو ۽ اوچتو ٻنهي هٿن ۾ پنهنجي مٿي کي جهليائين. سندس ڇڙوڇڙ خيال وري يڪجا ٿي ويا. سندس احساس هڪ مرڪز تي جمع ٿي ويا. اوچتو ڄڻ اُن نقطي کان کنوڻ چمڪي. هيءَ کنوڻ نهايت وحشت ڏيندڙ هئي. دمتري پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو ته:

 ”جيڪڏهن مان چاهيان ٿو، ته خودڪـَـشي ڪريان، ته هي سـُـٺو موقعو آهي. وڃان ۽ پستول کڻي اَچان! هن اونداهيءَ ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾پنهنجي ڪم کي پورو ڪريان.هڪ گهڙيءَ کان پوءِ مان مردو هوندس.“  هـُـو منٽ کن فيصلي کان سواءِ اُتي بيٺو رهيو. ٿورا ڪلاڪ اڳ جڏهن هـُـو هتي ڌڪا کائي رهيو هو، تڏهن هـُـو پريشاني ۾ گرفتار هو. هـُـن چوري ڪئي هئي، ۽ رت هاريو هئائين .... هن جي لاءِ، اُن وقت خودڪـَـشي ڪرڻ آسان هئي ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ها. هـِـن اُن کي (گروشينڪا) وڃايو هو ۽ هٿن مان ڏئي ڇڏيو هو. هوءَ به کانئس هلي وئي هئي. اُن وقت هن جي لاءِ موت آسان هو. گهٽ ۾ گهٽ هن جي لاءِ هيءُ ضروري ۽ لازمي هو، ته هـُـو ڪنهن جي لاءِ هن زمين تي ترسي؟

پر هاڻي؟ ڇا ساڳي حالت هئي؟ هاڻي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ وهمي صورت ۾ هڪ خوف پنهنجي پڄاڻيءَ تي اَچي ويو هو. پهريون حقدار محبت ڪرڻ وارو، هـُـو بدقسمت انسان غائب ٿي چـُـڪو هو ۽ سندس ڪوبه نشان ڪونه هو. اِها خطرناڪ وهمي، هڪ عجيب مذاق ۾ بدلجي وئي هئي. هـُـو آرام واري ڪمري ۾ پهچي بند ٿي ويو هو. هـُـو وري موٽڻ وارو نه هو. هوءَ شرمنده هئي ۽ سندس اکين مان صاف ٿي ڏٺو، ته هـُـوءَ ڪنهن کي پيار ٿي ڪـَـري. هاڻي هن جي لاءِ موقعو هو، ته پنهنجي حياتيءَ کي خوشيءَ سان ڀـَـري. ...... پر هن جيئرو رَهڻ نه ٿي گهريو. افسوس اَبدي لعنت!  ”خدايا اُن ماڻهو جي حياتيءَ کي موٽاءِ، جنهن کي مون لوڙهي جي ڀرسان ڪيرايو هو. هي خطرناڪ پيالو مون کان گذري وڃي. خدايا! تون، مون جهڙي گنهگار لاءِ مسخ ٿيل ڪرامتون رکين ٿو. پر ڇا، ڇا، جيڪڏهن هـُـو پوڙهو جيئرو آهي. اڙي، پوءِ ته مون کي ٻين شرمندگين لاءِ سوچڻو پوندو. اُنهن کي صاف ڪـَـري ويندس. مان چورايل رقم کي واپس ڪندس. مان اِها موٽائيندس. ڪيئن به ڪري هٿ ڪندس. ڪوبه اُن ندامت جو نشان نه رهندو، پر سواءِ منهنجي دل ۾ جو هميشھ رهندو! پر نه، نه، نهايت مشڪل. هي سڀ بزدليءَ جا خواب آهن!

پر سندس اونداهيءَ ۾ اَڃا به اُميد جو ڪرڻو ٿي ڏٺو. هـُـو ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ موٽي ڪمري ڏانهن ڊوڙيو - اُن ڏانهن، جا سندس هميشھ جي راڻي هئي. ڇا سندس محبت جي هڪ گهڙي، سندس تڪليف ۽ مصيبتن جي هوندي، سندس باقي حياتيءَ جي قيمت نه هئي.هن وحشي خيال سندس دل کي چنبن ۾ قابو ڪري رکيو هو.  ”ها هن ڏانهن، فقط هن ڏانهن. اُن کي ڏسڻ گهرجي ۽ اُن کي ٻڌڻ گهرجي. ٻئي ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ کي وساري ڇڏڻ گهرجي. فقط هن رات جي لاءِ ۽ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ.“  جيئن ئي هـُـو اُن وڌاوڙي کان پوئتي موٽيو ۽ گهٽي کان گذريو ته جاءِ جو مالڪ سندس منهن ۾ پئجي ويو. هـُـن خيال ڪيو، ته هـُـو مايوس ۽ غمگين آهي، ۽ عجب کاڌائين، ته هـُـو کيس ئي ڳولهڻ آيو آهي.

 ”ڇو تريفان بورسووچ تون منهنجي انتظار ۾ آهين؟“

 ”نه سائين!“  جاءِ مالڪ بي تعلق ٿي نظر آيو.  ”مان اوهان جي لاءِ ڇو انتظار ۾ هجان؟ توهان ڪٿي هئا؟“

 ”تون اُداس نظر اَچي رهيو آهين، ڇو؟ تون ڪاوڙ ۾ ته نه آهين؟ ٿوري گهڙي ترس، پوءِ تون ننڊ ۾ هوندين. وقت ڇا ٿيو آهي؟“

 ”ٽي يا سوا ٽي ضرور ٿيا هوندا.“

 ”اَسان جلدي وينداسون، جلدي!“

 ”اُن جو ذڪر نه ڪريو. اِن ۾ ڪابه حرڪت نه آهي، جيستائين اوهان جي مرضي پوي ايستائين ڀلي ويٺا رهو.“

هن کي اَلائي ڇا ٿيو آهي؟ مـِـتيا عجب ۾ پئجي ويو. هـُـو اُن ڪوٺيءَ ڏي ڊوڙي پيو، جتي ڇوڪرين جو رقص ٿي رهيو هو. پر هوءَ اُتي ڪانه هئي، نه وري نيري ڪمري ۾ هئي. اُتي ٻيو ڪوبه ڪونه هو، پر صوفي تي ڪلگنوف ننڊ ۾ هو. مـِـتيا، پردي جي پويان جهاتي پائي ڏٺي - هوءَ اُتي هئي. هوءَ هڪ ٽرنڪ تي ڪنڊ ۾ ويٺي هئي. هوءَ اڳتي مـُـڙيل هئي. سندس مٿو ۽ ٻانهون ڀرسان وڇايل بستري تي هئا. هوءَ حد کان وڌ روئي رَهي هئي ۽ پنهنجي سـُـڏڪن کي سختيءَ سان روڪي رَهي هئي، ته جيئن ڪو اُن کي نه ٻـُـڌي. مـِـتيا کي ڏسندي، هـُـن پنهنجي پـُـٺي اُن ڏانهن ڦيرائي. جڏهن هـُـو اُن ڏانهن ڊوڙيو، ته هـُـن سندس هـَـٿَ کي مضبوطيءَ سان جهليو.

 ”مـِـتيا، مـِـتيا، تون ڄاڻين ٿو، ته مان هن کي ڪيڏو نه پيار ٿي ڪيو. پنج سال مان کيس ڪيڏو نه پيار ڪندي رهيس. ڇا، مان کيس پيار ڪندي هيس يا پنهنجو پاڻ کي! نه هن کي، هن کي! اِهو ڪوڙ ٿيندو ته مان پنهنجو پاڻ کي پيار ڪندي هيس. مـِـتيا مان اُن وقت فقط سترنهن ورهين جي هيس. هـُـو ايترو ته مون تي مهربان ۽ خوش هو، جو هو مون لاءِ ڳائيندو هو ۽ موج ۾ اَچي ويندو هو. سو به مون جهڙي بيوقوف ڇوڪريءَ جي لاءِ ..... ۽ هاڻي خدايا! هيءُ ساڳيو ماڻهو نه آهي. سندس  چهرو به اِيئن نه آهي، هـُـو بلڪل بدلجي ويو آهي. مان جيڪر هن سان واقفيت پيدا نه ڪريان ها. مان ٽموفاءِ سان گڏجي بگيءَ ۾ هتي آيس. سڄي واٽ مان اِهو فڪر ڪندي آيس، ته اُن سان ڪيئن ملنديس؟ اُن کي ڇا چونديس ۽ ڪهڙي ريت اسان هڪ ٻي کي نهارينداسون؟ منهنجي روح کي وڏي ضرب لڳي، جڏهن مون ڏٺو ته اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ ته هن مون تي غليظ پاڻيءَ جو ڪينگر اُڇلائي ڇڏيو آهي. هـُـو مون سان اسڪول ماستر وانگر ڳالهائڻ لڳو. هڪ بردبار ۽ عالم جيئان. هـُـو مون سان اِهڙي ته ڳنڀيرتا سان مليو، جو مان حيران ٿي ويس. مان هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيس پهريائين مان اِيئن خيال ڪيو، ته کيس ڊگهي پول جي موجودگي ۾ شرم اَچي رهيو آهي. مان کيس عجب مان نهاريندي رهيس، ته مان هينئر هن سان ڇو نه ڳالهايو آهي. هيءُ سندس زال جو ڪارنامو آهي، جنهن کيس برباد ڪري ڇڏيو آهي. تون ڄاڻين ٿو، ته هن مون کي اِنهيءَ لاءِ ڦٽو ڪري ڇڏيو، ته هـُـن سان شادي ڪري. هـُـن کيس اِهڙي ريت بدلائي ڇڏيو هوندو. مـِـتيا، هيءَ ڪيڏي نه بي شرميءَ جي ڳالهه آهي! او مـِـتيا، مون کي ندامت آهي ۽ مون کي سڄي حياتي ندامت رهندي! اِهي پنج سال، پاراتو هئا. پاراتو هئا، پاراتو!!“

هـُـو وري ڳوڙها وهائڻ لڳي. مگر مـِـتيا جي هٿن کي چنبڙي پئي ۽ اُنهن کي ڇڏڻ نه ٿي گهريائين.

 ”پيارا مـِـتيا ترس ۽ هليو نه وڃ. مان توکي ڪجهه چوڻ گهران ٿي.“  هن ڀڻڪيو ۽ پنهنجو چهرو، اُن ڏي وڌايائين.  ”ڌيان ڏي ۽ مون کي ٻـُـڌاءِ ته اُهو ڪير آهي، جنهن سان مان محبت ڪريان ٿي؟ مان هتي هڪ ماڻهوءَ سان محبت ڪريان ٿي. اُهو ڪير آهي، تون مون کي اِهو ٻڌاءِ؟“

روئڻ جي ڪري سندس سـُـڄيل منهن تي مرڪ اَچي وئي ۽ نيم تاريڪيءَ ۾ سندس اکيون روشن نظر اَچڻ لڳيون.

 ”هڪ باز اُڏريو ۽ منهنجي دل ٻـُـڏي وئي. اُهو بيوقوف هو، جنهن سان تو محبت ٿي ڪئي!“  اِهائي ڳالهه هئي، جا سرگوشيءَ جي طرح منهنجي دل مون سان ٿي ڪئي. تون آئين ۽ سڀڪجهه روشن ٿي ويو. هـُـو ڇا کان ٿي ڊنو؟ مون کي عجب ٿي لڳو. ڇاڪاڻ ته تون ڊنل ٿي لڳين. تون ڳالهائي به نه ٿي سگهين. توکي هنن کان ڪوبه خوف نه هو. ڇا تون ڪنهن کان ڊڄي به سگهين ٿو؟ مان خيال ڪيو، ته اِها مان آهيان، جنهن کان تون ڊڄي رهيو آهين. تڏهن فينا توکي هيءُ به ٻڌايو هو، ته مان ڪهڙيءَ ريت دريءَ مان رڙ ڪري اليوشا کي چيو هو، ته مان مٽنڪيا سان فقط هڪ ڪلاڪ محبت ڪئي آهي، جنهن کي مان هاڻي ڇڏي، ڪنهن ٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ وڃي رَهي  آهيان.  ”مـِـتيا، مـِـتيا. مان اِهڙي بيوقوف ڪيئن ٿينديس جو توکان پوءِ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪريان؟ مـِـتيا تون مون کي بخشيندين؟ تون مون کي معاف ڪندين يا نه؟ تون مون سان محبت به ڪرين ٿو؟“  هوءَ ٽپو ڏئي اُٿي ۽ سندس ڪلهن کي ٻنهي هٿن سان جهليائين. مـِـتيا عجيب بي خوديءَ ۾ خاموش ٿي ويو هو. هـُـو فقط سندس نگاهن کي نهاري رهيو هو. هو سندس چهري کي ۽ مرڪڻ کي ڏسي رهيو هو. اوچتو هن کيس مضبوطيءَ سان پنهنجي ٻانهن ۾ جهليو ۽ نهايت بي خوديءَ مان کيس چمڻ لڳو.

 ”تون مون کي اُنهن سڀني عذابن لاءِ معافي ڏيندين، جي توکي ڏنا اٿم؟ اِها منهنجي اندر جي جنب ٿي هئي، جو مان توکي عذاب ڏيندي رهيس. اِهو سڀ حسد هو، جو مان پوڙهي ماڻهوءَ کي وچ ۾ آڻي وڌو هو. توکي ياد هوندو، ته هڪ ڏينهن تو مون وٽ شراب پيتو هو ۽ گلاس ڀڃي وڌو هو؟ مون کي اِهو ياد هو. مان اڄ گلاس ڀڳو آهي ۽ پنهنجي بي قدر دل کي شراب پياريو اَٿم. مـِـتيا، منهنجا باز، مون کي ڇو نه ٿو چمين؟ تون مون کي هڪ دفعو چمي، پاڻ کي علحده ڪري ويو آهين. تون فقط ٻڌين ٿو ۽ ڌيان ٿو ڏئين. ڇا لاءِ هيءُ ڌيان ڏئي ٻڌڻ آهي؟ مون کي چـُـم ۽ زور سان چـُـم. اِهو بهتر آهي. جيڪڏهن توکي محبت ڪرڻ اَچي ٿي، ته چڱيءَ طرح ڪر. مان هاڻي، تنهنجي غلام ٿي رهنديس ۽ سڄي حياتيءَ لاءِ غلام ٿي رهنديس. غلام ٿي رهڻ نهايت شيرين آهي. مون کي چم. ڀلي مون سان بڇڙو برتاءُ به ڪر. مون سان اِيئن ڪر، جيئن توکي پسند اَچي .... مان اُن جي برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان. ترس پوءِ شايد مان اِيئن نه ڪري سگهان.“  هـُـن اوچتو مـِـتيا کي ڌِڪو ڏنو.  ”وڃ مـِـتيا، مان اَچان ٿي ۽ مون کي ڪجهه شراب کپي. مان پيئڻ گهران ٿي ۽ رقص ڪرڻ گهران ٿي.“  هـُـن، اُن کان پاڻ کي ڇڏايو ۽ پـَـردي جي پوئتان نڪري وئي. مـِـتيا پيتل ماڻهو وانگر اُن جي پويان ويو.

 ”هائو! اچ، پوءِ جو ڪجهه به ٿئي. هڪ منٽ جي لاءِ مان سڄي دنيا کان بي نياز ٿي وڃڻ گهران ٿو.“  هن خيال ڪيو. گروشينڪا اِيئن ئي ڪيو، جيئن چيو هئائين. هن هڪئي ڳيت ۾ سڄو گلاس خالي ڪري ڇڏيو ۽ هڪدم خمار ۾ اَچي وئي. هو اڳي وانگر ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رَهي ۽ سندس چهري تي موهيندڙ مـُـشڪ ٿي ڏٺي. سندس ڳـلَ چمڪيا ٿي، سندس چپ جليا ٿي ۽ سندس اکيون آليون هيون ۽ اُنهن ۾ هڪ جذباتي دعوت هئي. ڪلگنوف جهڙي ماڻهوءَ جي اندر ۾ به، چرپر پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو اُن ڏي وڌي ويو.

 ”ڇا توکي هن ڳالهه جو احساس ٿيو هو، ته تون جڏهن ننڊ ۾ هئين، ته مان توکي چميو هو!؟“  هن ٿلهو ڳالهائيندي چيو.  ”مان هاڻي پيتل آهيان، اُن ڪري اِيئن ٿي رهيو آهي ...... ڇا تون پيتل نه آهين؟ ڇا مـِـتيا نه پي رهيو آهي؟ ڇو مـِـتيا تون نه ٿو پيئين؟ مان پيئان ٿي، تون ڇو نه ٿو پيئين؟“

 ”مان پيتو آهي..... مان توسان گڏ پيتو آهي ۽ هاڻي شراب کي به پيئان ٿو.“

هـُـو ٻيو گلاس به پي ويو. اُن جي پيئڻ سان هن پاڻ کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ ڏٺو. اِنهيءَ گلاس کيس بلڪل هوش کان ڪـَـڍي ڇڏيو. هـُـو اوچتو نشي ۾ مست ٿي ويو، جيتوڻيڪ هـِـن کان اڳ هـُـو بلڪل هوش ۾ هو. هن کي هيءَ ڳالهه پوري ريت ياد هئي. هاڻي کيس هرڪاشيءِ ڦرندي ٿي نظر آئي. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هـُـو بلڪل خمار ۾ آهي. هو سڀ ڪنهن سان کلندو ۽ ڳالهائيندو ٿي رَهيو. کيس ڪابه خبرنه ٿي پئي ته هـُـو ڇا ڪري رهيو آهي؟ فقط هڪ سنسني خيز ڄاڻ هئي، جا هن مسلسل پنهنجي اندر محسوس ٿي ڪئي. اُها سندس دل ۾ هڪ شعلي وانگر هئي. هـُـو اُن جي ڀرسان ويٺو. اُن ڏي نهارڻ لڳو ۽ ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳو. هوءَ هاڻي گهڻ ڳالهائو بڻجي پئي ۽ سڀ ڪنهن کي پاڻ ڏي سڏڻ لڳي. ڪورس ڳائڻ وارين ڇوڪرين ڏي پٺ ڏئي ويهي رَهي. جڏهن به ڪا ڇوڪري آئي ٿي، ته اُن کي چميائين ٿي يا اُن جي مٿان صليب جو نشان ٿي ڪڍيائين. ڪنهن ڪنهن وقت روئي به ٿي ڏنائين. هـُـو ڪوتاهه قد ميڪزيموف کان بيحد وندريل ٿي ڏٺي. هـوءَ منٽ منٽ ۾ ڊوڙي سندس هٿن کي چميون ڏيندي رَهي. هـُـو هاڻي هڪ پراڻي راڳ تي رقص ڪري رهيو هو، جنهن کي هن پاڻ ٿي ڳايو. هـُـو نئين شوق ۽ ذوق سان خاص رقص ڪري رهيو هو.

ننڍو مرون چوي ٿو: اُف، ُاف، اُف

ننڍو گابو چوي ٿو: مو، مو، مو

ننڍڙيءَ بدڪ چوي ٿي: غا، غا، غا

ننڍڙو هنج چوي ٿو: ڪـُـوِڪُ، ڪـُـوِڪُ، ڪـُـوِڪُ،

ڪڪڙ،  پنهنجي کـُـڏيءَ ۾ چرندي وڃي ٿي،

ٿـَـرو - رو، رو، رو، رو هوءَ اِيئن چوي ٿي،

ٿرو - رو، رو، رو، رو - هوءَ اِئين چوي ٿي.

 ”مـِـتيا هن کي ڪجهه انعام ڏي. هيءُ غريب آهي. غريب ۽ ڌڪاريل .... مـِـتيا توکي خبر آهي، مان راهب خاني ۾ وينديس. مان هڪ ڏينهن وينديس. اليوشا مون کي اڄ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي، جو مان سڄي حياتي ياد ڪنديس .... هائو ..... پر اڄ آءُ ته رقص ڪريون. سڀاڻي راهب خاني ڏي. اِنهيءَ ۾ پوءِ ڪهڙو حرج آهي، نيڪ اِنسانو. خدا تعاليٰ اسان کي معاف ڪندو. مان معافيءَ لاءِ التجا ڪـَـري رهي آهيان. نيڪ انسانو! مون کي معاف ڪريو، مان هڪ ذليل عورت آهيان. مان وحشي جانور آهيان. پر مان التجا ڪندي رهنديس. ڄڻ ته مان هڪ ننڍڙو بصر ٿي ڏيان. جيئن ته مان بدڪار هيس، هاڻي مغفرت گهران ٿي. مـِـتيا هنن کي نچڻ ڏي ۽ کين نه روڪ. دنيا جي اندر جيڪو به آهي، چڱو آهي. توڙي جو بدتر کان بدترين  آهي. دنيا هڪ وڻندڙ جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اَسان بڇڙا آهيون، پر دنيا چڱي جاءِ آهي. اَسين چڱا به آهيون ۽ بڇڙا به آهيون ..... هيڏي اچ توکي ڪجهه چوڻو آهي. اوهان مان هيڏي سڀڪوئي اَچي، مان توهان کي ڪجهه چونديس. مان ايتري ڇو چڱي آهيان؟ توهان کي خبر آهي، مان چڱي آهيان .... اَچو مان ايتري ڇو چڱي آهيان؟“

گروشينڪا اِهڙي ريت نشي ۾ آفر ڪندي رَهي. گهڻي کان گهڻي نشي ۾ وڌندي وئي. آخر هـُـن اعلان ڪيو، ته هوءَ نچندي. هوءَ لـُـڏندي  لمندي ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ چوڻ لڳي ته  ”مـِـتيا مون کي وڌيڪ شراب نه ڏي. جيڪڏهن مان توکي چوان به، ته به مون کي نه ڏي. شراب سڪون نه ٿو ڏئي. ڄڻ ته هر شيءِ ڦـِـري رهي آهي. باهه جو چلهو، مطلب ته هر شيءِ. مان رقص ڪرڻ گهران ٿي. ڀلي هرڪو ڏسي ته مان ڪيئن ٿي نچان .... ڀلي هـُـو ڏسن ته مان ڪهڙو نه عمدو ناچ ٿي ڪريان .....؟“

سندس سچ پچ اِهو اِرادو هو. هن پنهنجي کيسي مان هڪ اڇو سوٽي رومال ڪڍيو. پنهنجي سڄي هٿ ۾ اُن جي ڪنڊ کي جهليائين، ته جيئن اُن کي ناچ مهل هوا ۽ لوڏيندي رَهي. مـِـتيا هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳو. ڇوڪريون خاموش ٿي ويون. هـُـو تيار ٿي ويون، ته ناچ جي شروع ٿيڻ جي اشاري سان ڳائڻ لڳن. ميڪزيموف جڏهن ٻڌو ته گروشينڪا نچڻ ٿي گهري، ته هـُـو خوشيءَ کان مست ٿي ويو. راڳ ڳائيندو، ٽپا ڏيندو، اُن جي اڳيان هليو ويو:

 ”نازڪ ٽنگن سان ۽ صدا ڏيندڙ پاسن سان،

سندس پڇ ڏنگو پر مضبوط آهي.“

پر گروشينڪا پنهنجي رومال کي لوڏيو ۽ هن کي هڪالي ڇڏيائين.

 ”مـِـتيا، هـُـو ڇو نه ٿا اَچن؟ ڀلي ته هرڪو اَچي ڏسي. هنن کي به سڏ ڪر. هـُـو ته اندر بند آهن ..... تو، هنن کي ڇو بند ڪري ڇڏيو  آهي؟ کين ٻڌاءِ ته مان نچان ٿي. ڀلي ته هـُـو به اَچي ڏسن .....“

مـِـتيا ٿڙڪندڙ قدمن سان، اُن در ڏي ويو، جنهن کي قلف ڏنل هو. در کي هٿ هڻي ۽ چيائين ته،  ”اڙي! او يودووتسڪي اَچو، گروشينڪا نـچي ٿي ۽ اوهان کي سڏيو اَٿس.“

 ”بدمعاش!“ هڪ پول کيس جواب ۾ چيو.

تون پاڻ بدمعاش آهين ۽ تون پاڻ لوفر آهين.“

ڪلگنوف جو شراب کان مست هو، کين شـَـدمـَـد سان چوڻ لڳو ته:

 ”پولينڊ جي توهين نه ڪريو.“

 ”جيڪڏهن مان هنن کي ذليل چيو آهي، ته تون ڇوڪرا چپ ڪر. هن جو مقصد نه آهي، ته مان سڄي پولينڊ کي اِيئن ٿو سمجهان. چپ ڪر، منهنجا حسين ٻار اَچي مٺائي کاءُ.“

 ”ها ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن! اِيئن ٿو معلوم ٿئي، ته هي انسان ئي نه آهن. هي ڇو نه ٿا دوست پيدا ڪن!؟“  اِيئن چئي گروشينڪا رقص لاءِ هلي. ڪورس شروع ٿي ويو.

’وهواهه منهنجي گهر جو وڌاوڙو، منهنجو نئون وڌاوڙو.‘

گروشينڪا پنهنجي مـَـٿي کي هلايو ۽ پنهنجي چپن کي اَڌ کوليو. مشڪي ۽ رومال کي لوڏيائين. اوچتو سندس پير ترڪيا. تعجب ۽ ناخوشيءَ ۾ ڪـَـمري جي وچ ۾ بيهي چوڻ لڳي ته:

 ”مان ڪمزور آهيان، معافي ٿي گهران، ناتوان آهيان، مون کي بخشيو، مان رقص ڪري نه ٿي سگهان.“

هن ڪورس وارين کي سلام ڪيو، کٻي ۽ سڄي بيٺل ماڻهن جي تعظيم ڪيائين ۽ نهايت نماڻائيءَ سان چيائين، ته معافي ٿي گهران.

ماڻهن مان ڪن چيو ته  ”وڌيڪ پي وئي آهي، حد کان وڌيڪ.“

ميڪزيموف ڇوڪرين کي چيو، ته  ”هيءَ مست آهي. ها، ها.“

گروشينڪا جيئن ته اُتي ويجهي هئي، زمين تي ڪـِـري پئي. مـِـتيا کي چوڻ لڳي ته  ”مون کي کڻ ۽ منهنجي مدد ڪر.“  مـِـتيا وٽس تيز قدميءَ سان پهتو ۽ کيس ٻانهن ۾ کنيائين ۽ هن قيمتي بار کي کڻي پـَـردن جي پوئتان هليو ويو.

 ”ٺيڪ آهي، هاڻي مون کي وڃڻ کپي!“  ڪلگنوف خيال ڪيو. هـُـو نيري ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو ۽ دروازي جي ٻنهي طاقن کي ٻيڪڙي ڇڏيائين. پر وڏي ڪمري ۾، جلسي جو جوش ۽ خروش وڌندو رَهيو. مـِـتيا، گروشينڪا کي بستري تي آڻي سمهاريو ۽ سندس  چپن کي چمڻ لڳو.

 ”مون کي هٿ نه لاءِ“  هـُـن تجسس جي طور تي چيو.  ”مون کي هٿ نه لاءِ، جيستائين مان تنهنجي بڻجان .... مان توکي چيو آهي، ته مان تنهنجي آهيان، پر مون کي تيستائين هٿ نه لاءِ ..... هـُـو هتي آهن ۽ گڏ آهن، توکي اِيئن نه ڪرڻ گهرجي. هـُـو اِتي آهي، هو فاحش اِتي آهي.

 ”مان تنهنجي حڪم کي مڃان ٿو! مان اِن لاءِ ڪوبه خيال نه ڪندس. مان ته تنهنجي پوڄا ٿو ڪريان!“  مـِـتيا کيس جواب ڏنو. هائو هـُـو فاحش هتي آهي. اِها نفرت جهڙي ڳالهه ٿيندي.“

 ”مان ڄاڻان ٿي، ته تون سفاڪ آهين“ ، گروشينڪا کيس نمايان طرح چيو. پر  ”تون شريف به آهين. پر آئنده سڀ ڪجهه عزت سان ٿيڻ گهرجي. اَسان کي نيڪ ٿيڻ کپي نه وحشي جانور. مون کي وٺي هل جيڏانهن به وڻيئي وٺي هل. تون هيءُ ٻڌين به ٿو؟ مان نه ٿي چاهيان، ته هتي هجان. مون کي پـَـري وٺي هل.“

 ”ها، اِيئن ٿيڻ به گهرجي. مـِـتيا کيس ڀاڪر ۾ زور ڏيندي چيو. مان توکي هتان کڻي اُڏري ويندس. افسوس جيڪڏهن هو رت جو معاملو نه هجي ها، ته مان پنهنجي سڄي حياتي، تنهنجي هڪ سال لاءِ قربان ڪريان ها.“

 ”ڪهڙو رت؟“ ، گروشينڪا هٻڪندي کانئس پڇيو.

 ”ڪجهه به نه،“  مـِـتيا ڏندن کي ڀيڪوڙيندي چيو.  ”گروشينڪا تون ايماندار ٿي چاهين، پر مان ته چور آهيان. مان ڪٽيا جي رقم چورائي آهي. افسوس، افسوس.“

ڪـِـٽيا، اُن نوجوان شريف عورت جي چوري ڪئي اَٿئي؟ نه توکي چوري نه ڪرڻ کپندي هئي. اُن کي موٽائي ڏي ۽ مون کان وٺ ..... اَجائي بدنامي ڇو کڻجي؟ هاڻي منهنجي هرڪاشيءِ تنهنجي آهي. پيسي جو ڪهڙو سوال آهي؟ اسان کي ڪنهن ريت رقم کپائڻي آهي ..... اسان جهڙن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ته پيسي کي وڃائين. پر اسان کي وڃڻ کپي ۽ ڪنهن زمين تي ڪم ڪرڻ کپي. مان چاهيان ٿي، ته پنهنجي هٿن سان زمين کي کوٽيان. ٻڌين ٿو، اسان کي ڪم ڪرڻ کپي. اليوشا به اِئين ٿي چيو. مان تنهنجي مالڪياڻي ڪونه ٿينديس. مان توسان وفادار ٿي رهنديس ۽ غلام ٿي رهنديس. تنهنجي لاءِ ڪم ڪنديس. اَسان اُن نوجوان عورت ڏي گڏجي هلنداسون ۽ اُن جي اڳيان نياز سان جهڪنداسون. هـُـو اَسان کي بخشيندي ۽ پوءِ اسان هليا هلنداسون. جيڪڏهن هن نه بخشيو ته به هلڻو ئي پوندو. هن ڏي سندس رقم کڻي وڃ ۽ مون کي پيار ڪر ..... هن سان محبت نه ڪر .....ساڻس وري محبت نه ڪجانءِ. جيڪڏهن تون ساڻس محبت ڪندين، ته مان کيس تباهه ڪري ڇڏينديس.... مان سندس ٻئي اکيون سـُـوئيءَ سان ڪڍي ڇڏينديس.“

 ”مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ توسان محبت ڪندس .... مان توکي سائبيريا ۾ به محبت ڪندس.“

 ”سائيبريا ڇو؟ پرواهه نه آهي، جيڪڏهن تون سائيبريا ٿو پسند ڪرين. مون کي پرواهه نه آهي، اَسان اُتي به ڪم ڪنداسون ..... سائبيريا ۾ ته برف آهي ... مون کي برف ۾ سواري پسند ايندي  آهي ..... اُتي گهنڊڻيون ضرور هئڻ گهرجن ... تون ٻڌين ٿو گهنڊڻيون وڄي رهيون  آهن. اِهي الائجي ڪٿان وڄي رهيون آهن؟ شايد ڪي ماڻهو اَچي رهيا آهن. اَسان کي هيءَ مجلس هاڻي ختم ڪرڻ گهرجي.“

هن پنهنجي ٿڪايل اکين کي ٻوٽيو ۽ ٿوري وقت لاءِ کيس ننڊ اَچي وئي. يقيناََ گهنڊڻين جو، پري کان آواز ٿي آيو. هاڻي اُهي بند ٿي ويون هيون. مـِـتيا جو ڪنڌ اُن جي سيني تي جهڪي ويو. کيس اِها خبر نه پئي ته گهنڊڻيون وڄڻ بند ٿي ويون آهن، نه وري کيس  خبر پئي، ته راڳ بند ٿي ويو آهي. ڳائڻ وڄائڻ ۾ شراب جي گوڙ شور ۾ هاڻي خاموشي اَچي وئي هئي. سڄي گهر ۾ ماٺ هئي. گروشينڪا اُن وقت پنهنجون اکيون کوليون.

 ”ڇا آهي؟ مون کي ننڊ اَچي وئي هئي؟ هائو ..... هـُـو گهنڊڻي ..... مان ننڊ ۾ هيس ۽ خواب ٿي ڏٺم، ته مان گهنڊڻين سان گڏ برف تي سواري ڪري رهي آهيان. مون کي ننڊ جو جهوٽو اَچي ويو. مان ڪنهن محبت واري سان گڏ ويس. توسان ئي، ۽ پري پري ٿي وياسون. مان توکي قابو جهلي چميو ٿي. تنهنجي قريب تر ٿي ويس. مان ٿڌي ٿي ويس ۽ برف چمڪي ٿي. توکي خبر آهي، ته برف رات جو ڪيئن چمڪندي آهي. سو به چانڊوڪي رات ۾. مان اِيئن ٿي سمجهيو، ته مان گويا هن ڌرتي تي نه آهيان. مان جاڳي پيس ۽ ڏٺم ته منهنجو مـِـٺڙو، مون سان گڏ آهي. اِهو ڪهڙو نه شيرين خواب هو!؟“

 ”ها نه، تنهنجي قريب!“  مـِـتيا ڀڻڪڻ لڳو. هـُـو سندس لباس، سندس سيني ۽ سندس هٿن کي چمڻ لڳو. اوچتو هـُـو، هن حقيقت کي ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو، ته هوءَ سندس منهن ۾ ڏسڻ بجاءِ، سـِـڌو نهاري رَهي هئي. سندس مٿي کان به مٿي ڏسي رَهي هئي ۽ سندس نگاهون ڪنهن پـُـر اسرار نقطي تي ڄميل هيون. اوچتو هن عجب سان گڏيل ۽ خوف ڀـَـري دانهن ڪئي.

 ”مـِـتيا، هـُـو ڪير آهي، جو اسان کي نهاري رهيو آهي؟“  هـُـن سرگوشيءَ جي آواز ۾ چيو.

مـِـتيا ڦريو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ ڪو پـَـردي کي کولي، کين ڏسي رَهيو آهي. پر هيءُ به ڪو اَڪيلو نظر نه ٿي آيو.

هـُـو ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ تيزي سان پنڌ ڪندو، اُن لنگهه وَٽ وَڃي پهتو.

 ”هيڏي اَچ، اَسان ڏي آءُ!“  هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جو جيتوڻيڪ هوريان هو، پر اُن ۾ زور ۽ حڪم هو.

        مـِـتيا، پـَـردي جي ٻي پاسي کان گذريو ۽ بلڪل خاموش رهجي ويو. ڪمرو ماڻهن سان ڀريل هو، پر اُنهن سان نه، جي اُتي اڳي موجود هئا. سندس پٺيءَ ۾ هڪدم ڏڪڻي پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو لرزي ويو. هـُـن سڀني ماڻهن کي سڃاتو. اُنهن مان هڪ ڊگهو ۽ مضبوط پوڙهو ماڻهو هو، جنهن کي اوور ڪوٽ ۽ ڍڪ واري ٽوپي پاتل هئي، هي پوليس جو ڪپتان، مهائيڪل مئڪرووچ هو. اُن سان گڏ هڪ مريض، جو صاف ۽ وڻندڙ ٿي ڏٺو ۽ جو هميشھ پالش ٿيل بوٽ پائڻ جو شوقين هو، گڏ هو. هي ڊپٽي پراسڪيوٽير (ننڍي مقدمي جي صفائي پيش ڪندڙ) هو. کيس هڪ جهازي گهڙي، سوَن روبلن جي هئي، جا هن کيس ڪنهن وقت ڏيکاري هئي. ٻيو هڪ نوجوان عينڪ سان هو ..... مـِـتيا کان سندس خانداني نالو وسريل هو، جيتوڻيڪ هـُـو کيس ڄاڻندو هو. هو جاچ ڪندڙ وڪيل هو. هـُـو تازو قانون جي اسڪول کان شهر ۾ آيو هو. اُن کان سواءِ پوليس انسپيڪٽر ماورڪي ماويڪريووچ به هو، جو نهايت گهڻي ڄاڻ وارو هو ۽ دمتري سان واقفيت هيس. هنن کان سواءِ، ڪي ماڻهو جن کي ٽامي جي اکرن جا نشان لڳل هئا، اُتي موجود هئا. دمتري اُنهن کي ڏسڻ لڳو ۽ اِهي اِتي  ڇو آيا آهن. ٻه دهقاني ماڻهو، ڪنڊ ۾ موجود هئا. اُنهن جي پويان در جي ڀرسان ڪلگنوف ۽ تريفان بوريسووچ موجود هئا.

دمتري، جنهن جي زبان ۾ هاڻي ڏڪڻي اَچي وئي هئي، کانئن پڇيو، ته  ”صاحبو! ڪهڙي خبر آهي؟“  پر اوچتو، هـُـو پنهنجي خيال ۾، ڄڻ ته کيس ڪا به خبر نه ٿي پئي ته هـُـو ڇا ڪري رَهيو آهي. هن نهايت بلند آواز ۾ چيو ته:

 ”مان سمجهيو.“

عينڪ وارو نوجوان اوچتو اڳتي وڌي آيو ۽ مـِـتيا وٽ پهچي، وڏي شان جي اَنداز ۾ چيائين، ته  ”اسان هتي آيا آهيون .... مختصر ته مان توهان کي عرض ٿو ڪريان، ته اوهان هيڏي اَچو، صوفي ڏي اَچو ..... مون کي اوهان کان بيان وٺڻو آهي.“

مـِـتيا جوش مان جواب ڏنو ته،  ”هـُـو پوڙهو انسان. هـُـو پوڙهو ماڻهو ۽ سندس خون! ..... مان سمجهيو.“

هـُـو پوءِ هڪ ڪرسيءَ تي ڄڻ ته ڪـِـري پيو. ڄڻ ته کيس ڪنهن ڏاٽي سان وَڍي ڇڏيو هو.

 ”تون سمجهين ٿو ۽ تو سمجهيو آهي. اڙي راڪاس! تنهنجي خلاف تنهنجي پيءُ جو خون پـُـڪاري رَهيو آهي!“  پوڙهي ڪپتان اوچتو رڙ ڪندي، اُن ڏانهن قدم وڌايو.

هـُـو سـَـمجهي ويو هو. سندس چهرو ڪاراٽجي ويو هو ۽ هـُـو مٿي کان پيرن تائين ٿي ڏڪيو.

 ”هيءَ اَڻ ٿيڻي آهي،“  نوجوان ڳالهائيندي چيو.  ”مائيڪل ميڪرووچ، مائيڪل ميڪرووچ، اِيئن ڪيئن ٿيندو ..... مان عرض ٿو ڪريان، ته مون کي به ڳالهائڻ ڏيو. مون کي توهان مان اِهڙي هلت جي اُميد نه هئي.“

 ”هيءُ هڪ جنوني واردات آهي، جنوني،“  پوليس ڪپتان رڙ ڪري چيو.  ”هن ڏي نهار رات جي هن بيوقت وڳڙي ۾، شراب کان بيهوش آهي. سو به هڪ بي عزت عورت جي صحبت ۾، سندس پيءُ جي خون جي رت سان هٿن کي لڳي پئي آهي .... هيءُ جنون ئي آهي ......“

 ”مان توکي خصوصيت سان عرض ڪندس، ته پنهنجي جذبات کي قبضي ۾ رک.“  پراسيڪيوٽر، جلدي مان پوڙهي ڪپتان کي سرگوشي طرح چيو:  ”نه ته مون کي مجبورََا ايڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو .....“

ننڍڙي وڪيل، سندس جملي کي به پورو ڪرڻ نه ڏنو. ڪئپٽن مـِـتيا ڏي مـُـڙيو ۽ کيس وڏي، مضبوط ۽ شاندار آواز ۾ چيائين ته:

 ”اڳوڻا - ليفٽيننٽ ڪرامازوف! هيءُ منهنجو فرض آهي، ته مان توکي اطلاع ڏيان، ته تنهنجي مٿان تهمت آهي، ته تو پنهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف کي رات جي وقت خون ڪيو آهي .....“

هن ڪجهه وڌيڪ به چيو ۽ پراسيڪيوٽر به چيو. جيتوڻيڪ مـِـتيا کين ٻـُـڌو به ٿي، پر سمجهي نه سگهيو. هـُـو فقط وحشي اکين سان نهاريندو رَهيو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org