سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو پهريون

صفحو :5

 

باب ڇهون

مان پڻ اَچان ٿو

دمتري فيودورپاولووچ رستي تي تيزيءَ سان وڃي رهيو هو. ماڪرويه ويهن ميلن کان ٿورو مٿي هو. مگر  ائنڊري جا ٽي گهوڙا ايترو ته تيزيءَ سان ڊوڙي رهيا هئا، جو اِيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ته اِهو مفاصلو ڪلاڪ سوا ۾ پورو ٿي ويندو. هن تيز رفتار مـِـتيا کي تسلي ڏني. هوا تازي ۽ ٿڌيري هئي. آسمان ۾ ستارا چمڪي رهيا هئا. هيءُ اُهو وقت هو، ۽ اُها رات هئي، جڏهن اليوشا زمين تي ڪـِـري، سجدي ۾ وڏي شوق سان قسم ٿي کنيو، ته هـُـو زمين کي هميشھ محبوب رکندو. دمتريءَ جو روح اونداهو هو ۽ سندس آشفتگي جو ڪو اندازو ئي نه هو. باوجود هن اضطراب، وحشت جي سندس قلب پريشان نه هو ۽ سندس وجود جي تاڃي پيٽي کيس سندس راڻي گروشينڪا ڏي پئي ٿي ڇڪيو ۽ سندس ڪوشش هئي، ته هـُـو اُن تائين جلدي پهچي وڃي ۽ اُن سان آخري ملاقات ڪري، پاڻ کي اُن جي شوق جي نشي ۾ غرق ڪري ڇڏي. هڪ شيءِ مان پختگيءَ سان ٻڌايان ٿو. سندس دل لحظي لاءِ به نه ٿي لـُـڏي. هن حقيقت تي اعتبار ڪرڻ گهرجي، ته هن عاشق هڪ گهڙي به پنهنجي نئين رقيب لاءِ حسد کي دل ۾ جاءِ نه ڏني هئي، جو اوچتو ٽپو ڏئي، زمين کان نڪري ويو هو. جيڪڏهن ٻيو ڪو اِهڙيءَ ريت ظاهر ٿئي ها، ته هـُـو اُن جو هڪدم حاسد بڻجي وڃي ها ۽ هـُـو وري پنهنجي خوفناڪ هٿن کي رت سان ڀـَـري ڇڏي ها، پر هـُـو رات جو جيئن تيزيءَ سان ويو ٿي، هـُـن نه بغض نه دشمنيءَ کي ٿي محسوس ڪيو. ڇاڪاڻ ته اِهو ماڻهو پهريون عاشق هو .... هيءَ به حقيقت آهي، ته هن اُن کي اَڃا تائين ڏٺو به نه هو.

 ”هتي ڪنهن جهڳڙي جو سوال ئي نه آهي. اِهو هن جو (گروشينڪا جو) ۽ هـُـن جو حق هو. هيءَ هـُـن جي پهرئين محبت هئي، جنهن کي وساري نه سگهي هئي. هو ساڻس پنج سال ساندهه محبت ڪندي رَهي ۽ هاڻي مان ڪيئن اُن جي آڏو اَچان؟ مون کي اُن لاءِ ڪهڙو حق آهي؟ هن آفيسر جي باعث سڀ ڪا ڳالهه ختم ٿي چـُـڪي  آهي. جيڪڏهن هـُـو ظاهر نه به ٿئي ها، ته اُن جي معاملي ۾ هرڪا ڳالهه ختم سمجهڻ ۾ اَچي ها ....“

هي لفظ سراسري طور سندس جذبات کي ظاهر ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن هـُـو دليل جو صاحب هجي ها، ته اُنهن کي سمجهي ها، پر اُن وقت ڪنهن به دليل وٽس ڪم نه ٿي ڪيو. سندس موجوده عمل جي رٿ، دليل کان سواءِ جاڳي پئي هئي.

فينا جي آخري لفظن سندس جذبات ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. اُن مان جيڪي نتيجا نڪتا ٿي، اُهي سندس اندر ۾ چمڪاٽ ڏئي رهيا هئا. اُن هوندي به ڪنهن محڪم اِرادي جي بجاءِ سندس روح ۾ مونجهارو ٿي ڏٺو. هڪ درد ڏيندڙ مونجهارو سندس محڪم اِرادو به کيس جمعيت ڏئي نه ٿي سگهيو. اِهي پس پرده اِهڙيون حقيقتون هيون، جيڪي کيس عذاب ڏئي رَهيون هيون. اِنهن گهڙين ۾ کيس هرڪا شيءِ عجيب ٿي نظر آئي. اِيئن کڻي چئجي، ته هن پنهنجي قلم سان ڪاغذ تي خود موت جي فتويٰ ٿي لکي.  ”مون کي پاڻ کي سزا ڏيڻ گهرجي.“  اِهو ڪاغذ هردم تيار سندس کيسي ۾ هو. پستول به ڀريل هو. هن اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو، ته هـُـو ايندڙ سونن وارن واري ديوتا يعني صبح جو ڪهڙيءَ ريت انتظار ڪري.

اُن هوندي به هـُـو ماضيءَ کي وساري نه ٿي سگهيو، جو سندس پوئتان هو، جنهن کيس عذاب ٿي ڏنو. کيس اُن جو وڏو احساس هو ۽ اُن جي خيال کان سندس دل ٻـُـڏي ٿي وئي ۽ نااُميدي ٿي جهلڪي. هن حالت ۾ وٽس هڪ گهڙي اِهڙي به آئي، جنهن ۾ هن چاهيو ٿي، ته ائنڊري کي روڪي ۽ گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي هيٺ لهي، پنهنجي پستول کي ڇڪي ۽ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ هر شيءِ جو خاتمو ڪري ڇڏي. پر اُها گهڙي هڪ چڻنگ وانگر چمڪي ۽ ختم ٿي وئي. گهوڙا تيزيءَ سان ڊوڙندا ٿي ويا ۽ زمين جي مفاصلي کي ڳڙڪائيندا ٿي ويا. جيئن هـُـو پنهنجي منزل مقصود کي ويجهو ٿيندو ويو. هـُـن خيال، تنها ۽ سندس روح کي وٺي قابو ڪيو ۽ اُن خطرناڪ خيالن جي عڪس کي وٺي ٻاهر ڪيو، جي کيس ڊيڄاري رهيا هئا. ڪيتري قدر نه کيس انتظار هو، ته هـُـو کيس ڏسي، ڇو ته هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ئي پوءِ اِهو پريان ئي هجي.

 ”هوءَ هاڻي اُن سان آهي،“  هـُـن خيال ڪيو.  ”هاڻي مان ڏسندس، ته هوءَ هن کان ڪيتري قدر راضي آهي، جا هـُـن جي پهرئين محبت آهي. هاڻي مان اِهو ڏسندس.“  باوجود هن حقيقت جي ته اُن عورت جي محبت سندس دل سان کيڏندي ٿي رَهي، مگر ڪڏهن به هن پنهنجي دل ۾ ايڏي جلائيندڙ محبت جو احساس ئي نه ڪيو هو، جو هاڻي کيس هو. هيءَ اِهڙي باهه هئي، جنهن کيس ششدر ڪيو هو ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هـُـو پرستش ۽ نابوديءَ جي حد تي پهچي چـُـڪو هو ۽ سندس دل
بي اختياريءَ ۾ مبتلا هئي. اوچتو هن پريشانيءَ ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ چيو ته،  ”هائو، هن راهه ۾ مون کي عشق نابود ڪري ڇڏيندو.“

گهوڙا قريباََ هڪ ڪلاڪ ڊوڙندا رَهيا. مـِـتيا خاموش هو. ائنڊري باوجود ڳوٺاڻي جي جيتوڻيڪ گهڻ ڳالهائو هو، هن به هڪ لفظ نه ڳالهايو. هن کي گفتگوءَ کان خوف پئي ٿيو. هن فقط چالاڪيءَ سان پنهنجي ڪمزور گهوڙن کي چهبڪ تي چهبڪ ٿي هنيا. اوچتو مـِـتيا پنهنجي خطرناڪ انتظار سان کانئس پڇيو ته:

 ”ائنڊري ڇا ٿيندو؟ جي هـُـو ننڊ ۾ هجن؟“

هن خيال ڄڻ ته کيس چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ خيال کيس اڳ ۾ آيو ئي نه هو.

ائنڊري کيس جواب ڏنو ته،  ”دمتري فيودورپاولووچ اِهو چڱو ٿيندو، ته هـُـو هن وقت ننڊ ۾ هجن.“

مـِـتيا هن جواب تي درد کان بي تاب ٿي ويو. هائو سچ پچ ..... هـُـو اوڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو هو ..... عجيب جذبن سان ..... ۽ اِهڙي وقت ۾ هـُـو ننڊ ۾ هوندا .... شايد هوءَ به ننڊ ۾ هجي ...... سندس دل ۾ ڪاوڙ ڀريل جذبا پيدا ٿيڻ لڳا.

هن خودبخود رڙ ڪري چيو، ته  ”گهوڙن کي تيز ڪر ائنڊري، چهبڪ هڻينِ.“

 ”ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو اَڃا ستا هجن.“  ويرم رکي ائنڊري چيو.  ”ٽيموفي چيو ٿي، ته اُتي گهڻئي اَچي گڏ ٿيا آهن.“

 ”اسٽيشن وٽ؟“

 ”نه، گاڏين جي اسٽينڊ وٽ نه، پر پلاسٽونوف جي مسافرخاني ۾.“

دمتري، جو هن اَڻ ٿيڻي حقيقت کان وائڙو ٿي ويو هو، پڇڻ لڳو ته،  ”اُنهن جو عدد گهڻو آهي؟ ڪهڙي ريت؟ ڪهڙا ماڻهو اُتي موجود آهن؟“

 ”ٽيموفي چيو ٿي، ته سڀئي مرد آهن. ٻه ته اُنهن مان اَسان جي شهر جا آهن. مگر مان اُنهن کي نه ٿو سڃاڻان. پر ٽيموفي چيو ٿي، ته اُهي اسان جي شهر جا  آهن. ٻه اجنبي آهن. شايد ڪو ٻيو به ماڻهو هجي. مان کانئس خاص طرح ڪونه پڇيو هو. هـُـن ٻڌايو ٿي، ته هـُـو تاش جي راند کيڏي رهيا هئا.“

 ”تاش؟“

 ”اُن ڪري ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو تاش کيڏڻ جي ڪري، شايد اَڃا سـُـتل نه هجن. اَڃا دير به نه آهي، يارنهن وڄڻ ۾ هوندا.“

 ”تڪڙو ٿيءُ ائنڊري، تڪڙو ٿيءُ.“  مـِـتيا بيتابيءَ مان وري کيس چيو.

 ”مان ڪجهه اوهان کان پڇان سائين؟“  ائنڊري کيس چيو، پر مون کي اوهان جي ڪاوڙ کان خوف ٿو ٿئي.

 ”توکي ڇا چوڻو آهي؟“

 ”اُهو ڪهڙو سبب هو، جو ٿوري دير اڳ ۾ فينا تنهنجي قدمن ۾ ڪـِـري پئي هئي ۽ توکي عرض ڪري رَهي هئي، ته تون سندس مالڪياڻي کي تڪليف پهچائڻ کان باز اَچ يا ڪنهن ٻئي کي به .....؟ اُن ڪري سائين ..... مان ئي آهيان، جو توکي اُن طرف وٺي وڃي رَهيو آهيان ..... معاف ڪر سائين، هيءُ هاڻي منهنجو ضمير آهي .... شايد اِهڙيءَ ريت هيءَ منهنجي گفتگو بيوقوفي هجي.“

مـِـتيا اوچتو سندس ٻانهن کي پوئتان جهلي، غصي مان چيو، ته  ”تون ڪوچبان آهين نه؟“

 ”هائو سائين .....“

 ”اُن ڪري توکي ڄاڻڻ کپي، ته ڪنهن کي به پنهنجي درجي کان مٿي نه وڃڻ کپي. تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ ڪوچبان کي ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي؟ ڇا تون هڪ ڪريل ماڻهو تي پنهنجي گاڏي هلائيندين؟ هڪ ڪوچبان کي اِهو نه ٿو ٺهي، ته هـُـو ماڻهن جي مٿان گاڏي هلائيندو رَهي. ڪنهن کي به انسانن جي زندگيءَ کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي خراب ڪيو آهي، ته اُن لاءِ پاڻ کي سزا ڏي ..... جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي برباد  ڪيو آهي، ته اُن لاءِ به پاڻ کي سزا ڏي ۽ هليو وڃ.“  هي الفاظ مـِـتيا کان جنون جي حالت ۾ نڪرندا رهيا. ائنڊري سندس گفتگوءَ کان حيرت ۾ هو، پر هـُـن پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکيو.

 ”اِهو صحيح آهي، دمتري فيودورپاولووچ. توهان بلڪل صحيح آهيو. ڪنهن به ماڻهو کي نه کپي، ته هـُـو ٻي کي لتاڙي يا عذاب ڏئي. پوءِ هـُـو انسان آهي يا ٻي مخلوق. ڇاڪاڻ ته هر مخلوق خدا جي پيدائش آهي. مثال طور، هڪ گهوڙو وٺو، ماڻهن وٽ توڙي ڪوچبانن وٽ، اُن کي ڊوڙائڻو آهي، اِنهيءَ کان ته ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هو ته هن کي تيز ڊوڙائيندا رهندا.“

 ”جهنم ۾ وجهينس،“  مـِـتيا وچ ۾ ٽپي پيو ۽ پنهنجي دستوري مخصوص کـِـلَ سان کلڻ لڳو.  ”ائنبري سادا روح!“  هن وري کيس سندس ڪلهن کان جهليو،  ”مون کي ٻڌاءِ ته دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف دوزخ ۾ ويندو يا نه؟ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“

 ”منهنجا عزيز، مون کي اِن جي لاءِ ڪابه خبر نه آهي. اِهو ته توتي مدار رکي ٿو ..... سائين توهان کي اِها خبر آهي، ته جڏهن خدا جي پياري کي صليب تي ڪليون هڻي چاڙهيو ويو ۽ هـُـو مري ويو، ته هـُـو پهريائين جهنم ۾ پهتو ۽ سڀني گنهگارن کي اُت ويندي نجات ڏنائين، جي عذاب ۾ ورتل هئا. شيطان گـُـرڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته کيس هن ڳالهه تي افسوس ٿيو، ته هاڻي جهنم ۾ ڪوبه گنهگار نه هوندو. اُن وقت کيس خدا کان آواز آيو، ته غم نه ڪر، ڇاڪاڻ ته تنهنجي لاءِ زمين تي وڏا طاقتور موجود آهن. بادشاهه، وڏا منصف ۽ شاهوڪار. اهي هن کي هر دور ۾ ڀريندا رهندا، جيستائين منهنجو پيارو وري دنيا ۾ موٽي  وڃي. هي آهن سندس صداقت ڀريا لفظَ.“

 ”هڪ ڳوٺاڻو داستان! نهايت سنگين! ائنڊري کٻي پاسي ڏي گهوڙي کي تيز ڪر.“

 ”اِهڙي ريت سائين تون ڏسي سگهين ٿو، ته دوزخ ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.“  ائنڊري گهوڙي کي چهبڪ هڻندي، کٻي پاسي ڏي موڙيو. پر تون هڪ ننڍڙي ٻار وانگر آهين ..... اسان هميشھ توکي اِيئن ڏسندا رهيا آهيون .... توکي هميشھ تڪڙي طبعيت وارو سمجهندا رهيا آهيون. مگر خدا تعاليٰ توکي چڱيءَ دل جي صدقي بخشيندو.

 ”پر تون، تون ائنڊري مون کي بخشين ٿو؟“

 ”مان ڪهڙي ڳالهه جي لاءِ توکي بخشيان. تو ته مون کي ڪابه تڪليف نه ڏني آهي؟“

 ”نه، سڀ ڪنهن جي لاءِ، هن رستي جي مٿان اَڪيلو، تون مون کي ٻين جي لاءِ به بخشي سگهين ٿو؟ ڳالهاءِ سادي ڳوٺاڻي دل!“

 ”اڙي سائين، مان توکي سواريءَ ۾ آندو آهي، اِنهيءَ لاءِ به مون کي خوف ٿو ٿئي. تون ته عجيب ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“

پر مـِـتيا کيس ٻڌوئي نه. هـُـو جنوني حالت ۾ دعائون گهري رهيو هو ۽ پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو.

 ”خدايا، منهنجي بيقاعدگين جي باوجود منهنجي دستگيري ڪر ۽ مون کي خوار نه ڪر. مون کي پنهنجي فيصلي کان گذرڻ ڏي ...... مون کي خوار نه ڪر. ڇو ته مان پاڻ کي گهڻو خوار ڪري چڪو آهيان. مون کي وڌيڪ خوار نه ڪر، مان ته توسان محبت ڪريان ٿو. مان مصيبت ماريل آهيان، پر مان توسان محبت ڪريان ٿو. جيڪڏهن تون مون کي جهنم ۾ موڪليندين تڏهن به توسان اُتي محبت ڪندس ۽ اُتان دانهون ڪري چوندس، ته مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ فقط توسان، هميشھ لاءِ محبت ڪريان ٿو ..... مون کي آخر تائين محبت ڪرڻ ڏي ..... هتي ۽ هاڻي فقط پنجن ڪلاڪن جي لاءِ آٿت ڏي ..... ايستائين جو ڏينهن جي پهرئين روشني پيدا ٿئي ..... ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي روح جي راڻيءَ سان محبت ڪريان ٿو ...... مان اُن جي محبت کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهان ..... تنهنجي منهنجي دل تي پوريءَ ريت نگاهه آهي ...... مان ڊوڙندو ويندس ۽ اُن جي قدمن ۾ ڪـِـري چوندس، ته تو چڱو ڪيو جو هلي آئين ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿئي. هاڻي خدا حافظ! پنهنجي شڪار کي معاف ڪر ..... منهنجي لاءِ ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ تنگي نه آڻ.“

 ”ماڪرو!“  ائنڊري رڙ ڪري چيو. هن پنهنجي چهبڪ سان اُن ڏانهن اِشارو ڪيو.

اُداس اُداس رات جي اونداهيءَ مان، جاين جو ڪارو پاڇو نظر ٿي آيو. جنهن جي اڳيان وسيع ميدان هو. ماڪرو جي ڳوٺ جي آدمشماري ٻه هزار کن هئي. سڄي  آبادي ننڊ ۾ هئي، مگر هڪ ٻن جاين تي روشني پئي ٿـَـي ٽمڪي.

 ”ائنڊري گهوڙن کي تکو ڪر، مان پهچي ويس.“  مـِـتيا بيتابيءَ سان چيو.

 ”هـُـو اَڃا سمهيا پيا آهن.“  ائنڊري وري پلاسٽينيوف جي سرائي ڏانهن چهبڪ سان اشارو ڪندي چيو، جا ڳوٺ جي بلڪل منهن وٽ هئي. گهٽيءَ جي طرف واريون ڇهه ئي دريون روشن ٿي ڏٺيون.

 ”هـُـو اَڃا نه ستا آهن،“  مـِـتيا خوشيءَ مان دهرايو.  ”جلدي ڪر ائنڊري، گهوڙن کي هڪل ڏي ۽ تيز ڪر. گهنٽيءَ کي وڄائڻ شروع ڪر! ڀلي ته سڀني کي خبر پوي ته مان آيو آهيان. مان پڻ اَچان ٿو، مان پڻ اَچان ٿو.“

ائنڊري ٿڪل گهوڙن کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو ۽ سندن واڳن کي ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ ٿڪل گهوڙا، وڏين گامن سان ڊوڙڻ لڳا.

مـِـتيا جيئن ئي گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي هيٺ لٿو، سراءِ جي مالڪ، جو پنهنجي بستري ڏانهن ٿي ويو، ڏاڪڻ تان ليئو پائي ڏٺو ۽ عجب مان نهارڻ لڳو، ته ڪير آيو آهي؟

 ”تريفان بورسووچ تون آهين؟“

سراءِ جو مالڪ جهڪي ويو ۽ چتائي ڏسڻ لڳو. هـُـو ڏاڪڻ تان ڊوڙندو وڏي هيج مان مهمان کي ملڻ لاءِ وڌيو.

 ”دمتري فيودورپاولووچ! مان اوهان کي ٻيهر ڏسي رهيو آهيان؟“

تريفان بورسووچ، جسم جو چڱو ٿلهو هو ۽ صحتمند ڳوٺاڻو ٿي ڏٺو. سندس قد وچولو هو ۽ منهن ٿلهو. سندس خط و خال مان هـُـو تنگ مزاج ۽ وحشي ٿي ڏٺو. خاص ڪري ماڪرو جي رهندڙن لاءِ سختگير هو. پر اُن هوندي به جڏهن کيس پنهنجي نفعي جو احساس پيدا ٿيندو هو، ته نهايت مؤدب ۽ مهربان بڻجي ويندو هو. کيس بدن تي روسي لباس هو. وٽس پيسو جام هو، پر هميشھ اِنهيءَ خيال ۾ ٿي رهيو، ته اُن کي وڌ کان وڌ وڌائي.

ماڪرو جا اڌ ڳوٺاڻا، جي سندس مقروض هئا، سندس گرفت ۾ هئا. هـُـو پسگردائيءَ جي زميندارن کان سندن زمينون خريد ڪندو ٿي رهيو ۽ اِنهن کي، اُنهن ماڻهن جي هٿن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ٿي ڏنائين، جيڪي سندس مقروض هئا ۽ کيس اُميد هئي، ته سندس ڪڏهن به مخالف نه ٿيندا. سندس زال مري چڪي هئي ۽ اُن مان کيس چار ڌيئرون هيون، جي هاڻي بالغ هيون. اُنهن مان هڪ رنڙ هئي، جا پنهنجي ٻن ٻارن سان سراءِ  ٿي رهي. جي سندس ڏوهٽا هئا. هيءُ وٽس خادمن وانگر ڪم ڪندا ٿي رهيا. سندس باقي ڌيئر ڪن چڱن آفيسرن سان پرڻيل هيون، جي سراءِ جي هڪ ڪمري جي ڀت تي لڳل خانداني فوٽو ۾ صاف ٿي ڏٺا. سندن آفيسري لباس ۾ آسانيءَ سان سندن سڃاڻپ ٿي پئي سگهي. سندس ٻن ڌيئرن کي فيشن واري نيري ۽ سائي رنگ جي لباس پهرڻ جو شوق هو. سندن لباس پٺيءَ کان تنگ هو، مگر سندن دامن نهايت دراز هئا. پر هيءُ لباس هـُـو اُن وقت پهرينديون هيون، جڏهن ديول جي موڪل هوندي هئي يا هـُـو ڪاڏي گهمڻ لاءِ وينديون هيون، پر صبح ٿيندي ئي، هــُـو پرهه ڦٽيءَ جو اُٿنديون هيون ۽ دستور موجب ڪمرن کي ٻـُـهاري صاف ڪنديون هيون ۽ مهمانن جي ڪمرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ لڳي وينديون هيون.

هزارين روبل جي هوندي به جي هن بچايا هئا، تريفان بورسووچ، شرابي مهمانن جي کيسن کي نشي ۾ خوب ڦـُـرڻ جو عادي هو. هن کي ياد هو، ته مهينو کن اڳي هن چوويهن ڪلاڪن ۾ دمتريءَ کان ٻه نه پر ٽي سـَـؤ روبل هٿ آندا هئا. اُن وقت جڏهن هـُـو گروشينڪا کي پابنديءَ کان ٻاهر ڪـَـڍي آيو هو. هي هاڻي کيس ڏاڍي شوق مان مليو. هـُـن اُن وقت ئي پنهنجي شڪار تي سوچڻ شروع ڪيو، جڏهن دمتري ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪيو.

 ”دمتري فيودورپاولووچ، مان توکي ٻيهر ڏسي خوش ٿيو آهيان.“

 ”ترس، تريفان بورسووچ، پهرئين ۽ ضروري ڳالهه، هوءَ ڪٿي آهي؟“

 ”آگرافينا اليگزينڊرووينا؟“  سراءِ جي مالڪ هڪدم سمجهي ورتو. هن مـِـتيا جي منهن ۾ تيز نگاهن سان ڏٺو، هوءَ پڻ هتي آهي .....

 ”ڪنهن سان؟ ڪنهن سان؟“

 ”ڪي اوپرا ماڻهو آهن. هڪ ڪو آفيسر ۽ سکر ماڻهو ٿو ڏسجي. مان سندس گفتگوءَ مان سمجهيو آهي، ته هـُـو پولينڊ جو آهي. هن هتان اُن جي لاءِ گهوڙا موڪليا هئا. ٻيو ڪو سندس دوست آهي. يا ته سندس دوست آهي يا سفر جو رفيق. کين پوشاڪ ملڪي ماڻهن جهڙي آهي.“

 ”ٺيڪ آهي. هنن جي دعوت آهي. ڪو پيسو به اَٿن؟“

 ”هڪ سادي سودي دعوت، جنهن جي لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي، فيودورپاولووچ.“

 ”ها، اُن لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي. پر ٻيا ڪير  آهن؟“

 ”ٻه ٻيا  شهر جا ماڻهو آهن. اُهي شرني کان آيا آهن ۽ هتي رهيا پيا آهن. هڪ ته نوجوان آهي ۽ مسٽر ميرسوف جو عزيز آهي. مون کان سندس نالو وسري ويو آهي ... مان سمجهان ٿو، ته ٻئي کي تون سڃاڻندو هوندين؟ سندس نالو ميڪزيموف  آهي. جيئن هن ٻڌايو، هـُـو ڪنهن زيارت تي ويو هو، شايد ڪنهن شهر جي مڙهيءَ کي ڏسڻ لاءِ. هـُـو ميرسوف جي مائٽ سان گڏ سفر ڪري رهيو  آهي.“

 ”بس اِهي ئي آهن؟“

 ”هائو.“

 ”ترس، ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، تريفان بورسووچ. مون کي مکيه ڳالهه ٻڌاءِ. تو هن کي ڪيئن ڏٺو؟ هوءَ ڪهڙي حالت ۾ آهي؟“

 ”هن کي ٿورو وقت آئي ٿيو آهي ۽ هوءَ هنن سان گڏ ويٺي آهي.“

 ”هوءَ خوش آهي ۽ کـِـلي به ٿي!؟“

 ”نه، مان سمجهان ٿو، ته هوءَ گهڻو نه ٿي کـِـلي. هـُـوءَ ڪنهن مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. هوءَ اُن نوجوان جي وارن کي ڦڻي ڏئي رَهي آهي.“

 ”پولينڊ واري آفيسر کي .....؟“

اُهو ته نوجوان نه آهي، شايد هـُـو آفيسر به نه آهي. اُن کي نه سائين، مان اُن نوجوان مهربان جي ڳالهه ٿو ڪريان، ميرسوف جي عزيز جي. مون کان سندس نالو وسري ٿو وڃي .....“

 ”ڪالگانوف؟“

 ”ها ڪالگانوف.“

 ”ٺيڪ آهي. اُن کي مان پاڻهي ڏسندس. ڇا هـُـو تاش (پتي راند) کيڏي رهيا  آهن؟“

 ”اُهي کيڏي ته رهيا هئا، پر هاڻي راند بند ڪئي اَٿن. هو هاڻي چاءِ پي رهيا  آهن. اُن آفيسر شراب لاءِ چيو آهي.“

ترس تريفان بورسووچ. منهنجا عزيز دوست! مان اِنهن سڀني ڳالهين کي پاڻ ڏسندس. هاڻي هڪ وڌيڪ سوال جو جواب ڏي. ڇا خانه بدوش هتي آهن؟

 ”خانه بدوش هاڻي ڪٿي آهن دمتري فيودورپاولووچ. هتي جي حاڪمن اُنهن کي هڪالي ڇڏيو آهي. پر يهودي اَڃا موجود آهن، جي دف ۽ سارنگين کي ڳوٺ ۾ وڄائين ٿا. هـُـو اَچي ويندا، جيڪڏهن اُنهن کي ماڻهو موڪليو ويو.“

 ”يقيناً، اِنهن ڏي ماڻهو موڪل.“  مـِـتيا جواب ڏنو. اڳين ڀيري وانگر ڇوڪريون به ملي  وينديون. خاص طور ماريا، اسٽينيڊا ۽ آرينا پڻ. هن ڪورس جي لاءِ ٻه سـَـؤ روبل ڏبا.

ايتري رقم تي، ته مان سڄي ڳوٺ کي، جيتوڻيڪ هاڻي هـُـو ننڊ ۾ آهن، گڏ ڪري سگهان ٿو. هتان جا ڳوٺاڻا ڇوڪرا يا ڇوڪريون، دمتري فيودورپاولووچ ايتري قيمت به رکن ٿا؟ ايتري موڙي ۾ اِهڙن جي تميز ۽ ڪوڏي مهانگن ماڻهن لاءِ! ڪنهن دهقاني کي سگار پيئارڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هي ڏنگيندڙ جيت آهن ۽ ڇوڪريون سڀئي جونئن ڀريون. مون وٽ پنهنجون ڌيئرون آهن، اُهي مفت ۾ وَهن ٿيون، هاڻي ته ايڏي وڏي رقم آهي. هـُـو هاڻي سمهڻ لاءِ ويون آهن. مان هاڻي اُنهن کي اُٿاري، راڳ ڪرڻ لاءِ تيار ڪندس. تو ته ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻين کي به شئمپين پيئڻ لاءِ ڏنو هو. ها، ها، ها!

تريفان بوروسووچ وڏي مڪاريءَ سان دلسوزيءَ جو اظهار ٿي ڪيو. هن اڳئين دفعي اڌ ڊزن شئمپين جون بوتلون کسڪائي ورتيون هيون ۽ ميز جي هيٺان سؤ روبل ترڪائي ورتا هئائين، جي سندس چنبي ۾ ئي رهجي ويا.

 ”تريفان بوروسووچ مان گذريل ڀيري، جڏهن مان هت هوس هڪ هزار روبل خرچ ڪيا هئا. توکي ياد آهي؟“

 ”بيشڪ تو ايترو خرچ ڪيو هو، تون سچ ٿو چوين. تو وٽ اَڃا ٻه ٽي هزار روبل هئا.“

 ”خير، مان وري به ساڳي ريت آيو  آهيان. توکي خبر هجي.“

هن هڪدم نوٽن جي ٿـَـهي کي ڪـَـڍي ورتو ۽ اُنهن کي سراءِ جي مالڪ جي نڪ وٽ جهلي بيٺو.

 ”هاڻي ڌيان لائي ٻـُـڌ. ڪلاڪ کن جي اندر شراب پهچي ويندو ۽ اُن کانسواءِ مٺائي ۽ ٻيون نمڪين شيون. اُهي سڀئي هڪدم هتي کڻي پهچاءِ. ائنڊري وٽ جا پيتي آهي، اُها کڻي اَچ. اُن کي کول ۽ شئمپين کي پنهنجي قبضي ۾ ڪر. مون کي ڇوڪريون کپن، ڇوڪريون....... خاص طرح ماريا.“

هو گاڏيءَ ڏي مڙيو ۽ پستول جو مياڻ کڻي ورتائين.

 ”چڱو ائنڊري، هاڻي توسان معاملو صفا ڪريان. پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ۽ پنجاهه روبل وڊڪا (شراب) جي لاءِ ...... هيءُ تنهنجي تيزي ۽ محبت لاءِ انعام آهي .... ڪرامازوف کي ياد رکجانءِ!“

 ”مون کي خوف ٿو ٿئي سائين. مون کي پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ڪافي  آهن ۽ پندرنهن وڌيڪ کڻي ڏيو. مان ايترا پيسا ڪونه وٺندس.“  ائنڊري صفائيءَ سان چيو. تريفان بورسووچ هن تي شاهد آهي. منهنجي بيوقوفيءَ جي لفظن کي معاف ڪجانءِ.

 ”توکي ڪهڙو خوف ٿو ٿئي؟“  مـِـتيا کيس خيال ۾ توريندي، پڇيو.

 ”چڱو وڃي کڏ ۾ پـَـؤ. پاڻ ڄاڻُ. هن ڏي پنج روبل ڦٽي ڪري ڇڏيائين. هاڻي تريفان بورسووچ، مون کي اطمينان سان وٺي هل. پر بيهه، مون کي هنن تي هڪ نظر وجهڻ ڏي. پر اِهڙيءَ ريت جيئن مون کي هـُـو نه ڏسن. هـُـو ڪٿي آهن؟ نيري ڪمري ۾؟“

تريفان بورسووچ کيس مسلسل ڏٺو ۽ ساڳي وقت کيس اُن جي اِجازت به ڏنائين. کيس گهٽي مان وٺي هليو ۽ پاڻ پهريائين هڪ وڏي ڪمري ۾ گهڙي ويو، جا اُن ڪمري سان گڏ هئي، جنهن ۾ ملاقاتي گڏ موجود هئا. هن روشني پري ڪري ڇڏي ۽ نحفي طرح مـِـتيا کي اندر وٺي ويو. اونداهي ۾ هڪ ڪمري جي ڪـُـنڊ ۾ اُن کي بيهاري ڇڏيائين. جتي هـُـو آزاديءَ سان اُن سڄي جماعت کي ڏسي ٿي سگهيو. پر مـِـتيا گهڻو وقت نه ترسيو. سچ پچ ته هو ٻين کي ڏسي نه سگهيو. هـِـن فقط هـُـن (گروشينڪا) کي ڏٺو. اُن وقت سندس دل خطرناڪ نموني ۾ ٽپا ڏيئي رَهي هئي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سندس اکين اڳيان اونداهو بڻجي ويو.

هـُـوءَ ميز جي پاسي ۾ هڪ هيٺانهين ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. سندس پاسي ۾ هڪ صوفي تي حسين نوجوان ڪلگنوف ويٺو هو. هـُـن اُن جي هٿ کي وٺي کليو ٿي. هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. هـُـن گروشينڪا ڏي نه ٿي نهاريو، پر مڪئزيموف کي بلند آواز ۾ ڪجهه چئي رهيو هو، جو ميز جي ٻي پاسي، گروشينڪا ڏي منهن ڪيو ويٺو هو. مڪئزيموف ڪنهن ڳالهه تي زور سان کـِـلي رهيو هو. صوفي تي هـُـو ويٺو هو ۽ صوفي جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ڪو اجنبي ٿي ڏٺو. صوفي تي ويٺل ماڻهو پٺتي لڏي رهيو هو ۽ پنهنجي پائيپ کي تيار ڪري رهيو. مـِـتيا اُن کي ڏسي خيال ڪيو، ته هـُـو چڱو مضبوط، وڏي منهن وارو  ڪوتاهه قد آهي. هـُـو ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙيل ٿي ڏٺو. سندس دوست، هـُـو اجنبي، مـِـتيا کي ڊگهي قد وارو لڳو ۽ اُن بابت وڌيڪ ڪجهه به جاچي نه سگهيو. هـُـن پنهنجي ساهه کي روڪيو. هـُـو هڪ گهڙيءَ لاءِ به هيءُ نظارو سهي نه سگهيو. هن پستول جي مياڻ کي سيني وٽ هٿ لائي ڏٺو. دل جي ڌڪ ڌڪ سان گهمندو رهيو. هـُـو ڄڻ ته ٿڌو ٿي ويو هو. گهمندي گهمندي، هـُـو نيري ڪمري ۾ اُن جماعت کي منهن ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي ويو.

 ”اَڙي!“  گروشينڪا کيس پهريائين ڏسي، وڏي آواز سان رڙ ڪئي.

 

 

dc

باب ستون

پهريون ۽ فرض شناس عاشق

ڊگها قدم کڻندو مـِـتيا سـِـڌو ميز وٽ پهتو.

 ”مهربان!“  هن وڏي آواز ۾ چيو، ڄڻ ته رڙيون ڪري رهيو هو، ۽ اُن هوندي به هر هڪ لفظ تي جهڪيو ٿي.  ”مان ..... مان ٺيڪ آهيان! مون کان خوف نه کائو. ڪابه اِهڙي شيءِ ڪانه آهي.“  هـُـو اوچتو گروشينڪا ڏي مـُـڙيو، جا ڪرسيءَ تي ڪلگنوف جي طرف جهڪي پئي هئي ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن کي قابو جهليو هئائين.  ”مان پڻ اَچي ويو آهيان ۽ صبح تائين هتي هوندس.“ هن چيو.  ”مهربانو،مان هتي صبح تائين ترسي سگهان ٿو؟ هن ڪوٺيءَ ۾ فقط صبح تائين.“

اِيئن چوندي، هـُـو وري اُن ڪوتاهه قد ۽ ٿلهي ماڻهوءِ ڏي ڦريو. جو صوفي تي ويٺو هو ۽ کيس هٿ ۾ پائيپ هو. هن پنهنجي پائيپ کي چپن کان سوريو. هـُـن ڪافي شان شوڪت جو مظاهرو ڪندي، سختيءَ سان چيو:

 ”هون، هتي اَسين ڳجهيءَ طرح گڏ ٿيا آهيون. هن کان سواءِ ٻيون به ڪوٺيون آهن.“

 ”اڙي تون، ته دمتري فيودورپاولووچ آهين. تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“  ڪلگنوف کيس تڪڙ ۾ چيو.  ”اسان سان ڀلي گڏجي ويهه. تون خوش ته آهين؟“

 ”توکي ڏسي پيارا مون کي بيحد خوشي ٿي آهي ...... منهنجا لاجواب دوست. مان تنهنجي لاءِ هميشھ بهتر سوچيندو رَهيو آهيان.“  مـِـتيا خوشي ۽ شوق مان کيس جواب ڏنو ۽ پنهنجي هٿ کي هڪدم ميز ڏي ڊگهو ڪيائين.

 ”اڙي ڪيڏو نه زور سان پيڄائي هٿ کي جهليو اَٿئي! تو منهنجون آڱريون ئي ڀڃي وڌيون.“  ڪلگنوف کلندي کيس چيو.

 ”هي هميشھ اِيئن زور ڏيڻ جو عادي آهي.“  گروشينڪا خوشيءَ مان چوڻ لڳي. سندس مشڪڻ مان بزدلي پئي ظاهر ٿي. اوچتو اِيئن ايندي به هن مـِـتيا جي منهن مان سمجهي ورتو هو، ته هـُـو ڪنهن به هـُـل بکيڙي لاءِ نه آيو  آهي. هوءَ کيس وڏي پريشانيءَ مان جاچي ۽ نهاري رَهي هئي ۽ اَڃا به کيس سڪون نه هو. هوءَ مـِـتيا جي حالت کان متاثر ٿي ڏٺي. هن آخر ۾ هيءَ اُميد نه ٿي رکي، ته هـُـو سچ پچ ايڏو تڪڙو ايندو ۽ اِهڙيءَ حالت ۾ ڳالهائيندو.

 ”شام بخير“ ، ميڪزيموف، کيس دوستاڻي نموني ۾ کيڪاريو. مـِـتيا اُن ڏي ڊوڙي پيو.

 ”شام بخير،“  تون پڻ هتي آهين. توکي هتي ڏسي بيحد خوشي ٿي اَٿم. مهربانو، مهربانو، مان .... (هن پولينڊ جي سکر ماڻهوءَ ڏانهن نهاري چيو، جنهن وري پائيپ منهن سان لڳايو هو ۽ هـُـو ڄڻ ته سڀني ۾ معزز ٿي لڳو.)  ”مان هيڏي آيس .... مان چاهيو ٿي، ته پنهنجو آخري ڏينهن ۽ پنهنجي آخري گهڙي هن ڪمري ۾ گذاريان، جتي مون پڻ پنهنجي راڻيءَ جو جشن ملهايو هو. مون کي معاف ڪر صاحب،“  هـُـن جوش مان رڙ ڪري چيو، مان هيڏي هليو آيس، جنهن جو مون کي ڏک  آهي. تون مون کان خوف نه کاءُ، هيءَ منهنجي آخري رات آهي! اَچو ته هن آشتيءَ تي شراب کي پيئون. هـُـو شراب کي هڪدم کڻي ايندا. مان پاڻ سان اُن کي کڻي آيو آهيان. (کيس ڪو خيال آيو ۽ هـُـن نوٽن جي بنڊل کي ڪـَـڍي ورتو.) مون کي اجازت ڏي صاحب؟ مون کي موسيقي ۽ راڳ کپي. جيئن اڳ ڪيو هئم. پر هيءُ، غير ضروري ڪينئون هتان رڙهي ويندو ۽ وري ڪونه هوندو. مون کي پنهنجي خوشي ۽ آخري رات جو جشن ملهائڻ ڏيو.

هـُـو وڏي خفي ۾ هو. هن گهڻي کان گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ ٿي گهريو. پر هيءُ عجيب جملا هئا، جي سندس زبان کان اَدا ٿيا هئا. پول هن کي چتائي ٿي ڏٺو. خاص ڪري نوٽن جي بنڊل کي، جي سندس هٿ ۾ هئا. هـُـو گروشينڪا ڏي به نهاري رهيو هو ۽ بيحد مونجهاري ۾ هو.

 ”جيڪڏهن مون کي ساهي خاتون اِجازت ڏي .....“  هن وري ڳالهائڻ ٿي گهريو.

 ”تنهنجو ’ساهي‘ کان ڪهڙو مطلب آهي، تون شايد ’شاهي‘ چوڻ گهرين ٿو؟ مان توتي کلڻ کانسواءِ رَهي نه ٿي سگهان. تنهنجو ڳالهائڻ عجيب آهي. ويهي رَهه مـِـتيا، تون ڪهڙي حقيقت لاءِ ڳالهائڻ گهرين ٿو؟ مهرباني ڪري اَسان کي ڊيڄار نه. اُميد ته تون اَسان کي نه ڊيڄاريندين. اِيئن نه؟ جيڪڏهن تون اِيئن ڪندين، ته مان توکي ڏسي بيحد خوش ٿينديس .....“

 ”مان ۽ توکي ڊيڄاريندس!“  هـُـو هٿن کي مهٽڻ لڳو.  ”مون وٽان گذري وڃ، پنهنجو رستو وٺ. مان توکي تڪليف نه ڏيندس ......“

اوچتو هـُـن سڀني کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته پاڻ کي به، هـُـن پاڻ کي ڪرسي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ڳوڙها وهائڻ لڳو. سامهون واري ڀت کان منهن ڦيرائي، هن پنهنجي ٻانهن سان ڪرسيءَ کي مضبوط جهليو. ڄڻ ته اُن کي آغوش ۾ وٺي رهيو هو.

 ”ڇڏ، ڇڏ، عجيب ماڻهو ٿو ڏسڻ ۾ اَچين.“  گروشينڪا دوستاڻي نموني کيس چيو.  ”اِجهو هيءُ هاڻي منهنجي ملاقات لاءِ آيو آهي. هن ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ مون کي خبر نه ٿي پوي، ته هن جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هـُـن اڳي به اِيئن ڪيو هو ۽ هاڻي به اِيئن ئي ڪري رهيو آهي. هي بيشرميءَ جهڙي ڳالهه آهي! تون ڇو ٿو دانهون ڪرين؟ ڄڻ ته ڪا اِهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي توکي دانهون ڪرڻيون آهن.“  هـُـن هرهڪ لفظ کي ڳجهارت جي نموني ۾، جنهن ۾ ڪجهه ڪاوڙ به هئي، سمجهائڻ شروع ڪيو.

 ”...... مان دانهون ڪونه ٿو ڪريان .......... خير شام بخير“ . هـُـو پنهنجي ڪرسيءَ ۾ ڦريو. هـُـو اوچتو کليو. سندس کـِـلَ دستوري نه هئي، پر هڪ طويل، لرزه خيز.

 ”وري پنهنجي حال ۾ اَچي وئين ..... اَچ پاڻ کي خوش ڪر.“  گروشينڪا مٿس زور آڻيندي چيو.  ”مان تنهنجي اَچڻ تي بيحد خوش ٿي آهيان. مـِـتيا تون ٻڌين به ٿو، مان ڏاڍي خوش آهيان. مان چاهيان ٿي، ته هيءُ اَسان سان گڏ هجي. هن زور آڻيندي، سڄي جماعت کي چيو. جيتوڻيڪ سندس مخاطب خاص طرح صوفي تي ويٺل ماڻهو هو. منهنجي اِها مرضي آهي، اِها مرضي آهي. جيڪڏهن هيءُ هليو ويندو، ته مان به هلي وينديس.“  هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون.

 ”منهنجي راڻي قانوني لهجي ۾ حڪم ٿي ڏي.“  ٻول هي اعلان ڪندي، ڏاڍي دليريءَ سان، گروشينڪا جي هٿ کي چميو.  ”مان توکي عرض ٿو ڪريان صاحب، ته اَسان جي جماعت ۾ شامل ٿي وڃ.“  هن مـِـتيا کي بيحد مروت سان چيو.

مـِـتيا پنهنجي محڪم اِرادي سان ٽپو ڏئي اُٿڻ وارو هو، ته هـُـن پنهنجي ٽوڪ واري تقرير کي وري جاري رکيو، پر لفظن کيس سهارو نه ڏنو.

 ”اچ ته شراب پيئون صاحب!“  هن تقرير ڪرڻ جي بجاءِ سادي جملي کان ڪم ورتو. سڀ ڪو کلڻ لڳو.

 ”خدايا! مان سمجهيو ٿي، ته هيءُ وري ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو!“  گروشينڪا پريشانيءَ جي حالت ۾ پڇيو.  ”مـِـتيا ٻڌين ٿو.“  هـُـو ڳالهائيندي وئي.  ”ٽپا نه ڏي، تو چڱو ڪيو جو شئمپين آندو اَٿئي. مون کي پاڻ اُن جي گهرج آهي. مون کي معمولي شراب پسند نه آهي. سڀ کان وڌيڪ ڀلي ڳالهه هيءَ آهي، ته تون پاڻ آيو آهين. اسين هتي ڏاڍا مونجهيا هئاسون ..... تون وري عيش جي محفل لاءِ آيو آهين. پر پنهنجي رقم کي پنهنجي کيسي ۾ وجهه. توکي هيءَ رقم ڪٿان هٿ آئي؟“

مـِـتيا هن سموري وقت ۾ مروڙيل نوٽن کي هٿ ۾ رکيو ويٺو هو، جن تي سڀني جون اکيون ٿي پيون. خاص طرح اُن پول جون. هـُـن مونجهاري ۾ تيزيءَ سان نوٽن کي کيسي ۾ وڌو ۽ ڳاڙهو ٿي ويو. عين اُن وقت سراءِ جو مالڪ شئمپين جي هڪ کـُـليل بوتل کي کڻي اندر آيو. مگر هـُـو ايترو ته منجهيل هو، جو کيس ڪابه خبرنه ٿي پئي، ته اُن کي ڇا ڪري؟ ڪلگنوف اُن کان بوتل ورتي ۽ شئمپين کي اوتڻ لڳو.

 ”ٻي به، ٻي به بوتل“  سراءِ جي مالڪ کي رڙ ڪري  چيو. هن کان هيءَ ڳالهه ئي وسري وئي هئي، ته هن اُن پول کي باهمي صلح جي ڪري شراب جي گلاس جي دعوت ڏني هئي. هـُـو ڪنهن ٻي جي لاءِ ترسڻ کان سواءِ، ڀريل گلاس پي ويو. اوچتو سندس چهرو تبديل ٿي ويو. جن سادن ۽ مفهوم خيالن سان هـُـو اندر آيو هو، اُهي وٽانئس غائب ٿي ويا ۽ ٻاراڻي جهلڪ سندس منهن مان ظاهر ٿيڻ لڳي. هـُـو اوچتو مهربان ۽ صابر بڻجي ويو هو. هـُـو هر ڪنهن کي شرمائڻ وانگي، ۽ خوشيءَ مان نهارڻ لڳو ۽ بد دماغيءَ سان هلڪيءَ کـِـلَ سان کلڻ لڳو. هـُـو اُن روحاني خوشيءَ سان معمور هو، جا غلط ڪم جي نتيجي سزا جي صورت ۾ حاصل ٿيندي آهي ۽ وساري ويندي آهي. اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته هن سڀ ڪنهن شيءِ کي وساري ڇڏيو آهي ۽ سڀ ڪنهن کي، چوڌاري خوشيءَ مان هر ڪنهن کي ڏسڻ لڳو. هـُـو گروشينڪا کي ساندهه ڏسندو ۽ کلندو رهيو ۽ پنهنجي ڪرسي کڻي اُن جي ويجهو وڃي ويٺو. آهستي آهستي هن ٻن پول جي بابت سوچڻ شروع ڪيو، جيتوڻيڪ هن اُنهن بابت اَڃا ڪابه راءِ قائم نه ڪئي هئي.

صوفي تي ويٺل پول، پنهنجي عزت ڀريءَ وضع ۽ پول جي سليقي سان مٿس وڏو اَثر ڪيو. خاص ڪري سندس پائيپ کيس بيحد پسند آيو.  ”هن جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هيءُ ته پڻ سٺي ڳالهه آهي، جو هـُـو پائيپ کي ٿو ڇڪي.“  هـُـو غور ڪندو رَهيو. پول جي وچئين عمر وارو چهرو دونهين سان ڀريل هو. جنهن ۾ بينو نڪ ۽ خضاب لڳل بيحيا ۽ بدتميز مـڇون موجود هيون. پر اُنهن مـِـتيا تي ڪو به اَثر نه آندو. هن تي خاص طرح سائيبريا ۾ وارن جي ٺهيل ٽوپي ته ڪو اثر نه ڪيو، پر پنهنجي وارن کي جنهن بيوقوفي سان ڦڻي ڏني هئائين، اُن جو مٿس ضرور اَثر ٿيو.  ”مان سمجهان ٿو، ته هيءُ به ٺيڪ آهي، جڏهن ته هـُـو وارن جي ٽوپي ٿو پائي.“  هـُـو سندس حالت مان مزو وٺي رهيو هو. ٻيو اُن کان ننڍي عمر وارو پول جو بي دلي ۽ مونجهاري ۾ مجلس ۾ ويٺو هو، خاموش ۽ نفرت سان گفتگوءَ کي ٻڌي رهيو هو، مـِـتيا کي وڌيڪ متاثر ڪيو. سندس طويل قد جو صوفي تي ويٺل ماڻهو کان بلڪل مختلف هو، مـِـتيا چتائي ڏسندو رَهيو.  ”جيڪڏهن هي اُٿي بيٺو، ته ڇهه فوٽ ٽي اَنچ ٿي ويندو.“  هي خيال مـِـتيا جي دل جي اندر ڦرندو رهيو. هـُـو اندر ئي اندر پاڻ کي چوڻ لڳو، ته هيءُ ڊگهي قد وارو ٻيءَ جو دوست ۽ رفيق آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ، اُن جو محافظ هجي. ڏسڻ ۾ به اِيئن ٿي آيو، ته هـُـو ننڍي قد پائيپ وارو کيس حڪم ڏئي رهيو هو. هي سڀ ڪجهه مـِـتيا جي دل ۾ صحيح ۽ پورو ٿي نظر آيو، جنهن تي ڪنهن به ٻئي سوال جي ضرورت نه هئي. هـُـو جنهن ريت صابر بڻجي ويو هو، اُن سندس رقابت جو سڄو احساس ختم ڪري ڇڏيو هو.

گروشينڪا جي طرز ۽ سندس ڪن ڳجهارت جهڙن لفظن کي، هـُـو مڪمل ريت سمجهي نه سگهيو. هـُـو پنهنجي دهڪندڙ دل سان فقط هيءُ ئي سمجهي سگهيو هو، ته هوءَ مٿس مهربان  آهي ۽ کيس معاف ڪري پنهنجي ڀرسان جاءِ ڏني اَٿس. هـُـو پنهنجي ڀـَـر ۾ بيحد خوش ٿي ڏٺو ۽ شئمپين جي گلاس کي انتظار سان پيئندي ٿي ڏٺائين. سڄي گروهه جي خاموشي مٿس اَثر وجهڻ شروع ڪيو هو ۽ هـُـو چوڌاري هر ڪنهن کي اُميد ڀرين اکين سان نهاري رهيو هو.

 ”نيڪ مردو! اسان هتي اِيئن ڇو ويٺا آهيون؟ ڇو نه ٿا اوهان ڪنهن ڪم ڪار کي لڳو؟“  مـِـتيا جي روشن اکين مان ڄڻ اهي سوال بار بار ٿي نڪتا.

 ”هيءُ ته بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو ٿو رَهي ۽ اَسان سڀ هن تي کلندا ٿا رهون.“  ڪلگنوف ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڄڻ ته پنهنجي خيالن کي الهامي ٿي سمجهائين. سندس خطاب ميڪزيموف ڏانهن هو.

مـِـتيا عجب مان پهريائين ڪلنگوف ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ميڪزيموف کي ڏٺائين.

 ”هيءُ بيوقوفي جون ڳالهيون ٿو ڪري.“  هـُـو پنهنجي دستوري کـِـلَ کليو، ڄڻ ته ڪنهن اوچتي خوشيءَ کان خوش ٿي ڏٺو.

 ”هائو! جيڪڏهن اعتبار ڪريو، ته هيءُ هن ڳالهه تي غور ڪري رَهيو آهي، ته سن 1820ع کان وٺي سوار فوج جو هر آفيسر پولينڊ جي عورتن کي پنهنجي گهر ۾ آڻي ٿو. هيءَ خطرناڪ ڳالهه نه آهي؟“

دمتري جو خوشيءَ جي موج ۾ هو، چوڻ لڳو ته،  ”پولينڊ جي زال.“

ڪلگنوف پوريءَ ريت مـِـتيا ۽ گروشينڪا جي مناسبت کي سمجهيو ٿي. هن پول ڏانهن به نهاريو، پر اُن ۾ کيس ڪابه دلچسپي نظر نه آئي. سندس جيڪڏهن ڪابه دلچسپي هئي، ته اُها ميڪزيموف ۾ هئي. اتفاقاََ هي ميڪزيموف سان اُتي گڏجي آيو هو ۽ هـُـو هن سراءِ  پهريون ڀيرو پول سان مليو هو. گروشينڪا کي هـُـو اڳ ۾ ئي ڄاڻندو هو. هڪ دفعو اڳ ۾ به هـُـو ڪنهن سان گڏجي ساڻس مـِـليو هو، پر هـُـن ڏانهس ڪوبه ڌيان نه ڏنو هو. پر هتي هوءَ کيس بيحد پيار مان ڏسي رهي هئي. مـِـتيا جي پهچڻ کان اڳ ۾ هوءَ منجهس گهڻي دلچسپي وٺي رَهي هئي. مگر هاڻي وري اُن تي، هـِـن جو ڪوبه اَثر نه ٿي پيو. هيءُ ويهن ورهين جو نوجوان هو، کيس سهڻو لباس پهريل هو. سندس چهرو نهايت دلنشين ۽ ملائم ٿي ڏٺو ۽ وار گهاٽا ۽ وڻندڙ هئس. سندس چهري ۾ دلڪش ۽ اُداس نيريون اکيون ٿي ڏٺيون، جن مان ذهانت ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهري خيالات جي جهلڪ ٿي نظر آئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن نوجوان اِيئن ٿي ڳالهايو ۽ ڏٺو، ڄڻ ته هـُـو ٻار آهي. اُن کان کيس ڪابه شرمندگي نه پئي ٿي. هـُـو پنهنجي حالت کان پوريءَ ريت واقف هو. سراسري طرح هـُـو مخصوص طبعيت جو مالڪ ۽ هوسـَـباز هو، پر نهايت پـُـر لطف ٿي لڳو. ڪڏهن ڪڏهن منجهس شرارت به نظر ٿي آئي. هـُـن ڏٺو به ٿي ۽ ڳالهين کي ڌيان به ڏئي ٿي ٻـُـڌو، مگر معلوم پئي ٿيو، ته هـُـو پنهنجي ڪن خيالن ۾ غرق آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هـُـو
بي خيالو ۽ سست پئي ڏٺو. ڪن موقعن تي وري جوشيلو بڻجي ٿي ويو، سو به ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي.

ڪلگنوف وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته  ”مان چئن ڏينهن کان وٺي، هن کي پاڻ سان گهمائيندو رهيو آهيان.“  سندس لفظ آرام طلبيءَ سان نڪري رهيا هئا. بلڪل طبعي نموني، جيتوڻيڪ اُنهن ۾ ٿورو پيار ڀريو لهجو به هو.  ”توکي ياد هوندو ته جنهن ڏينهن اوهان جي ڀاءُ هن کي گاڏي مان اُڇلايو هو، اُن موقعي تي مون کي هن ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ مان کيس ٻهراڙيءَ ۾ وٺي ويس. پر هيءُ ايترو ته بيهودو ڳالهائي ٿو، جو مون کي شـَـرم ٿو اَچي، ته مان هن سان گڏ ڇو آهيان؟ مان کيس پوئتي موٽائي ٿو وڃان.“

 ”هن مهربان ڪڏهن پول زالون ڏٺيون ئي نه آهن. هيءُ جو ڪجهه چوي ٿو، ته اُهو ناممڪن آهي.“  پول پنهنجي پائيپ سان گڏ ميڪزيموف کي ڏٺو.

هـُـو روسي زبان چڱيءَ ريت ڳالهائي رهيو هو. ڪيئن به هجي، هـُـو ڪجهه ڏيکاءُ به ڪري رهيو هو. هـُـو جيڪڏهن روسي لفظ ڳالهائي به پيو، ته اُنهن کي پولينڊ جي لهجي ۾ موڙيندو ٿي رهيو.

 ”پر مان ته پاڻ هڪ پول عورت سان شادي ڪئي هئي.“  ميڪزيموف کيس ٽوڪيندي چيو.

 ”پر تو سوار فوج ۾ نوڪري به ڪئي آهي؟ تو سوار فوج جي گفتگو ٿي ڪئي. تون سوار فوج ۾ آفيسر هئين ڇا؟“  اِيئن چوندي ڪلگنوف کيس روڪيو.

 ”سچ پچ هيءُ سوار فوج جو آفيسر به هو ڇا؟ ها، ها“  مـِـتيا واڪو ڪري چيو. هـُـو ڌيان ڏيئي، نهايت شوق مان هرهڪ کي ڏسڻ لڳو. ڄڻ ته کيس انتظار هو ته ٻڌندڙ اُن جو ڪهڙو جواب ٿا ڏين.

 ”نه“  ميڪزيموف اُن ڏانهن ڦريو.  ”منهنجو مطلب آهي، ته جڏهن هيءُ پول عورت اسان جي سوارن  سان نچنديون آهن ...... يعني اُنهن مان جڏهن هڪ اسان جي سوار سان نچندي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي گوڏن کي ٻليءَ وانگر ٽپا ڏياريندي آهي .... هوءَ سفيد ننڍڙي عورت ..... سندس ماءُ ۽ پيءُ کيس اِيئن ڪندي ڏسندا آهن ۽ اُن جي اِجازت ڏيندا آهن ...... ٻي ڏينهن اُهو سوار موٽي ايندو آهي ۽ اُن جي خاطرداري ڪندو آهي ...... قصو اِهوئي آهي. ها ها.“  ميڪزيموف پنهنجي طعني زنيءَ کي پورو ڪيو.

اوچتو، اُن پول جيڪو ڀت جي ڀرسان ويٺو هو چيو، ته  ”هيءُ بدبخت آهي.“  هن پنهنجي هڪ ٽنگ ٻي ٽنگ جي مٿان ورائي. مـِـتيا سندس ڳوري ۽ سڻڀي بوٽ کي ڏٺو. جنهن جو تـَـرو ٿـُـلهو ۽ غليظ هو. ٻنهي پولَ جي پوشاڪ کي سڻڀو ڏٺو.

گروشينڪا سخت ڪاوڙ ۾ آئي ۽ چيائينس ته  ”نهايت بدبخت ٻار! هنن جي توهين ٿو ڪري.“

اُن پول جنهن جي وات ۾ پائيپ هو، گروشينڪا کي چيو ته:

 ”خاتون هن پولينڊ ۾ فقط بازاري عورتون ڏٺيون آهن، هن پولينڊ جي شريف عورتن ۽ ڪنوارين کي ڏٺوئي نه آهي.“

اُن جي دوست نفرت ڀـَـري آواز ۾ چيو، ته  ”اها حقيقت آهي.“

گروشينڪا کين ملامت ڪندي چيو، ته  ”هيءَ گفتگو ڪاچڱي نه آهي. ٻين تي طعني زني ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ اِهي ڳالهيون ته کـِـل جهڙيون آهن.“

 ”مان هن کي ڳالهائڻ کان نه ٿو روڪيان محترمه“  وارن واري ٽوپي پهريل همراهه چيو. هن گروشينڪا ڏي ڊگهي نظر سان ڏٺو ۽ وڏي شان سان، ڪرسيءَ جي پٺ ڏي موٽي، پائيپ کي وري پيئڻ لڳو.

 ”نه، نه، هن مهربان پول سچ چيو آهي.“   ڪلگنوف وري جوش ۾ اَچي ويو. ڄڻ ته هيءُ سوال بيحد ضروري ٿي ڏٺو.  ”هيءُ پولينڊ ويو ئي نه آهي، اُن ڪري هـُـو ڪيئن ٿو اُتان جون ڳالهيون ڪري؟ مان سمجهان ٿو، هن پولينڊ ۾ شادي ئي نه ڪئي آهي. ڪيئن اِيئن آهي نه؟“

 ”نه مان سمولينسڪ جي حصي ۾ شادي ڪئي آهي. اُن کان اڳ ۾ هڪ فوجي سوار اُن کي روس ۾ آندو هو. منهنجي مستقبل واري زال سان سندس ماءُ، ماسي ۽ ٻيون رشتيدار عورتون به ساڻ هيون ۽ هڪ چڱيءَ عمر وارو پٽ به ساڻس هيس. هـُـن اُن کي سـِـڌو پولينڊ کان آندو هو ۽ پوءِ منهنجي حوالي ڪيو هئائين. هـُـو اَسان جي فوجي دستي ۾ ليفٽيننٽ هو. نهايت ذهين نوجوان هو. پهريائين سندس خيال هو، ته اُن سان پاڻ شادي ڪري، پر هن اُن سان شادي نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ مـَـنڊي ٿي پئي هئي.“

 ”ها تو هڪ منڊي عورت سان شادي ڪئي؟“  ڪلگنوف کيس وراڻيو.

 ”هائو، اُنهن ٻنهي مون کي ٺڳيو هو ۽ سڄي ڳالهه کي ڳجهو رکيو هو. مان خيال ٿي ڪيو، ته شايد کيس ٽپن ڏيڻ جي عادت آهي ۽ هوءَ هميشھ ٽپن ڏيڻ ۾ مشغول هوندي آهي. مان ڄاتو ٿي، ته اهو سڀ ڪجهه خوشيءَ مان ڪندي ٿي رَهي. مان هن کي مزيدار مذاق ٿي سمجهيو.“

ڪلگنوف پنهنجي آواز کي ڪجهه تيز ڪيو ۽ ٻاراڻي نموني ۾ کيس چيائين ته،  ”چئبو ته هن پنهنجي راضپي سان، توسان شادي ڪئي هئي.“

 ”هائو، مگر هتي ته ڳالهه ئي ٻي نڪري پئي. پوءِ جڏهن اَسان شادي ڪئي، ته پهرئين ئي رات جو هـُـن قبول ڪيو ۽ نهايت پـُـراَثر آواز ۾ چيو، ته مان جڏهن ٻار هيس ته مٽيءَ جي گاري جي مٿان ٽپو ڏنو هيم ۽ اُن ڪري منهنجي ٽنگ زخمي ٿي پئي هئي. ها، ها.“

ڪلگنوف هيءُ ٻڌي ٻاراڻي کل ۾ ٻـُـڏي ويو. ايتري قدر جو صوفي تي ڪري پيو. گروشينڪا پڻ کلڻ لڳي ۽ مـِـتيا ته خوشيءَ ۾ اونڌو ٿي پيو.

 ”اوهان کي خبر آهي، هيءُ هاڻي سچ ٿو ڳالهائي.“  ڪلگنوف راءِ ڏيندي چيو ۽ مـِـتيا ڏي نهارڻ لڳو.  ”اوهان کي خبر  آهي، ته هن ٻه شاديون ڪيون آهن. هيءَ سندس پهرئين زال جي ڳالهه آهي، پر اوهان کي سندس ٻي زال جي خبر نه آهي، هوءَ ته اَصل وٽانئس ڀڄي وئي. هوءَ هن وقت جيئري آهي.“

 ”ڇا اِيئن ٿي سگهي ٿو؟“  هـُـن ميڪزيموف ڏي منهن ڦريندي چيو. سندس منهن مان حيرت ۽ عجب جا اُهڃاڻ ٿي نظر آيا.

 ”هائو، هوءَ ڀڄي وئي، مون کي اِهو ناخوشگوار تجربو به حاصل ٿيو.“  ميڪزيموف ندامت ڏيکاريندي اقرار ڪيو. هوءَ هڪ مانشيور (فرينچ مسٽر) سان ڀڄي وئي. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ ٿي، ته هـُـن منهنجي ٿوري ملڪيت به پنهنجي نالي تي تبديل ڪري ڇڏي. هـُـن اُن بابت اِيئن چوندي فيصلو ڪيو، ته تون تعليم يافته ماڻهو آهين ۽ پنهنجو گذران حاصل ڪري سگهندين. هڪ عزت مآب پادريءَ هڪ ڀيري مون کي چيو، ته  ”تنهنجي زالن مان هڪ منڊي هئي، پر ٻي ٽنگن ۾ تيز نڪتي ها، ها.“

 ”ٻـُـڌو ٻـُـڌو،“  ڪلگنوف ڀڻڪندي چيو، ته  ”هيءُ ڪوڙ ڳالهائي رَهيو آهي. هي اَڪثر اِيئن ڪندو آهي - پر هيءُ جو ڪجهه به ڪندو آهي، اَسان کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي. هن ۾ ڪابه خرابي نه آهي. ڪا آهي ڇا؟ توهان کي خبر آهي، هيءُ ڪنهن وقت مون کي ڏاڍو پسند ايندو آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي فائدي جي خاطر حقير بڻجي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هي نهايت حقير آهي، پر اها هن جي فطرت آهي. هيءُ پنهنجي سادگيءَ جي باعث اِيئن آهي. اوهان کي عجب لڳندو، ته هيءُ چوي ٿو ته (ڪالهه هـُـو ان حقيقت بابت بحث ڪندو ٿي آيو) گوگول پنهنجو ڪتاب ’مئل روح‘ اُن جي لاءِ ئي لکيو هو. توهان کي ياد هوندو، ته اُن ڪتاب ۾ هڪ زميندار ميڪزيموف جو نالو اَچي ٿو. جنهن کي نازدريوف ماريو هو. اُن ڪري مٿس مقدمو هليو هو، ته هن نشي جي حالت ۾ زميندار ميڪزيموف کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو هو. هيءُ چوي ٿو، ته اُهو ميڪزيموف مان آهيان. ڇا اوهان کي هن ڳالهه تي اعتبار به ايندو؟ چوي ٿو ته هن کي ئي مارَ ملي هئي! پر اِهو ٿي به سگهي ٿو، چيڪوف سن 1820ع ڌاري سفر ڪيو هو. اِهو سندس پويون سفر هو. تاريخون ته پاڻ ۾ ملن ئي نه ٿيون. هن کي پوءِ مار ڪيئن ملي؟ هيءُ ته ٿي ئي نه ٿو سگهي.“

اِهو خيال ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو، ته ڪلگنوف اِنهيءَ حقيقت بابت سخت جوش ۾ هو، پر سندس جوش سچائيءَ وارو هو. مـِـتيا سندس رهنمائيءَ کي بنا ڪنهن اعتراض جي قبول ڪيو.

 ”پر جيڪڏهن هنن کيس ماريو به آهي، ته هيءُ ٿي سگهي ٿو،“  مـِـتيا کلندي چيو.

 ”اِيئن نه آهي، ته هنن مون کي سچ پچ ڪو ماريو هو، پر منهنجو مطلب آهي، ته ....“  ميڪزيموف ڳالهايو.

 ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ توکي هنن ماريو يا نه؟“

پائيپ واري پول، پنهنجي ڊگهي قد واري دوست کان پڇيو، ته  ”هاڻي گهڻا لڳا هوندا؟“  هـُـو بيمزي ٿي نظر آيو. ٻئي فقط جواب ۾ پنهنجي ڪلهن کي ڌوڏيو. ڪنهن وٽ به واچ ڪونه هئي.

 ”ٻيا ماڻهو به ڳالهائين ٿا، تون به ڳالهاءِ. ٻيا ماڻهو توسان نه ڳالهائين، ڇاڪاڻ ته تون بي مزي ٿو ڏسجين.“  گروشينڪا سندس غلطيءَ کي محسوس ڪندي، کيس جهڻڪيو. مـِـتيا جي دل تي پهريون ڀيرو ڪا حقيقت چمڪي اُٿي. هن ڀيري پول ڪجهه محسوس ڪندي، کيس ڪاوڙ مان چيو:

 ”راڻي، مان ته ڪابه مخالفت نه ٿو ڪريان. مان ته ڪجهه نه ٿو چوان.“

 ”ته پوءِ شڪ آهي، اچ ۽ اسان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻـُـڌاءِ.“  گروشينڪا ميڪزيموف کي چيو.  ”اوهان سڀئي خاموش ڇو آهيو؟“

 ”ٻڌائڻ جهڙي ته ڪابه ڳالهه ڪانه آهي. هيءَ سڀ بيوقوفي هئي.“  ميڪزيموف کيس هڪدم چئي ڏنو. جنهن مان سندس نمايان تسلي ٿي ڏٺي، جنهن ۾ ڪجهه احتياط به هو. اُن کان سراءِ گوگول جي تصنيف ۾ مثال ترتيب به نظر ايندي. ڇاڪاڻ ته سندس نالن ۾ ڪو مطلب رکيل آهي. نازدريوف جو اصلي نالو نوسوف ۽ ڪـُـوَشـَـيـِـنيڪوف جو نالو ڪو ٻيو هو. هن کي شڪورنيف ٿي سڏيائون. فينارڊي جو اصلي نالو به فينارڊي هو. پر هو اطالوي هئڻ بجاءِ روسي هو. بيگم فينارڊي حـَـسين ڇوڪري هئي. مضبوط ٽنگن واري، جنهن کي ننڍي دامن واري قميص پهريل هوندي هئي، جنهن تي سـُـرمي ۽ ستارن جو ڪم ٿيل هوندو هو. هـُـوءَ هميشھ رقص ۾ مشغول هوندي هئي، چار ڪلاڪ نه پر چار منٽ اِنهيءَ عرصي ۾ به هوءَ ماڻهن جون دليون کسي وٺندي هئي ......“

”پر توکي ڇو مارَ ملي؟“  ڪلگنوف کانئس پڇيو.

”پيرون جي لاءِ“  ميڪزيموف جواب ڏنو.

”پيرون ڪير آهي؟“  دمتري کانئس سوال ڪيو.

 ”مشهور فرينچ مصنف پيرونءِ. اَسان هڪ وڏي جماعت جي حيثيت ۾ هڪ هوٽل ۾ شراب پي رهيا هئاسين. هيءُ هڪ ميلي جو موقعو هو. هنن مون کي به دعوت ڏني هئي. شروع ۾ مان ئي هـَـجوَ جا شعر ٻڌائڻ شروع ڪيا. ’بوالو اِهو تون آهين؟ ڪهڙو نه مسخري جهڙو لباس پهريو اَٿئي؟‘ بوالي کيس جواب ڏنو ته  ”هـُـو حمام ۾ ٿو وڃي. هاها.“  هـُـو هن طعني کان ڪاوڙجي ويا. مان بي پرواهيءَ سان وڌيڪ هجو وارا شعر، جن کي علم وارا ڄاڻن ٿا ۽ مشهور آهن، پڙهڻ شروع ڪيم:

 ”هائو اَسان سيفو ۽ فائون آهيون،

پـَـر هڪ ڏک مون کي جهوري رهيو آهي،

ته تون سمنڊ جي راهه نه ٿي ڄاڻين.“

هيءُ ٻڌي هـُـو وڌيڪ بگڙيا ۽ مون کي بـُـريءَ طرح بـَـدشـَـد ڳالهائڻ لڳا. جيئن ته منهنجي بدقسمتي هئي، مان ڳالهه کي ٺاهي نه سگهيس. مان پيرون جي بابت شائسته ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنيون، ته هـُـو ڪهڙيءَ ريت فرينچ اڪيڊميءَ ۾ مقبول نه پيو ۽ هـُـن ڪيئن انتقامي طور تي پنهنجي قبر لاءِ، هي ڪتبو لکيو:

 ”هيءَ پيرون جي قبر آهي، جنهن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو،

هيءُ اڪيڊمي جو رُڪن به ٿي نه سگهيو.“

 ”هنن مون کي جهلي مارڻ شروع ڪيو.“

 ”پر ڇا جي لاءِ؟“

 ”منهنجي تعليم لاءِ. ماڻهو ڪنهن به ڳالهه لاءِ ڪنهن کي ماري سگهن ٿا.“  ميڪزيموف پنهنجي حقيقت کي مختصر ڪندي  چيو.

 ”بس، بس، ڪافي  آهي! هيءَ سڄي بيوقوفي آهي. مان هن کي ٻـُـڌڻ نه ٿي گهران. مان سمجهيو ٿي، ته ڪا چڱي ٻـُـڌڻ جهڙي ڳالهه هوندي.“  گروشينڪا کيس وچ ۾ ڪاٽيندي چيو.

مـِـتيا کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو. هن هڪدم کلڻ ڇڏي ڏنو. ڊگهي قد وارو پول اُٿي بيٺو. سندس منهن مان شوخي ٿي ڏٺي، ڄڻ ته تنگ ٿي پيو هو. هـُـو ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ٿي آيو ۽ ويو. سندس هـَـٿَ پٺيءَ پويان وريل هئا.

 ”اڙي! هيءُ ماٺ ڪري ويهي نه ٿو سگهي.“  گروشينڪا کيس نفرت مان نهاريندي چيو. مـِـتيا انتظار ۾ پئجي ويو. هن هيءُ به ڏٺو، ته صوفي تي ويٺل پول کيس غصي جي نگاهن سان ڏسي رَهيو آهي.

 ”راڻي،“  مـِـتيا کيس چيو، ته  ”اَچو ته پيئون.“

هـُـن جهٽڪي ۾ ٽي گلاس کڻي ورتا ۽ اُنهن کي شئمپين سان ڀريائين.

 ”هي پولينڊ لاءِ دوستو. مان تنهنجي پولينڊ لاءِ هي پيئان ٿو.“  مـِـتيا وڏي آواز سان چيو.

صوفي تي ويٺل پول چيو، ته  ”مون کي هن لاءِ خوشي آهي دوستو!“  هن وڏي شان ۽ غرور سان هي لفظ چيا، جيتوڻيڪ هـُـو مهربان به ٿي ڏٺو.

 ”هيءُ ٻئي دوست لاءِ آهي، سندس نالو ڇا آهي؟ شوق سان پيءُ. پنهنجي گلاس کي کڻ.“  مـِـتيا کيس چيو.

 ”پان وريو بليڪسي.“  صوفي تي ويٺل پول چيو.

پان وريو بليسڪي گهمندي ميز ڏي وڌي آيو.

”ها پولينڊ جي لاءِ دوستو!“  مـِـتيا پنهنجي گلاس کي کڻندي چيو.

هنن ٽنهي پيتو. مـِـتيا وري بوتل کنئي ۽ وري ٽنهي گلاسن ۾ شراب اوتيائين.

 ”هاڻي رشيا جي لاءِ دوستو! اَسان سڀني کي پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃڻ کپي.“

 ”اَسان جي لاءِ به ڪجهه اوت.“  گروشينڪا کيس  چيو.  ”مان پاڻ رشيا جي لاءِ پيئڻ گهران ٿي.“

 ”ها، ها!“  ڪلگنوف چيو.

 ” ۽ مان به رشيا جي لاءِ ....... قديم مادر وطن!“  ميڪزيموف طعني طور چيو.

 ”سڀئي“  مـِـتيا واڪو ڪري چيو.  ”تريفان بورسووچ! ڪجهه وڌيڪ بوتلون کپن.“

ٽي ٻيون بوتلون، جي مـِـتيا آنديون هيون، اُهي ميز تي رکيون ويون ۽ هـُـن گلاسن کي ڀريو.

 ”رشيا، شاباس،“  هـُـن ٻيهر رڙ ڪري چيو. سڀني هن دعوت ۾ شريڪ ٿي پيتو، مگر پولَ اُن ۾ شريڪ نه ٿيا. گروشينڪا، هڪ ئي ڳيت ۾ گلاس پي وئي. مگر پولن مان ڪنهن به گلاس کي هٿ نه لاتو.

 ”هيءُ ڇا آهي دوستو؟ ڇا اوهين نه پيئندا؟ مـِـتيا کانئن پڇيو.“

پان وريوبليڪسي گلاس وٺي زوردار آواز ۾ چيو، ته  ”رشيا جي لاءِ جا سن 1772ع کان اڳ ۾ هئي.“

 ”ٺيڪ آهه“ ، ٻئي پول واڪو ڪري چيو ۽ هنن ٻنهي گلاسن کي هڪدم پي، خالي ڪري ڇڏيو.

 ”اوهان بيوقوف آهيو،“  مـِـتيا اوچتو چئي ڏنو.

 ”راڻي،“  ٻنهي پولن رڙ ڪري چيو. هـُـو مـِـتيا تي اِيئن جلهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جيئن ٻه ڪڪڙ هوندا آهن. پان وريوبليڪسي وڌيڪ جوش ۾ ٿي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيائين ته:

 ”ڇا ڪنهن کي به پنهنجي ملڪ سان محبت ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو!؟“

 ”خاموش، پاڻ ۾ نه وڙهو. مون کي ڪوبه جهڳڙو نه کپي.“  گروشينڪا گجندي چيو ۽ هـُـن پنهنجي پير کي زمين تي زور سان هنيو. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکيون چمڪڻ لڳس. اُن گلاس کي جيڪو پيتو هئائين، اُن جو اَثر هاڻي منجهس صاف ٿي ڏٺو. مـِـتيا سخت پريشان ٿي ويو.

 ”دوستو مون کي معاف ڪريو! هيءَ منهنجي غلطي هئي. وريوبليڪسي، دوست وريوبليڪسي، مون کي معاف ڪر.“

 ”پنهنجي زبان کي ڪنهن به طرح سان بند ڪري تون ويهي رَهه بيوقوف!“  گروشينڪا غصي مان کين ڇينڀيو.

هرڪو ويهي رَهيو. خاموشي ٿي وئي. هرڪو هڪٻئي کي ڏسڻ لڳو.

 ”مهربانو! مان ئي اِنهن سڀني ڳالهين جو ذميدار آهيان.“  مـِـتيا وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن ڪوشش ڪئي، ته مـِـتيا جي لفظن کي دهرائي.  ”اَچو اَسين هت ڇا جي لاءِ ويٺا آهيون؟ ڀلا ڇا ويهي ڪريون ...... ڪجهه ته وري پاڻ کي وندرايون؟“

 ”ها، ڪجهه هجي پر وندرائيندڙ“  ڪلگنوف چيو، جنهن مان سندس سستي صاف ٿي ڏٺي.

 ”اَچو ته وري فارو (پتن تي جوا) کيڏون. جيئن هاڻي ڪئي سون پئي.“  ميڪزيموف دٻيل کـِـلَ سان چيو.

 ”فارو، نهايت عمدي ڳالهه.“  مـِـتيا جواب ڏنو  ”جيڪڏهن هي دوست .....“

صوفي تي ويٺل چيو، ته  ”دوستو! دير ٿي وئي آهي.“  معلوم پئي ٿيو، ته هيءُ سندس دل وٽان نه آهي.

پان وريوبليڪسي سندس تائيد ڪندي چيو، ته  ”اِهو سچ آهي.“

 ”دير ٿي وئي آهي، اِنهيءَ کان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ گروشينڪا کانئس پڇيو.“

 ”راڻي دير کان منهنجو مطلب آهي، ته گهڻو وقت گذري  ويو آهي.“  صوفي تي ويٺل پول کيس سمجهايو.

 ”هنن جي لاءِ هميشھ دير آهي. هنن مان ڪجهه به نه ورندو.“  گروشينڪا ڪافي ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو. هي پاڻ بي مزي آهن، اُن ڪري ٻين کي به بي مزي ٿا بڻائين. مـِـتيا تنهنجي اَچڻ کان اڳ ۾ به هاڻي وانگر ماٺ ۾ هئا ۽ مون تي ناسون پئي هنيائون.“

صوفي تي ويٺل پول چيو، ته  ”راڻي تنهنجي بي اعتباريءَ کي ڏسي، مون کي ڏک ٿو ٿئي.“  وري دمتري ڏي منهن ڪري چيائين ته:

 ”مان حاضر آهيان.“

 ”چڱو اَچو ته کيڏون“  مـِـتيا قبول ڪندي، پنهنجي کيسي مان نوٽن جي ٿـَـهي ڪڍي ورتي ۽ اُنهن مان ٻه سـَـؤ روبل جا نوٽ ميز تي رکيائين. مان تو وٽ گهڻي رقم هارائڻ گهران ٿو. ها هيءُ پتا وٺ ۽ ورهاءِ.

 ”اَسان کي تاش، سراءِ واري کان وٺڻ گهرجي“  اُن ڪوتاهه قد تحمل ۽ صفائيءَ سان چيو.

 ”اِهو ٺيڪ طريقو آهي.“  پان وريوبليڪسي، ساڳين لفظن کي دهرايو.

 ”سراءِ جي مالڪ کان، ٺيڪ آهي. مان سمجهيو، اَسان کي تاش اُن کان وٺڻ گهرجي. مـِـتيا سراءِ جي مالڪ کي رڙ ڪري چيو،  ”پتا!“

سراءِ جو مالڪ تاش جو نئون بنڊل کليل کڻي آيو ۽ مـِـتيا کي اطلاع ڏنائين ته ڇوڪريون تيار ٿي رهيون آهن ۽ يهودي جانجهر ۽ باجن سان ڄاڻ پهتا، پر سامان سان ڀريل گاڏي اَڃا نه پهتي هئي. مـِـتيا ميز جي پاسي کان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ حڪم ڏيڻ لاءِ ٻي ڪوٺي ۾ هليو ويو. فقط ٽي ڇوڪريون موجود هيون ۽ ماريا موجود نه هئي. هن کي پاڻ خبر نه ٿي پئي، ته هـُـو کين ڪهڙي ريت حڪم ڏئي ۽ هيڏي ڇو هليو آيو آهي؟ هـُـن فقط ايترو چيو، ته پيتيءَ مان سوکڙيون ڪڍي ڇوڪرين کي ڏيو. مٺائي، ٽافيون ۽ ٻيون شيون.  ”ائنڊري کي وڊڪا (شراب جو قسم) ڏيو.“  هو تڪڙ ۾ چوندو ويو.  ”مان ائنڊريءَ سان بي مروتي ڏيکاري آهي.“

اوچتو ميڪزيموف، جو سندس پويان لڳو آيو هو، سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائينس، ته  ”مون کي پنج روبل ڏئي. مان به جوا ۾ داءُ لڳائيندس. ها، ها.“

 ”تون به موڙي سيڙائين ٿو. ڏاڍو عمدو. ها هيءُ وٺ ڏهه روبل.“

هن وري به پنهنجي کيسي مان سڀئي نوٽ ڪڍيا ۽ ڏهن جو نوٽ جدا ڪندي کيس ڏيندي چيائين، ته  ”جڏهن تون هارائين، ته وري اَچج ۽ وري اَچج.“

 ”ٺيڪ آهي!“  ميڪزيموف خوشيءَ مان چيو ۽ وري پٺتي موٽي ويو. مـِـتيا پڻ جلدي موٽيو ۽ سندن انتظار جي لاءِ کانئن معافي ورتائين. پول اڳ ۾ ئي ويهجي ويا هئا ۽ هنن پتن جي بنڊل کي کوليو هو. هـُـو هاڻي صلح پسند ۽ مهربان ٿي ڏٺا. صوفي تي ويٺل پول پنهنجي پائيپ کي نئين طرح سان ڀـَـري دکايو ۽ مطمئن ٿي ڏٺو.

 ”پنهنجي جاين تي ويهجي وڃو، مهربانو!“  پان وريوبليڪسي رڙ  ڪري چيو.

 ”نه، مان وڌيڪ کيڏڻ نه ٿو گهران“ ، ڪلگنوف پنهنجي راءِ ڏني.  ”مان هاڻي پنجاهه روبل هنن وٽ هارائي چـُـڪو آهيان.“

 ”هن دوست جي قسمت چڱي نه هئي، هاڻي کٽندو، سندس قسمت چمڪي پوندي.“  صوفي تي ويٺل پولَ، اُن ڏانهن منهن ڪري چيو.

 ”داءُ گهڻو آهي؟ اِهو ٻڌايو؟“  مـِـتيا کين چيو.

 ”اِهو پنهنجي راءِ تي ڇڏيل آهي. سـَـؤ به ٿي سگهن ٿا. ٻه سـَـؤ به ٿي سگهن ٿا، جيتري تون شرط رکين!“

 ”ڏهه لک!“  مـِـتيا کليو.

 ”منهنجي دوست ڪپتان، شايد پان پوڊويسوٽسڪي جي نالي شايد ٻڌو آهي؟“

 ”ڪهڙو پوڊويسوٽسڪي؟“

 ”وارسا ۾ هڪ جوا جو اَڏو هو، ۽ هرڪو اُتي اَچي داءُ لڳائيندو هو. پوڊويسوٽسڪي اُتي آيو. اُتي هـُـن هڪ هزار سونا سڪا رکيل ڏٺا. هن اُتي هنن لاءِ داءُ لڳايو. اُتان جي مالڪ کيس چيو، ته پان پوڊويسوٽسڪي تون داءُ جي رقم ڏئين ٿو يا تنهنجي مٿان اعتبار ڪيو وڃي؟ هن کين جواب ڏنو، ته منهنجي واعدي تي اعتبار ڪيو وڃي. ٺيڪ آهي، مالڪ چيو. هن ڍاري کي اُڇلايو. پوڊويسوٽسڪي کي ڏسي چيائين، ته تو کٽيو. هن پنهنجي خاني کي کوليو ۽ کيس هڪ لک ڏئي ڇڏيائين ۽ چيائين، ته تو کٽيو آهي. هوڏي اُن اَڏي جي بئنڪ ۾ فقط هڪ لک روبل هئا. پوڊويسوٽسڪي ڏي هن منهن ڪري چيو ته،  ”تو پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ گهريو، هاڻي اَسان کي به پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ گهرجي.“  پوڊويسوٽسڪي کي هڪ لک روبل ملي ويا.“

 ”اِهو صحيح نه آهي.“  ڪلگنوف کيس چيو.

 ”عزيز ڪلگنوف، سکر ماڻهن جي مجلس ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون  آهن.“

 ”ڄڻ ته پولينڊ جو ويٺل جواري، هڪ لک روبل ڏئي ڇڏيندو.“  مـِـتيا چيو ته سهي پر يڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين.  ”معاف ڪر دوست! مون کان وري غلطي ٿي وئي آهي. هي هڪ لک ڏئي سگهي ٿو. پولينڊ کي عزت ڏيڻ لاءِ، هيءُ هڪ لک به ڏئي سگهي ٿو. ڪيئن نه مان پولينڊ جي زبان ۾ ڳالهائي رَهيو آهيان. ها، ها. مان ڏهه روبل جو داءُ لڳايان ٿو.“

 ”مان هڪ روبل راڻيءَ تي رکان ٿو، جا دلين جي راڻي آهي. ننڍڙي ۽ سهڻي گـُـڏي. ها، ها.“  ميڪزيموف کلندي راڻيءَ کي ٻاهر ڪڍيو. ڄڻ ته هـُـو سڀني کان اُن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هـُـو سنئون سڌو اڳتي وڌيو. هـُـو تڪڙو ميز کان نڪري آيو ۽ چيائين ته  ”مـِـتيا کٽيو ۽ روبل پڻ کٽيو.“

 ”پاسي!“  اُن وقت مـِـتيا چيو.

 ”مان ٻي روبل جو داءُ لڳايان ٿو!“  ميڪزيموف هڪ روبل جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾، نهايت خوشيءِ مان چيو.

اُن وقت دمتريءَ رڙ ڪري  چيو، ته  ”مون هارايو پر اُن کي هاڻي ٻيڻو ٿو ڪريان.“  پر اهي به هن هارايا.

اوچتو ڪلگنوف زور سان چيو ته  ”بيهو.“

 ”ٻيڻو، ٻيڻو!“  مـِـتيا رقم کي ٻيڻو ڪندو ٿي ويو. هر گهڙي هـُـو داءَ کي اڳي کان ٻيڻ ۾ وڌائيندو رَهيو. مگر پول تاش جي پتن کي کوليندي کٽندا ئي ٿي رهيا ۽ هڪ روبل جو داءُ کـُـٽندو ٿي ويو.

مـِـتيا جوش ۾ اَچي واڪو ڪري چيو ته  ”ٻيڻ، اَڃا به ٻيڻ.“

 ”دوست تون ٻه سـَـؤ روبل هارائي چـُـڪو آهين. ڇا اَڃا به وڌيڪ سـَـؤ روبل جو داءُ رکندين؟“  صوفي تي ويٺل پول کانئس معلوم ڪرڻ گهريو.

 ”ڇا مون ٻه سـَـؤ روبل هارايا آهن، هاڻي وري ٻيا ٻه سـَـؤ. سڀ ٻيڻ تي هوندا!؟“   هـُـن کيسي مان پيسن کي ٻاهر ڪڍيو. مـِـتيا راڻيءَ تي ٻه سؤ روبل رکڻ وارو هو، جو ڪلگنوف پنهنجي هٿن سان نوٽن کي ڍڪيو.

 ”هي ڪافي آهن،“  هـُـن پنهنجي آواز سان خبردار ڪيو.

 ”آخر ڇا آهي؟“  مـِـتيا کيس عجب مان ڏسي چيو.

 ”بس ڪافي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته وڌيڪ راند کيڏين. نه بس آهي.“

 ”پر ڇو؟“

 ”ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو چاهيان. کڏ ۾ وجهينس، پـَـري ٿي وڃ. مان نه ٿو چاهيان ته تون کيڏين.“

مـِـتيا کيس عجب مان نهارڻ لڳو.

 ”مـِـتيا هاڻي راند کي بـَـس ڪر. جيئن هيءُ  چوي ٿو، اِيئن هوندو، تو گهڻو ئي هارايو آهي.“  گروشينڪا کيس نرالي آواز سان چيو. ٻئي پول پنهنجي جاءِ تان بيحد ناراض ٿي اُٿيا.

بندري ماڻهوءَ کيس چيو ته،  ”راڻي! تون شايد مذاق ڪـَـري رهي آهين؟“  هـُـو ڪلگنوف کي نفرت جي نگاهن سان ڏسڻ لڳو.

 ”توکي اِها همٿ ڪيئن پيدا ٿي؟“  وريوبليڪسي کيس ڪاوڙ مان چيو.

 ”اِيئن رڙيون ڪري نه ڳالهاءِ،“  گروشينڪا واڪوڪري چيو.  ”ويڙهو ڪڪڙ خيال ڪر.“

مـِـتيا واري تي ٻنهي کي ڏسندو رهيو. هـُـن اوچتو گروشينڪا جي منهن ۾ ڪاٻي شيءِ ڏٺي ۽ سندس دل ۾ ڪا نئين شيءِ چمڪڻ لڳي - بلڪل هڪ نئون خيال.

 ”راڻي اگريپنيا،“  ڪوتاهه قد پول ڳالهائڻ شروع ڪيو. هـُـو ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. مـِـتيا اوچتو وڌي ويو ۽ سندس ڪلهي تي ڌڪ هڻي ڪڍيائين.

 ”منهنجا مهربان! مان توسان ٻه لفظ ڳالهائڻ گهران ٿو.“

 ”توکي ڇا کپي؟“

 ”ٻي ڪوٺيءَ ڏانهن هـَـل، مان توسان ٻه لفظ ڳالهائڻ گهران ٿو ۽ نهايت وڻندڙ ڳالهه آهي. تون ٻـُـڌي خوش ٿيندين.“

ننڍي قد واري پول، کيس عجب مان نهارڻ لڳو. هـُـن اِها ڳالهه هڪدم قبول ڪئي، پر کيس شرط وڌائين ته سندس دوست وريوبليڪسي به ساڻس گڏ هوندو.

 ”هي تنهنجو ساٿي ۽ رکوال، ڀلي اَچي. مون کي هن جي به ضرورت آهي. هيءُ ضرور هجي،“  مـِـتيا چيو.  ”چڱو هاڻي هلون ٿا دوست!“

 ”ڪا ڏي ٿا وڃو؟“  گروشينڪا کانئن انتظاريءَ مان پڇيو.

 ”اسان جلدي موٽي ٿا اَچون،“  مـِـتيا کيس جواب ڏنو.

سندس اکين ۾ اعتماد چمڪڻ لڳو. سندس چهرو، ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ۾، جو مايوس ٿي ڏٺو، هاڻي اُن کان بلڪل نيارو ٿي ڏٺو.

هـُـو پـُـول پاڻ سان گڏ وٺي وڏي ڪمري ۾ داخل ٿيو، جتي ڇوڪرين جي راڳ جي محفل کي تيار ٿي ڪيو ويو ۽ هـُـو سڀ ميز جي چوڌاري وڃي گڏ ٿيون هيون. اُن ڪمري ۾ ساڄي طرف خواب گاهه جو ڪمرو به هو، جنهن ۾ پيٽيون ۽ بقچه رکيل هئا. اُن ۾ ٻه وڏا بسترا موجود هئا، جن تي وهاڻن جا انبار رکيل هئا. اُن ڪوٺي جي ڪنڊ ۾ هڪ ميز پيل هئي،جنهن تي ڏيئو رکيل هو. ننڍي قد وارو ۽ مـِـتيا هڪ ٻي ڏي منهن ڪري ميز جي ڀرسان ويهي رهيا ۽ ڳوري جسم وارو وريوبليڪسي، سندن پاسي ۾ بيهي رهيو. ٻئي پول سخت مزاج بڻجي ويا هئا، پر معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ ٿي ڏٺا.

ننڍي قد واري پول کيس چيو، ته  ”دوست توکي ڇا کپي؟

 ”ها هيڏي نهار دوست! مان توکي گهڻو وقت نه ترسائيندس.“  تنهنجي لاءِ رقم موجود آهي. هن پنهنجي نوٽن کي ڪڍيو. توکي ٽي هزار روبل کپن؟ اِهي وٺ ۽ هليو وڃ.“

پول جون اکيون کـُـلي ويون ۽ هـُـو مـِـتيا کي عجب مان نهارڻ لڳو.

 ”ٽي هزار دوست؟“  هن وريوبليوسڪي ڏي اکين سان اِشارو ڪيو.

ٽي، دوست ٽي، ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ. تون سمجهدار ٿو ڏسجين. ٽي هزار روبل وٺ ۽ گم ٿي ۽ توسان گڏ وريوبليڪسي به هوندو - تون ٻـُـڌين ٿو؟ پر هڪدم. هاڻي ۽ هميشھ لاءِ. تون چڱيءَ ريت سمجهين ٿو دوست، هميشھ لاءِ، هو دروازو آهي ۽ اُن مان نڪري وڃ. تنهنجو هـُـتي آهي ئي ڇا؟ هڪ ڪوٽ، اُن وارو ڪوٽ؟ مان اُهو کڻي اَچي توکي ڏيندس. گهوڙا بيٺا آهن ۽ تنهن کانپوءِ، خدا حافظ دوست!“

مـِـتيا، جواب جي منظوريءَ لاءِ ترسيو. هن وٽ ڪوبه شڪ ۽ شبهو ڪونه هو. وٽس پولَ جي خيال جي پختگيءَ جو عجب اظهار هو.

 ”پيسا دوست؟“

 ”پيسا؟ پنج سـَـؤ روبل مان توکي هاڻي ڏيان ٿو، جي توکي سفر لاءِ ڪم ايندا. هيءَ منهنجي پهرين قسط آهي ۽ باقي ٻه هزار ۽ پنج سـَـؤ روبل، سڀاڻي شهر ۾. مان پنهنجي عزت جو قسم کڻي چوان ٿو، ته اُهي سڀاڻي مون کي ملندا، ڪنهن به قيمت تي ملندا.“  مـِـتيا کيس واڪو ڪري چيو.

پولَ هڪٻئي ۾ اکيون بدلائڻ لڳا. ننڍي قد واري جو چهرو وڌيڪ نفرت انگيز ٿيڻ لڳو.

 ”ست سـَـؤ، سـَـت سـَـؤ روبل، پنج سـَـؤ نه. اُهي هاڻي هن گهڙيءَ اَدا ڪريان ٿو.“  مـِـتيا کيس چيو. هن ڪجهه غلطي محسوس ڪئي. دوست ڇا آهي؟ توکي مون تي اعتبار نه ٿو اَچي ڇا؟ مان توکي سنوان سڌا ٽي هزار روبل ڏئي نه ٿو سگهان. جيڪڏهن مان سڀئي ڏيئي ڇڏيان، ته تون شايد موٽي اَچين ..... اُن کان سواءِ ٽي هزار روبل هت مون وٽ موجود به آهن. اُهي شهر ۾ منهنجي گهر ۾ آهن.“  مـِـتيا نااُٰميديءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ سندس دل ٻڏڻ لڳي. هڪ هڪ لفظ تي جنهن کي هـُـو ڳالهائي رهيو هو، جـُـهرڻ لڳو.  ”منهنجي زبان تي اعتبار ڪريو، اِها رقم، گهر ۾ مون وٽ لڪيل آهي.“

اُن ئي گهڙيءَ ۾ هڪ غير معمولي، شخصي عزت جو خيال اُن ڪوتاهه قد جي چهري ۾ جهلڪ ڏيڻ لڳو.

 ”ٻيو ڇا؟“  هن کيس طنزيه انداز ۾ چيو.  ”توکي شرم اَچڻ کپي!“  هـُـن زمين تي ٿـُـڪ اُڇلائي، وريوبليوسڪي به اُن وانگر زمين تي ٿـُـڪ اُڇلائي.

 ”دوست توکي اِيئن ڪرڻ گهرجي!“  مـِـتيا سڀ ڪا ڳالهه هٿن مان ويندي ڏسي کيس چيو. اوهان کي شايد گروشينڪا جي لاءِ وڌيڪ وصول ڪرڻو آهي. توهان چڱا نامرد ٿا ڏسجو.

 ”اها وڏي بي عزتي آهي!“  ننڍي قد وارو پول غصي کان  ڳاڙهو ٿي ويو. هـُـو ڪمري کان نڪري ويو، نهايت آهستگيءَ سان، ڄڻ ته هـُـو ٻيو ڪجهه ٻـُـڌڻ لاءِ تيار نه هو. وريوبليڪسي به اُن جي پوئتان هليو ويو ۽ آخر ۾ مـِـتيا مـُـنجهيل ۽ پريشان نڪتو. کيس گروشينڪا کان خوف پئي ٿيو. ڇاڪاڻ ته پول هڪدم لـُـڙ مچائيندو. سچ پچ هـُـن اِيئن ڪيو. پول ڪمري ۾ گهڙيو ۽ نهايت ڊرامائي انداز ۾ گروشينڪا جي سامهون پاڻ کي اُڇلايائين.

 ”راڻي اگريپنيا! منهنجي سخت بي عزتي ٿي آهي.“  هن ٻڌائڻ شروع ڪيو. پر گروشينڪا اوچتو پنهنجو صبر وڃائي ويٺي. ڄڻ ته کيس ڪنهن نازڪ جاءِ تي زخم پهچايو ويو هو.

 ”روسي زبان ۾ ڳالهاءِ!“  هـُـن رڙ ڪري چيو  ”وري پولينڊ جي زبان جو هڪ لفظ به هيئن نه گهرجي. تون ته روسي ڳالهائيندو هئين. اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته تو پنجن سالن ۾ اُن کي وساري ڇڏيو هوندو.“  هوءَ بي صبريءَ کان سـُـرخ ٿي وئي هئي.

 ”راڻي! گريپنيا......“

 ”منهنجو نالو اگرافينا آهي. تون روسي زبان ۾ ڳالهاءِ، ٻي حالت ۾ مان تنهنجو ڪجهه به نه ٻڌنديس.“

پول پنهنجي شان کي مجروح ٿيندي ڏٺو، پر جلدي روسي ٻوليءَ ۾ پنهنجي شان کي قائم رکندي چيائين ته:

 ”مان هتي آيو هوس، ته ماضي کي وساري ڇڏيان. اُنهن سڀني ڳالهين کي فراموش ڪري ڇڏيان، جي اڳ ۾ ٿي گذريون هيون.“

 ”عفو؟ تون هتي مون کي معاف ڪرڻ آيو  آهين؟“  گروشينڪا کيس ٿوري ۾ قطع ڪرڻ گهريو. هوءَ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿي.

 ”اِيئن برابر آهي راڻي. مان بزدل نه آهيان مان بلند حوصلي وارو آهيان. پر مون کي سخت صدمو پهتو آهي، جڏهن مان تنهنجي عاشقن کي ڏٺو آهي! منهنجي دوست مـِـتيا، مون کي ٻي ڪمري ۾ ٽي هزار روبل آڇيا هئا، ته مان توکي ڇڏي وڃان. مان هن دوست جي منهن ۾ ٿوڪاري ڇڏيو.“

 ”ڇا؟ هـُـن منهنجي لاءِ توکي پيسن جي آڇ ڪئي هئي؟“  گروشينڪا واڪو ڪري چيو.  ”اِهو سچ آهي مـِـتيا؟ توکي اِها ڪيئن همت ٿي؟ ڇا مان وڪري جي لاءِ آهيان؟“

 ”راڻي، راڻي،“  مـِـتيا هٻڪندي چيو  ”هيءَ پاڪ ۽ روشن آهي. مان هن جو ڪڏهن به عاشق نه رهيو آهيان! هيءُ ڪوڙ آهي ......“

 ”توکي ڪيئن جرئت ٿي آهي، جو تون منهنجو بچاءُ ٿو ڪرين. جيڪڏهن مان پاڪ رَهي به آهيان، ته اِها منهنجي عصمت هئي، ڪـُـوزماجي خوف کان اِيئن نه ٿيو آهي. هيءُ سڀ پنهنجي نفس جي عزت هئي. مان اهو چاهيان پئي، ته همٿ سان جڏهن هن جي صورت ڏسان، ته اُن کي ٿوڪاريان.“

دمتري ڳالهائڻ لڳو، ته  ”هن پيسن کي ته قبول ڪيو هو، پر ٽي هزار روبل هڪدم ٿي گهريائين. مگر مون وٽ ستن سـَـون کان وڌيڪ نه هئا.“

 ”معاملو صاف آهي.“  گروشينڪا چوڻ لڳي، ته  ”هن کي خبر پئي آهي، ته مون وٽ رقم آهي، اُن ڪري هيءُ مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو آهي.“

پول جواب ڏنو ته  ”راڻي گروشينڪا مان هڪ اصيل ۽ اخلاق وارو آهيان، مان ذليل ۽ ڪمظرف نه آهيان. مان آيو هوس، ته توسان شادي ڪريان. پر هتي مان ڪنهن ٻي عورت کي ڏسي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اُها اڳئين عورت نه آهي، جنهن کي مان پوريءَ ريت سڃاتو ٿي. هيءَ ته حوس واري ۽ گستاخ عورت آهي.“

گروشينڪا، جنهن کان مڪمل طرح هوش ڇڏائي ويو هو، کيس چيو ته:

 ”جنهن خيال سان تون آيو آهين، اُن سان موٽي وڃ. مان هنن کي حڪم ڏيان ته هـُـو توکي لوڌي ٻاهر ڪڍن. ڪيتري قدر نه مان بيوقوف هيس، جو هن جي لاءِ پاڻ کي تڪليفون ڏيندي رهيس. اِيئن نه آهي، ته مان هن جي ڪري پاڻ کي ايذاءَ ڏيندي رهيس، پر هيءُ پاڻ سان دشمني ۽ وير هو، جو هن کي دوست ٿي رکيم. گذريو. اِهو پهريون ماڻهو نه آهي، شايد ڪو ٻيو هو. هيءُ ماڻهو جو منهنجي سامهون بيٺو آهي، اُن پهرئين جو شايد پيءُ آهي ...... هيءَ وارن واري ٽوپي ڪٿان آندي اَٿئي؟ هـُـو هڪ باز هو ۽ هيءُ اُن جو طعمو. هـُـو منهنجي لاءِ کلندو ۽ ڳائيندو هو. مان هن جي لاءِ پنج ورهيه روئيندي پٽيندي رهيس. نهايت بيوقوف ۽ بي شرم هيس.“

هـُـوءَ پنهنجي هيٺانهين ڪرسيءَ ۾ پـُـٺ سان وڃي لڳي ۽ پنهنجو مـُـنهن هٿن ۾ لڪائي ڇڏيائين. اُن وقت ماڪرو جي ڇوڪرين جو نغمو شروع ٿي ويو، جي کٻي پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ڳائي رهيون هيون. رقص جو هڪ ڌماچوڪڙيءَ وارو راڳ.

سراءِ جو مالڪ، جو ڪجهه وقت کان ڪمري ۾ جهاتيون پائي رهيو هو، واڪا ٻـُـڌي سمجهيائين، ته سندس مهمان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. هڪدم ڪمري ۾ گهڙي آيو.

 ”ڇا جي لاءِ اوهان واڪا ٿا ڪريو؟ توهان پنهنجي سيني کي ڇنڻ ٿا گهرو؟“  هن وريوبليوسڪي ڏي بي مروتيءَ سان نهاريندي عجب مان چيو.

 ”جانور“ ، بڙبڙ ڪندي وريوبليوسڪي چيو.

 ”جانور؟ اِهي ڪهڙي قسم جا پتا هئا، جن سان اوهان هاڻي کيڏي رهيا هئا؟ مان توهان کي پتن جو بنڊل ڏنو، اوهان ان کي لڪائي رکيو. اوهان نشان ڏنل پتن سان کيڏندا رهيا! مان توهان کي ڪوڙن پتن جي کيڏڻ سان سائيبريا موڪلي سگهان ٿو. توهان کي خبر آهي، ته هيءُ ايترو ئي ڏوهه آهي، جيترو ڪوڙا نوٽ هلائڻ .....“

هـُـو پوءِ صوفي ڏي هليو ويو. هن صوفي جي پٺ ۽ گاديلي جي وچان هڪ بند ٿيل تاش جو بنڊل ڪڍي ورتو.

 ”هيءُ منهنجو بند ٿيل پتن جو بنڊل آهي.“

هن اُن کي هٿ ۾وٺي سڀني کي ڏيکاريو.  ”جتي مان بيٺو هوس، اُتان ڏٺم ته هنن ڪيئن نه بنڊل کي سـُـرڪائي ورتو ۽ اُن جي جاءِ تي ٻي کي رکيائون - اوهان ٺڳ آهيو، شريف ڪٿي آهيو؟“

 ”مان ٻه ڀيرا ڏٺو هو، ته هن دوست پنهنجي پتن کي پئي ٿي ڦيرايو.“  ڪلگنوف شاهدي ڏني.

 ”ڪيتري نه بي شرمي، ڪيڏي نه بي شرمي؟“ ، گروشينڪا هٿن کي مهٽيندي چيو. شرمندگيءَ کان ڳاڙهي ٿي وئي. خدايا! هيءُ هتي اِنهيءَ لاءِ آيا هئا.

 ”مان پاڻ اِيئن خيال ٿي ڪيو.“  مـِـتيا چيو. پر اِنهيءَ کان اڳي جو هو پنهنجي جملي کي پورو ڪري، وريوبليسڪي منجهيل ۽ ڪاوڙ ڀريل منهن سان، پنهنجو ٺؤنشو گروشينڪا ڏي وڌايو ۽ واڪو ڪري چيائين ته:

 ”تون ذليل ۽ بدمعاش عورت!“

مـِـتيا هڪدم اُن ڏي جهٽيو. ٻنهي هٿن ۾ کيس جهليائين، هوا ۾ مٿي کڻي ويس ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويس، جا سڄي پاسي ڏي هئي، جنهن مان هـُـو تازو موٽي آيا هئا.

 ”مان هن کي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي.“  هـُـن سڀني کي ٻڌايو. هو نهايت جوش ۾ ٿي ڏٺو.  ”هـُـو بدمعاشي ڏيکاري رهيو هو. پر هـُـو موٽي نه ايندو. هاڻي ان مان ڪوبه خوف نه آهي.“  هن بند ٿيل دروازي جي هڪ تاڪ کي ٿورو کوليو ۽ ٻي تاڪ کي ٿورو پـَـٽي، هـُـن ڪوتاهه قد پول کي سـَـڏ ڪيو.

 ”نهايت بلند ڪردار وارا، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، ته تون به هتان هليو وڃ!؟“

 ”منهنجا عزيز دمتري فيودورپاولووچ“  کيس سراءِ جي مالڪ چيو، ته  ”هنن کان اُها رقم موٽائي وٺ، جا تو هنن وٽ هارائي آهي. هنن اُها توکان چورائي آهي.“

 ”مون کي پنهنجا پنجاهه روبل نه کپن!“  ڪلگنوف هڪدم پنهنجي طرفان اظهار ڪيو.

 ”مون کي به پنهنجا ٻـَـه ســَـؤ روبل نه کپن!“  مـِـتيا رڙ ڪري چيو. مان ڪجهه به نه وٺندس. اِهي پيسا هنن کي پنهنجي تسليءَ لاءِ رکڻ کپن.“

 ”شاباس مـِـتيا، تون وڏو بهادر آهين مـِـتيا.“  گروشينڪا زور سان چيو. سندس گفتگو مان غصي جو اظهار ٿي ڏٺو.

ڪوتاهه قد دوست، ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. پر اَڃا تائين به پنهنجي شان کي اڳڙيون وجهي رَهيو هو. هـُـو دروازي ڏي وڌي رهيو هو، پر هـُـو اُتي ٿوري وقفي لاءِ ترسيو ۽ گروشينڪا ڏي نهاري، اُن کي چيائين ته:

 ”راڻي! جيڪڏهن تون مون سان اَچڻ گهرين ٿي ته اَچ. جيڪڏهن نه ته خدا حافظ!“

بي عزتي ۽ بي همتيءَ سان هـُـو سڄي، دروازي کان ٻاهر نڪري ويو. هيءُ اخلاق وارو انسان هو. هن کي پنهنجي لاءِ ايڏي ته عمدي راءِ هئي، جو هيتري حالت گذرڻ کان پوءِ به، کيس اَڃا اُميد هئي، ته هوءَ ساڻس شادي ڪند ي. مـِـتيا سندس وڃڻ کان پوءِ دروازي کي بند ڪري ڇڏيو.

قلف ڏئي ڇڏينس، ڪلگنوف کيس چيو. پر ڪنجي جي ڦرڻ جو ٻي طرف کان آواز آيو. هنن پاڻ ئي دروازي کي بند ڪري ڇڏيو.

گروشينڪا، ظالماڻي آواز ۾ چيو، ته  ”ڏاڍو چڱو ٿيو، هـُـو پنهنجي سزا کي پهتا.“

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org