سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو پهريون

صفحو :4

 

باب پنجون

هڪ اڻٽر ارادو

هوءَ پنهنجي ڏاڏي سان گڏ رڌڻي ۾ ويٺي هئي. هوُ سمهڻ جي تيارين ۾ هيون، ڇو ته کين نذر ايوانووچ جو آسرو هو ۽ انهيءَ ڪري هنن دروازي کي قلف به نه هنيو هو. مـِـتيا ڊوڙي اندر پهتو. فينا تي حملي آور ٿيو ۽ کيس سيني کان جهليائين.

 ”مون کي جلدي ٻڌاءِ ، ته هوءَ ڪٿي آهي؟ هاڻي ڪنهن وٽ آهي؟ ماڪرو ۾ آهي؟“  مـِـتيا وڏي جوش مان رڙ ڪري پڇيو.

ٻئي زالون ڏڪي ويون.

 ”اڙي مان توکي ٻڌايان ٿي، منهنجا پيارا دمتري فيودورووچ. مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. ڪا به ڳالهه توکان نه لڪائينديس.“  فينا موت جي خوف کان ٻاتي ٿي وئي. ”هوءَ ماڪرو پنهنجي آفيسر ڏي وئي آهي.“

 ”ڪهڙو آفيسر؟“  مـِـتيا رڙ ڪري چيو.

 ”اُهو آَفيسر، جنهن کي هوءَ اڳ ۾ ئي سڃاڻندي هئي. اُهو جنهن کيس پنج سال ٿڏي ڇڏيو هو.“  جيئن هوُ ڏاڍو تڪڙو ڳالهائي رهي هئي، سندس زبان وڌيڪ وچڙڻ لڳي.

مـِـتيا پنهنجي هٿن کي ڍرو ڪري ڇڏيو، جنهن سان هن سندس سيني کي پڪڙيو هو. هو سندس سامهون اِيئن بيٺو هيو، ڄڻ ته سڪرات کان هيڊو ٿي ويو آهي. سندس زبان مان ڪو به اکر اُڪلي نه سگهيو. پر سندس اکين مان معلوم پئي ٿيو، ته کيس اُن سڄي حقيقت جو احساس آهي. هوُ الف کان ي تائين سمجهي ويو هو ۽ سڄي حالت جو کيس اندازو ٿي ويو هو. غريب فينا اُن وقت اهڙي حالت ۾ هئي، جو هو سمجهي نه ٿي سگهيو، ته هـُـن سمجهيو به آهي يا نه. هوءَ اهڙي ريت ئي صندوق تي ويٺي هئي، جيئن اُن جي اچڻ وقت ڪوٺيءَ ۾ ويٺي هئي. هوءَ سڄي ڏڪي رهي هئي ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ ٻاهر ڪڍي ڇڏيا هئا، ڄڻ ته هوءَ پنهنجي بچاءَ لاءِ تيار آهي. اِيئن ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڄڻ ته سندس مـَـتيـَـون منجهي ويون آهن. سندس کليل ۽ خوف گڏيل اکيون، هن تي کـُـپيل هيون، جن ۾ ڪا به چر پر ڪانه هئي. هن جڏهن سندس ٻئي هٿ رت ۾ ڀريل ڏٺا، ته حالت وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويس. ٿي سگهي ٿو ته رستي ۾ ڊوڙندي هن پنهنجي پگهر کي ڇنڊڻ لاءِ ، رت هاڻا هٿ، منهن تي لڳايا هئا، جنهن ڪري سندس نراڙ ۽ ڳلن تي رت جا داغ هئا. فينا هن حالت کان ذري گهٽ پاڳل بڻجي وئي. پوڙهي بورچياڻي پنهنجي جاءِ کان ٽپو ڏئي اُٿي هئي ۽ کيس چرين وانگر نهاري رهي هئي. هوءَ خوف کان ڄڻ ته بيهوش هئي.

مـِـتيا ٿوري ويرم بيٺو رهيو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ فينا جي ڀرسان ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو. هو خيال ڪرڻ لاءِ نه ويٺو هو، پر مٿس خوف ڇانيل هو، ڄڻ ته پنهنجي هوش ۾ نه آهي. اُن هوندي به سڀ ڪا شيءِ روز روشن وانگر صاف هئي. آفيسر! هن جي کيس خبر هئي ۽ پوري ريت خبر هئي. هن خود گروشينڪا کان ان جي باري ۾ ٻڌو هو. کيس اها به خبر هئي، ته هڪ مهينو اڳ ۾، وٽانئس هڪ خط آيو. هيءُ سڄو مهينو مخفي طرح اها ڪارروائي هلندي ٿي رهي. تان جو اُهو نئون ماڻهو پهچي ويو هو، پر مـِـتيا اُن بابت ڪو به خيال نه ڪيو هو. پر ڇو، هن، اُن جي لاءِ ڪوبه خيال نه ڪيو هو. اِيئن ڪيئن پئي ٿي سگهيو؟ اِيئن ڪيئن پئي ٿي سگهيو، ته هن کيس وساري ڇڏيو ۽ ڇو وساري ڇڏيو هو؟ هن ٻـُـڌي به اهڙي آفيسر جي خبر نه رکي هئي! اهي سوال هئا، جي سندس اڳيان بلائن وانگر ٿي آيا ۽ هو خوف کان سرد ٿي ويو هو.

پر اوچتو، مهرباني ۽ نرميءَ سان، جيئن ٻاجهارو ۽ پيار ڀريو ٻار هوندو آهي، هن فينا سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. کانئس هيءَ حقيقت صاف وسري چڪي هئي، ته جهٽ اڳ ۾ هن کيس ڪيترو نه تڪليف ۽ مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هوُ هاڻي پوري هوش سان فينا کان سوال ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته هو حيرت جي حالت ۾ هو، هوڏانهن هوءَ ڇوڪري سندس رت لڳل هٿن کي وحشياڻي طرح ڏسي رهي هئي. هوءَ پڻ عجب ۽ حيرت جهڙي جلديءَ سان سندس هر سوال جو جواب ڏئي رهي هئي ۽ هوءَ سڄي سچ کي سندس سامهون پيش ڪري رهي هئي. آهستي آهستي، هن ڪنهن خوشيءَ کان، کيس هر تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيو. هيءُ سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ نه هو، ته هوءَ کيس عذاب ڏئي، پر کيس اشتياق هو، ته هوءَ سندس خدمت جي لائق بڻجي. هن سڄي ڏينهن جي ڪاروائي کيس تفصيل سان ٻڌائي. ريڪٽن ۽ اليوشا جي ملاقات وقت، ڪيئن هوءَ (فينا) نگهباني جي لاءِ بيٺي هئي. ڪهڙي ريت سندس مالڪياڻي رواني ٿي وئي ۽ ڪهڙي ريت هن اليوشا کي دري مان سڏ ڪري مـِـتيا جي لاءِ هيءَ پيغام ڏنو، ته کيس چئجانءِ ته ”هو، هڪ گهڙيءَ جي محبت کي، جا هن ساڻس ڪئي هئي، سڄي عمر ياد رکي.“

هن پيغام کي ٻڌندي، مـِـتيا اوچتو مشڪي ويٺو. سندس زرد ڳلن تي سرخي پکڙجي وئي. فينا اُن وقت، خوف کان ٻاهر ٿي چـُـڪي هئي ۽ سرگوشي طرح کيس چيائين ته:

 ”دمتري فيودورپاولووچ، پنهنجي هٿن ڏي نهار، اهي رت سان ڀريل آهن!“

 ”هائو“، مـِـتيا کيس خودبخود چئي ڏنو. هن بي پرواهيءَ سان هٿن کي ڏٺو ۽ ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ فينا جي سوال کي وساري ڇڏيائين.

هوُ وري خاموش ٿي ويو. ويهه منٽ گذريا هئا، جو هو اُتي آيو هو. سندس پهريون خوف ختم ٿي چڪو هو، پر ساڳي وقت اُن جي جاءِ تي سندس نئون پختو ارادو جاءِ وٺي رهيو هو. هوُ اوچتو نيم خوابيءَ جي حالت ۾ اٿي بيٺو ۽ مشڪڻ لڳو.

فينا کيس چيو ته ”سائين توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ هن وري به سندس هٿن ڏي اشارو ڪيو. هوءَ ساڻس رحم ڀري آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ ته هوءَ هاڻي سندس ڏک ۾ قريب تر ٿي چڪي هئي. مـِـتيا وري پنهنجي هٿن کي ڏٺو.

 ”هيءَ رت آهي فينا“ هن اِيئن چوندي، هڪ عجيب نگاهه سان کيس ڏٺو. هيءَ انساني رت آهي ۽ منهنجا خدا! هيءَ ڇو هاري وئي. پر.... فينا...... پر هتي ڪو لوڙهو آهي ڇا (هن کيس اِيئن ڏٺو، ڄڻ ته کيس ڳـُـجهارت ڏئي رهيو هو.) ”نهايت بلند لوڙهو ۽ اُن ڏي ڏسڻ به خطرناڪ، پر سڀاڻي پرهه ڦٽيءَ جو، جڏهن سج اُڀرندو، مـِـتيا اُن لوڙهي کي ٽپي ويندو... تون اهو نه سمجهي سگهندينءَ فينا ته اُهوڪهڙو لوڙهو! ۽ پرواهه به نه ڪئي. تون سڀاڻي ٻڌينءَ ۽ سمجهي ويندينءَ .... هاڻي خدا حافظ. مان اُن جي رستي ۾ روڪ نه ٿيندس. مان پاسيرو ٿي ويندس. مون کي پاسيرو به ٿيڻ ايندو آهي. تون خوش گذار منهنجي خوشي........ تو مون سان هڪ گهڙيءَ لاءِ محبت ڪئي آهي. ياد رک مـِـتيا نيڪا ڪرامازوف تو سان سڄي زندگي محبت ڪندو رهندو..... هوءَ مون کي هميشھ مـِـتيا نيڪا سڏيندي هئي، توکي ياد اچي ٿو؟“

اهي لفظ چوندي، هوُ اوچتو رڌڻي کان ٻاهر نڪري ويو. فينا سندس هن اوچتي موڪلائڻ کان گهڻي خوفزدهه ٿي وئي. اُن کان به زيادهه جڏهن هو اُتي آيو هو ۽ ساڻس وچڙيو هو.

ڏهه منٽ پوءِ دمتري پيوٽراليچ پرهوٽن، اُن نوجوان آفيسر وٽ پهچي ويو، جنهن وٽ هن پنهنجو پستول گروي رکيو هو. اُن وقت ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽ پيوٽراليچ پنهنجي شام جي چاءِ جي دور کي پورو ڪري چڪو هو. هـُـو ’ميٽرو پولس‘ ڏي بليئرڊ جي راند کيڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ ڪوٽ پائي رهيو هو. مـِـتيا کيس ٻاهر ايندو ڏٺو.

سندس منهن کي رت سان ڀريل ڏسي، اُن نوجوان کان عجب مان دانهن نڪري وئي.

 ”خدايا! خير ته آهي؟“

مان پنهنجي پستول لاءِ آيو آهيان. مـِـتيا کيس چيو.”مان تو وٽ پيسا آندا آهن. تنهنجو شڪريو. مان نهايت تڪڙو آهيان. پيوٽراليچ ذرا جلدي ڪر.“

پيوٽراليچ وڌ کان وڌ وسمي ۾ پوندو ويو. هن اوچتو مـِـتيا جي هٿن ۾ نوٽن جو بنڊل ڏٺو. کيس عجب لاءِ وڌيڪ سبب هيءُ به هو، ته کيس گهمندي به نوٽ هٿن ۾ هئا ۽ اُهي وٽس اهڙي ريت هئا، جيئن انهن کي ڪو به اِيئن کڻي نه گهمندو آهي. اُهي سندس سڄي هٿ ۾ هئا ۽ اُهي، هن اهڙي ريت جهليا هئا، ڄڻ ته هوُ انهن کي ڏيکارڻ پيو گهري. پر هوٽن جي نينگر ملازم پوءِ ٻڌايو ٿي، ته هو اُن گهٽيءَ ۾ ساڳي ريت پيسن کي هٿ ۾ جهليو آيو ٿي. شايد اهڙي ريت هن سڄي رستي ۾ به اِيئن ڪيو هجي. اُهي سڀ انڊلٺ جي رنگ جهڙا هئا ۽ سئو سئو روبل جا نوٽ هئا. جن آڱرين ۾ اُنهن کي جهليو هئائين، سي سڀ رت سان ڀريل هيون.

جڏهن پيوٽراليچ کان پوءِ پيسن جي بابت سوال ڪيو ويو هو، تڏهن هن ٻڌايو ته، هيءُ نهايت مشڪل آهي ته هڪ نگاهه ۾ اِيئن چئي سگهجي ته اُهي ٻه هزار هئا يا ٽي، پر نوٽن جو بنڊل ٿلهو هو. ”دمتري فيودورپاولووچ“ جيئن پوءِ هن جي پڇا کان ظاهر ٿيو ”پنهنجي پاڻ ۾ به نه هو. کيس نشو نه هو، پر هوُ اُن کان به مٿي، پنهنجو ذهن وڃائي چڪو هو، پر ساڳي وقت، جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو، منجهيل هو. ڄڻ ته هو فڪر ۾ هو ۽ ڪنهن کي ڳولهي رهيو هو، پر ڪنهن به فيصلي تي نه ٿي آيو. هوُ نهايت تڪڙ ۾ هو. هن جواب جهلي جهلي ٿي ڏنو ۽ نهايت عجيب. ڪنهن ڪنهن وقت، غمگين هئڻ جي بجا اُٽلو خوش ٿي ڏٺو.“  

 ”پر توکي ڇا ٿيو آهي؟“  ڪهڙي ويڌن ٿي اٿيئي؟ ”پيوٽراليچ کانئس رڙ ڪري پچيو ۽ اُن وحشي مهمان جي منهن ۾ گهوري ڏٺائين. ”ڪهڙو سبب آهي، جو تون، هيئن رت سان ڀرجي ويو آهين؟ ڇا تون ڪٿان ڪري پيو آهين؟ تون ذرا پاڻ ڏي ته نهار!“

هو کيس ٺونٺ کان جهلي آئيني ڏي وٺي ويو.

مـِـتيا پنهنجي منهن کي رت سان ڀريل ڏسي، غصي ۽ جوش ۾ ڀرجي ويو.

 ”کڏ ۾ وجهينس! هيءُ آخري ڪک هو.“  دمتريءَ غصي مان چيو. هي تڪڙ مان سڄي هٿ مان کٻي هٿ ۾ نوٽ بدلائيندو رهيو. هن پنهنجي کيسي مان رومال کي ڪڍي ورتو، پر سڄو رومال رت سان ڀريل هو. (هيءُ اُهو رومال هو، جنهن سان هن گريگري جي منهن کي صاف ڪيو هو.) اُن ۾ مشڪل سان ڪا صاف جاءِ خالي هئي. هو اڃا سـُـڪو به نه هو. وڪوڙجي کينهون وانگر بڻجي ويو هو ۽ کـُـلي نه ٿي سگهيو. مـِـتيا غصي ّمان اُن کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو.

 ”کڏ ۾ پوي“، هن چيو،  ”تو وٽ ڪو اڳڙيءَ جو ٽڪرو ڪونه آهي، جنهن سان مان پنهنجي منهن کي صاف ڪري سگهان.“

 ”سو تون فقط رت سان ڀريل آهين ۽ ڪو به زخم نه آيو اٿيئي، چڱو آهي ته اُن کي ڌوءُ.“  پيوٽراليچ کيس چيو ”هوءَ ڌوئڻ جي جاءِ آهي، مان تنهنجي مٿان پاڻي وجهان ٿو.“

 ”هان، اها ڌوئڻ جي جاءِ آهي. ٺيڪ آهي. پر هيءُ مان ڪٿي رکان؟“  

سخت مونجهاري ۾ هن، سؤ روبل جي نوٽن جي ٿـَـهي ڏي اشارو ڪيو. ۽  پيوٽراليچ ڏي تفتيش جي نگاهه وڌائين، بلڪل اهڙي ريت ڄڻ ته کيس اُن جو فيصلو ڪرڻو هو، ته هو پيسن کي ڇا ڪري؟

 ”پنهنجي کيسي ۾ رک يا هن ميز تي. اهي ويندا ڪونه.“

 ”هان منهنجي کيسي ۾، منهنجي کيسي ۾، ٺيڪ آهي...... پر مان چوان ٿو ته هيءَ سڄي بيوقوفي آهي.“  هن رڙ ڪري چيو. ڄڻ ته هوُ ڪنهن خواب مان جاڳي پيو هو. ”هيڏي نهار‍ پهريائين اسان کي پستول جي معاملي کي صاف ڪرڻو آهي. مون کي اُهو موٽائي ڏي ۽ پنهنجا پيسا موٽائي وٺ.“

نوٽن مان مٿيون نوٽ ڪڍي، هن پيوٽراليچ کي ڏنو.

 ”پر مون وٽ مٽيل ڪونه آهي. ڇا تو وٽ ننڍا نوٽ ڪونه آهن؟“  

 ”نه.“  مـِـتيا کيس چيو. هن وري نوٽن جي بنڊل کي ڏٺو. لفظن ۾ جواب ڏيڻ بدران هو مٿين نوٽن کي اُٿلائيندو رهيو.

 ”نه هيءُ سڀيئي هڪجهڙا نوٽ آهن.“  هن وري به معلوم ڪرڻ واري نگاهه پيوٽراليچ تي وڌي.

 ”تون ڪيئن شاهوڪار بڻجي وئين؟“  پوئين کانئس پڇيو. ترس مان پنهنجو ڇوڪرو پلاٽينڪوف ڏي موڪليان ٿو. هو پنهنجو دڪان دير سان بند ڪندو آهي. اُهو نوٽ بدلائي ڏيندو. مشا‍! هيڏي، هن گهٽيءَ ڏي منهن ڪري سڏ ڪيو.

 ”پلا ٽينڪوف جي دڪان ڏانهن، ٺيڪ آهي.“  مـِـتيا پڇيو ڄڻ ته هيءَ ڳالهه کيس پسند آئي هئي. هو نوڪر ڏي مڙيو ۽ کيس چيائين ته مشا، هيڏي نهار پلاٽينڪوف ڏي ڊوڙي وڃ ۽ کيس چئج ته دمتري فيودورپاولووچ تو کي سلام ڏنا، هو تو ڏي ايندو به....... پر ڌيان ڏيئي ٻڌ، کيس چئج ته شئمپين جون ٽي ڊزن بوتلون تيار رک. اُنهن کي منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ چڱي طرح ويڙهي رک، ڇو ته مون کي اهي ماڪرو کڻي وڃڻيون آهن. (هن پيوٽراليچ ڏي منهن ڪري چيو، ته چار ڊزن هئڻ گهرجن.) هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، تون وڌيڪ تڪليف نه ڪج مشا. هو وري ڇوڪري ڏي مڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو، ته ترس ۽ ٻڌ کيس چئجانءِ ته پنير به هجي ۽ ڪجهه پيٽرسبرگ جي مٺائي به. ڪجهه مڇي، ڪجهه کٽاڻ، ڪجهه مربو. مطلب ته دڪان ۾، جو ڪجهه موجود هجي، اُهو هڪ سئو روبل يا هڪ سو ويهه روبل جو تيار ڪري رکي. هنن پيسن ۾ شئمپين به شامل سمجهه...... پر... بيهه، گلابي ۽ ٻه ٽي هنداڻا به هجن، ڪجهه صوف به، چاڪليٽ ۽ ٽافي، انهن کان سواءِ . حقيقت ۾ اهي سقڀيئي شيون شئمپين سميت ٽي سو روبل جون هئڻ گهرجن. هنن سڀني ڳالهين کي ياد رکجانءِ مشا، جيڪڏهن تو مشا آهين. هن جو نالو مشا آهي نه؟“  هن پيوٽراليچ ڏي منهن ڪري چيو.

 ”هڪڙو منٽ ترس ” ، پيوٽراليچ کيس روڪيندي چيو ۽ بي آراميءَ سان ڏٺو. ” چڱو ٿيندو، ته تون پاڻ اُن ڏي وڃ. هوُ توکي چڱي ريت سمجهي سگهندو.“  

 ”هيءُ اهو ڪم ڪري سگهندو مان سمجهان ٿو. اڙي مشا، منهنجي دل ٿي چاهي، ته مان توکي چميان..... جيڪڏهن تو غلطي نه ڪئي ته ڏهه روبل تنهنجا آهن. ڊوڙ ۽ جلدي ڪر..... شئمپين مکيه شيءِ آهي. برانڊي ۽ ڳاڙهو ۽ اڇو شراب به. مان هيءُ سڀ کڻي ويندس..... هن کي جيئن خبر پوي، ته مون وٽ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون آهن.“

 ”پر ٻـُـڌ،“  پيوٽراليچ بي صبريءَ مان وچ ۾ ٽپي پيو. ”مان چاهيان ٿو ته هيءُ فقط ڊوڙي وڃي پيسا بدلائي اچي ۽ هـُـن کي چوي، ته دڪان کي ايستائين بند نه ڪري، جيستائين تون اُتي پهچين..... کيس نوٽ ڏي. مشا جلدي ڊوڙ.“

پيوٽراليچ چاهيو ته مشا، اُتان جلدي پنهنجي ڪم لاءِ هليو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڇوڪري جو اُتي بيٺي، عجب کان وات ڦاٽي ويو هو ۽ اکيون کليون ئي رهجي ويون هيون. کيس مـِـتيا جو حڪم ٿورو ياد بيٺو هو. هوُ عجب ۽ خوف کان نهاري رهيو هو، ڇو ته سندس منهن رت جي داغن سان ڀريل هو ۽ آڱريون جن ۾ نوٽ هئا، رت سان ڀريل هيون ۽ پئي ٿي ڏڪيون.

 ”چڱو هاڻي اچ ۽ ڌوءُ “ پيوٽراليچ کيس سختيءَ سان چيو. ”پيسا ميز تي رک يا کيسي ۾،...... اِيئن ٺيڪ آهي، هيڏي اچ ۽ ڪوٽ کي لاهه.“  

اِيئن چئي هن کيس ڪوٽ لاهڻ ّ۾ مدد ڪئي ۽ وري کيس چيائين ته ”هيڏي ڏس، تنهنجو سڄو ڪوٽ به ته رت سان ڀريل آهي؟“

 ”هيءُ...... سڄي ڪوٽ تي ڪٿي آهي، هيءَ ته رڳو ٻانهن تي داغ آهي.... هيءَ فقط انهيءَ جاءِ تي آهي، جتي مون رومال کي رکيو هو. شايد هوُ سڄو آلو هو. مان شايد فنيا وٽ اُن جي مٿان ويٺو هوس ۽ اُن مان ئي هن کي رت لڳو آهي.“  مـِـتيا ٻارن وانگر بيخبري ۾ سمجهائڻ لڳو. اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي. پيوٽراليچ، کيس ڌيان ڏئي ٻڌي رهيو هو.

 ”ٺيڪ آهي، تنهنجو معاملو ڪنهن سان ضرور ٿيو آهي. تون ڪنهن سان وڙهي آيو آهين؟“  هن کانئس پڇيو.

هنن گڏجي ڌوئڻ شروع ڪيو. پيوٽراليچ کي هٿ ۾ وڏي صراحي هئي ۽ پاڻي پـَـلٽي رهيو هو. مـِـتيا، نااُميدي جهڙي تڪڙ ۾ هٿن کي صابڻ هڻي رهيو هو (اهي ڏڪي رهيا هئا، جيئن پوءِ پيوٽر اُن کي ياد ڪري ٿي چيو.) پر اُن نوجوان آفيسر مٿس زور ٿي آندو، ته هو چڱيءَ طرح وڌيڪ صابڻ هڻي، اُن کي صاف ڪري ۽ مهٽي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هوُ مـِـتيا تي وڌيڪ کان وڌيڪ پنهنجو اثر وجهي رهيو هو ۽ وقت گذرندو رهيو. هن سموري وقت ۾ هو مضبوط اخلاق وارو نوجوان ٿي ڏٺو.

 ”ڏس تون پنهنجي نهن کي صاف نه ڪري سگهيو آهين. هاڻي منهن کي مهٽ. ها نرڙ کي. ڪنن کي به ..... ڇا انهيءَ ئي قميص ۾ ويندين؟ هاڻي ڪا ڏي ويندين؟ ذرا ڏس تنهنجي سڄي ٻانهن جا ڪـَـنَ رت سان ڀريل آهن.“

 ”هائو اهي سڀ رت سان ڀريل آهن.“  مـِـتيا پنهنجي قميص جي ڪـَـنـَـن کي نهاريندي چيو.

 ”ٺيڪ آهي، پنهنجي قميص کي بدلاءِ .“  

 ”مون کي ايترو وقت ڪونه آهي. توکي خبر آهي ته مان......“  مـِـتيا سليقي سان چوندو ويو ۽ ٽوال سان منهن ۽ هٿن کي اُگهندو به ويو. هن ڪوٽ پاتو ۽ چوڻ لڳو ته ”مان هن کي ڪراين تائين ويڙهي ڇڏيندس ۽ پوءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو.... ڪيئن؟“

 ”هاڻي مون کي ٻڌاءِ ، ته تو ڪهڙي راند کيڏي آهي؟ ڪنهن سان وڙهي آيو آهين؟ “

ڇا اڳي وانگر شراب خاني ۾ ڪجهه ٿيو آهي؟ تو وري اُن ڪپتان کي ماريو آهي ڇا؟“  پيوٽراليچ کانئس وري وري پڇڻ لڳو.  ”هاڻي وري ڪنهن کي ڌڪ هنيا اٿئي يا ماري ڇڏيو اٿئي؟“

 ”بيوقوف ” مـِـتيا کيس چيو

 ”ڇا جي بيوقوفي؟“

 ”گهٻراءِ نه“  مـِـتيا کيس چيو. هوُ اوچتو کلڻ لڳو. ”مان هڪ پوڙهي عورت سان هاڻي مارڪيٽ ۾ ٽڪريو هوس.“

 ”ٽڪريو هئين؟ هڪ پوڙهي عورت سان؟“

 ”هڪ پوڙهو ماڻهو!“  مـِـتيا واڪو ڪري چيو. هوُ پيوٽراليچ جي منهن ۾ سڌو نهارڻ لڳو ۽ مٿس کلندو ۽ واڪا ڪندو رهيو. ڄڻ ته هوُ ٻوڙو هو.

اهو ته منجهيل آهي. هڪ پوڙهي عورت يا پوڙهو مرد؟....... ڇا تو ڪنهن کي قتل ڪيو آهي؟

 ”اسان هڪٻئي سان صلح ڪيو آهي..... پهريائين مقابلو هو ۽ پوءِ صلح ڪيوسين ۽ ٻن دوستن وانگر جدا ٿياسون...... هو هڪ بيوقوف آهي..... هن مون کي بخشيو آهي .... مون کي يقين آهي، ته هن وقت تائين هـُـن مون کي بخشي ڇڏيو هوندو..... پر جيڪڏهن اُٿي پيو ته هو مون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“  مـِـتيا جلدي پنهنجي اکين کي ٻوٽيو. ”کڏ ۾ وجهينس، پيوٽراليچ مان توکي چوان ٿو، ته کڏ ۾ وجهينس. تون هن جي لاءِ هاڻي ڪو به فڪر نه ڪر. هن وقت مان اِها ڳالهه ڪرڻ پسند نٿو ڪريان.“  مـِـتيا فيصلائتي آواز ۾ چيو.

 ”تون سڀ سان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري جهڳڙا ڪندو ٿو وتين؟ جيئن تو هـُـن ڪپتان سان ڪنهن بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه تي جهيڙو ڪيو..... تون هميشھ وڙهندو رهيو آهين ۽ هاڻي وڙهڻ کان پوءِ عيش ۽ نشاط جي محفل کي قائم ڪرڻ گهرين ٿو. اهي ئي ته تنهنجا ڪارناما آهن. ٽي ڊزن شيمپين! اهي توکي ڇا لاءِ گهرجن؟“  

 ”شاباس! مون کي هاڻي پستول ڏي. مون کي ايترو وقت ڪو نه آهي. مان چاهيان ٿو، ته توسان گفتگو ڪندو رهان، پر ايترو وقت نه اٿم، منهنجا پيارا نوجوان! ڳالهائڻ جي ضرورت به نه آهي، ڇو ته گهڻي دير ٿي وئي آهي. منهنجا پيسا ڪاڏي ويا؟ مون اُنهن کي ڪٿي رکيو؟“  وڏي واڪي سان اِيئن چوندي هوُ پنهنجا کيسا اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.

 ”تو اُنهن کي ميز تي رکيو آهي... تون پاڻ....... اجهو هيءُ آهن. توکان شايد ڳالهه ئي وسري وئي آهي. پيسو ته تو وٽ غلاظت ڀري پاڻيءَ وانگر آهي. مون کي ته اِيئن ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اجهو هيءُ آهي پستول. هيءَ هڪ پراڻي شيءِ آهي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، ته ستين بجي تو هن کي ڏهه روبل ۾ گروي رکڻ لاءِ منٿ ٿي ڪئي ۽ هاڻي تون هزارن جو مالڪ آهين. ٻه يا ٽي هزار روبل!

 ”ٽي، تنهنجو اندازو ٺيڪ آهي.“  مـِـتيا کلندي، سوٽ جي کيسي ۾ نوٽن کي ڳوليندو ويو.

 ”تون هنن کي وڃائيندين به اِيئن. ڇا توکي ڪا سون جي کاڻ هٿ آئي آهي؟“

 ”کاڻيون، سون جون کاڻيون؟“  مـِـتيا واڪو ڪري چيو ۽ کل جو گجگوڙ پيدا ڪري ڇڏيائين. تون انهن کاڻين ڏي وڃڻ گهرين ٿو پروهيٽن؟ هتي هڪڙي بيگم آهي، جا توکي ٽي هزار هڪدم ڏئي ڇڏيندي. جيڪڏهن تون اُن وٽ فقط وڃين. منهنجي لاءِ به هنُ ئي هي سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هوءَ سون جي کاڻين جي بيحد شوقين آهي. بيگم هائلڪوف کي سڃاڻين ٿو.“

 ”مان کيس نه سڃاڻان، پر مان کيس ٻڌو به آهي ۽ ڏٺو به آهي. سچ پچ هن توکي ٽي هزار ڏنا آهن؟ سچ پچ؟ پيوٽراليچ کيس عياري سان اکين جون ميڇون ڏيندو رهيو.“

 ”جيئن ئي سڀاڻي سج اُڀري ۽ صبح جو ديوتا مٿي اُڏامي، خدا جو نالو وٺي، هن ڏي هليو وڃ. کيس چؤ ته هوءَ توکي ٽي هزار ڏئي ٿي يا نه. ڪوشش ڪري ڏس.“

مون کي خبر نه آهي، ته تنهنجا ساڻس ڪهڙا ڪهڙا تعلقات آهن؟ جيئن ته تون هن حقيقت تي زور ڏئي رهيو آهين، مان سمجهان ٿو، ته هن توکي اهي پيسا ڏنا آهن. اهي پيسا تنهنجي هٿ ۾ آهن، پر تون سائبيريا ڏي وڃڻ بدران، اهي پيسا هت خرچ ڪري رهيو آهين..... هاڻي ڪاڏي وڃڻ جو ارادو آهي؟

 ”ماڪرو ڏانهن“

 ”ماڪرو ڏانهن، پر هاڻي ته رات آهي؟“

 ”ڪڏهن ته سڀ ڪجهه هو، پر هاڻي ڪجهه به نه آهي.“

 ”هاڻي، ڪيئن ڪجهه نه آهي؟ تون ته هزارن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“

 ”مان هزارن جون ڳالهيون نه ٿو ڪريان. کڏ ۾ وجهه هزارن کي! مان عورت جي ڪردار جي ڳالهه ٿو ڪريان.“

 ”عورت جي دل پرُ فريب آهي،“

 ”ٺڳ باز ۽ خرابين سان ڀريل.“

 ”مان هن حقيقت ۾ يولائيس (يوناني بهادر) سان متفق آهيان. هن سچ چيو آهي.“

 ”مان توکي سمجهي نه ٿو سگهان!“

 ”مان شراب پيتو آهي؟“

 ”تو شراب نه پيتو آهي، پر اُن کان به بدتر حالت ۾ آهين.“

 ”پيوٽراليچ، مان روحاني طرح پيتل آهيان. ها! روحاني طرح پيتل. پر اهو ڪافي آهي.“

 ”ڇا ٿو ڪرين؟ پستول کي ٿو ڀرين؟“

 ”هائو مان پستول کي ڀريان ٿو.“

پستول جي مياڻ کي کوليندي، مـِـتيا سچ پچ بارود جي ڦوٽڙي کي کوليو ۽ پستول کي اُن سان ڀريائين. اُنهيءَ کان اڳي جو، هوُ گولي، اُن ۾ وجهي، اُن کي ميڻ بتي جي روشنيءَ ۾ چتائي ڏسندو رهيو.

 ”تون گوليءَ کي چتائي ڇو ٿو ڏسين؟“  پيوٽراليچ کيس بي آرامي ۽ مونجهاري سان نهاريندي چيو.

 ”اڙي ڇو؟ هن ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فرض ڪجي ته جيڪڏهن هيءَ گولي تون پنهنجي مغز ۾ هڻڻ چاهين، ته تون اُن کي چتائي ڏسندين يا نه؟“

 ”هن کي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“

 ”هيءَ منهنجي دماغ ۾ ويندي. ان ڪري هن کي ڏسڻ دلچسپي جو باعث آهي، ته اها ڪهڙي شيءِ آهي؟ پر اها بيوقوفي آهي. گهڙيءَ کن جي بيوقوفي. هاڻي جڏهن ته سڀ ڪم پورو ٿي ويو آهي،“ هن گولي کي وجهندي چيو، ”پيوٽراليچ منهنجا عزيز دوست! هيءَ سڄي بيوقوفي آهي، سڄي بيوقوفي. فقط توکي خبر پوي، ته اُها ڪهڙي بيوقوفي آهي؟ مون کي ڪوئي ڪاغذ جو ٽڪرو ڏي.“

 ”اجهو هيءُ ڪاغذ آهي.“

 ”نه، هڪ صاف ۽ نئون لکڻ جو ڪاغذ کپي. هيءُ به ٺيڪ آهي.“  ميز تان هڪ قلم کڻي مـِـتيا جلديءَ مان ٻه سٽون لکيون. ڪاغذ کي چئن حصن ۾ آڻي ويڙهيائين ۽ اُن کي پنهنجي صدري جي کيسي ۾ وڌائين. هن پستول کي وري مياڻ ۾ وڌو. اُن کي بند ڪري هٿ ۾ ورتائين. اُُن کان پوءِ هن پيوٽراليچ کي آهستي ۽ خيال سان مشڪندي ڏٺو.

 ”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.“

اسان کي ڪاڏي هلڻو پوندو؟ نه، هڪ منٽ ترس.....  ”ڇا تون انهيءَ گولي کي پنهنجي مغز ۾ هڻڻ جو ارادو ٿو رکين؟“  پيوٽراليچ کانئس بي آراميءَ مان پڇيو.

 ”مان هن گولي کي بيوقوف ٿي بڻائڻ گهريو. مان جيئرو رهڻ گهران ٿو ۽ حياتي پياري اٿم. توکي هن جي خاطري هئڻ گهرجي. مان سونهري وارن واري صبح جي ديوتا کي پيار ٿو ڪريان ۽ سندس گرم روشني پسند اٿم.... عزيز پيوٽراليچ توکي خبر آهي ته پاسو ڪيئن ڪري وڃبو آهي؟“

 ”پاسو ڪري وڃڻ کان، تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“

 ”هڪ پيار ڀري انسان ۽ هڪ اهڙي انسان لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ، جنهن کي مان نفرت سان ڏسان ٿو. اِيئن ڪرڻ سان هڪ نفرت وارو به عزيز بڻجي ويندو. پاسو ڪرڻ کان اهوئي مطلب آهي! ۽ کين اِيئن چوڻ ته خدا اوهان تي رحم ڪري، پنهنجو رستو وٺو. لنگهي وڃو ۽ مان......“  

 ” ” تون؟“

 ”اهو ڪافي آهي. اسان کي هلڻ کپي.“

 ”مان انجام ٿو ڪريان، ته مان ڪنهن کي چوندس ته هوُ توکي اوڏانهن وڃڻ کان روڪي.“  پيوٽراليچ کيس ڏٺو. ”تون هاڻي ماڪرو، ڇو ٿو وڃين؟“

 ”اُتي هڪ عورت آهي هڪ عورت.“  منهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي، وڌيڪ نه پڇ.“

ڌيان ڏيئي ٻڌُ، جيتوڻيڪ تون هڪ وحشي آهين، مگر تو سان هميشھ پيار ڪندو رهيو آهيان....... مون کي اُن ڪري انتظار آهي.

 ”مهرباني منهنجا پراڻا دوست. مان وحشي آهيان، جيئن تون چوين ٿو. وحشي، وحشي، اهوئي سبب آهي، جو مان پاڻ کي وحشي چوندو رهيو آهيان! ڇو مشا ته آهي، مون کان ته هيءُ وسري ويو هو.“

مشا نهايت تيزي سان آيو هو. کيس هٿ ۾ ننڍا ننڍا نوٽ هئا ۽ هن کين ٻڌايو ته پلاٽينڪوف ۾ اڃا چڱو چهچٽو متو پيو هو. اُتي بوتلون به هيون، مڇي به هئي ۽ چاءِ به. هرڪا آساني سان ملي سگهندي. مـِـتيا ڏهه روبل هٿ ۾ ورتا ۽ پيوٽراليچ کي ڏنائين ۽ ٻيا ڏهه نوٽ ڦيرائيندي مشا کي ڏنائين.

اهڙي شيءِ جي جرئت نه ڪر! پيوٽر واڪو ڪري چيو. منهنجي گهر ۾ ته اِيئن نه ڪر، اها بري ۽ خرابي پيدا ڪندڙ عادت آهي. پنهنجي پيسن کي پري ڪر. پاڻ وٽ رک ۽ اُنهن کي ضايع نه ڪر. اهي توکي سڀاڻي ڪم ايندا. مون کي يقين آهي، ته تون وري مون وٽ ۽ ڏهه روبل قرض وٺندين. تون اهي پيسا پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ ڇو ٿو رکين؟ افسوس تون وڃائي ويهندين!“

 ”مان توکي عزيز دوست چوان ٿو، ته مون سان گڏجي ماڪرو هل.“

 ”مان ڪهڙي ڳالهه جي لاءِ هلان؟“

 ”مان چوان ٿو، ته هڪ بوتل کي فوري کوليو وڃي ۽ زندگي جي شادمانين لاءِ اُن کي پيئجي. مان شراب پيئڻ گهران ٿو، پر خاص طرح توسان گڏ. مان توسان ڪڏهن به گڏجي شراب نه پيتو آهي، اِيئن نه؟“

 ”چڱو ته پوءِ ميٽرو پولس ڏانهن هلون، مان اوڏانهن ويس ٿي.“

 ”مون کي اوڏانهن هلڻ لاءِ ايترو وقت ڪونه آهي. اسان کي پلاٽينڪوف ڏي هلي شراب پيئڻ گهرجي. مان توکي هڪ ڳجهارت ڏيان؟“

 ”ڏيئي ڇڏ.“

مـِـتيا پنهنجي صدري جي کيسي مان ڪاغذ جو ٽڪرو ڪڍيو. اُن کي کوليائين ۽ کيس ڏيکاريائين. وڏن اکرن ۾ وضاحت سان اُن کي لکيو ويو هو.

 ”مان پاڻ کي پنهنجي سڄي حياتي ۾ سزا ڏيندو رهندس ۽ سڄي حياتي.“

 ”مان يقيناً وڃي ڪنهن کي ٻڌائيندس. هڪدم ويندس.“ پيوٽراليچ ڪاغذ کي پڙهڻ کان پوءِ هڪدم چئي ڏنو.

 ”توکي ايترو وقت ئي ڪونه آهي عزيز ٻار. اچ ته شراب پيئون. تکو ٿي.“

پلاٽينڪوف جو دڪان،گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ هيو ۽ پيوٽراليچ جي دروازي کان ٻي نمبر تي. اهو اسان جي شهر ۾ بقالي جو دڪان هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته بري شيءِ هو. جنهن جا مالڪ ڪي شاهوڪار واپاري هئا. هنن اُن ۾ اُهو سڀ ڪجهه آڻي رکيو، پيٽرسبرگ جي دُڪان ۾ ملي ٿي سگهيو. سڀ ڪنهن قسم جو سامان، شراب جنهن کي ايليزيوف ڀائرن، شيشن ۾ بند ڪيو هو. هن کان سواءِ ميوو، سگريٽ، چانهه، ڪافي، کنڊ ۽ اهڙي ريت ٻيون شيون به موجود ٿي رهيون. دُڪان ۾ ٽي نائب ڪم ڪندڙ هئا ۽ ٻه گراهڪن کي سودو ڏيندڙ ڇوڪرا. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جو هيءُ حصو غريب ٿي ويو آهي ۽ زميندار لڏي ويا آهن ۽ واپاريءَ جي حالت بدترين ٿي وئي آهي، ان هوندي به بقالين جا دُڪان ڪافي ترقي تي آهن. هر سال سندن آسودگي ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. سندس سامان کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترائي گراهڪ موجود آهن.

مـِـتيا اُتي بي صبريءَ سان انتظار ڪندو رهيو. کين پوري پوري يادگيري آهي ته ڪيئن نه ٽي يا چار هفتا اڳ ۾ هن شراب ۽ ٻي سامان جي خريداري ڪئي هئي، جنهن جي قيمت سوين روبل هئي ۽ هن سڀ روڪ پيسا ڏنا هئا، (ڇو ته هوُ ڪڏهن به کيس ڪا شيءِ اوڌر تي نه ڏين ها.) هنن کي ياد ٿي آيو، ته هاڻي وانگر کيس سوين روبل جي نوٽن جي ٿهي هٿ ۾ هئي ۽ هن اُنهن کي بي ترتيبي سان پکيڙي ڇڏيو هو. کيس سودي وٺڻ ۾ به وڏي بي پرواهي هئي. هن سوچيو به نه ٿي، ته کيس ايترو شراب ۽ ٻيو سامان ڪهڙي ڪم ايندو. هيءَ ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي هئي، ته هن گروشينڪا سان ماڪرو ڏي ويندي، هڪڙي رات ۽ ڏينهن ۾ ٽي هزار روبل خرچ ڪري ڇڏيا هئا ۽ جڏهن عيش ۽ نشاط جي محفل کان موٽي آيو هو، ته وٽس ڪچي ڪوڏي به ڪانه هئي. هن خانه بدوشن جي سڄي جماعت کي پاڻ سان کنيو هو. (اُهي اُن وقت اسان جي پاڙي ۾ اچي رهيا هيا) اُنهن سندس نشي جي حالت ۾، انهن ٻن ڏينهن ۾ کانئس ڪافي پيسو حاصل ڪيو هو ۽ قيمتي شراب کي وڏي بيهودگي سان اُڏايو هو. ماڻهن کلندي مـِـتيا جي بابت ٻڌايو ٿي، ته هن ڪيئن نه شئمپين کي سنگدل ڪڙمين جي هٿن ۾ ٿي ڏنو ۽ ڪيئن نه ڳوٺاڻين عورتن ۽ ڇوڪرين کي، مٺائي ۽ پيٽرسبرگ جي شين تي بي ترتيبي سان دعوت ٿي ڏني. هوُ مـِـتيا جي منهن تي به ٿي کليا. جيتوڻيڪ سندس سامهون کلڻ نهايت خطرناڪ شيءِ هئي. سندس پوئتان ته ماڻهو کل ۾ ٻٽ ٿي ويندا هئا. خاص ڪري شرابخاني ۾. سندس پنهنجو به اهوئي اعتراف هو، ته هن هيڏي اسراف جي هوندي به، نتيجو فقط اهو نڪتو هو ته هوُ گروشينڪا جي قدمن کي چمي ڏي.

ٿوري وقت ۾ مـِـتيا ۽ پيوٽراليچ دُڪان تي پهچي ويا. اُتي هڪ گاڏي ٽن گهوڙن سان موجود هئي. گهوڙن جي سيني وٽ گهنڊڻيون ٻڌل هيون. ائنڊري ڪوچبان لنگهه وٽ متيا جي انتظار ۾ هو. دُڪان ۾ ذري گهٽ سڀ سامان هڪ پيتيءَ ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ هوُ مـِـتيا جي انتظار ۾ هئا، ته هوُ اچي ته پيتيءَ کي ڪوڪا هڻي بند ڪيو وڃي ۽ گاڏيءَ ۾ رکيو وڃي. پيوٽراليچ هيءُ سڀ ڏسي بيحد حيران ٿي ويو.

 ”هيڏي تڪڙ ۾ هيءَ گاڏي ڪٿان آئي؟“  هنُ مـِـتيا کان پڇيو.

 ”مان جيئن تو ڏي ٿي آيس، واٽ تي ائنڊري مليو هو. مون کيس چيو هو، ته هو پنهنجي گاڏي، سڌو دڪان وٽ آڻي بيهاري. مون کي ڪو به وقت وڃائڻو نه هو. پوئين ڀيري مان ٽموفي جي گاڏي ۾ ويو هوس. هو هاڻي مون کان اڳ ۾ جادوگرياڻيءَ سان ويو آهي. ائنڊري ڇا اسان کي گهڻي دير ٿي ويندي.“

 ”هو اسان کان، هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ مس پهچندا، مان ٽموفي کي تيار ٿيندي ڏٺو هو. مون کي خبر آهي، ته هوُ ڪيئن ٿي ويو. سندس قدم اسان جهڙا تيز نه هوندا.“ دمتري فيودورپاولووچ اهو ٿي نه ٿو سگهي. هو اسان کان هڪ ڪلاڪ مس الڳ ۾ پهچندا.“ ائنڊري ڊگهي قد ۽ ڪمزور بدن ۽ ڳاڙهن وارن سان وچولي قد وارو هو. کيس ڊگهو ڪوٽ پهريل هو. هن کيس وري به گرم جوشيءَ سان چيو ته:

جيڪڏهن مان هڪ ڪلاڪ اُتي کانئن پوءِ پهچان، ته مون کي وڊڪا (شراب جو قسم) جي لاءِ 50 رپيا انعام طور ڏنا وڃن.

دمتري فيودورپاولووچ، مان وقت سان مقابلي جو اعلان ٿو ڪريان. هوُ اسان کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهچندا. هاڻي ڪلاڪ به نه.

دمتري فيودورپاولووچ تڪڙ ۾ عجيب حڪم ڏئي رهيو هو. هن ٽاريءَ کان هن ٽاريءَ تي پئي اڏريو. جنهن جملي کي شروع ٿي ڪيائين، اُن کي اڏوري ٿي ڇڏيائين. پيوٽراليچ ضروري سمجهيو، ته اُن جي گفتگو ۾ دخل ڏي ۽ سندس مدد ڪري.

 ”چار سؤ روبل جون شيون هئڻ گهرجن، انهن کان گهٽ نه.“ مـِـتيا حڪم ڏنو. چار ڊزن شئمپين. هڪ شيشي به گهٽ هئڻ نه گهرجي.“

 ”ايترو ڇا جي لاءِ ؟ ڪنهن جي لاءِ ، ڪنهن جي لاءِ ؟“  پيوٽر رڙ ڪري چيو.  ”هيءَ ڇا جي پيٽي آهي، ۽ اُن ۾ ڇا آهي؟ پڪ سان هن ۾ چئن سون جو مال نه آهي.“

دڪان جي عهديدارن نرمائي سان سمجهائڻ شروع ڪيو، ته هڪڙي پيٽيءَ ۾ اڌ ڊزن شئمپين جون بوتلون آهن ۽ ٻيو سامان، جيئن ته مٺائي، ٽافيون وغيره. سامان جو مکيه حصو، جنهن لاءِ حڪم ڏنو ويو آهي، اُهو ٺاهي پوءِ موڪليو ويندو ۽ موقعي آهر سڀ کان اڳ ۾ ڪنهن گاڏيّ ۾ خاص طور تي روانو ڪيو ويندو. اُن گاڏيءَ ۾ به ٽي گهوڙا هوندا ۽ تيز رفتار، هي سامان دمتري جي پهچڻ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ اندر اُتي پهچي ويندو.

 ”مان هڪ ڪلاڪ اندر، اُن سامان ۾ وڌيڪ ٽافيون ۽ مٺائي وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته اُتي جون ڇوڪريون انهن شين کي وڌيڪ پسند ڪنديون آهن.“  مـِـتيا هن جملي تي گرم جوشيءَ سان زور ڏنو.

 ”مٺائي وغيره ته ٺيڪ آهي، پر تون چار ڊزن شئمپين ڇا ڪندين؟ هڪ ڊزن ئي ڪافي آهي.“  پيوٽر غصي مان چيو. پر هوُ سودي گهرڻ ۽ بل وٺڻ ۾ مشغول هو ۽ ڪنهن به ريت راضپي ڏيکارڻ کان انڪاري هو. پر هن ريڙهه پيڙهه ۾ هو... ! روبل بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخر ۾ هي قبول ڪيو ويو، ته سڀئي شيون ٽي سؤ روبل جون هئڻ کپن.

 ”ٺهيو، هاڻي تون شيطان ڏي وڃي رهيو آهين؟“ پيوٽراليچ ٻي خيال ايندي کيس چيو.  ”منهنجو ڪهڙو واسطو. انهيءَ سڄي رقم کي اُڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي حاصل ڪرڻ ۾ تنهنجو ڪوبه خرچ نه ٿيو آهي.“

 ”هن رستي کان، علم الاقتصاد جا ماهر، هن رستي کان. غصي نه ٿي.“ مـِـتيا دُڪان جي پٺ کان کيس ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ چيو. ”هوُ اسان کي هتي بوتل پهچائي ويندا ۽ اُتي ئي اسين ان جو مزو چکنداسون. پيوٽراليچ مون سان گڏجي اچ. ڇاڪاڻ ته تون وڻندڙ ماڻهو آهين ۽ مون کي اهڙي قسم جا ماڻهو کپن.“

متيا، ميز جي سامهون هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، جنهن جي مٿان رات جي ماني جو غليظ رومال پيل هو. پيوٽراليچ سندس سامهون ويهي رهيو. شئمپين جلدي اچي ويو ۽ کين مڇي جي ٽڪرن جي آڇ ڪئي وئي. ”نهايت عمدا مڇيءَ جا ٽڪرا ۽ آخري.“

 ”کڏ ۾ وجهو مڇيءَ جي ٽڪرن کي. مان اُهي نه کائيندو آهيان. اسان کي وڌيڪ ڪجهه به نه گهرجي.“  پيوٽراليچ، غصي مان چيو.

 ”مڇيءَ جي کائڻ جيترو وقت هاڻي ڪونه آهي.“  مـِـتيا چيو.“ مون کي بک به ڪانه آهي.“ هن عجيب احساس سان وري چيو ته ”مان هن بي انتظاميءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي.“

 ”اهو وري ٻئي ڪنهن کي ڪيئن پسند ايندو. شئمپين جا ٽي ڊزن ڪڙمين لاءِ . مان سچ ٿو چوان ته اهڙي شيءِ آهي، جا ڪنهن کي غصي ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي.“

 ”منهنجو اهو مطلب نه آهي. مان ڪنهن مٿانهين انتظام جي ڳالهه ٿو ڪريان. خود مون ۾ به ڪو انتظام نه آهي. هان مٿانهون انتظام...... پر سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. هن تي ڏک ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هاڻي هي بعد از وقت آهي. کڏ ۾ وجهينس، منهنجي سڄي حياتي بدانتظاميءَ ۾ گذري آهي. هاڻي اُن کي ڪو انتظام ۾ آڻي. اها ڳالهه هاڻي بعد از وقت آهي ۽ مذاق آهي.“

 ”هيءُ مذاق نه آهي، پر بيهودهه گفتگو آهي.“

 ”آسمان ۾ خدا جو شان آهي“

  ”هي شعر هڪ ڀيري منهنجي دل مان نڪتو هو. هيءُ شعر نه آهي، پر منهنجا لڙڪ آهن...... انهن کي مان ئي وهايو هو........ اُن وقت نه، جڏهن مان ڪپتان جي ڏاڙهيءَ کي ٿي ڇڪيو.“

 ”تو هن جي ڳالهه کي، اوچتو ۽ هاڻي ڇو آڻي وڌو؟“

 ”مان ڇو هن بيوقوفيءَ واريءَ ڳالهه ۾ پيو آهيان؟ سڀئي ڳالهيون پڄاڻيءَ تي پهچي وڃن ٿيون ۽ يڪسانيت اچي ٿي وڃي. هن ۾ طوالت به آهي ۽ اختصار به.“

 ”توکي خبر آهي، مان تنهنجي پستول جي بابت خيال ڪندو رهان ٿو.“

 ”هي پڻ بيوقوفي آهي. تون شراب کي پيءُ ۽ عجب نه کاءُ. مان زندگيءَ کي پيارو ٿو گهران ۽ مان هميشھ هن کي پيار ڪندو رهيو آهيان، ۽ بي شرميءَ سان. هيءُ ڪافي آهي، اچ ته زندگي جي زندگيءَ جو شراب پيئون، عجيب ٻار! مان توکي ٻڌائڻ ٿو گهران، ته زندگيءَ جي لباس کي سلامتيءَ سان بلند رکندس. مان ڇو پاڻ کان راضي رهان. مان هڪ بدڪردار انسان آهيان، پر پاڻ کان راضي آهيان. دنيا کي برڪت ٿو سمجهان. هن وقت به خدا ۽ اُن جي مخلوق کي برڪت وارو ٿو سمجهان، پر هڪ موذي بلا کي نابود ڪرڻ گهرجي. جيئن اُن وٽ ٻين کي زهر ڏيڻ لاءِ طاقت نه رهي. اچ، منهنجا پيارا دوست، ته زندگيءَ جي سلامتي لاءِ پيئون. حياتيءَ کان وڌيڪ ٻي قيمتي شيءِ ڪهڙي آهي؟ ٻي ڪابه ڪانه آهي. زندگي جي سلامتي، جا راڻين جي راڻي آهي.“

 ”هان، تڏهن اچ ته زندگي جي سلامتي ۽ تنهنجي راڻين جي راڻيءَ لاءِ پيئون.“

هنن هڪ گلاس پيتو. جيتوڻيڪ مـِـتيا جوش ۾ فضول خرچ ٿي نظر آيو، پر دردمند به ٿي ڏٺو. نظر ۾ ٿي آيو، ته مٿس ڪو ڳرو ۽ وڏي انتظار وارو بار ڪري پيو آهي.“

 ”مشا........... اجهو هيءُ تنهنجو مشا آيو آهي! مشا هيڏي اچ. هن گلاس کي سڀاڻي جي صبح جي سونهري وارن واري ديوتا جي سلامتي لاءِ پيءُ......“

 ”هن کي هيءَ ڇا جي لاءِ ٿو ڏئين؟“  پيوٽراليچ کيس غصي مان چيو.

 ”هائو، هائو، هائو، مون کي اجازت ڏي مان هن کي ڏيندس.“

 ”هان.“

مشا گلاس خالي ڪري، نميو ۽ سلام ڪري ڀڄي ويو.

 ”هي بعد ۾ ياد ڪندو.“ مـِـتيا پنهنجي راءِ ڏني.“ عورت، مان عورت سان محبت ڪريان ٿو! عورت ڇا آهي؟ خلقت جي راڻي! منهنجي دل غمگين آهي. پيوٽراليچ، توکي هئمليٽ ياد آهي. مون کي سخت غم آهي، نيڪ هوريشيو! افسوس غريب يورڪ! شايد مان اهو آهيان. هائو مان هاڻي يورڪ آهيان ۽ پوءِ فقط هڏن جو پڃرو.“

پيوٽراليچ، خاموشي سان ڌيان ڏيئي ٻڌو. مـِـتيا پڻ ٿوري وقت لاءِ خاموش ٿي ويو.

 ”هيءُ ڪهڙو ڪتو آهي، جو هتي تو ڌاريو آهي؟“ هن دڪاندار کان پڇيو. هن ڪنڊ ۾ ويٺل لئپلئنڊ جي هڪ سهڻي ۽ ڪارين اکين واري ڪتي ڏانهن اشارو ڪيو.

 ”هي وار وارا اليگزيوينيا، مالڪياڻي جو آهي.“ ڪلارڪ کيس جواب ڏنو. هوءَ هن کي هتي وٺي آئي هئي، پر کانئس وسري ويو آهي. هيءُ کيس موٽائي ڏنو ويندو.

 ”مان هن جهڙو هڪ فوج ۾ ڏٺو هو.“ مـِـتيا ننڊاکڙي حالت ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. ”ان جون پويون ٽنگون ڀڳل هيون پيوٽراليچ مان توکان غير ارادي طور تي پڇڻ گهران ٿو، ته تو ڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ چوري ڪئي آهي؟“

 ”عجيب سوال؟“

 ”منهنجو اهو مطلب نه آهي، ته تو ڪنهن جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي. منهنجو خيال سرڪاري پيسي جو غبن به نه آهي، ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪانه ڪا چوري ڪري ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته توبه اِيئن ضرور ڪيو هوندو........“

 ”تون ته شيطاني ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“

 ”مان توسان ٻين ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ڪنهن کيسي مان يا ٻٽونءَ مان؟“

 ”مان لاولي ڪاپيڪس (روسي ننڍڙو سـِـڪو) ماءُ جا چورايا هئا. ان وقت مان نون ورهين جو هوس. مان اهي ميز تان کنيا هئا ۽ انهن کي هٿ ۾ لڪائي رکيو هيم.“

 ”ٺيڪ آهي، پوءِ ڇا ٿيو؟“

 ”اڙي ڪجهه به نه، مان ٽي ڏينهن اهي لڪائي رکيا. ان کان پوءِ مون کي شرم آيو. ماءُ جي اڳيان قبوليت ڏئي، انهن کي موٽائي ڏنم.“

 ”ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟“

 ”فطرتاً مون کي چهبڪ هنيا ويا. پر تون مون کان اها ڳالهه ڇو ٿو پڇين؟ ڇا توبه ڪا چوري ڪئي آهي ڇا؟“

 ”هائو“، مـِـتيا اکين کي بيوقوفيءَ سان ڇنڀيندي چيو.

پيوٽراليچ کانئس عجب مان پڇيو ته ”تو ڇا چورايو آهي؟“

 ”مان ماءُ جا ويهه ”ڪاپيڪس“، جڏهن نون ورهين جو هوس، ته چورايا هيم ۽ وري ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس موٽائي ڏنا هيم.“

اِيئن چئي مـِـتيا هڪدم اٿي بيٺو.

ائنڊري، دڪان جي دروازي مان کيس چيو ته  ”دمتري فيودورپاولووچ تون اڃا به نه ايندين ڇا؟“

 ”تون تيار آهين ته اسان اچون؟“ مـِـتيا تيار ٿيو. آخري فقط چار لفظ..... ائنڊري. تياريءَ جي لاءِ هڪ وڊڪا (هلڪو شراب) جو گلاس....... هن کي ڪجهه برانڊي به ڏيو. هي پيتي؟ (جنهن ۾ پستول به هو). هن کي منهنجي ويهڻ واري جاءِ جي هيٺان رکو. خدا حافظ، پيوٽراليچ، منهنجي لاءِ ڪو خراب خيال قائم نه ڪج.

 ”پر تون ته سڀاڻي موٽي ايندين؟“

 ”بيشڪ“

 ”بل جا پيسا اوهان هاڻي ئي ڏيو ٿا؟ “ ڪلارڪ اڳتي ٽپو ڏيندي ۽ رڙ ڪندي چيو.

 ”هائو بل، بيشڪ“

هن نوٽن جي بنڊل کي وري کيسي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان مان ٽي سؤ نوٽ ڪڍي، دڪان جي تختي تي ڦٽا ڪياِئين ۽ تڪڙ ۾ ڊوڙندو دڪان کان ٻاهر نڪري ويو. سڀ ڪو سندس پويان ٻاهر نڪتو ۽ کيس خوش قسمتي لاءِ دعائون ڏيڻ لڳو. ائنڊري جنهن تازو برانڊيءَ کي ڳڙڪايو هو، کنگهندو، گاڏيءَ جي پيٽي تي وڃي ويٺو. مـِـتيا اڃا پنهنجي جاءِ تي مس ويٺو هو جو اوچتو هن پنهنجي اڳيان فينا کي بيٺل ڏٺو. کيس ڏسي عجب لڳو. هوءَ دانهون ڪندي ڊوڙندي آئي. هوُ سندس سامهون هٿن کي مهٽيندي ۽ روئيندي رهي. پوءِ يڪدم سندس پيرن تي ڪري پئي.

 ”دمتري فيودورپاولووچ، پيارا نيڪ دمتري فيودورپاولووچ، منهنجي مالڪياڻيءَ کي تڪليف نه ڏي. مان توکي ان جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي. هن کي خون نه ڪجانءِ . هن تي رحم ڪج. هوُ گروشينڪا جو اڳ ۾ ئي دوست هو. هن جي خواهش آهي، ته ساڻس شادي ڪري. انهيءَ ڳالهه لاءِ هوُ سائبيريا کان آيو آهي....... دمتري فيودورپاولووچ اُن کي قتل نه ڪج.“

 ”هان، هان، ڳالهه تڏهن اِيئن آهي؟ تون انهيءَ لاءِ وڃي رهيو آهين، ته اُتي وڃي مصيبت پيدا ڪرين. پيوٽراليچ کيس چيو.  ”هاڻي ڳالهه روشن سج وانگر صاف ٿي چڪي آهي. دمتري فيودورپاولووچ، پستول مون کي ڏي. جيڪڏهن تون مرد آهين ته مون کي واپس ڏيندين“. هن زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.

 ”پستول، ٿورو وقت ترس ڀاءُ. مان هن کي رستي تي ڪنهن کڏ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندس. “ مـِـتيا کيس چيو.  ”فينا اُٿي منهنجي سامهون گوڏن ڀر نه ٿي. مـِـتيا ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندو. هي بيوقوف وري ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچائيندو. پر مان چوان ٿو فينا ته......“ هن پنهنجي جاءِ تي ويهندي چيو ”مان توکي هاڻي تڪليف ڏني هئي، اُن لاءِ مون کي معاف ڪر. هن بدمعاش کي بخش... پر جيڪڏهن تون اُن کي نه ٿي بخشي سگهين ته ٺهيو. اها ساڳي ڳالهه ٿيندي. ائنڊري هاڻي، گاڏيءَ کي اُڏار.“

ائنڊري گهوڙن کي چهبڪ هنيو ۽ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون.

 ”پيوٽراليچ خدا حافظ، منهنجا آخري ڳوڙها تنهنجي لاءِ آهن.......“

 ”هن پيتو نه آهي، پر اِيئن ٿو ڳالهائي، ڄڻ ته نشي ۾ آهي. پيوٽراليچ کيس ويندي ڏسي چيو. هن بد دليءَ سان چاهيو، ته ترسي اُن سامان کي ڏسي، جو بعد ۾ وڃڻ وارو هو. يقيناً هوُ مـِـتيا سان ٺڳي ۽ فريب ڪندا. پر اوچتو هوُ پنهنجو پاڻ مونجهاري ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ سڄي ڳالهه تي لعنت وجهندو، هوُ ميخاني ڏانهن بليئرڊ راند کيڏڻ لاءِ ويو.

هيءُ بيوقوف آهي، جيتوڻيڪ چڱو ماڻهو آهي. هنُ پنڌ ڪندي خيال ڪيو. ”مان اُن آفيسر يعني: گروشينڪا جي پهرئين شعلي بابت ٻڌو آهي. جيڪڏهن هن اُن پستول کان ڪم ورتو ته..... کڏ ۾ وجهينس، مان اُن جو رکوال ته نه آهيان! ڀلي جيڪي وڻين سو ڪن. اُن کان سواءِ ، هن جو ڪوبه نتيجو ڪونه نڪرندو. هيءُ ٻئي جهڳڙالو آهن ۽ بس. هيءُ پيئندا ۽ وڙهندا. وڙهي وري دوست بڻجي ويندا. هيءُ اُهي ماڻهو ئي نه آهن، جي سچ پچ ڪجهه ڪري سگهن. پر هن جو هن کان مطلب ڇا هو، ته مان پنهنجي قدمن کي هٽايان ٿو ۽ پاڻ کي سزا ڏيان ٿو.، ڪجهه به نتيجو نه نڪرندو.“  هن ڪيئي ڀيرا، اهي جملا دهرايا آهن ۽ شرابخاني ۾ هزارين ڀيرا! پر هاڻي ته هيءُ پيتل نه هو. پر روحاني طرح پيتل هو. اهڙا بدمعاش اهڙن جملن جي چوڻ جا عادي هوندا آهن. ڇا مان سندس رکوال آهيان؟ هوُ ڪنهن سان ضرور وڙهي آيو هو. سندس منهن رت سان ڀريل هو. پر ڪنهن سان؟ مان ميٽرو پولس ۾ جاچي وٺندس. سندس رومال سڄو رت ۾ ڀريل هو...... اُهو اڃا تائين منهنجي ڪمري جي فرش تي پيو آهي.... کڏ ۾ وجهينس.

هوُ شرابخاني ۾ پهچي ويو. پر سندس مزاج بگڙيل هو. هن هڪدم راند شروع ڪري ڏني. راند کيس راحت ڏني. هن ٻي به راند کيڏي. هن اوچتو پنهنجي ڀائيوارن مان هڪ کي چيو، ته دمتري ڪرامازوف کي وري پيسا ملي ويا آهن. قريباً ٽي هزار روبل. هو ماڪرو وري ويو آهي، ته گروشينڪا سان وري اُهي اڏائي... هن حقيقت ڌيان ڏيندڙن ۾ هڪجهڙي دلچسپي پيدا ڪئي. سڀيئي ان بابت ڳالهائڻ لڳا. وٽن کل جي بجاءِ هڪ عجيب ڪشش هئي. سڀني راند ڪرڻ ڇڏي ڏني.

 ”ٽي هزار! پر هن اهي ٽي هزار روبل ڪٿان آندا؟“

سوال ٿيندا رهيا. بيگم هائلڪوف جي ڪهاڻيءَ کي شڪ سان ٻڌو ويو.

 ”اِيئن ته نه آهي، ته هن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڦريو آهي؟ اهو سوال آهي؟“

 ”ٽي هزار روبل! دال ۾ ڪجهه ڪارو نظر اچي ٿو.“

 ”هن وڏي آواز سان هتي لاف هنئين هئي، ته هو پنهنجي پيءُ کي ماريندو. اسان سڀني کيس اِيئن چوندي ٻڌو هو. ان کانسواءِ هن ٽن هزارن لاءِ به چيو ٿي.“

پيوٽراليچ هي سڀ ڌيان ڏيئي ٿي ٻڌو. اوچتو هو پنهنجي جوابن ۾ مختصر ۽ خشڪ بڻجي ويو. مـِـتيا جي هٿن تي ۽ منهن تي رت جي لڳل داغن بابت هن ڪوبه ذڪر نه ڪيو، جيتوڻيڪ سندس دل چاهيو ٿي ته ان جو ذڪر ڪري.

هنن ٽئين راند شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي مـِـتيا جي بابت گفتگو ختم ٿي وئي. ٽئين راند جي ختم ٿيندي ئي، پيوٽر جي دل ۾ وڌيڪ راند کيڏڻ جي خواهش نه رهي هئي. هن بليئرڊ جي راند کي ڇڏيو ۽ رات جي ماني کائڻ کان سواءِ جنهن جو کيس ارادو هو، هو تفريح گاهه کان ٻاهر نڪري ويو. هو جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو، ته هو سخت مونجهاري ۾ بيهي رهيو ۽ پاڻ کي عجب مان ڏسڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته کيس هن ڳالهه جي طلب هئي، ته هو فيودورپاولووچ وٽ وڃي معلوم ڪري، ته اتي ڪو حادثو ته نه ٿيو آهي؟  ”هيءُ سڀ ڪجهه بيوقوفي جو باعث ٿيندو، جنهن جو پورو يقين اٿم_ مان سڄي گهر کي اٿاريندس ۽ وڏو جنجل پيدا ٿي ويندو.“ هن پاڻ سان ڳالهايو. ”کڏ ۾ وجهين، اهو منهنجو ڪم آهي ڇا، ته مان سندن رکوالي ڪريان؟“

هو سخت بي ترتيبيءَ ۾ سڌو پنهنجي گهر ڏانهن هليو. اوچتو کيس فينا ياد اچي وئي. ”سڀني کي کڏ ۾ وجهه. مون کي ان وقت کانئس سوال پڇڻ کپندا هئا.“ هن سخت پريشانيءَ ۾ خيال ڪيو، ته ”اهڙي ريت مان سڀ ڪجهه معلوم ڪري سگهان ٿو.“ سندس دل ۾ خواهش پيدا ٿي، ته هو ان سان ڳالهائي ۽ کانئس حقيقت معلوم ڪري. هيءُ خيال مٿس ايڏو ته غالب پئي ويو، جو گهر ڏانهن ويندي اڌ پنڌ کان مڙيو ۽ سڌو ان جاءِ ڏانهن هليو، جتي گروشينڪا ٿي رهي. دروازي وٽ وڃي ان کي کڙڪايائين. رات جي خاموشيءَ ۾ دروازي جي کڙڪي سندس سرمستي کي وڃائي ڇڏيو ۽ بي مزي بڻجي ويو. ڪوبه جواب نه آيو، ڇو ته گهر ۾ سڀئي ننڊ ۾ هئا. کيس سخت درد جو احساس ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ته ”هيءُ سڀ بيهودگي آهي.“ اتان هلي وڃڻ جي بجاءِ ، هو هاڻي پوري طاقت سان دروازي کي ورائي ورائي کڙڪائڻ لڳو، جنهن کان سڄي گهٽي شور سان ڀرجي وئي.

 ”ڪوبه نه ٿو اچي؟ ٺيڪ آهي مان در کي کڙڪائي سڀني کي اٿاريندس.“ هو هر کڙڪي تي اِيئن ڀڻڪندو رهيو ۽ جوش ۾ ايندو رهيو ۽ ساڳي وقت، هن دروازي تي کڙڪن جو انداز ٻيڻو ڪري ڇڏيو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org