سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو پهريون

صفحو :2

 

ڪرامازوف ڀائر

 

(ڀاڱو ٻيو)

 

 

حصو پهريون

 

مـِـتيا

 

باب پهريون

ڪزوما سامسونوف

دمتري، جنهن لاءِ گروشينڪا، نئين حياتيءَ ڏانهن ويندي ويندي، پيغام ڏنو هو، ته هو سندس محبت جي هڪ گهڙيءَ کي هميشھ لاءِ ياد رکي، تنهن نه ٿي ڄاتو ته هن سان ڇا وهيو ۽ واپريو؟ ان وقت کيس تپ جهڙو جوش هو. ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن ڏينهن کان هو پنهنجي پريشانيءَ ۾ ايڏو ته مبتلا هو، جو کيس آسانيءَ سان مغز جو بخار ٿي پئي سگهيو. هن اهڙو اظهار پوءِ ڪيو هو. اليوشا هڪ ڏينهن اڳ ۾ کيس هٿ ڪري نه سگهيو هو. ايون پڻ شرابخاني ۾ ساڳئي ڏينهن ساڻس ملي نه سگهيو هو. سندس رهڻ واري جاءِ جي ماڻهن، سندس حڪم موجب، سندس چـُـرپـُـر کي مخفي رکيو هو.

هـُـن هي ٻه ڏينهن، اِيئن کڻي چئجي ته هيڏي هوڏي ڊڪندي گذاريا هئا. جيئن هن پوءِ چيو هو،  ”اهي ڏينهن هن پنهنجي قسمت ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ گذاريا هئا.“ ڪن ڪلاڪن لاءِ پاڻ کي شهر ۾ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ هيڏي هوڏي ڌڪا کارايا هئا. هن جي لاءِ گروشينڪا جي هڪ گهڙيءَ جي جدائي به نهايت خطرناڪ شيءِ هئي. اهو سڀ ڪجهه پوءِ تفصيل سان ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏنو ويو هو. پر في الحال اسان انهن ٻن خطرناڪ ڏينهن جي مکيه واقعن کي، جنهن کي ڀوائتو انقلاب چئجي، بيان ڪريون ٿا، جو اوچتو ان جي مٿان نازل ٿيو هو.

اهو سچ آهي، ته گروشينڪا، هڪ گهڙيءَ لاءِ ساڻس صداقت ڀري ۽ خصوصيت واري محبت ڪئي هئي، پر ان هوندي به هوءَ کيس وڏي بي رحميءَ سان عذاب ڏيندي هئي. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته هو ٻڌائي به نه سگهندو هو، ته آخر هن جو مقصد ڇا آهي؟ هن کي ڪنهن ڳالهه بابت مجبور ڪرڻ لاءِ ، زور ۽ شفقت ٻئي بي مقصد هئا. هوءَ ڪنهن به شيءِ کي مڃڻ واري نه هئي. هوءَ فقط غصي ۾ اچي کانئس هميشھ لاءِ منهن ڦيرائي ويندي. ان کي هن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي، هوءَ ڪنهن اندروني ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي ۽ غير معمولي طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪري هو ڪنهن به شيءِ جي لاءِ غير مطمئن هئي ۽ ڪوبه فيصلو ڪري نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چڱي سبب کان سواءِ هو ٻڏل دل سان ويچاريندو هو، ته ڪنهن به گهڙيءَ ۾ هو کيس ۽ سندس اشتياق کي نفرت سان ڏسڻ شروع ڪري ڏي. شايد اهو سندس خيال صحيح هجي، پر ڪهڙي ڳالهه گروشينڪا کي ڏک ٿي ڏنو، اها سمجهي نه ٿي سگهيو. هن اِيئن ٿي سمجهيو ته هيءُ سڄو عذاب ڏيندڙ سوال، سندس ۽ فيودورپاولوچ جي وچ ۾ آهي.

هتي اسان هڪ حقيقت کي ٻڌائڻ گهرون ٿا. هن کي يقين هو، ته فيودورپاولوچ، کيس آڇ ڪندو يا آڇ ڪئي اٿائين، ته گروشينڪا ساڻس قانوني طرح شادي ڪري، هن کي هيءُ به يقين هو، ته پوڙهو عياش ٽي هزار روبل ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندو. مـِـتيا، هيءُ نتيجو پنهنجي ادراڪ ۽ گروشينڪا جي ڪردار مان ڄاتو ٿي. ان ڪري هو ڪڏهن ڪڏهن خيال ڪندو هو، ته گروشينڪا جي سڄي پريشاني انهيءَ سبب کان هئي، ته سندس فائدي لاءِ ڪهڙو طرف وٺي ۽ ڪنهن کي انتخاب ڪري؟

هيءَ عجيب ڳالهه هئي، جو ان زماني ۾ کيس ڪڏهن به اهو خيال نه آيو هو، ته هو ان آفيسر جي موٽي اچڻ جو خيال ڪري، جنهن جو گروشينڪا جي حياتيءَ ۾ موتمار اثر موجود هو ۽ جنهن جي آمد کي هن وڏي جذبي ۽ خوف سان ياد ٿي ڪيو. هيءُ به سچ آهي ته گروشينڪا پوءِ ان جي ڪري خاموش ٿي رهي. پر کيس ان خط جي پوري پوري خبر هئي، جو هن وٽ مهينو کن اڳ ۾ سندس اغوا ڪرڻ واري کان پهتو هو ۽ خود ان جي چپن مان ٻڌي چڪو هو. کيس هيءَ به خبر هئي، ته ان خط ۾ ڇا آهي؟ هڪ وقت غصي ۾ گروشينڪا کيس اهو خط به ڏيکاريو هو. مگر هن کي هيءُ ڏسي حيرت پئي ٿي، ته هن کي انجام جي باري ڪابه پرواهه نه هئي. اِيئن چئي نه ٿو سگهجي ته اِيئن ڇو پئي ٿيو. جيئن ته هو پيءُ جي سخت خوف کان، هن عورت بابت ڪشمڪش ۾ مبتلا هو، ان ڪري هن وڌيڪ خوف ڏي ڌيان ئي نه ڏنو، جو ڪنهن به وقت کيس پيش اچي ٿي سگهيو. هن ان رقيب جي لاءِ ڪڏهن به هيءُ خيال نه ٿي ڪيو، ته پنجن سالن جي غير حاضريءَ کان پوءِ ، هو ڪو موٽي ايندو ۽ ايترو جلدي. ان کان سواءِ ان آفيسر جي پهرئين خط ۾، جو مـِـتيا کي ڏيکاريو ويو هو، سندس نئين رقيب جي آمد کي جي معنيٰ ڏيکاريو ويو هو. خط غير مستقل، اجائي تعريف سان ڀريل ۽ جذباتي ٿي ڏٺو. هتي هيءُ ٻڌائڻ ضروري آهي، ته گروشينڪا خط جون پويون سٽون ان کان لڪايون هيون. جنهن ۾ ان جي موٽي اچڻ کي صاف لکيو ويو هو. ان کان سواءِ ، هن گروشينڪا جي منهن ان وقت، ان جي سائيبريا کان موٽي اچڻ تي سخت نفرت سان ٿي ڏٺو. گروشينڪا بعد ۾ کيس ڪجهه به نه ٻڌايو هو، ته سندس ۽ ان جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو هو؟ ان ڪري آهستي آهستي، هن آفيسر جي موجودگيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو هو. هن خيال ٿي ڪيو ته بعد ۾ حالتون ڪهڙو به رخ وٺن، مگر کيس فيودرپاولووچ سان ڪنهن به حالت ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ هن حالت کي سڀ کان اڳ ۾ ختم ڪرڻ گهرجي. هو ٻڏندڙ دل سان هرگهڙي، انهيءَ اميد ۾ ٿي رهيو، ته گروشينڪا ڄاڻ پنهنجو فيصلو ڏنو. کيس هيءُ احساس هو ته هوءَ اوچتو پنهنجو فيصلو ڏئي ويهندي. سندس خيال هو ته هو اوچتو چوندي ته،  ”مون کي وٺي هل، مان هميشھ تنهنجي آهيان.“ ۽ سڄي ڳالهه ختم ٿي ويندي. هو پوءِ ان کي وٺي پري نڪري ويندو. جيتري قدر کانئس ٿي سگهندو. دنيا جي نهايت پرانهين حصي ڏانهن. تنهن کان پوءِ ، هو ان سان شادي ڪندو ۽ گهريلو زندگي گذاريندو. ايتري قدر ته هو دنيا کي وساري ڇڏيندو، جو ڪنهن کي به سندس خبر ڪانه پئجي سگهندي. هتي يا ڪنهن ٻي جاءِ تي. ان کان پوءِ ، هڪدم نئين حياتي شروع ٿي ويندي.

هن جدا، سڌاريل ۽ گڻوان حياتيءَ (اها ضرور گڻوان هوندي) جا هو پريشانيءَ سان ڀريل خواب ڏسندو ٿي رهيو. هو ڄڻ اصلاح ۾ نوائيءَ لاءِ مرندو ٿي رهيو. غليظ چـِـڪڻ، جنهن ۾ هو پنهنجي مرضيءَ سان وڃي ڦاٿو هو، سندس بغاوت جو ڪارڻ بڻجي پيو هو ۽ اڪثر ماڻهن وانگر سندس راءِ مقام جي تبديليءَ ۾ وڃي ڦاٿي هئي. کڻي ٻين ماڻهن لاءِ اِيئن نه هجي، کڻي ان لاءِ اهي اسباب نه به هجن. هن فقط هيءُ چاهيو ٿي، ته ان نحس مقام کان هليو وڃي، جنهن ڪري کيس نئين حياتي ملي ويندي ۽ وري نئين رستي ۾ داخل ٿي ويندو. اهائي حقيقت هئي، جنهن تي سندس عقيدو هو ۽ ان جي لاءِ ، پئي پريشان ٿيو.

پر هنن سڀني ڳالهين جو مدار پهرئين ڌر تي هو ۽ هن سوال جو خوشگوار حل ان جي هٿ ۾ هو. هن حالت جو ٻيو طرف به هو، جنهن جي پڄاڻي نهايت خطرناڪ هئي. اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته هو اوچتو وٽس اچي ۽ کيس چوي ته، ”مان هاڻي فيودورپاولووچ سان شرط طئي ڪري آئي آهيان. مان ان سان شادي ڪرڻ گهران ٿي ۽ تون مون کي نه ٿو گهرجين.“ ۽ پوءِ ........... پوءِ .......... مگر مـِـتيا نه ٿي ڄاتو، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ آخري گهڙيءَ تائين به، هن ان کي نه ٿي ڄاتو. هن ۾ به سندس ڀلائي هئي، ڇو ته سندس ڪوبه واضح ارادو ڪونه هو. هن ڪو به گناهه نه رٿيو هو. هو فقط تڪليف ۾ ڏسندو ٿي رهيو ۽ جاچيندو به ٿي رهيو. ان وقت هو پنهنجي قسمت جي پهرئين خوشگوار ماحول لاءِ پاڻ کي تيار ڪندو ٿي رهيو. شايد سندس دل ۾ ڪي ٻيا به خيال هجن!

جيڪڏهن هو کيس چوي ها ته، ”مان تنهنجي آهيان ۽ مون کي وٺي هل.“ تڏهن به هو کيس ڪاڏي وٺي وڃي ها؟ کيس ان جي لاءِ ڪو وسيلو ئي نه هو. پيسا ڪٿي هئا؟ ڇاڪاڻ ته هيءُ اهو وقت هو، جڏهن آمدنيءَ جا سڀئي رستا، فيودورپاولووچ جي هٿ ۾ هئا ۽ جو ڪجهه به کيس هو، ڪيترا سال ٿيا، جو هو خرچ ڪري چڪو هو ۽ هاڻي آمدني بند ٿي چڪي هئي. بيشڪ گروشينڪا وٽ پيسو موجود هو، پر مـِـتيا کي اوچتو خيال ٿيو هو، ته هو سندس دست نگر نه رهندو. هن چاهيو ٿي، ته هو کيس پاڻ سان وٺي وڃي ۽ پاڻ تي ڀاڙي. پاڻ خرچ ڪري ۽ هن جي پيسي تي نه گذاري. هن کانئس پيسي وٺڻ جو ڪوبه خيال نه ٿي ڪيو، اٽلو هن ڳالهه کي نفرت سان ٿي ڏٺو. مان هن قصي کي نه ڊگهو ڪندس نه وري ان جو تجزيو ڪندس، پر فقط سندس هن ذڪر کي ڪافي ٿو سمجهان. ان وقت سندس اها حالت هئي. شايد هيءُ سڀ ڳالهيون اڻ سڌيءَ طرح ۽ بنا ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي، ضمير جي انهن ڏنگن جي باعث وٽس پيدا ٿيون هيون، ڇاڪاڻ ته هن ڪيٽرينا ايونونا جي پيسن کي بي ايمانيءَ سان هضم ڪيو هو. هن هيءُ خيال ٿي ڪيو، ته ”مان هڪ جي نگاهن ۾ پاڻ کي خفيف ۽ بي آبرو ثابت ڪيو آهي ۽ هاڻي وري ٻيءَ جي نگاهن ۾ اِيئن بڻجي ويندس.“ جيئن هن پوءِ اظهار ڪيو هو، ته ”جڏهن گروشينڪا کي هيءَ خبر پوندي، ته هوءَ مون جهڙي بدمعاش جي ڪابه پرواهه نه ڪندي.“

تڏهن هو ڪٿان پنهنجي وسيلن کي پيدا ڪري. تڏهن هو ڪٿان پنهنجي قسمت جي ٺاهڻ لاءِ پيسو پيدا ڪري؟ ان کان سواءِ ته سڀڪجهه وڃائي ويهندو ۽ ڪجهه به ٿي نه سگهندو. هن چيو ٿي، ته ”ڇاڪاڻ ته مون وٽ پيسو ڪونه آهي ۽ منهنجي لاءِ اِها شرمندگي آهي.“

شايد هن ڄاتو ٿي، ته اهو پيسو ڪٿان هٿ ڪري؟

شايد هن ڄاتو ٿي، ته اهو پيسو ڪٿي آهي؟ مان هن مسئلي جي ننڍين گهٽين ۾ داخل ٿيڻ نه ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته هيءَ سڄي حقيقت اڳتي هلي، خودبخود ظاهر ٿي پوندي. ان هوندي به هيءُ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هن سڄي حقيقت جي بنيادي صورت ڪهڙي هئي؟ هن کي خبر هئي، ته پيسا ڪٿان حاصل ڪري سگهبا ۽ هن جي لاءِ لازمي هو، ته پهريائين ڪيٽرينا ايونونا کي ٽي هزار روبل موٽائي ڏئي. جيڪڏهن نه ته، هن چيو ٿي، ته ”مان ڳنڍيڇوڙ ۽ بدمعاش آهيان ۽ مان نه ٿو چاهيان، ته بدمعاش جي حيثيت ۾ مان پنهنجي نئين حياتي شروع ڪريان.“ مـِـتيا جو هيءُ فيصلو هو. ان ڪري هن پختو ارادو ڪيو، ته زمين ۽ آسمان کي لوڏي به ڪيٽرينا ايونونا کي، هو سڀ کان اڳ ۾ ٽي هزار روبل موٽائي ڏيندو. هن فيصلي جي آخري گهڙي، اِيئن کڻي چئجي، ته پوين ٿورن ڪلاڪن تي اچي پهتي هئي. يعني اليوشا سان آخري ملاقات کان پوءِ ، جا ساڻس رستي تي ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي ۽ ساڳي شام جو جڏهن گروشينڪا، ڪيٽرينا جي بي عزتي ڪئي هئي. مـِـتيا، اليوشا کان حقيقت ٻڌي، کيس چيو هو ته ”هو واقعي بدمعاش آهي ۽ جيڪڏهن ڪيٽرينا کانئس ڪا راحت گهري ٿي، ته هوءَ کيس ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“  ان رات جو ڀاءُ کان جدا ٿيڻ بعد، هو هن جنون ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ته ”چڱو اِيئن آهي ته ڪٽيا کي قرض نه ڏيڻ جي حالت ۾ ڪنهن جو خوف ڪري پيسو حاصل ڪيو وڃي. مون کي ماڻهو اڳ ۾ ئي خوني ۽ ڌاڙيل سمجهن ٿا. انهيءَ کان چڱو آهي، ته مان سائبيريا ڏي وڃان. اِيئن نه ٿئي ته ڪٽيا منهنجي لاءِ چوي ته مان کيس ٺڳي رقم چورائي آهي ۽ ان رقم سان مان گروشينڪا سان گڏجي نئين حياتي گذارڻ گهران ٿو. مان اهو ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندس.“  اهڙي ريت مـِـتيا، ڏند ڪرٽيندي، اهو فيصلو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هن ڪيترن وقتن تي، اِيئن به محسوس ڪيو هجي، ته سندس دماغ ڪوبه ڪم ڪري نه ٿو سگهي. پر ان هوندي به هو، هن ڪشمڪش سان وڙهندو رهيو .......

هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، ته جيڪڏهن سڀ ڪنهن سمجهيو ٿي، ته وٽس نااميديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه رهيو هو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪو اهڙو اتفاق ئي نه رهيو هو، جنهن سان هو ايتري رقم هٿ ڪري سگهي، پر ان هوندي به پڇاڙيءَ تائين، هن اميد تي قائم هو ته اهي ٽي هزار روبل، ڪهڙيءَ ريت به پنهنجو پاڻ وٽس ايندا. ڄڻ ته اها رقم آسمان کان اچي هيٺ ڪرندي. هيءُ اهوئي طريقو آهي، جنهن سان دمتري جهڙا ماڻهو، پيدا لاءِ ڪجهه به نه سوچيندا آهن ۽ جو ڪجهه ورثي ۾ ملندو اٿن، اهو فضول خرچيءَ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن ۽ نه وري کين ڪا ڪوشش ڪرڻ ايندي آهي، ته پيسو ڪهڙيءَ ريت حاصل ڪجي؟ ٻه ڏينهن اڳ، اليوشا کان جدا ٿيندي، واچوڙي وانگر هڪ چرئي وارو خيال، سندس دماغ تي فوراً ڇانئجي ويو هو. جنهن سندس خيالن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت هن پهريون ڀيرو، مڪمل طرح ان وحشياڻي مهم لاءِ رضامندي ڏيکاري. شايد اهڙي ماڻهو لاءِ ، اهڙي اسباب هيٺ، نهايت غير معياري ۽ ناممڪن رٿون، پهريون ڀيرو خيال ۾ آيون ۽ هن انهن کي بلڪل عمل جوڳو سمجهيو.

هن اوچتو فيصلو ڪيو، ته هو گروشينڪا جي سنڀاليندڙ، سامسونوف واپاري وٽ وڃي ۽ کيس ڪا رٿ ڏئي، کانئس فوراً، گهربل رقم حاصل ڪري. واپاري لحاظ کان سندس رٿ، انهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته عمل جهڙي هئي، پر ساڳي وقت کيس يقين به نه ٿي آيو، ته الائجي سامسونوف سندس خيال تي واپاري نقطهِّ نگاهه سان نظر وجهي به يا نه؟ جيتوڻيڪ مـِـتيا واپاريءَ کي ڏٺو هو، پر ساڻس سندس ڪابه واقفيت نه هئي ۽ نه وري ان سان هڪ لفظ به ڳالهايو هئائين. پر ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري، هو گهڻي وقت کان، هن فيصلي تي بيٺو هو ته پوڙهو مردود، جو موت جي دروازي تي پهچي چڪو هو، هاڻي گروشينڪا جي عزت واري حيثيت حاصل ڪرڻ تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪندو ۽ اهڙي ماڻهو سان سندس شادي کي پسند ڪندو، جنهن تي هوءَ پنهنجو آڌار ڪري سگهي ٿي. نه فقط کيس اهو يقين هو، پر سندس هيءُ به خيال هو، ته سندس اها ئي خواهش به آهي. جيڪڏهن قسمت جو سانگ بڻيو، ته هو سندس مدد ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو. ڪن افواهن کان، يا خود گروشينڪا جي وقتي لفاظيءَ کان، هو هن نتيجي تي پهتو هو، ته هو گروشينڪا جي لاءِ فيودورپاولووچ کان کيس وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.

ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ناول جا گهڻا پڙهندڙ، اهو خيال ڪن ته اهو سڄو محاسبو گستاخي ڀريو آهي ۽ دمتريءَ کي اها خوشي پئي ٿي، ته هو پنهنجيءَ ڪنوار کي ان جي سنڀاليندڙ کان حاصل ڪري سگهندو. مان اهو ڏيکاريندس ته مـِـتيا اِيئن ٿي سمجهيو، ته گروشينڪا جو سڄو ماضي مدفون ٿي چڪو آهي. هن ماضيءَ کي لامحدود ڏک سان ٿي ڏٺو ۽ پنهنجي محبت تي اعتبار ڪندي، هن سوچيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو گروشينڪا سندس محبت جو اعتراف ڪيو ۽ شاديءَ لاءِ تيار ٿي وئي، ته ان جو هيءُ مطلب ٿيندو، ته هو نئين گروشينڪا بڻجي ويندي ۽ پاڻ نئون دمتري. جن وٽ ڪابه بدي نه هوندي. هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيندا ۽ وري تازا توانا ٿي، گڏجي زندگي گذاريندا. ڪزوما سامسونوف لاءِ دمتريءَ خيال ٿي ڪيو، ته هڪ انسان جي حيثيت ۾، گروشينڪا جي ماضيءَ واري دور تي سندس بيحد اثر هو، جيتوڻيڪ هن ساڻس ڪڏهن به محبت نه ڪئي هئي. هو هاڻي ماضيءَ جي هڪ وساريل شيءِ هو ۽ مڪمل طرح ختم ٿي چڪو هو. اِيئن کڻي چئجي، ته هو وجود ۾ ئي نه هو. ان کان سواءِ مـِـتيا کيس مرد ئي نه سمجهندو هو. ڇاڪاڻ ته شهر جي سڀني ماڻهن کي خبر هئي، ته سندس حياتي اچي پوري ٿي آهي ۽ گروشينڪا سان سندس تعلقات پيءُ ۽ پـُـٽ وارا آهن، جنهن کي گهڻو زمانو گذري چڪو آهي.

ڪيئن به هجي، مـِـتيا جي حالت ۾ سندس سادگي ٿي نظر آئي. سندس بدڪارين جي باوجود، هو نهايت ساده دل انسان هو. سندس سادگيءَ جو هيءُ مثال ڏسڻ جهڙو هو، جو مـِـتيا يقيني طرح سمجهيو ٿي ته پوڙهو ڪزوما، جنهن جي حياتيءَ جي شام گذرڻ واري هئي، نهايت سچائيءَ سان، پنهنجي ۽ گروشينڪا جي گذريل تعلقات تي پنهنجي پڇتاءُ جو اظهار ڪندو. ان کان سواءِ هن سوچيو ٿي ته هاڻي هن جي لاءِ ، به ڪو اهڙو صادق دوست ۽ رکوال، هن بي ضرر پوڙهي بنا ٻيو ڪونه آهي.

رستي جي موڙ تي، اليوشا سان گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ، هن مشڪل سان رات جو آرام ڪيو. ٻئي ڏينهن ڏهين وڳي، هو سامسونوف جي دروازي تي وڃي پهتو ۽ خادم کي چيائين، ته کيس سندس آمد جو اطلاع ڏئي. هو نهايت وڏو ۽ اداس اداس پراڻو گهر ٿي ڏٺو. هوءَ ٻه ماڙ جاءِ هئي، جنهن ۾ رهڻ جي جاءِ کان سواءِ ، نوڪرن جي رهڻ جون جايون به هيون. هيٺينءَ جاءِ  سامسونوف جا ٻه پٽ ڪٽنب سان ٿي رهيا ۽ ساڻن گڏ پوڙهي ڀيڻ ۽ ڪنواري ڌيءُ به ٿي رهي. گهر جي ٻئي حصي ۾ سندس ٻه منشي ٿي رهيا، جن مان هڪ کي وڏو ڪٽنب هو. اها سڄي جاءِ ، ماڻهن سان ڀريل ٿي ڏٺي. پوڙهي پنهنجي لاءِ مٿي ماڙيءَ کي والاريو هو ۽ هن اتي پنهنجي ڌيءَ کي به رهڻ نه ڏنو هو. جيتوڻيڪ هوءَ سندس خدمت ۽ چاڪري به ڪندي هئي. توڻي جو هوءَ دم جي مريضا به هئي. سندس اچڻ جو وقت مقرر هو ۽ اِيئن به هو، ته هو ڪڏهن به کيس سڏ ڪري ۽ هوءَ هيٺان کان مٿي وڃي.

مٿينءَ جاءِ  ڪيتريون ئي ڪوٺيون هيون، جي فقط ڏيکاءَ لاءِ هيون. واپارين جي پراڻي نموني سان سينگاريل هيون. هنن ۾ ديوارين سان گڏ، ڪيتريون پراڻيون، ساڳ جون ڪرسيون پيل هيون. ڪيئي شيشي جون ڍڪ سان بتيون هيون، ۽ ميرانجهڙا آئينا ڀتين تي لڳل هئا. هي سڀئي ڪمرا گهڻو ڪري خالي هئا ۽ استعمال هيٺ ئي نه آيل هئا. پوڙهي جي لاءِ فقط هڪ ڪوٺي مخصوص هئي. ٿورو پرڀرو سندس سمهڻ جو ننڍڙو ڪمرو هو، جتي سندس هڪ پوڙهي خدمتگار موجود هئي، جنهن کي مٿي تي هڪ رومال ويڙهيل هو. ان کان سواءِ هڪ ڇوڪرو به هو، جو بند دروازي جي گهٽيءَ ۾ ٿي رهيو. ٽنگن جي سوڄ جي ڪري پوڙهو، مشڪل سان گهمي ٿي سگهيو. ورلي کيس چمڙي واري ڪرسيءَ ۾ وجهي اٿاريو ويندو هو، ان وقت سندس پوڙهي ملازمه کيس سهارو ڏئي، هڪ يا ٻه دفعا، ڪمري ۾ هيٺ مٿي آڻيندي، نيندي هئي. هن پوڙهيءَ عورت سان به سندس هلت سخت هئي ۽ ان کي گهٽ وڌ به ڳالهائيندو هو.

جڏهن کيس ”ڪپتان“ جي اچڻ جي خبر ڏني وئي، ته هن هڪدم سندس ڏسڻ کان انڪار ڪيو. سامسونوف ان ڇوڪري کان هڪدم سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنا ته،  ”هو ڪيئن ٿي ڏٺو؟ شراب پيتل ته نه هوس؟“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هو نهايت سنجيده آهي، پر ان هوندي به هن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ ٻيو ڀيرو به زور آندو ويو، ته هن وري به ملڻ کان انڪار ڪيو. هيءُ ڏسي مـِـتيا، جنهن اڳ ۾ ئي پينسل ۽ پنو، پاڻ سان آندو هو، پني تي کيس هي لفظ لکي موڪليائين، ته ”خاص ڪم لاءِ آيو آهيان.“  جنهن جو تعلق اگرافينا اليگزينڊرووينا سان آهي.“ اهو پرزو مٿي پوڙهي ڏي ڏياري موڪليائين.

سامسونوف ڪجهه وقت جي خيال ڪرڻ کان پوءِ ، ڇوڪري کي چيو ته کيس ملاقات جي ڪمري ۾ وٺي اچي ۽ پوڙهي عورت کي حڪم ڏنائين، ته سندس ننڍي پٽ کي هڪدم ٻڌائي ته مٿي اچي. سندس ننڍو پٽ جو قريباً ڇهه فوٽ قدآور هو ۽ غير معمولي طاقتور هو، ۽ سندس ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ مغربي لباس پهريل هوس، (جيتوڻيڪ سندس پيءُ کي ڏاڙهي هئي ۽ ڊگهو جبو پهريل هو.) پيءُ جي سڏ تي هڪدم مٿي هليو آيو. حقيقت ۾ سڄو گهر ان پوڙهي کان ٿي ڏڪيو. پوڙهي هن ديو کي مٿي، انهيءَ لاءِ نه گهرايو هو، ته هو ڪپتان کان ڏڪيو ٿي، (انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هو جهڳڙالو طبعيت جو هو. پر انهيءَ لاءِ ته ڪن ضروري حالتن ۾) مٿس شاهد رهي. ڇوڪري ۽ پٽ جي مدد سان هو آخرڪار رڙهي اچي ملاقات واري ڪمري ۾ پهتو. هيءُ ٻڌائڻ به ضروري آهي، ته کيس چڱو انتظار پيدا ٿي چڪو هو. ملاقات جو ڪمرو جنهن ۾ مـِـتيا ويٺو هو، وسيع ته هو، پر ايڏو ته اداس ٿي نظر آيو، جو ان جي تڪليف جو احساس قلب تي سنئون سڌو ٿي پيو. هن کي ٻٽي درين جي قطار هئي. هڪ گئلري، سنگمرمر جون ديوارون، وڏا ۽ عمدا فانوس، جن جي مٿان شيشا چڙهيل هئا ۽ انهن جي مٿان ڍڪ رکيل هئا.

مـِـتيا، هڪ ننڍڙي ڪرسيءَ تي دروازي جي ڀرسان ويٺو هو ۽ نهايت بي صبريءَ سان پنهنجي قسمت جي فيصلي جي انتظار ۾ هو. جڏهن پوڙهو ٻي پاسي جي دروازي کان ظاهر ٿيو، مـِـتيا، ستر فوٽن جي مفاصلي هوندي به ٽپو ڏئي اٿيو ۽ ڊگها فوجي قدم کڻندو، سندس ملڻ لاءِ وڌيو. مـِـتيا چڱي لباس ۾ هو. ڊگهو فراڪ ڪوٽ هوس، جنهن کي بٽڻ لڳل هئا ۽ اهي سڀئي بند هئا. مٿي تي گول ٽوپي پاتل هئس ۽ هٿن ۾ ڪارا دستانا چڙهيل هئس. سندس لباس بلڪل اهڙي نموني هو، جيئن ٿورا ڏينهن اڳ ۾، خانداني ميڙ ۾ مربي وٽ هئس، پوڙهو وڏي رعب سان، نن جي لاءِ ترسي بيٺو. مـِـتيا محسوس ڪيو، ته هو کيس غور سان ڏسي رهيو آهي. سامسونوف جي وڏي ۽ سڄيل منهن جو، مٿس بيحد اثر پيو. سندس هيٺيون چپ، جو هميشھ ٿلهو ڏسڻ ۾ ايندو هو، هاڻي لڙڪي پيو هو. هن وڏي رعب سان، خاموشيءَ ۾ پنهنجي مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اشاري سان تنگ ڪرسيءَ جي بجاءِ صوفي تي ويهڻ لاءِ چيو. پنهنجي پٽ جي ٻانهن جي مٿان جـُـهڪندي، هن سامهون پيل صوفي تي ويهڻ لاءِ نمڻ شروع ڪيو. هو سور کان ايترو ته ڪنجهي رهيو هو، جو مـِـتيا سندس تڪليف کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري رهيو هو. مـِـتيا جڏهن سندس تڪليف کي محسوس ڪيو، ته کيس احساس ٿيو ته هن هڪ لاچارشخص کي تڪليف ڏني آهي، جنهن جي مقابلي ۾ هو نهايت حقير شخص آهي. انهيءَ خيال ايندي ئي، کيس بيحد ندامت ۽ پشيماني ٿي.

ان پوڙهي ماڻهو، ڄاڻي ٻجهي، سختيءَ سان، جنهن ۾ ڪجهه مروت به هئي، کيس چيو ته ”اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اوهان مون کي تڪليف ڏني آهي؟“ آخر هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو.

مـِـتيا کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ٽپو ڏنو، پر آخر پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. هن هڪدم زور واري آواز، ذهني تڪڙ، هٿن جي اشارن ۽ پوري دماغي انتشار سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هو غلطيءَ کان سواءِ ، اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جو برباديءَ جي ڪناري تي پهچي، ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو هو. هو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ، سهارو وٺي رهيو هو. پوڙهي سامسونوف جون سڀيئي ڳالهيون سمجهي ورتيون هيون، جيتوڻيڪ سندس چهرو، بت وانگر سرد ۽ غير متحرڪ هو.

 ”عزت مآب سائين ڪزوماڪزمچ، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته اوهان هڪ ڀيري کان وڌيڪ دفعا، منهنجي ۽ منهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف جي وچ ۾ جهڳڙي کي ٻڌو آهي، جنهن مون کي، منهنجي ماءُ جي ورثي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي...... اوهان کي خبر آهي، ته سڄو شهر، ان لاءِ غلط افواهه پکيڙي رهيو آهي.... جو کين ڪڏهن به ڪرڻ نه کپندو هو....... ان کان سواءِ ، گروشينڪا کان اوهان کي ڪي ٻيون به خبرون مليون هجن. مون کي معاف ڪجو، جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووينا کان......... مون کي ان جي لاءِ بيحد عزت آهي...“  اهڙي ريت مـِـتيا، پنهنجي گفتگوءَ کي شروع ڪيو ۽ پهرئين ئي جملي ۾ هٻڪڻ لڳو. اسان هتي سندس تقرير کي لفظ به لفظ نه ڏينداسين، پر ان جو خلاصو پيش ڪنداسين. هن چيو ته،  ”ٽي مهينا اڳ، هن بلڪل مضبوط ارادي سان علائقي جي وڏي شهر جي مشهور وڪيل پاول پاولوچ ڪارنيا پلوڊوف سان مشورو ڪيو هو. اوهان شايد ان جي نالي کي ٻڌو به هجي؟ هو وڏو قابل ماڻهو آهي ۽ هڪ وڏي سياستدان جي دل ٿو رکي........ هو اوهان کي به ڄاڻي پيو......... ۽ اوهان جي بابت نهايت عزت جو اظهار ڪري رهيو هو......“ مـِـتيا وري خاموش ٿي ويو. هو اِهي خال هڪدم ڀرڻ لڳو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪشمڪش ڪندو رهيو.

هن ڪارنيپلوڊوف، ٿورن منٽن جي سوالن ۽ ڪاغذن جي ڏسڻ کان پوءِ ، (مـِـتيا هنن ڪاغذن ۽ مضمون کان جلدي جلدي گذرندو ويو) پنهنجي راءِ ڏني ته پڪ سان شرماشينا جي ڳوٺ بابت سندس ڪاروائي اثر واري ٿيندي. هن چيو ٿي ته اها ملڪيت مون کي پنهنجي ماءُ کان ملي آهي ۽ ان تي منهنجي پيءُ قبضو ڪري ورتو آهي. جيئن ته ان جي لاءِ هرهڪ در بند نه آهي ۽ انصاف جو دروازو کليل آهي، ان ڪري ممڪن آهي، ته ڪو ڳٿو نڪري پوي. هاڻي ڇهه يا ست هزار روبل فيودورپاولوچ کان وٺڻ گهران ٿو. هوڏانهن شرماشينا جي قسمت، پنجويهن هزارن کان اٺاويهه هزار روبل ٿيندي....... ڇا ٻڌايان اعتبار ڪيو، ٽيهن هزارن کان گهٽ نه آهي، ڪزوماڪزمچ! مگر هن سنگدل کان مون کي سترهن هزار روبل به نه ٿا ملن. مان اهو سڄو معاملو اِيئن ڇڏي ڏنو هو، جو مون کي قاعدي قانون جي ڪابه خبر نه هئي. پر جڏهن مان انهيءَ تي پهتو آهيان، تڏهن مان پنهنجي حق کي صاف ڏسي، وائڙو ٿي ويو آهيان. (هتي مـِـتيا وري منجهڻ لڳو، پر بي پرواهي سان اڳتي وڌيو) ان ڪري عزت مآب ۽ وڏي مرتبي وارا ڪزوماڪزمچ! اوهان انهيءَ سڀني حقن کي بدفطرت بلا جي خلاف فقط ٽي هزار روبل ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيندا؟ توهان کي انهيءَ ۾ ڪوبه نقصان نه ٿيندو. مان پنهنجي عزت جو قسم ايمانداريءَ سان کڻي چوان ٿو، ته انهن ٽن هزارن جي بدران توکي ست، اٺ هزار روبل ملي ويندا. انهيءَ کان سواءِ مان چاهيان ٿو، ته اهو سڄو معاملو اڄ ئي طئي ٿي وڃي.

مان سڄو معاملو دستاويز جي داخلا رکڻ واري وٽ طئي ڪندس، يا جيئن هوندو..... سچ پچ مان سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان....... مان سڀئي دستاويز اوهان کي ڏئي ڇڏيندس....... توهان جهڙي ريت چيو، مان اهڙيءَ ريت صحيح ڪندس.... ۽ اسان هڪدم قبوليت ڏينداسون..... جيڪڏهن اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته صبح تائين اسان کي ڪم لاهڻ گهرجي....... توهان مون کي ٽي هزار روبل ڏيو، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ اهڙو ڪوبه سرمائيدار ڪونه آهي، جنهن سان اوهان جي ڀيٽ ڪري سگهجي..... ان ڪري توهان مون کي بچائي وٺو........ هن ۾ جيڪي آهي ۽ مان هن کي عزت ڀريو عمل چوندس..... ڇاڪاڻ ته مون وٽ هڪ شخصيت جي لاءِ ، عزت ڀريا جذبا آهن، جنهن کي اوهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ۽ پيءُ وانگر سنڀاليو ٿا. مان اوهان وٽ جيڪر نه اچان ها، جيڪڏهن مون کي خبر پوي ها، ته اوهان کيس پيءُ وانگر نه ٿا سنڀاليو. سچ پچ هن معاملي ۾ ٽن ماڻهن جي ڪشمڪش آهي ۽ هيءَ عجيب قسمت جي ڳالهه آهي. نهايت خطرناڪ چيز ڪزوماڪزمچ! هيءُ هڪ الميو آهي الميو! جيئن ته توهان گهڻو اڳي هن معاملي کي ترڪ ڪيو آهي، اُن ڪري هيءَ سڄي جنگ هاڻي ٻن جي وچ ۾ آهي. مان هيءُ سڀ ڪجهه شايد ناموزون طريقي سان بيان ڪيو هجي، پر اوهان کي خبر هجي، ته مان ڪوڙو ماڻهو نه آهيان. توهان ڏسو ٿا ته هڪ طرف مان آهيان ۽ ٻئي طرف هوءَ آفت! هاڻي اوهان تي ڇڏيل آهي ته اوهان جيڪو به پاسو انتخاب ڪريو. مان يا هوءَ بلا! اهو سڀ اوهان تي ڇڏيل آهي. ٽن ماڻهن جي قسمت جو فيصلو ۽ ٻن جي خوشي....... مون کي معاف ڪريو، جو مان بي ترتيبيءَ ۾ اهو ٻڌائي رهيو آهيان، پر ان کي اوهان چڱيءَ ريت سمجهو ٿا........ مان اوهان جي دورانديش اکين مان سمجهان ٿو، ته اوهان سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو ته پوءِ ، منهنجو خاتمو آهي..... ان ڪري اوهان غور ڪريو!“

مـِـتيا پنهنجي مبهم تقرير کي ”ان ڪري اوهان غور ڪريو.“ وٽ پهچائي، ٽپو ڏيئي پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ پنهنجي انهيءَ سوال جي جواب ٻڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوين لفظن وٽ پهچندي، هو اوچتو نااميديءَ کان خبردار ٿي ويو، ته هن جيڪو ڪجهه چيو چوايو، بيڪار ويو آهي ۽ ان کان سواءِ هن جو به ڳالهايو آهي، اها سندس بي سمجهي هئي.

”ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي، رستي ۾ ته هيءُ خيال صحيح هو، پر هاڻي ڪجهه به نه، پر رڳي بي سمجهي!“ اوچتو هيءُ خيال سندس نااميد دل تي اُڀري آيو. هو سڄو وقت ڳالهائيندو ٿي رهيو ۽ پوڙهو سمورو وقت، بنا ڪنهن چرپر جي کيس ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي برف جهڙين سرد اکين سان نهاريندو رهيو. ڪجهه وقت هو، شڪ ۽ شبهي ۾ رهيو، جو ڪزوماڪزمچ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جو قطعي ۽ نااميديءَ سان  ڀريل ۽ سرد آواز ۾ هو:

 ”مون کي معاف ڪريو، اسان اهڙا معاملا نه ڪندا آهيون.“

مـِـتيا محسوس ڪيو، ته سندس ٽنگون لـُـڏي رهيون آهن.

 ”مان هاڻي ڇا ڪريان، ڪزوماڪزمچ؟“  هن ڦڪي کـِـلَ کلندي چيو.  ”مان سمجهان ٿو ته منهنجو ڪم لهي ويو. اوهان ڇا ٿا خيال ڪريو؟“

”مون کي معاف ڪر.“

مـِـتيا بيٺو ئي رهيو ۽ بنا ڪنهن چرپر جي کيس ڏسندو رهيو. هن اوچتو پوڙهي جي منهن ۾ چرپر ٿيندي  ڏٺي. هن چوڻ شروع ڪيو.

 ”سائين هن قسم جو ڌنڌو اسان وٽ ڪونه آهي. اوهان جي لاءِ ڪورٽ به آهي ۽ وڪيل به. واقعي هي مڪمل مصيبت آهي. پر جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته هت هڪ اهڙو به ماڻهو آهي، جنهن سان تون گڏجي سگهين ٿو.“

 ”خدايا!، اهو ڪير آهي؟ تون منهنجو نجات ڏيندڙ آهين، ڪزوماڪزمچ!“ مـِـتيا ڄڻ ته هٻڪڻ لڳو.

 ”هو هتي نه رهندو آهي ۽ هاڻي به هتي نه آهي. هو هڪ ڳوٺاڻو آهي. هو ديال جي ڪاٺين جو ڌنڌو ڪندو آهي. سندس نالو لياگاوي آهي. هو گذريل سال کان پنهنجي ڌنڌي جي لاءِ ، شرماشينا جي متعلق فيودورپاولووچ سان ڳالهيون ڪندو رهي ٿو، پر هو سودي جي قيمتن تي هڪٻئي سان نه ٿا ٺهن. شايد تو به ٻڌو هجي؟ هاڻي هو وري موٽي آيو آهي ۽ هاڻي ايلينسڪي جي راهب وٽ مقيم آهي. اها جاءِ ولويا جي اسٽيشن کان ٻارهن ميلن تي آهي. هن مون ڏي به سودي جي مشوري لاءِ لکيو هو. فيودورپاولوچ جي خواهش آهي، ته پاڻ وڃي ان کي ڏسي. هاڻي جيڪڏهن تون اڳ ۾ وڃي پهچندين ۽ لياگاوي سان به اهائي حقيقت بيان ڪندين، جا مون سان ڪئي اٿئي، شايد........“

 ”نهايت عمدو خيال!“ مـِـتيا وچ ۾ دخل ڏيندي چيو. ”هيءُ اهوئي ماڻهو آهي، جنهن سان سندس معاملو ملي رهيو آهي. هن کانئس سودي جي لاءِ تمام گهڻو گهريو آهي. هاڻي کيس سڀئي سـَـنـَدون پيش ڪيون وينديون، جي ملڪيت لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. ها، ها، ها!“

مـِـتيا اوچتو پنهنجي رواجي سخت کـِـلَ شروع ڪئي، جنهن کان سامسونوف ڊڄي ويو.

 ”مان ڪهڙيءَ ريت تنهنجو شڪريو بجا آڻيان ڪزوماڪزمچ؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو.

 ”ان جو ذڪر نه ڪر“، سامسونوف پنهنجي مٿي کي آڌر ڏيندي چيو.

 ”پر توکي خبر نه آهي، تو مون کي بچائي ورتو آهي. شايد ايندڙ واقعن مون کي تو وٽ پهچايو آهي...... هاڻي راهب ڏي وڃڻو اٿم.“

 ”شڪرئي جي ڪابه ضرورت نه آهي.“

 ”مون کي جلدي ڪرڻ گهرجي ۽ اتي اڏامي پهچڻ گهرجي. مون کي ندامت ٿي ٿئي، ته مان اوهان کي وڌيڪ تڪليف ڏني آهي. مان ڪڏهن به اِن ڳالهه کي وساري نه سگهندس. بقول هڪ روسي، ڪزوماڪزمچ....... هڪ حقيقي روسي آهي.“

 ”يقيناً“

مـِـتيا سندس هٿن کي وٺي زور ڏيڻ ٿي چاهيو. پر هن پوڙهي جي اکين ۾ نفرت جي ڄڀي ڏٺي. هن پنهنجي هٿن کي روڪي ورتو، پر ساڳي وقت هن پاڻ کي مٿس بي اعتباري رکڻ لاءِ گناهگار سمجهيو.

هن خيال ڪيو، ته ”متان هو ٿڪايل هجي.“

 ”ان جي صدقي، ان جي صدقي ڪزوماڪزمچ! تون چڱيءَ ريت سمجهين ٿو، ته هيءُ سڀ ڪجهه ان جي لاءِ آهي.“  سندس آواز ڪمري ۾ گونجي رهيو هو. هو جهڪيو، چوڌاري ڦريو ۽ ساڳين قدمن سان، پوئتي ڏسڻ کان سواءِ ، دروازي ڏي وڌيو. هو خوشيءَ کان لرزي رهيو هو.

 ”منهنجي سڀ ڪا شيءِ تباهيءَ جي حد تي پهچي چڪي هئي. منهنجي محافظ فرشتي مون کي بچائي ورتو آهي.“  سندس دل تي هيءُ خيال تري آيو. جيڪڏهن اهڙو ڌنڌي وارو، جنهن جي لاءِ سامسونوف (جو وڏي عزت ۽ مرتبي وارو آهي) مشورو ڏنو آهي، ته پوءِ ڪاميابي يقيني آهي، کيس يڪدم اڏامي پهچڻ گهرجي. مان رات جو پوئتي موٽي ايندس. شايد رات کان به اڳ ۾ موٽي اچان ۽ سڄو ڪم پورو ٿي ويندو. جيئن ئي مـِـتيا پنهنجي گهر ڏي وڏا قدم کڻندو ٿي ويو، سندس دل ۾ خيال آيو، ته ٿي سگهي ٿو، ته هو پوڙهو مون تي کـِـلي رهيو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو ان بابت ڪجهه به خيال نه ڪري سگهيو، پر ڇا صلاح هن ڏني هئي، سا هڪ عملي ڌنڌي واري ماڻهوءَ جي هئي. ڇاڪاڻ ته هو ڌنڌي جو ڄاڻندڙ هو ۽ هن لياگاوي (عجيب نالو آهي) سان معاملي طيءَ ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنو هو يا پنهنجي جان ڇڏائي هئي. پوڙهو مٿس کلي رهيو هو.

افسوس جو هن معاملي ۾ پوئين ڳالهه صحيح هئي. گهڻو پوءِ جڏهن هيءُ ڊرامو پوري ٿيڻ تي آيو هو. سامسونوف پاڻ کلندي اعتراف ڪيو هو ته، ”هن ڪپتان کي بيوقوف بڻايو هو. هو سرد مهر، پـُـرنفرت ۽ بدجنس ماڻهو هو ۽ هميشھ ٻين کي زهر ڀريل ڏنگن هڻڻ لاءِ تيار هوندو هو. ڪپتان جو اهو پرجوش چهرو هو يا سندس بيوقوفيءَ سان ڀريل يا وري گروشينڪا جي بابت رقابت هئي، مان ان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان. پر ان وقت جڏهن مـِـتيا سندس سامهون بيٺو هو ۽ سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون ۽ پنهنجي حماقت سان چئي رهيو هو، ته هو برباد ٿي رهيو آهي. تڏهن ان پوڙهي کيس پوري حقارت سان ٿي نهاريو ۽ فيصلو ڪيو هو، ته هو سندس مذاق اڏائي ۽ کل جو ذريعو بڻائي. جڏهن مـِـتيا هليو ويو، تڏهن ڪزوماڪزمچ غصي کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. پنهنجي پٽ ڏانهن ڦريو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته هو ڏسي ته هيءُ پينو سندس دروازي تي وري نه اچي ۽ کيس ڪڏهن به گهر جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

جيتوڻيڪ هن ڪابه ڌمڪي نه ڏني هئي، پر ان هوندي به سندس پٽ، جنهن کي سندس ڪاوڙ جي خبر هئي، خوف کان پئي ٿي ڏڪيو. پوڙهو هن کان پوءِ ساندهه ڪلاڪ کن، ڪاوڙ کان پئي ٿي ڦٿڪيو. شام جو سندس حالت خراب ٿي وئي، ۽ ڊاڪٽر ڏي ماڻهو موڪليو ويو.

 

 

dc

 

باب ٻيو

لياگاوي

سو هاڻي، کيس پوري تيزيءَ سان وڃڻ گهرجي، پر کيس گهوڙن لاءِ ڪو به پيسو موجود نه هو. کيس فقط چاليهه  ”ڪو پڪس“  ننڍا روسي سڪا هئا، مـِـتيا، جي سندس هيڏي ساري آسودگيءَ جي حياتي جي بچت هئي، پر کيس گهر ۾ چانديءَ جي هڪ واچ موجود هئي، جا ڪيتري وقت کان بيڪار پئي هئي. اها کڻي هڪ يهودي واچ ميڪر ڏي ويو، جنهن جو دڪان مارڪيٽ ۾ هو. يهودي کيس اُن جا ڇهه روبل ڏنا.

مـِـتيا، بي پرواهيءَ ۽ نااُميديءَ ۾ چيو، ته ” مون کي ته انهن جي به اُميد نه هئي، (هوُ اڃا پريشانيءَ ۾ هو.) هنُ ڇهن روبلن کي کنيو ۽ گهر ڏانهن ڊوڙيو. گهر ۾ هنُ گهر جي ڀاتين کان ٽي روبل قرض ورتو. هوُ کيس بيحد ڀائيندا هئا ۽ هنن کيس اها رقم ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ انهيءَ رقم کان سواءِ ، وٽن ٻيو ڪجهه به نه هو. مـِـتيا پنهنجي جوش ۾ کين ٻڌايو، ته سندس قسمت جو فيصلو اڄ ٿي ويندو. هوُ پنهنجي نااُميديءَ سان، سامسونوف جي سڄي رٿ، سندس فيصلي ۽ پنهنجي مستقبل جي اُميدن کي بيان ڪندو ويو. هنن ماڻهن کي پنهنجي گڏ رهڻ واري جا ڪيئي راز معلوم هئا ۽ هوُ کيس سکر ماڻهو سمجهندا هئا، جنهن وٽ ڪڏهن به غرور نه هو. سچ اهو آهي، ته هوُ کيس پاڻ مان هڪ سمجهندا هئا. مـِـتيا نـَـو روبل هٿ ۾ ڪري، گهوڙي گاڏي لاءِ ماڻهو موڪليو، ته هو کيس ولويا اسٽيشن تائين وٺي وڃي. هيءَ حقيقت ياد رکڻ جي لائق آهي، ته هن واقعي واري ڏينهن، منجهند جو مـِـتيا وٽ هڪ پيسو به ڪونه هو. هن پنهنجي واچ وڪڻي، ڪجهه پيسو گڏ ڪيو ۽ پنهنجي گهر جي مالڪ کان ٽي روبل قرض ورتو هئائين. هيءُ سڀ شاهدن جي اڳيان ٿي گذريو هو. مان هيءَ حقيقت خاص طرح انهيءَ لاءِ ڏني آهي، ته اڳتي هلي اوهان کي خبر پوندي ته مان اِيئن ڇو ڪيو هو.

جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي مستقبل کان اڳواٽ ئي خوش هو، ته هوُ پنهنجي تڪليفن کي آخر سلجهائي وٺندو، پر جيئن هو ولويا اسٽيشن کي ويجهو ٿيندو ويو، هوُ هن خيال کان ايندي ڏڪي ويو، ته سندس غير حاضريءَ ۾ گروشينڪا الائجي ڇا ڪندي؟ اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ اڄ فيودورپاولوچ ڏي وڃڻ جو ارادو ڪري. اهوئي سبب هو، جو هنُ وڃڻ وقت، کانئس موڪلايو ئي نه هو. هن گهر جي مالڪياڻيءَ کي حڪم ڏنو هو، ته هوءَ ڪنهن کي به نه ٻڌائي ته هوُ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڪو کانئس پڇي به، ته پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ڪري.

 ”مون کي رات جو ضرور گهر موٽڻ گهرجي.“  هن گاڏيءَ ۾ لوڏا کائيندي دهرايو.  ”مان اِيئن پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته لياگاوي کي هيڏي، دستاويز جي لاءِ وٺي ايندس.“  مـِـتيا دل جي ڌڪ ڌڪ سان، هن حقيقت جو پرو وٺي رهيو هو، پر افسوس! سندس خواب سڄو اجايو هو.

هن پنهنجي سفر کي ئي دير سان شروع ڪيو هو. هن جو مختصر رستو اختيار ڪيو هو، سوولويا اسٽيشن تائين ٻارهن ميلن بجاءِ ارڙنهن ميل هو. ٻيو النسڪي ۾ راهب کيس گهر ۾ نه مليو. هن کي ڀرواري ڳوٺڙي ۾ وڃڻو پيو. مـِـتيا ٿڪيل گهوڙن جي رستي پنهنجو سفر جاري رکيو، جنهن ڪري اوندهه ٿي وئي.

اهب شرميلو ۽ مروت وارو نوجوان ٿي ڏٺو. جنهن کيس هڪدم ٻڌايو ته لياگاوي برابر پهريائين ساڻس گڏ رهندو هو، پر هاڻي هوُ سهائي پوسولڪ جي ڳوٺ ۾ فاريسٽر جي جهوپڙيءَ ۾ ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته هو اڄ ڪلهه ڪاٺين جي خريداريءَ ۾ مشغول آهي. مـِـتيا جي عرض ڪرڻ تي، هو کيس ساڻ وٺي ويندو ۽ انهيءَ ۾ هن سان گفتگو ڪرڻ ۾ کيس آساني ٿيندي، راهب ساڻس متفق ٿيو. ٿوري ڇڪتاڻ کان پوءِ ، هو کيس سهائي پوسولڪ ڏانهن وٺي ويو. هاڻي هو منجهي پيا، ته ڇا ڪجي؟ بدقسمتيءَ سان راهب کيس صلاح ڏني، ته اهو پنڌ جو هڪ ميل کان مٿي نه آهي، پيادو پورو ڪرڻ گهرجي. مـِـتيا ساڻس متفق ٿيو ۽ وڏا وڏا قدم ڀريندو اهڙيءَ ريت پنڌ پيو، جو ويچارو راهب سندس پويان ڊوڙندو رهيو. جيتوڻيڪ هوُ عمر جو وڏو هو پر هيو نهايت خبردار.

مـِـتيا هڪدم ساڻس پنهنجي رٿن بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. پريشانيءَ ۽ جوش مان لياگاوي جي متعلق ڳالهيون معلوم ڪرڻ گهريون. هوُ سڄو رستو ڳالهيون ڪندو رهيو. هوُ مـِـتيا جي سوالن کي هيئن ختم ڪندو رهيو، ته مون کي ڪا به خبر نه آهي، مان چئي نه ٿو سگهان يا مان ڪيئن چئي سگهان، وغيره. جڏهن مـِـتيا پنهنجي پيءُ جي جهڳڙي جي حقيقت کي چوريو ۽ ورثي جي ذڪر کي ڇيڙيو ته راهب پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هوُ فيودورپاولووچ جي امداد تي ڀروسو رکندڙ هو. ڪيئن به هجي هن کانئس پڇيو، ته هوُ اُن ڳوٺاڻي واپاريءَ کي جنهن جو نالو گورسٽڪين آهي، لياگاوي (جانور) ڇو ٿو سڏي. مـِـتيا تي هن ٿورو ڪندي، کيس سمجهايو ته جيتوڻيڪ هوُ سچ پچ لياگاوي جي نالي سان مشهور آهي، پر اِيئن چوڻ سان هو غصي ۾ اچي ويندو، اُن ڪري کيس گورسٽڪين سڏي. پر جيڪڏهن کيس سڏيو ويو، ته هو ڪجهه به نه ڪندو ۽ شايد ڪجهه ڌيان ڏئي به نه ٻڌي.

مـِـتيا ٿوري وقت لاءِ عجب ۾ پئجي ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته هن اِيئن چيو آهي، جو کيس سامسونوف ٻڌايو هو. هيءُ جواب ٻڌندي، راهب سڄي گفتگو کي بند ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوُ سامسونوف بابت پنهنجي شڪ کي لفظن ۾ چڱيءَ ريت ٻڌائي ٿي سگهيو، جنهن کيس اُن اڻپڙهئي ڏي موڪليو هو، جنهن کي لياگاوي ٿي سڏيائين. جنهن مان صاف معلوم پئي ٿيو، ته هوُ کيس مونجهاري ۾ وجهي رهيو آهي. پر مـِـتيا وٽ ايترو وقت نه هو، جو هنن خطرناڪ ڳالهين تي سوچي. هوُ وڏا وڏا قدم کڻندو، اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن هوُ منزل مقصود تي پهتو، تڏهن راهب کيس چيو ته هيءُ هڪ ميل يا ڏيڍ ميل جو مفاصلو نه هو، پر گهٽ ۾ گهٽ ٽي ميل هئا. هيءُ ٻڌي کيس غصو ته آيو، پر هنُ پاڻ تي ضابطو ڪري ورتو.

هو اندر جهوپڙيءَ ۾ ويا. ٻيلي جو محافظ، جهوپڙيءَ جي اڌ ۾ ٿي رهيو ۽ گورسٽڪين ٻي اڌ تي ٿي رهيو. جو رستي جي ٻي پاسي، بهتر حصو هو. هوُ انُ ڪوٺيءَ ۾ ويا ۽ ميڻ بتي کي ٻاريائون. ڪمرو حد کان وڌيڪ گرم هو. ميز جي مٿان سماور هو، جو اُجهامي چڪو هو، هڪ ڪٻٽ هو، جنهن ۾ ڪي پياليون رکيون هيون. شراب جي هڪ خالي بوتل هئي ۽ وڊڪا (جون جو شراب) جي هڪ اڌ وڏي بوتل به هئي. ميز تي ڪڻڪ جي مانيءَ جا ڪجهه ڀورا به پيل هئا. مهمان هڪ بينچ تي، سنئون سڌو سمهيو پيو هو. ڪوٽ سندس مٿي کان وهاڻي وانگر رکيو هو ۽ سندس کونگهرن جو آواز زور سان ٿي آيو. مـِـتيا مونجهاري ۾ بيهي رهيو.

 ”مون کي جاڳائڻ گهرجي، ڇو ته منهنجو ڪم نهايت ضروري آهي ۽ تڪڙ به آهي، جيئن مان اڄ ئي موٽي وڃان.“  هن اهو نهايت جوش مان چيو. راهب ۽ ٻيلي جو محافظ ٻئي خاموش بيٺا رهيا ۽ هنن پنهنجي ڪابه راءِ نه ڏني. مـِـتيا وڌي ويو ۽ اُن کي پاڻ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن وڏي ڪوشش ورتي، پر ننڊ وارو جاڳي نه سگهيو.

مـِـتيا آخر فيصلو ڏنو، ته  ”هوُ نشي ۾ آهي. خدايا! مان هاڻي ڇا ڪريان؟“  هوُ حد کان وڌيڪ بي صبر بڻجي چڪو هو. هوُ کيس ٻانهن کان ته ڪڏهن ٽنگن کان وٺي ڇڪڻ لڳو ۽ سندس مٿي کي ڇڪي بينچ تي ويهارڻ لڳو. پر وڏي تڪليف کان پوءِ ، هوُ هن کي جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر نشي ۾ چور ماڻهو هن تي سخت بدشد ڳالهائڻ لڳو.

 ”نه، تو کي ڪجهه وقت ترسڻ گهرجي!“ راهب آخر کيس چيو. ”ڇاڪاڻ ته هوُ پنهنجي هوش ۾ ئي نه آهي.“

 ”هو سڄو ڏينهن پيئندو رهيو هو.“  ٻيلي جي ّمحافظ کيس سمجهايو.

 ”خدايا!“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته ”ڪاش اوهان کي هيءَ خبر هجي ها، ته منهنجو ڪم ڪيڏو نه ضروري آهي ۽ مان ڪيڏو نه نااُميد بڻجي ويو آهيان؟“

 ”نه، توکي صبح تائين ترسڻ کپي.“  راهب وري دهرايو.

 ”صبح تائين، خدايا! اهو ته ناممڪن آهي.“

هوُ نااُميديءَ ۾ ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ تي وري ذري گهٽ حملي ڪرڻ تي هو، پر هڪدم هن پاڻ سنڀالي ورتو. ڇاڪاڻ ته کيس احساس ٿيو، ته هي سندس سڀئي ڪوششون رائگان وينديون. راهب ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ ٻيلي جو ننڊاکڙو محافظ اُداس ٿي ڏٺو. ”سڄي حياتيءَ ۾ انسان سان اهي الميا ڪيئن نه کيڏندا رهن ٿا.“  مـِـتيا مڪمل طور تي نااميديءَ ۾ چيو. سندس چهري مان پگهر وهي رهيو هو. راهب وقت جي مناسبت سان مدلل طرح کيس سمجهايو، ته هوُ جيڪڏهن کيس جاڳائڻ ۾ ڪامياب به ٿيو، ته هوُ اڃا به نشي ۾ هوندو ۽ ڪنهن به گفتگوءَ جي قابل نه هوندو. ”تنهنجو ڪم نهايت اهم آهي.“ هن چيو: ”اُن ڪري چڱو آهي، ته صبح تائين ترسي پؤ.“ مـِـتيا نااميديءَ جو اظهار ڪندي قبول ڪيو.

 ”مربي، مان هتي ترسي ٿو پوان ۽ موقعي واري گهڙيءَ جو انتظار ڪندس. جيئن هوُ جاڳندو، مان ساڻس پنهنجي ڳالهه شروع ڪري ڏيندس. مان توکي ان جي قيمت ادا ڪندس.“ هنُ ٻيلي جي محافظ ڏي منهن ڪري چيو ته ”رات جي گذاري لاءِ به دمتري ڪرامازوف کي ياد ڪجو. مان فقط هن ڳالهه ۾ منجهيل آهيان، ته اوهان ڪٿي سمهندا ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي - مربي؟“

 ”نه مان گهر موٽي ٿو وڃان. مان هن جو گهوڙو ڪاهي ٿو وڃان ۽ گهر پهچي ويندس.“ هن ٻيلي جي ّمحافظ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.  ”چڱو هاڻي خداحافظ. منهنجي خواهش آهي، ته توکي ڪاميابي حاصل ٿئي.“

معاملو اهڙيءَ ريت ختم ٿي ويو. راهب، جهنگ جي محافظ جي گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿي ويو. هيءُ خوش هو ته سندس جان ڇٽي. جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي مٿي کي بي آراميءَ مان لوڏيندو رهيو ۽ حيران هو، ته ٻئي ڏينهن تي، هن عجيب حقيقت کي هوُ پنهنجي مربي فيودورپاولوچ سان بيان ڪري يا نه؟ متان هوُ ڪنهن منحوس گهڙيءَ ۾ اها ڳالهه ٻڌي ۽ ساڻس پنهنجي مهربانين کي ختم ڪري ڇڏي.

ٻيلي جو صاحب پنهنجي جسم کي کنهندو، بنا ڪنهن گفتگوءَ جي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويو. مـِـتيا بينچ تي، انتظار ۾ ويهي رهيو. سندس دل تي غم گهاٽي ڪوهيڙي وانگر ڇانئجي ويو هو. جنهن کي مڪمل غم چئي سگهجي ٿو. هوُ گهڻو ئي غور ڪرڻ لڳو، پر ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو. ميڻ بتي جـَـهڪي ٿي، ٻري ۽ تـِـڏن جو آواز ٿي آيو. اهڙي سخت گرم ڪوٺيءَ ۾، سندس بند هجڻ، سندس برداشت کان مٿي هو. اوچتو سندس اکين جي سامهون، باغ ۽ باغ وارو رستو ۽ سندس پيءُ جي گهر وارو دروازو، تصوير وانگر اچي ويو. هنُ تصور ۾ ڏٺو، ته اُهو کلي پيو آهي ۽ گروشينڪا اُن ۾ اندر گهڙي وئي آهي. هوُ بينچ تان ٽپو ڏئي اُٿيو.

هن ڏندن کي ڪرٽيندي چيو، ته هيءُ هڪ الميو آهي. هوُ غير ارادي طور، ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ ڏانهن ويو ۽ سندس منهن ۾ نهاريائين. هوُ ڪمزور، وچينءَ عمر وارو ڳوٺاڻو ٿي ڏٺو. سندس منهن ڪافي ڊگهو هو، کهرا وار ۽ ڊگهي، سنهي ۽ سرخ ڏاڙهي هئس. کيس سوٽي قميص هئي ۽ ڪاري رنگ جي صدري، جنهن جي کيسي مان واچ جي چانديءَ واري زنجيري صاف ٿي ڏٺي. مـِـتيا کيس پوريءَ نفرت سان ڏٺو. الائي ڪهڙي سبب جي ڪري، خاص طرح سندس گهنڊيدار وارن کي ڏسي، بيحد غصو آيو.

هيترين قربانين ۽ مکيه ڳالهين جي هوندي به، هيءَ ڳالهه نهايت ناقابل برداشت هئي، ته مـِـتيا بلڪل ٿڪايل منزل جي آخري موڙ تي اهڙيءَ ريت بيٺو هو، جو سندس قسمت جو سڄو دارومدار اتي هو. ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ جي جيئن خرخر ٿي آئي، هن سمجهيو ٿي، ته ڄڻ ڳالهه ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ هوُ ڄڻ ته ڪنهن ٻي سياري مان اُڇلايو ويو آهي.

 ”اوهه، هي قسمت جي ستم ظريفي آهي“! مـِـتيا واڪو ڪري چيو. ڄڻ ته هن پنهنجو دماغي توازن وڃائي ڇڏيو هو. هنُ وري اُن نشئي ڳوٺاڻي کي اٿارڻ گهريو کيس ڇڪيائين ۽ ڌڪا ڏنائين. کيس ماريائين به. پر پنجن منٽن جي اجائي محنت کان پوءِ به، هوُ نا اُميديءَ ۾ پوئتي موٽي آيو ۽ بينچ تي ويهي رهيو.

مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته ”بيوقوفي! بيوقوفي! ڪيڏي نه هيءَ بي عزتيءَ جي ڳالهه آهي.“ هو اِيئن چوندو ويو. نهايت سخت، هن مٿي ۾ سور محسوس ڪيو. ”ڇا هوُ هن ڳالهه کي ڇڏي ۽ هليو وڃي؟“ هوُ حيرت جي دنيا ۾ هو. نه، هاڻي سڀاڻي تائين ترسڻ گهرجي. جنهن ڪم لاءِ آيو آهيان، اُن کي نڀائڻ گهرجي. تڏهن باقي ڇا جي لاءِ هيڏي آيس؟ اُن کان سواءِ هاڻي موٽي وڃڻ به چڱو نه آهي. خبر نه آهي ته هاڻي، ڪيئن ڇوٽڪارو ملندو؟

پر سندس مٿي جو سور وڌندو رهيو. هوُ بنا چرپر جي ويٺو رهيو. بيهوشيءَ ۾ اونگهڻ لڳو ۽ جيئن ويٺو هو، تيئن کيس ننڊ وٺي وئي. هوُ ٻن ڪلاڪن يا اُن کان ٿورو مٿي ننڊ ۾ پيو رهيو. سندس مٿي جي ناقابل برداشت سور کيس جاڳايو ۽ اهو ايڏو ته مٿس غالب پئجي ويو هو، جو ذري گهٽ کانئس دانهون نڪرڻ تي هيون. سندس مٿي جي چوٽيءَ ۾ ڌڪ لڳي رهيا هئا. جاڳڻ کان پوءِ به کيس، گهڻو وقت هوش ۾ اچڻ لاءِ لڳو ته هوُ سمجهي سگهي، ته کيس ڇا ٿيو آهي؟

آخر هن محسوس ڪيو ته سڄي ڪوٺي، ڪوئلي جي آتشدان جي بدبوءِ کان مچي وئي آهي ۽ هوُ اُن حبس کان مري ويندو. نشئي ويندو. نشئي ڳوٺاڻو اڃا ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. ميڻ بتي ڳري وئي هئي ۽ وسامڻ لاءِ جهٽڪا ڏئي رهي هئي. مـِـتيا، دانهون ڪندو ۽ ڌڪا کائيندو، ٻيلي جي ّمحافظ جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. هوُ مـِـتيا جي دانهن ۽ دٻڪن کان جاڳي پيو. هنُ سندس حقيقت کي قبول ڪيو، پر اُن ۾ به عجيب بي طرفداري هئي. جيتوڻيڪ هوُ، انُ نظاري کي ڏسڻ لاءِ به ويو.

”پر هيءُ ته مري ويو آهي!“..... هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“  مـِـتيا بنهه جنوني حالت ۾ چيو.

هنن دروازا ۽ دريون کولي ڇڏيون. چمنيءَ کي به کوليو. مـِـتيا گهر جي گهٽيءَ مان پاڻيءَ جو ڏول کڻي آيو. پهريائين هن پنهنجي مٿي کي آلو ڪيو. تنهن کان پوءِ اڳڙين کي اُتان هٿ ڪري، انهن کي پاڻي ۾ تر ڪري، لياگاوي جي مٿي تي رکيائين. ٻيلي جي محافظ اڃا به هن سڄي حالت کي معمولي ٿي سمجهيو، پر جڏهن دريءَ کي کوليائين ته چئي ڏنائين ته:

 ”هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“

هوُ وري ننڊ ڪرڻ لاءِ هليو ويو ۽ مـِـتيا جي لاءِ ٻرندڙ فانوس ڇڏي ويو. مـِـتيا اڌ ڪلاڪ لاءِ اُن نشئي ڳوٺاڻي کي ڏسندو رهيو. هوُ پنهنجي مٿي کي تـَـرڪندو رهيو ۽ فيصلو ڪيائين، ته هوُ سڄي رات جاڳي گذاريندو. پر هوُ ايڏو ته ٿڪجي پيو هو، جو جڏهن ساهه کڻڻ لاءِ ٿورو وقت ويٺو، ته سندس اکيون بند ٿي ويون. بيهوشيءَ ۾ هن پاڻ کي سڌو ڪيو ۽ مئي ماڻهوءَ وانگر بڻجي ويو.

ڪافي دير ٿي وئي هئي، جڏهن هوُ جاڳيو. گهٽ وڌ نائين بجي جو وقت هو. جهوپڙي جي ٻن درين مان سج چمڪي رهيو هو. گهنڊيدار وارن وارو ڳوٺاڻو بينچ تي اُٿي ويٺو هو ۽ کيس ڪوٽ پهريل هو. سندس اڳيان ٻيو سماور ۽ ٻي شراب جي بوتل هئي. ڪالهوڪي بوتل ختم ٿي چڪي هئي ۽ هيءَ به باقي اڌ وڃي رهي هئي. مـِـتيا ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ يڪدم سمجهي ويو، ته بدبخت ڳوٺاڻو وري نشي ۾ آهي. جنهن جو نه ڪو علاج آهي، نه اُن ۾ ڪا اُميد رکي سگهجي ٿي. هوُ اکيون کولي هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڏسندو رهيو. دهقاني کيس خاموشي ۽ حرڪتي نموني سان ڏسي رهيو هو. اڃا به بي عزتي ۽ نفرت سان نهاري رهيو هو. مـِـتيا مٿس عجب کاڌو ۽ اُن ڏانهن ڊوڙي پيو.

 ”مون کي معاف ڪريو...... اُميد ته اوهان ٻيلي جي محافظ کان هن جهوپڙيءَ ۾ ٻڌو هوندو. مان ليفٽيننٽ دمتري ڪرامازوف آهيان. پوڙهي ڪرامازوف جو پٽ، جنهن کان تون ٻيلي جو ڪوچو خريد ڪري رهيو آهين.“

 ”هي ڪوڙ آهي!“  ڳوٺاڻي نهايت تحمل ۽ سياڻپ سان جواب ڏنو.

 ”ڪوڙ؟ تون فيودورپاولوچ کي نه ٿو سڃاڻين؟“

مان ڪنهن به تنهنجي فيودورپاولووچ کي نه ٿو سڃاڻان.”ڳوٺاڻي ڪجهه کهرو ٿي چيو. “

 ”تون ٻيلي جي ڪوچي لاءِ ساڻس سودو ڪري رهيو آهين. ذرا سجاڳ ٿي ۽ هوش ۾ اچ. اليڪسي جو راهب پاويل مون کي هتي وٺي آيو هو، تو سامسونوف ڏي به لکيو هو ۽ هن مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي.“  مـِـتيا دم کڻڻ بنا ڳالهائيندو رهيو.

 ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ” لياگاوي وري غصي ۾ اچي ويو. مـِـتيا جون ٽنگون ٿڌيون ٿينديون ويون.

 ”ڪجهه رحم ڪريو! اهو ّمذاق ته نه آهي. تون نشي ۾ آهين، پر توکي ڳالهه سمجهي ڳالهائڻ گهرجي...... ٻي حالت ۾ شايد مان ڪجهه به نه ٿو سمجهان!“

 ”تون شايد مصور آهين؟“

 ”ڪجهه رحم ڪر، مان ڪرامازوف، دمتري ڪرامازوف آهيان. مان توهان وٽ سودي لاءِ آيو آهيان. ٻيلي جي بابت نفعي واري سودي لاءِ .“

ڳوٺاڻي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پئي ٿي کنهيو.

 ”نه، تو انهيءَ معاملي ۾ ٺيڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بدمعاشي ٿو ڪرين. تون نيچ آهين!“

”مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته تون غلطيءَ تي آهين.“ مـِـتيا نااُميدي ۾ هٿن کي مهٽيندي چيو. دهقاني اڃا تائين ڏاڙهيءَ کي پئي ٿي پٽيو ۽ هنُ اوچتو شيطاني اکيون مٿي کڻي کيس چياِيئن ته:

 ”نه مون کي ٻڌاءِ ۽ ڏيکار ته ڪهڙي قانون ۾ بدمعاشي جائز آهي؟ تون ٻڌين به ٿو؟ تون گهٽيا آهين! سمجهين ٿو؟“

مـِـتيا مايوس ٿي قدم پوئتي هٽايو. اوچتو هن سمجهيو، ته ڪا شيءِ سندس مٿي ۾ لڳي آهي. هنُ اها حقيقت پوءِ ٻڌائي هئي. ان گهڙيءَ ۾ سندس دل ۾ اوچتو ڪا روشني پيدا ٿي. روشني منهنجي اندر ۾ اُجاگر ٿي ۽ اُن نور مون کان سڀ شيون پري ڪري ڇڏيون. هوُ گهڙي کن حيرت ۽ عجب ۾ بيٺو رهيو ۽ ڪيئن نه هوُ سياڻو سڄو ٿي، اهڙي بيوقوفيءَ کي اختيار ڪري عجيب قسمت آزمائيءَ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو اٿائين ۽ چوويهه ڪلاڪ هن لياگاوي جي چوڌاري ڦرندو رهيو آهي ۽ سندس مٿي کي ٿڌو ڪندو رهيو آهي.

 ”هيءُ نشي ۾ آهي ۽ اَلوٽ آهي، هاڻي هيءُ هفتي تائين اِيئن ئي پيئندو رهندو. وڌيڪ هتي ترسڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ سامسونوف آخر مون کي هتي ڪهڙي مقصد لاءِ موڪليو هو؟ جيڪڏهن هن کي خبر پوي ته هوءَ ڇا چوندي؟ خدايا! مان هيءُ ڇا ڪيو؟“

ڳوٺاڻو کيس گهري نظر سان ڏسندو ۽ ڏند ڪرٽيندو رهيو. مـِـتيا شايد اڳتي هلي، جوش مان کيس ماري ڇڏي ها، پر هوُ ساڳي وقت پاڻ کي ٻار وانگر ڪمزور سمجهڻ لڳو. هوُ خاموشيءَ سان بينچ ڏي وڌي ويو. پنهنجو اوورڪوٽ کنيائين ۽ اُن کي پاتائين. بنا ڪنهن لفظ ڪڇڻ جي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويو. ٻيءَ ڪوٺي ۾ کيس ٻيلي جو محافظ نظر نه آيو ۽ نه وري ڪو ٻيو موجود هو. هن پنجاهه ڪوپڪس جو خردو پنهنجي کيسي مان ڪڍي ميز تي رکيو، جو سندس رات جي رهڻ جي عيوض ۾ هو. جنهن ۾ ميڻ بتي ۽ سندس تڪليف جو ورتل معاوضو به هو. جهوپڙيءَ کان ٻاهر ايندي، هن پنهنجي چوڌاري وسيع ٻيلي کي ڏٺو. هوُ منجهيل هو. کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي، ته هوُ جهوپڙيءَ جي ڪهڙي پاسي کان اڳتي وڌي، کٻي يا سڄي. رات جو راهب سان گڏجي، تڪڙ ۾ ايندي کيس رستو ياد ئي نه رهيو هو. کيس ڪنهن لاءِ به انتقامي خيال نه هيو، سامسونوف لاءِ به نه، هوُ ٻيلي جي هڪ سنهڙي پيچري تي هلڻ لڳو. بنا ڪنهن مقصد جي ۽ بنا ڪنهن ڏس جي هوُ اڳتي وڌندو رهيو. هوُ جسم ۽ روح ۾ ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو کيس هڪ ٻار به ڪيرائي ٿي سگهيو. هوُ ٻيلي کان ڪيئن به ڪري ٻاهر نڪري آيو. انُ کان پوءِ اُهي زمينون آيون، جي لاباري کان پوءِ ، بلڪل اُگهاڙيون ٿي ڏٺيون. هيءُ سلسلو اکين جي حد تائين وسيع هو. هوُ ڊگها ڊگها قدم هڻندو به ٿي ويو ۽ چوندو به ٿي ويو ته:

 ”ڪيڏي نه نااُميدي! ڪيڏي نه موت جهڙي خاموشي!“

ر هيءُ هڪ پوڙهي واپاريءَ جي ملاقات سان بچي ويو، جو هڪ ڀاڙي جي گاڏيءَ ۾ اُتان گذري رهيو هو. جڏهن هنُ کيس گاڏيءَ ۾ کنيو، ته مـِـتيا کي معلوم ٿيو، ته هوُ به ولوويا اسٽيشن ڏي وڃي رهيو آهي. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هيءُ پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ويا. ولوويا ۾ پهچندي مـِـتيا هڪدم گهوڙي گاڏيءَ کي ڀاڙي تي ورتو ۽ جلدي شهر پهچڻ جو ارادو ڪيو، پر اوچتو هنُ محسوس ڪيو ته کيس سخت بک لڳي آهي. جيستائين گهوڙن کي جوٽيو ويو، ايستائين هن جي لاءِ بيضن کي تريو ويو. هن پيٽ ڀري کاڌو. هڪ ڳوري ماني ۽ اُن سان گڏ ساس به هيس. اُن جي مٿان ٽي گلاس وُڊڪا (بير جو قسم) جا به پيتائين. کاڌي کائڻ کان پوءِ ، هن پاڻ کي هلڪو ۽ خوش محسوس ڪيو. اُن کان پوءِ شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ ڪوچبان تي زور آندائين، ته کيس شهر ۾ جلدي پهچائي. گاڏي ۾ ويهڻ کان پوءِ ، اُن وري اُن منحوس رقم جي هٿ ڪرڻ لاءِ ،نئين رٿ تيار ڪئي، جيئن اُها کيس شام کان اڳ ۾ ملي وڃي. هوُ خيال ڪرڻ لڳو، ته ”هن حقيقت تي وري وري غور ڪرڻ گهرجي ته انساني زندگي فقط ٽي هزار روبل لاءِ برباد ٿي رهي آهي. مون کي ڪيئن به ڪري، اهو معاملو اڄ ختم ڪرڻ گهرجي.“  جيڪڏهن کيس گروشينڪا جو خيال نه ستائي ها، جو کانئس ڪنهن به قيمت تي ڌار ٿي نه ٿي سگهيو، جيڪر هوُ وري شگفته بڻجي وڃي ها.... پر ان جو خيال ڄڻ ته سندس دل جي اندر خنجر هڻي رهيو هو. آخر گاڏي شهر ۾ پهچي وئي ۽ مـِـتيا هڪدم گروشينڪا ڏي روانو ٿيو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org