سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ويرن جي وسندي

صفحو :6

سئو ڳيت ڏني. هن پاڻ کي اڳنا اڇلايو، ڄڻ غار۾ وڃڻ چاهيندي هجي. هوءَ هڪ وک به وڌي نه سگهي. هڪ سپاهي سندس وارن کي قابو پڪڙيو هو.

عملدار گرکيو. ”ڀڄڻ بيڪار آهي. تنهنجا سڀ ساٿي مري ويندا، سمجهيئي؟ ٺيڪ آ، هلو. هن کي به وٺي هلو !“ سئو کي سپاهي گهليندا ويا. سندس ڊگها ڊگها وار کُلي سندس پنين کي ڇهي رهياهئا، هن پاڻ بچائڻ لاءِ ڇتي ڪوشش ڪئي. هان ڊئٽ جبل کان پري هر وک کيس ڳوري لڳي رهي هئي. هن وڏي وات رڙيون ڪري ساٿين کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نام نهو جو آندل پاڻي نه پين، پر هڪ سپاهي يڪدم هٿ ڏئي سندس ٻوٿ بند ڪري ڇڏيو. هن کي اوچتو پنهنجي ڌيءَ جو خيال آيو. ڀيڻ جو ۽ پوءِ ساٿين جو پڻ. هوءَ پاڻ جهلي پير کوڙي بيٺي ۽ پنهنجن محافظن تي  ٿڪيندي چيائين، ”وحشي ! بزدل!“

ڪاوڙجي ليفٽينيٽ کيس بندوق جي ڪنداق سان ڌڪي هيٺ ڪيرائي وڌو. ٽارچ جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجي قيدي کي پٽ تي پئندي ڏٺو. ”اڇا ته تون ويٽ ڪانگ آهين ! ۽ ڪنداق جي هڪ ڌڪ تي ئي رڙيون ٿي ڪرين؟

ڇي ڇي!“

 هن مٿس ڪروڌ ۽ ڌڪار جي نگاهه وڌي. ”هون ! مان ڌڪ جي ڪري نٿي روئان. مون کي ته روئاري ٿو پنهنجي ساٿين جو خيال ! اها خاطري رک!“

 

(4)

سئو جي گرفتاريءَ جي خبر تي زام پاڻ کي آپي ۾ نه رکي سگهيو. هو هنڌ تي اٿي بيٺو. خيال سان پنهنجي ٻانهن چوريائين. ٻه ٽي وکون کنيائين، ۽ پوءِ نوڙي تنبوءَ مان ٻاهر نڪري آيو.

پرينءَ ڀر کان رينجر موٽي آيا هئا. ندي ٽپندي هو سئو کي ڌڪ هڻندا آيا هئا ۽ هوءَ ڪيترائي ڀيرا پٽ تي ڪيرائي وئي هئي. نديءَ ۾ پاڻي رڳو گوڏي جيترو هو. هوءَ پيرين اگهاڙي هلي پئي ۽ سندس وار پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندا پئي هليا. ڪناري تي پهچي هن سامهون بيٺل فوجين کي ڏٺو جي ٽارچون کنيو بيٺا هئا. ڪن کي گئس وارا گولا ساڻ هئا. هنن گولا مٿي ڪيا ته سامهون زام کي بيٺل ڏٺو.هو ماٺ ڪيو بيٺو هو، سندس کٻو هٿ کاڏيءَ تي هو ۽ سڄو هٿ پٽيءَ ۾ لڙڪيو پيو هو. هوءَ ماٺ ۾ هن اڳيان ائين لنگهي ويئي ڄڻ ته کيس ڏٺو ئي ڪين هئائين. زام اصل چُريو پُريو ڪونه. سندس ڪو عضوو انگ نه چُريو، ڄڻ ڄميو ٻيٺو هو. هوءَ لنگهي وئي ته پويان هن اوچتو رڙ ڪئي. ”بيهي رهه ڪُتي !“

هوءَ بنا مُڙڻ جي بيهي رهي. زام وڌي اڳيان آيس ۽ اکيون ڇنڀي چيائين، ”ٺيڪ آ، چئو، مون کي نٿي سڃاڻين؟“

سئو غرور سان ڏانهس نهاريو ،۽ پوءِ ڪڇڻ ڌاران اکيون هٽائي ڇڏيائين.

آخر زام وري چيو، ”ڪميڻي، ڪُتي، مان سمجهيو هو ته تون سدائين لاءِ ان غار ۾ رهندينءَ ! پر ات سڀ مرد ۽ عورتون اڃايل آهن. ان ڪري توسان وري ٽڪر ٿيو آ. هڪ ڀيرو اڳ مون توکي ان لاءِ ڇڏيو هو ڇا ته تون وري ويٽ ڪانگن سان وڃي مل؟“

”۽ مان به توکي ساڳيو ئي ڏٺو.“ سئو چيو.

”ڪيئن؟ کولي سمجهاءِ!“

”اڃا تائين ايئن ئي آهين جيئن هئين.هڪ ليفٽينيٽ جو اهڙو گندي ۽ غليظ زبان ۾ ڳالهائڻ ڏيکاري ٿو ته تون سچ پچ اهو ئي آهين جو ماڻهو چون ٿا، يعني غنڊن جي ٽولي جو اڳواڻ غنڊو!“

ان بيعزتي تي زام ڳاڙهو پيلو ٿي ويو. هن پنهنجو ڇرو ڪڍي سئو جي اکين جي سنوت ۾ جهليو ۽ ان جي تيز ۽ چمڪندڙ ڦر کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو گجيو ۽ اهو مياڻ ۾ وڌائين. ”هاڻي جو هاڻي کيس ٿنبي سان ٻڌو.“

رينجر بُنڊ ڳولڻ لاءِ ڊوڙيا. هنن بنڊ ڳولي نديءَ جي ڪناري تي کوڙيو ۽ سئو کي ان سان ٻڌو. زام ڇوڪريءَ جي اڳيان پسار ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳو. ”دل ٿي چوي ته هينئر جو هينئر تنهنجو پيٽ ڦاڙي تنهنجي جگر جي سائيز ڏسان.“ هن چيو، ” پر ان ڪري تون جلد مري ويندينءَ. پر مان چاهيان ٿو ته تون اڃا ٻه ٽي ڏينهن ٻيا جيئري رهه ته جيئن مان توکي به ان ساڳي قبر ۾ داخل ڪري سگهان، جنهن ۾ تنهنجا غار وارا ساٿي  ٿيندا.“ هن کڙيءَ تي زور ڏيئي منهن موڙيو ۽ تنبوءَ طرف هليو ويو. سپاهي به سندس رسيون وغيره تپاسي ۽ چڪاسي هليا ويا. رڳو هڪ ڄڻو، زام جي تنبوءَ اڳيان پهري لاءِ بيٺو.

نائلون جي رسي هن جي ٻانهن ۾ وڌيڪ پَڪڙ ڪندي پئي وئي. هن کي واريءَ ۽ رائيءَ تي گوڏن ڀر نوڙائي ٻڌو ويو هو. سندس وار لڙڪي سندس پٺي ۽ پيرن کي ڍڪي رهيا هئا. چند رات جي روشن ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سئو هينئر سمنڊ به ڏسي پئي سگهي. ”چنڊ چڙهي پيو.“ سئو دل ۾ چيو، ۽ لهرن جي ويرن کي واچڻ لڳي. گهڙي کن ۾ کانئس زام، رسيون ۽ سنتري سڀ وسري ويا. هوءَ رڳو پکڙيل ۽ پٿريل ويرون ۽ ڇوليون ڏسي رهي هئي، جبل کان نڪري چنڊ جو ٽيون ڀاڱو مٿي چڙهندو پئي آيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نيري ٽام ۾ پڪل انب لڙڪي رهيو هو.

هوا ماٺي هئي، سمنڊ به سانت جي گود ۾ هليو ويو هو. رکي رکي سمنڊ کان گرم هوا پاڻ سان لوڻياٺ پئي آندي. هوا جي ڪري سئو جي ڪاري صدري ۽ وار سڪي ويا هئا. چنڊ ڪناري تي پنهنجي روشنيءَ سان گڏ هڪ جهڪيل پاڇو به وجهي رهيو هو ۽ ان پاڇي جي پويان اها ٿوڻي به نظر اچي رهي هئي، جنهن سان کيس ٻڌو ويو هو، ۽ جا سندس مٽي کان ڪجهه مٿڀرو پاڇو ٺاهي رهي هئي. جلد ئي سندس وار خشڪ ٿي اڏريا ۽ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳا. هينئر ٿوڻي نظر نه پئي آئي. رڳو ڇوڪريءَ جا وار ۽ چانڊوڪيءَ جا اولڙا پئي نظر آيا. هوريان هوريان هوا وڌندي وئي. سئو هينئر چنڊ کي نه پئي ڏٺو. هن نظر هيٺ ڪري هان ڊئٽ جبل تي وڌي هئي، جو هن جي ويجهو اڀري آيو هو. هن کي اهو ڄاڻڻ جي سخت اُڻ تڻ هئي ته اُتي ڇا پئي ٿيو. ڇا سڀ زهر جي ويا هئا؟ جهڙي اُڃ هين ته ڪير نام نهو جو آندل پاڻي ڏسي ان کي پيئڻ کان جهلي سگهيو هوندو؟ هنن کي ڪيئن خبر پئجي سگهي هوندي ته ان ۾ زهر هو؟ ”اڙي نام نهو، منهنجي ڀينڙي، هنن توکي به ماري ڇڏيو !“ هن کي ياد آيو ته هن ان بيٺل پاڻيءَ مان ڪيترائي ڍڪ ڀريا هئا.....بيٺل ! بلڪل ! جتان هنن پاڻي کنيو هو اتي عام رواجي طور وهڪرو نه هوندو آهي. هنن ات ڍنڍ ٺاهي هئي ته جيئن ان ۾ زهر وجهي سگهن، اسان لاءِ. بلڪل اسان لاءِ. ”سانءِ، منهنجا مٺڙا سانءِ، توکي خبر آ ته اسان جو دشمن ڪيترو نه پليت ۽ شيطان آهي؟“ چانڊوڪيءَ رات ۾ سئو پنهنجي مڙس کي ياد ڪيو، سڏيو ۽ ساڻس ڳالهايو. هن کي ياد آيو ته هتي ئي، هن ڪناري تي ئي، هن هڪ دفعوکيس وار ڌوئڻ ۾ هٿ ونڊايو هو ۽ پنهنجي هٿن سان انهن کي ڦڻي ڏني هئي. هينئر ته سڀڪجهه بدلجي چڪو هو. هينئر ته هن کي اهڙو ڇڪي ٻڌو ويو هو جو سندس هٿ نستا ٿي پيا هئا. سندس ان پاسي ۾ سور ٿي رهيو هو جتي ليفٽينيٽ ڪنداق سان ڌڪ هنيو هوس. پر سڀ کان وڌيڪ جنهن کيس نستو ڪري ڇڏيو هو سا سندس ڳڻتي هئي، اها نه ته ساڻس ڇا ٿيندو، پر پنهنجي ڀيڻ جي، ڌيءَ جي ۽ ساٿين جي ڳڻتي.

سڄي رات هن جون اکيون کليون رهيون. چنڊ لهي، آسمان اورانگهي سندس پٺيان وڃي لٿو، پر هن جي اُڻ تڻ ۽ هورا کورا لحظي لاءِ نه لٿي. باک ڦٽيءَ جي ٿڌڪار تي ٿڪ سبب کيس ڪو وقت ننڊ جو گهيرٽ آيو. سندس ڪنڌ اڳيان ڍرڪي پيو، نديءَ جو وهڪرو وهندو رهيو، ۽ سامونڊي هوائون سندس وارن سان کيڏينديون رهيون، هن اک کولي ته ڏينهن ٿي چڪوهو. سپاهي پنهنجن تنبن مان نڪري رهيا هئا، ۽ ڪناري سان پکڙبا پئي پيا. زام به ٽيڳر سان اچي پهتو، ساڻس گڏ ٻه يانڪي ڪامورا به هئا. هنن سئو ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهايو، ”اکين ۾ خوني چمڪ هوندي به هي ويٽ ڪانگ ڪيتري نه پياري آهي.“

”واهه، واهه، داڻو آ داڻو !“

سپاهي ندي جهاڳڻ لڳا. ٻئي آمريڪي به سئو کي تڪڻ ڇڏي هنن جي ڪڍ ويا. ٻه سپاهي کين ڊڊيءَ تي کڻي پار وٺي ويا. زام ان پاسي مڙيو، پر هڪ ٻه وکون وجهي وري موٽي آيو ۽ چيو، ”ڌيرج ڌر، مٺڙي. اڄ سڀ غار وارا ساٿي وٺي ٿا اچون ۽ هو پاڻي طرف هليو ويو. سندس ٻانهن اڃا پٽيءَ ۾ لڙڪي رهي هئي. هڪ سپاهي کيس کڻي ٻيءَ ڀر پڄايو. اڄ زام به مهم ۾ حصو وٺي رهيو هو. سئو هنن کي ويندو ڏسي رهي هئي. سندس دل جي ماني به تيار ڪري رهيا هئا ته ڏٻيءَ اک سان کيس گهوري به رهيا هئا. چلهه جي چوڌاري ويٺا هو هٿ به هلائي رهيا هئا ته زبان به ”اهڙي سهڻي اسان جي ڀاڳ ۾ ڪٿي آ،“

”ڇاڪندينس. ويٽ ڪانگ اٿئي.“

هن کي ڪاوڙ به آئي پر ساڳئي وقت کلڻ تي به دل ٿيس. پر ماٺ رهندي، هن نگاهون سمنڊ طرف ڪري ڇڏيون. ڏينهن چڙهي رهيو هو. پر سونهري ڪرڻن بجاءِ هوءَ گلابي لهرن کي ڀڻ ڀڻ ۽ سُر سُر ڪندو ڏسي رهي هئي. آسمان جا تاڪ هلڪي هلڪي واڱڻائيءَ مان مٽجي گلابي ٿي رهيا هئا. صبح جي ٿڌائي ۾ هن کي هر اها شيءَ چٽي نظر اچڻ لڳي جا هوءَ رات جو نه سمجهي ۽ سڃاڻي سگهي هئي. ڏينهن جي تپش سندس دل کي به گرمائي ڇڏيو ۽ سامهون هان ڊئٽ رکي وڌيڪ تابناڪ ۽ تهان سهڻو بڻائي ڇڏيو.

هن کي هن جاءِ سان بي انتها پيار هو. اها جاءِ، جتي هوءَ ڄائي هئي. ۽ جنهن جي سوادي ۽ سهڻي ميوي مان هن اها سونهن ۽ صحت ماڻي هئي. هتي ئي ماڻس کيس سمهارڻ لاءِ لوڏيو ۽ لوليون ڏنيون هيون ۽ اتي ئي هن پنهنجي ڌيءَ کي لوڏي ۽ لوليون ڳائي سمهاريو هو. اتي ئي هن هٿ ڀيڪوڙي هٿ مٿي ڪري پارٽيءَ جي جهنڊي کي سلام ڪرڻ سکيو هو ۽ ان پارٽيءَ مان ئي پنهنجي ماءُ پيءُ، مڙس، ڀيڻ، ڌيءَ، ۽ ساٿين سان وڌيڪ سڪ رکڻ ۽ سٺو سلوڪ ڪرڻ سکي هئي. هوءَ هان ڊئٽ سان پيار ڪندي هئي ، اهڙو پيار جو سندس نس نس ۾ سمايل هو. دڙن تي پراڻا گهر، ڀڳل ٽٽل ڏاڪڻيون ۽ ڏاگهرا، جن تان بيهي هوءَ سمنڊ، واهڻ، ٻنيون ۽ پهاڙ ڏسندي هئي، جنهن جي پاسن کان هر شام جو اڇيون ڪونجيون ولر ڪري اينديون هيون. هن جي دل ڪڏهن به هان ڊئٽ لاءِ ايڏو نه ڌڙڪي هئي جيڏو اڄ صبح جو. پنهنجي گوڏن ڀر جهڪي، موت جو انتظار ڪندي، هن کي حياتيءَ سان پيار وڌي رهيو هو، ان ڳوٺڙي جي مٽيءَ سان محبت وڌي رهي هئي، جنهن تي سورج پنهنجا ڪرڻا اوتي رهيوهو. سج وارياسي ڪنارن تي پهچي چڪو هو ‎۽ نوڙندڙ بانس جي ٿڙن تي پنهنجو سون پيٽي رهيو هو. مهاڻن جو هي ڳوٺڙو سندس نور ۾  وهنجي رهيو هو. سئو مهاڻن جي گهرڙن جي منگهن مان دونهون نڪرندو ڏسي رهي هئي، ۽ ڪناري تي سڪائڻ لاءِ رکيل لڙڪندڙ ڄارين جا ڪارا ۽ اڇا نائلان جا ڌاڳا به چڱيءَ ريت ڏسي پئي سگهي، اوچتو ماٺ ۾ مانڌاڻ پئجي ويو. غار ڀرسان ڳري گوليبازي شروع ٿي وئي. سئو ڪنڌ ان پاسي موڙيو. گوليبازي وڌندي وئي. پاڻ هرتو هلڻا پستول، ٿامپسنن ۽ رائفلن جي ڇٽڻ جا آواز وڌندا ويا. سپاهي ندي طرف موٽ ۾ ڌوڪيندا پئي آيا ۽ ڳوٺ طرف رخ هون. پنهنجن ساٿين جي هٿيارن جا آواز سڃاڻي سئو جون اکيون چمڪي پيون ۽ دل خوشيءَ مان اڇلون ڏيڻ لڳي. رڙين ۽ روڄ جي وچ ۾ هن چتائي گوليبازيءَ جو آواز ٻڌي، سندس دل مسرت ۾ مست ٿي پئي. هن ٽپڻ ۽ نچڻ پئي چاهيو. پنهنجا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙڻ پئي چاهيا. ”هو جيئرا آهن ! هو وڙهن پيا! هن ڏاڍيان پاڻ سان ڳالهايو. ڪناري تي بيٺل هڪ ڀاڙيتي زور سان چيو، ”خداجي مار پوين، اهي گوليون اڃا اسان مان گهڻن کي بستري پڄائينديون.“

”اڙي هن زهر واري قصي جو ڇا ٿيو،جو ڪالهه کان پيا پڌون“

”هُل ته ڏاڍا هئا!.....شايد پيتو هجائون ۽ ڪجهه به نه ٿيو هجين، ڏس نه ندي ڪيتري موڪري ۽ ڊگهي آهي. سڄي پاڻيءَ کي ڀلا ڪير زهريلو ڪري سگهندو؟“

سپاهي کي اوچتو سئو ياد اچي وئي. هو خافناڪ شڪل ٺاهي هن طرف مڙيو. پنهنجي آڱر هن ڏانهن ڪئي ۽ چيو، ”ڪنهن به حالت ۾ تنهنجي بچڻ جي ته ڪابه اميد ڪانهي. تنهنجو ته ڄڻ سر اڏيءَ تي آهي.“

سئو هن ڏانهن نهاريو، جواب ڏيڻ لاءِ تيار ٿي، پر وري دل ۾ چيائين، ”ڇڏينس“ جيڪڏهن هوءَ سرهي هئي به ته پنهنجي قسمت تي نه، پر ان ڪري ته سندس ساٿي جيئرا هئا، هو وڙهي رهياهئا ۽ زام جي اڳڪٿيءَ پٽاندر هيٺ گهلجي نه اچي رهيا هئا. اوچتو گوليبازي بندٿي. هڪ ايم جو وڏو ڌماڪو ٿيو. دشمن جواب ڏنو هو. ”خراب ناهي“ سئو سوچيو ”ڪالهه جيان ئي ٿيندو.“ جڏهن وري بندوق بازي شروع ٿي ته سئو سپاهين جي  هڪ ٽولي کي ناريل جي جهڳٽن مان ايندو ڏٺو، جن کي ڪلهي تي اسٽريچر هئا.

”مان ڇا چيئي؟ ڏس!“ سئو جي ڀر ۾ بيٺل سنتريءَ چيو ۽ اسٽريچر وارن همراهن ڏي ڀڳو ”اوه! ڪير آ؟“

جواب ڪوبه نه مليو. هو خبرداريءَ سان لاهي لهي رهيا هئا. هنن اسٽريچر واريءَ تي رکيا. زخمين ۾ هڪ آمريڪي به هو جو زور سان کڙيون به هڻي رهيو هو ته رڙي به ،سپاهي سهڪي رهيا هئا ته پگهر به اگهي رهيا هئا.

”حرامزادا! ليفٽينيٽ پئي چيو ته اتي سڀ زهريلو پاڻي پي مري ويا هوندا، غار ۾ اندر گهڙو ! چيائين پئي ! ۽ نتيجو؟_ ڇهه مئا ۽ پنج ڦٽيا. هي يانڪي به ڄاڻ وڃي وڏن سان مليو.“

”ڇا؟ يانڪي به غار ۾ گهڙيو هو ڇا ؟“

”نه، پر اڙي ٿڙي گولي لڳي ويس.“

ڦٿڪندي آمريڪي پنهنجا چنبا واريءَ ۾ وڌا. پوءِ سندس نڙيءَ ۾ کرکر ڪندڙ آواز بند ٿي ويو، سندس ڄنگهون آخري ڀيرو ٻه ٽي دفعا زور سان ڦٿڪيون، ۽ پوءِ ڪنڌ لڙي پيس. ٽوپلوجهڪي اچي منهن تي پيس. هڪ سپاهي اڳتي وڌي آمريڪيءَ مٿان نوڙيو. آڱر نڪ تي رکيائين ۽ چيائين، ”ختم!“

”مري ويو؟“

”ها،ساهه ته نٿو کڻي،“ رينجر جو آواز مئل سان ڪوبه لاڳاپو نه ڏيکاري رهيو هو. ڄنگهون ٽيڙي هٿ ٻنڊڻن تي رکي هو آمريڪيءَ کي تڪي رهيو هو.

ڀر ۾ ڪنهن ٻيٺل چيس، ”هيڏانهن کڻي اچوس نه ته عذاب ۾ اچي ويندوُ.“

”ڇا مطلب اٿئي؟ هي اڪيلو ته ناهي! اسان جا زخمي اڳ ۾ ايندا،“

اسٽريچر کڻندڙن چئن زخمين جا اسٽريچر کنيا ۽ ندي جهاڳڻ لڳا. رت نديءَ جي پاڻيءَ ۾ دٻڙ دٻڙ ڪري رهي هئي. هو سئو وٽان لنگهيا ته هن واريءَ تي ڳاڙهي رت جي ليڪ ڏٺي. مئل يانڪيءَ کي به هن پار آندو ويو. لڙڪندڙ ڪنڌ تان ٽوپلو ڪري وڃي پاڻي ۾ پيو، ۽ ترندو ويو. سئو ڪڪن وارن ۽ ڊگهي نوڪدار نڪ جي جهلڪ ڏٺي.

گوليبازي بند ٿي ويئي. سئو سمجهي وئي ته مڙيوئي ڪا خراب ڳالهه ٿيڻي هئي. هن ان کي منهن ڏيڻ لاءِ دل ٻڌي. هن کي سندس مڙس جا لفظ ڪن ۾ جهونگارڻ لڳا. ”اسان کي ڪڏهن به دلگير نه ٿيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان سور سولا ٿي پوندا.“ ان جي جواب ۾ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ٺيڪ آ، مان ئي ڪنديس جيئن تون چوين ٿو. مون کي ائين نه ڏسي سگهنديس. موٽي اچين ته گهڻو ڏک نه ڪجانءِ. مان توکي چاهيان ٿي، ڇو جو خبر اٿم ته گذريل ستن سالن ۾ به ڪا گهڙي اهڙي نه هوندي جنهن ۾ تو مون کي ۽ ٿئي کي نه ساريو سنڀاريو هوندو. موٽي آئين ته مون کي نه ڏسي غمگين ٿي ويندين. مون تي ناراض نه ٿجانءِ. مان اڳواٽ ئي ان لاءِ معافي ٿي وٺانءِ.جيڪڏهن ٿئي ملي وڃئي ته ان جي سار سنڀال لهج، اها ئي تو وٽ منهنجي نشاني اٿئي. ان کي چتائي ڏسندين ته منجهس مان نظر ايندس. خبر نه اٿم ته ساڻس الائجي ڇا وهي واپري، پر اها پڪ اٿم ته هوءَ اڃا حيات آهي ڇو جو پنهنجا ساٿي اڃا جيئرا آهن ۽ سندن هٿ ۾ بندوقون آهن....“

سانءَ سان ڳالهائيندي، سئو کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو سچ پچ سندس پاسي م بيٺو هو. پوءِ هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو خيال آيو.

”هن مهل ڇا پئي ڪرين، امان؟“ باغ ۾ ڪم پئي ڪرين؟ مال کي چارو پئي وجهين؟ ٽن ڏينهن کان توکي نه ڏٺو اٿم.... ۽ شايد وري نه ڏسانءِ. امي، منهنجي خاطر ٿئي کي سنڀالجانءِ ! ائين سار لهجانس جيئن اڳ سئو جي لهندي هئينءَ . ۽ ائين تون مون کي هميشه پنهنجي اڳيان ڏسندينءَ.“

”ڪوين! منهنجي ادڙي! تون نگان سان پڪ سرهي رهندينءَ. جوڌو جوان، سٺو سلڇڻو ساٿي ۽ ڪارائتو ڪميونسٽ! مان تنهنجي شاديءَ تي نه هونديس. ان ڪري ڪهڙو فرق پوندو. مان خوش آهيان ته تنهنجو آئندو سٺو ٿيندو. پنهنجا سڀ ارادا ۽  مهمون پوريون ڪج. امان جي مون جيان سنڀار لهج ۽ ٿئي جو خيال ڪج، ان کي پيار ڪري مون کي ياد ڪج. ڪندينءَ نه، منهنجي ڀينڙي؟“

هن کي ائين به لڳي رهيو هو ته ماڻس ۽ ڀيڻس ڀرسان بيٺا سندس ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. هن نرمي ۽ ميٺاج سان چيو ”اڙي ٿئي، تون نه مرجانءِ منهنجي جان“ پوءِ هوءَ خيال ئي خيال ۾ ننڍڙيءَ کي ڪڇ ۾ ڪري پيار ڪرڻ ۽ چميون ڏيڻ لڳي. سئو سوچ ۾ سهي هئي. جنهن ڳالهه جي ٿيڻ جوهن کي ڀوُ هو، اها اوس ٿي، جنهن ويل هوءَ پنهنجي ٻار سان تصور ۾ پيار ڪري رهي هئي، ان مهل غار جي طرف کان لهي سپاهي هن ڏانهن ڊوڙندا آيا. انهن مان هڪ هن کي کوليو ۽ چيو،

”اٿي بيهه !“

هن ڪوشش ڪئي پر بيهي نه سگهي. هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڪُڙجي ساڻيون ٿي ويون هيون. سپاهي هن کي واريءَ تي گهلڻ لڳو. پاڻي وٽ پهچي هن سپاهي کي چيو، ”مون کي ڇڏي ڏي ! مان پاڻ ئي هلنديس.“

اڳتي چُرڻ کان اڳ سوُ کي ڪيترائي ڀيرا جهڪي ڄنگهن کي مهٽڻو ۽ سڌو ڪرڻو پيو. هوريان هوريان هوءَ ندي جهاڳي وئي _ ٻيءَ ڀر تي هڪ سپاهي غار طرف اشارو ڪيو ۽ رستو ڏيکاريو. ٻئي کانئس پڇيو، ”خبر اٿئي، ته توکي ڪيڏانهن پيا وٺي هلون؟“

”نه“

”ڪمانڊر حڪم ڪيو آهي ته توکي مٿي غار جي اڳيان وٺي هلون.“

”مون سان اتي ڇا ڪندا؟“ هن پاڻ کان پڇيو، ”ضرور ڪا چالبازي هوندي. ڏٺو ويندو. ڇا به ٿي پئي هو منهنجو ايمان نه لوڏي سگهندا.“

ناريل جي جهڳٽن ۾ پهچي، سپاهين سئو کي ڪمانڊر آڏو پيش ڪيو. ڀوري چمڙي ۽ هڏاون منهن وارو ڪمانڊر مٿي اگهاڙو هو ۽ پنهنجي سٺي نموني ٺهيل وارن جي نمائش ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ چانديءَجي ٽوپيءَ واري چمڪندڙ ڪاٺيءَ جي ڏنڊي هئي،جنهن کي هو سرتال سان لوڏي رهيوهو. زام ۽ ٻيا ڇاڙتا سندس پٺيان هئا. سئو کي ڏسي ڪپتان گنڀير ٿي ويو. کيس نهن کان چوٽيءَ تائين تڪي، هن پنهنجون تريون ٻنڊڻن تي هنيون. پوءِ هڪ مرڪ سان هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”اهو ڇا؟ اهڙي سهڻي سوڀيا واري ٿي ڪري به تون ويٽ ڪانگن سان ملي آهين؟“

سئو منهن ڦيري ڇڏيو.

تنهنجو مڙس اتر ۾ ڀرتي ٿيل آهي، اٿئي نه؟“ ڏس، مون کي سڀ خبر آ، اها به خبر آ ته تون اسان جي چوڻ جي باوجود هن سان ناتا نه ٽوڙيا آهن. ٺيڪ آ. ڏاڍو سٺو_هڪ وفادار زال آهين،“

سئو ماٺ رهي. ڪمانڊر پنهنجو بيان جاري رکيو، ”مڙس کي ڇڏڻ کان انڪار ٿيڻ ڪري مان توتي علامت نٿو ڪريان. اڃا ويتر مبارڪ ٿو ڏيانءِ. پر تنهنجي ويٽ ڪانگن سان ملڻ تي مان توکي داد نه ڏيندس. اها خودڪشي آهي.“

سئو مرڪي. جنهن جو مطلب هو، ”توهان وٽ ان پراڻي سر کان سواءِ ٻي ڪا ڪرڻ جهڙي ڳالهه نه آهي، تو جهڙن ماڻهن کان اهي جملا ٻڌي ٻڌي منهنجا ته ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آهن !“

پرڪمانڊر بس ڪرڻ ته سکيو ئي ڪين هو. هو پنهنجي گوهر افشاني ڏيکارڻ لڳو. هن ”شخصيات“ ”سماجي ترقي“ ۽ نگوڊين ڊيم جي ”قومي سرڪار“ جي ساراهه ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن جا هو ۽ سندس سپاهي بهترين نمائندا هئا. آخر ۾ هن چيو، ”پنهنجي مڙس جي واٽ نه نهار.ٻئي حصا ڪڏهن به ڪٺا نه ٿيندا. جيستائين اسان آهيون. جيستائين آمريڪا آهي، تيستائين اتحاد نه ٿيندو، سوال ئي نٿو اٿي.“

پاڻ نه جهلي سئو جواب ڏنو، ”توهان ۽ آمريڪي اهو ئي چاهيو ٿا، پر اسين، يعني عوام، ٻيءَ طرح سوچيون ٿا. دير يا مدير اسان توهان کي ڌڪي ڪڍنداسين ۽ ملڪ گڏينداسين.“

”ڇا؟ اسان کي ڌڪي ڪڍندوُ؟“ ڪمانڊر کليو ۽ سندس اکيون ٺٺولي واري انداز ۾ کلي پيون. ”اهم ڪم ڪڏهن شروع ڪرڻ جو خيال اٿو،؟ ڏس،“ هن غار طرف اشارو ڪندي ڳالهه جاري رکي، ”دير ۾ دير سڀاڻي تائين تنهنجا ساٿي چئني عضون تي بانبڙا ڏيندا هيٺ لهي ايندا ! اسان کي ڌڪي ڪڍجو ! ڏاڍا ماڻهو ۽ هٿيار هوندؤ!“

”تون ڀليل آهين، هو ڪڏهن به نه ايندا.“

شرارت واري مرڪ هن جي چپن تان گم ٿي وئي. هن جو منهن رنگ ڇڏڻ لڳو. پنهنجي ڪاوڙ تي  قبضي ڪرڻ لاءِ هو جهٽ ماٺ رهيو. پوءِ پنهنجي ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”مائڪروفون تيار آهي؟“

”هائو ، سائين !“

هن مَد شَد سان چيو، گهلي هلوس، اوڏانهن.“

زام جي ماڻهن سئو کي اڳنا گهليو ۽ ڇڪيو. ڪمانڊر ۽ زام به تڪڙو تڪڙو سندن پٺيان هليا. نفسياتي کاتي جو هڪ جوان ۽ سڄيل منهن وارو ليفٽينيٽ اڳ ئي اتي بيٺو هو ۽ سندس هٿ ۾ مائڪروفون هو.

ڪمانڊر سئو ڏي ويو. ”ٻڌ. اچ ته تون ۽ مان پاڻ ۾ ٺاهه ڪريون. حياتي جو قدر اٿئي؟ جي ها، ته مان انجام ٿو ڪريان ته تنهنجي زندگي بچائي ويندي. جي حياتي پياري نٿي ته مان توکي اک ڇنڀ ۾ ماري سگهان ٿو. هاڻي جلدي جواب ڏي!“

سئو سڌو اکين ۾ نهاريو. ”ڪوبه مرڻ نه چاهيندو.“ هن چيو ” مان ڇو چاهيان؟“

ڪمانڊر جي چپن تي وري مرڪ موٽي آئي. ”اڇا. ٺيڪ آ. توکي به زندگي پياري آهي ؟ چڱو“ هن ڳالهه جاري رکي، غار طرف ڏنڊي سان اشارو ڪندي چيو، ” ته پوءِ سڀ ڪم سڻائو آهي. توکي ايترو چوڻو پوندو ته تون آڻ مڃي پاڻ پيش ڪيو آهي، ۽ ٻين لاءِ ان نقش قدم تي هلڻ بهتر ٿيندو. انهن کي ٻڌاءِ ته مان توسان سٺو ورتاءُ ڪيو آهي ۽ انهن سان به اهڙي ئي ورتاءُ جو وچن ڪريان ٿو جي هٿيار ڦٽا ڪري ان پناهه گاهه مان نڪري ايندا، بس، قبول آ؟“

ڪمانڊر رڪيو ۽ ترسيو. مائڪروفون واري ماڻهو اهو وڌائي سئو جي وات اڳيان جهليو. زام يڪدم پنهنجي مياڻ مان ڇرو ڪڍيو ۽ نوجوان قيدياڻيءَ طرف وڌيو. هٿ پويان ٻڌي ڪمانڊر بيٺو سئو جي هرڪا چرپر جاچي رهيو هو. هن کي پڪ هئي ته موت آڏو هو پاڻ پيش ڪندي. هو ان جاءِ تي هجي ها ته حياتيءَ لاءِ ان کان به وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ها. اهو ٿي ئي نه ٿي سگهيو ته ڪا نوجوان عورت، ۽ سا به سهڻي، زندگيءَ کان انڪار ڪري سگهندي.

پر سئو بت بڻي بيٺي رهي ، ۽ ان مائڪروفون کي تڪيندي رهي جو مٺ جيترو ننڍڙو هو ۽ ٽُنگن سان ائين ڀريل هوجيئن ماکيءَ جو مانارو ! هن کي خبر هئي ته ڪي وکون پرڀرو غار ۾ سندس ساٿي هئا جي کيس چڱي چٽيءَ طرح ٻڌي پئي سگهيا.

بي صبريءَ وچان ڪمانڊر پنهنجو منهن مٿي ڪيو، ”چئو ؟ ها يا نه ؟“

سئو وک اڳتي وڌي. ”ٺيڪ آ. مان ڳالهائينديس.“

(5)

غار ۾ همراهه ٻي چڙهائيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. سندن بندوقون تيار هيون. دشمن جو هڪ حملو ناڪام بڻايو ويو هو ۽ پوءِ وري ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه آيو هو. ڪلاڪ ٿي ويو، پر دشمن اڃا اتي بيٺو هو. هو سپاهين کي ناريل جي جهڳٽن ۾ ايندو ۽ ويندو ڏسي رهيا هئا. هرڪو هٿيار سنڀاليو چسٽ ٿيو بيٺو هو.

”سئو پڪ ئي پڪ گرفتار ٿي چڪي آهي يا ماري وئي آهي، ”نگان هائي ٿيپ کي چيو.

”گهڻو ڪري گرفتار ٿي چڪي آهي. ڇو جو رات ڪوبه ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ نه آيو.

پوءِ هائي ٿيپ ماٺ ٿي ويو. گذريل رات کان هو اڻ وسيهل ۽ وس کان ٻاهر حالتن کي منهن ڏيئي رهيو هو. موٽندي ئي نام نهو کي ڳڍڙيون پوڻ شروع ٿيون هيون، هوءَ پيلي پئي ٿيندي ويئي ۽ پگهر جهل نه پئي ڏنس. شڪجي هائي ٿيپ اوچتو هن کان پڇيو هو ته هن نديءَ جو پاڻي ته نه پيتو هو. ڪنڌ ڌوڻي ڇوڪر پٽ تي ڦهڪو کائي ڪري پئي. هائي ٿيپ سندس نڙيءَ ۾ آڳر وجهي کيس الٽي ڪرائي ۽ هن هيڊي هيڊي پاڻياٺ کي اوڪاري ڪڍيو. هن اندازو لڳايو ته پاڻيءَ ۾ زهر اڇلايو ويو. پاڻيءَ جو مسئلو اهو ئي رهيو هو. ان کان پوءِ سئو جي گمشدگي. سڄي رات ڪنهن به ننڊ نه ڪئي. اڌ رات جو ٿئي اٿي رڙيون ڪرڻ لڳي. ”ممي!ممي! جڏهن دستوري طرح وٽس نه آئي ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي. تڏهن ماٺ ڪيائين جڏهن ڪوين اچي ٺپڪيون ڏنس. صبح سان ماءُ کي نه ڏسي ڇوڪري زور زور سان روئڻ لڳي، ڪوين ريجهاريس ته ماڻس ڪنهن ڪم سان ڳوٺ وئي هئي. سئو جي گم ٿيڻ غار ۾ هر ڪنهن کي فڪرمند ڪري ڇڏيو هو. اهو سهڻ کان پري هو. مرندو ڏسڻ سهي سگهجي پيو پر هيئن گم ٿيڻ نه. کين خبر ڪانه هئي ته ساڻس ڇا وهيو واپريو هوندو. ٽرانگ ۽ بارين ڏٺو ته واپسيءَ ۾ هوءَ اوچتو گم ٿي وئي هئي. هو وري موٽي کيس ڳولڻ ويا، وڻ وڻ ٻوٽو ٻوٽو ڪري کيس ڳوليائون پر سڀ اٿل، ۽ هنن کي پڪ ٿي وئي ته هوءَ به نام نهو جيان زهرجي مري چڪي هئي. آخر ۾ نگان پاڻ ويو، پرهن جي ڳولا به ڪو کڙتيل نه ڪڍيو.

سڄي رات آنڌ مانڌ ۾ گذري. هرڪو پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو ۽ پڇتاءُ ڪري رهيو هو. هر ڪنهن پاڻ تي سئو واري ڪم نه کڻڻ تي ملامت پئي ڪئي. جيتوڻيڪ هن هڪ گولي به نه هلائي، پر سندس سڄي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست سنڀاليو هو. هن جي موجود گي معنيَ سٺي سار سنڀار، ماٺا قدم، ۽ توريل تڪيل چرپر هئي. ننڍي هوندي کان ئي هوءَ سڀني جي دلين ۾ گهر ڪري وئي هئي. جهرڻي، چراگاهن ۽ ميون جيان هوءَ به هان ڊئٽ جي ملڪيت ۽ ورثو هئي، ۽ ان کان الڳ نه پئي ٿي سگهي. سندس سونهن ۽ سون ورني دل علائقي لاءِ فخر جو ڪارڻ هئا. ان کان به وڌيڪ ته هو پنهنجي مڙس لاءِ پيار ۽ وفاداريءَ جو مجسمو هئي. هوءَ اهڙي عورت هئي جا نه رڳو ڳوٺڙي جو اٽوٽ انگ هئي، پر هر آزمائش ۽ امتحان ۾ ساٿين سان ساڻ ۽ شريڪ هئي.

هائي ٿيپ اداس ۽ ٿڪل ٽٽل پئي لڳو. منجهن هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا بار ۽ جوابداريون هيون. پر سئو سڀني کان اڳير ۽ تڪڙي هلي وئي. اتر ۾ وڙهندڙ مڙس جي هن زال سڀ ڪنهن کان وڌيڪ سٺو هو. رڳو ٻه ڏينهن اڳ سئو، هائي ٿيپ کي مڙس وٽان خط پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هن جون آڱريون ڪيئن نه ڏڪي رهيون هيون ! هن کي ياد آيو ته ٻئي دفعي گرفتار ٿيڻ مهل سئو ڇا چيو هو؟“ ”منهنجي پنهنجي لاءِ اها ڳڻتي نه آهي. ڀل حياتي هلي وڃي. پر ٿئي، ويچاري ! ۽ اتحاد ٿيڻ کان پوءِ جي سانءِ موٽي آيو ته کيس به مون کي نه ڏسي، ڏاڍو صدمو رسندو.“

پنهنجي تجربي مان هائي ٿيپ ڄاتو پئي ته انقلاب جي ڏکين مرحلن ۾ سدائين اهڙيون عورتون وجود رکنديون آهن. هو ڪميونسٽ طور پنهنجي ساک ۽ ملڪ جي عزت بچائڻ خاطر هميشه ئي ائين ورتاءُ ڪنديون آهن. هو مستقبل جي مسرتن ۽ مڙسن ۾ ائين ئي ويساهه ۽ ايمان رکنديون آهن. اتحاد لاءِ، انهن کان وڌيڪ ڀروسي ۽ ايمان سان ڪو ٻيو اوسيئڙو نه ڪندو آهي.

پرهائي ٿيپ لاءِ سئو پنهنجو نمونو پاڻ هئي. رات جو هن ٿئي کي ماءُ کي سڏيندو ٻڌو هو. ۽ تڏهن ئي جنگ جو ٻوجهه هن تي تهان وڌي ويو هو. صبح جو اڃا ڳڻتي جهڪي ئي ڪانه ٿي هيس جو وري مقابلو شروع ٿيو. هو يڪدم لنگهه طرف ويو هو. اڳ جيان هيل به دشمن بيوقوفن جيان غار ۾ اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ ان ڪري هيل هو وڌيڪ لاش ڇڏي، ۽ زخمي کڻي موٽي ويا هئا.

هو اجايو ٻئي حملي جو انتظار ڪري رهيا هئا. وري ماٺ ٿي وئي.

سج چڙهي چڪو هو. ڪوين ڀُڳل چانور ورهائڻ شروع ڪيا. ٻاهر مئل دشمنن جا لاش پيا هئا. ناريل جي جهڳٽن ۾ سپاهين جي اچ وچ جاري رهي. رکي رکي ايم_ بي جو ڌماڪو پئي ٿيو نه ته وري ماٺ پئي ٿي وئي. پکين جي چرپر، نوريئڙن جون ڪرڪر ۽ پريان سمنڊ جي ويرن جي جهرجهر ٻڌي پئي سگهيا. نه ته ستائيندڙ سانت هئي، ماحول ۾ تاڻ هئي، ۽ هرڪوگهوڙي تي آڱر رکيو تيار ٿيو بيٺو هو، خاڪي وردي نظر اچڻ سان ئي سڄي حالت گم ٿي ويندي ۽ گوليبازي شروع ٿي ويندي، ۽ وڌيڪ مڙهه مٽيءَ ملندا.

پنهنجي ڇپن جي پويان لڪي ويٺل هر ڪو گوريلو پراعتماد هو ته سندس گولي ڪڏهن به نه گسندي ، ۽ هڪ نه هڪ کي سيٽائيندو. غار جو منهن چست وٺڻ لاءِ بهتر جاءِ هئي. هوريان هوريان هنن کي غار جي سٺين ۽ خراب جاين ۽ خامين ۽ خوبين جو پتو پئجي ويو. خوبي اها هئي جو اها بچاءَ لاءِ بهتر جاءِ هئي. خامي ها هئي جو پاڻي ڪو نه هو. ان خاميءَ ڪري ئي نام نهو مري بچي هئي ۽ سئو گم ٿي وئي هئي، هر ڪنهن جي نڙي سڪڻ ۽ سڙڻ لڳي. هر حملي کان پوءِ نڪرندڙ پگهر ان اُڃ کي وڌيڪ تيز پئي ڪيو. بارين ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي، ”ڪتي جا پٽ ! پاڻيءَ ۾ زهر ملائڻ جي حد تي وڃي پهتا!“

ڪوين جي موجود گيءَ جو به خيال نه ڪندي هن اڃا به وڌيڪ گاريون ۽ گندا لفظ ڪڍيا. پوءِ هن هڪ هڪ دشمن کي ماري ختم ڪرڻ جو قسم کنيو، ۽ آخر ۾ رات جو سئو وارن جي پويان پويان نه اچڻ ڪري پاڻ تي ڦٽڪار ڪئي. ”مان سمجهيو هو ته اڳيان اڳيان هلڻ ڪري اسان ئي اول دشمن جي منهن پونداسين !“

”ڏوهه منهنجو هو،“ هائي ٿيپ چيو، ”مون زهر بابت نه سوچيو هو. مون کي سندن وحشت جو اندازو هئڻ گهربوهو.....“

هواوچتو ماٺ ٿي ويو. ٻاهران هنن لائوڊ اسپيڪر چالو ٿيڻ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ آواز، ”هيلو هيلو! ٻڌو! ٻڌو!“

غار جي سانتيڪي ماحول ۾ آواز گونججي ويو.

”هيلو! رعيتي راڄ جي فوج غار ۾  ويٺل ويٽ ڪانگن کي اطلاع ٿي ڏئي ته انهن مان هڪ نگوين ٿي سئو اسان جي هٿ چڙهي آهي. قومي سرڪار جي نياءَ واري پاليسيءَ سان متفق ٿيندي ۽ ان سان سهڪار ڪندي هوءَ  توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي.“

آواز بند ٿي ويو. لائوڊ اسپيڪر وري ڪر ڪر ۽ غر غر ڪرڻ لڳو. غار ۾ هر ڪنهن نراسائيءَ وچان ٻاهر تڪڻ شروع ڪيو. هنن کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو. مائڪروفون رائفل جي نشاني جي حد کان پري رکيو ويو هو. هو سوالي نگاهن سان هٻڪي ڏانهن نهارڻ لڳا. هنن جي سمجهه جواب ڏئي چڪي هئي . ڇا هنن صحيح ٻڌو هو؟ ڇا هو پنهنجي ڪنن تي ويساهه ڪري پئي سگهيا؟ پر هنن اهو ڪجهه ڪنين ٻڌو هو. ڀلڻ جو سوال ئي نه پئي اٿيو. ڪوين جا ان مهل نگان کي ڦلن جي مُٺ ڏئي رهي هئي، ايترو حواس خطا ڪري ويٺي جو خبر ئي نه پيس ته چانور سندس مڱيندي جي تريءَ تان وهي هيٺ پٽ تي ڪري رهيا هئا، هوءُ پيلي ٿي ويئي ، اکيون ڀوُ ۾ ڦاٽي پيس، ۽ چپ ڪنبڻ لڳس، ڄڻ چيخ ڪرڻ واري هئي. هن مٺيون ڀيڪوڙيون، چپ چٻاڙيو ۽ پير زمين ۾ کُپي ويس نگان هن کي ڪڏهن به اهڙو هراسيل نه ڏٺو هو.

هائي ٿيپ به هيڊو ٿي ويو ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳو. پرڪجهه به ڏسي نه سگهيو. هن سوچيو، ”ظاهر آ ته سئو تي دشمن سختي ۽ دٻاءُ آڻي رهيا آهن. پر اهو سوچي ئي نٿو سگهجي ته ڪو هوءَ ائين آڻ مڃيندي.ٻيو ڪو ڪري سگهيو ٿي پر... هوءَ هرگز نه.....پر هوءَجوان آهي، سندس زندگيءَ جا ٻيا ناتا رشتا ! جي هن غداريءَ جا ٻول ٻوليا ته آفت اچي ويندي، ڇو جو سئو جا لفظ، جنهن کي هرڪو چاهي ٿو، هن نازڪ موقعي تي چڱن ڀلن کي بي همت ڪري ڇڏيندا. سندس هر هڪ لفظ، هن مهل، اهم....“

لائوڊ اسپيڪر جي کڙ کڙ بند ٿي وئي. وري ڀونڪ آئي. ”هوشيار. غار وارو، هوشيار ٿيو! هينئر نگوين ٿي سئو توهان کي خطاب ڪندي.“

هنن ٻاهر ڏٺو. آسهڻ جو ڳو ماحول وڪوڙي ويو. هنن کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پيو. هنن سئو جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.

”ساٿيو! مان سئو آهيان.“ پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو چئي وئي. ”ساٿيو ! هنن تي اصل اعتبار نه ڪجو. ڪوڙ ٿا ڳالهائين! مان ڪڏهن به آڻ نه مڃينديس. پاڻي نه پيجو اهو زهريلو اٿو. هٿيار نه ڦٽا ڪجو. توهان سڀ ٺيڪ آهيو؟ ۽ منهنجي ڌيءَ اڃا جيئري آهي نه ؟ جي ها ته گولي هلايو ته مان سمجهي وڃا....“ پوءِ ڌِڪي جو آواز آيو ۽ مٺڙو آواز بندٿي ويو. غار ۾ هر ڪو اداس شڪل ڪيو بيٺو هو. هر منهن تي ڳوڙها هئا. بارين ٽپو ڏئي وچ غار ۾ اچي بيٺو ۽ ٻاهر گولي هلائي.

(6)

هيٺ پهريائين ڪمانڊر جو رنگ ڇڏائي ويو۽ پوءِ اچي گارين ۾ ڇٽو. زام لت هڻي سئو کي ڪيرائي وڌو ۽ پوءِ مٿان لتن جو وسڪارو ڪري ڏنائين. پر بارين جي گوليءَ جي آواز معجزو ڪري ڏيکاريو. زمين تي لتاڙجڻ جي باوجود سئو جو منهن سرهو ۽ چرهو هو. هن جو من خوشيءَ ۾ ٽپڻ لڳو. ”هو جيئرا آهن. سڀ اڃا حيات آهن!“ هن غار تي آخري نگاهه وجهڻ لاءِ پاڻ کي اٿارڻ ۾ کڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو گهوريندي رهي. شايد هوءَ ان کان به اڳنا ڪجهه ڏسي رهي هئي. هن جي هڪ هنڌ کتل اکين ۾ خوشيءَ جي جوت جلي رهي هئي، ۽ انهن اتان هٽڻ نه پئي چاهيو. اکيون، جن ۾ پيار ۽ آس هئي. جن ۾ اطمينان ۽ احساس هو، ۽ جن ۾ آخري موڪلاڻيءَ جي جهلڪ هئي. سئو جون سهڻيون اکيون شاندار ٿي چڪيون هيون.

”لٽاڪايوس!“ ڪمانڊر چيخ ڪئي، ”هتي، هن ناريل جي وڻن تي، ته ڀل دوست به ڏسي سگهنس!“

رينجرن سئو طرف لور ڪئي، کيس گهليو ۽ سندس هٿ پٺيان ٺونٺ وٽان هڪ ڊگهي رسيءَ سان ٻڌا. زام هڪ اهڙو ناريل جو وڻ چونڊيو جو غار جي طرف ٿورو جهڪيل هو. ”هن کي هتي لٽڪايو.“ هن چيو، ”تون ! مٿي چڙهه ۽ ٿڙ کي ڪٽي ٿوري ڦاسائڻ جي جاءِ ٺاهه !“

زام. سپاهيءَ کي مٿي چڙهندو ڏٺو. هن چاقوءَ سان کوٽي ٿُڙ ۾ گهُچُ ٺاهيو. ”ڪافي آ !“ هن ڪتي جيان رڙ ڪئي،

”بس، لهي آءُ !“

سپاهيءَ چاقو ڦٽو ڪيو، ۽ هيٺ لهي آيو. هن زمين تي پير مس رکيو ته، زام کيس سئو کي ٻڌل نوڙي ڏني ۽ مٿي وڃي ٻڌي اچڻ لاءِ چيو.

سئو سُڪ ٻڌل هئي. سپاهي کيس مٿي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هئا.

”ساٿي مون کي ڏسندا،“ سئو چيو، ”۽ مورڳو توهان کي وڌيڪ ڌڪاريندا. توهان کين ائين ڀاڙي ڪري نه سگهندا !“ ٻئي سپاهي ڪجهه هٻڪيا. پر زام رڙ ڪئي، ”هلو !“

هنن نوڙيءَ کي ڇڪيو. سئو جي ڪشمشن کي روڪڻ لاءِ هو تيستائين سندس ڄنگهن کي جهليو بيٺا هئا جيستائين سندس پير پٽ کان ڌار نه ٿيا. پاڻ پتوڙيندي ڇوڪري پنهنجي پير سان هڪ سپاهيءَ کي مُنهن جو ٿڏو هنيو. رتورت منهن هٿ ۾ جهلي هن رڙ ڪئي ، ”يا يسوع ! ڪهڙيءَ ڪُتيءَ سان جند اٽڪائي اٿئي !“

سئو زمين کان مٿي کڄي چڪي هئي، سندس اگهاڙيون ٻانهون، سهڻيون ۽ سفيد، بيرحميءَ سان سندس پُٺيءَ پويان مٿي کڄي ويون. سهڻيون،اڻ ٿڪ ۽ لائق ٻانهون ! پيار ڪندڙ ٻانهون، جن ڪيئي ڀيرا پنهنجي ڀتار، ڀيڻ، ڌيءَ، ماءُ ۽ ساٿين کي گهيري ۾ ورتو هو. هينئر پيڙا ۾ هيون ۽ مروڙجي رهيون هيون. سنگدل نوڙيءَ نازڪ ڇوڪري جي سهڻي سرير کي بي ڊولو ڪري ڇڏيو. سندس ڊگها ڪارا وار لڙڪي کڙين کي ڇهي رهيا هئا. منهن سور ۽ سختيءَ کان هيڊ ٿي ويو هوس، ۽ ڇاتي ڪاري صدريءَ ۾ ڦاسي سوڙهي ٿي سور ڪري رهي هئس. ۽ ظالم نوڙي کيس لٽڪايو بيٺي رهي، ان جبلن جي ڌيءَ کي، ڏکڻ جي نياڻيءَ کي، ۽ ان ماءُ کي جا رڳو آشا ۽ ايمان جو مجسمو هئي. اُن لاءِ ته سڀ ظالم هئا. نوڙي به ته بيٺل سپاهي به، سڀ _ سواءِ سج جي ڪرڻن ۽ وڻن جي ساوڪ جي . ناريلن مان ڇڻي اُس سئو کي وهنجاري رهي هئي. سامونڊي هوا بهار جي اچڻ جي سڌ ڏئي رهي هئي. ان گهڙيءَ ۾ سئو ان گرم ۽ لوڻياٺي هوا ۾ سنڌو ڪري پئي سگهي. ڏکندڙ ٻانهن سان هن ناريلن پٺيان لڪل غارجي جهلڪ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آخري گهڙيءَ ۾ هوا ناريل جي ڇرين کي هڪٻئي کان ڌار ڇو نه ٿي ڪري ته جئين وٿيءَ مان هوءَ پنهنجن پيارن جون صورتون ڏسي سگهي؟ شايد هوءَ ڪوين کي ، ٿئي کي کنيو بيٺو، ڏسي سگهي ! اي خدا! رڳو هڪ سيڪنڊ لاءِ ڌيءَ کي ڏسان ! هن کي گذريل رات ياد اچي وئي. ڪيئن نه ڇوڪري سندس ڪلهي کي چنبڙي پئي هئي. ڪيئن نه هن گڊي لاهي هن کي ڍڪيو هو، ۽ ڪيئن نه هوءَ هن کي ڇڏيندي هٻڪي هئي. هائو، اُهي هن جون ٿئي سان پويون گهاريل گهڙيون هيون. سندس مامتا جو آخري سنگ ميل ائين جئين سانءَ جي موڪلاڻي سندس پيار جو آخري سنگ ميل ثابت ٿي چڪي هئي. انهن ٻن سنگ ميلن کان شروع ڪندي هن کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي. ”مان اڄ مري وينديس“ هن پاڻ کي چيو، ”ڪو ڏک اٿم، پر ڪو پڇتاءُ يا ملامت نه اٿم پارٽيءَ سان هن مهل تائين مان ائين رهي آهيان، جيئن شهيد نگوين ٿي منهه ۽ ووٿي سان هئا، ۽ موت تائين ائين ئي رهنديس....“

هن پاڻ کي پوئين جدوجهد لاءِ ذهني طرح تيار ڪيو. ويهه منٽ موت جهڙا گذري ويا. دشمن وري ڪا چرپر ڪانه ڪئي. زام جو ڪنهن پاسي ويو، موٽي آيو. هن ڪرڙين اکين سان مٿي هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سندس اڳيان اچ وڃ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ڪجهه ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪمانڊر هڪ ناريل جي وڻ سان ٽيڪ ڏئي، پنهنجي ڪاج جي سگريٽ هولڊر کي چٻاڙي رهيو هو ۽ دونهين مان آر پار لٽڪيل ڇوڪريءَ کي نهاري رهيو هو. ” وڌيڪ مون سان ڇا ڪندا؟“ سئو خدشن هيٺ سوچيو. پوءِ هن کي امڪان سُجهي آيو، ”هائي الله ! هو امان کي هت وٺي ويندا! نه امان ! تون هنن سان نه اچج!“

هوءَ صحيح هئي. جيئن ئي هن جي اها سوچ پوري ٿي، ته هن وڪڙ کائي نهاريو ۽ پنهنجيءَ ماءُ کي ٻن سپاهين جي وچ ۾ ايندو ڏٺو. ضعيف ۽ حليم. ڪلهن تي پٽاپٽي رومال ، ۽ هٿ جي اُڻيل رنگ ڦٽل ريشمي ڪپڙن سان هوءَ پري کان پڌري هئي. پر هوءَ اڪيلي نه هئي. سندس پويان ڪاوڙيل ڳوٺاڻن جو هجوم هو. پهري تي بيٺل سپاهي بندوق سڌي ڪري انهن تي اوناڙ ڪري رهيو هو. پوءِ سپاهين انهن جي سامهون قطار ٺاهي سندن راهه روڪي. ڪمانڊر سگريٽ تي پير ڏيئي اٿي بيٺو. ”اهو گوڙ ڇا لاءِ آهي؟“

”ڪمانڊر ! مطالبو پيا ڪن ته ڪراڙيءَ کي ڇڏي ڏيو، ان ڪجهه نه ڪيو آهي.“

ڪمانڊر سيڪنڊ ليفٽينيٽ طرف منهن ڪيو. ”انهن کي روڪيو، کين هيڏي اچڻ کان جهليو.“ پوءِ زام ڏانهن مڙندي چيو، ”ڪراڙيءَ کي وٺي اچو ته پنهنجيءَ ڌيءَ کي ڏسي.“

”زام، ماتا ساوُ وٽ ويو ۽ سئو طرف آڱر کڻي چيو، ”تنهنجي ڌيءَ کي ان ڪري لڙڪايو ويو آهي جو عقل جي ڍڳي آهي. تون اچي کيس سمجهاءِ. جيڪڏهن هوءَ آڻ مڃيندي ۽ ٻين کي ان لاءِ چوندي ته ڪمانڊر سندس آزاديءَ جو انجام ٿو ڏئي....“

زام اڃا ڳالهه پوري ئي ڪانه ڪئي هئي، جو سائو، سپاهين کي هٽائيندي سئو وٽ اچي پهتي. سئو نٻل ٻانهون ۽ اڇا وار هوا م لهرائيندا ڏٺا. سندس ڪلهن تي رکيل پٽاپٽي رومال پَٽَ تي ڪري پيو هو. ڪجهه قدم ڀري، سندس پيرن ساٿ ڇڏي ڏنو، ۽ هوءَ ڪري پيئي. پر هوءَ وري اٿي بيٺي. پوءِ هن پنهنجي پيرن تي ماءُ جي هٿن کي پڪڙ ۾ گرم ڳوڙها محسوس ڪيا. ماتا ساوُ سڏڪن کي نڙيءَ ۾ گهٽيو، ۽ سئو نٻل ۽ ڪنبندڙ ڪلهن کي ڏٺو. سندس دل ڀرجي آئي، هن ڪنڌ ڦيري، غمگين اکين کي هٽائي ڇڏيو ۽ ايندڙ ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن نه پئي چاهيو ته دشمن سندس جذبن کي وري غلط رنگ ۾ سمجهي. ان کان به وڌيڪ هن ماءُ کي وڌيڪ ڏک سور نه پئي ڏيڻ چاهيا. هن کي اميد هئي ته کيس ڪجهه به نه چوندي، هڪ لفظ به نه، ۽ هوءَ رڳو کيس ماٺ ۾ چنبڙي پئي رهڻ تي ئي بس ڪندي. پر جي ماڻس جي ڏکن کيس ڪجهه چوڻ تي مجبور ڪيو، ته هوءَ ان جي پيروي نه ڪندي. يقيناً ان جي پوئواري کيس مهانگي پوندي. پنهنجي عزم  ۽ ارادي ۾ هوءَ  ڪڏهن به اهڙو اٽل ۽ اڻ ٽر نه ٿي هئي. ساوُ جي منهن ۽ هٿن معرفت سندس مامتا وارو پيار سئو جي سرير ۾ ڊوڙي ويو. ان پيڙا ۽ پورن جي وچ ۾ ماتا ساوُ ڌيءَ کان به وڌيڪ ڇڪتاڻ ۾ هئي. گذريل ستاويهن سالن کان، جڏهن کان هن سئو کي ڄڻيو هو، هن مٿس پيار ۽ قرب جي بارش ڪئي هئي. سندس کير جي ڦڙي ڦڙي ۽ ڪپڙي جي ليڙ ليڙ جو خيال ڪيو هو. انهن لڙڪندڙ ڄنگهن کي هن پهرين وک وجهندي ڏٺو هو. هن انهن لڙڪندڙ وارن کي تڏهن ڦڻي ڏيڻ شروع ڪئي هئي جڏهن هنن اڃا ڦٽڻ ئي مس شروع ڪيو هو. ۽ پوءِ هن جي ڌيءَ جو پهريون توتلو ڳالهائڻ_تڏهن هوءَ سئو ۽ ڪوين جي پيءُ جي مرڻ سبب رنڙ ٿي چڪي هئي. انهن ڏکين سالن ۾ سئو ئي کيس سمجهي سگهي هئي ۽ سندس ساٿي ۽  سهڪاري ٿي رهي هئي. هن جي ڌيءَ کي اهي سک ۽ سهنج نصيب نه ٿي سگهيا هئا جي ٿيڻ گهربا هئا. سئو کي اڪيلي سر ٿئي کي پالڻو ۽ نپائڻو هو، بلڪل ائين جيئن سئو کي پنهنجي ماءُ پاليو هو ۽ هينئر ان کي ڇڏي ڏيڻ، ان کي وڃائڻ، ماتا ساوُڪيئن پئي قبول ڪري سگهي؟

پر ھوءَ اھو ڪجھه نه ڪري سگهي جو ڪجھه ڪرڻ لاءِ دشمن کيس چيو ھو، ان ڳوٺڙي خاطر، ان غارجي خاطر جنھن سندن بچاءَڪيو ھو، ۽ انقلاب خاطر جنھن سان ھن سڀ ويساھ ۽ واسطا وابستا ڪري ڇڏيا ھئا. ڇا اھي سڀ سندس ڌيءَ کان وڌيڪ مقدس نه ھئا؟“

”ڳالھائينس، ڪراڙي! جي پنھنجي ڌيءَ بچائڻ ٿي چاھين ته کيس مڃراءِ! “ ڪمانڊر ، ماتا ساوُ تي دٻاءُ وجھندو رھيو. بي صبري وچان ھو ھڪ ھنڌ نه پئي بيھي سگهيو، پر ائين ھيڏي ھوڏي لڇي پڇي رھيو ھو ڄڻ ڪولين اچي ورايو ھيس.

اوچتو سئو محسوس ڪيو ته ماڻس سندس پير ڇڏي ڏناھئا. ماتاساوُ ڪمانڊر ڏانھن منھن موڙي چڪي ھئي. ۽ سئوماٺ ۾ سندس جواب ٻڌو.”منھنجي ڌيءَ ايتري عمر جي آھي، جو ڪجھه ڪري سو سمجھي سگهي ............. ھوءَ پنھنجي راءِ رکڻ لاءِ آزاد آھي. ھن کي ڪجھه ڪرڻ لاءِ مڃرائڻ جي ڪا ضرورت نه آھي.“

سئو انھن ڳوڙھن کي وڌيڪ  نه روڪي سگهي جن ھاڻي سندس منھن ڌوئي ڇڏيو ھو. ھوءَ رسيءَ جي ڇيڙي ۾ لڇي پڇي ۽ رڙ ڪيائين، ”مون کي ڇوڙيو، جلدي!“

”سو، قبول ڪيئي؟“

”ٺيڪ آ، مون کي کوليو.“

”سٺو ٿيو. اڙي، ھن کي کوليو، ۽ مائڪروفون آڻي ڏيوس.“

سپاھين سئو کي ھيٺ لاٿو، جھڪي، ھن مٽيءَ کي ڇھيو، ھن لاءِ اٿي بيھڻ ڏکيو ھو. ماتا ساوُ آلين اکين سان ٻانھون کولي کيس ڀاڪر ۾ ورتو. جيئن ئي ھن جو پير پٽ تي لڳو ته سئو پنھنجو ڪنڌ ماءُ جي ڪلھن ۾ ھنيون ۽ مٿس لڙڪي پئي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. سڏڪن جي وچ ۾ ھن ماءُ کي ڪن ۾ ڀڻڪيو، ”امان، امان ........ منھنجي صدقي ٿئي جو خيال رکجان .......ٺيڪ آ امان؟“

ڪمانڊر، ماتا ساوُ کي ڌڪي پاسي ڪيو. ”بس ........ گهڻو ٿيو!“ ھن نفسيات کاتي جي سيڪنڊ ليفٽينيٽ  ڏانھن اشارو ڪيو، جو مائڪروفون کنيو تيار بيٺو ھو. ”ڳالھاءِ، سئو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org