سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: دوستي

 

صفحو :5

”بلڪل صحيح“

”۽ ڇا پاڻ وڌيڪ ائين بھ چئون تھ ھر شخص لاءِ، سٺائي ھوبھو ھم مزاج، ۽ برائي خلاف مزاج ھوندي آھي؟ يا وري ائين تھ برو بري جي ھم مزاج، ۽ سٺو سٺي جي ھم مزاج، ساڳئي سڀاءُ وارو ھوندو آھي، ۽ اھو جيڪو نھ سٺو نھ برو آ، اھو ، نھ سٺي نھ بري وانگر؟“

ھو ھن متبادل سان متفق ٿيا.

”“ڇوڪرؤ! پوءِ تھ اسان ساڳيو ان پراڻي، ڇڏي ڏنل غلطي ۾ وري وڃي ڪريا آھيون، ڇو تھ ائين تھ پوءِ بي انصاف جو دوست ھوندو، خراب خراب جو، ۽ اھڙي ريت ئي سٺو بھ سٺي جو؟ - “

”ھا، واقعي اھو تھ ائين ئي ٿي ويو“

”پر وري، جيڪڏھن اسان چئون ٿا تھ ساڳئي سڀاءُ وارو بھ ساڳيو ئي آھي، جيڪو سٺو، تھ پوءِ ان صورت ۾ سٺو ۽ صرف اھو ئي دوست ھوندو سٺي جو.“

”درست“.

”پر اوھان ياد ڪيو تھ اھو ئي اسان جو نقطئھ نظر ھيو، جنھن کي تھ اڳ ۾ ئي اسان پاڻ ئي غلط بھ ثابت ڪري آيا آھيون“

”اسان کي ياد آھي“.

”پوءِ ھاڻي ڇا ڪيون؟ يا بلڪھ ائين چئجي تھ ڪرڻ لاءِ اڃا ڪجھھ رھيو بھ آھي ڇا؟ ھينئر تھ مان رڳو بحث کي بس سھيڙي ئي سگھان ٿو، انھن ڏانھن شخص جيان، جيڪي عدالتن ۾ دليل ڏيندا آھن، جيڪڏھن نھ ئي معشوق نھ ئي عاشق، نھ ھڪ جھڙو، نھ مختلف، نھ ئي سٺو، نھ ئي ساڳئي سڀاءُ جھڙو، نھ ئي انھن منجھان ڪو ٻيو، جن جي باري ۾ اسان ڳالھايو آھي. ڇاڪاڻ تھ انھن جو انگ ايڏو ھيو جو ھينئر مون کي سڀ ياد نھ ٿا اچن – جيڪڏھن آخرڪار انھن مان ڪير بھ ھڪٻئي جا دوست نھ ئي اھن تھ پوءِ مان نھ ٿو ڄاڻان تھ ڳالھائڻ لاءِ باقي ڇا ٿو بچي.“

ان مھل ئي مان ڪنھن وڏڙي شخص کان رايو وٺڻ وارو ھيس تھ اوچتو لائسس ۽ مينيڪسينس جا سنڀاليندڙ خانگي استاد اچي نڪتا ۽ اسان جي گفتگو جو سلسلو ٽوڙي وڌائون. ھو اسان تي سندن ڀائرن سان گڏ، ڀيانڪ ڀوتن وانگي اچي ڪڙڪيا، ۽ ھنن کي گھر وڃڻ جو حڪم ڏنائون، جو ڪافي دير ٿي وئي ھئي. پھريائين تھ اسان ۽ ڀرسان بيٺلن، کين تڙي ڪڍيو پر ھنن ڄڻ ان کي ليکيو ئي نھ ۽ جھنگلي لھجي ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، مڇرجي پيا ۽ ڇوڪرن کي بيٺا سڏيندا رھيا. اسان کي ائين لڳو ڄڻ ھرمياجي جشن جي موقعي سبب ھنن جھجھوو پيتو ھجي، سو کين ضابطي ۾ رکڻ ڏکيو ٿي پيو – نيٺ اسان ئي کڻي ڳالھھ کي ڇڏيو ۽ چؤنڪڙي کي ڊاھيو.

مون، موڪلائڻ مھل، بھرحال، ڇوڪرن کي ٻھ ٽي اکر چياءُ ”مينيڪسينس ۽ لائسس، اھا ڪيڏي نھ کل جھڙي ڳالھھ چئبي جو اوھان بھ نينگر ۽ مان ھڪ ڪراڙو نينگر، جيڪو دل چئي ٿي جيڪو اوھان ٻنھي مان، ھڪڙو ھجان ھا، ھڪٻئي جي دوست ھجڻ جو تصور ڪيون – ھي ڀرسان بيٺل ويٺل ھمراھھ جڏھن اٿي ويندا تھ وڃي ائين ئي چوندا – پر پوءِ بھ پاڻ آخر تائين اھو نھ ئي ڳولي سگھياسين تھ دوست چئبو ڪنھن کي آ!“.

 

ڪريٽو _(Crito) ”قانون“

 

مڪالمي جا ڪردار:

سقراط

ڪريٽو، سندس دوست

 

جڳھھ:

اھا جيل جي ڪال ڪوٺڙي، جتي سقراط قيد آھي.

تعارف:

مقدمي جي فيصلي کان پوءِ جي قيد واري ھڪڙي مھيني دوران، سقراط سان ھيءَ گفتگو بنديخاني ۾ ٿي ھئي، ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد، سقراط وٽ سندس پراڻو سنگتي، ڪريٽو، ھن لاءِ فرار جي ھڪ رٿ کڻي پھچي ٿو ۽ ھن کي ٻڌائي ٿو تھ سندس دوستن ان مقصد لاءِ ڏوڪڙ ڪٺا ڪيا آھن. قيد خاني جي عملدارن سان ساز باز ڪئي اٿائون ۽ پناھھ جي لاءِ ٿيسالي جي شھري رياست ۾ سنگتين ۽ بااثر شخصيتن سان رابطا بھ رکجي ويا آھن. ڪريٽو جو خيال ۽ سقراط سان اصرار اھو آھي تھ، اٿينس جي عدالت پاران موت جي سزا کي قبوليندي، ھو ڄڻ پنھنجن دوستن، ڪٽنب ۽ خود پاڻ سان زيادتي ڪري رھيو آھي.

سقراط ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ھن جو دليل اھو آھي تھ موت جي سزا کان ڊڄي فرار ٿيڻ، عام جنتا جي راءِ کان ڊڄي اڻ مڃڻ برابر ٿيندو. جڏھن تھ ھن سموري حياتيءَ ۾ سچائيءَ جي مقابلي ۾ ٻيءَ ڪنھن بھ ڳالھھ جي پرواھھ نھ ڪئي آھي ۽ اھو تھ فرار ٿيڻ ھن جي گذريل زندگيءَ جي اصولن جي ابتڙ ٿيندو ۽ پڻ مقدمي دوران ڏنل سندس ان بيان جو پاکنڊ ٿيندو تھ ھو جلاوطنيءَ تي موت کي ترجيح ڏيندو.

جيتوڻيڪ ھو رياست سان سھمت نھ رھيو ھو ۽ ان جو نقاد ھيو، پوءِ بھ ھو پاڻ کي قانون ۽ پنھنجي ضمير آڏو جوابدار سمجھي ٿو. مقدمو ڪوڙو ۽ الزام ھٿ ٺوڪيا ٿي سگھيا پئي، پر سزا، سندس پنھنجي وطن جي عدالت پاران ئي ڏني وئي ھئي ۽ سقراط ان کي قبولڻ پنھنجو فرض سمجھي ٿو.

اٿينس جي قانون کي ھڪ فرضي شخص بڻائي، ان سان خيالي گفتگو ڪري، سقراط اھو سمجھاڻي ٿو تھ ھو آخر قانون جو نافرمان ڇو نھ ٿو ٿئي، جنھن ڀلي ھن سان زيادتي ۽ زورآوري ڪئي ھجي، پر ان ئي کيس پاليو، تاتيو ۽ نپائي وڏو بھ تھ ڪيو آھي.

قانون، جنھن جو آواز سندس ڪنن ۾، ” صوفيءَ جي ڪنن ۾ ڪنھن بانسري جي آواز “ جيان وڄي رھيو آھي، سقراط جي اطاعت ڪرڻ ئي پنھنجي لاءِ کليل، واحد دڳ سمجھي ٿو.

سقراط:          ھن مھل ڪيئن اچي نڪتو آھين ڪريٽو؟ ايڏو ساجھر سويرو؟

ڪريٽو:          ھائو، واقعي.

سقراط:          ھينئر ٺيڪ ٺاڪ وقت ڇا ٿيو ھوندو؟

ڪريٽو:          باخ ڦٽي رھي آھي.

سقراط:          مون کي حيرت آ تھ ھن مھل قيد خاني جي محافظ توکي اندر اچڻ ڏنو ڪيئن؟

ڪريٽو:          سقراط، جيئن تھ مان ايندڙ ويندڙ آھيان، ان ڪري ھو مون کي سڃاڻي؛ ٻي ڳالھھ تھ ھن تي ھڪ مھرباني بھ ڪئي اٿم.

سقراط:          ڀلا تون ھينئر ئي پڳو آھين؟

ڪريٽو:          نھ، مون کي اتي ڳوپل وقت ٿيو آھي.

سقراط:          تھ پوءِ مون کي ان مھل ئي جاڳائڻ بجاءِ ٿون چپ ڪري ڇو ويٺين؟

ڪريٽو:          سقراط، اوھان جنھن آفت ۽ مصيبت ۾ مبتلا آھيو، مان تھ اھڙي صورتحال ۾ گرفتار رھڻ بلڪل بھ پسند نھ ڪريان ھا- سچ پڇو تھ بلڪل بھ نھ. اصل ۾ مان جڏھن ھتي پھتس تھ توھان ڏاڍي پرسڪون ۽ گھري ننڊ ۾ ھئا ۽ مان عجب وچان نھاريندو ئي رھجي ويس. ۽ اوھان کي ان سبب ڪري ئي نھ جاڳايم تھ جيڪي گھڙيون توھان ستل رھندا، گھٽ ۾ گھٽ اوستائين تھ اھنج ۽ آزار ۾ گھٽتائي رھندي. ھونئن تھ مون کي اصلؤن خبر آھي تھ اوھان خوش طبع ۽ کلي دل جا مالڪ آھيو. پر پوءِ بھ جنھن سڪون ۽ خاطري سان ھن آفت ۽ مصيبت کي سھي رھيا اھيو، ان جو  مظاھرو مان ڪڏھن بھ ۽ ڪٿي بھ ڪونھ ڏٺو آھي.

سقراط:          آخر ڇو ڪريٽو؟ جڏھن ڪو شخص منھنجي عمر کي پھچي وڃي تھ پوءِ ان کي موت جي اچڻ تي ملول ۽ دلگير نھ ٿيڻ گھرجي.

ڪريٽو:          پر سقراط، اوھان جي عمر جا ٻيا ماڻھو جڏھن ان قسم جي بدقسمتي سان منھن سامھون ٿيندا آھن تھ انھن جي عمر تھ کين غمگين ۽ دلگير ٿيڻ کان روڪي نھ سگھندي آھي.

سقراط:          ھا، ائين تھ آھي- پر ڪريٽو، تون اھو تھ مون کي ٻڌايو ئي نھ تھ ايڏو  سوير فجر سان ڇو آيو آھين؟

ڪريٽو:          سقراط، مان ھڪ اھڙي خبر آندي آ جيڪا پڪ سان اوھان لاءِ ڏکوئيندڙ نھ ھجي پر اوھان جي مڙني دوستن لاءِ ۽ خاص ڪري منھنجي لاءِ انتھائي اداس ڪندڙ ۽ جھوريندڙ  آھي.

سقراط:          ڇا ڊيلاس کان اھو ٻيڙو اچي ويو آھي جنھن جي امد تي مان مرڻو آھيان؟

ڪريٽو:          نھ، ٻيڙو اڃا  تھ نھ پھتو آھي پر شايد اڄ ئي وڃي.

ڇو تھ سونيم کام پھچندڙ ماڻھن جو چوڻ آھي تھ انھن ٻيڙي کي اتي آيل ڏٺو آھي. تنھنڪري سقراط، سڀاڻي اوھان جي زندگيءَ جو آخري ڏھاڙو ھوندو.

سقراط:          جي ٺيڪ آھي ڪريٽو؛ جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي آھي تھ پوءِ مان بھ راضي آھيان. پر مون کي يقين آھي تھ ھڪ اڌ ڏھاڙي جي دير تھ ٿي ويندي.

ڪريٽو:          اھا ڪيئن؟

سقراط:          ٻڌايانءِ ٿو. مون کي ٻيڙي جي اچڻ کان ٻئي ڏينھن تي مرڻو آھي نھ؟

ڪريٽو:          ھائو، اختياري وارا تھ ائين ئي ٿا چون.

سقراط:          پر منھنجو خيال آھي تھ ٻيڙو ھتي سڀاڻي تائين ڪونھ پھچندو.

اھو تعبير مان ھڪ خواب مان ڪڍيو آھي، جيڪو مان رات ڏٺو. بلڪ گھڙيون اڳ ۾ جڏھن خوشقسمتيءَ سان تون مون کي جاڳايو ڪونھ پر ستل ئي رھڻ ڏنئي.

ڪريٽو:          ڀلا خواب ڪھڙو ھيو، ڪيئن ھيو؟

سقراط:          مون ڪجھھ ھيئن ئي ڏٺو تھ ھڪ عورت آھي، بيحد خوبصورت ۽ من مھڻي. کيس چمڪيلو لباس پھريل آھي، ان مون کي سڏيو ۽ چيو: ”اي سقراط! اڄ کان ٽئين تي تون ڦٿيا جي زرخير زمين ڏانھن روانو ٿي ويندين.“

ڪريٽو:          ڪيڏو نھ نرالو خواب ، سقراط؟

سقراط:          پر مان سمجھان ٿو تھ ان جو مفجوم چٽو بيٺ آھي.

ڪريٽو:          ھائو، مفھوم تھ بلڪل چٽو آھي. پر آه! منھنجا محبوب، سقراط، مان توھان کي ھڪ ڀيرو  وري وينتي ٿو ڪيان تھ منھنجي صلاح وٺو ۽ ھتان ڀڄي نڪرو. ڇو تھ جيڪڏھن توھان جو موت ٿئي ٿو تھ مان صرف ھڪ اھڙي بيمثال دوست کان محروم ٿي ويندس. جنھ جو خال ڪڏھن بھ نھ ڀرجي سگھندو، پر ھڪ ٻي خرابي پڻ ٿيندي، جيڪي ماڻھو اوھان جي ۽ منھنجي طبعيت کان واقف نھ آھن اھي ئي يقين ڪري ويھندا تھ جيڪڏھن مان رقم خرچ ڪرڻ تي راضي نھ ھجان ھان تھ توھان کي بچائي سگھيس پئي؛ پر اھو تھ مان ڪا پرواه ڪانھ ڪئي. ھاڻي ڇا ان کان وڌيڪ بھ بدتر ذلت ئي سگھي ٿي تھ منھنجي متعلق ائين سوچيو وڃي تھ مان ھڪ دوست جي زندگيءَ کان وڌيڪ، دولت جو قدر ڪيان ٿو. ڇو تھ ان ڳالھھ کي گھڻا ماڻھو نھ مڃيندا تھ مان چاھيو پئي تھ توھان فرار ٿيو، پر اوھان خود انڪار ڪري ڇڏيو.

سقراط:          پر ڇو منھنجا پيارا ڪريٽو، اسان گھڻن ماڻھن جي راءِ جي پرواه ئي ڇو ڪيون؟ سٺا ماڻھو ۽ صرف انھن سٺن شخصن جي راءِ ئي قابل لحاظ ھوندي آھي، اھي تھ ھنن واقعن کي ايئن ئي سمجھندا، جيئين اھي ٿيا آھن.

ڪريٽو:          ور سقراط، توھان تھ ڄاڻو ئي ٿا تھ اڪثريت جي راءِ جو لحاظ تھ ضرور ڪرڻو ئي پوندو آھي. ڇو تھ ھي جيڪي ڪجھھ ٿي رھيو آھي، ان مان ثابت ٿي وڃي ٿو تھ جيڪو شخص عام جي خوشنودي وڃائي ويھي، ان سان جو عظيم ترين برو سلوڪ ڪري سگھن ٿا.

سقراطي ڪريتو منھنجي خواھش آھي جيڪر ائين ھجي، ڇو تھ اھي جيڪڏھن ڪنھن سان بدترين برائي ڪري سگھن، ڇو تھ اھي ڪنھن بھ سخص کي نھ تھ عاقل بڻائي سگھن ٿا ۽ نھ ئي احمق، باقي ھو جييڪو ڪجھھ ڪن ٿا، اھو بس اتفاق جو نتيجو آھي.

ڪريٽو:          خير، مان توھان سان تڪرار تھ ڪو نھ ٿو ڪيان، پر سقراط، مھرباني ڪري اھو ٻڌايو تھ ڇا ان عمل کان انڪار، ان سبب ڪري تھ ڪو نھ ٿا ڪيو تھ توھان کي منھنجو ۽ ٻين دوستن جو خيال ٿو ٿئي، ڪٿي ان ڳالھھ کان ڊنل تھ نھ آھيو تھ جيڪڏھن اوٿان قيدخاني کان فرار ٿيا تھ توھان کي ڀڄائي وڃڻ جو راز کلي پوڻ تي اسان ڏچي ۾ اچي وينداسين، ۽ يا تھ اسان جي سموري مال ملڪيت يا ان جو گھڻو حصو ضبط ڪيو ويندو، يا ويندي ان کان وڌيڪ بدتر ڪنھن صورتحال ۾ اڙجي وڃون؟ ھاڻي جيڪڏھن اوھان اسان جي خاطر خوف ۾ آھيو تھ پوءِ بي فڪر ٿي رھو، ان ڪري جو اھو اسان جو فرض آھي تھ توھان کي بچائڻ خاطر اسان ان قسم جو يا اڃان ان کان وڌيڪ ڪو خطرو کڻون، بس ڳالھھ مڃو ۽ جيئن مان چوان ٿو ائين ڪيو.

سقراط:          ھائو، ڪريٽو، جيڪو تون بيان ڪرين پيو، اھو انھن مان ھڪڙو خوف ضرور آھي، پر بنھھ آخري نھ آھي.

ڪريٽو:          ڪوئي بھ ڊپ نھ ڪيو – اھڙا ماڻھو آھن جيڪي معاوضي تي توھان کي قيدخاني کان ٻاھر ٿيڻ تي راضي آھن. باقي ھو جيڪو ڪجھھ ڪن ٿا، اھو بس اتفاق جو نتيجو آھي.

ڪريٽو:          خير، مان توھان سان تڪرار تھ ڪو نھ ٿو ڪيان، پر سقراط، مھرباني ڪري اھو ٻڌايو تھ ڇا ان عمل کان انڪار، ان سبب ڪري تھ ڪو نھ ٿا ڪيو تھ توھان کي منھنجو ۽ ٻين دوستن جو خيال ٿو ٿئي، ڪٿي ان ڳالھھ کان ڊنل تھ نھ آھيو تھ جيڪڏھن اوھان قيدخاني کان فرار ٿي اھت توھان کي ڀڄائي وڃڻ جو راز کلي پوڻ تي اسان ڏچي ۾ اچي وينداسين، ۽ يا تھ اسان جي سموري مال ملڪيت يا ان جو گھڻو حصو ضبط ڪيو ويندو، يا ويندي ان کان وڌيڪ بدتر ڪنھن صورتحال ۾ اڙجي وڃون؟ ھاڻي جيڪڏھن اوھان اسان جي خاطر خوف ۾ آھيو تھ پوءِ بي فڪر ٿي رھو، ان ڪري جو اھو اسان جو فرض آھي تھ توھان کي بچائڻ خاطر اسان ان قسم جو يا اڃا ان کان وڌيڪ ڪو خطرو کڻون، بس ڳالھھ مڃو ۽ جيئن مان چوان ٿو ائين ڪيو.

سقراط:          ھائو، ڪريٽوءَ جيڪو تون بيان ڪرين پيو، اھو انھن مان ھڪڙو خوف ضرور آھي، پر بنھھ آخري نھ آھي.

ڪريٽو:          ڪوئي بھ ڊپ نھ ڪيو – اھڙا ماڻھو آھن جيڪي معاوضي تي توھان کي قيدخاني کان ٻاھر ٿيڻ تي راضي آھن. باقي جيتري قدر مخبرن جو معاملو آھي تھ انھن لاءِ ايڏي وڏي روڪڙ جي گھرج ڪو نھ پوندي – ٿورن ڏوڪڙن ۾ ئي ھنن جي تسلي ٿي ويندي، منھنجا وسيلا، جيڪي يقينا وسيع آھن، سي سڀ اوھان  لاءِ وقف آھن. پر جيڪڏھن منھنجي سموري رقم خرچ ٿيڻ تي جھجھڪ ٿا محسوس ڪيو تھ يقين ڪيو ڪجھھ ٻيا بھ اھڙآ ماڻھو آھن جيڪي اوھان جي خاطر پنھنجي پونجي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آھن ۽ ٿيبيز جو رھاڪو سيمياس تھ انھي مقصد لاءِ ھڪ وڏي رقم ساڻ کڻي بھ آيو آھي. اھڙي طرح سيبيز ۽ ٻيا کوڙ ماڻھو آھن جيڪي توھان جي فرار ۾ مدد لاءِ پئسا خرچ ڪرڻ تي تيار آھن. بس مان تھ چوان ٿو تھ اسان جي پاران ڪنھن بھ قسم جي ٻڏتر ۾ نھ پئو ۽ نھ ئي ائين چئو، جيئن اوھان عدالت ۾ چيو ھو تھ ڪنھن ٻئي ھنڌ بھ اوھان کي اھا ئي ڏکيائي پيش ايندي تھ اتي ڪيئن زندگي گذاريندؤ؟ ڇو تھ توھان جي چاھڻ وارا رڳو اٿينس ۾ ئي نھ آھن، پر اوھان جتي بھ پھچندا، اتي محبت ڪرڻ وارا موجود ھوندا. جيڪڏھن انھن وٽ وڃڻ چاھيو تھ ٿيسالي ۾ منھنجا ڪجھھ دوست آھن جيڪي توھان جو قدر ۽ حفاظت ڪندا ۽ اتي جو ڪو بھ رھواسي اوھان کي ڪا تڪليف ڪو نھ ڏيندو ۽ سقراط مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ پنھنجي زندگي سان ائين بيوفائي ڪندي ڪو توھان حق بجانب آھيو، ڇو تھ اوھان کي بچائي تھ سگھجي ٿو ۽ ھھڙو عدل ڪندي تھ توھان پنھنجي دشمنن جي ھٿن ۾ کيڏي رھيا آھيو، جيڪي جلدي کان جلدي توھان کي تباھھ ڪرڻ تي تيار بيٺا آھن. مان تھ اڃا تائين بھ چوندس تھ توھان پنھنجن ٻارڙن سان بھ بيوفائي ڪري رھيا آھيو، کانئن منھن موڙ: کين ڇڏي وڃي رھيا آھيو. جڏھن تھ جيئرا رھي ڪري اوھان انھن جي بھتر طرقي سان تعليم، تربيت ۽ پرورش ڪري سگھو ٿا. عام طور تي يتيم ٻار جيئن ويچارا بڻجي ويندا آھن، جيڪڏھن ھو مشڪل سان ائين ٿيڻ کان بچي بھ ويا تھ ان ۾ اوھان جي ڪا بس خسيس خدمت ئي شامل ھوندي. ڪنھن اھڙي شخص کي ٻارن جو پيءُ نھ بڻجڻ گھرجي جيڪو سندن نيپاج ۽ تعليم لاءِ آخري دم تائين لڳو رھڻ تي راضي ئي نھ ھجي. لڳي ٿو تھ اوھان بھتر ۽ مردانگي وارو نھ پر آسان طريقو اختيار ڪري رھيا آھيو. جڏھن تھ توھان جھڙي شخص کي ويتر وڌيڪ ادناز سان بھتري ۽ مردانگي وارو دڳ وٺڻ گھرجي. ڇو تھ اوھان پنھنجي سمورن عملن ۾ نيڪي ۽ سچ کي اوليت ڏيڻ جا دعويدار جو آھيو. ۽ سچ پچ تھ مان نھ صرف توھان کان شرمسار ٿيان ٿو، پر پنھنجا جيڪي بھ دوست آھن انھن کان بھ، جنھن مھل مون کي اھا سوچ اچي ورائي ٿي تھ ھن سي معاملي کي، پورو جو پورو، اسان جي جرئت جي ڪمي سان منسوب ڪيو ويندو. پھريائين تھ مقدمي داخل ٿيڻ جي نوبت بنھھ نھ اچڻ گھرجي ھا، يا جيڪڏھن مقدمو ھليو بھ تھ ان جي پيروي مختلف انداز سان ٿي سگھي پئي ۽ ھي آخري عمل، ھيءَ سڀ کان وڏي ناداني، اسان جي ڀاڙيائپ ۽ لاپرواھي ليکجڻ ۾ ايندي، جو جيڪڏھن اسان ۾ ڪا ٿوم ھجي ھا تھ توھان کي بچائي وجھون ھا. ۽ اوھان خود بھ نھ پاڻ کي بچائي سگھيا پئي، ڇو تھ ائين ڪرڻ ۾ ڪا بھ ڏکيائي ڪو نھ ھئي. سقراط، ڏسو تھ، اسان لاءِ ۽ خود اوھان لاءِ ان جا نتيجا ڪيڏا نھ نراسائي ۽ وسوائي جا آھن. بس پنھنجي ذھن کي تيار ڪري وٺو، بلڪھ اڳ ۾ ئي تيار ٿيل سمجھو. ڇو تھ سوچ ويچار جو وقت گذري چڪو ۽ ھينئر رڳو ھڪڙو ئي ڪم ڪرڻو آھي، جيڪو ضروري آھي تھ اڄوڪي رات ئي ڪيو وڃي، ان ۾ جيڪڏھن دير ٿي وئي تھ پوءِ وري ڪڏھن بھ ائين ڪرڻ قابل عمل يا ممڪن نھ رھندو، سقراط! مان منٿ ٿو ڪيانو تھ منھنجي ڳالھھ مڃو ۽ جيئن چوان ٿو ائين ئي ڪيو.

سقراط:          پيارا ڪريٽو! تنھنجي ھيءَ سرگرمي ۽ اتساھھ نھايت مانائتو آھي، جيڪڏھن درست آھي، پر جيڪڏھن غلط آھي تھ سمجھھ تھ سرگرمي ۽ اتساھھ جيترو وڌيڪ ھوندو آھي. اوترو ئي خطرناڪ ھوندو آھي. تنھنڪري پاڻ کي ويچارڻ اھو کپي تھ مون کي تنھنجي چوڻ مطابق عدل ڪرڻ گھرجي يا نھ، ڇو تھ مان ھينئر بھ ۽ ھميشھ کان اھڙ: مزاج جي ماڻھن منجھان ھڪڙو رھيو آھيان، جيڪي عقل ۽ دليل تحت زندگي گذاريندا آھن، پوءِ دليل ڪھڙو بھ ھجي، پر جيڪو سوچ ۽ ويچار کان پوءِ ئي مون کي بھتر لڳي ۽ ھينئر جڏھن ھي موقعو اچي نڪتو آھي تھ پوءِ مان پنھنجي اصولن تان ھٿ کڻي نھ ٿو سگھان، جن اصولن کي مان ھن مھل تائين مان، مرتبو ۽ مڃتا ڏني آھي، انھن جي مان اڄ بھ عزت ڪيان ٿو ۽ ھن گھڙيءَ جيڪڏھن پاڻ انھن کان بھتر ۽ بالاتر اصول ڳولي نھ ٿا ڪڍون تھ پوءِ مان توسان فرار ٿيڻ جي معاملي ۾ بلڪل اتفاق نھ ڪندس. نھ، ان ھوندي بھ نھ، جو ڪثرت جي قوت مون کي وڌيڪ قيد ۾ بند، جائداد جي ضبطي ۽ موت سان ڊيڄاري، جيئن ٻارڙن کي ڀوتن جي ڀيانڪ تصور سان ڊيڄاريو آھي، سو ھن معاملي تي بھتر طريقي سان ڪيئن سوچيون؟ اچ تھ ڀلا تنھنجي ان پراڻي دليل ڏانھن موٽون تھ ماڻھو ڇا چوندا؟ اسان ائين ئي پئي چيوسين تھ ڪجھھ ماڻھن جي راءِ قابل لحاظ ھوندي آھي ۽ باقي ٻين جي نھ، ڇا مون کي سزا ملڻ کان اڳ تائين پنھنجي اھا دعويٰ درست ھئي؟ ۽ اھو دليل جنھن کي پاڻ پھرائين بھتر ۽ درست سمجھندا رھيا آھيون. ڇا ھينئر اھو بس بحث براءِ بحث بڻجي چڪو – صرف ڪا ٻاراڻي بي معنيٰ ڳالھھ؟ ڪريٽو! مان ان معاملي تي تنھنجي تعاون ۽ مدد سان غور ڪرڻ گھران ٿو، - تھ ڇا منھنجي ھن موجوده صورتحال ۾ اسان جو اھو دليل پنھنجو وزن وڃائي ويٺو آھي يا نھ، ڇا ھينئر مون کي ان دليل کي تسليم ڪرڻ گھرجي يا نھ؟ جيئن مان چئي رھيو ھيس، منھنجو يقين آھي تھ ڪيترائي مستند راءِ رکندڙ شخص بھ ان دليل کي مڃن ٿا تھ ڪجھھ ماڻھن جي راءِ جو لحاظ رکڻ گھرجي ۽ ڪجھھ ماڻھن جي راءِ جو لحاظ نھ رکڻ گھرجي. ڪريٽو، ھاڻي سڀاڻي تون تھ ڪو نھ ٿو مرين – گھٽ ۾ گھٽ اھڙو ڪو بھ امڪان ڪونھي - ۽ انھيءَ ڪري تون نھ رڳو معاملي کان بي تعلق، پر پنھنجي چوڌاري موجود حالتن کان ڌوڪي کائڻ کان بھ بلڪل محفوظ آھين، سو ٻڌاءِ تھ ڇا مان ائين چوڻ ۾ درست آھيان تھ ڪجھھ رايا ۽ اھي بھ رڳو ڪجھھ شخصن جا رايا تھ قابل قدر ھوندا آحڻ“ ڦڙ ٻيا رايا ۽ ٻين شصن جا رايا قابل قدر تھ ھوندا آھن منھنجو سوال ھي آھي تھ ڇا مان ائين سمجھڻ ۾ حق تي آھيان؟

ڪريٽو:          يقينا.

سقراط:          سٺا رايا قابل لحاظ ھوندا آھن ۽ بُرا نھ؟

ڪريٽو:          ھائو.

سقراط:          ۽ دانائن جا رايا سٺا ۽ نادانن جا رايا بُرا ھوندا آھن؟

ڪريٽو:          بلڪل.

سقراط:          ۽ ھن ٻئي معاملي جي باري ۾ ڇا چئبو؟ ڇا جمناسٽڪ جي رانديگر کي ھر شخص جي تعريف، مذمت ۽ راءِ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، يا صرف ھڪ ئي شخص يعني پنھنجي تربيت واري استاد جي راءِ کي اھميت ڏيڻ گھرجي؟

ڪريٽو:          رڳو ان ھڪ شخص جي راءِ کي.

سقراط:          ۽ ھن کي گھڻن جي بجاءِ رڳو انھيءَ ھڪ شص جي نندا کان ڊڄڻ ۽ واکاڻ کان خوش ٿيڻ گھرجي؟

ڪريٽو:          ظاھر آ.

سقراط:          ۽ ٻين سمورن ماڻھن جي گڏيل راين جي مقابلي ۾ ھن کي پنھنجي کائڻ پيئڻ، سکيا ۽ عمل ۾ اھڙي طريقي سان ھلڻ گھرجي، جيڪو ان ھڪڙي استاد کي بھتر لڳي، جنھن کي ڄاڻ آھي؟

ڪريٽو : صحيح آ.

سقراط: ۽ جيڪڏھن ھو انھن گھڻن ماڻھن جي راءِ جو تھ خيال ڪري، جن کي ڪا ڄاڻ ڪونھي. پر ان ھڪ شص جي راءِ جو لحاظ نھ ڪري ۽ نافرماني ڪري تھ ڇا  ھو برائي جو شڪار نھ ٿي ويندو؟

ڪريٽو : بلڪل ٿيندو.

سقراط: ۽ اھا برائي ڀلا ڪھڙي ھوندي؟ ۽ نافرماني ڪرڻ واري شخص تي ڪھڙو اثر ڏيکاريندي؟

ڪريٽو: ڳالھھ صاف پئي آھي، ان بُرائي سان ھن جي جسماني صلاحيتن جو نقصان ٿيندو.

سقراط: تمام سٺو، ۽ ڪريٽو، ڇا جمناسٽڪ کان سواءِ ٻين معاملن ۾ بھ اھا ڳالھھ درست نھ آھي، جن کي الڳ الڳ بيان ڪرڻ جي ضرورت ناھي؟ پنھنجي موجوده گفتگو جي موضوعن يعني انصاف ۽ ناانصافي، جائز ۽ ناجائز، سٺائي ۽ برائي جي باري ۾ ڇا اسان کي گھڻائي جي راءِ مطابق عمل ڪرڻ گھرجي ۽ انھن کان ڊڄڻ گھرجي، يا ان ھڪ شخص جي راءِ کان جنھن کي سمجھھ ۽ ڄاڻ آھي؟ ڇا اان کي ان ھڪ شص جو باقي ساري دنيا جي مقابلي ۾ وڌيڪ مڃتا ۽ احترام ڪرڻ ۽ ھن کان ڊڄڻ تھ گھرجي ۽ جيڪڏھن اسان کانئس منھن موڙيون تھ ڇا اسان پنھنجي ذات جي ان اصول کي مجروح ۽ تباھھ نھ ڪري رھيا ھونداسين جيڪو اصول انصاف سان بھتر ۽ ناانصافيءَ سان بگڙجي ويندو آھي – ڇا اھرو اصول ھوندو آ؟

ڪريٽو:          يقينا ھوندو آھي.

سقراط: ان جھڙو ئي ھڪ ٻيو مثال وٺ: جيڪڏھن اھڙن جي صلاح تي عمل ڪندي، جن کي ڪا ڄاڻ ڪو نھ ھوندي آھي، اسان ان کي تباھ ڪندا آھيون، جيڪو صحت سان بھتر ۽ بيماريءَ سان بگڙندو آھي تھ ڇا اھڙي صورت ۾ زندگي گذارڻ جي قابل رھندي؟ ۽ اھو جيڪو تباھھ ٿيو سو اسان جو جسم ئي ٿيو – ائين؟

ڪريٽو: ھائو.

سقراط: ۽ ڇا اسان ھڪ بُري، بگڙيل ۽ تباھھ ٿيل جسم سان زندگي گذاري سگھو ٿا؟

ڪريٽو: يقينا نھ،

سقراط: ۽ جيڪڏھن اسان جي ذات جو اھو اعليٰ اصول تباھھ ٿي وڃي جيڪو انصاف سان سڌرندو ۽ ناانصافي سان بگڙي ويندو آھي تھ پوءِ مون کي ٻڌاءِ تھ ڇا ان صورت ۾ زندگي گذارڻ جي قابل ھوندي؟ ڇا اسان کي پنھنجي ذات جي ان اصول کي جسم کان نيچ سمجھڻ گھرجي، جنھن جي نوعيت خواھ ڇا بھ ھجي، پر جيڪو انصاف ۽ ناانصافي کان متاثر ٿيندو آھي؟

ڪريٽو: بلڪل بھ نيچ نھ سمجھڻ کپي.

سقراط: بلڪھ جسم کان وڌيڪ اعليٰ ۽ معتبر؟

ڪريٽو: گھڻو گھڻو معتبر.

سقراط: تھ پوءِ منھنجا دوست! اسان کي ان ڳالھھ جي پرواھھ بلڪل نھ ھجڻ گھرجي تھ گھڻا ماڻھو ڇا چوندا، بلڪھ اسان کي پرواھھ تھ ان ھڪڙي شخص جي ڪرڻ کپي، جيڪو انصاف ۽ ناانصافي جي باري ۾ حقيقي ڄاڻ رکي ٿو، تھ اھو شخص ڇا چوندو يا سچائي ڇا چوندي؟ تنھنڪري تون غلطي ڪرڻ لڳين ٿو، جنھن گھڙيءَ اھو مشورو ڏئين ٿو تھ اسان کي انصاف ۽ ناانصافي، سٺي ۽ بري يا معتبر ۽ غير معتبر جي باري ۾ گھڻائي جي راءِ جو لحاظ رکڻ گھرجي – ممڪن آھي تھ ڪوئي شخص ھينئن چئي وجھي، ”اھو تھ ٺيڪ آ، پر گھڻا ماڻھو اسان کي موت تائين نھ پھچائي سگھن ٿا؟“

ڪريٽو: ھائو سقراط، ڪو ائين بھ چئي سگھي ٿو.

سقراط: ۽ اھو سچ بھ آھي، پر عجب آھي جو پوءِ بھ پنھنجي ان پراڻي دليل کي مان لوڏو ايندي نھ ٿو ڏسان ۽ مان ڄاڻڻ چاھيندس تھ ھڪ ٻئ مسئلي لاءِ بھ ڇا مون کي ائين چوڻ گھجري – تھ رڳو زندگيءَ جو نھ، پر ھڪ سٺي زندگيءَ جو ئي قدر ڪرڻ ۽ اھميت ڏيڻ گھرجي.

ڪريٽو: ھائو ان ڳالھھ ک يبھ لوڏو ئي ڪونھي.

سقراط: ۽ اھا بھ پڪي ڳالھھ نھ سٺي زندگي ھڪ منصفاڻي ۽ معتبر زندگي ھوندي آھي؟

ڪريٽو: ھائو ائين ئي آھي.

سقراط: ھاني انھن مٿين معلوم ٿيل نقطن کي نظر ۾ رکندي، مان سوال کي، دليل سان اڳتي وٺي ھلان ٿو تھ ڇا مون کي اٿينس وارن جي رضامندي کان سواءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي يا نھ ڪرڻ گھرجي؟ سو جيڪڏھن منھنجو فرار ٿيڻ بلڪل واجب ۽ درست ثابت نڪتو تھ پوءِ مان اھا ڪوشش ڪندس، پر جيڪڏھن نتيجو اھو نڪري ٿو تھ اھو عمل واجبي نھ آھي تھ پوءِ مان اھڙي ڪوشش کان پري ٿي رھندس. باقي جيتري قدر تنھنجي بيان ڪيل ٻين ڳالھين مثلا رقم ۽ شھرت جي نقصان ۽ پنھنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي فرض جو تعلق آھي، انھن ڳالھين جو خيال عام کي ئي ھوندو آھي، جن جو حال وري اھو آھي تھ بغير ڪنھن معقول جواز جي ڪنھن شخص کي موت تائين پھچائڻ لاءِ تيار آھن، ۽ ايترو ئي تيار ڪنھن مئل کي وري جيئرو ڪرڻ لاءِ بھ آھن، جيڪڏھن اھو سندن وس ۾ ھجي. بھرحال ھينئر بحث ۽ ويچار بس انھيءَ سوال تي ٿيڻ گھرجي تھ ڇا اسان فرار ٿيڻ يا ٻين کي پنھنجي فرار ۾ مدد ڏيڻ تي راضي ڪرڻ ۽ بدلي ۾ کين معاوضي ۾ رقم ادا ڪرڻ ۽ ٿورو مڃڻ جي ان سڄي عمل ۾ حق بجانب آھيون؟ يا حقيقت ھيءَ آھي تھ حق بجانب نھ آھيون. ھاڻي جيڪڏھن پوئين ڳالھھ درست آھي تھ پوءِ منھنجي ھتي رھڻ سان ڀلي مون کي موت جو يا ڪنھن ٻي مصيبت جو شڪار ڇو نھ ٿيڻو پوي، مون کي انھن ڳالھين کي ليکي ۾ آڻڻ يا خوف کائڻ نھ گھرجي.

ڪريٽو: سقراط، منھنجو خيال آھي تھ توھان ٺيڪ پيا چئو. پوءِ ھاڻي ڳالھھ کي اڳتي ڪيئن وڌائجي؟

سقراط: اچ تھ انھيءَ مسئلي تي گڏجي ويچار ٿا ڪريون، ۽ جيڪڏھن منھنجي ڳالھھ کي غلط ثابت ڪري سگھين تھ ضرور ڪجان، ۽ مان تنھنجي ڳالھھ قبول ڪري وٺندس ۽ منھنجا عزيز دوست، جيڪڏھن عاملو ان جي ابتڙ ٿيو تھ پوءِ قرب ڪري اھو اصرار ڇڏي ڏجان تھ مون کي اٿينس وارن جي خواھشن جي برخلاف فرار ٿي وڃڻ گھرجي، مون کي پنھنجي فرار تي راضي ڪرڻ لاءِ تون جيڪي ڪوششون ڪري رھيو آھين، جيتوڻيڪ مان انھن جو ڏاڍو قدر ڪيان ٿو، پر جنھن راءِ کي مان پاڻ درست ۽ بھتر سمجھان، ان جي ابتڙ عمل تي مون کي مائل نھ ٿو ڪري سگھجي. ھاڻي مھرباني ڪري منھنجي ڳالھھ ڪن ڏئي ٻڌ ۽ ان جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪجان.

ڪريتو: مان ڪوشش ڪندس.

سقراط: اسان منڍ کان وٺي اھو ئي چوندا رھيا آھيون ۽ ان تي متفق بھ رھيا آھيون تھ اسان کي ڄاڻي ٻجھي ڪڏھن بھ ڪو بھ غلط ڪم نھ ڪرڻ گھرجي. ۽ اھو تھ غلط ڪم ڪرڻ ھر صورت ۾ ھيمشح حڪ ٻڙ: ۽ غير مانائتي ڳالھھ آھن. ھاڻي ڇا پاڻ ائين چونداسين تھ ڪنھن ھڪڙي خاص حوالي ۽ حساب سان تھ غلط ڪم مباھھ  آھن، پر ڪنھن ٻي نسبت سان نھ ٿا ڪري سگھجن. ڇا ائين چئي اسان پنھنجين انھن سمورين قبليتن تان ھٿ کڻي وڃون، جيڪي ڪجھھ ڏينھن اڳ تائين پاڻ ئي قبوليندا رھيا آھيون؟ ڇا پنھنجي پيرسني ۾ پھچي ڪري بھ آخر ان نتيجي تي پھچون تھ پنھنجي ڳالھھ تي پختو بيھڻ ۾ اسان ٻارڙن کان بھ چٽ آھيون؟ يا وري راءِ عامھ جي بھتر يا بدتر نتيجن جي پرواھھ نھ ڪندي، اسان کي ان ئي سچائي تي اصرار ڪندو رھڻ گھرجي جيڪا پاڻ پھريائين کان چوندا رھيا آھيون تھ جيڪو شخص غير منصفاڻو عمل ڪري ٿو تھ اھڙو عمل ھميشھ ھڪ برائي ۽ بي عزتي جي ڳالھھ آھي. ڇا اسان کي ائين ئي چوڻ گھرجي يا نھ؟

ڪريٽو: ھائو، ائين ئي چوڻ گھرجي.

سقراط: تھ پوءِ اسان کي ڪوئي غلط ڪم نھ ڪرڻ گھرجي؟

ڪريٽو: يقينا نھ ڪرڻ گھرجي.

سقراط: نھ ئي ڪوئي ايذائي تھ موت ۾ ايذايون، جيئن عام ماڻھن جي سوچ ۽ طريقو ھوندو آھي، ڇو تھ اصول تھ اھو آھي تھ اسان کي ڪنھن بھ شخص کي ايذائڻو نھ آھي ئي نھ؟

ڪريٽو: ظاھر آ نھ.

سقراط: ٻيھر ٻڌاءِ ڪريٽو، ڇا اسان کي ڪنھن سان برائي ڪرڻ گھرجي؟

ڪريٽو: يقينا نھ، سقراط.

سقراط: ۽ جيئن عام ماڻھن جو طريقو آھي تھ اھي برائي جو جواب ۾ برائي ڪندا آھن – تھ ڇا اھو واجبي آھي؟

ڪريٽو: بلڪل واجبي نھ آھي.

سقراط: ڇو تھ ڪنھن شخص سان برو سلوڪ ڪرڻ، ان کي ايذائڻ جي برابر آھي؟

ڪريٽو: بلڪل سچ.

سقراط: تھ پوءِ اسان کي ڪنھن شخص جي ھٿان ڀلي ڪھڙو ئي برو سلوڪ برداشت ڪرڻو پوي، اسان کي ڪڏھن بھ وير وٺڻ يا ان جي برائي جي بدلي ۾ برائي نھ ڪرڻ گھرجي. پر ڪريٽو، ڌيان ڪجانءِ تھ تون جيڪو ڪجھھ چئي رھيو آھين ڇا واقعي سوچي سمجھي چئي رھيو آھين؟ ڇو تھ اھا راءِ چڱي خاصي تعداد جي ماڻھن، نھ پھريائين ڪڏھن قبولي آھي ۽ نھ ئي قبوليندا ۽ اھي جيڪي ان نقطي تي متفق آھن ۽ جيڪي نھ آھن، تن وٽ ڪو گڏيل بنياد ڪونھي ۽ بس ھڪٻئي کان نفرت ڪن ٿا. جڏھن اھو ڏسن ٿا تھ ھو ڪيڏو نھ وڏو اختلاف رکن ٿا. سو مون کي سوچي ٻڌاءِ تھ، ڇا تون ان پھرين اصول سان اتفاق ڪري قبول ڪرين پيو تھ ايذائڻ، وير وٺڻ ۽ برائي کان بچڻ لاءِ برائي ڪرڻ، ڪڏھن بھ درست نھ ھوندو آھي؟ ڇا اسان جي بحث جو بنياد اھو ئي ھوندو؟ يا تون ان کان انڪار ڪرين ٿو ۽ اختلاف رکين ٿو؟ ڇو تھ منھنجي راءِ تھ سدائين اھا رھي آھي ۽ اڃا بھ اھا آھي، پر جيڪڏھن تنھنجي راءِ ٻي آھي تھ مون کي ضرور ٻڌاءِ تھ تون ڇا ٿو چوين، بھرحال جيڪڏھن تون بھ پنھنجي پھرين راءِ تي بيٺو آھين تھ پوءِ مان ڳالھھ کي اڳتي وڌايان.

ڪريٽو: توھان ڳالھھ کي اڳتي وڌايو، ڇو تھ مان پنھنجي راءِ تبديل نھ ڪئي آھي.

سقراط: منھنجي ڳالھھ جو ايندڙ نقطو سوال جي انداز ۾ آھ، ڇا ھڪ شخص کي اھو ئي ڪجھھ ڪرڻ گھرجي جنھن کي ھو درست سمجھي ٿو يا ھو درست ڳالھھ سان دغا ڪري؟

ڪريٽو: ھن کي اھو ڪجھھ ڪرڻ گھرجي جنھن کي ھو درست سمجھي.

سقراط: پر جيڪڏھن اھا ڳالھھ صحيح آھي تھ پوءِ ان کي عمل ۾ ڪيئن آڻجي؟ اٿينس وارن جي رضامندي جي خلاف، قيدخاني کان فرار ٿيندي، ڇا مان انھن سان زيادتي نھ ٿو ڪيان، جن سان مون کي بلڪلبھ زيادتي نھ ڪرڻ کپي؟ ائين ڪري ڇا مان انھن اصولن جي ڀڃڪڙي نھ ڪري رھيو ھوندس جن کي اسان درست ۽ منصفاڻو قبوليو ھو؟ - پا ڇيو چوين؟

ڪريٽو: سقراط، مان نھ ٿو ٻڌائي سگھان، ڇو تھ مان ان باري ۾ نھ ٿو ڄاڻان.

سقراط: تھ پوءِ معاملي تي ھن انداز سان ويچار ڪر، تصور ڪر تھ مان ھتان ڀڄي نڪرڻ وارو ئي آھيان (باقي توکي جيئن وڻي، ان عمل کي ائين چئي سگھين ٿو) تھ قانون، رياست ۽ حڪومت اچي پھچن ٿا ۽ مون کان سوال پڇن ٿا. ھو چون ٿا، ”سقراط، اسان کي نھ ٻڌاءِ تون ھي ڇا ڪري رھيو آھين؟ ڇا تون پنھنجي عمل سان، اسان کي – يعني قانونن ۽ سڄي رياست کي جنھن حد تائين تنھنجي اندر ۾ انھن جو احترام آھي، انھن کيتباھھ ۽ برباد نھ ڪري رھوي آھين؟ جيڪھن ڪنھن رياست ۾ قانون جي فيصلي کي بالادستي حاصل نھ ھجي ۽ فردن پاران انھن کي رد ڪري ۽ نھ قبوليو وڃي ۽ ٻيون ھيٺان لتاڙيو وڃي تھ تصور ڪر تھ اھڙي ڪا رياست، شڪست ۽ برباديءَ کان بچي سگھندي؟“ ڪريٽو، ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ تھ انھن لفظن جو ۽ ان جھڙن ٻين جملن جو اسان وٽ ڪھڙو جواب ھوندو؟ ڪو بھ شخص ۽ خاص ڪري ھڪ ماھر مقرر، قانون پاران گھڻو چئي سگھي ٿو تھ سزا تي عمل ضرور ٿيندو آھي. ھو دليل ڏيندو تھ ان اصول ۽ قانون کي ٿڏي ھنھ ڇڏڻ کپي. ڇا پوءِ اسان کيس ھيئن جواب ڏينداسين، ”ھائو اھا ڳالھھ ٺيڪ بھ آھي، پر رياست بھ نھ اسان سان زيادتي ڪئي آھي ۽ ناحق جي سا ڏني آھي.“ فرض ڪر تھ مان ائين چوان ٿو؟

ڪريٽو: ھائو فرض ڪريو سقراط، تھ اسان ائين ئي چئون تھ پوءِ؟

سقراط: نھ ان صورت ۾ پوءِ قانون جواب ھوندو، ”ڇا تنھنجي اسان جي وچ ۾ اھڙو ٺاھھ ھيو ڇا تھ توکي سا نھ ڏني ويندي. يا اھو تھ توکي رياست طرفان مليل سا جو پابند رھڻو ھيو؟“ ۽ جيڪڏھن انھن لفظن کي ٻڌي حيرت وچان منھنجيون ايون کليل ئي رھجي وڃن تھ اھو ڏسي ڪري شايد قانون ھينئن چوي، ”جواب ڏي سقراط، اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسڻ بدران – ھونئن تھ توکي سوالن پڇڻ ۽ جواب ڏيڻ جي عادت آھي – ٻڌاءِ تھ توکي اسان کان اھڙ: ڪھڙي شڪايت آھي جيڪا اسان کي ۽ رياست کي تباھھ ڪرڻ جي تنھنجي ڪوشش کي حق بجانب بڻائي سگھي ٿي؟ پھرين ڳالھھ تھ ڇا تنھنجي وجود جو سبب اسان ئي نھ بڻيا ھئاسين؟ تنھنجي پيءُ اسان جي ئي مدد سان تنھنجي ماءُ سان شادي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ئي توکي ڄڻيو. چئ ڇا توکي ڪوئي اعتراض آھي جو انھن قانونن جي خلاف ھشڪارين ٿو، جيڪي شاديءَ جو انتظام ڪن ٿا؟“ ظاھر آ منھنجو اھو ئي جواب ھوندو تھ مون کي ڪوئي اعتراض ڪونھي، تنھن تي قانون وري ٻيو سوال ڪندا، ”ڀلا انھن قانونن جي خلا ڪوئي اعتراض اٿئي جيڪي پيدائش کان ٻارن جي نيپاج ۽ تعليم جي معاملن کي مرتب ڪن ٿا. انھن جي ھيٺ ٿي تنھنجي تعليم ۽ تربيت بھ ٿي ھئي – اھي قانون تنھنجي پيءُ کي موسيقي ۽ جمناسٽڪ ۾ تنھنجي تربيت ۽ سکيا ڪرڻ لاءِ ذميوار بناڻ ۾ حق بجانب نھ ھوندائ“ مون کي ان سوال جي جواب ۾ بھ ھاڪار ئي ڪرڻ گھرجي. وري ھو چوندا، ”ھا، تھ پوءِ جڏھن ھن دنيا ۾ تنھنجي پيدائش، تنھنجي پرورش ۽ تنھنجي تعليم بھ اسان جي وسيلي ٿي تھ پھرين ڳالھھ تھ ڇا تون ان کان انڪار ڪري سگھين ٿو تھ تون اسان جو اولاد ۽ غلام آھين، جھڙي ريت توکان پھريان تنھنجا ابا ڏاڏا ھئا؟ ۽ جيڪڏھن اسنا جي ھيءَ ڳالھھ صحيح آھي تھ پوءِ اسان سان تنھنجو ناتو برابري وارو نھ ٿيو. نھ ئي تون ائين سوچ تھ جھڙو سلوڪ اسان توسان پيا ڪيون، توکي بھ ڪو اسان ان ائين ڪرڻ جو حق حاصل آھي. جيڪڏھن تنھنجو پيءُ، يا وري جي تون غلام ھجين ھا ۽ تنھنجو مالڪ، جيڪڏھن توکي ماڪرٽ ڪري ھا، گھٽ وڌ ڳالھائي ھا يا ٻيو ڪوئي برو سلوڪ ڪري ھا، گھٽ وڌ ڳالھائي ھا يا ٻيو ڪوئي برو سلوڪ ڪري ھا تھ ڇا توکي جواب ۾ پنھنجي پيءُ يا مالڪ کي مارڪٽ ڪرڻ، گھٽ وڌ ڳالھائڻ يا ٻيو ڪو برو سلوڪ ڪرڻ جو حق ھجي ھا؟

-                   نھ، تون ائين بلڪل بھ نھ سوچيندين ۽ ھاڻي جيئن تھ اسان ان ڳالھھ کي درست سمجھون ٿا تھ توکي ختم ڪيو وڃي تھ ڇا تنھنجي خيال ۾ توکي بھ اھو حق حاصل آھي تھ موٽ ۾ تون بھ اسان کي ۽ رياست کي تباھ ڪرين؟ تون جيڪو پاڻ حقيقي نيڪي ۽ سچ جو پارکو بڻجين ٿو، ڇا اھو سمجھين ٿو تھ ائين ڪرڻ ۾ حق بجانب آھين؟ ڇا ت ڄحرو فلسفي ان ڳالھھ کي سمجھڻ ۾ ناڪام رھيو تھ اسان جي رياست. اسان جي والدين ۽ ابن ڏاڏن کان وڌيڪ قابل قدر، اعليٰ تر ۽ پاڪ پوتر آھي، ۽ عقل ۽ فھم وارن انسان جي نگاھن ۾ وڌيڪ قابل لحاظ آھي؟ ۽ اسان جي والدين کان وڌيڪ، رياست ان جي حقدار آھي تھ ان جي حڪمن جي پوئواري ڪئي وڃي ۽ جڏھن اھا ڪنھن ڳالھھ تان ڪاوڙيل ھجي تھ ان کي پرچائڻ ۽ ريجھائڻ گھرجي ۽ ان سان انڪساري ۽ احترام سان پيش اچي، ان کي سمجھائڻ ۽ قائل ڪرڻ گھرجي، پر جيڪڏھن اھا نھ مڃي تھ پوءِ ان جي سامھون سر جھڪائي ڇڏڻ گھرجي. پوءِ جيڪڏھن اھا اسان کي سزا ڏئي، قيد جي يا ڪوڙن جي، بھرڪيف اسان کي اھا سزا خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻي آھي ۽ جيڪڏھن رياست جنگ جي ميدان ۾ اسان کان زخمي ٿيڻ يا موت کي ڳلي لڳائڻ جي گھر بھ ڪري تھ اتي بھ اسان کي اھا درست پيروي ڪرڻ گھرجي، ۽ نھ ئي ڪنھن کي ھٿيار ڦٽ اڪرڻ گھرجن يا پٺتي موٽ کائڻ ۽ پنھنجو مورچو ڇڏڻ گھرجي. پر ڀلي تھ ڪوئي جنگ جي ميدان ۾ ھجي يا ڪنھن قانوني عدالت ۾. يا ڪنھن بھ ٻي جاءِ تي، پر ھن کي ڪرڻ اھو ئي گھرجي جنھن جو حڪم پنھنجو شھر ۽ پنھنجي رياست کيس ڏئي، يا تھ کيس انھن جو نقطئھ نظر ضرور تبديل ڪرڻ گھرجي تھ سچ ۽ انصا ڇا آھي، ۽ جھڙي ريت ھو پنھنجي ماءُ يا پيءُ سان ڪائي گستاخي يا زيادتي نھ ٿو ڪري سگھي تھ وڌيڪ لازم آھي تھ ھو پنھنجي رياست سان بھ زيادتي نھ ڪري.“ ڪريٽو، ٻڌاءِ تھ اسان انھن ڳالھين جو ڪھڙو جواب ڏينداسين، ڇا قانون پنھنجي حق ۾ اھو سڀ ڪجھھ جو چون پيا – سچ بھ چون پيا يا نھ؟

ڪريٽو: منھنجي خيال ۾ اھي سچ ئي چون پيا.

سقراط: پوءِ وري قانون ھيئن چوندا، ”ويچار ڪر سقراط، جيڪڏھن اسان سچ ئي چئي رھيا آھيون، تھ پوءِ، پنھنجي فرار جي موجوده ڪوشش ڪندي تون اسان کي ڇيھو رسائين ٿو، ڇو تھ اسان ئي توکي دنيا ۾ آندو، توکي پاليو تاتيو، تنھنجي تعليم ۽ تربيت ڪئي ۽ ھر ان سٺائي منجھان جيڪا اسان توھان کي پيش ڪري پئي گھياسين، توکي ۽ اٿينس جي ھر شھري کي حصو ڏنو نھ رڳو اھو پر ان کان بھ وڌيڪ اسان ھر شھري کي اھا آزادي ڏيندي، وڏي واڪي چئون ٿا تھ ھو عاقل بالغ ٿي جڏھن رياست جي طور طريقن کي ڀلي ڀت پروڙي وٺي ۽ اسان قانونن کان بھ ٺيڪ طرح واقف ٿي وڃي تھ پوءِ پنھنجي مال ملڪيت سان کڻي، جيڏانھن دل ڪڍيس، وڃي سگھي ٿ. اسان قانونن منجھان ڪو بھ ھن کي ائين ڪرڻ کان منع نھ ڪندو ، نھ ئي ان ڪوش ۾ رنڊڪ وجھندو. ڪھڙو بھ شخص، جيڪو اسان کي ۽ رياست کي پسند نھ ٿو ڪري ۽ جيڪو ڪنھن نوآبادي يا ڪنھن ٻئي شھر ۾ لڏي وڃڻ گھري تھ پنھنجي مال متاع سوڌو، جيڏانھن چاھي وڃي سگھي ٿو. پر اھو شخص جيڪو ان انداز کان بخوبي واقف آھي، جنھن سان اسان رياست جي انتظام ۽ انصاف جي معاملن کي نبيريون ٿا ۽ پوءِ بھ ھو ھتي قيام ڪري ٿو تھ پنھنجي ان عمل سان ھو ڄڻ ان عھدنامي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو تھ ھو، اھو ڪجھھ ئي ڪندو جنھن جو حڪم اسان کيس ڏينداسين ۽ اسان ھينئن سمجھون ٿا تھ جيڪو شخص اسان جو حڪم نھ ٿو مڃي، اھو ٽن حوالن سان غلط آھي. پھريون تھ اسان سندس والدين مثل آھيون ۽ اسن جو نافرمان ٿي، ھو ڄڻ والدين جي نافرماني ڪري رھيو آھي، ٻيو تھ اسان تي ھن جي تعليم ۽ تربيت جو سبب بڻبا آھيون، ٽيون تھ ھن اسان سان ھڪ عھدنامو ڪري ڇڏيو آھي تھ ھو اسان جي حڪمن کي ٺيڪ ٺيڪ مڃيندو ۽ ھينئر ھو نھ تھ اسان جي حڪمن کي مڃي ٿو ۽ نھ ئي اسان کي قائل ڪري ٿو تھ اسان جا حڪم غير منصفاڻا آھن. اھا ڳالھھ ڪونھي تھ ڪو اسان ھن تي زوريءَ حڪم مڙھيون ٿا ۽ ھن کي ڪو دڳ ئي نھ ٿا ڏيون. پر اسان تھ کيس متبادل ڏيون ٿا تھ ھو اسان کي مڃي يا وري اسان کي مڃائي – اسان اھو ڪجھھ آڇيون ٿا ۽ ھو ڪجھھ بھ نھ.

”سقراط، ھاڻي جيڪڏھن تون پنھنجي فرار واري رٿ تي عمل ڪرين ٿو، تھ اٿينس جي ٻين شھرين جي بنسبت، تنھنجي مٿان تھ خاص طور تي ان قسم جا الزام اچي ويندا.“

فرض ڪر ڪريٽو تھ مان ائين چوان تھ ٻين سڀني ماڻھن جي نسبت ۾ خاص طور مون تي اھي الام ڇو؟ تھ ھو بجا طور موٽ ۾ اھو جواب ڏيندا تھ ٻين مانھن جي نسبت ۾ مان خاص طور تي ان معاھدي کي تسليم ڪيو آھي. ھو چوندا، ”سقراط، ان ڳالھھ جو واضح ثبوت موجود آھي تھ رياست يا اسان تنھنجي لاءِ ناپسنديده تھ ھياسين، اٿينس جي ڀني رھواسين منجھان تون ئي وڌيڪ مستقل طور ھن شھر ۾ رھيو آھين، جنھن کي تون ھرگز نھ ٿو ڇڏين، ان جي معنيٰ تھ ان سان پيار ڪرين ٿو. رياست لاءِ فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي حالي سان ٻاھر وڃڻ کان سواءِ، تون باقي پوري عمر ۾ ڪيڏانھن بھ ڪو نھ  وئين سواءِ ھڪ ڀيري جي، جڏھن تون اسٿمس جي جڳھھ تي راندين جا مقابلا ڏسڻ ويو ھئين. تون ٻين ماڻھن وانگر ڪي سير سفر بھ ڪو نھ ڪيا. نھ ئي توکي ڪڏھن ٻين رياستن يا انھن جي قانونن ڄاڻڻ جي خواھش ۽ ھرکر ٿي، تنھنجون الفتون ۽ محبتون اسان کان ۽ اسان جي رياست کان پار ۽ پري وڃي ٿي نھ سگھيون، اسان تي تنھنجا خاص منظور نظر رھياسين ۽ تون پاڻ کي اسان جي حڪمراني ۾ رضامند رکيو. ۽ ھتي ھن ئي شھر ۾ تون بار ڄڻيا، جيڪي اسان کان تنھنجي تسليءَ جو ھڪ ثبوت آھن.

ان کان سواءِ، مقدمي دوران، جيڪڏھن تون چاھين ھا تھ پنھنجي لاءِ جلاوطنيءَ جي سزا تجويز ڪري پيو سگھين، اھا ئي رياست جيڪا ھينئر اھو نھ ٿي چاھي تھ تون فرار ٿيءُ، تنھن وقت توکي رضا خوشيءَ سان وڃڻ بھ ڏئي ھا. مقدمي جي دوران تھ تون اھو ظاھر ڪيو ھو تھ تون جلاوطني تي، موت کي ترجيح ڏيئن ٿو ۽ اھو تھ تون مرڻ کان ناخوش نھ ھئين.

پر ھينئر تون انھن سمورن نفيس جذبن کي وساري چڪو آھين ۽ اسان يعني قانونن کي ڪا عزت ۽ احترام نھ ٿو ڏئين، بلڪھ اسان کي تباھھ ڪري رھيو آھين. اسان سان ھڪ شھري جي ناني جيڪي معاھدا ۽ ميثاق تون ڪيا ھئا، انھن کي پٺي ڏيئي ۽ قرار اختيار ڪري تون ائين ڪري رھيو آھين جيئن ھڪ آزاد شھري نھ، پر ڪو نيچ ۽ قابل رحم غلام ئي جيڪر ڪري . ۽ سڀ کان پھريائين تھ تون ھن سوال جو جواب ڏي، ڇا اان اھو چوڻ ۾ درست آھيون تھ تون قول ۾ ئي نھ پر عمل ۾ بھ اسان جي حڪمراني کي قبول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ھو؟ ڇا اھا ڳالھھ صحيح آھي يا نھ؟“ ڪريٽو، اسان ان جو جواب ڪيئن ڏينداسين؟ ڇا پاڻ کي مڃڻو نھ پوندو؟

ڪريٽو: ھا سقراط، ٻيو اسان جي وس بھ ناھي.

سقراط: پوءِ اھي ھينئن تھ چوندا، ”سقراط تون انھن معاھدن ۽ ميثاقن کي ٽوڙي رھيو آھين جيڪي آرام سان، سوچي سمجھي، پنھنجي فرصت جي وقت تون اسان سان ڪيا ھئا، نھ ئي تڙ تڪڙ ۾، يا ڪنھن دٻاءَ ھيٺ يا ڌوڪي ۾ اچي ڪري، پر انھن تي ويچارڻ لاءِ توکي زندگيءَ جا ستر سال ملي چڪا ھئا، جيڪڏھن اسان تنھنجي ذھن کي پسند نھ ھئاسين يا اسان جا عھدناما توکي غير منصفاڻا محسوس پئي ٿي اتھ ان عرصي ۾ تون شھر ڇڏي وڃڻ لاءِ آزاد ھئين، جن ، ٻن رياستن جي، سٺي حڪومت سبب تون اڪثر تعريف پئي ڪئي آھي يعني ليڪيڊيمن ۽ ڪريٽ، تون انھن مان ڪنھن ڏانھن بھ ھليو وڃين ھا، يا ڪنھن ٻي خالص يوناني يا ڌاري رياست ڏانھن، جڏھن تھ تون باقي مڙني اٿينس واسين جي نسبت ۾ پنھنجي رياست جو ايترو مداح ڏسڻ ۾ پئي آئين، يا ٻين لفظن ۾ اسان جو يعني رياستي قانونن جو ايترو مداح ھئين ۽ ڀلا اھڙي، رياست جي ڪير پرواھھ ڪندو جنھن ۾ ڪي قانون ئي نھ ھجن. جو تون ڪڏھن ان کان ٻاھر نڪتين ئي نھ، انڌا، ٽنڊا، منڊا ۽ معذور ماڻھو بھ ھن رياست ۾ ائين ٺڪاڻو ڪري، ايترو ڪو نھ ٽڪيا جيترو تون ٽڪيو آھين، پر ھينئر تون فرار ٿي رھيو آھين ۽ پنھنجن وعدن کي وساري رھيو آھين، نھ سقراط، ائين نھ ڪيو، اسان جي صلاح مڃو ۽ شھر کان فرار اختيار ڪري، پاڻ تي ماڻھو نھ کلايو.

”ڇو تھ ڪجھھ ويچار تھ جيڪڏھن مون جدون ۽ حڪم اورانگھين ٿو ۽ ائين غلطي ٿو ڪرين تھ خود پنھنجي لاءِ يا پنھنجن دوستن لاءِ ڀلا ڪھڙي چڱائي ڪندين؟ اھا پڪ سمجھھ تھ تنھنجا دوست جلاوطن ڪيا ويندا، انھن جي شھريت ختم ڪئي يوندي يا وري انھن جي جائداد ضبط ڪئي ويندي ۽ جيستائين تنھنجو تعلق آھي تھ جيڪڏھن تون پاڙيسري رياستن مان ڪنھن ھڪ مثلا ٿيبيزيا ميگارا ۾ ھليو وئين جتي سٺيون حڪومتون آھن تھ سقراط، تون انھن جي نظر ۾ ھڪ دشمن ليکبين ۽ اتان جي حڪومت تنھنجي برخلاف ٿي بيھندي، ۽ اتان جا سمورا محب وطن شھري توکي بري نظر سان ڏسندا تھ ھي ھڪ قانون شڪن شخص آھي، ۽ وري ھتي اٿينس جي ججن جي ذھن ۾، انھن پاران مليل پنھنجي سزا جي درستگي جي ڄڻ توثيق ڪري ڇڏيندين، ان ڪري جو جيڪو قانون جو نوڙيندڙ ۽ بگاڙيندڙ ھوندو آھي تھ امڪان اھو ئي ھوندو آھي نھ ھو نوجوانن ۽ وڏي عمر جي ڪن گھٽ عقل وارن انسانن کي بگاڙيندو آھي ۽ اھڙي ريت توکي پنھنجي باقي عمر، بھتر طور منظم شھرن ۽ سٺن انسانن کان ڏور گذارڻو پوندو. ڇا انھيءَ انداز سان زندھ رھڻ قبول ٿئي؟ سقراط، ڇا تون شرم ۽ ندامت کان سواءِ اوڏانھن وڃي سگھين ٿو ۽ انھن سان ڳالھيون ڪري سگھين ٿو؟ ۽ آخر تون انھن کي چوندين بھ ڇا؟ ڇا تون اتي بھ ائين چئي سگھندين جيئن ھتي چوندو رھدو رھيو آھين تھ نيڪي، انصاف، آدارا ۽ قانون بھترين شيون ھونديون آھن؟ ۽ ائين چوڻ پوءِ توکي سونھيندو بھ سھي؟ يقنيا نھ، پر فرض ڪر تھ تون سٺين حڪومتن وارين رياستن بجاءِ، ٿيسالي ڏانھن، ڪريٽو جي دوستن وٽ وڃين پھچين ٿو، جتي وڏي افراتفري ۽ ھر قسم جي بي مھار آزادي آھي تھ اتي ماڻھو، تنھنجو قيدخاني کان فرار جو داستان وڏي تجسس ۽ شوق سان ٻڌندا ۽ جڏھن ھو ان ۾ اھي گل جھڙا تفصيل ٻڌندا تھ تون ڪيئن ٻڪريءَ جي کل پائي يا ڪوئي ٻيو ويس ڍڪي، پنھنجي شڪل مٽائڻ کان پوءِ، ڀاڄوڪڙن وانگي قيد خاني کان ڀڄي نرڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين، تھ ھنن کي تھ ڏندين آڱريون اچي وينديون. پر ڪوئي ھڪڙو شخص تھ ضرور اھڙو بھ ھوندو جيڪو توکي ھينئن چئي وجھي تھ ھن پيرسنيءَ ۾ بس ٿورڙي ئي وڌيڪ زندگي گذارڻ جي ڪيڏي نھ قابل رحم خواھش ۾ تون پنھنجي رياست جي مقدس قانونن جي جيڪا خلاف ورزي ڪئي! تنھن تي توکي لڄ نھ آئي؟ شايد نھ ..... جيڪڏھن تون کين خوش رکيو تھ ھو اھڙي ڳالھھ توکي نھ چوندا. پر جيڪڏھن ھو ڪڏھن بھ، ڪنھن ڳالھھ تي توکان ارھا ٿيا تھ توکي انھن جي واتان اھا ڳالھھ يا اھڙيون ئي ٻيون ڪيتريون بي عزتيءَ جون ڳالھيون ٻڌڻيون پونديون. تون زندھ تھ رھندين تھ پر ڪھڙي ريت؟ سڀني ماڻھن جو خوشامدڙيو ٿي ۽ سڀني جو نوڪر بڻجي ۽ ٻيو ڇا ڇا تھ ڪندين؟ - تھ جيئن ٿيسالي ۾ رھي بھ سگھين ۽ ٻن ويلن جو ٽڪر بھ نصيب ٿيئي، ۽ پوءِ انصاف ۽ گڻن بابت تنھنجن نفيس ۽ اعليٰ ويچارن جو حشر ڇا ٿيندو؟ جيڪڏھن تون ھينئن چوين تھ پنھنجي ٻارن جي خاطر زندھ رھڻ چاھين ٿو تھ جيئن تون سندن تعليم، تربيت ۽ پالنا ڪري سگھين – تھ ڇا تون انھن کي پاڻ سان گڏ ٿيسالي وٺي ويندين ۽ ائين کين اٿينس جي شھريت کان محروم ڪندين؟ اھو فائدو آ تو وٽ ھنن کي بخشڻ لاءِ؟ يا تنھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھھ آھي تھ اھي رھندا تھ ھتي اٿينس ۾ ئي، پر انھن جي بھتر سار سنڀال ۽ تعليم تربيت تڏھن ئي ٿيندي، جو تون زندھ ھجين، پوءِ ڀلي انھن جي نظرن کان ڏور ئي سھي، ڇو تھ تنھنجا دوست انھن جو خيال رکندا؟ ڇا تنھنجو اھو خيال آ تھ جيڪڏھن تون ٿيسالي ۾ رھندين تھ ھو تنھنجي ٻارڙن جو خيال رکندا، پر جيڪڏھن تون ٻئي جھان ھليو وئين تھ پوءِ ھ تنھنجي ٻارڙن جو خيال ڪو نھ رکندا؟ نھ، ائين نھ آھي – ڇو تھ ھو ھمراھھ جيڪي پاڻ کي تنھنجو دوست چون ٿا، جيڪڏھن واقعي تنھنجا دوست آھن تھ ھو رکندا – يقينا ھو انھن جو خيال رکندا.

”پوءِ سقرا! اسان جي ئي ٻڏڌ جن توکي نپائي وڏو ڪيو آھي. تون پنھنجي زندگي ۽ ٻارن کي، انصاف تي ترجيح نھ ڏي. پر انصاف کي ئي اوليت ڏي. تھ جيئن ٻئي جھان جي شھزادن جي سامھون تنھنجي حيثيت صاف صاف، بي عيب ۽ حق، بجانب ھجي. ڇو تھ جيڪڏھن تون ڪريٽو جي چوڻ تي عمل ڪرين ٿو تھ نھ تون ۽ نھ ئي توسان تعلق رکڻ وارو ڪو ٻيو، نھ ھن زندگيءَ ۾ ۽ نھ ئي ھن زندگيءَ ۾، خوش، پاڪ پوتر ۽ انصاف پسند رھي سگھي ٿو. پر ھينئر قانون کي قبول ڪندي ۽ موت کي ڀليڪار چوندي تون ڄڻ ھڪ اھڙي، بي گناھھ معصوم جي حيثيت سان، ھن دنيا کان روانو ٿئين ٿو، جنھن خود ڀوڳيو ۽ ڪنھن انسان سان ڪا بھ بُرائي ڪو نھ ڪئي ۽ قانون جي نھ پر انسانن جي برائي جو بَک بنجي ويو. پر جيڪڏھن ان جي ابتڙ تون بُرائي جي جواب ۾ بُرائي ڪندي ۽ زيادتي جي بدلي ۾ زيادتي ڪندي، اسان سان ڪيل اقرارن ۽ عھدنامن کي ٽوڙيندي ۽ انھن کي نقصان پھچايندي، روانو ٿئين ٿو، جن کي تنھنجي ھٿارؤن ڪو نقصان نھ پھچڻ گھرجي، يعني خود پاڻ کي، پنھنجي دوستن کي، پنھنجي ديس کي ۽ اسان قانونن کي، تھ پوءِ اسان توکان ايستائين ڪاوڙيل رھنداسين، جيستائين تون جيئرو ھوندين ۽ جڏھن تون موت کان پوءِ ٻئي جھان ۾، پھچندين تھ اسان جا ڀائر يعني اتان جا قانون بھ توکي ھڪ دشمن سمجھي ملندا، ڇو تھ انھن کي اھو معلوم ھوندو تھ تون ھن دنيا ۾ اسان کي تباھھ ڪرڻ لاءِ پنھنجي وسئون ڪو نھ گھٽايو. سو ھاڻي، تون ڪريٽو جي نھ، پر اسان جي ڳالھھ مڃ.“

منھنجا پيارا ڪريٽو! ھي آھي اھو آواز جنھن کي مان پنھنجي ڪنن ۾ گونجندو ٻڌان ٿو، جيئن ڪنھن صوفيءَ جي ڪنن ۾ بانسريءَ جو آواز ايندو آھي. اھو آواز پنھنجي ڪنن ۾ واڄٽ ڪندو رھي ٿو ۽ ڪجھھ بھ ٻيو ٻڌڻ کان روڪي رکي ٿو ۽ مون کي، معلوم آھي تھ تون جيڪڏھن وڌيڪ ڪا ڳالھھ چوندين بھ تھ ان جو ڪوئي اثر نھ ٿيندو. تنھن ھوندي بھ جيڪڏھن توکي اڃان ڪجھ چوڻو آھي تھ بيشڪ چئي ڏي.

ڪريٽو: سقراط، مون کي ٻيو ڪجھھ ڇو ٿو ڪونھي.

سقراط: تھ ڇوءِ ڪريٽو، خدا جي رضا جو پورائو ۽ پيروي ڪرڻ لاءِ ۽ ان يج اڳاوڻي ۾ ھلڻ لاءِ مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏي .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org