سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :7

سلامان جو هڪ جيڏن سان چوگان راند کيڏڻ ۽ کانئن بازي کٽڻ[1]

صبح جو جڏهن هن نيريءَ چادر جو بادشاهه پنهنجو گهورو افق جي ميدان ۾ هڪليندو هو، تڏهن سلامان نيم مستي ۽ نيم خوابيءَ جي حالت ۾ رقاب ۾ پير وجهي، گهوڙي سوار ٿي ميدان طرف ويندو هو. بادشاهي ٻار، جي ننڍا نوجوان ۽ تازا تڪڙا هئا ۽ جن مان هرهڪ سهڻن ۽ حسن وارن جو سردار هو ۽ حسن ۽ خوبيءَ سبب ملڪ ۽ بادشاهيءَ لاءِ هڪڙو فتنو هو، تن سان لڪڻ (Bandy-stick) هٿ ۾ کڻي ميدان ۾ ايندو هو. ان وقت سونهري کينوڙي کي وچ ۾ اڇلايو ويندو هو ۽ شهسوارن مان هرهڪ ان کي لڪڻ هڻندو ۽ راند کيڏڻ جي پٺيان لڳي ويندو هو ۽ ان وقت اهو نظارو ائين نظر ايندو هو ڄڻڪ پوري ۽ مڪمل چنڊ جي چوڌاري سوين هلال (نوان چنڊ) حلقو ٻڌيو ويٺا آهن. هو انهن سڀني کان اڳ ۾ کينوڙو ڇڪي کڻي ويندو هو، گويا کينوڙو هڪ چنڊ هو ۽ سلامان سج. لڪڻ جي ونگ سان چنڊ کي جوش ۽ خوشيءَ سان پڍيان ڌڪيندي ۽ چٽيندي آڻي اصل جاءِ تي پهچائيندو هو. جيڪڏهن کينوڙو سئو دفعا کڻي واپس موٽي ايندو هو ته به هر دفعي هو ان کي (اڏائي) کڻي ويندو هو. بلاشڪ جيڪڏهن ڪنهن سان الله تعاليٰ جي مدد شامل حال رهي ٿي ته ان کي دنيا ۾ ڪوبه جيتي نٿو سگهي، ۽ هو سدائين ڪامران ۽ ڪامياب رهي ٿو.

 

سلامان جي ڪمانداري ۽ تيراندازي.

چوگان راند جي علاوه، سلامان کي تيراندازيءَ ڏانهن به ڏاڍو شوق ۽ لارو هو. ملڪ ۾ جيڪي ڪاريگر ۽ هوشيار گازڙيا هئا، تن وٽان هڪ اڻ ڇڪيل چاچي ڪمان گهرائي، سواءِ ڪنهن جي مدد جي کيس زهه سان اهڙو ڇڪي ٺيڪ ڪيو جو ان جي ڇيڙن تان (زون جو) آواز واڄٽ ڪري پئي نڪتو[2]. پنهنجي چست هٿن سان ان کي (خوب) مهٽيندو هو، پنهنجي ڪنن تائين شروع ۾ ئي ڇڪجي آڻي درست ڪندو هو. پوءِ ڪڏهن ان تي پکيءَ جا ٽي پَرَ رکي پنهنجو تير سڌو نشان جي طرف ڇوڙيندو هو، ۽ جو سڌو وڃي ان کي چٽيندو هو ۽ ڪڏهن به خطا نه ويندو هو. پر جيڪڏن زور سان ڪمان ڇڪي تير اڇلائيندو هو ته اهو افق جي ليڪ تي وڃي ڪرندو و. ۽ جيڪڏهن هي سخت آسمان اڳيان رنڊڪ نه هجي ته هوند افق جي ليڪ به پار ڪري وڃي. ڪوبه ان جي تير کان ڀڄي نٿي سگهيو، نه تيز ڊوڙندڙ هرڻ ۽ نه تيز اڏامندڙ تتر.

 

سلامان جا سزا جو احوال

سخا ۽ جود ۾ هو هڪ دريا هو، مگر حقيقت ۾ دريا خود سندس عطا جي آڏو پاڻيءَ جو هڪ ٻڪ هو. دريا سان ته ان جي نسبت ڪرڻ ئي درست نه آهي، ڇا لاءِ جو هن گوهر پئي اڇلايا ۽ ان (دريا) رڳو سپون. هو فيض جو هڪ ڪڪر هو جو سدائين دنيا تي دينار ۽ درم جو مينهن پيو وسائيندو هو ۽ جي سچ پڇين ته ڪڪر خود ان جي بخشش جو هڪ قطرو هو.

مان جڏهن ان جي جود ۽ سخا جي مجلس قائم ڪريان ۽ سينگاريان ٿو، تڏهن ان جي نسبت معن ۽ حاتم سان ڏيڻ چاهيان ٿو، ليڪن اصل حقيقت ته هيءَ آهي ته معن ۽ حاتم ٻئي ان جي ڀيٽ ۾ ڪنجوس ۽ بخيل آهن. هن جي هٿن جي عادت ئي کليل رهڻ هئي ۽ سندس آڱريون بند ٿيڻ کان هميشہ منهن موڙيندڙ هيون. جيڪڏهن ڪوبه بکيو ۽ اڃيو سائل (سوالي) سندس در تي ايندو هو ته هو ان تي سخا ۽ عطا جي اهڙي پالوٽ ڪندو هو، جو پانڌيڙا ان بار کڻڻ کان ڀڄي ويندا هئا.

 

قطران شاعر جو پنهنجي ممدوح فضلون جي جهجهي عطا کان تنگ ٿي ڀڄي وڃڻ.

قطران شاعر وڏو نڪتهءدان ۽ جادوگر هو ۽ سندس قلم جي مس جو هڪڙو ڦڙو رازن جو هڪ دريا هو. سخا ۽ عطا جي دريا فضلون لقب واري جي ساراهه پوري ادب ۽ فضيلت سان پئي ڪئي. جڏهن فضلون ان طرف توجهه ڏنو (ڪيو)، تڏهن سندس دامن مال سان پر ڪري ڇڏيو. وري ٻئي ڏينهن جڏهن ان جي مدح ڪيائين، تڏهن پهرين ڏينهن جي مال کان ٻيو مال کيس عطا ڪيائين ۽ پوءِ هر روز ائين ڪندو رهيو ۽ ان جي بخشش ٻيڻي ٿيندي ايتري ٿي ويئي جو هو ان کان تنگ اچي ويو. جڏهن رات ٿي، تڏهن ان جاءِ مان ائين کسڪي نڪري ويو جو ڪنهن کي پتو ئي نه پيو. صبح جو جڏهن سلامان ان کي طلب ڪيو ۽ هو ڏسڻ ۾ ئي نه آيو تڏهن چيائين ته هو مسڪين هن دولت کان خبر نه آهي ڇو منهن ڦيري ويو. منهنجو هٿ ته هميشہ ڇوٽ رهيو آهي ۽ بخشش ۽ سخا ۾ منهنجو ان سان اهوئي دستور رهيو آهي. ليڪن ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي ان بخشش جي بار کڻڻ جي طاقت ئي نه هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي هو هي آستانو ڇڏي ويو.

 

هن تعريف مان مراد حضرت شهريار ڪامگار جي تعريف آهي

هڪڙي ڏينهن ان مٺي ٻوليندڙ ناصح (نصيحت ڪندڙ)، مشفقانه طور مهڻو ڏيندي چيو ته اي جامي، هي اجايا خيال ڪيستائين؟ تون آخر ڪيتري وقت تائين شعر گوئي ڪندو رهندين؟ توکي معلوم نه آهي ڇا تو جو شخص لازوال ۽ غيرفاني بادشاهي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته اهو جيڪڏهن ڪالهه هو ته اڄ نه آهي. تون پنهنجي اصلي مقصود کي وڃائي نه ويهه ۽ هڪ ناموجود بادشاهه جي مدح سرائي ذرا گهٽ ڪر.

هيءُ ٻڌي مون جواب ۾ عرض ڪيو ته اي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جا چشما، تو وٽ هر خيال ۽ فڪر واقعي ختم آهي. هن بادشاهه مان منهنجي مراد هڪ ٻئي بادشاهه جي مدح آهي، جنهن جي بخت جو تاج هينئر به ان جي مٿي تي آهي. ست دنيائون ان جي حڪم هيٺ آهن ۽ اٺ درياهه هن جي احسان جو هڪ ڦڙو آهن. خاصن جي وصف جڏهن عامين جي وصف اندر لڪل رهي ٿي تڏهن ئي بهتر ۽ موچاري  نظر اچي ٿي. صاف شراب به ان وقت سٺو لڳي ٿو جنهن وقت ڪو عارف ان بابت ڳالهائي ۽ گفتگو ڪري ٿو. محبوبن جي تعريف ان وقت ڏاڍي وڻندڙ ٿئي ٿي جڏهن اها ٻين جي لباس ۾ ويڙهي وڃي ٿي. برابر، هيءَ هڪ حقيقت آهي ته هن راز کان هرهڪ واقف نه آهي ۽ نه وري هر رازدان لاءِ هي در کليل آهي.

 

 هڪڙي عاشق جي ڳالهه جو غيرن جي گمان کي ٽارڻ لاءِ معشوق جي وصف سج ۽ چنڊ وغيره جي لباس ۾ ڪندو هو.

هڪڙي عاشق ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺي پاڻ سان ڳالهايو، ۽ هر گهڙيءَ هڪ نئون داستان ۽ قصو پئي ٺاهيو. ڪڏهن چنڊ ته ڪڏهن سج ته ڪڏهن وري گلن جي پتن بابت پئي ٻوليو، ۽ ڪنهن وقت سرو جيان سڌي قد متعلق ته ڪڏهن وري گاهه ٻوٽي بابت پئي چيو ۽ ڳالهايو.

هڪڙي غافل جڏهن پري کان هيءُ ٻڌو تڏهن سندس دل ان بيهوده گوئي کان گهڻو ٽهي ويئي ۽ نفرت ڪرڻ لڳي. چيائينس ته اڙي، تون جو پاڻ کي عاشق سڏائين ٿو، ڇا توکي هيءَ خبر نه آهي ته عاشق هميشہ معشوق جو نالو وٺي ڳالهه ڪندو آهي؟ عاشق سڏائڻ ۽ وري ٻين جا نالا وٺڻ ۽ خسيس جي ساراهه ۾ موتي پوئڻ، آخر ڇا آهي؟

ان جواب ۾ چيس ته تون عاشقن جي نشان کان پري آهين، تنهنڪري تون عاشقن جي زبان سمجهي نٿو سگهين. سج ۽ چنڊ مان منهنجي مراد منهنجو محبوب آهي، هن ڳالهه جا راز ڄاڻو خوب ڄاڻن ٿا. جڏهن مان گل بابت ڳالهايان ٿو تڏهن ان مان منهنجو مقصود ان جي خوبصورتي آهي، ۽ جڏهن سنبل جو ذڪر آڻيان ٿو تڏهن ان مان منهنجو مطلب ان جا وار آهن. سرو مان مقصود ان جي خود آرائي ۽ زيبائي آهي. باقي مان ته هن جي پيرن جي خاڪ مان هڪ اڀريل ٻوٽو آهيان ۽ بس. جيڪڏهن تون منهنجي زبان کان واقف ٿي وڃين ته تون ان جي عشق کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي مون کان نه ٻڌين.

سلامان جي حسن ۽ جمال جو ڪمال کي پهچڻ ۽ ابسال جو مٿس عاشق ٿيڻ

جڏهن سلامان، حسن ۽ جمال جي چوٽيءَ کي رسيو ۽ سندس ناز ۽ نخري جو سرو پوريءَ طرح سان تر ۽ تازو ٿي ڦليو ڦوليو، ۽ سندس خوبصورتيءَ ۽ عمدگيءَ جا باغ غير معمولي رونق ورتي، ۽ ان جو ڪچو ميوو پچي راس ٿيو تڏهن هن انهيءَ ميوي کي چونڊڻ ۽ چکڻ چاهيو؛ ليڪن اهو ميوو هڪ اونچيءَ ٽاريءَ تي هو جتي سندس آرزوءَ جو دام پهچي نٿي سگهيو.

ابسال پاڻ به هڪ پر فتن ۽ پر فيب معشوقه هئي ۽ حسن ۽ خوبيءَ جي منجهس ڪا ڪمي ڪانه هئي. سلامان کي پنهنجي عشق ۾ ڦاسائڻ لاءِ پهريائين هوءَ ان اڳيان پنهنجي هر ڪنهن قسم جي عمدگي ۽ خوبيءَ  جي نمائش ڪرڻ لڳي ۽ سندس اڳيان بار بار اچ وڃ شروع ڪري ڏني. ڪڏهن معشوقن وانگر مٿي کان مشڪ سان تر وارن جو چوٽو ٻڌندي هئي ۽ ڪڏهن انهن کي ڦڻي ڏيئي وچ ۾ سينڌ ڪڍي ٻه بند ٺاهيندي هئي ته جيئن ان طريقي سان پنهنجي من جي مراد پوري ڪري. ڪڏهن ته وري معشوقن مثل پنهنجي ابروئن ي نيرا داغ لڳائيندي هئي ته جيئن (هوءَ انهن سان) امن ۽ سلامتيءَ جي سرمائي کي لٽي ۽ پيلي.

پنهنجي اکين کي سرمي سان ڪارو ڪندي هئي ته جيئن ان ڪاري فعل ذريعي ان کي صحيح راهه کان ٿيڙي، ۽ ڳلن کي زيب خاطر ڳارهو ڪندي هئي ته جيئن ان رنگ وسيلي کيس بي آرام ۽ پريشان ڪري. پنهنجي ڳلن تي هڪرو ڪارو تر به رکندي هئي ته جيئن ان سان هن جي دل جي پکيءَ کي شڪار ڪري. ڪڏهن پنهنجا کنڊ مثل مٺا چپ کوليندي هئي ۽ ڪڏهن مشڪندي ۽ ٻوليندي هئي، ۽ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته هو سندس دل کي وني ۽ کنڊ جيان مٺي لڳي، ۽ هو سندس گفتگو کي قبول ۽ پسند ڪري. ڪڏهن وري گريبان مان پنهنجو هڪرو سونو پتلو ڏيکاريندي هئي جو موتين سان جڙيل هار جي ڇيڙي ۾ پيو لٽڪندو هو؛ باوجود ايتري خوش حالي ۽ بخت جي، هوءَ پنهنجو گردن سندس خدمت لاءِ هر وقت نوايو بيٺي هوندي هئي.

ڪڏهن وري ڪم ڪار جي بهاني سان پنهنجا چانديءَ مثل چمڪندڙ هٿ هن جي آستين تي هڻندي هئي ته جيئن هو ان جي خوبصورت هٿن ۽ ڪاراين کي ڏسي مٿس موهجي پوي. ڪڏهن ته سندس خدمت لاءِ تمام گهڻو حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ۽ تڪڙو ايندي ويندي هئي ته جيئن سندس پازيبن ۽ گنهگهروئن جو آواز ان کي سندس غلام ۽ ٻانهو ڪري وجهي.

قصو مختصر، هوءَ سراسر مڪر ۽ حيله سازي هئي ۽ هرهنڌ سندس اکين آڏو پئي ظاهر ٿي. سارو وقت کيس پنهنجي نظر هيٺ رکندي هئي ۽ هڪ پلڪ به کانئس پري نه ٿيندي هئي؛ ۽ اهو انهيءَ لاءِ جو خبر هيس ته ڏسڻ ۽ نهارڻ سان ئي عاشق جي دل تي عشق جو اثر ٿئي ٿو، ۽ حسينن کي ڏسڻ کان سواءِ انهن جو عشق دل ۾ جاءِ نٿو وٺي.

 

  

زليخا جي ڳالهه جنهن پنهنجي محل اندر چوڌاري پنهنجي تصوير چٽائي ڇڏي هئي.

هاڻي زليخا جي ڳالهه ٻڌو جنهن اميدن سان ڀرپور دل سان هڪ دفعي هڪ اهڙو صاف ۽ اڇو محل بنايو جهڙو يوسف جي دل. ان اندر ڪوبه نقش وغيره نه هو ۽ اهو سارو ئي آئيني جيان صاف پئي چمڪيو. هڪڙي ماهر نقش نگار کي گهرايائين ته هو هر جڳهه سندس صورت نقش ڪري. هن پوءِ ائين ئي ڪيو ۽ ڪابه جاءِ ان نقش کان خالي نه ڇڏي. بعد ۾ زليخا خوش ٿي ان اندر ويهي يوسف کي پاڻ وٽ گهرايو. ان جي اچڻ تي پنهنجي سهڻي منهن تان پردو پري ڪيائين ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ان سان چوريائين. يوسف هن جي گفتگو کان منهن ڦيري جنهن طرف به کني پئي نهاريو، تنهن طرف هن جي ئي صورت پئي نظر آيس. جڏهن هن جي صورت مسلسل طور نظر اچڻ لڳس، تڏهن ان ڏانهن ملڻ ۽ گڏجڻ جو لاڙو ٿي پيس، ۽ هن جي مراد پوري ڪرڻ تي هو ته غيب کان سندس لاءِ هڪ چٽي نشاني ظاهر ٿي ۽ الله تعاليٰ جي مدد کيس جلدي پهچي ويئي ۽ پوءِ ان بيهوده ڪم کان پاڻ جهلي ان کي اتي ئي ڇڏي ڏنائين.

 

ابسال جي حيله سازيءَ کان سلامان جو متاثر ٿيڻ.

سلامان باوجود گهڻي تحمل ۽ بردباريءَ هوندي به ابسال جي ناز نخري کان متاثر ٿي پيو. هن جي پنبڙين کان سندس دل ۾ ڪنڊا ٽنبجي پيا ۽ هن جي وارن جي ڦاهيءَ کان کيس اهڙو زخم رسيو جو ڄڻڪ کيس نانگ کائي وڌو. هن جي ابروئن سندس طاقت اڏائي ڇڏي ۽ هن جي لبن جي ميٺاج سبب ماکي به کيس ڪڙي معلوم ٿيڻ لڳي. هن جي جادو ڀريل، نرگس جيان اکين سندس ننڊ آرام ڦٽائي وڌو ۽ ان جي ڇلي جيان زلفن سندس رونق ئي وڃائي ڇڏي. هن جي ڳلن کي ياد ڪري خون جا ڳوڙها وهائڻ لڳو ۽ ان جي وات جي ياد ۾ سندس عيش بگڙي خراب ٿي پيو. هن جي منهن تي هڪڙو ڪارو تر ڏسي حال کان بيحال ٿي ويو. هن جي ڳلن تي سندس وارن جا پراگنده ڳُچ ڏسي ان جي وصل ۽ ميلاپ لاءِ پريشان ۽ بيقرار ٿي پيو. سندس شوق گهڻو ٻاهر اڀري آيو، ليڪن اندر ۾ وري هي خيال پئي آيس ته متان هن جي وصال جو ذائقو چکان ۽ بعد ۾ ان سبب ڪنهن مصيبت ۽ وبال ۾ ڦاسي پوان؛ ۽ ائين ته نه ٿئي ته پوءِ مان ساري ڄمار پنهنجي جاه ۽ جلال کان ئي محروم رهجي وڃان، لافاني ۽ لازوال دولت جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ نه آهي ته ڏاهن ۽ سمجهدارن جي نزديڪ اها اميدن جو قبلو به نه آهي ۽ اها دولت هڪ بي معنيٰ ۽ بي حقيقت شئي آهي.

 

هڪڙي انڌي ڪانوَ جي ڳالهه جو هڪ کاري درياءَ جي ڪناري تي ويٺو هو.

هڪڙي ڏينهن هڪڙي چمڙي جيان انڌو ڪانوَ هڪ کاري درياءَ جي ڪپ تي ويٺو هو ۽ انهيءَ مان پاڻي پئي پيتائين، ليڪن ذائقي ۾ اهو کارو پاڻي کيس کنڊ وانگر مٺو پئي لڳو. اتفاق سان هڪ پِيڻِ پکي جنهن جي گُجي انعامن جو سرچشمو هئي ۽ جنهن کي کارو دريا پسند نٿي آيو، تنهن اچي پنهنجي دولت جو پاڇو انهيءَ جي مٿان وڌو، ۽ چيائينس ته تون کاري پاڻيءَ کي ڇڏي اوري اچي منهنجي ولر ۾ ٿي ته جيئن مان پنهنجي گجيءَ مان توکي مٺو پاڻي پياريان. ان جواب ۾ چيس ته مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن مان مٺو پاڻي پيڻ لڳي ويندس (جو اڄ ته تون مون کي ڏين ٿو، ليڪن سڀان ڪٿان ايندو)، ۽ کاري پاڻي پيڻ کان طبيعت ٽهي ويندي. رات ڏينهن درياءُ جي ڪناري تي ويٺو هوندس ۽ ٻنهي کاري ۽ مٺي درميان اڃارو رهندس. ان کان چڱو آهي ته پنهنجي طبيعت کي کاري پاڻي پيڻ تي هيرايان ته جيئن مٺي پاڻيءَ جي عدم موجودگيءَ ۾ تڪليف نه پهچي.

 

ابسال جو اڪيلائيءَ ۾ سلامان وٽ وڃڻ.

جڏهن سلامان، ابسال جي طرف مائل ٿيو، تڏهن ابسال جو بخت کلي پيو. سندس جهوني محبت هينئر وري تازي ٿي ۽ ان سان گڏ سندس اميدن جو پيوند پختو ۽ مضبوط ٿيو. هوءَ پوءِ هڪ اهڙي موقعي جي تلاش ۾ رهي جنهن موجب هوءَ ان وقت ان چنڊ وٽ پهچي جنهن وقت وٽس ٻيو ڪوبه نه هجي ۽ اتي پهچي پنهنجي دل جي مراد ان لعل کان پوري ڪرائي ۽ پنهنجي مٺي جان ان جي لبن سان لائي. آخر هڪ رات اڪيلائيءَ جو وجهه وڍي، جلدي وٽس پهچي، پنهنجي جان ان جي هٿن حوالي ڪئي، ۽ پاڇي وانگر ان جي پيرن تي وڃي ڪِري ۽ ادب ۽ نياز کان پنهنجو منهن انهيءَ تي رکيو. هيءُ ڏسي سلامان به گهڻي عزت ۽ ناز ۾ اچي (ڀرجي) ويو ۽ پنهنجي رحمدلي ۽ شفقت جو هٿ ڏانهنس ڊگهيريون. جڏهن هن کي پنهنجي آغوش ۾ ڇڪي جهليائين، تڏهن ان سان دل کولي پيار ڪيائين ۽ ائين ئي سندن ساري رات پيار ۽ محبت ڪندي گذري.

 

سلامان جو ننڊ مان جاڳڻ ۽ خوشيءَ جي مجلس ۾ ابسال کي طلب ڪرڻ.

صبح جي وقت ڪارو نقاب پهريل سج، اونداهي آسمان جي محراب کان منهن ٻاهر ڪڍي، انهن ستلن ۽ شراب کان نيم مستن کي اچي جاڳايو. شهزادي به جڏهن پنهنجي اڌوري ننڊ مان اک پٽي تڏهن رات جي خمار جي بي آرامي اڃا مٿس غالب هئي ۽ رات جي يار (ابسال) جو شوق اڃا پنهنجو زور لايو بيٺو هو. انهيءَ خمار کي رفع دفع ڪرڻ لاءِ هن شراب جو هڪ ڍڪ پنهنجي لعل جهڙي محبوبه (ابسال) کان گهري پيتو، ۽ غيرن کي ڪنهن زحمت ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي يار کي سڏي مسند تي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريو ۽ ان تان جمال جو برقعو لاهي ساڻس عيش و عشرت شروع ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن به سندس اهوئي دستور رهيو، مگر اها ڪا سندن خوش قسمتي هئي، جو هو هن وقت تائين زماني جي بدنظر کان محفوظ رهيا پئي آيا. انهيءَ عيش ۽ آرام ۾ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا ۽ سلامان جو ته خيال ۽ ڪوشش ئي اها هوندي هئي ته ڪوبه ڏينهن ۽ رات انهن ٻنهي جي راحت ۽ سرور کان سواءِ نه گذري.

ليڪن زمانو پنهنجي ڪمينگاهه کان چئي رهيو هو ته منهنجي اها عادت نه آهي، جو حالتن کي بدستور هميشہ لاءِ ائين ئي ڇڏي ڏيان. ڪيترا دفعا مون جيڪڏهن ڪا صحبت ۽ سنگت ڏينهن جو قائم ڪئي ته جيئن ئي رات آئي تيئن ئي ان کي ڇني ۽ ٽوڙي ڇڏيم، ۽ ڪيترا دفعا جيڪڏهن مون شام وقت ڪنهن کي ڪا دولت ڏني ته پوءِ جيئن ئي صبح آيو تيئن ئي اها ان کان کسي ورتم. انقلاب ۽ ڦيرو آڻڻ منهنجي طبعي تقاضا آهي جنهن کان مان مجبور آهيان.

 

هڪڙي بدوي عرب جي ڳالهه

هڪ دفعي، هڪڙي بدوي عرب مال (غنيمت) هٿ ڪرڻ جي غرض سان بغداد جي طرف کڻي رخ رکيو، ۽ جڏهن اتي پهتو تڏهن ڪجهه ڏينهن جي انتظار کان پوءِ کيس خليفي جي دسترخوان تي اجازت ملي ويئي. ان جي اڳيان قند جي رس مان بڻيل حلوي جو هڪ طبق رکيو هو، جو نهايت سڻڀو، مٺو ۽ بيحد نرم ۽ ڪئنرو هو. ان کي چٻاڙڻ جي به ڪا ضرورت ڪانه هئي ۽ وات ۾ وجهڻ سان سڌو معدي ۾ پهچي پئي ويو. جڏهن کائڻ کان پوءِ وات صاف ڪيائين تڏهن سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي خليفي کي چوڻ لڳو ته ”اي خليفا، شال تنهنجو هندورو آسمان جي چوٽيءَ تي هجي، مون اڄ خدا تعاليٰ سان عهد ڪيو آهي ته مان هن سبز رنگ مهمان سراءِ ۾ نيرن يا منجهند جي مانيءَ لاءِ هن دستر خواني کان سواءِ ٻئي هنڌ پير ئي نه رکندس، ته جيئن هيءُ حلوو کائي خوش ٿيان.“

خليفو هيءَ ڳالهه ٻڌي کلي کيس  چوڻ لڳو ته ”اڙي فلاڻا، هن مجلس جا مخفي راز توکان لڪل آهن ۽ تون انهن کان بالڪل بيخبر آهين، ٿي سگهي ٿو ته توکي درٻاري وري ٻيو دفعو اندر اچڻ جي اجازت نه ڏين، تنهنڪري تون اچڻ جي اهڙي تڪليف ئي نه ڪر.“ بدويءَ جواب ۾ چيو ته ”اي امن ۽ امان جا قبلا، ان حالت ۾ اها تقصير تنهنجي ٿيندي ۽ نه منهنجي. مان ته پنهنجي طرفان اچڻ جي ڪوشش ڪندس، پوءِ جيڪڏهن تون اجازت نه ڏيندين ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟“

 

بادشاهه ۽ حڪيم جو سلامان ۽ ابسال جي هلت کان واقف ٿيڻ.

جڏهن سلامان، ابسال جو دوست بنجي ويو تڏهن  مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال سندس وصل ۽ ميلاپ ۾ صرف ڪندو رهيو. بادشاهه ۽ حڪيم جي هن خدمت ڇڏي ڏني، جنهنڪري انهن ٻنهي جي دل سندس جدائيءَ کان ٻه اڌ ٿي پيئي، جڏهن سلامان جي حال احوال جي جاچ ڪيائون، تڏهن راز ڄاڻندڙ کي ئي پنهنجو محرم بنايائون. پڇا ڳاڇا لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي، ساڻس هر ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪيائون. ڪيترا تازا ۽ پراڻا نڪتا چيائون ته جيئن هو پنهنجي اصلي ۽ مقصد واري ڳالهه تي اچي پهچي. بعد ۾ کين يقين سان معلوم ٿي ويو ته سلامان جو ابسال سان ياريءَ وارو قصو بالڪل صحيح آهي.

انهيءَ کان پوءِ انهن مان هرهڪ پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ سلامان کي ان مصيبت کان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. آخر سڀيئي هن ڳالهه تي متفق ٿيا ته هيءُ ڪم پهريائين نصيحت سان شروع ڪيو وڃي؛ ڇا لاءِ جو نصيحت کان بهتر ٻي ڪا شئي ڪانهي. نصيحت سان ناقص به ڪامل ٿي پوي ٿو، ۽ بدبخت، بخت وارو بڻجي وڃي ٿو. ان سان هر دل جيئري ٿي پوي ٿي، ۽ هر مشڪل حل ٿي وڃي ٿو. پيغمبر سڳورا اول کان ثي ناصح هوندا آهن ۽ انهن جي وسيلي عقل ۽ دين ٻنهي جو ڪم درست ٿيو آهي. جنهن به پيغمبريءَ جو دم هنيو. تنهن تي آسمان کان نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه آيو ئي ڪونه.

 

بادشاهه جو سلامان کي سمجهائڻ.

بادشاهه پنهنجي پٽ سلامان کي چيو ته ”اي منهنجا جگر، تون مون پيءَ جي ايوان جي مجلس کي روشنائي ۽ رونق پهچائيندڙ شمع آهين. منهنجي بخت جي اک به توسان روشن آهي ۽ منهنجي اميدن جو اڱڻ به توسان باغ ۽ بستان آهي. ڪيترائي سال مون مکڙيءَ وانگر، جگر جو خون پيتو آهي ته جيئن تو جهڙو گل هٿ اچينم. هاڻي تون گل مثل پنهنجو دامن منهنجي هٿن کان پري نه هٽاءِ ۽ جفا جي ڪنڊي جو خنجر مون تي نه هلاءِ. تنهنجي پيار ۽ محبت ۾ منهنجو تلج منهنجي مٿي تي آهي ۽ تو خاطر ئي منهنجو تخت منهنجي پيرن هيٺان آهي. نالائق معشوقن ڏانهن توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏي ۽ دولت جو ڇٽ پنهنجي مٿي تان نه لاهه؛ خوشنما ۽ چالاڪ معشوقه سان دل نه لاءِ (لڳاءِ) ۽ شان ۽ شوڪت جي تخت کي ڦٽو نه ڪر.

”تنهنجو ڪم آهي چوگان کيڏڻ ۽ گهوڙي تي سوار ٿي ان کي ميدان ۾ تڙڻ، ۽ نه زلفن کي هٿ ۾ وٺڻ ۽ خوبصورت معشوقه کي پاسي ۾ وٺي ويهڻ. شڪارگاهه ۾ جيڪڏهن تون تير اڇلائين ته ڪنهن وقت هرڻ ته ڪنهن وقت ڪو ٻيو جانور شڪار ڪرين، ۽ نه ڪه تون خود انهن هرڻن هٿان شڪار ٿي وڃين. بهادرن جي صف ۾ ترار هڻندو وڃين ۽ جنگي جوڌن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪندو رهين، اهو بهتر آهي، جو تون پهلوانن کان ڀڄي وڃين ۽ انهن اڳيان ترار جي ويڙهه ۾ پنهنجو گردن جهڪائين. خدا جي نالي هيءَ چال ڇڏي ڏي ورنه مان هن غم کان ڌڪو کائيندس ۽ ڳري مري ويندس. ڪيترائي سال مان تنهنجي خاطر آرام سان نه ويٺس، هينئر مون کي ڌڪي ڏيڻ کان توکي شرم اچڻ گهرجي!“

 

خسرو پرويز جو پنهنجي پٽ شرويه هٿان مارجي وڃڻ.

جڏهن خسرو، شيرويه هٿان زخمي ٿي خون ۾ ليٿڙجي ويو، تڏهن هن شيرويه جي حق ۾ نڪتو چيو[3].

چيائين ته: اها شاخ خراب ۽ ڪني آهي، جا پنهنجي پاڙ کان پاڻي وٺي ان مان اٿي کڙي ٿئي ٿي ۽ وري پنهنجي پاڙ پٽڻ جو قصد ڪري ٿي، ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته جڏهن پاڙ کي پٽي ڪڍيائين ۽ ميدان ڪشادو ٿيو، تڏهن اها ٽاري سڪي ۽ خشڪ ٿي ويئي، ۽ سواءِ ڪنهن ميوي جهلڻ (ڏيڻ) جي زمين تي ڪِري پيئي.

 

سلامان جو بادشاهه کي جواب ڏيڻ.

جڏهن سلامان اها نصيحت ڪن لائي ٻڌي، تڏهن سندس بحر جيان طبع موتين جون ڇوليون هڻڻ لڳي. عرض ڪيائين ته ”اي بادشاهه، مان ته تنهنجي راءِ جو غلام آهيان ۽ تنهنجي تخت جي پائي جي خاڪ، تو جو به فرمايو آهي سو مون سڀ قبول ڪيو ۽ مڃيو، مگر مان پنهنجي بيصبريءَ سبب ملول ۽ مونجهُو آهيان. منهنجي رنجيده دل جي طاقت کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي جو تنهنجي حڪم تي صبر ڪري. ڪيترائي دفعا مون پاڻ ويهي غور ۽ فڪر ڪيو آهي، ليڪن ان کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ جند ڇڏائڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو حيران رهجي، منجهي ۽ ڦاسي پيو آهيان، ڇاڪاڻ ته جڏهن به مون کي ان چنڊ جي ياد اچي ٿي تڏهن منهنجي جان منهنجي وس نٿي رهي ۽ آه ۽ فرياد ۾ اچي وڃي ٿي. جڏهن کان منهنجي نظر ان جي منهن تي پيئي آهي تڏهن کان پنهنجو منهن ٻنهي جهانن کان ڦيري ڇڏيو اٿم. ان دلپسند محبوبه جي منهن جي تماشي ۽ رنگينيءَ ۾ نه ته مون کي ڪا نصيحت ٿي ياد رهي ۽ نه ڪا تلقين ۽ هدايت ئي ٿي اثر ڪري.

 

لومڙي ۽ سندس ٻچي جي ڳالهه

لومڙيءَ جي ٻچي کي سندس ماءُ هڪ دفعي چيو ته ”جڏهن ميون جي باغ ۾ باغبان اچي وڃي تڏهن تون پاڻ سنڀالي ايترو ميوو کائج جو وري ڀڄي به سگهين، ۽ ڪتي جي خطري کان پاڻ بچائي سگهين.“ سندس ٻچڙي جواب ڏيندي چيو ته ”اي امان، مان جڏهن ميوي کي ڏسندس تڏهن هيءَ روشن ڪيئن اختيار ڪري سگهندس (۽ ميوو کائڻ ڇڏي ڏيندس). ميوي کائڻ جو حرص منهنجي هوش اڳيان پردو ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ ڪتي جو خوف ۽ تڪليف مون کان وسري وڃي ٿي.“

 

حڪيم جو سلامان کي سمجهائڻ

جڏهن بادشاهه، سلامان کي نصيحت ڪري بس ڪئي، تڏهن حڪيم اچي وارو ورتو ۽ ان کي نصيحت ڪرڻ ۾ لڳي ويو. چيائين ته ”اي قديم باغ جا تازا ميوا، تون ”ڪُن“ جو هڪڙو آخري، نادر ۽ عجيب نقش آهين؛ تون ستن ۽ چئن دفترن کي پڙهه ۽ رات ۽ ڏينهن جي صفحي جي اکرن جي حقيقت کي سمجهه[4]. آدم جي خزاني جو تون ئي خزانچي آهين؛ ۽ ساري جهان جو تون ئي نسخو آهين. تون تنهنڪري پنهنجو قدر ۽ قيمت سڃاڻ ۽ همت ٻڌي تيار ٿيءُ. مان جو ڪجهه چوان ٿو تنهن سڀ کان تون اعليٰ ۽ افضل آهين. قدرت جي جنهن هٿ توکي خاڪ مان بنايو آهي تنهن، حڪمت به تنهنجي دل ۾ پلٽي ڇڏي آهي. تون پنهنجي سيني کي صورت جي نقش کان پاڪ ڪر ۽ ان آئيني جي اندر معنيٰ کي ڏس ۽ ان ڏانهن توجهه ڏي، ته جيئن تنهنجو سينو معنائن جو هڪ خزانو ٿي پوي، ۽ تنهنجو آئينو معرفت جي نُور سان پُر ٿي چمڪڻ لڳي.

حسين عورت جي منهن کان پنهنجي اک ٻوٽي ڇڏ ۽ انهيءَ سان سنگت رکڻ ۾ ڪابه ڪوشش نه ڪر، ڇا لاءِ جو انهيءَ جي صورت به نقص، عيب ۽ برائيءَ سان ڀرپور آهي ۽ سندس پلؤ رذيل خواهش (هوا) ۽ هوَس کان خالي نه آهي. اهڙيءَ غليظ ۽ گنديءَ تي تون عاشق نه ٿي ۽ عافيت جي حرم کان ٻاهر نه وڃ. تون اصل کان هڪ وڏي مرتبي وارو هئين ۽ تنهنجو ستارو آسمان جي بلنديءَ تي هو (۽ پئي چمڪيو)، ليڪن بعد ۾ نفساني خواهشن توکي هيٺ اوڙاهه ۾ ڪيرائي قابو ڪري رکيو.


[1]   چوگان، ايران جي قديم ترين راند آهي ۽ فردوسيءَ جي قول مطابق حضرت مسيح عليه السلام کان به ڇهه سئو سال اڳ رواج ۾ هئي، ۽ ساساني دور ۾ عام کيڏي ويندي هئي. اها تقريباً اڄڪلهه جي پولو (Polo game) وانگر هئي.

[2] . چاچ ترڪستان ۾ هڪڙي شهر جو نالو آهي جنهن جون ڪمانون مشهور آهن.

[3] . شيرويه، پنهنجي پيءَ جي سريت تي عاشق هو.

[4] . سنت مان مراد، ست آسمان آهن ۽ چئن مان مراد چار عناصر آهن. ڪُنّ“ جي معنيٰ آهي ٿي پؤ. هيءَ ساري ڪائنات الله تعاليٰ جي ان امر ”ڪُن“ جو نتيجو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org