سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :5

 (17)

اليڪسيءَ جي حالت اهڙي هئي، جو کيس نانا ميخائيل جي وڃڻ جي ڪابه خبر ڪانه پئي. هو اڳيون سڄو ڏينهن بيهوش رهيو. ٽئين ڏينهن وڃي کيس هوش آيو. ان وقت سج مٿي چڙهي آيو هو. خندق ۾ ڪير به ڪونه هو. در وٽان واريا جي جهونگار ٻڌڻ ۾ پئي آئي. هوءَ ڪنهن ڪم ۾ رڌل هئي ۽ ڪو پراڻو گيت ڳائي رهي هئي، جيڪو هن جهنگلي علائقي ۾ تمام گهڻو مقبول هو. اهو گيت ’ريبي نا‘ وڻ جي باري ۾ هو. ريبي نا، شاهه بلوط جي وڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ واجهائي رهي آهي، جيڪو ٿورو پري اڪيلو بيٺو آهي. اليڪسي اڳ به اهو گيت ڪيترا ڀيرا ٻڌي چڪو هو. اهي گيت اُهي ڇوڪريون ڳائينديون هيون، جيڪي هوائي اڏي کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ڀر وارن ڳوٺن مان ٽولين ۾ اينديون هيون. هن کي گيت جي ڌن ۽ لئي ڏاڍي وڻندي هئي، پر هن اڄ کان اڳ ڪڏهن به گيت جي ٻولن تي ايترو غور ڪونه ڪيو هو؛ پر اهي ئي ٻول هن نوجوان، وڏين اکين واري عورت جي چپڙن مان ڪهڙي نه جذبي تحت ڦٽي رهيا هئا ۽ انهن ۾ نه رڳو شاعراڻو انداز هو، پر ايتري ته چقمقي ڇڪ ۽ تڙپ هئي، جو اليڪسيءَ کي ان گيت جي گهرائيءَ جي اڄ وڃي سڌ پئي. کيس خبر پئي ته واريا جيڪا ريبي نا جو وڻ هئي، سا پنهنجي شاهه بلوط لاءِ ڪيئن نه واجهائي رهي هئي.

........ پر ريبي نا جي نصيب ۾ اهو ڪونهي

           ته هوءَ اڪــيــلي شـاهه بلوط سان ملي

سچ ته هن ويچاريءَ کي

صدين تائين برهه جي باهه ۾ اڪيلو جلڻو آهي.

واريا جڏهن ڳائي رهي هئي ته سندس آواز سان گڏ بي اختيار اکين مان لڙڪن جون لارون وهي هليون هيون.

اليڪسيءَ پنهنجي تصور ۾ ڏٺو ته هوءَ ٻاهر وڻن هيٺ ويٺل هئي ۽ انهن وڻن جي پنن ۽ ٽارين سان بهار جي اس کيڏي رهي هئي ۽ هن جون وڏيون وڏيون گول اکيون ڀرجي آيون هيون. انهيءَ تصور ايندي ئي اليڪسيءَ پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪندي محسوس ڪئي ۽ سندس دل ۾ انهن خطن ڏسڻ جي ـــــــ ها، پڙهڻ جي نه فقط ڏسڻ جي ــــــــ بي انتها خواهش پيدا ٿي. اهي خط، جن ۾ لکيل هر اکر کيس برزبان ياد هو. اهي خط، جيڪي سندس وردي جي کيسي ۾ پيا هئا. هن جي دل چاهيو ته هو ان نازڪ ڇوڪري کي ڏسي، جيڪا چراگاهه ۾ ڇيٽ جا ڪپڙا پايو ويٺي آهي. هن تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو بي ستو هٿ گاديلي تي ڪري پيو. پوءِ هر شيءِ سرمائي رنگ جي اوندهه ۾ گم ٿيڻ لڳي، جيڪو انڊلٺ جي وڻندڙ رنگن جي دائرن ۾ هڪ وڏي بدنما داغ وانگر ٿي لڳو. انڌيري کان عجيب وغريب آواز اچي رهيو هو، ڄڻ ڪير اوندهه کي خنجر سان چيريندو هجي. انهيءَ اوندهه ۾ کيس ٻه آواز ٻڌڻ ۾ آيا ــــــــ واريا جو آواز ۽ هڪ ٻيو آواز ـــــــــــــــ ٻيو آواز ڪنهن ڄاتل سڃاتل پوڙهيءَ جو هو. ٻئي سرٻاٽن ۾ ڳالهائي رهيون هيون.

”ڇا هو ڪجهه به ڪونه ٿو کائي؟“

”نه، هو ڪجهه کائي نٿو سگهي. ڪالهه هن ڪيڪ جو هڪ ٽڪر چٻاڙڻ چاهيو، پر سندس هينئون اچي خراب ٿيو ۽ کيس الٽي اچي ويئي. هن لاءِ اهو کاڌو ٺيڪ ناهي. هو رڳو ٿورو کير پي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسين کيس ٿورو کير ڏيون ٿا.“

”اچي؛ هي ڏس، مون ٿورو شوروو آندو آهي........ شايد ويچارو ڪجهه پي سگهي.“

”ماسي واسي ليسا!“ واريا جي وات مان رڙ نڪتي. ”ڇا تو سچي پچي شوروو........“

”ها، هي ڪڪڙ جو شوروو آهي. ڇو توکي تعجب ڇو پيو ٿئي؟ هيءَ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. هن کي جاڳاءِ، شايد ٿورو گهڻو پي وٺي.“

اليڪسيءَ نيم بيهوشيءَ ۾ اهي سموريون ڳالهيون ٻڌي ورتيون. کيس واسي ليسا جي سموري خاندان ۽ ان اڪيلي ڪڪڙ جو قصو ياد آيو، جنهن تي ”ڇاپي مار“ نالو پئجي ويو. پوءِ هر شيءِ، پوڙهي عورت، واريا، ميز تي رکيل لوهه جي ٿانو مان نڪرندڙ مزيدار خوشبوءِ، سڀ شيءِ لڙڪن جي سمونڊ ۾ ترڻ لڳي. کيس پوڙهي عورت جي ڪڙي نگاهه نظر آئي، جيڪا بي پناهه رحم سان گڏ مٿس ڄميل هئي. جيڏي مهل هوءَ دروازي ڏانهن مڙي وڃڻ لڳي، تڏهن هو مشڪل سان چئي سگهيو: ”ناني! تنهنجي مهرباني.“

دروازي وٽ پهچي ماسيءَ چيو: ”ان جي ضرورت ڪانهي. ان ۾ مهرباني ڪهڙي؟ منهنجا به ته ٽي پٽ محاذ تي وڙهي رهيا آهن. شايد انهن کي به ڪير شوروو ڏيندو هجي. پي منهنجا ٻچا، خدا ڪري ان مان توکي فائدو پهچي ۽ جلدي ٺيڪ ٿي وڃين.“

”ناني! ناني!“ اليڪسيءَ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر واريا کيس اٿڻ ڪونه ڏنو ۽ آهستي آهستي گاديلي تي ليٽائي ڇڏيائين.

”نانا ميخائيل ڪيڏانهن ويو آهي؟“ اليڪسيءَ پڇيو. ”هو ڪم سان ٻاهر ويو آهي. کيس ضلعي ڪميٽيءَ جي خبر لهڻي آهي ته اها ڪٿي آهي؟ هو ڳچ ڏينهن تائين ڪونه موٽندو، ليڪن تون هي شوروو پي وٺ. پي نه!“

جڏهن اليڪسيءَ شروع وارا ٻه ٽي چمچا پيتا ته سندس بک جاڳي پئي ۽ هو پاڻ کي ڏاڍو بکيو محسوس ڪرڻ لڳو. سندس بک ايتري ته وڌي ويئي جو کيس پيٽ ۾ سور محسوس ٿيو. پوءِ به هن رڳو ڏهه چمچا شوروو پيتو ۽ ڪجهه گوشت جا ٽڪر چٻيائين، باقي زوريءَ هٽائي پري ڪيائين. کيس خبر هئي ته هن حالت ۾ وڌيڪ هڪ چمچو به سندس لاءِ زهر ثابت ٿيندو. شوروي معجزي جو ڪم ڪيو. اليڪسي کائڻ بعد سمهي رهيو. هاڻي کيس بي هوشي ڪانه هئي، پر گهري ننڊ هئس. ڪجهه دير کان پوءِ جاڳيو ۽ ٿورو گهڻو وري کاڌائين ۽ وري سمهي رهيو ۽ ڪا مهل ائين گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو، جو نه چُلهه جي دونهي کيس جاڳايو، نه ته عورتن جي گوڙ ۽ نه ئي وري واريا جي ڇهڻ تي جاڳيو، جنهن انهيءَ خيال کان کيس ڇهي پئي ڏٺو ته ڪٿي هو مري ته نه چڪو آهي.

هو زندهه هو ۽ ڏاڍي مزي سان گهرا ساهه کڻي رهيو هو. هو سڄو ڏينهن ستو، سڄي رات ستو ۽ يڪو ستو پيو هو. ڄڻ دنيا جي ڪابه طاقت کيس جاڳائي نٿي سگهي.

اڳين صبح جو سوير ئي جهنگ ۾ ڇانيل ماٺ کي چيريندي، پري کان آهستي آهستي ڪو شور ٻڌڻ ۾ آيو. اليڪسي ڇرڪي اٿيو. وهاڻي تان مٿو کڻي توجهه سان ٻڌڻ لڳو. هڪ ناقابل تسخير ۽ چريو ڪندڙ مسرت ۽ خوشيءَ جي لهر اليڪسيءَ جي نس نس ۾ ڊوڙي ويئي. هو بنا چرڻ پرڻ جي پيو رهيو. جوش ۽ جذبات جي ڪري سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. هن کي خبر پئجي ويئي ته ”او – 2“ هوائي جهاز جو آواز آهي. اهو صاف ظاهر هو ته هوائي جهاز بنهه ويجهو جهنگل مٿان لامارا ڏيئي رهيو آهي ۽ لهڻ لاءِ ڪا جاءِ ڳولي رهيو آهي.

”واريا، واريا!“ اليڪسيءَ ٺونٺين ڀر اٿڻ جي ڪوشش ڪندي آواز ڏنو، پر واريا خندق ۾ ڪانه هئا. ٻاهران کيس عورتن جو جوشيلو آواز ۽ پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. خندق جو دروازو کليو ۽ فيدڪا اندر آيو: ”چاچي واريا، او چاچي واريا! هوائي جهاز اسان جي ڳوٺ مٿان لامارا پيو ڏي!“ ۽ ان کان اڳ جو اليڪسي ڪجهه چوي، فيدڪا ڊوڙ پائي ٻاهر نڪري ويو.

انتهائي ڪوشش ڪري اليڪسي اٿي ويٺو.سندس دل جي ڌڙڪڻ، لؤڻن وٽ رت جي ڊوڙڻ ۽ پيرن جي درد سڄي بدن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو هو. هو ڳڻڻ لڳو ته هوائي جهاز ڪيترا چڪر ٿو ڏي. هڪ، ٻه، ٽي ۽ پوءِ هو خوشيءَ ۽ جوش مان گاديلي تي ڪري پيو.

هڪ گونجدار ۽ ڳرو آواز آيو، جيڪو آواز هو پري کان به سڃاڻي ٿي سگهيو. سڄيءَ لڙاڪو رجمينٽ ۾ انهيءَ آواز وارو اڪيلو ئي ته ماڻهو هو، اسڪوارڊن ڪمانڊر ”اندرئي ديگتيارنيڪو“اليڪسيءَ اکيون کوليون، پر سمجهيائين ته پاڻ اڃا تائين گهري ننڊ ستو پيو آهي ۽ خواب ۾ پنهنجي دوست جو اُڀريل هڏين وارو، ويڪرو ۽ کهرو چهرو پيو ڏسي، جنهن مان ملائڪن جهڙي معصوميت پئي بکي، جنهن جي نراڙ تي ڳاڙهي زخم جو نشان آهي. هلڪي رنگ جون اکيون ۽ بي رنگ ڇَپر، جنهن کي آندرئي جا دشمن ”سور جا ڇپر“ چوندا هئا. ننڍيون ٻه هلڪيون نيريون اکيون، دونهين کي چيرينديون کيس سوال ڀريءَ نظر سان ڏسي رهيون هيون.

”چڱو نانا! هاڻي اسان کي پنهنجو لڌل خزانو ڏيکار.“ آندرئي چٽي يوڪريني لهجي ۾ ڳالهايو.

آندرئي جي پٺيان نانا ميخائيل جو ٿڪل ۽ زرد چهرو ڏسڻ ۾ آيو. جوش مان سندس اکيون ٻاهر نڪري آيون هيون. سندس پاسي ۾ اسپتال جي هڪ نرس بيٺل هئي. هيءَ هئي مڙيل نڪ واري، تيز ڇوڪري لينوچڪا، جيڪا انڌيري ۾ تجسس ڀريل نگاهن سان ڏسي رهي هئي. سندس بغل ۾ هڪ ٿيلهو هو، جنهن تي ريڊڪراس لکيل هو ۽ هٿ ۾ گلن جو گلدستو هيس.

سڀئي خاموش هئا. آندرئي شايد اوندهه جي ڪري گهٻرايل گهٻرايل ۽ چُهنجين اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هو. هڪ ٻه ڀيرا ته سندس نگاهه اليڪسيءَ جي چهري تان به ترڪندي هلي ويئي، پر هو کيس سڃاڻي نه سگهيو. اليڪسي اڃا به ان سچ کي ڪو خيال ٿي سمجهيو. هن کي اڃا پڪ ڪانه هئي ته ڪو سندس دوست آندرئي به هن طرح اوچتو وٽس پهچي سگهي ٿو.

”الله تون خير ڪر، ڇا تون هن کي ڏسي به نه ٿو سگهين؟ هي آهي اهو.“ واريا اليڪسيءَ تان رڍ جي کل وارو ڪوٽ هٽائيندي آهستي چيو.

پوءِ آندرئي اليڪسيءَ تي حيرت ڀريل نگاهه وڌي. ”آندرئي!“ پاڻ کي ٺوٺين جي مدد سان اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي بنهه جهيڻي آواز ۾ چيو. ”ميريسئيف!“ آندرئي کيس حيرت سان ڏٺو ۽ مشڪل سان پنهنجي خوف کي لڪائي سگهيو.

”آندرئي! ڇا تون مون کي سڃاڻين ڪونه ٿو؟“ ميريسئيف چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته هو پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏڪي رهيو هو.

آندرئي هڪ پل ان زندهه پڃري کي ڏسندو رهيو، جيڪو ڪاري کَلَ ۾ لڪو پيو هو ۽ بنهه باهه جو سڙيل ٿي لڳو. هو پنهنجي حسين دوست جا پراڻا نقش ڳولڻ لڳو. نيٺ هو رڳو پنهنجي يار جون وڏيون وڏيون ۽ گول اکيون سڃاڻي سگهيو، جن مان ميرسيئف جي سچائي، عزم ۽ حوصلو جهلڪي رهيو هو. هن جو ٿيلهو پٽ تي ڪري پيو ۽ ان مان بسڪيٽن جا پيڪيٽ، بنڊل، صوف، نارنگيون ۽ ٻيو سامان وکري ويو.

”اليوشڪا! ڇا واقعي تون آهين؟“ جذبات کان سندس آواز ڀرجي آيو ۽ سندس ڊگها پلڪ ڀڄي پيا. ”اليوشڪا! اليوشڪا!“ هن ٻيهر ورجايو. هن بنهه آهستي آهستي ان ڪمزور جسم کي پنهنجي هٿن ۾ کنيو، جيئن ٿڃ پياڪ ٻار کي کڻبو آهي ۽ هن کي پنهنجي سيني سان لڳايائين ۽ رڳو اليوشڪا، اليوشڪا چوندو رهيو. هڪ کن لاءِ هن اليڪسيءَ کي ڇاتيءَ کان الڳ ڪري وري چتائي ڏٺو ۽ ٻيهر کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇاتيءَ سان لائي چيائين:

”ها ها، تون ئي آهين، اليوشڪا! شيطان جا ٻچا!“

واريا ۽ نرس اليڪسيءَ جي جسم کي آندرئي جهڙي شينهن مڙس کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون:

”خدا جي واسطي هن کي ڇڏي ڏي. هن ۾ ذرو به سهپ ڪانهي.“ واريا بنهه ڪاوڙجندي چيو.

”هن لاءِ اهڙي جذباتيت نقصانڪار آهي. هن کي هيٺ لاهه.“ نرس سخت لهجي ۾ چيو.

ليڪن آندرئي کي جڏهن پڪو يقين ٿي ويو ته هي ڪارو، سڪل ۽ بي وزن جسم ”اليڪسي ميرسيئف“ جو آهي، سندس پنهنجي ساٿيءَ، پنهنجي فوجي دوست، جنهن کي سڄي رجمينٽ مردو سمجهيو ويٺي هئي، تنهن جو آهي، تڏهن هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. ڪا گهڙي هن کي خيال ٿيو ته سندس ساٿي ته ڏاڍو ڪمزور ۽ سخت زخمي آهي ۽ هن کيس بستري تي سمهاري ڇڏيو ۽ زور سان فتح جو نعرو هنيائين. جهڪي اليڪسيءَ جي ڪلهن کي جهلي سندس اکين ۾ گهوري گهوري ڏٺائين، جيڪي پنهنجي کڏن ۾ خوشيءَ مان ٻهڪي رهيون هيون ۽ رڙ ڪيائين: ”زنده باد پاڪ مريم! زنده باد – شيطان جا ٻچا! ڪٿي هئين تون هيترا ڏينهن؟ ڇا ٿي ويو هو توکي؟“

پر جذبات ۾ وهلور ويندڙ هواباز کي نرس زور سان ڌڪي پري ڪيو. ان گول مٽول بندري قد واري نرس کي، جنهن جو نڪ ٿورو اُڀو هو، سندس ليفٽيننٽ جي عهدي جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ ئي رڳو ”لينوچڪا“ يا سِسٽر (ڀيڻ) چوندا هئا. هوءَ هر وقت ڳائيندي ۽ کلندي رهندي هئي ۽ هڪ ئي وقت سمورن ليفٽيننٽن تي لطف ۽ ڪرم جي برسات وسائيندي رهندي هئي. تنهن نيٺ سختيءَ سان حڪم ڏنو:

”ڪامريڊ ڪيپٽن، مريض کي ڇڏي ڏي!“

هن گلن جو ڇڳو ميز تي اڇلي ڇڏيو. هاڻي انهن گلن جي ڪابه ضرورت ڪانهي. هن پنهنجو ريڊڪراس وارو ٿيلهو کوليو ۽ مخصوص انداز ۾ مريض جو معائنو ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي ٿلهين ٿُلهين ۽ سهڻين آڱرين سان اليڪسيءَ جي ٽنگن کي ٺونگا هڻي وڄائي ڏٺو ۽ پڇيو:

”هتي سور ٿئي ٿو؟ هتي؟ ڀلا هتي؟ ۽ ڀلا هتي؟“ اليڪسيءَ پهريون ڀيرو پنهنجي ٽنگن کي چڱيءَ طرح جانچي ڏٺو. پير سُڄي دڙو ٿي پيا هئا ۽ ڪارا نيرا پئي ڏسڻ ۾ آيا. ٿورڙو ڇُهڻ سان به ايذاءُ سندس انگ انگ ۾ ڪرنٽ وانگي ڊوڙي ٿي ويو. پير جي آڱرين جو رنگ ڏسي لينوچڪا جي ذهن کي ڌچڪو پهتو آڱريون بنهه ڪاريون ۽ بنهه بي حس ٿي چڪيون هيون.

نانا ميخائيل ۽ آندرئي ديگتيارينڪو ميز تي ويهي رهيا. انهن ماٺ مٺيءَ ۾ هواباز جي فلاسڪ مان، ان خوشيءَ جي موقعي تي ٻه ڍُڪَ ڀريا ۽ زور شور سان ڳالهائڻ لڳا. نانا ميخائيل کيس سمورو قصو ٻڌايو ته اليڪسي کين ڪيئن مليو هو؟ ظاهر آهي ته هن اها ڪهاڻي ڪا پهريون ڀيرو ڪونه پئي ٻڌائي.

آندرئي سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ نانا ميخائيل جي اڳيان وڌائي چيائين: ”ڇا توهان سگريٽ پيئندا آهيو؟“

نانا ميخائيل سگريٽ ورتو، پنهنجي کيسي مان اخبار جو هڪ مڙيل سڙيل ٽڪرو ڪڍيو ۽ ان مان هڪ ننڍو ٽڪر ڦاڙي، ان ۾ سگريٽ وارو تماڪ وجهي، ان کي ٻيڙيءَ وانگر ورائي سگريٽ ٺاهيو ۽ ان کي دکائي هڪ زبردست ڦوڪ ڀري. ”ها سگريٽ ڇڪيندو آهيان، ضرور ڇڪيندو آهيان.“ هن هڪ ٻيو به ڪش هنيو ۽ چيو: ”بس، جڏهن کان جرمن آيا آهن، تڏهن کان اسان تماڪ جي شڪل ئي ڪانه ڏٺي آهي. آءٌ ته مڙيئي وڻن جا پن يا گاهه وغيره ڇڪيندو آهيان...... ها البت جيستائين اليڪسيءَ جي گيلاٽين کائڻ جو تعلق آهي ته مون ته کيس ائين ڪندي ڪونه ڏٺو هو. باقي ڇوڪرن جو چوڻ آهي ته هو پاسو ورائي پيٽ ڀر ٿي ٿيو ۽ وري پاسو ورائي پٺيءَ ڀر ٿي ٿيو ۽ اهڙي طرح هن گيلاٽيون پئي کاڌيون. ڏس، ڳالهه هيءَ آهي ته هن ۾ گوڏن ڀر يا ٺونٺين ڀر رڙهڻ جي به طاقت ڪانه رهي هئي. آهي نه حيرت جهڙي ڳالهه. ڪيڏي نه حوصلي ۽ همت وارو آهي هي ماڻهو!“

آندرئي پنهنجي يار کي ڏسڻ لاءِ هر هر ٽپ ڏيئي ٿي اٿيو، جنهن کي عورتون سُرمائي ڪمبلن ۾ ويڙهي رهيون هيون، جيڪي نرس پاڻ سان آندا هئا.

”پٽ! تون ويهي رهه. ننڍڙي ٻار کي ڪڇو پارائڻ مردن جو ڪم ڪونهي.“ نانا ميخائيل کيس چيو. ”منهنجي ڳالهه تون غور سان ٻڌ. پنهنجن وڏن آفيسرن کي ضرور ٻڌائج ته هن ماڻهوءَ تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. تون ڏسين پيو ته هينئر هو ڇا ٿي ويو آهي. اسين سڀ، سمورو پئنچاتي فارم هڪ هفتي کان وٺي سندس سار سنڀال ڪري رهيا آهيون ۽ هو پنهنجا هٿ پير به چوري نٿو سگهي، پر منجهس جهنگل ۽ دٻڻ مان رڙهندو اچڻ جي قوت هئي. اهڙن ماڻهن جو تعداد ڪو گهڻو ڪونه هوندو آهي. وڏا وڏا ساڌو پڻ پنهنجي عبادت دوران اهڙا ڪارناما ڪونه ٿا ڪن. ڪنهن ٿنڀي تي بيٺو رهڻ ڪهڙي ڪمال جي ڳالهه آهي؟ ڪيئن، آءٌ ٺيڪ پيو چوان نه؟ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ ٺيڪ ئي پيو چوان. پر ڇوڪرا! منهنجي ڳالهه ته ٻڌ......“ پوڙهو آندرئي جي ڪنن ڏانهن جهڪيو ۽ چيائين: ”پر مون کي اميد آهي ته مرندو ڪونه. تنهنجو ڇا خيال آهي؟ هو جرمنن جي چنبي مان بچي ويو آهي، پر ڇا ماڻهو ملڪ الموت کان بچي سگهي ٿو؟ هڏ ۽ کل ۽ بس! هو ڪيئن وڙهندو رهيو هو، آءٌ ته تصور به نٿو ڪري سگهان. هن جي دل بيحد چاهي رهي هوندي ته هو پنهنجن ماڻهن وٽ پهچي....... ڪيئن؟ بيهوشيءَ ۾ هو يڪو وڦلي رهيو هو: ”هوائي اڏو! هوائي اڏو!“ ٻيا به ڪي لفظ هئا. ها سچي، هن اولگا جو نالو پڻ ورتو هو. ڇا اوهان وٽ ان نالي واري ڪا ڇوڪري موجود آهي؟ يا شايد اها سندس زال هجي. ڇا تون منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو؟ او هواباز! تو ٻڌو ته مون ڇا چيو؟“

پر آندرئي سندس ڳالهه ڪانه پئي ٻڌي. هو ان ماڻهوءَ جي باري ۾، سندس دوست جي باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪو هڪ معمولي ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جيڪو پاري ۾ ڄميل ۽ پنهنجي ڀڳل ٽٽل پيرن سان وگهرندڙ برف تي، جهنگل ۽ ڌٻڻ ۾ رڙهي رهيو هو ۽ جيڪو دشمنن کان پري ڀڄڻ ۽ پنهنجن ماڻهن وٽ پهچڻ لاءِ رڙهي ۽ گيلاٽيون کائي رهيو هو. هڪ جنگي هواباز جي حيثيت سان کيس پنهنجي تجربي خطرن ۽ مشڪلاتن اڳيان بي ڊپو ۽ مڙس ماڻهو بنائي ڇڏيو هو. هو هوائي جنگ جي شعلن ۾ ٽپي پوندو هو ته کيس موت جو خيال ئي ڪونه ايندو هو. ويتر کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي، پر اڪيلي سر جهنگل ۾ ماڻهوءَ لاءِ هي سڀڪجهه ڪرڻ....... ڏاڍو حيرت انگيز هو!

”توهان کي هي ڪڏهن مليو؟“ آندرئي پڇيو.

”ڪڏهن؟“ پوڙهي جا چپ چُريا ۽ هن کليل دٻي مان هڪ سگريٽ ڪڍيو. ”ڀلا ڪڏهن؟ ها ها، ٺيڪ آهي، پورو هڪ هفتو ٿيو آهي.“

آندرئي دل ئي دل ۾ تاريخون ڳڻيون ۽ هن حساب لڳايو ته اليڪسي ميرسيئف ارڙهن ڏينهن تائين رڙهندو رهيو هو. هڪ زخمي ڦٽيل ماڻهو، جيڪو جڏو ٿي چڪو هجي، سو ايترا ڏينهن رڙندو رهي، سو به کاڌي پيتي کان سواءِ ــــــــ اها ڳالهه ناقابل يقين ٿي لڳي.

”چڱو نانا! توهان جي وڏي وڏي مهرباني!“ هواباز زور سان پوڙهي کي ڇاتي سان لڳايو ۽ چيو.

”ادا توهان جي وڏي مهرباني.“

”ان جي ضرورت ڪانهي! مهرباني ڇاجي؟ ’مهرباني‘ ٿو چوين؟ آءٌ آهيان ڪير؟ ڪو اجنبي، ڪو پرديسي يا ڪير؟ ڇا آءٌ توهان جو پنهنجو ڪونه آهيان؟ پوءِ مهرباني ڇا جي؟“ پوءِ هن ڪاوڙ مان سندس ننهن کي جهڻڪيو: ”هي سامان پٽ تان کڻ! ڏس ته سهي، ڪهڙيون عمديون شيون پٽ تي پکڙيون پيون آهن ۽ هو چوي ٿو تنهنجي مهرباني.“

انهيءَ دوران لينوچڪا، اليڪسيءَ کي سفر لاءِ تيار ڪري ورتو ۽ چوڻ لڳي: ”ٺيڪ آهي، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. ماسڪو ۾ ڊاڪٽر توکي چپٽي وڄائيندي ئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا. ماسڪو وڏو شهر آهي، ڪيئن، آهي نه؟ هو توکان به وڌيڪ خراب حالت واري مريض کي به چڱو ڀلو ڪري ٿا ڇڏين.“ لفظ سندس وات مان ائين پئي آيا، ڄڻ ڪنهن ٿيلهي مان مٽرن جا داڻا ڪري رهيا هئا.

نرس جي ڳالهائڻ مان آندرئي کي اندازو ٿيو ته سندس دوست جي حالت بنهه نازڪ آهي. اليڪسي ڪمبلن ۾ چڱيءَ طرح ويڙهيو پيو هو ۽ صرف سندس مٿو آجو هو. هن کي ڏسي آندرئي کي ڪنهن فرعون جي ممي ياد اچي ويئي، جنهن جي شڪل هن تاريخ جي ڪتاب ۾ ڏٺي هئي. هن پنهنجي مضبوط هٿن سان پنهنجي دوست جي ڳلن کي ڇهيو هو، جنهن کي ڏاڙهي ڍڪي ڇڏيو هو.

”ائين ٺيڪ آهي اليڪسي! تون وري به پنهنجي پيرن سان پنڌ ڪندين. اسان کي هدايت ملي آهي ته اسين توکي ماسڪو جي بهترين اسپتال ۾ پهچايون. اتي سڀ ڊاڪٽر پروفيسر آهن. باقي جيستائين نرسن جو تعلق آهي.“ هن مسخريءَ مان لينوچڪا کي اک ڀڃندي چيو، ”هيءَ ته مردن کي به هلڻ لاءِ مجبور ڪريو وجهي! تون ۽ آءٌ ــــــ پاڻ ٻئي وري به هوا ۾ اڏامنداسين........“ هتي پهچي آندرئي محسوس ڪيو ته هو به لينوچڪا وانگر ڪوڙي ۽ نقلي خوشيءَ مان ڳالهائي رهيو هو. اوچتو هن اليڪسيءَ جي ڳلن تي هٿ گهمايو ته کيس آلاڻ محسوس ٿي، لڙڪن جي آلاڻ. ”اسٽريچر ڪٿي آهي؟ اچو اسين سڀ گڏجي هنکي ٻاهر ڪڍون. وقت وڃائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

واريا اليڪسيءَ جو سمورو سامان سميٽي، ويڙهي هڪ بنڊل ٺاهيو ۽ جنهن مهل هوءَ نازين وارو خنجر ان بنڊل ۾ رکڻ لڳي، تڏهن اليڪسيءَ چيو: ”نانا، هيءَ منهنجي نشاني آهي. مهرباني ڪري قبول ڪجو.“ اليڪسيءَ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ وقت ٻه ٽي ڀيرا نانا کي خنجر استعمال ڪندي ۽ ان جي واکاڻ ڪندي ٻڌو هو.

”تنهنجي مهرباني اليڪسي، وڏي مهرباني! هن جو لوهه تمام ڀلو آهي. ٿورو ڏسو ته سهي، مٿس ڪجهه لکيل به آهي، پر اهو اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪونهي.“ نانا اهو خنجر آندرئي کي ڏيکاريندي چيو. آندرئي خنجر تي لکيل عبارت پڙهي ۽ ان جو ترجمو ٻڌايو ته ”سڀ ڪجهه جرمنيءَ لاءِ آهي.“

”سڀ ڪجهه جرمنيءَ لاءِ“ اليڪسيءَ دهرايو ته کيس ياد پيو ته هن اهو خنجر ڪيئن هٿ ڪيو هو.

”چڱو پريان مڙس! هاڻ هن کي کڻو.“ هڪ طرف کان آندرئي اسٽريچر جو هٿيو جهليندي چيو.

سڀ ماڻهو، جيڪي خندق ۾ گڏ ٿيا هئا، سي ”يتيم“ کان موڪلائڻ لاءِ ٻاهر وٺي ڀڳا. واريا اڪيلي اندر رهجي ويئي. هن جي نظر گلن تي پيئي، جيڪي کانئس اتي وسري ويا هئا. هن اهي گل کنيا ۽ نڪ جي ويجهو آڻي ۽ ڊگهو ساهه کنيو. ائين ڪرڻ سان بنفشي جي مرجهايل ۽ هيڊن گلن جي هلڪي، لطيف ۽ تازگي آڻيندڙ سرهاڻ ان نوجوان عورت جي جيءَ ۾  واسجي ويئي، پر هيءُ ”سُڳنڌ“ ۽ مهڪ ايتري ته ڀيني ۽ هلڪي هئي جو دونهي جي بوءِ ۾ ان جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي. واريا پاڻ کي تختي تي ڦٽو ڪيو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.

(18)

پلاوٺي ڳوٺ جي سموري آبادي ان غير متوقع مهمان کان موڪلائڻ لاءِ اچي ڪٺي ٿي هئي. هوائي جهاز جهنگ جي پٺيان هڪ ننڍڙي پر ڊگهيري ڍنڍ ۾ بيٺو هو. ان ڍنڍ جي ڪنارن واري برف سخت هئي. خندقن کان ڍنڍ تائين ڪوبه رستو ڪونه هو، پر ڪلاڪ کن اڳ ۾ نانا ميخائيل، آندرئي، لينوچڪا جي اچڻ ڪري برف ۾ هڪ گس ٺهي پيو هو ۽ هينئر سمورا ماڻهو ان واٽ تان هلي رهيا هئا. سڀني کان اڳيان سيريونڪا ۽ فيدڪا هلي رهيا هئا. لينوچڪا اسٽريچر جي پاسي کان هلي رهي هئي. هوءَ ڪيڏي مهل اليڪسيءَ جو ڪمبل ٺيڪ ڪندي هلي ته ڪنهن وقت رومال سان سندس مٿو ٿي ڍڪيائين. سڀ کان پٺيان مايون، ڇوڪريون ۽ پوڙهيون هلي رهيون هيون ۽ گڏوگڏ سندن زبانون به تيز تيز هلي رهيون هيون.

اسٽريچر جي پٺيان پٺيان هي قافلو به آهستي آهستي هلي رهيو هو. کليل هوا ۾ پهرين ته اليڪسيءَ کي ڏاڍو سڪون مليو ۽ مسرت جو احساس ٿيو، پر پوءِ هڪڙي مٺاس ڀري خاموش اداسيءَ اچي ورايس. لينوچڪا هڪ ننڍڙي رومال سان اليڪسيءَ جا لڙڪ اگهيا ۽ لڙڪن مان هن اندازو لڳايو ته شايد کيس اسٽريچر جي لوڏن ڪري تڪليف پئي ٿئي ۽ تنهن ڪري ماڻهن کي چيائين ته آهستي آهستي هلو.

”نه، نه! تڪڙا هلو. اڃان به تڪڙا هلو.“ اليڪسيءَ کين گذارش ڪندي چيو.

هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته هو بنهه آهستي، حد کان زياده آهستي پيا هلن. کيس انديشو ٿيڻ لڳو ته هو هتان نڪري نه سگهندو ۽ ماسڪو وارو هوائي جهاز سندس انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي اڏامي ويندو ۽ ڪڏهن به اسپتال پهچي ڪونه سگهندو. اسٽريچر کڻي ويندڙن جي تيز هلڻ ڪري سندس پيڙا وڌي رهي هئي ۽ هو ڪنجهي رهيو هو، پر پوءِ به هو بار بار اهو ئي دهرائيندو رهيو ته ”مهرباني ڪري تڪڙا هلو، اڃا به تڪڙا هلو.“ هو انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ هشڪاريندو رهيو. حالانڪه کيس نانا ميخائيل جي ٿڪجڻ جو هانڀارو به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن ڏٺو پئي ته نانا هر هر ٿڙيو پئي ۽ ٿاٻا پيو کائي. ٻن عورتن نانا ميخائيل کان اسٽريچر جا هٿيا ورتا. نانا وري لينوچڪا جي ٻئي پاسان اسٽريچر جي ڀرسان هلڻ لڳو. هن پنهنجي ٽوپيءَ سان پنهنجي ٺوڙ ۽ ڳچيءَ تان پگهر اگهيو ۽ ڏاڍي اطمينان سان بڙ بڙ ڪرڻ لڳو.

”اسان کي چانَڪَ پيو هڻين، هان! ايترو تڪڙو آهين؟ ٺيڪ آهي اليڪسي، تون ٺيڪ ٿو چوين. هنن کي تڪڙو هلڻ لاءِ چئو. جڏهن ماڻهو تڪڙ ۾ هوندو آهي ته ان مان ظاهر آهي ته ان ۾ زندگي موجود آهي ۽ اها زندگي تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي آهي. منهنجا پيارا ٻچا، ڇا آءٌ سچ ڪونه پيو چوان؟ اسپتال مان اسان کي خط ضرور لکجانءِ. هي پتو ياد رکجانءِ: ڪالينن علائقو، بولو گوئي ضلعو، ٺهندڙ ڳوٺ پلاوٺي، ڇا؟ ٺهندڙ ڳوٺ پلاوٺي چيو مون. گهٻراءِ نه، خط اسان کي ضرور ملي ويندو. وسارجانءِ نه، پتو صحيح آهي.“

جيڏي مهل اسٽريچر هوائي جهاز ۾ رکيو ويو ۽ هوائي جهاز جي تيل جي تيز بوءِ اليڪسيءَ پنهنجي نڪ ۾ چڀندي محسوس ڪئي، تڏهن هو خوشيءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ لڳو. هن انهن ماڻهن کي ڪونه ٿي ڏٺو، جيڪي سندس موڪلاڻيءَ لاءِ آيا هئا ۽ پنهنجا هٿ لوڏي رهيا هئا. هن اهو ڪونه ڏٺو ته هڪ سرڻ جي چهنب جهڙي نڪ ۽ بندري قد واري پوڙهي مائي پنهنجي سليٽي رنگ جي رومال ۾ مڇريل ڪانگ وانگر لڳي رهي هئي. هن اهو به ڪونه ڏٺو ته اها پوڙهي عورت خوف ۽ هوائي جهاز جي پنکي مان پيدا ڪيل هوا سان مقابلو ڪندي، اڳيان وڌي ۽ ڪڪڙ جي باقي حصي جو بنڊل به آندرئي جي هٿ ۾ ٿمايو، جيڪو هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ وڃي چڪو هو. هن ڪونه ڏٺو ته نانا ميخائيل ڪهڙي طرح عورتن کي دڙڪا ڏيئي رهيو هو ۽ ٻارن کي پري ڪري رهيو هو ۽ جڏهن تيز هوا ۾ سندس مٿي مان ٽوپي اڏامي پريان برف تي وڃي ڪري، تڏهن ڪيئن هو پنهنجي گنجي ٺوڙ سان پريان بيهي رهيو هو. ان مهل هو ڳوٺ ۾ ٺاهيل سينٽ نڪولاس جي تصوير سان هوبهو مليو پئي. هو پري ويندڙ جهاز کي بيٺو ڏسي رهيو هو.

اليڪسيءَ نه ته ڪجهه ڏسي رهيو هو ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن کي پيٽرول جي بوءِ ۽ هوا ۾ پرواز ڪرڻ جي خوش ڪندڙ احساس بيهوش ڪري ڇڏيو هو. هن کي ان وقت هوش آيو، جڏهن سندس اسٽريچر جهاز مان لاهي ٻئي ايمبولينس جهاز ۾ رکيو پئي ويو.

(19)

هو پنهنجي هوائي اڏي تي انتهائي مصروفيت جي وقت تي پهتو هو. اوڏي مهل به، روزانو وانگر تمام گهڻي رش هئي، جيئن عام طرح بهار جي موسم ۾ هوندو آهي. انجڻين جو گوڙ هڪ پل لاءِ به ڪونه ٿي رُڪيو. پيٽرول کڻڻ لاءِ هڪ جٿو زمين تي لٿو ٿي ته ٻئي ان جي جاءِ ٿي سنڀالي ۽ اهڙي طرح وري ٽيون جٿو. هر ماڻهو، هواباز کان وٺي پيٽرول ڏيڻ واري تائين ۽ گدام جي سنڀاليندڙ تائين، ان وقت تائين مسلسل ڪم ڪندو ٿي رهيو، جيستائين هو بيحال ٿي ڪري نه ٿي پيو. چيف آف اسٽاف جو آواز ويهي رهيو هو ۽ هو هاڻي مشڪل سان ڳالهائي پئي سگهيو، پر سخت گرمي ۽ ڇڪ ڇڪان واري ڪيفيت ۾ به ان ڏينهن هر ماڻهو ميريسئف جو انتظار ڪري رهيو هو.

”ڇا اڃا تائين هو ڪونه پهتو آهي؟“ هوابازن پنهنجي جهاز کي مقرر جاءِ تي بيهارڻ کان اڳ ۾ ئي تمام گهڻي گوڙ ۾ به رڙ ڪري مسترين کان اهو پڇيو ٿي. اهڙي طرح هر ماڻهوءَ جا ڪن اُڀا هئا، ميريسئف جي اچڻ جي خبر ٻڌڻ لاءِ.

جيڏي مهل اليڪسيءَ کي هوش آيو ته هن ڏٺو ته پاڻ اسٽريچر تي سنئون ڊگهو ٿيو پيو آهي ۽ سندس چوطرف سڃاڻو چهرن جو هجوم موجود آهي. سموري هجوم جي زبان مان خوشيءَ جو اظهار ٿي رهيو هو. اسٽريچر جي بنهه ويجهو بيٺل ونگ ڪمانڊر جو جوان ۽ خاموش چهرو، جنهن جي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ پکڙيل هئي ۽ ان کان پوءِ کيس چيف آف اسٽاف جو ڳاڙهو چهرو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن تي پگهر جون بوندون نمايان هيون ۽ پاسي ۾ هوائي اڏي جي انتظامي بٽيلين جي ڪمانڊر جو گول گول ۽ زرد چهرو به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کان اليڪسي ان جي سخت اصول پرستي ۽ ڪنجوسي جي ڪري نفرت ڪندو هو. ڪيترا ئي ڄاتل سڃاتل چهرا! اڳيان جيڪو اسٽريچر کڻي هلي رهيو هو، سو هو يورا، جنهن جيڏي مهل به پويان مڙي اليڪسيءَ کي ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي ته اوڏي مهل ٿاٻڙجي ٿي پيو. ان جي پاسي ۾ ڳاڙهن وارن واري هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي، جيڪا موسميات جي اسٽيشن جي سرجنٽ هئي. پهريائين اليڪسيءَ کي شڪ هو ته هوءَ ڪنهن سبب جي ڪري کيس پسند ڪانه ٿي ڪري. هوءَ هن کان پاسو پاسو ڪندي هئي ۽ کيس ماٺ ماٺ ۾ عجيب نگاهه سان ڏسي وٺندي هئي. هو کل ڀوڳ مان کيس ”موسمي سرجنٽ“ سڏيندو هو. موسمي سرجنٽ جي پاسي ۾ ڪو ڪو شڪن ٽپ ڏيندو هلي رهيو هو. سندس قد بندرو هو ۽ سندس زرقاني چهرو بنهه اڻ وڻندڙ هو. سڄي جٿي ۾ سندس بيزار ڪندڙ عادتن جي ڪري سڀئي کانئس ڇرڪندا هئا. هو به مسڪرائي رهيو هو ۽ يورا جي قدمن سان قدم ملائي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اليڪسيءَ کي ياد آيو ته پاڻ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان ٿورو اڳ ۾ ان جي چڱي خاصي مرمت ڪئي هئي، ڇو ته هن اڌارا ورتل ڏوڪڙ واپس ڪونه ڪيا هئا ۽ اهو ئي سبب هو جو اليڪسيءَ سمجهيو ٿي ته هو ضدي ۽ ڪيني وارو ماڻهو کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو. پر هينئر هو به اسٽريچر سان گڏ هلي رهيو هو ۽ ڏاڍي احتياط سان اسٽريچر کي سهارو ڏيئي، رستي ۾ بيٺل ماڻهن کي هٽائيندو، پري ڪندو هلي رهيو هو.

اليڪسيءَ کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو سندس ايترا دوست آهن. ڪوبه ماڻهو جڏهن پنهنجي اصليت عمل وسيلي کولي سامهون اچي ٿو ته ائين ئي ٿئي ٿو. عمل عوام دوست ۽ وطن دوست آهي ته محبتون کوڙ ۽ جي عمل عوام بيزار ۽ وطن دشمن آهي ته نفرتون هزار! کيس هاڻي ”موسمي سرجنٽ“ متعلق ڏاڍو افسوس پئي ٿيو، جو خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري هوءَ کانئس خوفزده نظر ايندي هئي. هوائي اڏي جي بٽيلن جي ڪمانڊر جي سامهون کيس شرمساري ٿي رهي هئي، جنهن جي ڪنجوسيءَ جي باري ۾ هن خبر ناهي ڪيترا ٽوٽڪا ٺاهي، سڄي ڊويزن ۾ پکيڙي ڇڏيا هئا ۽ کيس ائين لڳو، ڄڻ سندس دل ڪوڪوشڪن کان معافي وٺڻ چاهيندي هجي. هن جي دل چاهيو ته هو ماڻهن کي ٻڌائي ته هو ايترو خراب به ڪونهي. اليڪسي ايتريون مصيبتون سهڻ بعد نيٺ پنهنجي خاندان ۾ پهچي چڪو هو، جتي سندس واپسيءَ تي هر شخص خوشيون ملهائي رهيو هو.

هن کي ڏاڍي احتياط سان ميدان اُڪاري ايمبولينس هوائي جهاز تائين پهچايو ويو، جيڪو جهنگل جي ڪناري سان لڪو بيٺو هو. مسترين انجڻ به چالو ڪري ڇڏي هئي.

”ڪامريڊ ميجر“اليڪسيءَ اوچتو ونگ ڪمانڊر کي چيو ۽ انتهائي ڪوشش ڪري وڏي آواز ۽ اعتماد سان چوڻ لڳو. ونگ ڪمانڊر پنهنجي عادت موجب خاموشي ۽ پراسرار مسڪراهٽ سان اليڪسيءَ کي جهُڪي ويجهو ٿيو.

”ڪامريڊ ميجر...... مون کي موڪل ڏيو ته آءٌ ماسڪو نه وڃان ۽ هتي ئي رهان. توهان سان گڏ........“ ڪمانڊر پنهنجو ٽوپلو لاٿو، جنهن جي ڪري هو ڳالهه ٻڌي نه سگهيو هو.

”آءٌ ماسڪو نه ٿو وڃڻ چاهيان. آءٌ هتي ئي ميڊيڪل بٽيلين ۾ رهڻ چاهيان ٿو......“

ميجر پنهنجي هٿ تان جوراب لاٿو ۽ ڪمبل اندر اليڪسيءَ جو هٿ ڳولي، پنهنجي هٿ ۾ جهلي زور ڏنو ۽ چيو: ”توکي واقعي ڪنهن سٺي ۽ زبردست علاج جي ضرورت آهي.“ اليڪسيءَ ڪنڌ ڌوڻيو. هتي کيس ڪيترو نه سڪون ۽ آرام ملي رهيو هو. هاڻي کيس نه پويان تجربا خطرناڪ ٿي لڳا ۽ نه پيرن جي پيڙا جي شدت ئي کيس تنگ ٿي ڪيو.

”ڇا ٿو چوي؟“ چيف آف اسٽاف ويٺل آواز ۾ پڇيو. ”هي اسان وٽ رهڻ چاهي ٿو.“ ڪمانڊر مسڪرائيندي چيو. اوڏي مهل سندس مسڪراهٽ ڳجهارت وانگر ڪانه هئي، پر سندس مسڪراهٽ ۾ دوستي ۽ غمگساري هئي. ”بيوقوف! مٿي ڦريل، عاشق ڪٿي جو، ’پراودا‘ لاءِ هڪ سٺو مثال!“ چيف آف اسٽاف چيو. ”هنن ماڻهن ته فوج جي ڪمانڊر جي خاص حڪم سان ماسڪو مان هوائي جهاز موڪليو آهي. پر هي نوجوان...... تنهنجو ڪهڙو خيال آهي هن جي باري ۾.......؟“

اليڪسيءَ جواب ڏيڻ چاهيو ٿي ته هو عاشق مزاج ڪونهي ۽ هن ٻيو به گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر ان کان اڳ جو هو ڪجهه چوي، گهگهوءَ جي المناڪ ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي.

هر چهري تي هڪ ڳنڀير ۽ پيشاورانه ڪيفيت جهلڪڻ لڳي. ميجر بلڪل تيز لهجي ۾ ڪيترا ئي حڪم صادر ڪيا ۽ اتي موجود ماڻهو ماڪوڙين وانگر ڊوڙڻ لڳا. ڪي ماڻهو هوائي جهازن ڏانهن ڊوڙيا، ڪي ڪمانڊر پوسٽ طرف ڊوڙيا. ڪجهه ماڻهو مشينن ڏانهن ڊوڙيا، جيڪي جهنگل ۾ لڪيل هيون. اليڪسيءَ کي آسمان ۾ دونهي جي هڪ صاف ليڪ ڏسڻ ۾ آئي. هو هڪدم سمجهي ويو ته هوائي حملو ٿي چڪو آهي. سندس دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ ناسون ڦوڪجڻ لڳيون. سندس بدن ۾ تيز سيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. خطرناڪ گهڙين ۾ هو هميشه ائين ئي محسوس ڪندو هو. جيڏي مهل گهگهو وڳو هو ته لينوچڪا، يورا ۽ ”موسمي سرجنٽ“ جن کي هن هنگامي حالت ۾ ڪو خاص فرض سرانجام ڏيڻو ڪونه هو، ٽنهي اسٽريچر کنيو ۽ ڀڄي جهنگل جي ويجهي ۾ ويجهي اوٽ ۾ پناهه ورتي. هنن قدم سان قدم ملائي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وٺ پڪڙ ۾ ائين ڪري نه سگهيا.

اليڪسيءَ ڪنجهڪار ڪئي. هو ڊوڙڻ جي بدران آهستي آهستي هلڻ لڳا. پريان هوائي جهاز مان توپون گرجي رهيون هيون. هوائي جهازن جي هڪ جٿي پٺيان ٻيو جٿو ”اڏام واري رستي“ تي نڪري آيو ٿي ۽ ڊوڙندو هوا ۾ بلند ٿي ٿي ويو. انجڻن جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي اليڪسيءَ جو بدن تاڻجي ٿي ويو. جيتوڻيڪ پاڻ اسٽريچر سان ٻڌل هو، پر ائين پئي محسوس ڪيائين ته هو جنگي هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هو ۽ هاڻي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هوا کي چيريندو اڳيان وڌي رهيو هو.

اسٽريچر ان سوڙهيءَ کڏ ۾ سمائجي نٿي سگهيو، تنهن ڪري يورا ۽ ڇوڪرين کيس ڀاڪرن ۾ کڻي هيٺ وڃڻ ٿي چاهيو، پر اليڪسي ضد ڪرڻ لڳو ته کيس وڻ جي هيٺان ڇڏي ڏنو وڃي. اتي ليٽي هو واقعاسن جو مشاهدو ڪرڻ لڳو، جيڪي تمام جلد جلد رونما ٿي رهيا هئا. فقط خواب ۾ ئي اهڙي تيزيءَ سان واقعا ٿيندا آهن. هوائي جهاز ڀونئرن جيان آسمان ۾ لامارا ڏيئي رهيا هئا. هر طرف انجڻين جو گوڙ، بمن جا ڌماڪا، توپن جي گڙگڙ ۽ دونهين جا ڪڪر آسمان تائين پکڙيل هئا. انهيءَ گوڙ گهمسان ۽ نفسانفسيءَ جي عالم ۾ ”موسمي سرجنٽ“ جي چرپر اليڪسيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو. جيڏي مهل بمن جا ڌماڪا پنهنجي عروج تي پهتا، اوڏيءَ مهل اها ڇوڪري کڏ ۾ چيلهه تائين ڍڪيل هئي ۽ بدستور ماٺ ميٺ ۾ آڏيءَ اک سان کيس ڏسي رهي هئي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو هوءَ ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ اسٽريچر ڏانهن ڊوڙي، زمين تي ڪري ۽ هن اليڪسيءَ جي جسم کي پنهنجي جسم سان لڪائي ڇڏيو ۽ ڊپ ۽ جذبات کان وهلور، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪي رهي هئي.

هڪ لمحي لاءِ هن کي پنهنجي اکين جي ويجهو هڪ بنهه ٻاراڻو سانورو چهرو، ڀريل ڀريل چپ ۽ ٿورو مٿي اُڀريل نڪ نظر آيو. جهنگل ۾ ڪٿان هڪ ڌماڪو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون ڌماڪو ته بنهه ويجهو ٿيو. پنجون ڌماڪو ايترو ته زبردست هو جو مرڳو زمين ڏڪي ويئي. ان وڻ جي چوٽي، جنهن جي هيٺان اليڪسي پيو هو، بم جي هڪ ٽڪري سان ڪٽجي ڦهڪو ڪري اچي هيٺ ڪري . هن ٻيهر ڇوڪريءَ جو چهرو ڏٺو ۽ پنهنجي ڳلن تي هنجي ٿڌن ڳلن جو ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ ٻن بمن جي ڌماڪن جي وچ ۾ ان ڇوڪريءَ آهستگيءَ سان چيو: ”منهنجا پيارا! منهنجا جاني!........“

بمن جي ڌماڪن سان وڻ پاڙان اکڙيو اچيو پٽ تي ٿي پيا ۽ هر طرف مٽيءَ جي گرد ۽ غبار ۽ دونهه ڇانيل هو، جنهن مان ٿوم جي بوءِ پئي آئي. جڏهن دونهون ختم ٿيو ته هر طرف ماٺ ماٺوڙو لڳو پيو هو. هوائي جنگ جهنگل جي پٺيان ٿي رهي هئي، جنهن جو آواز مس ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. ڇوڪري هاڻي اٿي بيٺي هئي. سندس چهرو هيڊو نه هو، بلڪه هينئر ان تي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي. هن جي چهري جي عجيب ڪيفيت هئي. ائين پئي لڳو ته اجهو ٿي روئي. هن معافي طلب آواز ۾ اليڪسيءَ کان نظر بچائيندي چيو:

”مون توکي ڏکويو ته ڪونه، هان؟ مون کي معاف ڪجانءِ. آءٌ ڪيڏي نه بيوقوف آهيان، نادان آهيان. مون کي تمام گهڻو افسوس آهي.“

”هاڻي معافي وٺڻ جي ضرورت ڪانهي!“ يورا وهلور ويندي چيو، هو ڏاڍو شرمندو پئي ٿيو، جو موسميات اسٽيشن جي هن ڇوڪريءَ سندس بدران سندس دوست کي بچائڻ لاءِ جان جوکي ۾ وڌي هئي.

هن ڀڻ ڀڻ ڪندي اٿي پنهنجي وردي ڇنڊي ۽ پنهنجي ٺوڙ کنهيائين ۽ ان چوٽي ڪٽيل وڻ کي حيرت ڀري نگاهه سان ڏسڻ لڳو، جنهن جي ٿڙ مان شيشي جهڙو شفاف کونئر ڳڙي رهيو هو.

”ڏسو ته سهي، هي وڻ روئي پيو.“ لينوچڪا چيو، جنهن خطرناڪ گهڙين ۾ به پنهنجو حوصلو ۽ شادابي ڪانه وڃائي هئي.

”ڪڏهن تون ان وانگر ڳوڙها ڳاڙيندين!“ يورا ٿڌو ساهه کڻندي چيو. ”چڱو هاڻي هلو، تماشو ختم پئسا هضم! اميد ته اها ئي آهي ته ايمبولينس هوائي جهاز کي ڪو نقصان ڪونه پهتو هوندو.“

”بهار جي موسم اچي ويئي.“ ميريسئف وڻ جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ٿڙ کي ڏسندي، زمين تي ڳڙندڙ چمڪندڙ کونئر جي لار ۽ گهرگلي پاتل ڪوٽ ۾ مڙيل نڪ واري ”موسمي سرجنٽ“ کي ڏسندي چيو، جنهن جو نالو به کيس ڪونه ايندو هو.

يورا اڳيان ٿيو ۽ ٻئي ڇوڪريون پٺيان، اسٽريچر کڻي، بمن جي ٺاهيل کڏن کان پاسو ڪندا هو ايمبولينس ڏانهن وڃڻ لڳا. اليڪسيءَ وڏي فوجي ڪوٽ جي ٻانهن مان اهو مضبوط هٿ ڏٺو، جيڪو مضبوطيءَ سان اسٽريچر جو هٿيو جهليو پئي هليو. آخر کيس ڇا ٿيو هو؟ يا هن پاڻ ڊپ جي عالم ۾ رڳو تصور ۾ سوچيو هجي ته هن کان اهي لفظ نڪتا هوندا.

ان ڏينهن، جيڪو هن لاءِ زبردست واقعن سان ڀريل هو. اليڪسيءَ کي هڪ ٻيو واقعو به پيش آيو. کيس چاندي جي رنگ جهڙو ايمبولينس هوائي جهاز به نظر اچي ويو، جنهن کي مستري جانچي رهيو هو ته ڪو نقصان ته ڪونه پهتو اٿس. ان وقت هڪ ٻيلي پٺيان جنگي هوائي جهاز موٽيا ۽ لهندا ويا ۽ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي وڃي بيٺو. ستت ئي آسمان صاف ٿي ويو ۽ بنهه خاموشي ڇانئجي ويئي. هوائي اڏي کي صاف ڪيو ويو. انجڻن جو گوڙ بند ٿي ويو. پر پوءِ به ماڻهو هڪ ڪمانڊ پوسٽ ۾ موجود هئا ۽ پنهنجي اکين مٿان هٿ رکي آسمان ۾ ڪا شيءِ ڳولي رهيا هئا.

”9 – نمبر واپس ڪونه ٿيو آهي، لڳي ٿو ته ڪنهن پاسي ٿڙي ويو آهي.“

اليڪسيءَ کي ڪوڪوشڪن جو زرقاني ننڍڙو چهرو ياد پيو، جنهن مان هميشه بي اطميناني پئي بکندي هئي. کيس ياد آيو ته سوير هن ڪيتري نه احتياط سان اسٽريچر کي سهارو پئي ڏنو. ڇا هو..............؟ جنگ جي ههڙن گرما گرم ڏينهن ۾ هن قسم جو خيال، سو به هڪ هواباز لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي، پر پوءِ به سندس بدن ۾ سيانڊڙو پئجي ويو.

انهيءَ ئي ساعت انجڻ جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ يورا کان خوشيءَ مان رڙ نڪري ويئي: ”هو اچي ويو، هو اچي ويو!“ ڪمانڊ پوسٽ ۾ جيڪي ماڻهو بيٺا هئا، تن ۾ هلچل مچي ويئي. ڪو حادثو ٿي پيو هو. ”9 نمبر“ هيٺ ڪونه ٿي لٿو، پر هوائي اڏي تان وڏو چڪر ڪاٽڻ لڳو. اليڪسيءَ ان کي پنهنجي مٿان اڏامندي ڏٺو ۽ هن هڪدم ڏسي ورتو ته جهاز جي پک جو ٽڪر غائب هو ۽ هي ڳالهه سڀ کان خراب هئي، جو ان جي هيٺان فقط هڪ ٽنگ باقي هئي. هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڳاڙها راڪيٽ هوا ۾ سوساٽ ڪندا ويا، پر ڪوڪوشڪن هڪ ڀيرو وري مٿان اڏامندو هليو ويو. سندس هوائي جهاز ان پکيءَ وانگر هو، جيڪو پنهنجي آکيري جي چؤطرف لامارا ڏيندو هجي ۽ کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪٿي لهي؟ هن ٽيون چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيو.

”هڪڙي منٽ ۾ هو ڇٽيءَ ذريعي هيٺ لهي ايندو. هن جو تيل ختم ٿي چڪو آهي ۽ هو آخري چند ڦڙن سان هوائي جهاز اڏائي رهيو آهي.“ يورا چيو ۽ سندس نگاهه گهڙيءَ تي ڄميل هئي.

جڏهن هوائي جهاز کي هيٺ لاهڻ ممڪن نه هجي ته انهن حالتن ۾ هواباز کي اهو اختيار هوندو آهي ته هو هوائي جهاز کي مٿي ڇڏي پاڻ ڇٽيءَ وسيلي لهي اچي. شايد ”9 نمبر“ کي به ان قسم جي هدايت ملي چڪي هئي. پر هو هٺ ڌرميءَ سان ساڳئي طرح هوائي اڏي مٿان چڪر ڪاٽي رهيو هو.

يورا هر هر هوائي جهاز کي ڏسيو وري گهڙي ٿي ڏٺي. جڏهن کيس محسوس ٿيو ته هوائي جهاز جي رفتار ڍري ٿي رهي آهي ته هو ويهي رهيو ۽ هڪ پاسي منهن ڦيري ڇڏيائين. ”ڇا کيس هوائي جهاز ئي بچائڻو آهي؟“ اتي موجود هر شخص جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه پئي ڦري ته ”ٽپي پئه، ٽپي پئه يار!“

هڪ جنگي هوائي جهاز، جنهن جي پڇ تي نمبر ”1“ لڳل هو، هڪدم هوا ۾ بلند ٿيو ۽ انتهائي هوشياريءَ سان کن پل ۾ زخمي ”نمبر9“ جو پاسو وڃي ورتائين، پر جنهن سڪون ۽ ڦڙتائيءَ سان هوائي جهاز اڏايو پئي ويو، تنهن مان اليڪسي سمجهي ويو ته ان کي خود ونگ ڪمانڊر پاڻ اڏائي رهيو آهي. ائين پئي معلوم ٿيو ته ونگ ڪمانڊر کي اندازو ٿيو ته ڪوڪوشڪن جو يا ته ريڊيو ڪم نٿو ڪري، يا هواباز پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري هو سندس مدد لاءِ وڃي وٽس پهتو. هن پنهنجي پرن ذريعي اشارو ڪيس ته ”جوڪجهه آءٌ ڪريان، سو ئي ڪر.“ هن ڪوڪوشڪن کي حڪم ڏنو ته هڪ پاسي هٽي ڇٽي کڻي ٽپي پئه ــــــ پر انهيءَ پل ڪوڪوشڪن گيس گهٽ ڪري ڇڏي ۽ لهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. سندس جهاز باقي هڪ سلامت ٽنگ سان هوائي اڏي تي لٿو ۽ هڪ ئي ڦيٿي تي ڊوڙڻ لڳو. هن جي رفتار گهٽ ٿي ويئي. اهو هڪ طرف جهڪيو ۽ سندس محفوظ پر زمين سان وڃي لڳو. هوائي جهاز ٿورو ڦيرو ڏنو ۽ برف جو هڪ طوفان اڏاڻو.

جڏهن برف صاف ٿي ته ڪا ڪاري شيءِ زخمي هوائي جهاز جي پاسي ۾ پيل ڏٺي ويئي. ماڻهو ان ڪاري شيءِ ڏانهن ڊوڙيا ۽ هڪ ايمبولينس سيٽي وڄائيندي ان طرف اچڻ لڳي.

”هن پنهنجو هوائي جهاز بچائي ورتو. ڪيڏو نه همت وارو ماڻهو آهي، ڪوڪوشڪن! هن اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ڪڏهن سکيو؟“ اليڪسي اسٽريچر تي پيو سوچي رهيو هو ۽ پنهنجي ساٿيءَ کي رشڪ سان ڏسي رهيو هو.

هن جي دل ۾ ور ور ڏيئي هڪ خواهش زور وٺي رهي هئي ته هو ان پاسي ڊوڙي وڃي، جتي اهو ننڍڙو ماڻهو پيو هو، جنهن کي سڀئي پسند ڪونه ڪندا هئا، جيڪو ايترو بهادر ۽ هوشيار هواباز ثابت ٿيو هو، ليڪن هو ته اسٽريچر سان ٻڌو پيو هو.

ان سموري وٺ پڪڙ ۾ هڪ ڪلاڪ کن مس لڳو، پر اهي سموريون ڳالهيون ايترو ته جلد ٿي گذريون جو اليڪسي پنهنجي ذهن ۾ انهن جو تجزيو ڪري نه سگهيو. ها البته فقط اوڏيءَ مهل – جڏهن سندس اسٽريچر ايمبولينس هوائي جهاز ۾ رکيو پئي ويو ۽ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سندس نظرون ”موسمي سرجنٽ“ جي نگاهن سان مليون هيون، تڏهن ئي هن انهن لفظن جو واقعي صحيح مطلب سمجهيو هو، جيڪي بمباريءَ وقت ڇوڪريءَ جي وات مان بي اختيار نڪتا هئا. هن ڏاڍي شرمندگي پئي محسوس ڪئي جو کيس ان عظيم بهادر ۽ باهمت ڇوڪريءَ جو نالو به نه ٿي آيو.

”ڪامريد سرجنٽ.........“ اليڪسيءَ ٿورائتين اکين سان ڏانهس نهاريندي چيو.

چئي نٿو سگهجي ته هن انجڻ جي گوڙ ۾ اليڪسيءَ جو آواز به ٻڌو  هو يا نه؟ پر هوءَ اڳيان وڌي ۽ هن هڪ ننڍڙو پيڪيٽ اڳيان وڌائي چيو:

”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، هي توهان جا خط آهن. مون انهن کي سنڀالي رکيو هو، ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته توهان زنده سلامت ۽ جيئرا جاڳندا آهيو ۽ هڪڙي ڏينهن ضرور موٽي ايندا. اهو منهنجي دل جو آواز هو.“

هن خطن جو ننڍڙو بنڊل اليڪسيءَ جي سيني تي رکي ڇڏيو. هن ڏٺو ته انهن مان ڪيترا خط سندس ماءُ جا آهن ۽ ٻيا ڪيترا خط انهن ڄاتل سڃاتل لفافن ۾ هئا، جهڙا لفافا سندس ورديءَ جي کيسي ۾ هميشه موجود هوندا هئا. سندس چهرو انهن لفافن کي ڏسي ٽڙي پيو.

”ڇا هي خط ڪنهن ڇوڪريءَ جا آهن؟“ موسمي سرجنٽ ڏاڍي اداسيءَ مان هڪ ڀيرو وري ڳاڙهو ٿيندي پڇيو. سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون ۽ سندس دلڪش ڊگها ڊگها پلڪ پُسي ويا هئا.

ميريسئف محسوس ڪيو ته هن بمباريءَ جي وقت اهي لفظ رڳو تصور ۾ ڪونه ٻڌا هئا، پر سچي پچي ان ڇوڪريءَ چيا هئا، جيڪا هينئر به سندس سامهون هئي ۽ اها حقيقت سمجهڻ کان پوءِ منجهس سچ ڳالهائڻ جي همت ڪانه رهي.

”هي خط منهنجي پرڻيل ڀيڻ جا آهن، هاڻي هن جو نالو تبديل ٿي ويو آهي.“ هن اهو جواب ته ڏنو، پر کيس پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي.

انجڻ جي گوڙ کي چيريندي ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پاسي وارو دروازو کليو ۽ هڪ سرجن اندر داخل ٿيو. هو اڻ سڃاتل هو ۽ سندس ڳري ڪوٽ جي مٿان اڇو چوغو پاتل هو.

”چڱو، هتي ته پهرين به هڪ مريض موجود آهي. ٺيڪ آهي.“ هن ميريسئف کي ڏسندي چيو. ”ٻئي کي اندر کڻي اچو، اسان هڪ منٽ ۾ وڃون پيا ۽ محترمه، توهان هتي ڇا پيون ڪريو؟“ هن ٻاڦ ڪري ڌنڌلي ٿيندڙ عينڪ سان ”موسمي سرجنٽ“ کي گهوريندي چيو، جيڪا يورا جي پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ”هاڻي وڃ، اسان هڪ منٽ ۾ روانا ٿي رهيا آهيون. اي! اسٽريچر کي اندر کڻي اچو.“

”خط ضرور لکجانءِ. خدا جي واسطي مون کي خط ضرور لکج. آءٌ انتظار ڪنديس!“ اليڪسيءَ کي ڇوڪريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

يورا جي مدد سان سرجن اسٽريچر کي اندر ڇڪيو، جنهن تي پيل شخص آهستي آهستي ڪنهن جي رهيو هو. اسٽريچر کي پنهنجي خاني ۾ رکيو پئي ويو ته ان ماڻهوءَ تي پيل چادر ٿورو کسڪي ويئي ۽ اليڪسيءَ کي ڪوڪوشڪن جو چهرو صاف نظر آيو، جنهن تي درد جي پيڙاه نمايان هئي. سرجن هٿ مهٽيا، ڪاڪ پٽ ۾ نگاهه وڌي ۽ ميريسئف جي پيٽ تي هٿ گهمائيندي چيو:

”سٺو، تمام سٺو! چڱو ٿيو جو توکي هڪ همسفر ته ملي ويو. نوجوان ڇوڪرا! تمام چڱو ٿيو. هاڻي اهي سڀ، جيڪي اسان سان گڏ ڪونه ٿا هلن، سي لهي وڃو! اڇا هوءَ سرجنٽ جي ريبي نا واري لولي ڏيندڙ ڇوڪري وئي هلي، هاڻ؟ چڱو، هاڻي اسان هلون.......!“

يورا جي لهڻ تي دل ئي ڪانه پئي ٿي، نيٺ سرجن کيس ڌڪي لاهي ڇڏيو. دروازو بند ٿي ويو. سرجن ميريسئف جي پاسي ۾ ديوار سان لڳي ويهي رهيو.

”تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ اچ ته تنهنجي نبض ڏسان.“ سرجن سوال ڪندڙ نگاهن سان کيس ڏٺو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”زبردست ڪردار آهي!“ ۽ اليڪسيءَ کي چيائين: ”تنهنجا دوست تنهنجي باري ۾ اهڙا ته قصا ٿا ٻڌائين جو اعتبار ئي نٿو اچي. جهڙوڪر ”جيڪ لنڊن“ جي ڪا ڪهاڻي هجي.“

هو پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو ۽ هٿ پير ڊگهاري هڪدم ڪنڌ لاڙي سمهي رهيو. ظاهر هو ته هو زرد چهري وارو ماڻهو، جيڪو هاڻي ڪنهن به طرح جوان نه رهيو هو، ڪيترو نه ٿڪل هو.

ايمبولينس هوائي جهاز ماسڪو طرف اڏامي رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org