سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چتر ليکڪا

صفحو :5

باب تيرهون

يشوڌرا ۾ ڇڪ به هئي- هوءَ ڪيتري نه سندر هئي، هن واري چڪ ڪيڏي نه مٺي هئي، پر گڏو گڏ ڪيڏي نه اَچيت ۽ ڪيتري نه سادي. يشوڌرا جي آڏو ويهي، ماڻهو هن جي سونهن جي پوترتا ۽ مان ڏسي پئي سگهيو، هن جي شانتيءَ ۾ پڃ پرکي پئي سگهيو، ۽ هن جي سنگ ۾ پاڻ کي پوتر ڪري پئي سگهيو. ان هوندي به بيج گپت کي ات آنند نه پئي مليو. هن جي سنگ ۾ هن کي چس نه پئي آيو. هن جي منورتيءَ ۾ ڪا ڳالهه اهڙي هئي، جنهن سان هو هريل مريل نه هو. هن جي سڌي سادي، کلئي کلائي ۽ رک رکاءَ کان خالي ڳالهائڻ ۾ ڪنواري ڪنيا جي اڌمن ۽ امنگن ، شرڌا ۽ پوترتا جو اهو پڙاڏو هو، جنهن کي بيج گپت پوڄي ته سگهيو پئي پر پيار ڪري ۽ سويڪار ڪري نه پئي سگهيو.

جوڀن هلچل آهي، هڪ بي چين آتما آهي. اُهو هر وک تي ڪٺنتا ڏسڻ ۽ ان کي ڳلي لڳائڻ لاءِ واجهائيندو رهندو آهي. جوڀن پنهنجو پاڻ ۽ نرالو پن وڃائڻ جو ڪڏهن سوچي به نه سگهندو آهي، ۽ نه ئي اڳيان ڪا رڪاوٽ ڏسي پٺتي هٽندو آهي. سو سڀاويڪ، جوڀن انهن کي چاهيندو آهي، جي ڪٺور ۽ سگهارا هجن.

ان ڪري بيج گپت جي هردي ۾ يشوڌرا جي مورت هڪ ڏڪائيندڙ آنند جي روپ ۾ هئي – هڪ اوشواسي پريم ۽ سڪ، هڪ اچيت پيار. هن جي ڪنواري هردي ۾ پريم ۽ پڃ سمايل هئا، جي ناريپڻي کي اُجاڳر ۽ اوچو ڪندا آهن. هوءَ گهري ويساه ۽ ڌرشٽ ڌرم جي مورتي هئي. سندس اکين ۾ مستي نه پر ماٺ ۽ گمنام گهور هئي ۽ بيج گپت جيون جو پوڄاري هو – جيون، جو اڌمن، ولولون مستين، سکن ۽ هلچل جو ٻيو نالو آهي. سندس رڳن ۾ گرم رت جو ڀڙڪائيندڙ دورو هو. ان ڪري هو يشوڌرا جي ماٺيڻي ۽ مٺي موهه کي پوڄي ۽ ساراهي ته سگهيو پئي، پر کيس جيون ساٿي سويڪار نه پئي ڪري سگهيو.

جو ماڻهو هڪ ڀيرو مڌ ورتائي ٿو، يا ان جي مستيءَ جو مزو وٺي ٿو، سو ڪڏهن به مڌ نٿو ڇڏي سگهي. بيج گپت چترليکا سان پريم پئي ڪيو. ان جو ڌيان دل مان ڪڍي ڇڏڻ هن لاءِ اڻ ٿيڻي هٿئي. بنهه اڻ ٿيڻي.

جڏهن بيج گپت گهر موٽيو ۽ کيس چترليکا واري چٺي ملي. پڙهندي ئي مٿس اچرج، انومان ۽ ڀؤ هلان ڪري آيا. اهو سادو ۽ ننڍڙو هو. ان ڪاڳر جي ننڍي ٽڪر ۾ پورو جيون ناٽڪ سمايل هو. اهو من وديا تي هڪ پورو پستڪ هو. هن لکيو هو:

”پريتم!

اڄ مان جو ڪجهه ڪري رهي آهيان، سو مون ڪڏهن سپني ۾به نه سوچيو هو. مون توسان پريت ڪئي آهي ۽ اڃا ڪريان ٿي. پيار ٻليدان گهري ٿو ۽ مان اهو ٻليدان ڏيڻ ئي وڃ رهي آهيان. مون تنهنجي جيون کي پاپي ۽ اڪار بڻائي ڇڏيو هو. هڪ مهاپرش منهنجي پريم ٻنڌن ۾ ٻڌجي پنهنجو ڪاريه وساري مارڳ مٽائي چڪو هو. مان ان جو ڪيتو لوڙڻ وڃي رهي آهيان. مان سنسار جا سک ۽ سنتوش ڇڏي تياڳ ۽ پڇتاءَ جي کيتر ۾ وک وجهي رهي آهيان. ان ڪري جوڳي ڪمارگريءَ جي شش ٿي رهي آهيان. توکي وواه ڪرڻو ئي پوندو. پنهنجي ڪاڻ نه ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي وينتيءَ ڪري ئي. مان ڄاڻان ٿي ته جيسين مان تنهنجي سنگ ۾ هونديس تيسين تون وواه نه ڪندين. ان ڪري ئي مون هي وڇوڙو سويڪار ڪيو آهي. تون منهنجي ڪا ڳڻتي نه ڪجانءِ. مان هڪ وڌوا آهيان، پيار ۾ ڦاسي پنهنجي ڪرم مارڳ تان هٽي ويئي هيس. هڪ ڀيرو وري وڌوا پڻي جي نيمن انوسار تياڳي جيون تي هلڻ جو جتن ڪنديس.

تنهنجي،

چترليکا“

پڙهندي پڙهندي، هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. سندس منهن ڦڪو ٿي ويو ۽ دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويئي. پل ۾ هو ٿڪل ٽٽل ۽ نستو ڏيکارجڻ لڳو . هن چٺي شوتينڪ کي ڏني ۽ ٻنهي هٿن جي ترين سان منهن ڍڪي، هو سمهڻ واري ڪمري ۾ لُر ڪري ويو. 

نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو بيج گپت کي ڀؤ هو. چترليکا ۽ ڪمارگري! ڪيڏو نه وچتر ميل هو. ڪيڏو انوکو ۽ بي جوڙ جوڙ! ”نه، اها اڻ ٿيڻي آهي،“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”سندن ميلاپ گهڻي دير جٽاءُ نه ڪندو – ائين نٿو ٿي سگهي.“

پر هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ٿيڻي يا اڻ ٿيڻي – ان مان بيج گپت کي ڇا پلئه پئجي سگهيو؟ هاڻي هن آڏو رڳو هڪ سوال هو. چترليکا ڪمارگري ڏانهن ڇا تي ڇڪجي ويئي؟ ڇا، ان کي پريم چئبو آهي؟ ڇا، آتمڪ ناتا به ايترا ننڍا ۽ وقتائتا ٿيندا آهن؟ ڇا، چترليکا سچ ئي چيو هو – ”بيج گپت! آتمڪ ناتا امر ۽ آدي نه هوندا آهن؟“

پر ان جي به ته پڪ ڪانه هئي ته ڪو چترليکا بيج گپت سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. چٺيءَ ۾ ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. ان ۾ ته ڳالهه ئي ٻي هئي. ان ۾ اهو هو ته چترليکا پريم مندر ۾ ٻليدان ڏيڻ وڃي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي پريم جو اُتم ۽ پورن آدرش هو. چترليکا هن کي ان ڪري ڇڏي ويئي هئي ته هو سکي ٿئي. هن کي چترليکا جي ڪوڙن ويساهن تي مٺيان لڳي. چترليکا هن جي من مندر جي ديوي هئي. پر هن وڏي ڀل ۽ چڪ ڪئي هئي – ڀوائتي ڀل! کيس سکي بنائڻ بجاءِ هوءَ کيس دکي بڻائي ويئي هئي. وواه ڪرڻ هن لاءِ اڻ ٿيڻي هئي – هن رڳو هڪ ئي ناريءَ سان پريم جو ناتو رکيو هيو ۽سا هئي چترليکا، ۽ وواه جو پيار سان ڳوڙهو سٻنڌ هوندو آهي.

بيج گپت سمهي نه سگهيو. هو اٿيو. ان سمي رات لڙي چڪي هئي. هو محل مان ٻاهر نڪتو. ۽ پيرين پنڌ ڪمارگريءَ جي آشرم ڏانهن روانو ٿيو.

ڪٽيا ۾ جوت جلي رهي هئي. جوڳي آسڻ تي سماڌيءَ ۾ انتر ڏيان هو. چترليکا هڪ ڪنڊ ۾ گاهه جي هنڌ تي ستي پيئي هئي. بيج گپت چترليکا کي سک ۽ سنتوش جي سنسار ۾ ته ڏٺو هو، پر اڄ هن کيس شانتيءَ ۽ تياڳ جي جڳ ۾ جوڳياڻيءَ جي ويس ۾ ڏٺو. هن جي شرير تي نه ڳهه هئا نه هار سينگار – نه چنچلتا ۽ چلولائپ هئي ۽ نه متوالو ڪندڙ مستي. سندس چپن تي ماٺ جي مٺي مرڪ چٽيل هئي. جيڪس سپنن جي سنسار ۾ هوءَ پنهنجي شانتيءَ جي ديويءَ جي چرڻن ۾ ستي پيئي هئي. بيج گپت چترليکا جي سامهون ويهي رهيو.

باک ڦٽي ته ڪمارگريءَ به سماڌي ٽوڙي ۽ چترليکا به اکيون کوليون. ٻنهي هڪ ئي وقت بيج گپت کي ڏٺو. ٻنهي هڪ ئي وقت ۽ هڪ آواز اچرج ڏيکاريو – ”اڙي، بيج گپت!“

ڪمارگري تپرس ۾ پئجي ويو.

چترليکا ڏڪي ويئي.

بيج گپت نوڙي جوڳيءَ کي پرڻام ڪيو، ۽ چترليکا کي کيڪاريو. ڪمارگريءَ هن کي آشيرواد ڏنو ۽ چترليکا اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

بيج گپت دکدائڪ ۽ جهڪي آواز ۾ چيو، ”چترليکا!“

”بيج گپت!“

بيج گپت گهڻو ڪي ئي چوڻ آيو هو –پر سڀڪجهه وسري ويس. ان سمي هو گونگو ٿي ويو. جيون جي اڪيچار ڪومل ۽ نازڪ گهڙين ۾ هو گهڻو ڪجهه ئي ورنن ڪري سگهندو هو، پر اڄ هو اهو به نه پئي سوچي سگهيو ته کيس ڇا ڳالهائڻ گهربو هو – گهڻي جتن ڪرڻ سان پاڻ سنڀالي، سگهه ساري، هن چيو، ”ڇا، تو فيصلو ڪري ڇڏيو؟“

چترليکا ڪنڌ نوايو. سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن ڌيرج سان وراڻيو، ”هائو، بيج گپت! تون جو ڪجهه ڏسي رهيو آهين، سو منهنجو انتم نشچو آهي.“

”پر توکي ان تي وري ويچارڻ جو اڌيڪار آهي....“ بيج گپت چيو، ”ان فيصلي ڪرڻ کان اڳ مون کان ڪجهه پڇڻ ضروري نه هو ڇا؟ تو مون کي ايترو اوپرو سمجهيو ۽ پنهنجي جيون مان ايڏو پري ڌڪي ڦٽو ڪيو، جو پنهنجين اڇائن ۽ ارادن کان واقف ڪرڻ ٺيڪ نه ڄاتئي! چترليکا! پريت هڪ ٻئي جي مت ڀيدن کي نه ڏسندي آهي. پيار ته ٻن هردن جي سنگم جو اهڃاڻ آهي. تون ڀانئين ٿي ته تنهنجي ان نشچي سبب مان وواه لاءِ تيار ٿي ويندس. تون ڀليل آهين. تنهنجو اهو فيصلو مون کي سکي نه ڪري سگهندو. اهو سو وشواس رک. پنهنجي جيون ۾ مون رڳو توسان ئي پيار ڪيو آهي. ٻئي ڪنهن سان مان اهي ڪومل ۽ سيتل اُڌما ۽ اُمنگ ورهائي نٿو سگهان. منهنجو وواهه اڻ ٿيڻي آهي.“

هوءَ بيج گپت جي پيرن تي ڪري پيئي. گهڙيءَ لاءِ هن جي هردي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بيج گپت سان هلي وڃڻ جي اِڇا اتپن ٿي، پر ٻيءَ کن ۾ اها الوپ ٿي ويئي. هوءَ گهڻو اڳتي نڪري آئي هئي، پٺتي موٽڻ هن لاءِ محال هو. هوءَ سندس پيرن کي چنبڙي پيئي ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويئي. بيج گپت! تون پوڄجڻ جهڙو آهين. تون منش نه پر ديوتا آهين. مون کان وڌيڪ توکي ڪوبه نه ڄاڻي سڃاڻي. پر مان اهو به ڄاڻان ٿي ته توسان پريت ڪري، مون تنهجو جيون اجيرن ڪري ڇڏيو آهي. توکي وواه ڪرڻ گهرجي. تون مون سان پريت ڪرين ٿو، ان ڪري توکي سکي ڏسڻ منهنجو ڪرم ۽ ڌرم آهي. مان تيسين سکي نه ٿينديس، جيسين تون وواه نه رچائيندين، جيسين تنهنجا ٻار مون کي ماتا ڪري نه سڏيندا. تون وواه رچاءِ ۽ ياد رک مان توسان نت پيار ڪندي رهندس. ڇا، رڳو شريرن جو ملڻ ئي پيار آهي؟  ڇا ان آنند ۽ اُڌمي کان سواءِ پريت نٿي ٿي سگهي؟ هينئرمان رڳو توسان ديهي ناتا ٽوڙي رهي آهيان، ائين ڪرڻ سان اسان جا آتمڪ ناتا ٻل وٺندا.“

بيج گپت هوريان ڀڻڪيو، ”چترليکا! وري به سوچ. تو جو ڪجهه ڪرڻ لاءِ چيو آهي سو اڻ ٿيڻي آهي.“

پنهنجون ٻاهون هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، چترليکا چيو، ”بيج گپت! اچ ته ڪي ڏينهن هڪٻئي کان ڌار گهاري ڏسون، متان سميه گذرڻ تي تون وواه لاءِ تيار ٿين. پيار ۾ وڇوڙو نه ايندو آهي ڇا؟ ڪي ڏينهن اهو وڇوڙو ئي سهي ڏسون!“ 

بيج گپت وڃڻ لاءِ اٿيو – ”مون جو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو سو چيو. مڃڻ نه مڃڻ توتي ڇڏيل آهي. ڀل تنهنجي ڳالهه ئي مٿي رهي، پر ستت ئي پتو پوندئي ته تون ڀليل هئينءَ.“

ايترو چئي، هو اتان هيلو. چترليکا هن کي ڇڏڻ شاهي رستي تائين هلي آئي. سڙڪ تي پڄي هو بيٺا. موڪلاڻيءَ ۾ هن بيج گپت کي چميو. ان چميءَ ۾ هن اهي اُڌما، ولولا ، مستي ۽ پيار ڏٺا، جي هن ورهين کا نه ڏٺا هئا. هوءَ سندس پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيو، ”بيج گپت، ٿي سگهي ٿو ته مان ڀليل هجان. ان لاءِ کميا ڪج!“

 بيج گپت کي هلندو ڪري، چترليکا آشرم ڏانهن موٽي. ان مهل ڪمارگري ڪجهه سوچي رهيو هو. چترليکا کي ويهڻ لاءِ چئي، هن ڳالهايو، ”چترليکا! تو مون کي چيو هو ته تون مون سان پريت ڪرين ٿي. ڇا اهو سچ ۽ ساڀيا هو؟“

چترليکا اچرج ۾ اچي وراڻيو، ”هائو! ۽ نه ته!“

”۽ تو هينئر هينئر بيج گپت کي چيو ته تون هن سان پريم ڪرين ٿي ۽ نت لاءِ ڪندي رهندينءَ!“

”هائو – اهو به سچ آهي،“ چترليکا چيو.

ڇا، تون هڪ ئي وقت ٻن ڄڻن سان پيار ڪري سگهين ٿي؟“ هن جي ڳنڀير منهن تي اوشواس ڊوڙي ويو.

”ڇا، توهان ان کي اڻ ٿيڻي ٿا سمجهو؟ گرديو! پرش به وواه رچائي سگهي ٿو ۽ ٻنهي نارين سان پيار ونڊي سگهي ٿو، ته پوءِ مان ناري ائين ڇو نه ڪري سگهندي. ناري ساڳيءَ ويل ئي ٻالڪ سان به اوترو پيار ڪري سگهي ٿي جيترو پنهنجي پتي ناٿ سان. آتمڪ ناتا ته هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ماڻهن سان اڻ ٿيڻي ڳالهه نه آهي.“

”چترليکا! يا تون مون کي ٺڳي رهي آهين، يا بيج گپت کي، يا وري پنهنجي پاڻ کي!“

”مان توهان کي ڪانه ٿي ٺڳيان – اهو وشواس رکو، گرديو! گهڻو ڪري ته مان بيج گپت کي ٺڳي رهي آهيان يا پاڻ کي.“

”نه، چترليکا! هڪ ڀيرو وري به سوچ. هيءَ ڪٺن ڳالهه آهي. مون وٽ رهي، تون بيج گپت سان پريت ڪرڻ جهڙي نه رهنديئن. اها پڪ ڄاڻ. مون سان رهي توکي پاڻ اوچو ڪرڻو پوندو. منهنجو جڳ تياڳ تپسيا جو سڪل وڻ آهي. ان ۾ هردي جي هيڻاين جي ڪا جڳهه نه آهي. تون هڪ ڀيرو  وري به سوچ!“

”مون چڱيءَ پر سوچيو آهي. گرديو! مان اوهان جي آگيا انو سار ئي ڪرم ڪنديس. توهان جي امر تي ته مان پنهنجو آپو به ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، سنساري سک ۽ سنتوش ته وري به سولا آهن.“

ڪمارگري چترليکا کي سمجهي نه سگهيو. هوءَ انوکي چرتر واري ناري هئي، جنهن کي ٻئي کي ڇڪڻ لاءِ گهڻي شڪتي ۽ ٻل پراپت ٿيل هو! هن جي من ۾ آيو ته کيس چيلي ڪري سويڪار ڪرڻ کان انڪا ڪري. هن چيو، ”ديوي چترليکا! مان توکي سمجهي نٿو سگهان. تنهنجي هستي مون کان ڪا هيٺانهين  نه آهي. ان ڪري مون کي اڃا سوچڻو پوندو ته توکي شش ڪريان يا نه. جيستائين مان اهو فيصلو ڪريان....“

ڪمارگريءَ جي جملي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي وشالديو ڪٽيا ۾ گهڙي آيو. هن کي ڏسي ڪمارگري ماٺ ٿي ويو ۽ ڳالهه پوري نه ڪري سگهيو. وشالديو هن جا چرڻ چميا ۽ چترليکا کي نمسڪار ڪيو. ان کان پوءِ هليو ويو.

وشالديو جي وڃڻ کان پوءِ، ڪمارگريءَ چيو، ”ايشور جي اها اڇا آهي ته مان توکي ويراڳ ۽ گيان ڏيان، توکي پاڻ وٽ رکان ۽ پنهنجي پرکيا وٺان. نرتڪي! مون جو ڪجهه چيو ان تي ڏيان نه ڏجانءِ.“

 

باب چوڏهون

ڏينهن پويان رات پويان ڏينهن. ساڳيءَ ريت سک پٺيان ڏک ۽ پک پٺيان سک.

رات نه هجي ته جيڪر ڏينهن کي ڪو ليکي به ڪونه. اهڙيءَ ريت، جي ڏک نه هجن ته جيڪر سک ۾ نه اهو آنند نه هجي.

اهو سرشٽيءَ جي نيم ۽ مول آهي. پرٿويءَ تي مٽ سٽ ۽ ڦيرڦار جو چڪر هلندو رهي ٿو. ماڻهو به ان پرٿويءَ جو ڀاڱو آهي، سو ڀلا ان نيم ۽ مول کان ڪيئن ٿو آجو رهي سگهي. بيج گپت به انسان هو – هن سک ڏٺا هئا، ان ڪري ڏک به ڏونڻا پيس. کيس ڏکن ڏاري وڌو. هن کي اڻڄاتل سورن جي پيڙا ۽ نه گهٽجندڙ ڏکن جي سوڙهه بي چين ڪري ڇڏيو. اهو ڪجهه مٿس وهي واپري رهيو هو، جنهن جو هن ڪڏهن سپني ۾ به نه سوچيو هو. هن کي اهو اچرج ٿيندو هو ته هي جي ڪيئن رهيو هو! پريم سندس ڌرم ۽ ڪرم جو اٽوٽ انگ ٿي چڪو هو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته سندس ساڳيو ڌرم ڪرم سندس آڏو ڀڄي ڀورا ٿي رهيو هو. جيون هن لاءِ اڻ وڻندڙ ٻوجهه ٿي پيو هو.

پر، ان هوندي به، ماڻهو ڏک سک ۾ گهارڻ ۽ لاهين چاڙهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ئي جنم وٺي ٿو. ڏکين ڏينهن کان ڀڄڻ ڪانئرتا آهي – اهو بيج گپت چڱيءَ پر ڄاتو پئي. چترليکا جي وڇوڙي کي هن مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ جو نشچو ڪري ڇڏيو هو.

هڪ ڳالهه هئي. پاتليپتر ۾ رهندي ڪڏهن به چترليکا سان مکا ميل ٿي ٿي سگهيو.  پوءِ باقي وڇوڙي جي وياڪلتا ۽ ڏهاڳ جي لچ  ٻڇ مان ڇا فائدو؟ هڪ ٻي ڳالهه  به هئي. جي ٻين اميرن ۽ راڄ درٻارين کي سڌ پيئي ته چترليکا کيس ڇڏي ويراڳ ورتو آهي، ته هو کين ڪهڙو منهن ڏيکاريندو؟ اڃا هڪ ٽين ڳالهه به هئي، اڻ لکي ۽ اڻ چٽي.  ڇا، يشوڌرا پريتم شڪتيءَ سان هن جو من جيتي وس ڪري سگهندي؟

بيج گپت سڄو ڏينهن ان تي مٿو هڻندو رهيو. پر جيئن جيئن هن ان تي گهڻو سوچي ان کي سلجهائڻ جي پئي ڪئي، تيئن تيئن اهو وڌيڪ ڳوڙهو ٿيندو ۽ منجهندو پئي ويو. ان مسئلي تي سوچيندي، سندس پيڙا وڌندي پئي ويئي. سندس ڌيرج جو انت اچي ٿيو، ۽ هو سوچي سوچي ڪڪ اچي ٿيو. سنجها ويل هن شوتينڪ کي سڏائي چيو، ”شوتينڪ! هڪ رٿا سجهي آئي اٿم.“

”ڪهڙي مهاراج؟“

”ڇو نه ڪاشيءَ هلون. ديس ياترا تي دل ٿي اٿم.“

”ڪڏهن؟“

”دير ۾ دير پرينهن.“

”ايڏو جلدي!“ شوتينڪ اوچتيءَ آپدا تي وائڙو ٿيندي پڇيو. هن يشوڌرا سان پنهنجي پريم جي پاڙ پڪي پئي ڪرڻ چاهي. ان لاءِ هن جو پاتليپتر ۾ رهڻ ضروري هو. ان ڪري هن رٿ ڏني، ”پنج ڏهه ڏينهن رکي نه هلون؟ سهڻ سنڀرڻ لاءِ به ته وقت گهرجي، مهاراج!“

بيج گپت رکائيءَ سان ترت وراڻيو، ”نه! مون کي پنهنجي سٽيل رٿا انوسار ئي هلڻو پوندو. اسان پرينهن نڪري هلنداسين. سنڀرڻ ۾ ڪهڙي ويرم لڳندي توکي رڳوپنهنجي  ۽ منهنجي سفر جو سانباهو ئي ڪرڻو پوندو، ٻيو ڇا!“

”جا آگيا، مهاراج!“ هن نراسائيءَ سان چيو.

شوتينڪ سڄي رات جاڳندو رهيو. هن کي بيج گپت جو اهو تڪڙو ۽ اوچتو نشچو مور نه وڻيو. پر مالڪ جي اِڇا آڏو هو بيوس هو. هن کي هيڪر دل ۾ آيو ته وڃڻ کان انڪار ڪري، پر  هو اهو وت نه ساري سگهيو. اها سندس ڪميڻائپ ٿئي ها. صبح جو  اُٿڻ سان هن دل ٻڌي بيج گپت کي چيو،  ”سائين! جي موڪل ڏيو، ته آريه مرتينجيه سان ملي اچان.“

ڪارڻ  ڄاڻندي به بيج گپت اڻ ڄاڻائي ڏيکاري – ”ڇو؟“

”ٻاهر هلي رهيا آهيون. نه  ڄاڻي گهڻا ڏينهن لڳي وڃن. ان ڪري سوچيم ته کانئن  موڪلائي اچان.“

”ڀلي وڃ.“ ان نئين پيار جي پلجڻ تي بيج گپت من ئي من ۾ مرڪيو . هڪ پيار ڪري  پڇتائي رهيو هو، ۽ ٻيو ان ۾ ڦاسڻ لاءِ پاڻ ڇنائي رهيو هو.

شوتينڪ جنهن ويل مرتينجيه جي محل تي پهتو ته ان ويل پريو مڙس ڪنهن ڪارج سانگي ٻاهر نڪري ويل هو. شوتينڪ يشوڌرا ڏانهن نياپو ڪيو. مهمانن جي بيٺڪ ۾ يشوڌرا ساڻس ملي. هڪٻئي کي کيڪاري ٻيئي ڪا مهل ماٺ ويٺا رهيا. نيٺ شوتينڪ ان سانت کي ٽوڙيو. ”ديوي! سڀاڻي مان سمنت بيج گپت سان گڏ پاتليپتر کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان – ڪا شيءَ. متان گهڻو وقت لڳي وڃي، سو توهان کان موڪلائڻ آيس.“

هن يشوڌرا جي منهن ڏانهن چتائي ڏٺو، پر ان ۾ خير ڪو ڦيرو آيو هو. ”سچ پچ بيج گپت جن ٻاهر وڃي رهيا آهن؟ پر ڪالهه تائين ته هنن اهڙي ڳالهه ڪا نه ڪئي!“

بيج گپت لاءِ ايڏي پرواهه ۽ پنهنجي لاءِ ايتري بي پرواهي ۽ بي ڌيانيءَ شوتينڪ جي هردي کي لوڏي وڌو. پنهنجي تڙپ کان بي وس ٿي هن چيو، ”هائو، ديوي! ۽ ان جو ڪارڻ ڄاڻڻ به ڪو ڪٺن ڪم نه آهي. چترليکا بيج گپت کي ڇڏي وڃي ڪمارگريءَ وٽ ويراڳ ورتو آهي.“

هيل يشوڌرا تپرس وچان ڇرڪ ڀريو – ”ڇا چيئي؟ نرتڪي چترليکا ويراڳ سويڪار ڪيو آهي؟ حيرت  آ! سچ پچ بيج گپت کي ان ڳالهه ڏاڍو ڏک رسايو هوندو.“ ٿوري ساهي پٽي، هن اڳتي چيو، ”آريه شوتينڪ! چترليکا سان پهريون ڀيرو ملڻ سان ئي مان ڄاڻي ويئي هيس ته هوءَ ديوي آهي، ۽ بيج گپت لاءِ وڏي ۾ وڏو ٻليدان ڏيڻ کان به نه ٽرندي.“

شوتينڪ جي اڇلايل تير ڦري کيس ئي ڦٽي وڌو. ان اپمان کيس تڙپائي وڌو. پرپٺ مالڪ کان بدلي وٺڻ جي نيت سان هن چيو، ”۽ آريه بيج گپت چترليکا کي ڇڏي ٻيءَ ڪنهن به ناريءَ سان پريم نٿو ڪري سگهي. مان کيس چڱيءَ ريت سڃاڻان. هو وقت وڃائڻ ۽ دل بهلائڻ لاءِ ئي ٻاهر وڃي رهيو آهي. کيس ايڏو ڏک پهتو آهي، جو ٻاهر نه ويو ته آپگهات ڪندو!“

هن جو منهن ڦڪو ٿي ويو. ”تون ٺيڪ ٿو چئين شوتينڪ! مان به ڪجهه ڪجهه هن کي سمجهڻ لڳي آهيان. ان ڪري ئي تنهنجي ڳالهه ۾ سچائي ڏٺي اٿم. پر سندس اتم ۽ اوچي چرتر ۽ مهان منورتيءَ کي ڏسندي کيس ڪو به دوش، ڪابه ميار نٿي ڏيئي سگهجي. ساڻس جيڪا سا منهنجي شرڌا وڌندي پيئي وڃي.“

ڪاوڙ کيس آپي ۾ نه رهڻ ڏنو – ”ديوي! هڪ نرتڪيءَ جي پيار ۾ بيج گپت يا ڪنهن ٻئي منش جو ان حد تائين وڃڻ ڪيتري ڀاڱي چڱو آهي، سو ته مان نٿو چئي سگهان. پر هڪ ٻي ڳالهه مان اوس ڪندس. ڏک ڏسي، بي چين ٿيڻ ماڻهوءَ جي چرتر جي هيڻائيءَ ۽ اوڻائيءَ جو اهڃاڻ آهي، نه اوچائيءَ جو.“

يشوڌرا هن جي ڪاوڙ ۽ تکي سڀاءَ جو ڪارڻ نه سمجهي سگهي. هن ڏاڍي ڌيرج ۽ ٿڌائپ سان چيو، ”آريه شوتينڪ! ٿي سگهي ٿو ته تو سچ چيو هجي. مان توکي رد نٿي ڏيان. پر ايترو سوچينديس ته ان ڏس ۾ بيج گپت نردوش آهي. هن جي نگاهن ۾ چترليکا نرتڪي نه هئي. هوءَ هن لاءِ پتنيءَ سمان هئي. اهو مان به ڄاڻان ٿي. تون به ڄاڻين ٿو ۽ سڄو لوڪ به ڄاڻي ٿو. باقي رهي هيڻائي ۽ اوڻائيءَ جي ڳالهه، ته اهي هر منش ۾ هونديون آهن. ڪو به پورڻ نه آهي. ڪنهن منش کي سندس چرتر جي اوڻاين يا گهٽتاين ڪارڻ ڌڪارڻ ان سان انياءُ آهي. ائين ڪرڻ سان ته ڪو منش سنسار ۾ هڪ متر به ماڻي نه سگهندو. اهڙو منش هڪ ماڻهوءَ کي برو چوندو ۽ موٽ ۾ هر ماڻهو سندس ويري ٿي بيهندو. ان ڪري منش کي جڳائي ته ٻئي سان،  سندس اوڻاين ۽ هيڻاين سبب، همدردي ڪري ۽ نه ڪي ڪاوڙ ۽ ڪينو.“

هن ان کي به اپمان ڪري ورتو. بدلي جي باهه سندس سوچ ۽ سمجهه کي ڀسم ڪري ڇڏيو. ڦٽيل آپي سان هن چيو، ”ڪرم ڌرم جي سنسار ۾ قياس ۽ ديا جي ڪا جاءِ نه آهي. ماڻهوءَ کي جڳائي ته اڳلي جون اوڻايون ۽ هيڻايون پڌريون ڪري، ته جيئن هو انهن کي هٽائڻ جو جتن ڪري.“

يشوڌرا کلي ڏنو، ”آريه شوتينڪ! ائين ٺيڪ آهي ته اسان کي پنهنجين اوڻاين ۽ هيڻاين هٽائڻ جو جتن ڪرڻ گهرجي. پر ڳئونءَ کي پڇ ڪاري چوندڙ مينهن کي پنهنجي ڪارنهن نظر نه ايندي آهي. اهو سرشٽيءَ جو نيم آهي. هر منش پنهنجي اوگڻ کي گڻ سمجهندو آهي ۽ ٻين مان وڏون ڪڍندو آهي. ائين ٿيڻ نه گهرجي. ٻين جي وڏن ڪڍڻ کان منش کي جڳائي ته پنهنجون اوڻايون ۽ اوگڻ ڄاڻي، انهن کي هٽائڻ لاءِ جتن ڪري – اهو منش ئي مهان منش ٿي سگهي ٿو.“

هن جي پوئين سٽ شوتينڪ جي هردي ۾ تير جيان کپي ويئي. هو اهو نشچو نه ڪري سگهيو ته اهو عام رايو هو يا مٿس ٽوڪ. پر جو ڪجهه هن انت ۾ چيو، سو ٺيڪ هو. اهو بيج گپت سان لڳو پئي. هن کي پنهنجين اوڻاين جي سڌ هئي ۽ هو انهن کي هٽائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي، پر اهو ڪجهه شوتينڪ سان به لڳو پئي. ڇو جو هن ٻين جي وڏن تي ته واويلا ڪئي پئي، پر پنهنجي بدلي جي باهه واري اڌمي ۽ ڪروڌ کي اوگڻ يا اوڻائي مڃڻ کان هٻڪيو پئي. هن جي منهن تي هيڊ چڙهي ويئي. ڏڪندي ڏڪندي تڪڙن، شٻڌن ۾ هن چيو، ”توهان آڏو آريه بيج گپت جي مان ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ مون کي نٿي جڳايو. ان لاءِ اوهان کان  کميا ٿو وٺان. اڳتي لاءِ مان پنهنجن اوڻاين هٽائڻ لاءِ جتن ڪندس.“

”اوهان آڏو آريه بيج گپت جي مان ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ مون کي نٿي جڳايو“ - اهو جملو ٻڌي يشوڌرا ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويئي. جهٽ لاءِ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن جي من مان شوتينڪ لاءِ سڀ سٺا رايا ۽ ويچار الوپ ٿي ويا هئا. پر ترت ئي هن شوتينڪ جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪارڻ سمجهي ورتو، ۽ ڪجهه ماٺي ٿي ويئي، ”آريه شوتينڪ! تون ڀليل ٿو لڳين. اڄ ۽ هن ويل مان توکي ٻڌائي  ڇڏڻ ٿي چاهيان ته مان بيج گپت سان پيار نٿي ڪريان.“ هن ڏٺو ته يشوڌرا جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هن پنهنجو چهرو آنچل ۾ لڪائي ڇڏيو. هوءَ ڏاڍي دکي ٿي لڳي.

شوتينڪ  جي مک مان اها ڳالهه اوچتو ڦاٽ کائي نڪتي هئي. هاڻي هو ان تي پڇتائي رهيو هو. پر ڏڌو کير ٿڻي ڪو نه پوندو آهي. هٿ جوڙي هن يشوڌرا کي چيو، ”ديوي! کميا ڪريو. مون وڏو دوش  ڪيو آهي. توهان کي رنجايو اٿم، ان لاءِ کميا ٿو گهران. پر وشواس ڪريو ته اهو سڀ ڪجهه مان نه ڪري رهيو هوس. توهان کي شايد سڌ ڪانهي ته مان ايترو تکو ۽ ڪڙو ڇو ٿي ويو هوس.“

”ڇو؟“ ڪارڻ ڄاڻندي به يشوڌرا ان جي ٻڌڻ لاءِ اتاولي هئي.

”ان لاءِ ته توسان پريم ڪريان ٿو.“

هن ڏانهنس گهوريو. شوتينڪ جي نگاهن ۾ پڇتاءَ جي لکا به ڪا نه هئي. هو به ڏانهنس تڪي رهيو هو. اها ڳالهه هن لاءِ نئين نه هئي، تڏهن به هن ڍونگ  ڪيو،  ”اچرج جهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي، شوتينڪ!“ هنن ٻولن شوتينڪ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. انهن ۾ ڪيڏي نه اونهائي هئي ۽ ڪيڏو نه ڀيانڪ سچ سمايل هو – يشوڌرا شوتينڪ سان پريم نٿي ڪيو. ”مان ڄاڻان ٿو،  ديوي!“

        هن چيو، ”ته تون مون سان پيار نٿي ڪرين، پر مان توسان پيار ڪريان ٿو. مان توکي اهو ٻڌايان به ڪو نه ها، ڇو جو پيار ڪيو ويندو آهي، چيو نه ويندو آهي. پر ڇا ڪيان، حالت اهڙي اچي ٿي، جو مان پاڻ نه جهلي سگهيس. ان ڪانئرتا ۽ رکائيءَ لاءِ توهان کان کميا ٿو وٺان.“

        يشوڌرا اٿي بيٺي، ”کميا جي ڪا گهرج نه آهي، شوتينڪ! ان ۾ تنهنجو ڪو دوش نه آهي. جيون ۾ اهڙيون ڳالهيون ٻيون ٿين ئي ٿين، ماڻهو ڪيستائين کميا پنندو رهندو؟مان ڏسي اچان، متان پتاجي اچي ويا هجن.“

        يشوڌرا هلي ويئي. هاڻي شوتينڪ ڄاتو ته هن وڏي ڀل ڪئي هئي. هن منهن هٿن سان ڍڪي ڇڏيو، آتما جي پورڻ شڪتيءَ سان پنهنجي ناس ٿيڻ جي اِڇا ڪئي. هو يشوڌرا سان ملڻ لاءِ ئي آيو هو ۽ ڀاڳ ڀلارا هيس، جو هوءَ اڪيلي ملي به ويس ۽ ڳپل وقت  ڳالهايائينس به. اهو ملڻ جو  سمو اڃا ڊگهو به ٿي پئي سگهيو، جيڪڏهن هو پنهنجي ڇسائپ سان هن کي ڪاوڙائي نه ها. هن کي پنهنجي مورکتا تي ڏاڍي مٺيان آئي. هن وڌيڪ ات ترسڻ ٺيڪ نه ڄاتو ڄاتو. جنهن ڪاريه سان هو سهي سنڀري آيو هو، سو هن پاڻ ئي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو  هو. هو اٿي کڙو ٿي. وڃڻ وارو ئي هو، جو يشوڌرا ۽ آريه مرتينجيه ڪمري ۾ گهڙيا. کين ڏسي هو بيهي رهيو ۽ جهڪي پريي مڙس کي پرڻام ڪيائين.

        مرتينجيه هي کي ويهڻ جو اشارو ڪري چيو، ”ويهه ٻچا! ٻڌو اتم ته تون آريه بيج گپت سان گڏ ديس ياترا تي وڃي رهيو آهين. هائو؟“

        مرڪڻ جو جتن ڪندي، شوتينڪ وراڻيو، ”هائو مهاراج – اسين سڀاڻي هليا وينداسين.“

        ”ڪاشيءَ“

        ”موٽندؤ ڪڏهن؟“

        ”چئي نٿو سگهان – اهو ته آريه بيج گپت تي آڌار ٿو رکي.“

        يشوڌرا پتا کي چيو، ”پتاجي! توهان به ديس ياترا تي ڇو نه ٿا نڪرو؟ مون  ڪاشي نه ڏٺي آهي. پاڻ آريه بيج گپت سان گڏ ڇو نه هليا هلون؟“

        رٿ ڪا پکي ۽ خراب ڪانه هئي. پاتليپتر کي ڪاشي ويجهو به هئي. مرتينجيه چيو، ”پٽ ! ايڏو جلد ڪيئن ٿي سگهندو؟“

        ”سڀڪجهه ٿي سگهي ٿو، پتاجي! توهان رڳو آگيا ڏيو، مان شام تائين ياترا جا سانباها ڪري ڇڏينديس.“

        مرتينجيه هلڪا ٽهڪ ڏنا، ”يشوڌرا! چڱو، پٽ. تو پهرين وينتي ڪئي آهي، ان ڪري ٽاري نٿو سگهان. جي سنبت ڪري سگهين ته ٺيڪ آ. ڏسجانءِ. ائين نه ٿئي جو ڪي دشواريون آڏو اچن.“

        شوتينڪ جي اُداسي ۽ چڙ وڌي ويئي. پڪ ئي پڪ يشوڌرا بيج گپت سان پريم ڪري ٿي. تڏهن ئي ته ايترو ستت ڪاشيءَ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. پر هن اهو سوچي هردي کي شانت ڪيو ته بيج گپت يشوڌرا سان پريم نٿي ڪيو. ايترو سمو اسان سان گڏ رهي هوءَ سمجهي ويندي ته ڪير ساڻس پريم ڪري ٿو ۽ ڪير نه.

        يشوڌرا شوتينڪ کي چيو، ”آريه شوتينڪ! اسان به توهان سان هلنداسين. وسارجانءِ نه، ۽ آريه بيج گپت کي به اهو نياپو پڄائج.“

        مرتينجيه دل هڻندي ۽ هٻڪندي چيو، ”يشوڌرا ! پهريائين سنبت ته ڪري وٺ. جي سانباها نه پورا ڪري سگهينءَ ، ته بيج گپت کي هرو ڀرو اوکائي ۽ اُلڪو ڏسڻو پوندو.“

        ”نه سنڀري سگهنديس؟ پتاجي ڇا ٿا چئو! آريه شوتينڪ! اسان ڪيئن به ڪري هلنداسين.“

        شوتينڪ اٿي بيٺو. ”چڱو ڀلا، مان هلان ٿو. آريه بيج گپت کي توهان جو سنيهو پڄائيندس.“ پوءِ هن يشوڌرا کي چيو، سدائين مٽ سٽ جو ڳولائو ۽ هيراڪ هوندو آهي. پر تون رڳو هنن ڳوٺاڻن کان به ڪجهه پڇي ڏس. هو توکي ٻڌائيندا ته سچو سک ۽ آنند ته شيوڪن سان ڀريل رنگ رلين ۾ ورتل محلاتن ۾ ئي آهي. اسان جا وڏڙا، جن اهي محلات اڏيا، سي به ته اوائل ۾ انهن ڳوٺن ۾ ئي رهندا هوندا. هو ڳوٺ ڇڏ شهرن ۾ ڇا لاءِ آيا؟ ان لاءِ ته اڻ گهڙيل ۽ اڻ پوري سرشٽيءَ جي اوکاين ۽ دشوارين کي منهن ڏين ۽ ان کي پورڻتا ڏين. هي باغ جنهن توکي متوالو ڪري ڇڏيو آهي، سو به انساني ڪاريگريءَ جو محتاج آهي. جي سچ پچ سرشٽي اگهاڙي روپ ۾ ڏسڻ چاهين ٿي، ته ٻيلا ۽ بن واسي ڏس، جتي چيتا ۽ ٻيا هتياچاري جانور رت آلي زبان ڪڍي، گجندا ۽ گرجندا ٿا وتن. جتي قهري گهاتڪ نانگ منش کي موت جي گود ۾ سمهارڻ لاءِ وڏن وڏن گاهن ۽ ٻوٽن ۾ لڪا ويٺا آهن. هن جهرڻي تان من هٽائي کن لاءِ ان درياهه جو سوچ، جنهن ۾ واڳون ۽ سيسر وات ڦاڙي شڪار لاءِ آتا آهن. پوءِ توکي پاڻ ئي پتو پئجي ويندو ته سک، سنتوش، سرهائي ۽ سونهن سرشٽيءَ ۾ آهي يا انسان جي ڪاريگريءَ ۾.“

جو وقت بيج گپت ڳالهائيندو رهيو، يشوڌرا وات ڦاڙي ڏانهنس ڏسي رهي هئي. هيل تائين هوءَ بيج گپت کي رڳو اتم ۽ آرشي پرش سمجهندي رهي هئي. اڄ هن کي پتو پيو ته هو گياني ۽ ودوان به هو. ٿورو سمو ماٺ ۾ رهڻ کان پوءِ هن چيو، ”آريه بيج گپت! هورا کورا وچان ڪا ڳالهائڻ ۾ ڀل ڪري ويهان ته دل ۾ نه ڪجو. اڃا هڪ سوال توهان کان پڇنديس. اهو سڀڪجهه توهان ڪڏهن، ڪٿان ۽ ڪيئن پرايو؟“

سوال جيتوڻيڪ اوکو ۽ انوکو هو، پر بيج گپت ان تي گهڻي ڌيان نه ڏيندي وراڻيو، ”ديوي يشوڌرا! سنسار جي لاهين چاڙهين، پرکيائن ۽ ويڌنن ۽ وارداتن مان لنگهي، مان اِتي پهتو آهيان. ۽ هاڻي نيرن جي مهل اچي ٿي آهي –  هاڻي ڇا، هلڻ نه جڳائي؟“ ايترو چئي، هو جاءِ ڏانهن موٽيو ۽ يشوڌرا به هن سان ڪٺي موٽي.

        بيج گپت اڄ ارهو هو. سندس دک ۽ پيڙا چهري مان پڙهجي پئي سگهي. يشوڌرا پڇيس، ”آريه بيج گپت! اوهين اُداس ڇو آهيو؟ ڇا دکي آهيو؟ ان دک جو ڪارڻ نه ٻڌائيندؤ؟“

        ٿڌو ساهه ڀري هن وراڻيو، ”هائو ديوي! مان دکي آهيان، اُداس آهيان. پر ان جو ڪارڻ ٻڌي تون ڇا ڪندينءَ؟ چڱو آ ته نه ٻڌ.“

        ”ڇا، اهو ڪو ڀيد آهي؟“

        ”نه، منهنجي جيون ۾ ڪابه ڳالهه ڀيد نه آهي. ڀيد ۾ اهي شيون رکيون وينديون آهن، جي ٺيڪ ۽ برابرنه هونديون آهن. ڀيد ڀؤ جو اهڃاڻ آهي ۽ ڀؤ پاپ جي پيدائش آهي. مان جو ڪجهه ڪندو آهيان اهو ٺيڪ ۽ برابر ڪندو آهيان ۽ ان ڪري ان کي ڀيد ۾ نه  رکندو آهيان. مان پنهنجي دکي هئڻ جو ڪارڻ ان ڪري نٿو ٻڌايان ته ان جو ورنن ڪري پاڻ سان گڏ ٻين کي دکي نٿو بڻائڻ چاهيان.“

        يشوڌرا چپ ٿي ويئي. هوءَ سمجهي ويئي ته ان وشو تي ڳالهائي، هوءَ بيج گپت کي وڌيڪ دکي ڪري رهي هئي. ايتري ۾ هو جاءِ تي پهچي ويا. مرتينجيه ۽ شوتينڪ هنن لاءِ ترسيا ويٺا هئا. نيرن تيار ٿي چڪي هئي. يشوڌرا پيءُ ڏانهن ڊوڙي ۽ هن جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهي چنبڙي پيئي. اڌمن ۽ اتساهه ۾ ڀرجي چوڻ لڳي، ”پتاجي! اڄ آريه بيج گپت مو سان واه جون ڳالهيون ڪيون آهن. مان انهن جو ورنن ئي نٿي ڪري سگهان. پر آهن سراسر سچ. هن ڏاڍيءَ درشٽيءَ ۽ ڪٺورتا سان منهنجن پراڻن ويساهن ۽ وشواسن کي ڊاهي ڦٽو ڪيو آهي. آريه بيج گپت جن وڏا ودوان ۽ گياني پرش آهن – اها سڌ مون کي اڄ پيئي آهي.“ ان سمي هوءَ بيج گپت ڏانهن نهاري رهي هئي.

        يشوڌرا شوتينڪ ڏانهن ڏٺو. سندس منهن هيڊ هڻي ويو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪٺن پيڙا ۾ پسري رهيو هو. سلڇڻي سڀاءَ واريءَ هورا کورا کان هن کيس هٿ کان جهليو ۽ چيو، ”آريه شوتينڪ چاڪ ناهين ڇا؟“ پوءِ سندس نبض ڏٺائين، ”نه، تپ ته ڪونه اٿئي. پوءِ ائين ڦڪو ڇو پيو لڳين؟،

        ”شايد بي چيني ۽ اوجاڳي جو ٿڪ اٿس،“ بيج گپت چيو، ”اڄ سڄو ڏينهن چين سان سمهجانءِ، پاڻهي ئي ٺيڪ ٿي ويندين.“

 

        هن جو هٿ اڃا يشوڌرا جي هٿ ۾ هو. سندس هيڊاڻ جهڪي ٿيندي ويئي. هن چيو، ”مان چاڪ آهيان. ٿورو ٿڪ اٿم. آرام سان ٺيڪ ٿي ويندس.“

        نيرن کان پوءِ بيج گپت شوتينڪ کي چيو، ”مان ٿڪل آهيان، سو وڃي ٿو سمهان. رسوئي تيار ٿئي ته مون کي جاڳائج. تيستائين تون جهٽ پلڪ هنن سان ڳالهاءِ. ائين نه سمجهن ته اسان کين ليکيون ئي ڪين ٿا.“

        شوتينڪ پيءُ ڌيءَ سان ڳالهين ۾ ويهي رهيو. يشوڌرا پيءُ کي بيج گپت سان ٿيل صبح وارين ڳالهين جو ورتانت ڪري رهي هئي. مرتينجيه اهي انوکا  دليل ٻڌي اچرج ۾ اچي ويو هو. پوءِ هن شوتينڪ کان پڇيو، ”شوتينڪ! آريه بيج گپت ڪجهه بيمار ٿو لڳي؟“

        شوتينڪ جي ورنديءَ کان اڳ ئي يشوڌرا وچ ۾ ٽپي، ”هائو، مان به ائين ٿي ڀانيان. مون کانئن پڇيو به آهي. هن مڃيو ته هو دکي آهي، پر جڏهن ان جو ڪارڻ پڇيم ته ٻڌائڻ کان انڪار ڪيائون.“ هن جون نگاهون شوتينڪ تي وڃي پيون.

        ”ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جي شخصي هونديون آهن ۽ ماڻهو ٻڌائڻ نه چاهيندو آهي.“ مرتينجيه چيو.

        ”هوندو – پر جي اهو ڀيد ماڻهو پاپ کي لڪائڻ لاءِ رکندو هجي. ماڻهو پنهنجون ڳالهيون ۽ ڪرم ان ڪري ڀيد ۾ رکندو آهي ته جيئن سماج جي چٿرن ۽ چوٽن کان پاڻ بچائي. ان هوندي به مان چوان ٿي ته سندس دک جو ڪارڻ ڪو  ڀيد نه آهي، هنن پاڻ مون کي اهو ٻڌايو آهي.“ يشوڌرا گيانين وانگر ڀوشڻ ڏنو.

        ”۽ اها گيان واڻي به شايد بيج گپت جي آهي – ته ڀيد پاپ کي لڪائڻ لاءِ رکبو آهي!“شوتينڪ چٿر ڪئي.

         ”هائو! اهو سچ ته آهي. ناهي ڇا؟“

          ”نه، ڪماري، ڪڏهن به نه! شڪتي وان پرش لاءِ اهو مول متو رکڻ آهي. جو ماڻهو سماج کي ٺڪرائي به جي سگهي ٿو، ان لاءِ نيم ورتائڻ برابر آهي. پر سڀ پرش هڪ سمان نه آهن. منهنجو ئي مثال وٺو. مان بيج گپت جو شيوڪ آهيان. هن جي آگيا مون لاءِ نه رڳو اِڇا سمان آهي پر ڌرم آهي. پر گڏو گڏ منهنجي الڳ هستي به آهي، سا ڪهڙي ڪم جي؟ مان داس آهيان، شيوڪ آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مان من جي مان ۽ ڪروڌ کان ودروهه ۽ وروڌ ڪرڻ چاهيندو آهيان. چونڊ ۽ چاهنا به پڌري پيئي آهي. يا ته پنهنجي من ۽ جيو جو مان رکان يا انهن جي ملهه تي ڌرم ڪرم جو پالن ڪريان.“

         مرتينجيه ماٺائپ ۽ ڌيرج سان چيو،”ٻچا! تنهجو وروڌ ٺيڪ ۽ جائيتو نه آهي. ”ان ڪري ان کي ڀيد ۾ رکڻ چڱو آهي.“

        يشوڌرا هوريان چيو، ”تنهنجو وروڌ ٺيڪ ۽ جائيتو آهي، شوتينڪ! تنهجي حال تي سچ پچ ڏک ٿو ٿئي.“ شوتينڪ يشوڌرا جي نيڻن ۾ پريم ۽ پاٻوهه جي جهلڪ ڏٺي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org