سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جوئاري

صفحو :5

باب بندرهون

 

مون کي ياد آهي ته هوءَ ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي وئي. بس مون ڏانهن نهاريندي رهي. نوٽن جي آخري ٿهي ميز تي اڇلائيندي، مون ٿورو زور سان چيو، ”پورا به لک فرانڪ کٽيا اٿم!“

نوٽن جون ٿهيون ۽ سونن سڪن جو ڍير ميز تي پيو هو. آءٌ ڪوشش جي باوجود پنهنجون اکيون ان ڍير مان ڪڍي نه سگهيس. پنهنجي کٽيل دولت ڏسڻ ۾ ايترو ته ٻڏل هوس، جو چند لمحن تائين پالينا به وسري ويم. اوچتو خبر ناهي ته ڇا ٿيم، جو بينڪ جا نوٽ ترتيب سان رکڻ لڳس ۽ سڪا هڪ هنڌ ننڍڙن ننڍڙن ڍيرن ۾ ڄمائڻ لڳس. پوءِ يڪدم سڄي دولت کي ميز تي پکڙيل ئي ڇڏي، تيز تيز قدمن سان ڪمري ۾ هلڻ لڳس. آءٌ ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل هوسئ ڪڏهن ڪمري جي هن ڪنڊ ۾ ٿي ويس، ڪڏهن هن ڪنڊ ۾...... ڪڏهن تيزيءَ سان ميز تي واپس ٿي آيس ۽ ٻيهر ٿي پئسا ڳڻڻ ۾ لڳي ويس. آءٌ پئسا ڳڻي رهو هوس. اوچتو دل ۾ خيال آيم، سو يڪدم دروازي ڏي ڊوڙيس. ڪڙو لڳائي تالو بند ڪيم ۽ وري ميز تي اچي چمڙي جي ٿيلهي کي تڪڻ لڳس.

اوچتو مون کي پالينا جو خيال آيو. مون هن کان پڇيو، ”پئسا سڀاڻي تائين هن ٿيلهي ۾ رهڻ ڏيان؟ ڪهڙو خيال اٿئي؟“

هوءَ اڃا تائين پنڊ پهڻ ٿيو ويٺي هئي ۽ مون کي چتائي ڏسي رهي هئي. البت هن جي چهري تي رنگن جو لهڻ چڙهڻ ڏاڍو عجيب هو، جيڪو مون کي نه وڻندو آهي. هن جي چهري مان نفرت ۽ بيزاريءَ جا آثار نظر اچي رهيا هئا.

مون جلدي هن وٽ وڃي چيو، ”پالينا! هي وٺ پنجويهه هزار فلورن يعني پنجاهه هزار فرانڪ ۽ سڀاڻي صبح جو ئي وڃي ٻوٿ تي هڻينس....“

هن ڪو جواب ڪونه ڏنو.

”جي تنهنجي مرضي هجي ته سڀاڻي صبح جو مون سان گڏجي وٽس هل. ڇا خيال آهي؟“

هوءَ اوچتو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ دير تائين کلندي رهي.

آءٌ هن کي ڏاڍيءَ حيرت ۽ هڪ اهڙي احساس سان ڏسڻ لڳس، جو ان وقت منهنجي لاءِ روح جو عذاب ثابت ٿي رهيو هو. هن جي اها اوچتي کل منهنجي بي عزتيءَ لاءِ ڪافي هئي. اهي ٽهڪ منهنجي روح لاءِ تازيانا هئا. هڪ زبردست ٽوڪ هئي. در اصل جڏهن به آءٌ محبت جي جوش ۾ ڪي ڳالهيون ڪندو هوس، ته هوءَ هميشه ئي ٽوڪ واري نموني ۾ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪندي هئي.

آخر هن جا ٽهڪ ختم ٿيا. پيشانيءَ تي هزار گهنج وجهي، ڀرون ڇڪي، ڏاڍيءَ حقارت سان چوڻ لڳي، ”مون کي تنهنجا پئسا نه کپن.“

”ڇا مطلب؟ ڇا چيئي؟ پالينا! ڇو نه وٺندينءَ؟“

”بس ائين ئي ڪو خاص سبب ڪونهي.“ ”آءٌ هيءَ رقم هڪ دوست وانگر ٿو اوهان کي پيش ڪريان. آءٌ ته پنهجي جان به اوهان کي پيش ڪري چڪو آهيان.“

هوءَ تيز تيز نظرن سان مون کي گهوريندي رهي. ڄڻ ڪرٽي ڇڏيندي.

”پر تون تمام گهڻو ڏيئي رهيو آهين.“ هن کلندي چيو، ”گريو جي محبوبه جي قيمت پنجاهه هزار فرنڪ نه آحي.“

”پالينا! ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين. آءٌ گريو ٿوروئي آهيان.“ مون هن جي ڪرسيءَ جي ٻانهن تي هٿ رکندي چيو.

”مان توسان نفرت ٿي ڪريان.... ها.... ها.... مان توسان گريو کان وڌيڪ محبت نٿي ڪريان.“ هن ڪاوڙ ۾ ايندي چيو. اوچتو هن جي اکين ۾ رت لهي آيو.

هن منهن کي هٿن سان لڪايو ۽ اهڙيءَ طرح اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي، ڄڻ هسٽيريا جو دورو پيو هجيس.

آءٌ جلدي اڳيان وڌيس. مون کي خيال آيو ته جڏهن آءٌ جوئا خاني ڏانهن ويو هوس، ته شايد منهنجي غير حاضريءَ ۾ هن کي ڪجهه ٿي ويو هو. هوءَ ان وقت اصل هوش و حواس ۾ نٿي لڳي.

”خريد! مون کي- ته ڇا تون به؟ تون به اهو ئي ٿو چاهين؟ پنجاهه هزار فرانڪ جي بدلي، گريو وانگر؟“ هن سڏڪا ڀريندي چيو.

مون هن کي سيني سان لڳايو، آڱريون چميون مانس، هٿ چميامانس ۽ پوءِ سندس آڏو گوڏن ڀر ويهي رهس.

هن جو دورو ختم ٿي ويو. هن پنهنجا هٿ منهنجي ڪلهن تي رکيا ۽ سڄو بار مون تي وجهندي منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ لڳي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ منهنجي منهن ۽ اکين مان ڪا خاص شيءِ ڳولي رهي آهي. هونئن ته هوءَ منهنجي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌندي رهي. پر ظاهري طرح ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ ڪجهه به ڪانه ٿي سمجهي. هن جي اکين مان ڪجهه شڪ ۽ ڪجهه فڪر جهاتيون پائي، ڪجهه چئي رهيا هئا. آءٌ هن لاءِ ڏاڍو بي چين ۽ پريشان هئس. هن جي حالت مان مون اندازو لڳايو ته هن جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن ڏاڍي نرميءَ سان مون کي ڪلهن کان جهلي آهستي آهستي پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن ڇڪيو. اوڏي مهل هن جي منهن تي نهايت پروقار مرڪ کيڏي رهي هئي. وري اوچتو هن مون کي پري ڌڪو ڏنو ۽ ڏاڍيءَ نراسائيءَ وچان منهنجي منهن ۾ تڪڻ لڳي.

اوچتو وري مون ڏانهن وڌي ۽ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين. ”تون مون سان پيار ٿو ڪرين؟ تون.... آخر منهنجيپيار کان سواءِ ٻي ڪهڙي قوت هئي، جنهن توکي جاگيردار سان اٽڪڻ جي همٿ ڏني؟ ٺيڪ ٿي چوان نه؟“

اهو چئي اوچتو هوءَ اچي ٽهڪڻ ۾ پئي، ڄڻ ڪا عجيب اڻ وڻندڙ ڳالهه ياد اچي ويئي هجيس. هوءَ ويتر وڌيڪ زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي. جيستائين منهنجو حال هو اهو نه پڇو ته بهتر آهي. سمجهو ته آءٌ واقعي بيهوش ٿي چڪو هوس يا خلا ۾ لڙڪي رهيو هوس. مون کي ياد آهي، ته هوءَ مون سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. پر آءٌ هڪڙي ڳالهه به سمجهي نه سگهيس. اهو هڪ قسم جو وڦلڻ هو. ڄڻ هوءَ جلدي جلدي مون کي ڪا ڳالهه ٻڌائي پنهنجو بار هلڪو ڪري رهي هئي. هن جا پيارا پيارا ٽهڪ انهيءَ وڦلڻ جي سلسلي کي هر هر ٽوڙي رهيا هئا! هن چوي پئي، ”تون واقعي ڏاڍو سهڻو آهين. منهنجو سچو رازار اهين.“ هن ٻيهر منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ منهنجي اکين ۾ غور سان جهاتي پائيندي چيائين، ”تون مون سان محبت ڪندو هئين- ڪندو آهين- ڪندين؟“ منهنجون اکيون هن جي چهري تي کتل هيون. مون هن کي پهرين ڪڏهن به عشق ۽ محبت واري اهڙي رنگ ۾ نه ڏٺو هو. اها ڳالهه صحيح آهي ته هوءَ وڦلي پئي، پر هاڻ جو ڏٺائين ته مون به وڦلڻ شروع ڪيو آهي ته وري چالاڪيءَ سان مرڪڻ لڳي ۽ هرو ڀرو ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳي.

هوءَ لڳاتار ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي رهي. (سوير به شايد هن مون کي ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشس پئي ڪئي).

مون کي ته انهن ڳالهين جو مطلب سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي آيو. پڪ انهن ڳالهين ڪرڻ مانهن جو مقصد منهنجي بي عزيت رڪڻ هو! هر هر ٿي چيائين ته ’هو انتظار ڪير رهيو آهي.‘ هڪ دفعو مون کان پڇڻ لڳي: ”ڇا توکي خبر آهي ته هو دريءَ وٽ بيٺو آهي؟ ها. ها، هن دريءَ جي هيٺان. وڃ در کول ۽ پنهنجي اکين سان ڏس.“ آءٌ اٿڻ وارو ئي هوس، ته هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. آءٌ ڦڪو ٿي مرڪڻ لڳس. هن وري مرڪي مون کي زور سان ڀائر پائي وٺي ڇاتيءَ سان لڳايو.

”ته پوءِ ڇا پاڻ ٻئي سڀاني صبح واري گاڏيءَ ۾ گڏ هلون؟“ اهو سوال هن جي ذهن کي ڏاڍو بي تاب ڪري ريهو هو. هو4 ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڌل هئي ۽ ان ئي حالت ۾ مون کي چوڻ لڳي، ”ڇا، تون واقعي مون سان گڏ هلندين؟- اسين برلن ۾ ئي ڏاڏيءَ کي هلي پڄنداسون. ڇا خيال آهي، اسان کي ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟ ۽ ائسٽلي ڇا چوندو؟ مون کي پڪ آهي ته هو منهنجي لاءِ شلنگبرگ جي چوٽيءَ تان ٽپو نه ڏيئي سگهندو. ڇا پيو سوچين؟“ (هو کلڻ لڳي) ”خبر اٿئي، هو گريمن ۾ ڪيڏانهن پيا وڃن؟ سائنسي تحقيقات لاءِ اتر پولينڊ وڃڻ جو ارادو اٿن. هن جو خيال آهي ته مان به ساڻن گڏ وڃنا. واه! هن هڪ ڀيري مون کي چيو ته اوهين روسي، يورپين بنان دنيا ۾ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهيو. يعني روسي ڪنهن قابل ئي نه آهن..... هونئن هو طبيعت جو سٺو آهي. ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن جنرل جهڙي ماڻهوءَ کان به معافي گهريو وجهي. هن چيو ٿي ته مادموزيل بلانشي ڏاڍي محبت سان.... پر تنهن ۾ منهنجو ڇا! مون کي ڪهڙي خبر؟“ هن اها ڳالهه ائين ڪئي ڄڻ واقعي کيس ڪا خبر ڪانه هئي. ”هو ويچارو مون کي هن تي ڏاڍو رحم ايندو آهي ۽ ڏاڏي.... ها، تون ڇا چئي رهيو هئين ته گريو کي خون ڪري ڇڏيندين؟ ڇا واقعي تون هن کي خون ڪري سگهين ٿو؟ ڪهڙي نه بيقوفي آهي. ڇا تنهنجي خيال ۾ مان توکي گريو سان وڙهڻ لاءِ چونديس. تون جاگيردار کي ته ڪجهه ڪري ڪونه سگهئين.“ هوءَ يڪدم رڪجي وئي ۽ کلندي چوڻ لڳي، ”جاگيردار سان تو چڱو چرچو ڪيو، مون پريان بيٺي توهان ٻنهي کي ڏٺو. اصل ۾ تون نه چاهيندي به اوچتو وڌي وئين. ايمان سان ان مهل تو مون کي ڏاڍو کلايو هو.“ اوچتو هن مون کي چمي ڏني ۽ وري زور سان چنبڙي وئي ۽ ڏاڍي پيار سان پنهنجو ڳل منهنجي ڳل سان ملائي نرمي سان زور ڏنائين. مون نه ڪا ڳالهه ٻڌي پئي نه سوچي پئي. منهنجو دماغ چڪرائجي رهيو هو.

شايد صبح جا ست ٿيا هئا، جو منهنجي اک کلي. سج جا ڪرڻا دريءَ مان ڇڻي اندر اچي رهيا هئا. پالينا منهنجي ويجهو ويٺي هئي ۽ عجيب نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن هيبت ناڪ خواب مان اک کلي هجيس،يا ڄڻ غفلت جي دنيا مان نڪري هوش ۽ هواس جي دنيا ۾ آئي هجي ۽ گذريل واقعن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. هوءَ اڃا ننڊ مان مس اٿي هئي. هوءَ ميز تي پکڙيل پسئن کي ڏسي رهي هئي. آءٌ مٿو وهاڻي تي رکيو ستو پيو هوس. منهنجو مٿو ايترو ته ڳرو ٿي پيو هو جو کڻي نه ٿي سگهيس. مون پالينا جو هٿ جهليو ۽ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيم. هن مون کي زور سان ڌڪو ڏنو ۽ ڪوچ تان ٽپ ڏيئي اٿي. آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. سج نڪرڻ کان پهرين هلڪو هلڪو مينهن پوندو رهيو هو. هوءَ دريءَ وٽ ويئي، تاڪ کولي ٺونٺيون دريءَ تي رکي هٿ ٻڌي بلڪ يڪ ٽڪ آسمان ڏانهن پئي ڏٺائين. منهنجي به عجيب حالت هئي. سوچي رهيو هوس ته هاڻي ڇا ٿيندو. آخر ٿيندو ڇا؟ آخر هوءَ دري کان هليميز تي آئي، هن جي منهن تي نفرت ۽ حقارت جا نشان ظاهر هئا، ڪاوڙ کان چپ ڪنبي رهيا هئس ۽ چوڻ لڳي، ”هاڻ ته منهنجا پنجاهه هزار فرانڪ ڏي؟“

”پالينا ڏس وري اها ئي ڳالهه- وري اهائي-؟“

”يا هاڻ تنهنجو ارادو بلجي ويو آهي؟ شايد هاڻ توکي افسوس ٿي رهيو آهي.“

پنجويهه هزار فلورن، جي هڪ طرف پيا هئا، مون کڻي هن کي ڏنا.

”هان ته اهي منهنجا آهن. ڇو؟- نه“ هن پئسا وٺندي حقارت سان چيو.

”هميشه کان تنهنجا هئا.“ مون جواب ڏنو.

”واه! ته هي وٺو پنهنجا پنجاهه هزار فرانڪ.“ هن پسئن جي ٿيلهي زور سان منهنجي منهن تي هنئين. سڪا ڇڻڪاٽ ڪري زمين تي ڪري پيا ۽ هوءَ ڊوڙي ڪمري کان ٻاهر هلي ويئي.

مون کي ايتري خبر آهي ته پالينا ان وقت هوش و حواس ۾ ڪانه هئي. ته ڇا هن کي عارضي جنون هو؟ آءٌ هن جي باري ۾ ڪابه ڳالهه پڪيءَ طرح ڪري نه ٿي سگهيس. ها، اها ڳالهه درست آهي ته هوءَ هاڻ هڪ مهيني کان پوءِ به اڃا بيمار آهي. هن جي هن بيماريءَ ۽ هن ذهني ڦُوٽ جو سبب آخر ڪهڙو هو؟ ڇا ان جو سبب غرور جو ٽٽڻ ته نه هو؟ ڇا مون وٽ اچڻ جي ڪري غمگين هئي؟ ائين ته نه آهي ته مون پنهنجي فتح ۽ خوشيءَ تي مغرور ٿي هن جي اڳيان ڪا ڳالهه ڪئي هجي؟ ته ڇا مون گريو وانگر پنجاهه هزار فرانڪ ڏيئي هن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو؟ پر خدا ڄاڻي ٿو ته تهائين ڪونه هو. انهن مان ڪابه ڳالهه هن جي بيماريءَ جو سب ڪانه هئي. مون کي پڪ ته ڇا، اهو منهنجو ايمان آهي ته هن جي بيماريءَ جو سبب هڪ حد تائين هن جو غرور هو. هوءَ پنهنجي غرور ۾ مون تي اعتبار ڪرڻ بدران منهنجي بي عزي ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺي هئي. ان غرور جي نتيجي ۾ هن گريو جي ڪاوڙ مون تي لاٿي ۽ هن جي بجاءِ مون کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو. مون کي پنهنجي بيماريءَ جو ذميدار بنايائين. حالانڪ مون تي هن لاءِ رتيءَ جيترو به شڪ نٿو ڪري سگهجي. هي سچ آهي ته، اهو سڀ وڦلڻ هو. اهو به درست آهي ته مون کي هن جي حالت جي خبر هئي. تنهنڪري مون دل ۾ ڪونه ڪيو. پر هاڻ شايد هوءَ مون کي معاف نه ڪري. چڱو، خير، هلو، ان وقت ته هوءَ پنهجي هوش ۾ ڪانه هئي. پر ان وقت، جنهن وقت هوءَ مون وٽ آئي هئي. ان وقت ڪابه بيماري ڪانه هيس، جو هوءَ نه سمجهي ته ڇا پئي ڪريان، ڇا نه پئي ڪريان! حقيقت هيءُ آهي ته جڏهن هوءَ گريو جو خط کڻي مون وٽ آئي هئي، ته هن کي سڀ ڪجهه خبر هئي ته ڇا پئي ڪريان.

آءٌ جلد جلد نوٽن جون ٿهيون ۽ سونا سڪا هنڌ ۾ ويڙهي ڏهن ئي منٽن ۾ پالينا جي پٺيان نڪتس. منهنجو خيال هو ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هوندي. ان لاءِ سڌو اوڏانهن ويندس ۽ نرس کان پڇندس. پر جڏهن نرس مون کي ٻڌايو ته هوءَ اڃا اتي نه پهتي آهي ۽ هوءَ پاڻ هن کي ڳولڻ لاءِ مون وٽ اچي رهي هئي. ته آءٌ ششدر ٿي ويس.

”اڃا هينئر ته مون وٽان نڪتي آهي، آخر ڪيڏانهن ويئي؟“

نرس ڏاڍي عجيب نگاهن سان مون کي ڏسڻ لڳي.

ٿوريءَ دير ۾ پالينا جي گم ٿي وڃڻ جي خبر سڄي هوٽل ۾ پکڙجي ويئي. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. سڀئي پنهنجي پنهنجي ٻولڻ لڳا. وڏي بيري ۽ پهريدار جي ڪمري ۾ ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته مس مينهن ۾ صبح جو سويل ڇهين بجي اينگلو هوٽل ڏانهن پئي ويئي. ماڻهو اشارن ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، تن مان مون اندازو لڳايو ته هنن کي اڳواٽ ئي خبر هئي ته هوءَ سڄي رات منهنجي ڪمري ۾ رهي ههئي. مطلب ته سڄي ڪٽنب لاءِ عيجب عجيب ڳالهيون گهڙجڻ لڳوين. هوٽل جي سڀني ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته جنرل جو دماغ خراب ٿي ويو آهي ۽ هو زور زور سان چرين وانگر رڙيون پو ڪري. مثلاً هڪ چيو، ”اها پوڙهي جا هتي آئي هئي، سا جنرل جي ماءُ آهي. هوءَ روس مان رڳو ان ڪري ائي هئي ته پنهنجي پٽ کي بلانشي سان شادي ڪرڻ نه ڏي ۽ جي پٽ سندس حڪم نه مڃي، ته وصيت نامي مان هن جو نالو ڪڍي ڇڏي. پٽ پڪ ته هن جي چوڻ نه مڃيو هوندو. تڏهن ته هوءَ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي دولت رولٽ جي جوئا خاني ۾ پاڻيءَ وانگر هارائي ويئي ته جيئن جنرل کي ڪجهه نه ملي سگهي.“ وڏي بيري ڪاوڙ ۾ اچي چيو. ”بلڪل ٺيڪ آهي، سائين.“ ٻيا ماڻهو کلڻ لڳا ۽ وڏو بيرو بل ٺاهڻ لڳو. هوٽل جي ماڻهن کي اها به خبر هئي ته ڪالهه مون هڪ وڏي رقم کٽي آهي. سڀ کان پهرين هوٽل جي پهريدار ڪارل مون کي مبارڪون ڏنيون، پر مون کي ڪنهن جي مبارڪن جو خيال ڪونه هو. آءٌ تڪڙو تڪڙو اينگلو هوٽل ويس.

صبح جو وقت هو. ان ڪري ائسٽلي صاحب اڪيلو هو ۽ ڪو ملڻ وارو به ڪونه آيو هوس. منهنجي اچڻ جو ٻڌي ورانڊي ۾ آيو ۽ مون وٽ اچي بيٺو. پنهنجي جهنگلي ٻلي جهڙين اکين سان گهورڻ لڳم ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ جي انتظار ۾ بلڪل چپ ٿي بيٺو. مون پالينا متعلق پڇيومانس.

”هوءَ بيمار آهي.“ هن پهرئين وانگر گهوريندي چيو.

”ڇا هوءَ واقعي اوهان وٽ آئي آهي.“

”ها هوءَ مون وٽ آهي.“

”ڇا هاڻي- ڇا اوهين هن کي پاڻ وٽ ئي رهائيندا؟“

”جي ها.“

”پر ائسٽلي صاحب! اهو ناممڪن آهي. ڏاڍي شرمناڪ ڳالهه آهي. ڏسو ته ڇا هوءَ واقعي بيمار آهي. شايد اوهان اڃا تائين هن کي ڪونه ڏٺو آهي.“

”سائين مون ڏٺو آهي- هينئر اوهان کي چئي چڪو آهيان ته هوءَ بيمار آهي. جي بيمار نه هجي ها، ته مان قسم سان ٿو چوان ته رات توسان ڪانه گذاري ها.“

”ته اوهان کي اها به خبر آهي؟“

”ها، مون کي سڀ آهي. هوءَ ڪالهه مون وٽ آئي هئي. ۽ آءٌ هن کي گڏ وٺي هڪ مائٽ سان ملائڻ پئي ويس. پر ڇو جو هوءَ بيمار هئي. ان ڪري غلطيءَ کان اوهان وٽ پهچي ويئي.“

”ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي؟ ته پوءِ ائسٽلي صاحب آءٌ اوهان کي مبارڪ ٿو ڏيان. ها سچي ياد آيو.ڇا رات اوهان دريءَ هيٺان بيٺا هئا؟ مس پالينا پاڻ کي دري کولڻ لاءِ چيو هو. اوهين پڪ اتي بيٺا هوندا. هوءَ اوڏي مهل کلي به پئي.“

”واقعي آءٌ دريءَ جي هيٺان ته نه هوس، البت هيٺ ورانڊي ۾ بيٺي انتظار ڪيم.“

”ائسٽلي صاحب! ڪنهن کي ڏيکاري به اَٿوَ يا نه؟“

”ها، ڊاڪٽر لکي گهرايو هوم. ياد رکو، جي خوانخواسته هن کي ڪجهه ٿي پيو، ته ان لاءِ آءٌ اوهان کي ڳچيءَ کان جهليندس.“

آءٌ حيران ٿي ويس، ”آخر اوهان جي مرضي ڇا آهي؟“

”مان صرف هي ٿو پڇڻ گهران ته ڪالهه توهان هڪ لک فلورن کٽيا آهن نه؟“

”ها، هڪ لک فلورن.“

”بهتر اهو ئي آهي ته اوهين مهرباني ڪري اڄ ئي پرئس هليا وڃو.“

”ڇو؟ ڇا لاءِ؟“

”اهي سڀ روسي جن وٽ دولت ايندي آهي، پيرس ويندا آهن.“ ائسٽلي صاحب اهڙي نموني ۾ چيو، ڄڻ ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين.

”اهڙين گرمين ۾ پيرسن وڃي ڇا ڪندس؟ توهان کي اها ته خبر آهي ائسٽلي صاحب ته مون کي پالينا سان محبت آهي؟“

”واقعي؟ مون کي يقين آهي ته اوهان کي هن سان محبت ڪانهي، اوهان هن سان محبت ڪري ئي نٿا سگهو. ڏسو جي اوهان هتي رهيو ته سڀ ڪجهه هارائي ڇڏيندو ۽ پيرس وڃڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندؤ، پوءِ پڇتائيندؤ. تنهن مان ڪهڙو فائدو؟ چڱو خدا حافظ! مون کي پڪ آهي ته اوهين اڄ ئي پيرس هليا ويندا.“

”چڱو خدا حافظ! پر هڪڙي ڳالهه منهنجي به ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو. مان اڪيلو پئرس نه ويندس- هتي، اوهان پنهنجي اکين سان ڏسندؤ ته ڇا ٿيندو. جنرل صاحب ۽ مس پالينا سان اوهان جي هيءَ ڪارستاني....... هيءَ خبر سڄي شهر ۾ پکڙجندي.“

”ها ها، ٺيڪ آهي. ڀلي پکڙجي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنرل وٽ هاڻ نه سوچڻ لاءِ دماغ آهي نه وقت. ان کان سواءِ مس پالينا کي پورو پورو حق حاصل آهي ته هوءَ جتي وڻيس اتي رهي. اوهان کي خبر آيه ته اهو ڪٽنب هاڻي برباد ٿي چڪو آحي. بلڪ ان ڪٽنب جو وجود ئي ڪونهي.

آءٌ هن انگريز جي عجيب ڳالهه ته آءٌ پئرس ضرور ويندس ته کلندو، واپس پئي ويس. آءٌ سوچڻ لڳيس، ”هيءَ ته من سان خواه مخواه ٿو جهيڙو ڪرڻ گهري. جي مس پالينا مري ٿي پوي، ته ڪيڏي نه ڏکي ڳالهه ٿي پوندي! آءٌ سچ ٿو چوان ته مون کي مس پالينا جو ڏاڍو ڏک آهي. پر اها ڳالهه ڪيتري نه عجيب آهي ته ان وقت جڏهن آءٌ هن کي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي جوئا خاني ۾ ويو هوس ۽ پئسا کٽڻ شروع ڪيا هئم، تڏهن منهنجو سڄو عشق ڄڻ گم ٿي ويو هو. ڪنهن گهرائيءَ ۾ دفن ٿي چڪو هو. هيءَ ڳالهه آءٌ اڄ پيو ڪريان نه ته ان وقت مون کي ان جي ڪابه خبر ڪانه هئي. ڇا آءٌ واقعي جوئاري آهيان؟ ڇا آءٌ واقعي پالينا سان سچي محبت ٿو ڪريان؟ خدا شاهد آهي ته آءٌ اڄ به هن سان ويس ته شڪست جي احساس ۽ غمگينيءَ منهنجيو بت ڀڃي پرزا پرزار ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو هڪڙو پير هڪ هڪ مڻ جو لڳي رهيو هو. اصل کڄيو ئي ڪونه ٿي. آءٌ يڪو پنهنجي ضمير کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هوس ۽ ان کي ڏوهه ڏيئي رهيو هوس. پر ان موقعي تي مون کي هڪ ڏاڍي عجيب واقعو پيش آيو.

آءٌ جنرل صاحب ڏانهن پئي ويس. هن جو ڪمرو ويجهو اچي ويو هو ته اوچتو هڪ دروازو کليو ۽ ڪنهن آواز مون کي پاڻ ڏي سڏيو. هيءَ مادام ڪامنگز هئي، جا مون کي بلانشي جي چوڻ تي سڏڻ آئي هئي. آءٌ بلانشي سان ملڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ ويس.

هن وٽ رڳو ٻه ڪمرا هئا. هڪ ٻه نوڪر به هئن. بلانشي جا ٽهڪ مون کي صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. هوءَ اڃا هاڻ نند مان اٿي هئي، نه ڄاڻ ڪنهن کي چئي رهي هئي، ”منهنجي خيال ۾ هي ڪوڙ آهي. اهڙيون عجيب شرطون به ڪڏهن لڳيون آهن. جي ائين ممڪن آهي ته پوءِ اهو ته معجزو ٿيندو.“

”پر مون واقعي شرط هني کٽيو آهي.“ مون ڪمري ۾ داخل ٿي کلندي چيو.

”ڪيترا پئسا؟“

”هڪ لک فلورن،“

”واهه، بازي هڻڻ جو موقعو ته هاڻ آيو احي. اندر اچ. مون کي پري کان ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. هتي!“

آءٌ آهستي آهستي هن ڏانهن وڌيس. هوءَ گلابي ساٽن جي سوڙ ويڙهيو ليٽي پيئي هئي جنهن مان هن جا ڀيرل ڀريل ڪلها ٻاهر نڪتل هئا. اهڙا ڪلها جن کي ڪو خواب ۾ ئي ڏسندو آهي. سفيد ململ جي قميص مان هن جون نرم نرم ٻانهون صاف نظر پئي آيون. جن تي ڪاريون پٽيون ڪنڌ تائين اهڙيءَ خوبصورتيءَ سان ٽاڪيل هيون، جو سون تي سهاڳي جو ڪم پئي ڏنائون.

”تون واحد شخص آهين، جو ان موقعي مان فائدو وڍي سگهين ٿو.“ هن مون کي پنهنجي ويجهو ايندو ڏسي کلڻ شروع ڪيو. هوءَ ڏاڍي سليقي ۽ ناز انداز سان کلي رهي هئي.

”هاڻ ٻڌايو ته ڇا آهي؟ آءٌ موقعي مان فائدو وٺڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس.“ مون وضاحت گهرندي چيو.

هن جواب ڏنو، ”آهستي ڳالهاءِ. ڪو ٻڌو نه وٺي. چڱو پهرين مون کي جوراب کڻي ڏي، بلڪ پاراءِ، جوئا ۾ بازي هڻڻ جو مزو ته پئرس ۾ آهي. خبر اٿئي ته مان اڄ پئرس پئي وڃان.“

”ها، ته اڄ ئي؟“

”بس اڌ ڪلاڪ کن ۾.“

واقعي هن جو سامان ٻڌو پيو هو. هڪ طرف هنڌ ۽ پيتي رکيا هئا. چانهه جو سيٽ ميز تي پيو هو. جنهن مان ثابت هو ته هينئر چانهه پيتي هوائون.“

”جوئا جو مزو ته پئرس ۾ آهي. هتي دغابازي گهڻي ٿيندي آهي ۽ اها ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. اگرچه مون کي خبر آهي ته خود شرط ٻڌڻ ۽ هڻڻ به خراب ڳاله اهي. منهنجا جوراب ڪٿي آهن. پارائينم نه؟“

 هن پنهنجا سنگ مرمر جهڙا سهڻا ۽ جرڪندڙ پيرا سڌا ڪري مون ڏانهن وڌايا. آءٌ هٻڪندي، هن کي ريشمي جوراب پارائڻ لڳس ته هوءَ اٿي بيٺي ۽ ٻارن واري سادگيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي.

”دوکو ڏيڻ به ڪيترو حوصلي جو ڪم آهي، ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي پنجاهه هزار فرانڪ جي ڏاڍي ضرورت اهي. فرئنڪفرٽ ۾ توهان اها رقم مون کي ڏجانءِ پوءِ پئرس ۾ اسين ٻئي گڏ کيڏنداسين. راند ته اتي ٿيندي. جوئا کيڏڻ جي سچي خوشي پئرس ۾ ملي سگهي ٿي. ڇو جو جوئا جو اصلي هنڌ اهو آهي. توکي اتي اهڙيون اهڙيون سهڻيون عورتون ملنديون، جي تو سڄي عمر ۾ نه ڏٺيون هونديون. ڏس....“

”پر سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته توکي پنجاهه هزار فرانڪ ڏيئي به ڇڏيان، ته پوءِ مون وٽ باقي ڇا بچندو!“

”تون پهرئين ئي سينٽن کي فرانڪن ۾ بدلائي چڪو آهين ۽ ان کان سواءِ به هونئن آءٌ مهينو به مهينا تو وٽ رهڻ لاءِ تيار آهيان ۽ پڪ توکي مون سان رهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو. انهن ٻن مهينن ۾ اسين پنجاهه هزار فرانڪن مان ڏيڍ لک فرانڪ بڻائي ڇڏينداسين. مان پهرين ٿي ٻڌائي ڇڏيانءِ ته اهو سڀ ڪجهه اتي وڃڻ کان پوءِ ئي پورو ٿي ٿو سگهي. نه ته اتي ويهي خيالي پلائن پچائڻ مان ڪجهه به ڪين ورندو.“

”صرف ٻه مهينن ۾!“

”آخر تون ڊڄين ڪهڙي ڳالهه کان ٿو. اتي توکي ڪير ٻڌي ڪونه ڇڏيندو؟ خبر اٿئي پئرس جو هڪ مهينو ٻي سڄي زندگيءَ جي برابر آهي. هڪ مهينو تمام گهڻو ٿيندو آهي. پنهنجو پان کي فريب ۾ ڏي. آءٌ سمجهان ٿي ته هن ڳالهه ۾ جيڪو مزو آهي اهو توکي ملي ئي نٿو سگهي. يعني تون ان قابل ئي ڪونه آهين. تون ته ڪجهه سمجهين ئي ڪونه ٿو. صفا ڪو ٻُڌو آهين.“

ان وقت آءٌ هن جي ٻئي پير ۾ جوراب پارائي رهيو هوس. خبر ناهي ته جو آءٌ هن جي ڀريل گلابي بڪيءَ تي چمي ڏيڻ کان رهي نه سگهيس. هن پير ڇڪي ورتو ۽ آهستي آهستي کڙي منهنجي مٿي تي هڻڻ لڳي. ڄڻ ٿڦڪيون ڏيئي رهي هجيم. وڃڻ مهل هن مون کي چيو: ”ياد رک جوئا ۾ بازي لڳائڻ وقت ڏاڍي احتياط ۽ هوشياريءَ جي ضرورت آهي. مان بس پندرهن ويهن منٽن ۾ اسٽيشن هلي وينديس.“

آءٌ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ واپس آيس. ته ائين لڳم ڄڻ منهنجو مٿو ڦري رهيو هو. ان گردش ۾ منهنجا خيالات پسجي ڊانواڊول ٿي ويا هئائ ڀلا جي مس پالينا پئسنجي ٿيلهي منهنجي منهن تي ڦهڪائي ڪڍي هئي ۽ انگريز ائسٽلي کي مون تي تريجيح ڏني هئائين، ته ان ۾ منهنجو ڪهرو ڏوهه؟ اڃا به ڪجهه سڪا ۽ نوٽ زمين تي پکڙيا پيا هئا. مون ويندي ئي اهي ميڙيا، ان وقت در کليو ۽ وڏو بيرو ظاهر ٿيو. (جو ان کان پهرين ڪڏهن به منهنجي ڪمري ۾ نه آيو هو). مون کي صلاح ڏيندي چياِن.

”سائين، منهنجو خيال آهي ته اوهان هيٺيئينءَ منزل تي ڏاڪڻ جي ڀر وارن ڪمرن ۾ هليا وڃو، جيڪي اڄ نواب صاحب خالي ڪيا آهن.“

آءٌ خاموش ٿي ويس ۽ ڪجهه سوچڻ لڳس.

”منهنجو بل موڪل. آءٌ هينئر ئي ٻاهر پوي وڃان.“اهو چئي آءٌ سوچڻ لڳس. ”جي پئرس ته پئرس ئي سهي. چڪر ته روز اول کان منهنجي مقدر ۾ لکيل آهي.“

پندرهن منٽن کان پوءِ اسين ٽيئي يعني مادام ڪامنگس، بلانشي ۽ آءٌ واقعي ٽرين جي هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺا هئاسين. بلانشي مون سان کلي ڳالهيون ڪري رهي هئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهي هئي. هوءَ ايترو ٿي کلي جو اکين ۾ پاڻي اچي ٿي ويس هاڻ منهنجي زندگي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي. پر گذريل ڏينهن کان مون پنهنجي هر شيءِ پتن جي بازيءَ ۾ هڻڻ شروع ڪئي هئي. شايد اها ڳالهه به درست آهي ته هيءَ اوچتو هٿ آيل دولت منهنجي ضرورت کان گهڻي هئي ۽ ان مون کي ڪجهه مغرور ڪري ڇڏيو هو. هاڻ ته آءٌ پننهجي سڄي پونجي بازيءَ ۾ هڻي چڪو آهيان. شايد ان لاءِ دکي هوس. اهو خيال منهنجي ذهن ۾ آيو، پر رڳو هڪڙو ڀيرو. ان کان پوءِ يڪدم خيال پاسو ورايو. ”پر هڪ مهيني کان پوءِ هتي ئي موٽي ايندس ۽ اوهان سان قوت آَزمائي ڪندس ائسٽلي صاحب!“ حقيقت هيءَ آهي ته ان وقت آءٌ خوش ڪونه هوس. بلڪ خوفناڪ حد تائين اداس ۽ غمگين هوس. اها ٻي ڳالهه آهي ته آءٌ هن شيطان جي ڌيء، مدموزيل بلانشي جي اوچن اوچن ٽهڪڻ جو ساٿ ڏيئي ريهو هوس.

”توکي ڇا پيو ٿئي؟ تون ته ڪو بيوقوف آهين؟“ بلانشي پنهنجي ٽهڪڻ وچان مون کي تڙي ڏيندي چيو. ”جي آءٌ تنهنجا ٻه لک فرانڪ خرچ ڪير ڇڏيان، ته پوءِ ڇا ٿيندو! هڪ ئي ته ڳالهه آهي. ان جي بدلي آءٌ توسان ظاهر ظهور ٻاهر گهمنديس. تنهنجو مرتبو ۽ وقار وڌندو ۽ هونئن پنهنجي هٿ سان تنهنجي نيڪٽاءِ ٻڌنديس ۽ جي خوانخواسته سڀ پئسا هارائي به ڇڏيون، ته تون وري هتي اچجانءِ ۽ هاڻي وانگر وري بئنڪ جو رڪارڊ ڀڃجانءِ. ياد اٿئي يهوديءَ توکي ڇا ٿي چيو؟ جرئت ۽ حوصلو تو ۾ آهي. مون کي پڪ آهي ته تون پئرس ۾ منهنجي لاءِ اڳي کان به وڌيڪ پئسا کٽي ايندين، جتي رهجي اتي کٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي.“

”۽ جنرل صاحب....“

”جنرل صاحب روز مون وٽ گلن جو هڪ گلدستو کڻي ايندو هو. اڄ مون کي چيو ته فلاڻي رنگ جا گل آڻ. جڏهن غريب واپس ايندو ۽ ڏسندو ته پنڇي اُڏري ويو آهي، ته هو به اسان جي ڳولا ۾ نڪرندو. تون خود ڏسندين. مون کي هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي. پئرس ۾ مون کي هن مان گهڻو ئي فائدو حاصل ٿي سگهندو. هتي ائسٽلي صاحب هن جي هوٽل جو بل ادا ڪندو.....“

ان طريقي ۽ اهڙين حالتن ۾ آءٌ پئرس پهتس.

 

 

 

 

باب سورهون

 

پئرس لاءِ ڇا چوان؟ بس ائين سمجيهو ته اتي وڃي، مون وڏي بيوقي ڪئي. آءٌ پئرس ۾ ٽن هفتن کان ٿورو مٿي رهيو هوندس. پر ايترڙي وقت ۾ منهنجا هڪ لک فرانڪ خرچ ٿي ويا. هي ته آءٌ رڳو هڪ ک فرانڪن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، نه ته باقي هڪ لک فرانڪ به مون مادموزيل بلانشي کي ڏيئي ڇڏيا. پنجاهه هزار فرينڪفرٽ ۾ ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ باقي رقم جو دستاويز پئرس پهچي هن کي لکي ڏنم ۽ سو به هن پوري هڪ هفتي کان پوءِ مون کان مٽارائي ورتو. پئسا ته پنهنجي اصلي جڳهه تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي ورتو. پئسا ته پنهنجي اصلي جڳهه تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي سگهجن ٿا. پوءِ اهي ڀلي ڪنهن ننڍڙي ماڻهوءَ وٽ ئي ڇو نه هجن. هوءَ مون کي ٽيوٽر ڪري سڏيندي هئي. انسانن جي جنهن طبقي سان مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، ان کان وڌيڪ ذليل ان کان وڌيڪ بخيل ۽ ان کان وڌيڪ ڪم ظرف دنيا ۾ ڪوبه نٿو ٿس سگهي. پر اهو فقط پنهنجن پئسن خرچڻ مهل، جيستائين منهنجي هڪ لک فرانڪن جو تعلق آهي، هن ڪجهه ڏينهن بعد مون کي صاف ٻڌايو هو ته انهن پئسن جي کيس ڏاڍي سخت ضرورت هئي. ’ڇو جو، في الحال منهنجي اسڪيم اها آهي ته، هاڻ، مان شانائتي نموني سان هميشه لاءِ هتي ٿي رهڻ چاهيان- پنهنجي حياتي هڪ بهتر انداز ۾ گذارڻ ٿي چاهيان. هاڻي ڪجهه وقت تائين ڪو مون کي ڪجهه چئي نٿو سگهي.‘ پوءِ اهي هڪ لک فرانڪ مون ڏٺا به ڪونه. هوءَ هميشه پئسا ٻٽونءَ ۾ رکندي هئي، جنهن ۾ ڪڏهن به هڪ سؤ فرانڪ کان وڌيڪ نه ڏٺم- بلڪ جيئن پوءِ تيئن ان ۾ سؤ فرانڪن کان به گهٽبا پئي ويا.

”توکي آخر پئسا ڇو گهرجن.“ هوءَ اها ڳالهه اهڙي مٺي ۽ ٻالي ڀولي انداز ۾ ڪندي هئي جو مون کي جهيڙي ڪرڻ جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. پر هن انهن پئسن مان پنهنجي فليٽ کي سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هوءَ مون کي سندس نئين رهائشگاهه تي وڍي ويئي، ته هن مون کي ڪمرا ڏيکاريندي چيو، ”ڏٺئي، ٿورڙن پسئن سان به ڪيترو نه سگهڙپائيءَ جو ثبوت ڏنو اٿم.“حالانڪ ٿورڙن پئسن جي ڪل رقم پنجاهه هزار فرانڪ هئي. ٻين پنجاهه هزارن مان هن ٻن گهوڙن واري گاڏي ورتي. ان کان سواءِ اسان ٻه ڀيرا ناچ جي دعوت به ڪوٺائي. يعني شام جو پاڻ وٽ پارٽيون ڪيونسين، جن ۾ هارٽنسي، لزيٽ ۽ قلوپطره جهڙين عورتن شرڪت ڪئي. جن جي خاصيتن غ۽ صلاحيتن جي ڏاڍي ڳالهه هئي. جي واقعي خوبصورت به هيون. انهن ٻن دعوتن ۾ مون کي ميزبان ٿيڻ جو ڌاڍو احمقاڻو ڪيم، ته ڪڏهن بيوقوف ۽ بي حيا قسم جي فوجي ڪپتانن جو ڪڏهن خبيث قسم جي چاپلوس، خود پسند ۽ فيشن جي سڪايل اديبن ۽ صحافي ڪيڙن کي وڏي عزت ۽ مان سان پئي ويهارڻو پيم، جن ايڏي ته ظاهريءَ بناوت ۽ ڏيکاءَ جو اظهار پئي ڪيو، جو انهن جو پيٽرز برگ ۾ تصور به نٿي هي سگهيو. واقعي اها وڏي ڳالهه آهي! انهن مان ڪي ته مون سان چرچا ڪرڻ لڳا هوا، پر آءٌ شيمپن جي نشي ۾ مخمور پوئين ڪمري ۾ پير پٿاريو ستو پيو هوندو هوس. هي سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ ڏاڍي فضول مڪروه بڪواس هئي. هوڏانهن بلانشي منهنجي لاءِ چوندي هئي، ”هي بنهه نظر انداز ڪرڻ جهڙو ماڻهو هو. ننڍڙو ماڻهو جو ٿيو، سينٽن کي جي فرانڪن ۾ بدلايائين ته رڳو منهنجي لاءِ، نه ته مون کان سواءِ ته هن کي خبر ئي ڪانه هئي ته پئسو خرچ ڪيئنڪجي. پر هي وري به ننڍڙو ماڻهو بنجي ويندو. ماڻهو کي پنهنجي اصليت ڪانه وسرندي. ڪانگ هنج جي چال هلندو آخر پنهنجي به وساري ويهندو. هن جي لاءِ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪرنو پوندو.“

آءٌ گهڻو ڪري ڏاڍو اداس رهندو هوس. هاڻ ته هن زندگيءَ کي ئي مصيبت سمجهندو هوس. ان ڪري اڪٿر شمپئنپي بي خود ٿي ويندو هوس ۽ ان ۾ ئي پنهنجي سلامتي سمجهندو هوس. آءٌ پئرس جي شهري وچولي طبقي ۾ رهندو هوس، جنهن جا ماڻهو ايتار ته ڪنجوس ۽ خود غرض ٿيندا آهن، جو توبهه، شروعاتي ٻن هفتن ۾ مادموزيل بلانشي مون کان ڪجهه پري رهي. ڇو جو هوءَ مون سان نفرت ڪندي هئي. ان جي مون کي خبر ئي. هونئن منهنجي ڪپڙي لٽي جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. منهنجا وار چڱيءَ طرح ٺاهيندي هئي ۽ روز مون کي ٽاءِ ٻڌندي هئي. پر پنهنجي روح ۾، پنهنجي دل ۾ مون کي حقير سمجهائين. مون به ان ڳالهه ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ورتي. نااميدي، ناڪامي، حسرت ۽ ياس ۽ شڪست کان مجبور ٿي. آءٌ تقريباً روز فليزر هوٽل ۾ ويندو هوس، ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان روز شراب جا جام تي جام چاڙهندو هوس. انهن سڀني عورتن ۽ مردن سان گڏ نچندو هوس، جيڪي گڏ نچندي فحس پر خفيف ۽ هلڪڙيون حرڪتون ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح انهن کي ناچ ۾ ڏاڍو مزو ۽ لطف ايندو هو.

آخرڪار بلانشي منهنجي اصلي شخصيت ۽ ڪردار جو اندازو ڪري وڌو. خدا ڄاڻي هن کي ڇو هي خيال آيو ته آءٌ هر وقت ڪاغذ ۽ پينسل کڻي هن سان گهمندو آهيان ۽ جتي به هوءَ ڪجهه خرچي تي لکي ڇڏيان، ۽ رڳو اهو اندازو به ڪندو رهان ٿو اتي لکان ٿو ته هن هيترو خرچ ڪيو آهي، هيترو هن چورايو آهي. هيترو اڃا خرچ ڪندي، هيترو چورائيندي وغيره. هن کي اصل پڪ ٿي ويئي ته اسان کي هر ڏهن فرانڪن جي نوٽ تي باقاعده جهيڙو ڪرڻ گهرجي. هن کي منهنجي طرفان جنهن به اعتراض جي اميد هئي، ان جو جواب هوءَ پهرين ئي گهڙي تيار ڪندي هئي ۽ جڏهن ڏسندي هئي ته آءٌ ڪوبه اعتراض ڪونه پيو ڪريان ته به پاڻ جواب ڏيڻ کان نه رهندي هئي. مورڳو ڪاوڙجي به ويندي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت ته ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ اچي ڳالهائڻ لڳندي هئي، پر مون کي خاموشيءَ کان کٽ تي ليٽي ڇت کي تڪيندو ڏسي هوءَ سخت حيران ٿيندي هئي. هوءَ اهو سوچي ته آءٌ بلڪل احمق ۽ ننڍڙو ماڻهو آهيان، پنهجي ڳالهه مختصر ڪندي هئي، ۽ شايد دل ئي دل ۾ سوچيائين ٿي ته، ”ڪيڏو نه بيوقوف آهي هي! هن کي چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هو مطلب ته سمجهي ئي ڪونه ٿو.“ ائين هو توبهه توبهه ڪندي، ٻئي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي ۽ وير ٻيهر ٻاهر ايندي هئي. (اهو عام طرح ان وقت ٿيندو هو جڏهن هوءَ ڪا وڏي فضول خرچي ڪندي هئي. يعني جڏهن خرچ آمدنيءَ جي حساب کان وڌيڪ ٿي ويندو هو. مثلاً پهريون دفعو جيڪي گهوڙا خريدڪيا هئائين، تن کي وڪڻي، هن نئين جوڙي سورنهن هزار فرانڪن ۾ خريد ڪئي.)

هوءَ مون وٽ ايندي هئي ۽ چوندي هئي، ”توکي تڪليف ته ڪانه ٿي.“

”نه نه! هر هر پڇي ڇو ٿي خواه مخواه پريشان ڪرين.“ آءٌ پنهنجي سيني تي رکيل هٿ کڻي چوندو هوس. پر هن کي اها ڳالهه اهڙي عجيب لڳندي هئي، جو يڪدم منهنجي پاسي ۾ ويهندي هئي.

”ڏس نه، مون ايتري رقم ان لاءِ خرچي جو ضرورت جي وقت اسين پوءِ به وڪڻي سگهون، ويهن هزار فرانڪن ۾ هنن کي ٻيهر وڪڻي سگهجي ٿو.“

”بي شڪ گهوڙا به عمدا آهن. هاڻ تون وٽ به هڪ عمدي جوڙي ٿي ويئي. خدا مبارڪ ڪريئي! هونئن به تنهنجي لاءِ موزون رهندا!“

”ته توکي ان مان ڪابه تڪليف ڪانه ٿي آهي؟“

”مون کي ڪهڙي تڪليف ٿي آهي! تون پاڻ عقلمند آهين. جن جن شين جي توکي ضرورت آهي، انهن کي حاصل ڪرڻ تون پاڻ به سمجهي سگهين ٿي. يعني اهي سڀ شيون، جيڪي تنهنجي لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون. آءٌ سمجهان ٿو ته اهڙي شاندار نموني سان پئرس ۾ رهڻ جي شروعات ڪرڻ تنهنجي لاءِ نهايت ئي ضروري آهي. نه ته تون ڪڏهن به هزارين، لکين فرانڪ ميڙي ڪين سگهندينءَ ۽ هي اسان جا معمولي هڪ لک فرانڪ ته شروعات لاءِ آهن- بلڪل سمنڊ ۾ ڦڙيءَ جيان.“

مادموزيل بلانشي کي مون منجهان اهڙن خيالن جي بلڪل اميد ڪانه هئي. بلڪه اهڙن موقعن تي اها ئي اميد رکدني هئي ته آءٌ ٽوڪ ڪندس، طعنو هڻندس، زور سان ڳالهائيندس وغيره ۽ منهنجي انهيءَ طريقي جون ڳالهيون ٻڌندي ئي هوءَ گويا ڪنرن تان لهي زمين تي اچي ڪرندي هئي.

”تون ڇا آهين، مون کي هاڻ خبر پئي. تون پنهنجي ضمير ۽ ڪردار جي ڪري ته ڏاڍو سٺو آهين. جيتري تعريف ڪريان ٿوري آهي. پر بدڪردارن سان گڏجي، تنهنجي اصليت دٻجي ويئي آهي ۽ چند خاميون تو ۾ پيدا ٿي ويون آهن. حالانڪ تون هن ننڍو ماڻهو آهين، پر حقيقت ۾ توکي هڪ شهزادو هجڻ گهرجي ها. ها، ته تون پئسن جو ايترو جلد ختم ٿيڻ تي ناراض ته نه آهين؟“

”پئسن کي باهه ڏي مون کي ته بس اها خبر آهي ته پئسا جيترو گهڻو خرچ ٿين، اوترو سٺو.“

”تون ته واقعي رئيس ماڻهو آهين، تڏهن ته پئسن کي ايترو حقير ٿو سمجهين. اها ڳالهه واقعي درست آهي ته توکي پئسن جي ڪا پرواهه ئي ڪانهي. بلڪ تون پسئن کي نفرت جي نظر سان ٿو ڏسين! هائو نه؟“

”تون ٺيڪ ٿي چوين، ان لاءِ مان همبرگ وينديس ۽ اُتان هڪ لک فرانڪ ٻيا به کٽي ايندس.“

”بيشڪ پئس واقعي رکڻ جي شيءِ آهن. دولتمند ٿيڻ ڪيتري نه شاندار ڳالهه آهي. مون کي خبر آهي ته تون اُتي ضرور کٽيندين ۽ هتي مون وٽ آنيندين. اهو ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو ۽ رڳو ان لاءِ ٿيندو، جو مان توسان محبت ٿي ڪريان، يقين ڪر تون منهنجي دل جي ڏاڍو ويجهو آهين. مان هميشه هميشه توسان محبت ڪندي رهنديس ۽ ڪڏهن به بيوقوفائي نه ڪنديس. خبر اٿئي اڄ تائين مون توسان، محبت ڇو نه ڪئي؟ان ڪري، جو منهنجي دل ۾ تولاءِ ڪجهه نفرت جو احساس به هو ۽ اهو رڳو تنهنجي بدشعاري ڪري. (ڇو جو تنهنجي تعريف رڳو جوئا ۾ بهترين بازين کٽڻ جي ڪري ٿيندي هئي) پر مان هميشه وفادار ۽ مخلص رهي آهيان، ڇو جو محبت دل جي هوندي آهي.“

”تون ڪوڙ پئي ڪرين. تون سمجهين ٿي ته مون هن ڪاري بندري البرٽ کي ڏٺو ئي ڪونهي، ڪيئن؟“

”آءٌ ته هن کي سڃاڻان به ڪونه.“

”ڪوڙ ڇو پئي ڳالهائين ۽ تون سمجهين ٿي ته آءٌ چڙي پوندس؟ اڙي، منهنجي لاءِ ته اها ڳالهه ئي ڪانهي ۽ خبر اٿئي ته آءٌ ڪاوڙجندس ڇونه؟ ان ڪري جو تون هميشه بهترين بازي هڻندي آهين. تنهنجو داءُ ڪڏهن به خالي نه ويندو آهي. بيشڪ منهنجي موجودگيءَ ۾ به هن کي آڻي ٿي سگهين. هن کي منهنجي آڏو آڻيندي، توکي ڪا ججهڪ ٿيڻ نه کپي. صرف هڪ ڳالهه ٻڌ ۽ ڪن کولي ٻڌ. هن کي پئسا نه ڏجانءِ.“

”ته ڇا تون واقعي ان ڳالهه مان ناراض نه ٿيندين؟ تنهنجو ته فلسفو ئي انوکو ۽ عجب آهي!“

”مون کي ته پنهنجي خلوص تي ناز آهي، دنيا جي هڪ هڪ شيءِ ۽ هڪ هڪ ڳالهه جي اندر کان واقف آهيان.“

۽ ان وقت هوءَ واقعي منهنجي ويجهو رهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ باوفا ۽ مخلص. اهڙيءَ طرح اسان جا آخري ڏهه ڏينهن به گذري ويا. بهرحال مون اُهي چمڪندر تارا ڪونه ڏٺا، جن جي هن پهرئين ڏينهن ڳالهه ڪري مون کي هرکائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هڪڙيءَ طرح سان ته هُن پنهنجو اُهو واعدو به پورو ڪري ڏيکاريو. هن مون سان هر ٽنسيءَ جو تعارف به ڪرايو، جا واقعي ڏاڍي ٺاٺ واري عورت هئي ۽ اتي هن کي لذتيت جي فلسفي جي ديوي ڪوٺيو ويندو هو. کائو پيو ۽ عيش ڪريو. اهو ئي هن جي حياتيءَ جو مقصد هو.....

بهرحال انهيءَ قصي جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. انهيءَ لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي، يا ائين کڻي چئجي ته هيءَ هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. جنهن جو ذڪر آءٌ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان. حقيقت هيءَ آهي ته مون هن قصي کي جلد از جلد ختم ڪرڻ ٿي گهريو. ها ته جيئن آءٌ پهرين ٻڌائي آيو آهيان، اسان جا هڪ لک فرانڪ ته ڪو مهيني کن ۾ ئي ختم ٿي ويا، جنهن تي منهنجي حيرت بجا هئي. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ اسي هزار ته بلانشي خود پنهنجيءَ ذات تي خرچ ڪيا ۽ باقي رهيل ويهن هزارن مان اسان کي گذارو ڪرڻو پيو- اسان لاءِ اُهي به ڪافيءَ کان زياده هئا. بلانشي، جا آخرڪار اسان سان بي تڪلف ٿي ويئي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هئائين، تنهن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته هن جيڪو قرض کنيو آهي، تنهن جو بار مون تي ڪونه پوندو. چوڻ لڳي، ”مون ڪڏهن به توکي ڪنهن دستاويز يا قرض نامي تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪونه چيو آهي. ان ڪري، جو مون کي تنهنجو ڏاڍو خيال آهي. منهنجي جڳهه تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ها، ته هيستائين تون جيل ۾ پهچي چڪو هجين ها! ڏٺئي! مون کي توسان ڪيترو پيار آهي ۽ آءٌ ڪيتري سٺي آهيان. ٿورو سوچ ته سهي، هي اڪيلو شاديءَ جو خسارو ئي منهنججو ڪيترو خرچ طلبي رهيو آهي.؟“

واقعي شادي مٿان اچي ويئي هئي. جون واري مهيني جي بنهه پڇاڙيءَ ۾ شادي ٿي گذري. منهنجي هڪ لک فرانڪن مان باقي جيڪي فرانڪ وڃي بچيا هئا، سي ان جي نذر ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح سڄي معاملي جي اچي پڄاڻي ٿي. يعني منهنجو مهينو اچي پورو ٿيو ۽ مون کي دستوري رخصت نامو عطا ڪيو ويو.

ان جو تفصيل هي آهي ته پئرس ۾ اسان جي اچڻ کان هفتو کن پوءِ جنرل صاحب به اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ سڌو بلانشي وٽ وڃي پهتو. پهرئين ڏينهن جيئن آيو، تيئن ڄڻ اسان سان ئي گڏ رهيو. البت رهائش جو انتظار هن جو پنهنجو الڳ هو. بلانشي هن جي آجيان ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ٽهڪ ڏيندي ڪئي. بلڪ جوش ۾ اچي ڀاڪر ۾ پاتائينس. جهڙي صورتهال هئي، ان ۾ هن جنرل کي ڇڏڻ نٿي گهريو ۽ هو هر جڳهه، هن جي پٺيان پيو ڦرندو هو. شاهي رستي کان وٺي ٿيئٽر تائين ۽ پنهنجي واقفڪارن وٽ. ٻيءَ طرح گهمڻ ڦرڻ وقت به هو هميشه هن سان گڏ رهندو هو. گاڏيءَ ۾ به گهڻو ڪري گڏجي سير ڪندا هئا.

مطلب ته بلانشي لاءِ جنرل صاحب اڃا اهڙن موقعن تي ڪمائتي ثابت ٿيڻ جهڙو هو. هن جي منهن مان رعب تاب پيو بکندو هو. اٿڻي ويهڻي به شاندار هئس. هو اميراڻي شائستگيءَ جو هڪ نمونو هو. قد عام ماڻهن کان ڊگهو ۽ مڇون ڪيس ۾ ڪاريون ٿيل ڊگهيون وٽيل هونديون هئس. بت البت ڪجهه ٿلهيرو ۽ ڦيپو ٿي لڳس. پر ڏسڻ ۾ بهرحال ڏاڍي آب تاب واري ٿي لڳو. هن جي روايتي طور طريقن مان اڄ به شان شوڪت نمايان هو. شام جي لباس ۾ هو ڏاڍو کڙو تڙو ۽ ٺاهوڪو لڳندو هو. پئرس ۾ اچي، هن پنهنجا اعزازي فوجي ٻلا به لڳائڻ شروع ڪيا هئا. پئرس شهر جي ڪشادن رستن تي اهڙِ ڊبل ڊول واري شخص سان گڏ گهمڻ، جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهيو ٿي، ته اهڙي فائدي بخش موقعي مان بلانشي پورو پورو ڪم وٺي ڄاتو ٿي. اسان جي ٻولي ڀالي جنرل صاحب کي ته انهن ڳالهين مان ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پئرس ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو به هن کي اڳين معاملن جي باري ۾ سوچڻو ڪونه پيو. نه ته اچڻ کان اڳ ان ڊپ ۾ ڪنبي رهيو هو ته ڪٿي بلانشي ڪو هل بکيڙو نه ڪري وجهي ۽ ڌڪا ڏيئي ٻاهر نه ڪڍارائي ڇڏي. ان ڪري هيءَ بدليل حالت ۾ مون کيس اتي ڇڏيو. مون کي خبر پئي هئي ته جنهن ڏينهن اسين ٻئي رولٽن برگ مان هليا آيا هئاسين، ان ڏينهن جنرل صاحب ته ڏاڍو سخت دورو پيو هو ۽ هو صفا بي هوش ٿي ويو هو. پوءِ سڄو هفتو چرين جيان وڦليل ڳالهيون ڪندو رهيو هو. ڊاڪٽرن جو باقاعدي علاج ڪيو ويو. هونئن به چڱو خيال رکيائونس، پر هن هر شيءِ کي خير آباد چئي پئرس جي راهه ورتي، جتي بلانشي جو استقبال هن جي دورن لاءِ چڱو علاج هو. بيماري جون نشانيون ته اڃا به مٿس هيون، پر ان هوندي به خوش هو- هاڻ ته هو سوچڻ جي قابل به ڪونه رهيو هو. بلڪ اصل ڪنهن سنجيده مسئلي تي ڳالهائي ئي نه ٿي سگهيو. جڏهن به ڪا اهڙي ڳالهه سندس آڏو ڪئي ٿي ويئي، ته هن رڳو ڪنڌ ٿي لوڌيو- سو به پاڻ کي بچائڻ لاءِ ۽ هر لفظ تي هون، ها، چوڻ شروع ڪري ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کل به ايندي هئس. پر مريضن واري. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ان کي چپن ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا گهاٽا ڀرون تاڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن شيءِ کي تڪنددو رهندو هو. ڪيتريون ئي شيون سندس حافظي مان نڪري چڪيون هيون ۽ ڪوشش کان پوءِ به ياد ڪونه اينديون هئس. هو صفا خالي الذهن ٿي چڪو هو ۽ هن ۾ پنهنجي منهن ڳالهائڻ جي عادت به پئجي چڪي هئي. مادموزيل بلانشي ئي اڪيلو فرد هئي. جا کيس تلسي ڏيئي ٿي سگهي ۽ واقعي ڪڏهن به هو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪي وڃي ڳوڙها وهائيندو ۽ غمگين نظر ايندو هو، تڏهن ان جو مطلب سواءِ ان جي ڪوبه ڪونه هوندو هو ته هن گهڻي دير کان مادموزيل بلانشي کي ڪونه ڏٺو آهي يا وري بلانشي هن سان بنا ڳالهائڻ جي ئي ڪيڏانهن ٻاهر هلي ويئي آهي، يا وري وڃڻ کان پهرين ساڻس خوش مزاجيءَ سان پيش ڪانه آئي هئي. پر ان سان گڏوگڏ هيءَ ڳالهه به آهي ته، هو پاڻ اصل ٻڌائي ڪلونه ٿي سگهيو ته آخر سندس مرضي ڇا هئي ۽ ايترو پريشان ۽ غمگين ڇو ٿيو آهي. ٻه ٽي ڪلاڪن ويهڻ کان پوءِ (اها ڳالهه مون تڏهن ڏٺي جڏهن بلانشي سڄي ڏينهن لاءِ غالباً البرٽ سان ملڻ ٻاهر هلي ويندي هئي)، هو ڏاڍي گهٻراهٽ سان چئني طرف ڏسندو هو، يا وري ڪنهن شيءِ کي تڪندو رهدنو هو ۽ حافظي تي زور ڏيئي ڪنهن شيءِ کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ائين لڳندو هو، ڄڻ ڏاڍي بي قراريءَ سان ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو هجي. پر جڏهن ڪجهه ياد نه ايندو هوس ته ٻيهر غفلت ۽ بي خوديءَ جي حالت ۾ پهچي ويندو هو ۽ اها حالت اوستائين رهندي هيس، جيستائين گونجندڙ ٽهڪن سان ٻيهر واپس نه اچي ويندي هئي. هوءَ ڏاڍي خوشيءَ جي حالت ۾ ڊوڙندي جنرل کي چنبڙي ويندي هئي، هن کي تنگ ڪندي هئي ۽ چميون به ڏيندي هئي ۽ اهائي نوازش هئي. جا هوءَ ڪڏهن ڪڏهن هن تي ڪندي هئي. هڪ ڀيري هن کي ڏسي جنرل صاحب کي ايتري ته خوشي ٿي، جو باقاعدي روئڻ لڳو. سندس اها حالت ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس.

پهرين ئي ڏينهن بلانشي منهنجي سامهون هن جي طرف داري ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ هن جي هر ڳالهه کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. مون کي پراڻيون ڳالهيون ياد ڏريائين ته ”مون جنرل سان رڳو تنهنجي ڪري بي وفائي ڪئي هئي. منهنجو مڱڻو حقيقت ۾ هن سان ئي ٿيل آهي. هاڻ زبان ڏيئي چڪي آهيان ۽ زبان ڏيئي ڦرڻ شريفن جو ڪم ڪونهي.“ وري جنرل صاحب جي طرفان به پاڻ ئي ٿي چيائين ته هن سندس لاءِ ئي پنهنجو ڪٽنب ۽ خاندان ڇڏي ڏنو- ۽ مون کي منهنجي فرض جو احساس ڏياريائين ته تون هيترو وقت هن جي نوڪري ڪري چڪو آهين، توکي ڪجهه ته خيال ڪرڻ کپي- توکي شرم اچڻ کپي. حالانڪ هن جي زبان ڪينچيءَ جيان هلندي رهي، پر آءٌ بلڪل خاموش رهيس. الائي ڇو مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ ائين ڳالهه ائي ويئي ٿي ويئي. اها به ان ڪري، جو پهرين ته هو اهو سوچيو ته آءٌ صفا ڀوڪ آهيان، پوءِ نتيجو ڪڍيائين ته شريف ۽ بامروت آهيان. در حقيقت اها منهنجي خوش قسمتي هئي ته هر ڳالهه جي آخر ۾ آءٌ هن شاندار نوجوان عورت جي خونودي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هوس. (حقيقت ۾ بلانشي، پنهنجي نموني جي هڪ شاندار ۽ نيڪ فطرت هورت هئي. ائين برابر آهي ته هن جي باري ۾ اڳ منهنجي راءِ اها ڪانه هئي). جڏهن ڳالهه ختم ٿيڻ لڳندي هئي، تڏهن هوءَ مون کي چوندي هئي، ”تون ڏاڍو سٺو ۽ هوشيار ماڻهو آهين..... ۽..... افسوسناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته تون ايترو بيوقوف آهين جو تون ڪڏهن پائي به ڪانه بچائي.“

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کي جنرل صاحب سان گڏ گمڻ لاءِ موڪلي ڇڏيندي هئي. بلڪل ان طرح جيئن هو پنهنجي وڏي ڪتي کي پهريدار سان گڏ موڪليندي هئي. مطلب هيءُ ته آءٌ هن کي پاڻ سان گڏ، ٿيئٽر، ناچ گهرن ۽ ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويندو هوس. انهن سڀني خرچن لاءِ بلانشي مون کي پهرين ئي پئسا ڏيئي ڇڏيندي هئي. جنرل صاحب وٽ هونئن پنهنجو به ڪافي پئسو هو. کيس هر موقعي تي ماڻهن جي سامهون ٻٽون کولڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪ دفعي ته مون کيس ستن سون فرانڪن جي هڪڙي پن خريد ڪرڻ کان روڪيو جيڪا هن ’رائل پئلس‘ ۾ ڏٺي هئي ۽ بلانشي کي تحفو ڏيڻ لاءِ ٿي ورتائين. ڀلا ست سؤ فرانڪن جي پن جي ڪهڙي ضرورت؟ جنرل صاحب وٽ مجموعي طور تي هڪ هزار فرنڪ کان وڌيڪ رقم نه هئي ۽ اها خبر مون کي ڪڏهن به پئجي نه سگهي ته هن اهي پئسا ڪٿان حاصل ڪيا هئا؟ آءٌ ڀانيان ٿو ته ائسٽلي صاحب ڏنا هوندس. ان ڳالهه کي ان مان هٿي ملي ٿي ته هن جو هوٽل جو بل به هن ڀريو هو. مون سان جنرل صاحب جنهن رويي سان هليو ٿي، ان مان مون کي پڪ هئي ته کيس منهنجي ۽ بلانشي جي تعلقات جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانهي. حالانڪ هن کي ڪٿان اها خبر پئجي وئي هئي ته مون جوئا ۾ ڪافي پئسا کٽيا هئا، پر هن وري به ائين ٿي سمجهيو ته آءٌ بلانشي وٽ هجن جي پرائيويٽ سيڪريٽري طور هڪ نوڪر جي حيثيت سان هوس. بهرحال هو مون سان هميشه مٿانهين لهجي ۾ ڳالهائيندو هو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته دڙڪا ڏيڻ لڳندو هو. هڪ ڏينهن صبح جو نيرن تي هن مون کي ۽ بلانشي کي ڏاڍو کلايو. بيشڪ هن دل شڪني ڪرڻ نٿي گهري، پر اوچتو مون سان چڙي پيو- ڇو؟ اهو آءٌ اڄ تائين ڪونه سمجهي سگهيو آهيان. حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي به ڪونه سمجهندو هو. ان ڏينهن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنهن جو ڪو به مقصد ڪونه سمجهندو هو. ان ڏينهن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنهن جو ڪوبه مقصد ڪونه هو. زور سان منهنجي لاءِ چوڻ لڳو ته آءٌ ڏاڍو گستاخ ۽ بدمتيز آهيان.... هو مون کي ٻڌائيندو ته..... وغيره. پر اسان مان ڪو به هن جي ڳالهه جو مطلب سمجهي نه سگهيو. کلندي کلندي بلانشي کي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. آخر گهڻين ترڪيبن کان پوءِ هن جي ڪاوڙ جي باهه کي وسايو ويو ۽ کيس گهمڻ لاءِ ٻاهر وٺي وياسين. مون اڪثر اها ڳالهه به ڏٺي ته هو بلانشي جي هوندي به غمگين رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي افسوس جا هٿ مهٽيندو هو ۽ ٿڌا ساهه کنيو پڇتائيندو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي جستجو ۾ پريشان هوندو هو. اهڙن وقتن تي هو خود مون سان ڳالهائيندو هو، ۽ پنهنجي فوج جي زماني جون ڳالهيون، مرحوم زال جون ڳالهيون گهريلو ڳالهيون ۽ پنهنجي ملڪيت جي باري ۾ تفصيل- پر هو ڪنهن به ڳالهه جو مطلب صاف طور تي بيان ڪري نه سگهندو هو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو هو ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي پوندو هو- ۽ اُن منجهڻ مان به مزو وٺندو هو. اهڙي اڱکر اکر کي پيو ورجائيندو هو. مون ساڻس، سندس ٻارن جي متعلق ڳالهائڻ گهريو ٿي، پر ان موضوع تي ڳالهائڻ کان هو نٽائيندو هو ۽ موضوع بدلائڻ جي ڪندو هو، ”ها، ها، منهنجا ٻار، ها ها، بلڪل ٺيڪ آهن.“ رڳو هڪڙو ڀيرو هو جذباتي ٿي ويو هو. تڏهن اسين ٿيئٽر ۾ ويٺا هئاسين، ”ها ها، اهي بدنصيب ٻار به- جي- اهي بدنصيب ٻار به....“ انهيءَ شام کان پوءِ هن ’بدنصيب ٻار‘ جو اکر گهڻا ئي دفعا استعمال ڪيو هو. هڪ دفعي جڏهن مون پالينا جو ذڪر ڪيو، ته ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي اول فول بڪڻ لڳو. چئي، ”هوءَ احسان فراموش ۽ ناشڪرگذار آهي. هن خاندان جو نڪ ڪپائي ڇڏيو. جي ڪو اهڙو قانون هجي ها ته آءٌ هن جو دماغ بلڪل ڍيڪ ڪرائي ڇڏيان ها. ها ها، سچ ٿو چوان. جيستائين گريو جو تعلق آهي، ان جو ته آءٌ نالو ٻڌڻ به نٿو چاهيان. ان ذليل ئي مون کي تباهه ڪيو آهي. برباد ڪري ڇڏيو آهي. لڳاتار ٻه سال هڪ هيبت ناڪ خواب بنجي منهنجي ذهن تي ڇانيو رهيو آهي، ها ها، هو- سچ ٿو چوان- اڳتي منهنجي اڳيان ڪڏهن به هن جو ذڪر نه ڪجانءِ.“

مون ڏٺو ته هنن ٻنهي ۾، يعني بلانشي ۽ جنرل صاحب ۾، هاڻ ڪجهه ڪجه مڙئي ڪو ٺاهه ٿي ويل هو. پر آءٌ هميشه وانگيان خاموش رهيس. منهنجي واپس ٿيڻ کان هفتو اڳ بلانشي مون کي گهرائي چيو ته، ”هاڻ سنهري موقعو اٿئي. هاڻ ڏاڏي واقعي بيمار آهي ۽ پڪ مري به ويندي. ائسٽلي جي تار آئي آهي. توکي ته خبر آهي ته جنرل هن جو اڪيلو وارث آهي ۽ جي نه به هجي ته به هو منهنجي ڪمن ۾ ڪڏهن به دخل اندازي نه ڪندو. پهرين ڳالهه ته هن کي پنهنجي پينشن وصول ٿيندي رهي ٿي ۽ ٻيو ته ڪنهن پاسي واري ڪمري ۾ پيو هوندو ۽ پاڻ هميشه خوش گذارينداسين. مان مادام جنرل سڏائينديس. پوءِ اعليٰ سوسائٽي هوندي ۽ آءٌ.“ (بلانشي هر وقت ان شيءِ جا خواب ڏسندي هئي). ”۽ آخر آءٌ هڪ روسي دولت مند جاگيردارياڻي بنجي وينديس- ۽ هونئن جي ڪو مون کي لکين ڪروڙين روپيا به ڏئي ته آءٌ پنهنجي زندگيءَ جا اصول ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان. آءٌ ڪنهن به طرح حسد ڪانه ٿي ڪريان. اهو سڀ ڪجهه منهنجي گهري محبت پئي ڳالهائي.....“

”چڱو، فرض ڪر ته جيڪڏهن هو، تو سان به ڪڏهن حسد ڪرڻ لڳي، ۽ اصرار ڪرڻ لڳي ته..... خدا ڄاڻي مون ڇا پئي چيو؟ تون ته سمجهي وئينءَ نه؟“

”نه، نه، نه! ائين ته هو ڪري ئي ڪونه ٿو سگهي. مون پهرين ئي پڪ ڪري ڇڏي آهي. توکي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. مون ته هن کان آلبرٽ جي نالي تي قرض نامو به لکارائي ڇڏيو آهي. هن ٿوري به گڙٻڙ ڪئي، ته گرفتار ڪرائي ڇڏيندي سانس ۽ هونئن به ظاهر آهي ته هن ۾ ايري همت ڪٿي آهي؟“

”واهه، ته پوءِ شادي ڪرينس نه....“

ڪنهن به قسم جي ڌوم ڌام کان سواءِ شادي ٿي ويئي. بلڪل اهڙيءَ طرح ڄڻ گهر جو ڪو معمولي ڪم هجي. آلبرٽ کان سواءِ ٻين سڀني دوستن ۽ واقفڪارن کي دعوت ڏني ويي.ئ هئي. هرٽنسي ۽ قلوپطره کي ڄاڻي ٻجهي ڪونه گهرايو ويو هو. گهوٽ کي پنهنجي حيثيت جو ڏاڍو خيال ٿي رکڻو پيو. بلانشي پنهنجي هٿن سان کيس نيڪ ٽاءِ ٻڌي. هن جي ڪوٽ جي ڪالر تي عطر لڳايائين ۽ وارن ۾ خوشبودار تيل جي هلڪي هلڪي مالش ڪيائين. انهن ڪپڙن ۾ هو ڏاڍو رعبدار پئي لڳو.

”ڏاڍو معزز ۽ رعب دار پيو لڳي.“ بلانشي جنرل صاحب جي ڪمري مان ايندي چيو، ڄڻ ته هي خيال ته هو ڏاڍو رعب دار آهي، خود هن جي لاءِ به حيرت انگيز هو. آءٌ حالانڪ هڪ معمولي تماشائيءَ جيان دلچسپي ڏيکاري رهيو هوس، ان ڪري گهڻيون ئي ڳالهيون وسري ويون اٿم. رڳو ايترو ياد اٿم ته بلانشي جي ماءُ ’ڪامنگس‘ جي بجاءِ مادام ’پلاسٽ‘ بنجي ويئي هئي. هو ٻئي اڃا تائين ڪامنگس ڇو بنيون رهيون، ان جي بر مون کي پئجي ڪانه سگهي، پر ان تبديليءَ مان جنرل صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪامنگس جي جڳهه تي ’پلاسٽ‘ هن کي ڏاڍو وڻيو ٿي. شاديءَ جي ڏينهن صبح جو هن پنهنجي پر ۾ ڏاڍا سٺا ڪپڙا پاتا ۽ ڊرائينگ روم ۾ چهل قدمي ڪرڻ لڳو. آهستي آهستي پنهنجي خاص انداز ۾ پاڻ ئي جهونگارڻ لڳو، ”مادموزيل بلانشي ڊي پلاسٽ، ڊي پلاسٽ-“ ۽ سندس منهن هڪ خاص سڪون ۽ اطمينان جي اثر ڪري ڳارهو ٿي ويو. گرجا ۾ نڪاح کان پهرين ۽ شاديءَ جي مانيءَ کان پوءِ هو نه رڳو جوش هو بلڪ مغرور به پئي لڳو. مون کي هنن ٻنهي ۾ ڪافي ڦير نظر اچي رهيو هو... بلانشي ۾ به هڪ خاص قسم جو وقار پيدا ٿي ويو هو،جو سند سمنهن مان بکيو پئي.

بلانشي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”هاڻي مون کي پنهنجو رويو بلائڻو پوندو. پهرين ته مون کي سنجيده ٿيڻو پوندو. اهڙين ڳالهين متعلق ته مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو. هاڻ ته مون کي پنهنجو خانداني نالو به بدلائڻو پوندو. اوهو، مون کي ته پنهنجو نئون نالو ئي ياد ڪونهي. ڇا هو؟ يا گويا وسڪي- نه، ياگوز يافسڪي، مادام جنرل ساگو- ساگو؟ ائين چئي، بلانشي پنهنجي نئين نالي جي آب تاب مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ پنهنجن روسي لقبن القابن کي بيان ڪرڻ ۽ ساراهڻ شروع ڪري ڏنو.

آخرڪار اسين جدا ٿياسين. بلانشي- نادان بلانشي، مون کي الوداع چوڻ وقت روئڻ ڳي، هيءَ ٻاراڻي ڳالهه آهي، هن روئيندي چيو، ”سراسر حماقت آهي. تون ته هوا ۾ قلعا بنائڻ جو عادي ٿي ويو آهين ۽ توکي شايد اهو ئي ٺيڪ ٿو لڳي.“ رخصيت وقت هن پنهنجي هٿ کي زور ڏيندي ڏک ڀريل آواز ۾ چيو، ”چڱو ٻڌ،“ اهو چئي، يڪدم پنهنجي ڪمري ۾ ويئي ۽ ٻن منٽن کان پوءِ بن هزار فرنڪن جو هڪڙو بئنڪ جو نوٽ کڻي آئي، جا منهنجي خيال ۾ نهايت ئي عجيب ڳالهه هئي. نوٽ ڏيندي چوڻ لڳي، ”ٿي سگهي ٿو ته هي تنهنجي ڪنهن ڪم اچي وڃن. ٺيڪ آهي تون هڪ پڙهيل ڪڙهيل ننڍو ماڻهو آهين. پر ڀوڪ آهين. مان توکي ٻن هزارن کان وڌيڪ نه ڏينديس، ڇو جو تون جوئا ۾ هارائي ڇڏيندين- چڱو خدا حافظ خدا ڪري تون پنهنجي راند ۾ ڪامياب ٿين- ۽ جي کٽي وڃين ته مون کي پڪ آهي ته تون مون وٽ ضرور ايندين. تنهنجي اچڻ مان مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“

مون وٽ باقي پنج سؤ فرانڪ وڃي بچيا هئا. ان کان سواءِ مون وٽ هڪڙي شاندار واچ هئي، جنهن جي قيمت هڪ هزار فرانڪ کان گهٽ نه هئي ۽ هيري جا ڪجهه ڪف بٽڻ هئم. ان ڪري بي فڪرو رهي سگهيس ٿي. هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄاني ٻجهي اچي رهيو آهيان ته جيئن ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو ڪري وٺان ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته مون کي ائسٽلي صاحب جو انتظار آهي. مون کي خبر پئي آهي ته هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويهه ڪلاڪ ترسندو. آءٌ هن کان هر ڳالهه پڇندس ۽ مون کي هر ڳالهه جي خبر پئي آهي ته هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويهه ڪلاڪ ترنسو. آءٌ هن کان هر ڳالهه پڇندس ۽ مون کي هر ڳالهه جي خبر پئجي ويندي- پوءِ آءٌ سڌو هيمبرگ هليو ويندس.رولٽن برگ ڪونه ويندس. اتي وڃڻ جو ايندڙ سال تائين ته ڪو ارادو ڪونه اٿم. ماڻهو چوندا ته هڪ ئي ميز تي ٻيهر قسمت آزمائي ڪرڻ سٺو شگون ڪونهي ۽ هونئن به هيمبرگ اصل جوئا جو گهر آهي.

 

 

 

باب سترهون

 

هيءَ ڊائري لکئي هڪ سال ۽ اٺ مهينا گذري چڪا آهن. هاڻ ڏاڍي ڏک ۽ افسوس جي حالت ۾ خيال آيم ته ان کي پڙهي وٺان ها، ته مون لکيو هو ته آءٌ هيمبرگ ٿي ويس. خدا کي خبر ته مون کي اهي آخري سٽون ڪهڙي خيال سان لکيون هيون. اطمينان سان نه بلڪ ديوانين اميدن جي عجيب احساس ۾ هڪ خص خود اعتماديءَ ۽ جرئت سان. ڇا مون کي پنهنجي ذات تي ڪو شڪ هو؟ ۽ هاڻ هڪ سال اٺ مهينا گذرڻ کان پوءِ به منهنجي حالت هڪ پينو فقير کان بدتر آهي ۽ واقعي فقير جي زندگي ٿيندي به ڪهڙي آهي؟ هو ته ڪجهه به ڪونه هوندي آهي. مون پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. پنهنجو پاڻ کي خود تباهه ڪيو اٿم. بهرحال ايترو ته ننڍو ۽ خسيس آهيان، جو پنهنجي ڀيٽ دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان ڪري نٿو سگهان ۽ هونئن پنهنجو پاڻ کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ پاڻ کي ڪنهن اخلاقي وعظ ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اهڙن موقعن تي اخلاقي نصيحتون ڪرڻ وڏو بي وقوفيءَ جو ڪم آهي. هي زندگيءَ کان مطمئن ماڻهو، هي پيٽ ڀريل ڪوڙا ڪهڙي نه تڪبر واري انداز ۾ ٻين کي اخلاقي نصيحتون ٿا ڪن. جي هنن کي ٿوري به خبر هجي ته مان پنهنجي حالت جي گندگيءَ کان ڪيتري قدر واقف آهيان ته هنن کي مون تي لعنت ملامت ڪرڻ لاءِ وات کولڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. آخر هو مون کي اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٻڌائيندا، جا مون کي پهرين معلوم نه آهي؟ ۽ ڇا اصلي ڳالهه صرف اها ئي آهي؟ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هڪڙو چڪر- ڦيڻي جو هڪڙو ڦيرو- ۽ سڀ ڪجهه بدلجي ٿو وڃي. پوءِ هي اخلاق پرست ناصح سڀ کان پهرين مون کي مبارڪباد جي دوستاڻن ٽهڪن سان نوازيندا- مون کي پڪ آهي- ان وقت هي مون کان منهن ڪونه موڙيندا. سندن رويو هدڪم بدلجي ويندو. پر اُنهن کي باهه ڏيو. منهنجو انهن سان ڪهرو واسطو. سوال رڳو هي آهي ته آءٌ اڄ ڇا آهيان؟ ٻُڙي. سڀاڻي ڇا ٿي ويندس؟ ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي وري جيئري ٿي وڃان. مون ۾ اڃا تائين هڪ انسان بنجڻ جون صلاحيتون ضرور موجود آهن.

ٿورن لفظن ۾ هي ته آءٌ هيمبرگ هليو ويس. اتان وري رولٽن برگ ويس ۽ اتان ’سپا‘ هليو ويس. آءٌ بيڊن ۾ ويس جتي مون کي جنٽسي نالي هڪ ڪائونسل جي نوڪري به ڪرڻي پئي. آءٌ پنج مهينا اُن حرامزادي وٽ نوڪر رهيس. هيءَ نوڪري مون کي جيل مان نڪرندي ئي ملي ويئي هئي. (ياد رهي ته آءٌ هڪ قرض نه ڏيڻ جي سلسلي ۾ رولٽن برگ جي جيل ۾ به رهي چڪو آهيان.) خبر نه آهي ته منهنجو اهو قرض ڪنهن ادا ڪيو؟ پالينا؟ يا شايد ائسٽلي صاحب؟ خير ان ڳالهه کي ڇڏيو. ڪنهن به منهنجو قرض، يعني ٻه سؤ ٽالر ڀيو ۽ آءٌ آزاد ٿي ويس. هاڻ مون وٽ ٽڪو به ڪونه هو. ان ڪري هُن جنٽسيءَ جي نوڪري ڪرڻي پيم. هو ڏاڍو گهڻ ڳالهائو ۽ رول قسم جو نوجوان آهي. هو آرام طلب ۽ ٽن زبانن جو ماهر آهي. مون ٽيهه گلڊن ماهياني پگهار تي هن جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان نوڪري قبول ڪئي ۽ اُها لهندي لهندي، هڪ انديٰ نوڪر جي حيثيت تي وڃي بيٺي ۽ ائين ئي ختم ٿي. ڳالهه هينئن هئي هن وٽ پئسو ڪونه هو. هو هڪ سيڪريٽريءَ جي پگهار برداشت ڪرڻ جي قابل ڪونه هو. هو منهنجو پگهار هر ڀري گهٽائيندو ويو. پر آءٌ ڇا ٿي ڪريس سگهيس! آخر ڪيترو وقت بيروزگار رهان ها؟ سو اُتي ئي پيو هوندو هوس، ۽ ان طرح خود هن جو نوڪر بنجي ويس، ان نوڪريءَ جي دوران مون وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪجهه ڪونه هوندو هو. پر ائين هو ته اُنهن پنجن مهينن ۾ مون ڪنهن نه ڪنهن طرح ستر گلڊن گڏ ڪري ورتا هئا. هڪ شام جو مون هن وٽان نڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سڌو رولٽ جي جوا خاني ۾ هليو ويس. منهنجي دل ڌڙڪي رهي هئي. وار وار ڪنبيو پئي. سچ ٿو چوان ته مون کي پئسن جي ضرورت ڪانه هئي. منهنجي ته رڳو اها خواهش هئي.... ته سڀاڻي صبح جو ئي هي جنٽسي قسم جا ماڻهو، هي سڀ ننڍا وڏا بيرا، بيڊن جون سڀ حسين عورتون بس رڳو منهنجا گيت ڳائينديون رهن. سندن چپن تي منهنجي ڪارنامن جو ذڪر هجي. منهنجي ڪارنمان تي مون کي مباڪرون ڏين. اهي سڀ ٻاراڻيون خواهشون آهن. مجذوب جي بڪ- چرئي جو خواب- پر شايد- اهو به ٿي سگهي ٿو ته پالينا مون سان ٻيهر ملي ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي ته آءٌ قسم جي هيٺانهين مٿانهين کان بلڪل بي نياز هوس.... ها، هيءَ حقيقت آهي ته مون کي پئسا عزيز ڪونه آهن، مون کي خبر آهي ته آءٌ هڪ ڀيرو وري پنهنجي سموري دولت ڪنهن مادموزيل بلانشي کي ڏيئي سگهان ٿو ۽ وري پئر ۾ ٽي هفتا، سورهن هزار فرانڪن جي ٻن شاندار گهوڙن واري گاڏين ۾ ويهي گذاري سگهان ٿو. مون کي خبر آهي ته آءٌ ڪنجوس ڪونه آهيان ۽ اها به خبر اٿم ته فضول خرچ به ڪونه آهيان- پر پوءِ به جڏهن خزانچيءَ جو ’ڳاڙهو‘، ’ٻولي‘- ’هڻ داءُ‘ جا آواز ٻڌم ٿي ته دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ ٿي لڳي ۽ جسم ڪنبڻ ٿي لڳو ۽ ٽالر جا سڪا پيا هئا. خزانچيءَ جي ڪرڇي يا گهير مان جي ڪو پئسو ڪريو ٿي، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا چڻنگ چمڪي ٿي وئي، جوئا خاني جي ڪمري وٽ پهچي جڏهن منهنجي ڪنن سڪن جي ڇڻ ڇڻ ٻڌي، منهنجي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي ۽ لوندڻيون ڦاٽڻ لڳيون.

اها شام- آه اها شام به ڪيتري نه عجيب هئي. مون ويندي ئي ڏهه گلڊن ’انگ‘ تي هنيا. داءُ اڇلائڻ وقت ’انگ‘ کان ڪجهه بدظن هوس، تنهنڪري هارايم.هاڻ باقي سٺ گلڊن بچيا هئا. آءٌ سوچڻ لڳيس ۽ سوچيندي سوچيندي پنج گلڊن ٻرڙيءَ تي هنيم__ چڪر ڦرڻ لڳو ٽئي ئي چڪر ۾ ٻڙيءَ تي بيهي رهيو. جڏهن خزانچيءَ مون کي هڪ سئوپنجهتر گلڊن ڏنا ته آءٌ خوشيءَ کان ڄڻ چريو ٿي پيس. حقيقت ۾ مون کي ايتري خوشي ان وقت به نه ٿي هئي، جڏهن هڪ لک گلڊن کٽيا هئم. مون يڪدم هڪ سؤ گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيا ۽ کٽيم. ٻيهر به سؤ گلڊن ڳاڙهي تي هنيم ۽ کٽي ويس. يڪا چار سؤ گلڊن سائي تي هنيم- کٽِ ويس. وري اٺئي سؤ ”انگ“ تي هنيم ۽ کٽي ويس. ائين پنجن ئي منٽن ۾ هاڻ مون وٽ ڪل هزار ست سؤ گلڊن ٿي ويا. ها- زندگيءَ جي اهڙن لمهڻ ۾ مانحو پنهنجيون اڳيون هڙئي ناڪاميون وساري ڇڏيندو آهي- آخر ڇو نه! مون اهو سڀ ڪجهه جان جي بازي لڳائي کٽيو هو. مون جان جي بازي هنئي ۽ نتيجو؟ هڪ ڀيرو وري آءٌ انسان ۾ شامل ٿي ويس.

مون هوٽل ۾ هڪڙو ڪمرو مسواڙ ۾ ورتو ۽ دروازا بند ڪري ٽين بجي تائين پئسا ڳڻيندو رهيس. صبح جو اک کليم ته محسوس ڪيم ته هاڻ آءٌ ڪنهن جو به نوڪر ڪونه آهيان. مون انهيءَ ڏينهن هيمبرگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ، جو اتي نه ڪنهن جو نوڪر رهيو آهيان ۽ نڪوئي جيل ۾ ويو آهيان. گاڏي ڇٽڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ آءٌ وري رولٽ ۾ ويس ۽ ڳاڙهي تي ٻه داءُ هنيم ۽ پنڌرهن سڀ فلورن هارائي ويٺس. آءٌ جلدي ٻاهر نڪري ويس ۽ هيمبر روانو ٿي ويس، جتي هڪڙو مهينو رهيس.

آءٌ زندگيءَ جا ڏينهن مونجهه ۽ پريشانيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهيان. جوئا ڪرڻ وقت نڍين ننڍين رقمن جون بازيون هڻندو آهيان. سڄو سڄو ڏينهن جوئا جي ميز جو سهارو وٺيو بيٺو هوندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته خواب ۾ به جوئا کيڏندو آهيان- پر مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ انهن سڀني شين جي وچ ۾ هڪ سخت ٺوس ڪاٺيءَ جيان بي حس ۽ بي جان چيز بنجي ويو آهيان ۽ ڄڻ ڪنهن گدلي دٻڻ ۾ ڦاسي ويو آهيان. انهن سڀني ڳالهين جو خيال مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن ائسٽلي صاحب سان مليس. اسين ٻئي ڪافي وقت کان ڪونه مليا هئاسين. دراصل هو مون کي اتفاق سان ملي ويو. ڳالهه هيءَ هئي ته جيئن مون باغ ۾ چهل قدمي پئي ڪئي ۽ سوچي رهيو هوس ته هاڻ وري پئسا ختم ٿي چڪا آهن- ها بس باقي پنجاهه گلڊن آهن- ۽ ٽيون ڏينهن جي ئي ته ڳالهه آهي جو مون هوٽل جو بل ڀريو آهي. آءٌ اڃا هڪ ڀيرو رولٽ جي جوئا خاني ۾ وڃي سگهان ٿو. جي هارايم ۽ ڪنهن روسيءَ کي اتاليقي جي ضرورت نه ٿي ته پوءِ وري ڪنهن جنٽسي قسم جي شخص جي نوڪري ڪندس. انهن خيالن ۾ ٻڏو پيو هوس ۽ هلندو هلندو پارڪ ۽ جهنگ مان نڪري پاسي واريءَ ٻنيءَ ڏانهن رخ رکيم.

ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خيالن ۾ ٻُڏو، چار چار ڪلاڪ گهمند هو هوس. جڏهن واپس هيمبرگ ايندو هوس ته ڏاڍي بک محسوس ٿيندي هئيم ۽ ٿڪجي به ڏاڍو پوندو هوس. آءٌ باغ مان نڪري پارڪ ۾ ٿي گهڙيس ته اوچتو ائسٽلي صاحب تي نظر پيم. هن به مون کي ڏٺو ۽ سڏڪيائي. آءٌ هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺس. مون هن جي منهن تي دستوري وقار ۽ تڪلف جا نشان ڏسي، دل کي ڪجهه ماٺو ڪيو ۽ مرڪندڙ منهن کڻي هيٺ ڪيم. هونئن، هن کي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.

”ته اوهين هت آهيو. مون پهرين ئي سمجهيو هو ته اوهان سان ضرور ملاقات ٿيندي. فڪر نه ڪريو اوهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي. مون کي سڀ خبر آهي. گذريل هڪ سال اٺن مهين ۾ اوهان تي جيڪي ڪجهه وهيو واپريو آهي، تنهن جي سڄي خبر اٿم.“ هن چيو.

”ماشاءَ الله، اوهان کي پنهنجن پراڻن دوستن سان ڪيتري نه الفت آهي. واقعي اوهان ۾ دوستن کي نه وسارڻ جي خلصت آهي. ها هڪڙي ڳالهه ياد آئي، ڇا رولٽن برگ جي جيل مان اوهان مون کي ڇڏايو هو؟ هوءَ جيڪا ٻن سون گلڊن جي قرضن ۾ گرفتار ٿي هئي- خبر نه آهي ڪنهن ڇڏايو هوم؟“

”نه، نه مون اوهان کي رولٽن برگ جي جيل مان ٻه سؤ گلڊن ڏيئي ڪونه ڇڏايو هو- ايتري خبر اٿم ته اوهان کي ٻن سون گلڊن جو قرض نه ادا ڪرڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو.“

”اوهان کي خبر آهي ته اهو قرض ڪنهن ڏنو هو؟“

”نه مون کي خبر ڪانهي.“

”عجيب ڳالهه آهي، منهنجو ته اهڙو ڪو روسي دوست آهي ئي ڪونه، جو قرض ڏيئي، مون کي ڇڏائي ۽ هونئن هتي جا روسي ائين ڪري به ڪونه ٿا سگهن. روس ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪٽر عيسائي ڪنهن ٻئي ڪٽر عيسائيءَ کي قيد مان ڇڏائي. مون ته سمجهيو هو ته ڪنهن انگريز موج ۾ اچي مون کي ڇڏايو هوندو.“

ائسٽلي صاحب ڏاڍي حيرت سان منهنجون ڳاليون ٻڌي رهيو هو. مون کي پڪ آهي ته هن پهرين سمجيهو هوندو ته آءٌ ڏاڍو مغموم ۽ اداس هوند.

”مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اوهان پنهنجي روح جي آزاديءَ تي ڪو اثر ڪونه وڌو آهي ۽ پنهنجي زنده دلي ۽ خوش مزاجيءَ کي برقرار رکيو اهي،“ هن پيشانيءَ ۾ گهنج وجهندي چي.

”اوهين مون کي اداس نه ڏسي اندر ۾ پوسري ڇو رهيا آهيو. آخر ايترو خيال ڇو اٿو؟“ آءٌ کلڻ لڳس.

پهرين ته هو منهنجي ڳولهه ڪونه سمجهيو. پر جڏهن سمجهائين ته مرڪي چوڻ لڳو، ”واهه، واهه- ڏاڍا سٺا خيالات اٿو. اوهان جي انهن اکرن ۾ منهنجو هڪرو خوشمند، پرجوش ۽ گڏوگڏ چرياڻ قسم جو ۽ عجيب و غريب دوست لڪل آهي. ان قسم جا تضاد هڪ ئي وقت ۾ رڳو روسين ۾ گڏي ٿي سگهن ٿا. ميان، اها حقيقت آهي ته هڪ شخص ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي دوست کان به نفرت ڪندو آهي. سچي دوستيءَ جو هڪ زبردست پاسو نفرت به آهي. جيستائين اوهان جو تعلق آهي، آءٌ قسم کڻي چوان ٿو ته اوهان کي مغموم نه ڏسي مون کي واقعي ڏاڍي خوشي ٿي، خير هاڻ ٻڌايو ته تون جوئا ڇڏيندين يا نه؟“

”توبهه، توبهه، اها ته آءٌ ان ئي مهل ڇڏي ڏيندس جڏهن....“

”جڏهن تون پنهنجا هارايل سڀ پئسا وري کٽندين.... ها نه؟ ڇو، منهنجو خيال ٺيڪ آهي نه؟ دل جي ڳالهه ڪڏهن به ڪانه لڪندي آهي. ڀلجي زبان تي اچيو وڃي. تنهنجي ڳالهه واقعي صحيح آهي. اڄڪلهه جوئا کان سواءِ ٻيو ڪهڙو شغل اٿو؟“

”ڪو به نه،“

هو مون کان مختلف قسمن جا سوال ڪرڻ لڳو. حالانڪمون کي دنيا جي ڪابه خبر ڪانه هئي. ان وچ ۾ مون ڪڏهن اخبار به ڪانه پڙهي هئي. حقيقت ته هيءَ آهي ته ڪڏهن قسم خاطر ڪتاب به ڪونه کوليو هئم.

”اوهان ايترا چيڙاڪ ڇو ٿي پيا آهيو؟ آءٌ سمجهان ٿو ته ان نامراد جوئا جي لاءِ اوهان نه رڳو پنهنجي خانگي ۽ مجلسي زندگيءَ کي ختم ڪيو آهي، بلڪ پنهنجي ماضيءَ کي به وساري ڇڏيو اٿو. زندگي جي مڙين ئي دلچسپين کي ختم ڪري ڇڏيو اٿوَ. هڪ انسان ۽ هڪ شهريءَ جي سڀني حقن ۽ فرضن کي وساري ڇڏيو اٿو. پنهنجي سموري دوستن کي وساري ڇڏيو اٿئي- مون کي تنهنجي زنده دليءَ جا خوشگوار لمحا اڃا تائين ياد آهن. مون کي پڪ آهي ته تو پنهنجن سٺن خيالن کي، حسين خوابن کي، نيڪ ۽ سچين خواهشن کي دفن ڪير ڇڏيو آهي- ۽ رڳو نيرن، پيلن، ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن ۽ وچوارن ٻارهن انگن جي خاطر، مون کي يقين آهي...“

”بس ائسٽلي صاحب، توهان حد ٽپندا پيا وڃو، خدا جي واسطي مون کي پراڻيون ڳالهيون ياد نه ڏياريو.“ مون ٿورو ڪاوڙجي چيو، ”آءٌ اوهان کي صاف صاف ٿو ٻڌايان ته مون ڪابه ڳالهه ڪانه وساري آهي. مون کي هر ڳالهه هوبهو ياد آهي- پر جيستائين آءٌ پنهنجي حالتن ۾ ڪ خوشگوار ڦيرو نه آڻيان تيستائين رڳو عارضي طور تي- وقتي طور تي مون تي انهن سمورين ڳالهين کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ اوهين خود ڏسندؤ ته آءٌ هڪ ڀيرو وري ان مئلن جهڙيءَ حياتيءَ مان اٿندس ۽ جيئرن وانگر جيئندس.“

”پر تون ڏهن سالن ۾ به پنهنجي حالتن ۾ ڦيرو ڪونه آڻين سگهندين ۽ جتي آهين اُتي ئي هوندين ۽ جي آءٌ جيئرو رهيس ته ڏهن سالن کان پوءِ هن ئي ساڳيءَ جڳهه تي توکي اِها ڳالهه ياد ڏياريندس.“

مون هن جي ڳالهه ڪاٽيندي، چڙ مان چيو، ”بس، بس، اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ماضيءَ کي وساريو ڪونه اٿم، آءٌ پڇانوَ ٿو ته پالينا ڪٿي آهي؟ جي اوهان مون کي قيد خاني مان ڪونه ڇڏايو هو ته پڪ پالينا ڇڏايو هوندو ـــ ان وقت کان اڄ تائين مون هن جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه ٻڌي آهي.“

”نه، مون کي پڪ آهي ته پالينا اوهان کي ڪونه ڇڏايو آهي. اڄڪلهه هوءَ سوئٽزرلئنڊ ۾ آهي. چڱو، اوهان جيڪڏهن پالينا جو ذڪر نه ڪريو ته مهرباني ٿيندي.“ ائسٽلي بيزاريءَ کان چيو.

”ان جو مطلب هي آهي ته هُن اوهان جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي.“ آءٌ ڏکارو ٿي کلڻ لڳس.

”مس پالينا هڪ احترام جي لائق هستي آهي. سڀئي هن جي عزت ڪندا آهن ۽ هوءَ آهي به مزارن ۾ هڪ. پر آءٌ وري ٿو چوان ته مون کان پالينا جي باري ۾ ڪجهه نه پڇو. اها اوهان جي مون تي مهرباني ٿيندي. اوهين هن کي ڪڏهن به سمجهي ڪونه سگهيئو ۽ آءٌ جڏهن به هن جو نالو اوهان جي واتان ٻڌان ٿو ته دل تي ڌڪ ٿو لڳيم.“

”خدا جي واسطي ائين نه چئو، اوهين خود ٻڌايو ته آءٌ اوهان سان پالينا کان سواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري سگهان! ان ڪري، جو اسان جو ماضي، اسان جون سڀئي يادگيريون هن سان ڳنڍيل آهن. ائسٽلي صاحب! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. آءٌ اوهان کان ذاتي ڳالهيون پڇڻ ڪونه ٿو گهران ـــ منهنجو تعلق ته مس پالينا جي خارجي معاملات سان آهي، جيڪي اوهين پڪ مون کي ٻڌائي سگهندؤ.“

”ٺيڪ آهي، پر ان شرط تي ته ان کان پوءِ اوهين مون کان ڪجهه نه پڇندؤ. مس پالينا گهڻو وقت بيمار رهي ۽ اڃا تائين بيمار آهي. ڪجهه وقت تائين هوءَ منهنجي ڀيڻ سان گڏ ڏکڻ انگلستان ۾ رهي. ڇهه مهينا ٿيا ته هن جي ڏاڏي ـــ اوهان کي ته خبر آهي ـــ مري ويئي ۽ هن جي نالي ست هزار پائونڊ هن جي ورثي ۾ ڇڏي ويئي. هينئر مس پالينا منهنجي شادي شده ڀيڻ سان گڏ سفر ڪري رهي آهي. هن جي ٻنهي ننڍن ڀاءُ ڀيڻ کي به وصيت نامي ۾ ڪجهه دولت ملي ويئي آهي. هو لنڊن ۾ پڙهن پيا. سندن ماٽيجو پيءُ جنرل مهينو کن ٿيو مري ويو. مادموزيل بلانشي هن سان ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪيو. هونئن به هوءَ جنرل جي ورثي جي سموري دولت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. بس مون کي ايتري خبر آهي.“

”۽ گريو ڪٿي آهي؟ ڇا هو به سوئٽزرلئنڊ ۾ سفر پيو ڪري؟“

”نه، هو اُتي ڪونهي ۽ سچ پچ ته مون کي خبر ڪانهي ته ڪٿي آهي. پر هاڻ ڏسو وري اهڙيون لڪل ٽوڪون نه هڻو، نه ته ڏسو ان جو نتيجو به توهان کي ڀوڳڻو پوندو.“

”اسان جي پراڻن تعلقات جي هوندي به؟“

”ها، پراڻن تعلقاتن هوندي به.“

”معاف ڪجو ائسلٽي صاحب! پر هڪڙي ڳالهه ضرور پڇندس. آخر ان ۾ اهڙي ڪهڙي بي عزتيءَ واري ڳالهه آهي؟ آءٌ مس پالينا کي ته ڏوهه ڪونه پيو ڏيان ـــ ۽ هونئن سچي ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ روسي عورت ۽ فرين مرد جو جوڙو، اها ڳالهه منهنجي ۽ اوهان جي بيان ڪرڻ ته ڇا پر سمجهه کان به ظاهر آهي.“

”هڪ فرينچ مرد ۽ روسي عورت ــ ڇا مطلب؟ آخر اوهان گريو جو نالو ڪنهن ٻئي سان ڇو ٿا ملايو؟ ۽ ’جوڙي‘ سان اوهان جو مقصد ڇا آهي؟ خاص طور تي فرينچ مرد ۽ روسي عورت ڇو؟“

”ائين ٿو لڳي ڄڻ اوهين ان ڳالهه ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو. پر ائسٽلي صاحب! هي هڪ ڊگهو داستان آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ پهرين اوهان کي ٻيون گهڻي ئي ڳالهيون. سمجهڻيون پونديون. اها ڳالهه هونئن ڀلي اوهان کي خراب لڳي، پر اوهين ان جي اهميت کان انڪار نٿا ڪري سگهو. ائسٽلي صاحب! فرينچ خوبصورت ۽ نازڪ روايتن جو پليل هوندو آهي. ممڪن آهي ته اوهين انگريز هجڻ جي صورت ۾ ان کان انڪار ڪريو ۽ آءٌ روسي هجڻ ڪري ان سان اتفاق نٿو ڪريان ـــ ٻئي طرف رقابت جا جذبات ڳالهه مڃڻ کان مانع آهن.“

”پر اسان جون عورتون ان باري ۾ مختلف راءِ ٿيون رکن. اوهين هڪ فرينچ کي بناوتي ۽ تصنع سان ڀرپور ٿا سمجهو، حالانڪ اوهين هن کي سمجهي به ڪونه ٿا سگهو. آءٌ به ائين ٿو سمجهان ـــ حالانڪ هڪ طرف سان اها بڪواس ئي آهي ته وري به ائسٽلي صاحب! هو ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. شاعر هوندو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسين هن کي پسند نه ڪريون. فرينچن بلڪ پئرس وارن جون خصلتون به ڏاڍيون سٺيون ٿينديون آهن ۽ اسين اڄ به گويا اڻ گهڙيل ڪاٺ آهيون. فرينچ انقلاب هنن کي اميراڻي شان واريون خوبيون ورثي ۾ ڏنيون ۽ هاڻ اها حالت آهي، جو ڄٽ کان ڄٽ فرينچ به ڏاڍو آب تاب وارو ۽ مان شان وارو ٿي اُٿي ويهي ٿو ۽ هلي چلي ٿو. هن کي ڳالهائڻ جو ڍنگ ايندو آهي. سٺيون سٺيون ڳالهيون سوچيندو آهي ۽ هر ڳالهه ۾ پنهنجي منهن تي ڳالهه مطابق اهڃاڻ به پيدا ڪندو آهي ـــ حالانڪ هن جي پنهنجي فطرت ـــ هن جي روح ۽ ضمير جو سندن اُن تهذيبي پوش ۾ ڪوبه هٿ ڪونه هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه هن کي ورثي ۾ ملندو آهي. ائسٽلي صاحب! آءٌ اوهان يک اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته دنيا جي تختي تي هڪ روسي دوشيزه کان وڌيڪ رازدار، اندر جي صاف، سليقه مند، سادي، بي داغ ۽ سهڻي دوشيزه ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪانهي. گريو جهڙو فرينچ هڪ خاص قسم جي ڏيکاءَ سان هن جي دل مٺ ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي سڄي حياتي کٽي سگهي ٿو. ائسٽلي صاحب! هو سٺين عادتن جو ڏيکاءُ ڪري ٿو ۽ روسي عورت ان کي هن جو اندر سمجهيو ويهي. هوءَ ڪڏهن به اهو نٿي سمجهي ته اهو ظاهري ڏيکاءُ آهي، جو هن کي ورثي ۾ مليل آهي ۽ دراصل سندس پنهنجو ناهي. اوهين رنج نه ٿيو، پر سچ هي آهي ته انگريز ڏاڍا بدسليقه، غير مهذب ۽ ناشائسته ٿيندا آهن. روسي هميشه حسن جي ڳولا ۾ پريشان ۽ بيتاب رهندا آهن. پر روح جي خوبصورتي ۽ ڪردار جي مضبوطيءَ لاءِ جنهن آزاديءَ، باطني وصفن ۽ جنهن بي نيازيءَ جي ضرورت آهي، اها اسان جي عورتن ۾، خاص ڪري ـــ نوجوان ڇوڪرين ۾ تمام گهٽ آهي. مس پالينا کي ــ معاف ڪجو زبان تي آيل ڳالهه روڪڻ نه گهرجي ـــ ان بدمعاش گريو جي بجاءِ اوهان کي چونڊڻ لاءِ اڃا ڪافي وقت جي ضرورت آهي. بيشڪ هوءَ اوهان کي سٺو ماڻهو سمجهي ٿي. اوهان جي باري ۾ سٺا خيال رکي ٿي. اوهان کي پنهنجي دل جا هڙئي راز کولي ٻڌائي ٿي. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي، هو شيطان زر پرست گريو هن جي دل تي حڪمراني ڪندو. رڳو هن جي خود پسندي ۽ خود آرائي هن جي برتري قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان جو سبب رڳو هي آهي ته هو شروع کان ئي پالينا جي اڳيان هڪ آزاد خيال، فراخ دل ۽ باوقار نواب جي حيثيت سان ظاهر ٿيو هو، جنهن جي متعلق اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته هن پنهنجي سڄي نوابي رڳو هن جي گهراڻي ۽ بدنصيب ماٽيجي پيءُ لاءِ ختم ڪئي آهي ۽ جنهن هن لاءِ ائين پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهو درست آهي ته پوءِ اُنهن سمورن ڪوڙن تان پردو کڄي ويو آهي ۽ اصلي ڳالهه سامهون اچي ويئي آهي، پر ان مان ڪهڙو فرق ٿو پوي. پالينا اڃا تائين اصلي گريو سان پيار ٿي ڪري ـــ ۽ هن کي اُهوئي ته گهرجي! جيئن جيئن هوءَ موجوده گريو سان نفرت ڪندي ٿي وڃي، تيئن تيئن اصلي گريو سان محبت وڌندي ٿي وڃيس، حالانڪ اصلي گريو رڳو سندس خيالن ۾ آهي ۽ اوهين ته کنڊ جا واپاري آهيو.“

”ها، آءٌ لاول ائنڊ ڪمپنيءَ جي مشهور فرم جو حصي دار آهيان.“

”ته پوءِ ائسٽلي صاحب ڪٿي هو راجا ۽ ڪٿي اوهين! آءٌ ته کنڊ ٺاهيندڙ به ڪونه آهيان. ڪٿي اوهان ڪٿي هو عشق جو ديوتا. اها ته غير فري ڳالهه آهي ـــ ۽ آءٌ ته هڪ معمولي جواري آهيان ۽ سندن نوڪر به رهي چڪو آهيان. مون کي پڪ آهي ته مس پالينا کي هن ڳالهه جي خبر آهي. ڇو جو هن جا جاسوس ڏاڍا هوشيار آهن.“

”اوهان کي هروڀرو ڪاوڙ پئي اچي. تڏهن ئي ته اهڙيون بي وقوفيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.“ ائسٽلي صاحب ٿوري دير رکي چيو ته، ”۽ هونئن اوهان جيڪي ڪجهه چيو آهي، تنهن ۾ ذرو به سچ ڪونهي.“

”آءٌ مڃان ٿو پر دوست! عجيب ڳالهه ته هيءَ آهي ته منهنجيون ڳالهيون کڻي ڪيتريون به عجيب ڇو نه لڳي رهيون هجن، پر انهن ۾ صداقت ضرور آهي. اصلي ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ سڀيئي ڪنهن شمار ۾ نه آهيون.“

”اهو سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي ـــ ان ڪري منهنجا احسان فراموش نااهل، بدنصيب، نادان دوست! آءٌ هتي هيمبرگ ۾ رڳو پالينا جي چوڻ تي آيو آهيان ته جيئن اوهان سان روبرو ملي، معلوم ڪريان ته اوهان جا خيالات، جذبات ۽ نيون اميدون ڪهڙيون آهن ـــ پوءِ اهو سڀ ڪجهه پالينا کي ٻڌايان ـــ سمجهيؤَ؟“

”واقعي ــــ واقعي؟ ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو؟“ مون بي اعتباريءَ وچان چيو. منهنجي اکين مان ٻٽا ٻٽا ڳوڙها وهڻ لڳا. آءٌ انهن کي ضبط ڪري نه سگهيس. زندگيءَ ۾ غالباً پهريون ڀيرو منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪتا هئا.

”بدنصيب انسان! هوءَ توسان محبت ڪندي هئي ـــ ۽ اهو سڀ ڪجهه آءٌ توکي ان ڪري پيو ٻڌايان، جو تون هڪ شڪست کاڌل انسان آهين ـــ ۽ ـــ جي توکي اهو به ٻڌايان ته هن کي اڄ ڏينهن تائين توسان پيار آهي ته مون کي پڪ آهي ته تون پنهنجي موجوده زندگيءَ کان هڪ قدم به اڳتي وڌي نه سگهندين. تو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. تو خود پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو آهي.... تو ۾ ڏاڍيون صلاحيتون هيون، خصوصيتون هيون. طبيعت به سُٺي هُيوَ. جي تنهنجي مرضي هجي ها ته جيڪر پنهنجي ملڪ جي بيش بها خدمت ڪرين ها، جنهن کي تو جهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي ـــ پر نه، تون هتي ئي رهندين ۽ ان حد کان اڳتي وڌڻ تنهنجي لاءِ ناممڪن آهي ۽ نيٺ تون پنهنجي زندگي ائين ئي ختم ڪندين. قسم سان آءٌ طنز ڪونه ٿو ڪريان، نڪو توکي ڏوهه ٿو ڏيان. منهنجي خيال ۾ هڙئي روسي اهڙا ٿيندا آهن. انهن جي طبيعتن جا لاڙا به اهڙا ئي هوندا آهن. جي رولٽ جي جوا نه سهي ته ڪا ٻي لعنت ئي سهي. رڳو اوهين نه، پر ڪوبه روسي ڪم جي اهميت ڪونه سمجهي (ڳوٺاڻن جي ڳالهه ڪونه پيو ڪريان). رولٽ جي جوئا اهڙي آهي، جا رڳو روسين لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي. اوهين بيشڪ ايماندار آهيو. تڏهن ته اوهان چوري ڪرڻ بجاءِ نوڪري ڪئي ـــ پر مون کي ته آئينده جو ڊپ آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ـــ چڱو خدا حافظ! توکي پئسي جي ضرورت آهي؟ هي وٺ، ڏهه لوئيس. ان کان وڌيڪ ڪونه ڏيندس ڇو جو تون جوئا ۾ اڏائي ڇڏيندين ــــ ها، ها، وٺ وٺ.“

”نه، مسٽر ائسٽلي! پر اوهان جيڪي ڪجهه چيو سو ٺيڪ آهي.“

”وٺ وٺ، مون کي خبر آهي ته تون هڪ قابل احترام شخص آهين. هي ته آءٌ توکي سچي دوست جي حيثيت سان ڏيئي رهيو آهيان. جي مون کي پڪ هجي ها ته تون جوئا ڇڏي هيمبرگ مان پنهنجي ملڪ هليو ويندين ته خدا جو قسم آءٌ توکي هڪ هزار پائونڊ ڏيئي ڇڏيان ها ته جيئن تون نئين سر پنهنجي زندگي سڌاري سگهين. پر نه، آءٌ هڪ هزار پائونڊ ڪونه ڏيندس. رڳو هي ڏهه لوئيس ڏيندس، ڇو جو تنهنجي لاءِ ڏهه لوئيس هڪ هزار پائونڊن جي برابر آهن. تون سڀ هارائي ڇڏيندين. چڱو ته هاڻ وٺ.“

”چڱو وٺان ٿو، پر هڪڙي شرط تي ته وڃڻ کان پهرين ڀاڪر پائي ملندؤ.“

”منظور آهي.“

اسين ڏاڍن پُرخلوص جذبن سان هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ملياسين ۽ پوءِ هو هليو ويو.

نه، هو غلطيءَ تي آهي، جي مون کي پالينا ۽ گريو جي متعلق غلط فهمي آهي ته هو وري روسين جي باري ۾ متعصب آهي. آءٌ پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نٿو چوان ـــ بهرحال ـــ بهرحال، هن وقت اهو نڪتو زير غور ڪونهي. اهي سڀ ڳالهيون آهن ــــ بي معنيٰ ڳالهيون ـــ ضرورت ته ڪم جي آهي. جدوجهد جي ــــ هاڻ ته سڀ ڪجهه سئٽزرلئنڊ ۾ آهي. سڀاڻي! ـــــ ڪاش اهو ممڪن هجي ها ته آءٌ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۽ مستقبل کي چمڪائڻ لاءِ سڀاڻي اتي پهچي وڃان ها. هنن سڀني کي خبر پوڻ گهرجي ته آءٌ.... ۽ پالينا کي به خبر پوڻ گهرجي ته آءٌ اڃا به هڪ انسان بنجي سگهان ٿو.... مون کي رڳو.... پر هاڻي ته گهڻي دير ٿي ويئي آهي ــــ پر سڀاڻي ـــ آه ــــ مون کي پهرين ئي خيال هو ته هاڻ ڪجهه نه ڪجهه ٿي رهندو. هاڻ مون وٽ پنڌرهن لوئيس آهن ۽ جوئا کيڏڻ لاءِ ته پنڌرهن گلڊن ئي ڪافي آهي. جي ڪو احتياط سان کيڏي ته.... آءٌ ڪو ٻار ٿورو ئي آهيان. ڇا ايترو به ڪونه ٿو سمجهان ته آءٌ تباهه ٿي چڪو آهيان ۽ هاڻ مون کي ٻيهر زندگي سڌارڻي آهي. ها مون کي هڪ ڀيرو وري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو پوندو ــــ ۽ سڀاڻي ڪو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو بهترين ڏينهن هوندو. رڳو هڪ ڀيرو وري پنهنجي قوت ارادي کي ظاهر ڪرڻو پوندو. بس، هڪ ڪلاڪ ۾ قسمت بدلجي ويندي. گردش جا ڏينهن پورا ٿي ويندا. اصل ڳالهه قوت ارادي جي آهي. منهنجي لاءِ زندگيءَ جو رڳو هڪڙو واقعو ئي ياد رکڻ ڪافي آهي. اڄ کان ست مهينا اڳ آخري ناڪاميءَ کان ٿورو اڳ ولٽن برگ ۾ مون تي ڇا وهيو واپريو هو؟ حقيقت ۾ مستقل مزاجيءَ جو ڪارنامو هو. آءٌ پائي پائي هارائي چڪو هوس.... ۽ ڪاسينو جي جوئا خاني مان ٻاهر پئي آيس. مون واسڪوٽ جي کيسي ۾ ڏاڍي حسرت سان هٿ وڌو هو ته ڏٺم ته اڃا تائين هڪڙو گلڊن پيو هو. ان وقت يڪدم خيال ۾ آيم ته رات جو ماني به کائڻي آهي. آءٌ اڳتي وڌيس اڃا سؤ قدم مشڪل سان هليس، ته ذهن ڦيرو کائي ويو ۽ آءٌ ٻيهر جوئا خاني ۾ هليو ويس. ويندي ئي اهو گلڊن ’انگ‘ تي هنيم (ان وقت ”انگ“ جو ئي وارو هو.) جي اوهين پرديس ۾، هڪ اڻڄاڻ شهر ۾، جتي اوهان جو ڪو يار مددگار نه هجي ۽ اوهان وٽ رڳو هڪڙو گلڊن هجي ۽ اها به خبر نه هجيوَ ته شام جو کاڌو ملندوَ يا نه ۽ اصل ان ئي وقت اوهين پنهنجو اهو آخري گلڊن به داءَ تي هڻي ڇڏيو ته اوهان کي ان احساس ۾ ڪيتري نه لذت ايندي؟ آءٌ کٽي ويس ۽ ويهن منٽن کان پوءِ کيسي ۾ هڪ سؤ ستر گلڊن وجهيو، ڪاسينو کان ٻاهر نڪتو ويس. اها هڪ حقيقت آهي ته واقعي ڪڏهن ڪڏهن هڪ بچيل گلڊن به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. جي آءٌ ان وقت بي همت ٿي وڃان ها ته ڇا ٿئي ها؟ جي مون هارائڻ جو خطرو نه کنيو هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟....

سڀاڻي ــــ سڀاڻي اهو سڄو قصو ٺهي پوندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org