سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: رهجي ويل منظر

صفحو :2

سنجها هن کي هميشه لاءِ گڊ باءِ چئي ڇڏيو هو. هوءَ اندران ئي اندران ڀري پئي هئي؛ ٻڌو آ ’مينٽل‘ به ٿي پئي هئي. ٽيلي اسٽار ته چيو پئي، ’سنجها سموڪر‘ به زبردست آهي. ۽ هوءَ جا شبنم آهي نه.... سا ته ٻڌو آهي بلڪ پروفيشنل آهي هڪ فلم ڏيکارينس ۽ مطلب پورو ڪري وٺ.‘

اهو سڀ ٻڌي تولاءِ منهنجون محبتون شديد ٿي ويون هيون. ان کان پوءِ ڏاڍي سٺي لڳڻ لڳي هئينءَ، بڪل پاڻ جهڙي. محسوس ٿيو هئم ڄڻ تون انهن مڙني پيچرن کي پار ڪري چڪي هئينءَ جن کي پار ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرو مرد، ۽ ڇوڪري عورت بڻجي ويندي آهي.

ڪاريڊور ۾ ڪرسيءَ مٿان ويٺل هئينءَ، توکي وش ڪيو هئم جنهن جو ڏاڍو سرد جواب ڏنو هيئي. تنهنجي آڏو ڪارنِس تي ويهي رهيو هئس. مون ڏانهن عجيب انداز مان ڏسندي رهي هئينءَ، ۽ سرد آواز ۾ چيو هيئي:

’پنهنجي ڊپارٽمينٽ نه وڃڻ سان توهان کي ڪو نقصان رسي ٿيو؟‘

’هرو ڀرو پنهنجو ٽائيم وڃائيندو آهين، تون به منهنجو ننڍو ادا آهين. مان نه ٿي چاهيان تون پنهنجا ڪلاس مِس ڪرين.‘

’مون وٽ جذبا، پڙهائيءَ کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا.‘

’چريو آهين.‘

کن رکي چيو هيئي:

’تنهنجي شادي ٿيل آهي؟‘

’نه، پر ’مئريج‘ ماڻهوءَ کي هميشه مائٽن جي مرضيءَ سان ڪرڻ گهرجي. مائٽ ڪڏهن به اولاد لاءِ غلط فيصلا نه ڪندا آهن.‘

۽ مان اوچتو چئي ويٺو هئس:

’ڪلين بولڊ ٿيڻ کان پو هر ماڻهو ائين ئي سوچيندو آهي.‘

هڪدم چپ ٿي وئي هئينءَ. تنهنجن اداس نيڻن ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا.

تنهنجي ڊپارٽمينٽ نه آيو هئس، نه نصير سان مليو هئس. ٽئين ڏينهن نصير صبح جو مون وٽ آيو هو چيو هئائين:

’اڄ اسان جي ڊپارٽمينٽ ۽ انٽرنيشنل رليشنز جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ آهي. هل ته اسٽيڊيم هلون.“

اسان اسٽيڊيم پهچي ويا هئاسون. مون ڏٺو هو تون منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڪجهه چئي رهي هئينءَ. توهان وٽ اچڻ مناسب نه سمجهيو هئم. منهنجو وڏو ڀاءُ توسان ڳالهائي وريو هو ته موڊ خراب هئس؛ زهر ٻڏل آواز ۾ چيو هئائين:

’اهڙين ڇوڪرين سان ڳالهائڻ جو ڪهڙو ضرور........؟‘

کيس ڪو جواب ڏيان ئي، منهنجو وڏو ڀاءُ ڪاوڙيل ڏاند جيان اسٽيڊيم جا ڏاڪا لتاڙيندو، پيرن مان آوازن جي ڌوڙ اڏائيندو هليو ويو هو. هڪ کن لاءِ توڏانهن نهاريو هئم.’يو‘ شيپ وارن مٿان ڪرڪيٽئر ڪيپ تاڻيل هئي ۽ اکين مٿان سن گلاسز. ان مهل ڏاڍي افسوس مان پنهنجي ان ادا کي، اکين تي دوربين رکي پهرين بال تي آؤٽ ٿيندي ۽ واپس ايندي ڏسي رهي هئينءَ جيڪو توکي بيحد ويجهو وهندو هو. ڪرڪيٽ ڏسي گهر واپس آيو هئس ته ڀاءُ چيو هو:

’هن توکي گاريون پئي بڪيون.‘

’سو ته سندس رائيٽ آهي.‘

منهنجو جواب ٻڌي ڀاءُ گلاس اڌ ۾ روڪي ڇڏيو هيو؛ ۽ وات ۾ ڀريل گرڙي زور سان ڌرتيءَ مٿان اڇلائي ڇڏي هئي. پوءِ اڌيڪو گلاس به.

نصير اچي ٻڌايو هو:

’هن توکي گاريون پئي بڪيون.‘

جواب ۾ کلي ڇيو هئس. نصير افسوس مان چيو هو:

’سنجها کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو.‘

مون ٻاريءَ ۾ بيٺل گلاب مان هڪ گل پٽي، نصير جي ڪوٽ جي ڪالر مٿان هڻي چيو هو:

’ڏس گل تنهنجي ڪوٽ جي ڪالر مٿان ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي؟‘

نصير پنهنجن چپن جي ڪنڊن تي مرڪ جا پوپٽ کڻي هليو ويو هو.

پنهنجي ڊپارٽمينٽ کان واپس پئي وريس ته هڪ سڃاڻو اچي مليو هو. ملندي ئي چيو هئائين:’هن جا سڀ ’ادا‘ تو مٿان ڪاوڙيل آهن. هنن چيو پئي هاڻ جيڪڏهن تون هنن جي ڊپارٽمينٽ ۾ ويندين ته هو پنهنجن غيرتي ٺونشن سان تنهنجو منهن، ڪجهه مهينن لاءِ سڃاڻپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيندا. هڪ اڌ ته توکي گار ڏيندي چيو هو.... جو ڪلاڪار آهي؛

ڪلاڪار هوندا ئي وڏا.........آهن.‘

’ها شايد هو سڀ سچ ئي چون ٿا.‘

هن سڃاتل کي جواب ڏئي هلڻ لڳو هئس ته هن پٺيان رڙ ڪري چيو هو:

’هو جيڪو هن جي تمام ويجهو آهي، تنهن جا ته تومٿان ڏاڍا خار آهن؛ تو سنجها جو هٿ هن آڏو چميو هو ڇا....؟‘

’ڪاش ائين ٿيو هجي ها.‘ چپن ۾ ڀڻڪيو هئم. ان ئي ڏينهن مون توهان ٻنهين کي هڪ پبلڪ پليس تي ڇٻر مٿان بلڪل ويجهو ويٺل ڏٺو هو. توکي ۽ تنهنجي ان ادا کي جنهن کي ان ڳالهه تي اعتراض هو ته مون وچ فيڪلٽيءَ ۾ تنهنجو هٿ چميو هو. پوءِ توهان مون کي ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻئي جي ويجهو نظر ايندا هئو. ۽ آئون ڪنڌ جهڪائي من ئي من ۾ تولاءِ دعائون گهرندو هليو ويندو هئس؛ دعائن تي يقين نه هوندي به.

۽ خبر پئي هئي هڪ ڀيري ته تو آڏو ٽيلي اسٽار جي پت وائکي ٿي پئي هئي ته هو توسان نه پر ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان رومانس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. پوءِ به پنهنجي ٽيلي اسٽار ’ادا‘ مان آس نه ڇڏي هئي ۽ مون کي شديد دک ٿيو هو؛ يونيورسٽي اچڻ ڇڏي ڏنو هئم. ۽ جيئن ته واندي ويهڻ سان عذاب جي سرڪڻ ڦاهي وڌيڪ سوڙهي ٿي ويندي آهي تنهنڪري هڪ اخبار ۾ پريس فوٽو گرافر بڻجي ويو هيس.

خبر ناهي گهڻن ڏينهن پڄاڻان......؟

شايد مهينو-منهنجي وڏي ڀاءُ منهنجي آڏو پيل ڪرسيءَ مٿان ويهندي چيو هو:

’هوءَ آئي هئي. توسان ملڻ پئي چاهيائين؛ چيو هومانس: هو مصروف ٿي ويو آهي؛ هاڻ ڪنهن سان به نه ملندو . پر هن ضد ڪندي چيو آهي ته تون سڀاڻي هن سان ضرور مل. مون سان چڱي دير ڪچهري ڪيائين؛ بيحد پياري ڇوڪري آهي.‘

ٻئي ڏينهن تو وٽ آيو هئم. ان وقت ڊپارٽمينٽ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪجهه سوچي رهي هئينءَ. مون کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اڳتي وڌي آئي هئينءَ. ٻئي ماٺ ماٺ، وک وک، سيڪنڊ فلور جي اڪيلي ڪنڊ ۾ اچي ويا هئاسون. تنهنجن گهرن نيڻن ۾ تڪڻ لڳو هئس ته چيو هيئي:

’ائين نه ڏسندو ڪر؛ محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجو اکيون مون کان ڪجهه گهرنديون هجن.‘

نگاهون تنهنجن نين تان هٽائي آڪاش ۾ ترندڙ اڪيلي ڪڪريءَ مٿان کپائي ڇڏيون هئم. آڪاش ۾ تڪيندي چيو هيئي:

’ڪيتري نه اڪيلي آهي....؟،

توڏانهن ڏٺو هئم. چيو هيئي:

’مٿي هلون.....؟‘

فيڪلٽيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهندا، قبي مان ٿيندا، ڇت مٿان اچي ويا هئاسون سڀئي مٿاهيون هيٺاهيون بڻجي ويون هيون. آسمان ۾ ڏٺو هئم؛ ڪڪري هوريان هوريان هڪ وڏي ڪڪر سان ٻکين پئجي رهي هئي. تو پهريان ڪڪريءَ ۽ ڪڪر ڏانهن ڏٺو هو. پو اک ٽيٽ ڪري مون ڏانهن؛ مرڪ ٻنهي جي چپن مٿان ڦهلجي وئي هئي.

ملڻ لڳا هئاسين.

پهرين فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، پوءِ فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾، ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ جي اڪيلن روڊن مٿان. هڪ ڀيري مان، تون ۽ شبنم سينٽرل لائبريريءَ جي ٿلهن کي ٽيڪ لڳائي ايندڙ ويندڙ نون آيل ڇوڪرن جي وائڙائپ مٿان کلي رهيا هئاسون ته فيڪلٽي ۽ لائبريريءَ جي وچ واري روڊ مٿان، هڪ لائيت رنگ جي ڪار موڙ ڪٽي، فيڪلٽيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي هئي، سلو اسپيڊ ۾، مون ڏٺو تنهنجين اکين ۾ ڪي رنگ لهي آيا هئا. ۽ شبنم جي چهري تي به. تو چيو هو:

’ڏس اُها ئي آهي نه.....؟‘

’رنگ ته اهو ئي آهي.‘

’ها: اهائي آهي.‘

ڪنهن، ڪار جي سائيڊ وارو شيشو لاهي تو ڏانهن ڏٺو هو. پوءِ ڪار ٻيو موڙ ڪٽي فيڪلٽيءَ جي ڪينٽين سامهون بيهي رهي هئي؛ ڪار مان ڪوئي لٿو هو ۽ پارڪ جي آڏ واري سيمينٽد گرل تي وڃي ويهي رهيو هو. تڪڙ ۾ اٿي بيهي رهي هئينءَ. پنهنجو بلو جينز وارو پرس ڪلهي مٿان سَٽي، وڃڻ لڳي هئينءَ.

’ڪيڏانهن.....؟‘

’باءِ، سڀاڻي ملنداسين.‘

.پر ڇو..........‘؟‘

ان لاءِ جو هو ڪار وارو منهنجو ڪزن اهي ۽ مون کي وٺڻ آيو آهي؛ خبر ناهي ڇا ڳالهه آهي.... ۽ تون مهرباني ڪري منهنجي پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏ ته ڪٿي منهنجي يونيورسٽي نه وڃائين.‘

نه چاهيندي به پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئم، تون ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان لڏندي لمندي هلي وئي هئينءَ. هو گرل تان لٿو هو؛ تون ڪار ۾ ويهي رهي هئينءَ.. ڪار ٽرن ڪٽي منهنجي آڏو پوري اسپيڊ سان ڦيٿن مان چرڙاٽ ڪڍائي گم ٿي وئي هئي. شبنم مون ڏانهن ڏٺو هو. سندس چهري تي مون لا همدرديءَ جا ڀاوَ پگهر جي ڦڙن جيان جرڪي پيا هئا.

تون پوليٽيڪل سائنس جي سيمينار ۾ پنهنجي فرينڊس سان ويٺي هئينءَ. مون کي اکين سان پاڻ ڏانهن سڏيو هيئي. ڪيتري دير مون کي لنوائي پنهنجين فرينڊس سان ڳالهائيندي رهي هئينءَ. بور ٿيندو رهيو هئس. توهان سڀ سيمينار مان نڪري ٻاهر اچي ويون هيوءُ: مون کي ڪولر وٽ ڇڏيندي چيو هيئي:

’هڪ منٽ مان اچان ٿي.‘

نه ڄاڻ ڪيترا منٽ تنهنجو انتظار ڪندو رهيو هئس. تون نه آئي هئينءَ. ان ڏينهن پنهنجي نه هئڻ جو احساس شدت سان ٿيو هئم. ۽ مان هلندو رڙهندو. انگلش ڊپارٽمينٽ وٽ پهتو هئس؛ ڪنهن نئين ڇوڪري سان ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي ڪمپني ڪري رهي هئينءَ. منهنجي اندر ڄڻ ڊي ڊي ٽي هارجي وئي هئي. اجنبين جيان اڳتي هليو ويو هئس. پٺيان سڏ ڪيو هيئي پر مان هلندو ئي ويو هئس.

ان رات انهيءَ ڇوڪري کي ڳوليندو سندس روم تائين پهتو هئس. منهنجي حالت ڏسي سمجهي ويو هئو. چيو هيائين:

’تون تمام سٺو آهين.‘

مئل آواز ۾ چيو هيومانس:

’مون کي سنجها سان محبت آهي.‘

’بکي ٿي پئي هن وقت به،‘

’مان هن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان.‘

’سٺي ڳالهه آهي مان ته اهو به چاهيان ٿو، تون هن کي انهن ڇوڪرين جي دائري مان ڪڍي آ؛ جيڪي دراصل هن جون دوست ناهن. هو سڀ ڪرپٽ آهن؛ سنجها بيحد سٺي آهي.‘

ماٺ ٿي ويو هئم. هن چيو هو:

’پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان يونيورسٽيءَ ۾ ملي ڀيڻ هجڻ جو احساس ٿيو آهي. مان به تنهنجي مدد ڪندس.‘

ان وقت اهو ڇوڪرو، گلوڪوز جو ڀريل گلس لڳو هئم.

ٻي ڏينهن پوليٽيڪل سائنس جي ڪنڊ وٽ ملي هئينءَ؛ اڳين ڏينهن کان وڌيڪ سهڻي ٿي پئي هئينءَ. ٻئي وک وک هلندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي گيمس لا ٻاهران بڻيل ’وِنگ‘ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيا هئاسين. ان ڏينهن اسان ٻنهين، خدا تي ڊگهو بحث ڪيو هو. تنهنجي گلي ۾ الله لکيل لاڪيٽ پيل هو ۽ منهنجي گلي ۾ صليب. منهنجي هر ڳالهه کي رد ڪندي آخر ۾ عام لهجي ۾ چيو هيئي:

’مون وٽ نه ايندو ڪر، ٽيون ڏينهن منهنجي ڪزن مون کي دڙڪا ڏنا هئا.‘

اندر ئي اندر ڪنهن اونهين کاهيءَ ۾ ڪرندو ويو هئس. ويندي ويندي پينٽ جي پئچ پيڪٽ مان تو لا آندل سوپاريون ۽ کٽمٺا توڏانهن وڌائيندي چيو هئم:

’ڪنهن ڇڏي وڃڻ سان ڪوئي مري ناهي ويندو؛ پر وسارڻ لا ڪي ڏينهن، ڪي مهينا، ڪي سال، عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي.‘

وک وک هليو ويو هئس ڄڻ هر وک ڊهندو ويو هئس.

سڀ رستا اجنبي بڻجي ويا هئا.

رات جو ڪنهن دوست پڇيو هو:

’سنجها کي وسارڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندئي........؟‘

’صديون؟‘

’هڻ؟ تو جهڙو بولڊ ماڻهو به ايترو ڏانهن لڳائيندو، هڪ ’آرڊنري، ڇوڪريءَ کي وسارڻ ۾.....!!!؟‘

ان مهل مون کي پنهنجو دوست ڏاڍو ’آرڊنري‘ لڳو هو. کلي پيو هئس. کلي پيو هئس الائجي روئي پيو هئس پر مون کي جيسين ياد آهي اهو آواز کلڻ جو ئي هو.

ٻيهر پنهنجي ڌنڌي سان لڳي ويو هئس.

هر وقت کلي ۾ ڪيمرا لڙڪائي، شهر ۾ ٿيندڙ حادثن پٺيان ڊوڙندي سوچيندو رهندو هئس؛ ڪا اهڙي ڪيمرا به هجي ها، جيڪا اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جا به فوٽو ڪڍي سگهي ها. ۽ آئون پنهنجي اندر ۾ ٿي پيل اکٽ حادثن جي فوٽو گرافز جي نمائش ڪرايان ها ڪنهن چوڪ مٿان. شام جو هڪ لاوارث لاش جو فوٽو ڪڍي، جيڪو سول هاسپيٽل جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ فرش تي پيل هو، گهر ويو هئم ته نصير ٻڌايو هو:

’هن تنهنجو پڇيو پئي؛ ڪجهه پريشان به هئي.‘

سوچيو هئم تون ته ٻن جملن ۾ سڀ رشتا ناتا ٽوڙي منهن موڙي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ عائب ٿي وئي هئينءَ؛ پوِ ڪنهن اجنبيءَ جي پڇا ڇا لاءِ........؟

منجهند جو وريم پئي ته شبنم سان گڏ توکي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم هئم. چاهيو هئم لنوائي هليو وڃڻ؛ پر ائين ڪري نه سگهيو هئس ۽ تون ڪنهن رومانٽ فلم جي ’ڪٽ تو ڪٽ‘ سين جيان پهرين پيرن تائين، پوءِ ڇاتين تائين، پو ڪلهن تائين، چهري تائين، ۽ آخر ۾ سڄي اسڪرين تي ڪائنات مٿان تنهنجن اداس نيڻن جو ’ٽائيٽ ڪلوز‘ ڦهلجي ويو هو. جنهن ۾ اڏامي رهي هئي هر طرف وڇوڙي جي واري. دل چاهيو توکي ڳراٽڙي پائي ’ڪِس‘ ڪرڻ لاءِ؛ نرڙ تي، اکين تي، ڳلن تي، نڪ ۽ چپن تي. پنهنجن سمورن جذبن مٿان لت رکي ڇڏي هئم. شبنم چيو هو:

’هن سان ملو هن کي چوندا آهن سنجها.‘

’ها آ...........‘

پنهنجي ’ها آ‘ شام جي اداس پاڇن ۾ گم ٿيندڙ ڪو ڪڻڇي لڳو هو. رهجي وئي هئي جنهن جي رڙ ’ها آ‘ تو چيو هو:

’سڀاڻي ايندين........؟‘

’تون چاهين ته.‘

’مان چاهيان ٿي.‘

’ايندس.‘

’نه چاهيان ته .......؟‘

’نه ايندس.‘

’ڇو؟‘

’تنهنجو چاهڻ، مون لاءِ سڀ ڪجهه آ. مان چاهيان ٿو تنهنجي چاهڻ سان اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي جيڪو تون چاهين ٿي ۽ اهوسڀ ٿيندي رهجي وڃي جيڪو تون نه ٿي چاهين.‘

تنهنجي چوڦير پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيو هئس. تون ڪلاس جي ڊگهين درين جي رنگ لڳ شيشن ۾ گوريندي رهي هئينءَ. محسوس ٿيو هئم ڄڻ تون درين جي ٻئي پار ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئينءَ، وڃايل آواز ۾ پڇيو هيئي:

’مان جيڪا اندران آهيان؛ ٻاهران ڇو نه آهيان......‘

’اسان جيڪڏهن پنهنجا اندر پنهنجي ٻاهران مڙهي هلون نه، ته هڪ وک به نه هلي سگهون.‘

’ها نه........؟‘

هڪدم چيو هيئي. پر آئون ڪجهه به چئي نه سگهيو هئم؛ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به.

’تون مون وٽ روز ايندي....؟‘

’جيڪڏهن تون چاهين ته........؟‘

’هاڻ شايد مان روز چاهيندوس. سڀاڻي ايندي؟‘

’ها،

’مون کي ويساهه نه ٿو اچي،‘

’توکي مون تي ويساهه رکڻ گهرجي.‘

’ها، سڀاڻي ضرور اچجاءِ- مان گهران نيل ڪٽر کڻي ايندوس: تنهنجا نهن ڏاڍا وڏا ٿي ويا آهن.‘

چيو هئم:

’نفسياتدانن جو چوڻ آهي، جن ماڻهن جا نهن گهڻو ڪري وڏا هوندا آهن سي سدائين تصور جي دنيا گهمندا رهندا آهن.‘

ڪو به جواب نه ڏنو هيئي؛ خاموشيءَ سان منهنجي شرٽ جو مٿيون بٽڻ بند ڪري ڇڏيو هيئي جيڪو مان ننڍپڻ کان بن ڪرڻ وساري ڇڏينديو هئس.

ڊپارٽمينٽ پابندي سان نه وڃڻ سبب ڪجهه ٽيسٽون رهجي ويون هيون. هونءَ به انٽر جي هڪ سبجيڪٽ ۾ رهجي ويو هئس جنهن جو فارم ته ڀري ڇڏيو هئم پر جنهن ڏينهن ’سپلي‘ ڏيڻي هئم ان صبح جو هلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي. چاهيندي به امتحان ڏيڻ لاءِ موڊ ٺاهي نه سگهيو هئس. پينٽ جي پئچ پيڪٽ ۾ سلپ وساري تو وٽ هليو آيو هئس. ان ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي مون ڏانهن ڏسندي چيو هيئي:

’مون کي مڇن وارا ڇوڪرا ڏاڍا زبردست لڳندا آهن.‘

۽ منهنجي نڪ ۽ چپن واري خالي حصي کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ منهنجا چپ نڀور ڪارين مڇن ۾ وڃائجي ويا هئا. پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هئم ته وڏين مڇن سان ته ماڻهو پنهنجي ڪوڙي کل به ڏاڍي آرام سان لڪائي سگهي ٿو. ۽ پوءِ مان پاڻ کي وڻڻ لڳو هئس.

انهن ايترن ڏينهن ۾ تنهنجو ڪوبه ادا، مون سان نه ٽڪرايو هو. هُو به نه جنهن کي مان ٽيلي اسٽار سڏيندو هئس. جيڪو توکي ويجهو هو: ۽ جنهن کي وڏو اعتراض هو ته مان وچ ڪاريڊور ۾ تنهنجو هٿ ڇو چميون هو.

هڪ ڀيري سنڌالاجيءَ ٻاهران سرينهن جي وڻ هيٺيان منهنجي ڀر ۾ ويهي ڌرتيءَ تان ننڍڙيون پٿريون ميڙي رهي هئينءَ، ته مون پڇيو هئو:

’ٻڌ، تنهنجو اهو ادا ڪٿي آهي؟ جنهن کي اعتراض هو ته مون سڀن آڏو تنهنجو هٿ ڇو چميو....! ۽ جنهن مون کي بي انتها مار ڏيڻ ٿي چاهي ۽ جنهن مون کي گاريون به بڪيون هيون؟‘

چيو هيئي ڏاڍي ڌڪار مان:

’ڇڏينس؛ ڍنڍ ۾ هڻينس. هن کي مون کان وڌيڪ جي ڳولا آهي.!

کن رکي ڌرتيءَ تان هڪ گولو تراکڙو پٿر کڻي منهنجي تريءَ تي رکندي پڇيو هيئي:

’تون مون سان مئريج ڪندين.........؟‘

مون پنهنجي تريءَ مٿان رکيل تراکڙي پٿر کي ڏسندي پچيو هو:

’هي ڇا آهي.....؟‘

’ماني‘ پل کن ماٺ رهي وري پڇيئي:

’هون مون سان مئريج ڪندين........؟‘

’ها‘

تون وائڙي ٿي وئي هئينءَ. شايد مون مان اها اميد نه هئي.

رات جو ڊائري ۾ لکيو هئم- اسان سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏئي هلي ويندي.

۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل نفيس سينڊيل جي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان ڏور ويندي ٻڌندو رهندس.

علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي ڏاڍيون گهريون ڳالهيون ڪيون هيئي. منهنجي کاٻي پاسي ويٺل هئينءَ؛ ايترو ويجهو جو مون کي محسوس ٿيو هوڄڻ منهنجي کاٻي ڪک سوني ٿي وئي هجي. ڏاڍو هوريان پئي ڳالهايئي ڄڻ تون منهنجي ڀر ۾ نه منهنجي قبر جي ڪتبي جي ڀر ۾ ويٺل هجين. تنهنجا نيڻ ساروڻيون بڻجي پيا هئا. نيڻ نه هئا ڄڻ سرينهن جي ٽاريءَ ۾ اٽڪيل ٻه جهنجڻيون هيون. جيڪي ڪنهن به گهڙيءَ هوا جي زور تي ساروڻين جي ياد تي ڪري به سگهيون ٿي. ڪِري اڏامي به سگهيون ٿي ڪنهن به ڏسا ڏانهن، چئن ڏسائن مان. چيو هيئي؛

’نه مان توسان مئريج نه ڪندوس؛ تو سان مئريج ڪري پنهنجا سڀ در بند ڪرائڻ نه ٿي چاهيان. مان اهي در بند ٿيندي ڏسي نه سگهندوس.‘

پر نه ڄاڻ ڇو..... انهن مڙني دروازن کي پنهنجن هٿن سان هوريان هوريان بند ڪري ڇڏيو هيئي ۽ تنهنجو سمورو خوف سپر ها وي تان ويندڙ، ’اين- ايل- سي‘ جي ٽرڪ هيٺيان اچي مري ويو هو. مري ويو هو! مري ويو هو الائجي بيهوش ٿي ويو هو....؟ ان منجهند جو قاضيءَ جي ٿلهي کي ٽيڪ ڏئي تو چپن ۾ ڀڻڪيو هو.

’اڄ صبح، يونيورسٽي ايندي مون هن کي ڏٺو هو بس جي دريءَ مان. ڏسندي ئي ڀانيو هوم، ڄڻ سڀ ڪجهه پٺتي رهجي ويو هجي، هن سان گڏ. دل چاهيو هو هلندڙ بس جي دريءَ مان ٽپو ڏئي ڇڏيان.‘

چپ چپ روئڻ لڳي هئينءَ. رات جي پوئين پهر ۾ سانيتڪي وهندڙ نديءَ جيان. مون کي ڏاڍي ريس آئي هئي ان مٿان جنهن کي تو ايڏو چاهيو هو. سوچيو هئم- ڪڏهن جيڪو هو ملي ويو هو مون کي ته مان هن جا اهي چپ ضرور چمندس. جن سان هن پهريون ڀيرو تنهنجن ڪنوارن چپن کي ’ڪِس‘ ڪئي هئي.

ساڳي تاريخ تي، تو پنهنجا چپ منهنجي ڊائريءَ مٿان اتاري ڇڏيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org