سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: رهجي ويل منظر

صفحو :11

’ٺيڪ آ-هي.‘ نڙيءَ مان اوپرو آواز نڪتو هو. بيهي نه سگهيو هوس. دل جي ڊپ لپ ڊپ لپ آفريڪا جي گهاٽي جهنگل ۾ اماس رات جو. ڪنهن اداس شيديءَ جي گوڏن ۾ ڦاٿل نغاري مان نڪرندڙ دم دم بڻجي وئي هئي. جنهن جي پڙاڏي ۾ سڄو شهر جهنگل سراپجي ويو هو. ٿڙندڙ وکن سان وڃڻ لڳو هوس. شهر جا سڀ دڳ قبرسان ڏانهن ويندي لڳا هئم. تو پٺيان سڏ ڪيا هئا. ۽ مون کي اهي سڏ واٽ ويندڙ کان ٽائيم پڇڻ وارا محسوس ٿيا هئا. اسٽريٽ لائيٽس قبرن مٿان ٽمڪندڙ ڏيئا لڳيون هيون. سمورا خواب نيڻن مان اڏامي آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارا بڻجي پيا هئا. ڀٽون بڻجي ويل روڊ مٿان ڀٽڪڻ لڳو هوس:

’او-نو. مون سان ويساهه گهاتي.....؟؟ مون سان-؟؟.....؟؟- هن آخر ائين ڪري ڇڏيو.....؟- او، نو. امپاسيبل. امپاسيبل...... ناممڪن. هو منهنجو دوست.... هوءَ منهنجي محبوبا .... منهنجي زندگيءَ، منهنجي پتني.... منهنجو دوست منهنجو موت- منهنجي زندگي.... منهنجو موت، منهنجي زندگي، منهنجي محبوبا.... ويساهه گهاتي موسان .....؟..... پهنجي پتي سان؟ پنهنجي دوست سان؟؟ مون سان.....؟ خدا سان؟ ۽ ...... اونو نو نو.... اهو سڀ ناممڪن آهي، امپاسبيل.......‘

اوچتو پٺيان ڪنهن چيو هو:

’ڇا ناممڪن آهي، ڇا ممڪن. سڀ ناممڪن آهي. سڀ ممڪن، جو ڪجهه آهي ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ ۾ آهي. پائڻ ۽ وڃائڻ جي وچ ۾.‘

ڇرڪ ڀري پٺيان ڏٺو هئم. گوتم بيٺو مرڪي رهيو هو خشڪ چپن تي زبان ڦيري چيو هئم:

’تون- گوتم- آهين نه........؟...........؟‘

ٽهڪ ڏئي چيو هئائين:

’دوستن کي سڃاڻن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنو اٿئي......؟‘

’ڏس، مان.... هن وقت به توکي سڃاڻان ٿو. جڏهن ته شهر جا سمورا رستا وسري ويا اٿم.‘

ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو. ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو هئائين:

’ڪا ڳالهه ناهي. مان تنهنجي مدد ڪندس.‘ ۽ ڇرڪ ڀري پنهنجو هٿ منهنجي ڪرائيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هئائين.

’توکي ته ڏاڍو بخار آهي؟‘

’مان ٺيڪ آهيان. تنهنجا هٿ ٺري ويا آهن.‘

’ڪجهه پيتو اٿئي ڇا......؟‘

’نه.... پيئاريندين..........؟‘

’سنجها ڪيئن آهي؟‘

ڪنهن پوريءَ سگهه سان سيني مٿان ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. ٻڏي ويو هوس، درد جي پئسفڪ ۾- ٻيهر پڇيو هئائين:

’سنجها ڪٿي آهي.....؟‘

’سنجها......‘ چيو هئم ’سنجها پنهنجي نئين پريميءَ سان.‘

گوتم ٽهڪ ڏئي چيو هو:

’ناممڪن.‘

ميٽ چپن تي زبان ڦيرائي جهيڻي آواز ۾ چيو هئم:

’سڀ ناممڪن آهي، سڀ ناممڪن؟‘

گوتم سرد آهه ڀري، منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وراهه ڇڏي هئي.

گوتم منهنجن انهن دوستن منجهان هو- جن سان چاهيندي به فري نه ٿي سگهبو آهي. جن سان پنهنجائپ هوندي به اوپرائپ محسوس ٿيندي آهي. جن سان ملي ڳالهائڻ کان کلڻ تائين، کلڻ کان هلڻ تائين سڀ ڪوڙو لڳندو آهي. اهڙن دوستن سان ملي منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. انهيءَ ڪري گوتم کي پري کان پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، لنوائڻ لڳندو هوس. پر ان رات هن سان ائين اوچتو ملي پنهنجائپ جو شديد احساس ٿيو هئم. ان گهڙيءَ گوتم مون کي اهڙي ريلنگ لڳو هو، جنهن کي پڪڙي پاڻ کي هيٺياهينءَ ڏانهن ڪرڻ کان بچائي پئي سگهيس، پيرن کي ڌرتيءَ مٿان ڦٻائي هن سان هلندي چيو هئم:

’مون کي اڄ تنهنجي ڪمپنيءَ جي ضرورت آهي....؟‘

’مان توسان گڏ آهيان.‘ گهڙي رکي چيو هئائين: ’اڳ ۾ ڊاڪٽر وٽ هلون.‘

’نه مون کي وڊيو سينٽر وٺي هل.‘

’وڊِيو سينٽر.....؟‘

’ها.‘

’ڪهڙي گيم کيڏندو آهين؟‘

’فراگر‘

’فراگر.....؟....‘ جنهن ۾ ڏيڏر کي ٽريفڪ ڀريل شاهراهه پار ڪرائڻي پوندي آهي‘

’ها اهائي.‘

’ريلي ايڪس، ٽينڪ، گليگا، ٽائيم پائلٽ ڇو نه کيڏندو آهين؟‘

’مون کي انهن راندين مان ايندڙ ڌماڪن، جهازن جي سيٽين ۽ گولين جي آواز کان چڙ آهي.‘

’پر فراگر ته ڪوئي به نه کيڏندو آهي.....؟‘

’مان کيڏندو آهيان، جنهن ڏينهن ڪنهن جي مدد ڪري نه سگهندو آهيان. جنهن ڏينهن سخت دکي هوندو آهيان.‘

وڊيو سينٽ هليا ويا هئاسو. ’فراگر‘ جي ڪيبن هميشه جيان خالي پئي هئي. ۽ ’اسٽار وارو گيمز‘ تي ماڻهن جا هشام متل هئا، هنن جي چپن تي ڀيانڪ مرڪ ۾ اکين ۾ وحشت ڀريل هئي. مان ڪائونٽر تان ٻه ٽوڪن وٺي هڪ فراگر جي ڀانڊاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. ٽريفڪ، اسپيڊ سان ڊوڙڻ شروع ڪيو هو مان فراگر کي ٽريفڪ پار ڪرائڻ لڳو هوس. مسلسل فراگر کي ٽريفڪ پار ڪرائيندو رهيو هوس. ۽ بونس/ ثواب ڪمائيندو رهيو هوس. گوتم چيو هو:

’ڏهه ٿيڻ وارا آهن، يونيورسٽيءَ جي آخري بس هلي نه وڃي.‘

سنجها، وڊيو سينٽر مان ٻاهر نڪرندي ئي توکي ٻيهر ظهير جي ڀر ۾ هلندي ڏٺو هئم. پاڻ کي توهان جي پٺيان هڪ سين هئي جنهن جو ڪوبه ڇيڙو نه هو. جنهن ۾ هڪ پل لاءِ به وقفو نه پئي آيو. ان سين سان گڏ ڪوئي هو جيڪو مسلسل منهنجي دل مٿان خنجرن سان وار ڪري رهيو هو. پر مان هوس جو مئس ئي نه ٿي. رڳو تڙپيس پئي، رڳو تڙپيس پئي، خنجر جي نه کٽندڙ گهائن تي. ٻڌل ڏٺو هئم پاڻ کي پهاڙ جي چوٽي مٿان، ڳجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي- (پروميٿس بڻجي پيو هوس)- گوتم آخري بس ۾ سٿيل شاگردن ڏانهن ڏسندي چيو هو:

’سول هاسپٽل وٽ لهي پونداسون....؟‘

’نه مان ڪابه بخار جي گوري کائي، ٺيڪ ٿي ويندس.‘ گوتم سان سندس هاسٽل اچي ويو هوس. مون کي ڏسي، سندس روم پارٽنر ڪنهن ٻئي روم ڏانهن هليو ويو هو. گوتم پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۽ ’نولجين‘ آڻي ڏني هئي. گوري ڳهي گوتم جي ٽيبل تي پيل رف بوڪ ۽ بال پين کڻي، پلنگ تي ويهي ڀت کي ٽيڪ ڏئي تو ڏانهن کلڻ لڳو هوس. ڇا....؟ مون کي هن مهل چڱيءَ طرح ياد ڪونهي. پر مان لکندو رهيو هوس. منهنجي دل پنن تي ڊوڙندڙ بال پين کان وڌيڪ رفتار سان ڌڙڪي رهي هئي. جسم مان ڄر نڪرندي محسوس ٿي رهي هئم. گوتم ماني آڻي رکي هئي. چيو هومانس:

’مون کي چانهه گهرجي گوتم، بنا کنڊ کير جي سخت ڪڙڪ...؟‘

ڪڙڪ چانهه جا ڍڪ ڀريندو هليو ويو هوس. ان وقت مون کي چانهه جي ڪوڙاڻ نه جهڙي لڳي هئي. بلڪل ائين جيئن، نانگ جي ڏنگيل کي نم جو وٽو پيئڻ مهل ڦڪو محسوس ٿيندو آهي. چانهه پي ٻيهر لکڻ لڳو هوس. گوتم منهنجي اکڙيل ساهن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل ميگيزين هنڌ تي کليل ڇڏي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويهي رهيو هو. لکڻ بند ڪري ڏانهنس ڏسڻ لڳو هوس. همدرديءَ مان چيو هئائين:

’تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، توکي آرام ڪرڻ گهرجي....؟‘

ڪوبه خواب نه ڏئي سگهيو هوس. چيو هئائين:

’بتي وسائي ڇڏيان....؟‘

’ها، سڀئي بتيون وسائي ڇڏ.‘

گوتم سڀ بلب وسائي ڇڏيا هئا. ڪمرو منهنجي اندر جي ڪنڊ بڻجي پيو هو. پلنگ تي سنئون ٿي ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ورائي ڇڏيو هئم. اوندهه رستا بڻجي پئي هئي. جنهن مٿان تون ظهير جي ڀر ۾ وک وک مرڪون ورهائيندي وڃي رهي هئينءَ. هر ڏسا تنهنجي پينسل هيل جا پڙاڏا گونجڻ لڳا هئا، پڙاڏا، جيڪي مون کان پري ٿي رهيا هئا. ڳجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي. مان تنهنجن ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ دفن ٿيڻ لڳو هوس. مونجهه گلو گهٽجڻ لڳو هئو ۽ مون دروازو کولي ڇڏيو هو. گوتم ڀر ۾ رکيل ٽيبل ليمپ ٻار چيو هو:

’ڪيڏانهن .....؟‘

’ٻاهر.‘ ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس. گوتم پيرن ۾ جتي پائيندي چيو هو:

’مان به هلان ٿو.‘

’نه، منهنجي ڪري پنهنجي ننڊ نه ڦٽاءِ.‘

’مون کي ننڊ نه ٿي اچي.‘

هن هڪ ڪمبل مون ڏانهن وڌائي، ٻيو پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو هو. اسان انٽرنيشنل هاسٽل جي سنسان ڪاريڊور مان هلندا، ٻاهر نڪري آيا هئاسون. وڻ ۽ رستا ٿڌي ۾ ويڙهجي اڪيلا ۽ اداس نظر اچي رهيا هئا، سورنهينءَ جي چنڊ جي مرڻينگهه روشنيءَ ۾ باٽني ڊپارٽمينٽ وٽان لنگهندي چيو هئم:

’مون کي روئڻ نه ٿو اچي گوتم... مان روئڻ ٿو چاهيان.‘

گوتم اداس ٿي ويو هو. خالي آواز ۾ چيو هئائين، هوريان:

’مان تنهنجي درد کي محسوس ڪريان پيو دوست..... جنهن مان تون لنگهي رهيو آهين.... مان الاجي ڪيتريون راتيون جاڳي، اداس راتين ۾ اڪيلائين جي زهر پيتو آهي.. ۽ پي من ئي من ۾ سڏڪيو آهيان.‘

ڀڻڪيو هئم: ’اڳي ڳالهه ڳالهه تي روئي ڏيندو هوس. ....هاڻ وڏن وڏن وڇوڙن تي به ڇپر آلو نه ٿو ٿئي... منهنجو اندر بٺي بڻجي پيو آهي گوتم. مان روئڻ چاهيان ٿو.....‘

گوتم سگريٽ جلائي مون کي ڏنو هو، ٻيو پاڻ جلائي ڊگهو سوٽو هڻي سمورو دونهون سيني ۾ لاهي ڇڏيو هئائين. کن رکي ڀڻڪيو هو:

’روئندو اڳي مان به ڏاڍو هوس... پر هاڻ محسوس ٿيندو آهي، مري ويو آهيان....‘

ان رات ڏاڍو روئڻ چاهيو هئم. ٻارن جيان روڊ تي سمهي، اکين تي هٿ رکي، پاڻ کي روئارڻ لاءِ گذري ويل سمورن دکن کي ياد ڪرڻ لڳو هوس ۽ ياد اچي ويئي هئي. پنهنجي هڪ ڳالهه، چيو هئم:

’گوتم، اڳي- گهڻو اڳي جڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ بيروزگار هوندو هو ۽ مان ٽيليفون اٽينڊنٽ، تنهن زماني ۾ پگهار مان ڪجهه پيسا بچايا هئم. پنهنجي وڏي ڀاءُ کڻي چيو هئم، ’مون ڪجهه پئسا گڏ ڪيا آهن، مون کي هڪ ڪوٽ وٺڻو آهي.‘ منهنجي وڏي ڀاءُ چيو هو: ’هل مان توکي لنڊا مان زبردست ڪوٽ وٺي ٿو ڏيان....‘ منهنجو ڀاءُ مون کي شهر جي مشهور لنڊا جي دڪان تي وٺي ويو هو.... هن مون کي پنهنجن هٿن مان ڪيترائي ڪوٽ پاريا هئا. پوءِ... هن کي ٻه ڪوٽ وڻي ويا هئا. منهنجي ڀاءُ انهن مان هڪ جي قيمت پڇي هئي.... دڪاندار ڪوٽ جي قيمت منهنجي کيسي ۾ پيل پئسن کان ڪجهه گهٽ ٻڌائي هئي. تڏهن منهنجي ڀاءُ، منهنجي کيسي ۾ پيل پئسن ۾ ٻئي ڪوٽ گهريا هئس. تڏهن مون رڙ ڪري چيو هو... ’ٻه نه هڪ! مون کي هڪ ڪوٽ گهرجي .....‘ ان گهڙيءَ منهنجي اندر جو مفاد پرست ماڻهو جاڳي پيو هو... نه چاهيو هئم، ته منهنجو ڀا به منهنجن پيسن مان ڪوٽ وٺي. منهنجو وڏو ڀاءُ، مون کي ڏاڍو چاهيندو آهي....بلڪل ٻارن وانگر. اڄ جڏهن مان بيروزگار آهيان.... ته هو مون ڏانهن پابنديءَ سان پيسا موڪليندو آهي... پينٽ پيس... شرٽس.. پرفيومز.. يار، مان ڏاڍو سيلفش.. آهيان. ڪميڻو....‘

لڙڪ ريڙهيون پائي پنبڻين وٽ مڙي آيا هئا. چيو هئم:

’منهنجا دوست مون کي مسخرو سمجهندا آهن... هو سمجهندا آهن..... مون کي ڪوبه غم، ڪوبه ڏک ڪونهي.... هنن ڪڏهن به منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ناهي ڏٺو. مان جيڪو ايڏو خواش....‘

منهنجو ڳلو دک سان ڀرجي ويو هو. وڌيڪ چئي نه سگهيو هوس. گوتم مون کي ڀاڪر پائي چيو هو:

’مون کي خبر آهي، تون ڇا آهين.... مون کي خبر آهي ته تون هميشه ايترا وڏا ٽهڪ ڏئي ڇو کلندو آهين....‘

مون لڙڪن کي ٻانهن سان اگهندي، سڏڪن کي گهٽيندي چيو هو:

’گوتم.... ماڻهو محبتن جي موٽ ۾ ويساهه گهاتيون، دوستين جي نانءَ تي دوکا ڇو ڏيندا آهن....؟‘

’سڀئي ماڻهو ’فراگر‘ کي رستو پار ڪرائي نه سگهندا آهن دوست.‘

’ها.... اسان اڄ تائين ڪنهن کي به شربت ۾ زهر ملائي ڏئي نه سگهيا آهيون، اڄ تائين... ڪنهن جي به پٺيءَ ۾ خنجر کپائي سگهيا اهيو..... ماڻهو، اهو سڀ ڪيئن ڪندا آهن....؟‘

’جيئرن احساسن وارا ماڻهو، ڪنهن جي به پٺيءَ ۾ خنجر کپائي نه سگهندا آهن.‘ گوتم چيو هو.

مون کي ڄڻ ڪجهه ياد اچي ويو هو، چيو هئم:

’ها... جيئرن احساسن وارا ماڻهو، ماڻهوءَ کي ماڻهونءَ هٿان مرندي ڏسي آتم هٿيا ڪري ڇڏيندا آهن....‘

اسان ڳالهائيندا. ڀلڪندار آرٽس فيڪلٽيءَ جي پويان کٽي ويل پهاڙيءَ تي پير لڙڪائي ويهي رهيا هئاسون. چنڊ جو لاش رات جو درياهه ۾ هوريان هوريان اولهه ڏسا ڏانهن لڙهي رهيو هو. وڪلپٽس جي جهڳٽي ۾ علام آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جو اڇو قبو سرچ لائيٽس جي روشنين ۾ وڻن وچان، اڀرندڙ چنڊ جيان اڌ روشن نظر اچي رهيو هو. تمام پريان حيدرآباد جون روشنيون هلڪي ڪوهيڙي ۾، ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيون هيون. گوتم. حيدرآباد جي روشنين ڏانهن تڪڻ لڳو هو.

مون وڻن مان اڌ روشن نظر ايندڙ قاضيءَ جي مزار ڏانهن گهوريندي چيو هو:

’مان آتم هٿيا ڪري ڇڏيندس....‘

گوتم ڏڪي ويو هو. ڪلهن تان کسڪي ويل ڪمبل سرير سان ويڙهي ڇڏيو هئائين.

’خودڪشي مسئلن جو حل ته ڪونهي دوست....؟‘

’مسئلن جو ته ڪو به حل ڪونهي.... هر حل پٺيان اکٽ مسئلا ڇپ هنيون ويٺا آهن.‘

گوتم اداس ٿي ويو هو. چيو هئائينءَ ’اسان کي پنهنجي مائرن لاءِ جيئڻ گهرجي.... ڇو ته ڪائنات جون سموريون بي غرض محبتون ماءُ کان شروع ٿي، ماءُ وٽ ئي اچي ختم ٿي وڃن ٿيون.‘ کن رکي گهٽيل آواز ۾ چيو هئائين: ’ننڍي هوندي مون زهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو اسڪيچ ٺاهي ڇڏيو هو. جتي به ويندو هوس، جتان به لنگندو هوس، هر چهري ۾ پنهنجو آئيڊئل ڳولهڻ لڳندو هوس. پوءِ مهنجي مائٽن، منهنجي نه چاهڻ جي باوجود منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي..... جڏهن منهنجي شادي ٿي پئي ۽ منهنجي هٿن تي ميندي هنيئون پئي ته مان ڳاج ڳائيندڙ ٽوليءَ ڏانهن ڏٺو هو. مان اهو ڏسي حيران ٿي ويو هوس ته دهل وڄائيندڙ ڇوڪري بلڪل منهنجي تصوراتي آردش جهڙي هئي.... ان مهل مون کي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ منهنجو پير اوچتو ڪنهن بارودي سرنگهه تي پئجي ويو هو. منهنجي جسم جا ٽڪر هوائن ۾ وکري ويا هجن.... وقت هٿن مان ڇڏائجي چڪو هو. اها سڄي رات مان پنهنجي زال سان گڏ ڪنهن لاش جيان پيو رهيو هوس.... پوءِ......پوءِ هوريان هوريان ايڊجسٽ ڪري ڇڏيو هئم. پر موٽ ۾ ڇا مليو...؟ اداس راتين ۾ اڪيلائين جو زهر. ڀوڳنا...... نه کٽندڙ پيڙا.... رڳو ان لاءِ جو منهنجي زال جا مائٽ، منهنجي ڀيڻ کي سکي رکي نه سگهيا.... منهنجي ڀيڻ واپس گهر هلي آئي. موٽ ۾ منهنجي گهر وارن منهنجي زال کي گهر ۾ رهائڻ کان نابري واري ڇڏي.... ۽ مان ٽن سالن جي ڌيءَ هوندي، بي انتها پيار ڪرڻ واري زال هوندي به، اداس راتين ۾ اڪيلائن جو زهر پيئندي به جيئندو رهيو آهيان... رڳو پنهنجي ماءُ لاءِ.... پوءِ، ڇا مون کي به آتم هٿيا ڪري ڇڏڻ گهرجي....؟ مري وڃڻ گهرجي سڀئي رشتا ڇڏي ......؟ ڇا ڏکن کان ڇوٽڪاري جو اهوئي حل وڃي رهيو آهي.....؟‘

ان رات گوتم بلڪل پاڻ جهڙو لڳو هئم. چيو هئم:

’اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون...... اسان جا دک ساڳيان آهن. ۽..... ۽ اسان سڀئي فلئٽس جي ديوارن جيان هڪٻئي جي آسري بيٺل آهيون.....‘

ان رات گوتم مون کي اهي ڳالهيون سمجهائيندو رهيو هو، جيڪي هن کان اڳ مان پنهنجن ڪيترن اداس دوستن کي راتيون جاڳي سندن من ۾ جيئڻ لاءِ اتساهه جاڳائڻ لاءِ ٻڌائي چڪو هوس. سڀ پهاڙيون ۽ رستا روشن ٿي ويا هئا. ڪجهه روئڻ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ڪري مان ڪنهن حد تائين ريلڪس ٿي ويو هئم.

گهر پهچي اندر ٻيهر رجهڻ لڳو هو. ڪمري جون ديوارون سوڙهيون بڻجي ساهه ٻوساٽڻ لڳيون هيون. گهر ٽارچر ڪئمپ لڳو هئم. گهر مان نڪري ٻي مقصد رلڻ لڳو هوس هڪ ڳليءَ کان ٻي ڳليءَ تائين، هڪ روڊ کان ٻئي روڊ تائين. سوچڻ لڳو هوس ڪالهوڪي واقعي تي، اکٽ ڀيرا سوچڻ جي باوجود...... اهي ڳليون اهي رستا جن تي ڪڏهن مون سان هوندي هئينءَ.... تن مٿان ڪالهه هن سان ائين پئي ٽلينءَ ڄڻ. اهو ڪو ٻيو نه ’مان‘ هوس... ۽ ’مان‘ ڌارين وانگر آيس پئي تو پٺيان... ’مان جيڪو تولاءِ سورج هوندو هوس.... جنهن کي جڏهن نه پسندي هئينءَ ته تو لاءِ ڏينهن به رات بڻجي پوندو هو... اهو ’مان‘ جنهن کي پائڻ لاءِ تون فوٽ پاٿن مٿان ٽينٽ هڻي ويهڻ لاءِ به تيار هوندي هئينءَ. جيڪو تنهنجي سمورن ماڪ ڀنل خوابن جو محور هوندو هو.....

ڪيڏي آرام سان تنهن کي ڇڏي ڏنو هيئي....؟ مون کي سڌ آهي جڏهن قربتن جي ماکيءَ ۾ ويڇن جو لوڻ پئجي ويندو آهي، تڏهن نه ملي سگهڻ جا سبب سولائيءَ سان ملي ويندا آهن/ پيدا ٿي پوندا آهن. (ماءُ جو امالڪ هر وقت بيمار ٿي پوڻ، ڀاءُ جي هر وقت ائين اوچتي آڏي پڇا.....؟) ڪيڏو سهڻي نموني تو (مون کي) (مون کان) انڪار ڪري ڇڏيو هو...؟ ڪيڏي بيزار ٿي پوندي هئينءَ مون وٽ اچي...؟ پر هن سان ڪالهه ڪيڏو ٺهيل ٺڪيل هئينءَ....؟ ڄڻ نوڪريءَ تان نه، ڪنهن فنڪشن تان وري هجين.... ڪيڏي روشني هئي تنهنجن نيڻن ۾.....نه ماءُ جي بيماري جو دک، نه ڀاءُ جي آڏي پڇا جو ڀئو.... ٽانڊن جو مينهن وسندو رهيو هو، هلندو رهيو هوس پڄرندو کامندو رهيو هوس. شهاب ملي ويو هو. (اهو ئي شهاب سنجها... جنهن جي ڊرائنگ روم ۾ پرهه جي پهرين پهر جهڙيون شامون گذاريون هيون سين)... اجهاڻل چهري ڏانهن ڏسي پڇيو هئائين: ’خير ته آهي......؟‘

’خير......‘ فلمي مرڪ مرڪيو هئم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org