سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :7

داستان ڏهون

مريض محبت جي بيماري، راحت جان جي بيقراري، آفتجان جي چالاڪي، وزيرزادي جي طراري، نسبت جي گفتگوءِ.

شعر-

ڪٿي آهين اي ساقيء بيخبر ؛

نشو پيار ٿئي دور داغ ِ جگر ؛

پياريو مون کي جام اڄ پَي به پَي؛

اجائي هوس ۾ وئي عمر هَي!

طلسم ڪٽيندڙ صدمي الفت جا، عزمتون پڙهندڙ آسيب محبت جا ، مدت فراق جي بسر ڪري، عاشق معشوق جو وصال هن طرح، هن صورت ۾ بيان ڪن ٿا ته آرام جان راحت جان کان جدا ٿي... اچي بستري ماتام جي تي بي آرام ٿي، ڪِري پيئي- -  سڄي غم جي صورت بنجي پيئي: نه جان ۾ جان، نه بدن ۾ هوش، نه اڳيون  جوش و خروش رهيو، باقي رات ڪاٽڻ مشڪل هئي. دل کي چيائين ته هن رات جو صبح ضرور قيامت جو ڏينهن هوندو، شور محشر جو ٿيندو – مفت شوڪت شان ويو، آدمي بي مان ٿيو ۽ بي نشان  رهيو- سور جو سامان ٿيو، هڪ گمنام جي سبب مفت بدنام ٿيو، آخر هي انجام ٿيو جو جيئڻ بيڪار ٿيو، ۽ هن آزار کان بچڻ دشوار ٿيو: ڪٿ خريدار طلبگار ٿيو، ڪٿ غمخوار محرم اسرار ٿيو، ڪنهن جو خانو خراب ڪيائين، ته ڪنهن کي مثل مجنونءَ جي ديوانو بيتاب، جگر ڪباب ڪيائين.، وري روئي، زبان حال جي سان دل کي جواب ڏنائين ته ”افسوس، اي دل! جيڪڏهن اها خبر پويم ها ته الفت جو نالو به نه وٺان ها! هاڻ هن بيڪار جيئڻ کان موت ڀلو آهي... ڇپر موت جي حرام نه هو ته هوند خنجر هڻي يا زهر کائي مرجي، اهڙو سور ڇا لاءِ سهجي! – سواءِ مَلَڪ الموت جي ڪو علاج ناهي. حڪيمن جو قول آهي ته بيمار کي بيمار وٽ رکڻ، اهو نئون آزار آهي- جيڪڏهن هو پاڻ بيمار آهي ته علاج جو ڪهڙو تڪرار آهي، جڏهن غمخوار پاڻ پنهنجي صورت کان بيزار آهي ته پوءِ صحبت جو ڪهڙو آثار آهي! وري جذبي محبت جي جواب ڏنو ته ” بيوفائي، ڪج ادائي، اصل معشوقن جي آڏو ڏائي آهي، ان ۾ عقل جو ڪهڙو قصور آهي- سوال بي دستور آهي: جيڪڏهن معشوق با وفا ۽ دوست باصفا ڳولجي ته دنيا دورنگيءَ ۾ ساري عمر هٿ نه اچي.، ايتري ۾ صبح ٿي ويو. هڪ محرم راز دمساز اچي آرام جان جو اهو حال ڏسي، روئي چيو ته ”اي شهزادي، رات ڪهڙو حال هو، ۽ صبح جو هي ڪهڙواحوال آهي؟ ظاهر ته ڪو آزار ناهي، مگر ڏسڻ ۾ جهڙو ورهين جو بيمار آهي!

بيت –

هي حُسن جواني ۽ هي غم ۽ اَلُم،

ستم آه، ستم آه، ستم آه، ستم!

”... خدا جي واسطي، اي راڻي،روئڻ بس ڪر، پنهنجي نئين جوانيءَ تي ڪو ترس ڪر!“

شعر-

هَل ڪعبي ۾ ڪرمومن، ڇڏ هِن بت جي آستاني کي، نقش پيرن رقيب جو محراب ڪيئن سونهي، هاءِ هن ديواني کي!

آرام جان ٻڌي، زارو زار روئي چيو ته ”اي همدم، دل بيوس، بي اختيار آهي...

غزل –

اُلٽي پيو بخت، اونڌي تقدير ٿي عَبث،

دل ۾ رهيو نه سوز ۽ تدبير ٿي عبث.

ڪوڙين لکيم ڪتابت، احوال پُر ملال،

قاصد، نڪو ڪبوتر، تحرير ٿي عبث.

هر هر ڪيان بيان ڇا احوال شر حوار،

معلوم اٿس مڙئي، تقدير ٿي عبث.

هَي هاءِ، موٽيو ڪين مرڻ تائين مَهه لقا،

افسوس، منهنجي نالءِ شبگير ٿي عَبث.

مجنونءَ جيئن ڏياريئين جاگير ڪوه دشت،

ليليٰ جي ديد ڌاران، جاگير ٿي عبث.

غم کان سواءِ مونس و غمخوار ناهي ڪو ؛

نقش، وصال ڌاران، تصوير ٿي عبث.

ڪاوڙ مان ڪالهه قاصد کي چيائين هن طرح :

”عاجز“ جي آهي دام ِ تزوير ٿي عبث.

”... منهنجي حال تي ترس نه آهي، مرض لاعلاج آهي،  دوا جو محتاج نه آهي. اي نادان، مبت بلاي آسماني تير ناگهاني آهي، جنهن جي سيني تي رسيو، آر پار هليو ويو، جيڪڏهن ڪو ان ۾ اختيار هو ته ڪو ڪنهن جو خريدار ۽ تابعدار نه هو، هر ڪو آزاد هو- نه اهو داد بيداد، نه ايترو فساد هو. خير، محبت جي لذت ۽ فرقت جي ذلت ۾ عمر برباد ٿي، دل ناشاد ٿي.“

غرض، اها تقرير اهڙِ دلگير هئي، جو هر ڪا ٻڌي، بي سڌير ٿي. هيڏانهن راحتجان رنجيدو، پريءَ کان دامن چيدو، دل ملول، مطلب بي حصول ٿي، آفت جان کي چيائين ته .اي نادان، مهمان رنج ڪرڻ  دانائيءَ کان دور آهي، محبت ۾ اِهو دستور ناهي، سراسر تنهنجو قصور آهي. افسوس، يار رٺو، جنهن مون کي مُٺو- جيڪڏهن جواني آهي ته به زندگاني و بال آهي، جيءَ جو ملال، جيئڻ جنجال آهي! خدا اُهو ڏينهن ڪري، جو هُو بت بي پير تقصير معاف ڪري، دل صاف ڪري- وصل جي تدبير ٿئي ۽ هيءَ دل سڌير ٿئي، قلب جي ظلمات کي اُو انور اچي منير ڪري.“

ائين چئي، هي بيت پڙهيائين:

بيت –

هو جي هئا ڪالهه، ڏٺم،. اڄ نه، ڏسان مانَ سُڀا،

جوءِ ۾ جت جَجها، آهن آري اَلڀا.

ورهه ويراڳ وندر منجهه رلائي سسئي ڪيچ کي،

رات کي چاڙهي ويا جَتَ پنهنجو ڀاءُ.

آفت جان چيو ته ”اي شهزادا، قسم تنهنجي سر جو آهي، ڇا لا ايتريقدر متفڪر ۽ منتظر ٿيو آهين- اِنهيءَ حال کان بيخبر آهين. آرام جان جو پيءُ ڏاڍو متڪبر آهي، ڪيترن بادشاهن ۽ شاهزادن آرام جان جي محبت ۾ مست ٿي نسبت جي درخواست ڪئي، ته ڪنهن جو خط ته نه  پڙهيائين، پر ڪيئي قاصد مارايائين- اهڙو سخت نَخُوت پرست آهي، بلڪ ان جو قول درست آه ته انهيءَ کان زهر کارائي مارائي ڇڏيندس، مگر پنهجي جيئري ان جي شاي نه ڪندس. آرام جان جي ڪنواريءَ رهڻ جو اِهو ئي سبب آهي.“ راحت جان اِها ڳالهه ٻڌي ۽ هيءَ آهه درد ناڪ، دل غمناڪ مان ڪڍيائين:

غزل –

محبوب جي ملڻ جي تدبير ٿي غلط،

حيلا حوالا دل جا تزوير ٿي غلط.

سَو سَو سلام منجيم، ناهي نياز جي حد،

جو ڪجهه لکي مُجان ٿو، تحرير ٿي غلط.

ظاهر زبان سان احوال ڪجهه ڪريان ٿو،

ڪجهه ڪين ٿيو مؤثر، تقدير ٿي غلط.

دل جي مراد هئي، ته پسان يار جو جمال،

افسوس، آهي ”عاجز“ تقدير ٿي غلط.

... ۽ چيائين ته ”هيءُ عجيب قصو آهي، اُن کان به دل تي خفو آهي، اڳي اڃا اميد هئي، وصال جي، مگر هينئر نااميديءَ  وبال آندو آهي، جنهن پائمال ڪيو-  تڏهن  منهنجو حال زوال ٿيو. افسوس! جوانيءَ جو جمال ۽ حسن جو ڪمال ويو، ته پوءِ پيريءَ ۾ حبيب جو وصل نصيب ٿئي ته ڇا حاصل ٿيو!“ تنهن تي وري آفت جان چيو ته ”اجائي غم جو ڪير قائل آهي؟ انهيءَ جي واٽ مشڪل نه آهي، تمام سهل آهي، ٻڌي پسند ڪندؤ ۽ دل خورسند ٿينديوَ – يعني ته آءٌ وڃي آرام جان تي پنهنجو سايو  وجهان! اگرچ هن  جو پيءُ تمام سنگدل بي مروت آهي، ته به ڌيءُ جو برو حال سهي ڪين سگهندو. ضرور بيحال ٿي علاج معالج لاءِ ڪوشش ڪندو. جڏهن علاج بي اثر ڏسندو، ته پڙهيا ۽ ملان ٻانڀڻ پڇائيندو. جنهن وقت ٻڌندو ته پريءَ يا جن جو آسيب آهي، ته بِلا ريب، زياده دلگير ۽ بي تدبير ٿي پوندو. اهڙيءَ حالت ۾، جان نثار موقعي جو فائدو وٺي، نسبت جو خواستگار ٿي، تنهنجي تصوير کڻي آڻي ڏيکاري. پوءِ جيڪا هو تقرير ڪري، سا ضرور دلپزير ٿيندي،  ڇا لاءِ ته هو به وزير آهي، بي تدبيرنه آهي. عنايت پروردگار شامل حال آهي، ته مقصد حاصل آهي.“ في الحال شهزادو وصل جي موزون تدبير ٻڌي، دلشاد ٿيو، غم وهم سڀ برباد ٿيو، خوشيءَ کان آباد ٿيو- کلي ڏنائين ۽ آفت جان جي عقل تي آفرين   چيائين. فرمايائين ته مَنورتي معقول آهي، اِهو فهم فضول نه آهي- گل مراد جو موصول آهي.“

بيت –

دنيا ۾ تو جهو ڪوئي استاد نه هوندو،

استاد هُجي، تنهن کي پر فن هي ياد نه هوندو.

آفت جان شهزادي کي تسلي ڏيئي، وڃڻ جي تياري ڪئي. ۽ جان نثار کي چيائين ته ”هڪ مهيني کان پوءِ منهنجي خبر وٺج، جلدي نه ڪج.“ پاڻ اُن ڏينهن رخصت وٺي آرام جان جي باغ ۾ آئي. ڏٺائين ته آرام جان ان وقت باغ ۾ هڪ سَروَ جي سائ ۾، ٽاري گل جي هٿ ۾، قمريءَ جي ڪُو ڪو، ڳيري جي هُو هُو هُو تي الاهُو چئي، راحت جان جي ڌيان ۾ دل بيتاب، جگر ڪباب،بيحجاب، عقل کي جواب ڏيئي، جزبي شوق جي کان جهولي رهي آهي. پريءَ يڪدم مٿس سايو ڪري، جسم تي عمل ڪيو ۽ وجود  ۾ دخل ڪيو. آرام جان ڪَرَ موڙيا ۽ ان دم هڪ هيبتناڪ  رڙ ڪري، پَٽَ تي بيدم ٿي ڪِري پيئي، غش اچ ويس. اوچتي رڙ  تي ٻانهيون ڇينيون، ڪار غلاميون، عطر دانيون، کڻي ڊوڙيون: ڏٺائون ته شهزادي بيحال، بيجان، زمين تي پائمال  آهي – ڏسي، منهن موڙيائون، هار ٽوڙيائون، وار ڇوڙي واويلا مچايائون- گلاب عطر، لخلخا سونگهايائون، گهڻيئي تدبيرون ڪيائون، مگر بي حاصل. آخرڪار، تخت آندائون، کڻي ان تي ليٽايائون، محل ۾ آندائون، گهڻيئي تدبيرون ڪيائون، مگر ڪجهه  به نه وريو، ڪي خواصيون  ڀڳيون، جن وڃي ملڪه ۽ بادشاهه کي احوال سڻايو. ٻيئي ماءُ ۽ پيءُ، مٿي پيرين اگهاا ڊوڙندا آيا، جن اچي حال ڏٺو ۽ احوال ٻڌو: منهن مٿو پٽيائون،  چيائون ته ”هاءِ، هي ڇا ٿيو!“ڪنهن چيو ته ”اوچتوسر سام ٿيو اٿس“ ڪنهن چيو ته ”نه ڙِ نه، ام صبيان اٿس“ ڪا چوڻ لڳي ته ”ٻڙي، چريون ته ڪين ٿيون آهيو، هي ته ڪو جن جو واسو، يا پريءَ جو سايو آهي، ان مرض جو ٻيو ڪو به پايو نه آهي.“ هڪ پرستار مُسخرات جي اسرار کان واقفڪار هئي، تنهن هڪ نقش لکي، کُٽيءَ کي تاڻي، آرام جان کي آڻي ڏيکاريو. آرام جان اکيون کولي نقش ڏٺو، اکيون ڳاڙهيون ڪيون، ۽ ڀڙڪو کائي انهيءَ پرستار کي گردن کان جهلي، سسي مروٽي، هڪ وڻ تي کڻي لڙڪايائين. ۽ وري چوڌاري نهاري، چريائيءَ کي تاڙي، اُتي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيائين- زر زيور سڀ پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. ملڪھ اهو حال ڏسي، بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو. بادشاهه  يڪدم  ٻاهر آيو، غمگين، دل ملول ٿي ڪچهريءَ ۾ به نه ويو، منهن ويڙهي پئجي رهيو، ملڪھ ڌيءَ جو هيءُ حال ڏسي،  سلام ڪري، چيو ته ”اي شاهه جنات! آءُ نڪي طبيب عامل آهيان،نڪي ڪنهن فن ۾ ڪامل آهيان، فقط توهان جي اچڻ جو احوال دريافت ڪرڻ آئي آهيان، حڪم ٿئي ته عرض ڪريان، نه ته پوئين پير هٽان.“ آفت جان (آرام جان جي قالب ۾) جواب ڏنو ته ”آءُ جنن جو باشاهه، خلجان نالي آهيان، ڪوه ڪاف تي منهنجو مڪان آهي. اڄ رات سير ڪندي، گهمندي ڦرندي، هيءَ عجب دلبند صورت، دلفريب مورت، ڏسي پسند ڪيم- حسينن سان دل جي رغبت ازحد آهي، اگرچ اوهان جي دانست ۾ اها عادت بد آه، اوهان جي دل شايد ان کان دردمند آهي.“ ملڪھ هي احوال ٻڌي، حران ٿي، هوش پريشان ٿي ويس، جلدي اچي بادشاهه سان ڳالهه ڪيائين. بادشاهه ان دم ڪي عامل، انهيءَ فن جا ڪامل سڏائي، انهن کي تاڪيد ڪيو ته شهزاديءَ جو علاج شروع ڪريو، بعد غسل صحت جي هر ڪنهن کي حسب لياقت انعام اڪرام ڏنو ويندو، ۽ خلعت سان  سرفرازڪيو ويندو.، انهيءَ لالچ تي هزارين عزيمت خوان ۽حڪيم عامل اچي حاضرٿيا. جيڪو نقش تيار ڪري، کڻي سامهون ٿيو ۽ پريءَ ان جي گردن مروڙي، سر ٽوڙي، خاتمو ڪيو، جيڪو ويجهو آيو، سو وري جيئرو واپس نه وريو. اهو حال ڏسي، هر ڪو عامل، حڪيم ڪامل بيحال ٿيو، بيزار ٿي، ڀڄي  ڌار ٿيو. آخر، عامل ڪامل ويچارا ڊپ کان لڏي، شهر ڇڏي ڀڄي ويا. انهيءَ قصي کي جڏهن هڪ مهينو تمام ٿيو، تڏهن جان نثارانجام تي شهزادي جي تصوير غلاف ۾ ويڙهي، ساڻ ڪري، هڪ ديو زاد جي مدد سان جان جنان ۾ اچي وارد ٿيو: ڪاروان سراءِ ۾ لٿو، رات رهي، صبح جو سڳا، فقيري ٽڳا پهري، حڪيماڻي وضع ڪري، بغل ۾ بگري، هڪ هَٿ بيراڳڻ  ۽ ٻي ۾ تسبيح کڻي، شهر ۾ پَهري پيو. اهڙيءَ ريت، هر بازار ۾ چڪر لڳائي، بيمار ۽ انڌا منڊا گڏ ڪري، انهن جو علاج  ڪرڻ لڳو. هڪڙو ڍنڍورچي هٿ ڪيائين، جنهن سڄي شهر ۾ هُل هلايو ته ٻڌو، يارو! هن شهر ۾ هڪ حڪيم ڪامل، فن سحر سامريءَ ۾  عامل، هر مرض جو ماهر، پوشيده خواه  ظاهر – هٿ شفا ۾ هاڪارو، هيڻن جو هَمراهه، غريبن جو غمخوار، مسڪينن جو مددگار، اڙين جو آڌار آيو آهي. هزارين مريض ان کان شفاياب، فيضياب ٿيا آهن. علاج شرطي، گهٽ رتي نه ڪندو آهي. .. مريضن جو هجوم ٿيو، هر ڪنهن جو ڪم ٿيو. اِها خبر رفتي رفتي بادشاهه جي ڪن پيئي. حڪم ٿيو ته اِهو  حڪيم حاضر ڪريو، عامل کي ترت آڻيو! شهر جي ڪوٽوال حڪيم کي بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر ڪيو، جنهن اچڻ شرط شاهي آداب بجا آندو ۽ شاهه جو سلام ڪيو. بادشاهه هي ڪلام ڪيو ته ”اي حڪيم ڪامل، عزيمت جا عامل، منهنجي شهزاديءَ تي ڪنهن جن جو واسو يا پريءَ جو پاڇو آهي. اسان جو اِهو ارادو آهي ته تو کان جيڪڏهن انهيءَ جو علاج ٿئي، ته  اسين بلڪل احسانمند رهنداسون، ۽ مالا مال ڪنداسون.“ وزير زادي جان نثار ٻڌي، هي جواب ڏنو ته ”سرڪار! بندو انهيءَ ذره نوازيءَ جو بيحد شڪر گذار آهي. منهنجي هيءَ گفتار آهي ته جي آءُ شهزاديءَ جو علاج ڪري،  صحياب ڪريان، ته منهن گهريو انعام پايان.“ بادشاهه فرمايو ته ”اي درويش ڪامل، پير سفيد ريش عامل! شهزايءَ جو عجيب حال آهي، جان جي ساڃاهه ڪا نه اٿس- تون ضرور روبروءِ نقش مُڪمل ۽ علم جوعمل ڪندين: سو جيڪڏهن شهزادي چڱي ڀلي ٿي ته پوءِ تو کي دل گهرئي انعام جو اقرار آهي، ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو موت درڪار آهي.“ جان نثار عرض ڪيو ته .حضور بندي کي اِهو شرط منظور آهي.“ ان وقت بادشاهه خواجه سرا کي حڪم ڪيو، جو حڪيم صاحب کي وٺي آرام جان جي باغ ۾ آيو- ملڪھ کي سڄو قصو ٻڌايائين، ۽ قول اقرار کان واقف ڪيائين. ملڪھ ٻه ٻانهيون جان نثار ڏي موڪليون، جي کيس وٺي باغ اندر داخل ٿيون- اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ آرام جان پريان ڏيکاريائون. جان نثار ٻانهين کي دلاسو ڏنو  ۽ چائين ته ”فڪر نه ڪريو“ مون وٽ اهڙو نقش تيار آهي، جنهن جي ڏسڻ سان ڪهڙو به زبردست جن خواه ڀوت مسخر آهي، ۽ اوهان کي ڪو به خطر نه آهي. آءُ نقش پنهنجي منهن اڳيان جهليندس، جنهن ڪري ڏسي ڪين سگهندس.“ حاصل ڪلام، جان نثار راحت جان جي تصوير غلاف ۾ ويڙهيل، ڪڍي اڳيان ڪئي، ٻيئي ٻانهيون پٺيان، پاڻ اڳيان، آرام جان ڏي وڌندا رهيا: اوچتو آرام جان جي نظر پيئي، مستيءَ جوش ڪيو، ايندڙن تي هڪلل ڪري وڌي- هيڏانهن ٻنهي ٻانهين جو جگر ڌڙڪيو، پير ٿڙڪيو- ويچاريون ڊپ جون ماريون، ڌُو وڃي زمين تي ڪِريون، جان نثار تصوير تان پردو لاٿو. آفت جان يڪدم آرام جان جي قالب مان نڪري پرواز ڪيو. شهزادي  هشيار ٿي. سامهون راحت جان جي تصوير ڏٺي، هوش سنڀاليائين، پاڻ کي ننگو ڏٺائين، بلڪل شرمندي، پاٿل ماري، ويهي آواز ڪيائين ته مون کي ڇا ٿيو آهي، هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟، اِهو آواز  ٻڌي، ٻانهين جي جان ۾ جان آئي، ڊوڙيون ڪپڙا آندائون، شهزاديءَکي ڍڪايائون، محلات ۾ آڻي ويهاريائون، ۽ ملڪھ کي خبر ڏنائون. جان نثار شهزادي راحت جان جي تصوير غلاف ۾ ويڙهي ٻاهر آيو. چوڌاري هُل هليو ته  شهزاي چڱي ڀلي ٿي!، گهر گهر واڌائي پيئي-  مبارڪ سلامت جو هو ڪو پيو، هر ڪو خوش ٿيو. بادشاهه جان نثار تان زر نثار ڪئي، سڄي درٻار بهار ٿي. ٽي ڏينهن خوشيءَ جو جشن ٿيو، هر ڪوئي پرشن ٿيو. بادشاهه چوٿين ڏينهن درٻار ڪئي... جان نثار کي فرمايو ته ”اي استاد ڪامل، اسان بلڪل خوش راضي ٿيا آهيون،   پنهنجي قول اقرار تي ڪاربند ۽ قائم آهيون.“ وزير زادي هٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪيو ته شاهه عاليجاهه، جهان پناهه! آءٌ حقير، فقير آهيان، مگر شهزاديءَ جو خواستگار آهيان.“ بادشاهه چمجاه، اها طلب ٻڌي، ڏاڍو دلگير ٿيو. سڄيءَ درٻار تي نظر ڪيائين، سڀني کي ملول خاطر ۽  غمگين ڏٺائين. وزير عرض ڪيو ته ”اگرچ طلب نامعقول آهي، مگر قول اقرار جو لحاظ نه ڪرڻ، شان شاهيءَ خلاف آهي.“ شاهه  توڻي درٻارين تي سناتو ڇانئجي ويو. جان نثار اهو حال ڏسي، شهزادي جي تصوير ڪڍي، بادشاهه جي روبرو  پيش ڪئي. عرض ڪيائين ته ”جهان پناهه! هيءُ آذر بائيجان جو شهزادو، راحت جان نالي آهي، جنهن جي لاءِ نسبت جو طلبگار آهيان، آءُ  ته ان جو هڪ ادنيٰ غلام ۽ خذمتگار آهيان، منهنجي ڇا مجال آهي، جو شاهن شهنشاهن سان همسري ڪريان.“ جان نثار پنهجي تقرير، دلپذير، اهڙيءَ ته فصاحت ۽ بلاغت سان بيان ڪئي، جو سڀ ڪنهن جي زبان مان صدا  تحسين آفرين جي پيدا ٿي. راحت جان جي تصوير، بي نظير ڏسي، بادشاهه جي دل شيدا ٿي، جان فدا ٿي، ۽ هر خاص  و عام کي محبت پيدا ٿي. بادشاهه فرمايو ته ”اي جان نثار، منهنجو قول اقرار برقرار آهي، ان کان مون کي ڪو به انڪار نه آهي، مگر هن ڳالهه ۾ آءُ مجبور آهيان، جو اهو قبوليت جو ڪم  منهنجو ناهي، البت انجو غم اٿم.“ تصوير کڻي، ڊوڙندو، خوش ٿيندو، محلسراءِ ۾ وارد ٿيو، ملڪ کي مبارڪباد شهزاديءَ جي صحت جي ڏنائين، ۽ فرمايائين ته ”آرام جان جو خواستگار آيو آهي- جنهن ئي احسان ڪري اسان کي هن غم کان ڇڏايو آهي، دل ۽ جان ان تان نثار آهي. هيءَ ان جي تصوير آهي، جنهن لاءِ خواستگاريءَ جي تقرير آهي.“ راڻيءَ بادشاهه کان تصوير وٺي، ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ چيائين ته ”ههڙو حسين، مهجبين طلبگار آهي، جيڪو ڏسي سو بي اختيار ٿئي. شهزادي به حسين طرحدار آهي، اگر هيءَ تصوير ڏسندي ته انڪار نه ڪندي؛ ڇاڪاڻ ته هي شهزادو ان کان به  وڌ مهجبين آهي.“

 ائين چئي، آرام جان وٽ آئي. آرام جان ملڪھ کي ڏسي، ڊوڙي اچي پيرين پيئي. ماءُ ڳراٽي پائي، هنج ۾ ويهاري پيار ڪيس. چيائينس ته ”تون پنهنجي ڪيفيت بيان ڪر، جو سڄو مهينو گذري ويو ته اَن پاڻي حرام هو، طعام بي نام هو، اسان وٽ گهر گهر ماتام هو- خدا خدا ڪري آرام ٿيو.“ آرام جان عرض ڪيو ته ”اما جان، صحن چمن جي ڪٽهڙي ۾، گلن جي نظاري ۾، هڪ سَرو جي سائي ۾، گلن جي گلچينيءَ ۾ مشغول هيس ته اوچتو ڪا شيءِ سرايت ڪري بدن ۾ داخل ٿي، پوءِ ٻي ڪا خبر نه آهي. مگر اڄ دل کي تمام فرحت ۽ مسرت حاصل آهي، طبيعت کي صحت ڪامل آهي.“ ملڪه دائيءَکي اشارو ڪيو. آرام جان جون جيڏيون سرتيون ڊوڙي آيون، هڪ ٻين سان اشارا ڪيائون. ايتري ۾ دائي آرام جان کي جهوليءَ ۾ ويهاري، تمام پيار ڪري، عرض ڪيو ته .حضور، خداوند تعاليٰ جي فضل ڪرم سان هاڻ صاحب شعور آهين – قصور معاف ٿئي! اوهان جي والده صاحبه فرمائي ٿي ته جان من حياتي ناپائدار آهي، اُن تي ڪهڙو اعتبار آهي- انسان بي اختيار آهي. هينئر اسانجي پيري، گهر ۾ ڌيءَ جوان، اهو بدناميءَ جو سامان آهي، خوف جو نشان آهي. چوڻءَ ۾ آهي ته رکيل مُڱ کي سگهو سُرو لڳي، جلد ڪِينئرو ٿي پوي.  گهڻيءَ مدت کان تنهنجي نسبت جو خيال ۽ مرتبت جو ملال، دل تي ڪمال هو، ته ڪنهن نونهال خوش خصال، حسين دلبند سان، پيوند موافقت ۽ عقد مواصلت جو ڪري، دل جو ارمان ڪڍجي. هن وقت خدا تعاليٰ جي فضل سان هڪ شهزادو، راحت جان نالي، حسن صورت ۽ شڪل شباهت ۾ شايانِ شان، غيرت حُور، رشڪِ غلمان- پَري اُن سان ذري نه لڳي- تنهنجو خواستگار آهي؛ بلڪه عاشق زار آهي- ان جي رخسار گلعذار کان گلزار کي سدا بهارآهي، ان جي خذمگار جي بدولت تون هن بلا کان رستگار آهين: تون زهرو آهين ته هو مشتري آهي، هو سَرو آهي ته تون قمري آهين، ان جو احسان لاهڻ آسان ڪين آهي، مگر اسان سڀني کي ان جو شڪريو ڪرڻ ضرور آهي. اجها هيءَ تصوير ان جي حاضر حضور آهي، ڇا اِهو رشتو اوهان کي منظور آهي؟“

آرام جان ويچاري، درد جي ماري ته اصل کان انهيءَخنجر آبروءَ جي گهايل، ان جي سوز جي ستايل هئي،  جنهن ڪري طبيعت اصل اوڏانهن مائل هيس. تصوير ڏسي، دل داغ واري، باغ باغ ٿيس، روشن دماغ ٿيس- جذبي محبت ۽ شوق جي ڪشش کي، ڏاڍيءَ ڪوشش سان جهلي، دل کي پلي ۽ سنڀالي، مٿينءَ دل سان رنائين، اکين ۾ خوشيءَ جو پاڻي آڻي، چيائين ته ”زور ۽ جبر اڳيان انسان لاچار آهي- خدائي شان آهي، جنهن تان جان قربان آهي، احسان جو عيوض احسان گهرجي، نه ڪي جيئرو جاڳندو انسان گهرجي! ظاهر آهي اهو ڪم شان شاهيءَ کان ٻاهر آهي. انعام ڏيئي، اڪرام ڪريو، زر جاگير ڏيئي، مرتبو وڌايو. اجايو پنهنجي وات سان ميان مِٺو چئي، شهزادي کي نه پڏايو، ۽ نڪي مون کي آسمان تي اُڏايو.“ تڏهن دائيءَ چيو ته ”واه، مائي واه! شاباش اٿيئي! وڏي قدردان آهين. بس، حضور، ان جو اِهو عوض منطور آهي، اِهو جملو بي دستور آهي. هتي ڪيئي عامل عزيمت خوان حڪيم ڪامل  بيدخوان، مٿا ڏيئي، ويچارا بيجان ٿي، ڌڙ ڦٿڪندي ۽ سر وڻن ۾لٽڪجندي ڏسي، ملڪ ئي ڇڏي، اسان کي ويتر ڏکن ۾ گڏي، پَٽ اد بار جي ۾ نگهو سار ٿي ويا- نه ڪنهن جو زور هليو نه حيلو، هر ڪو پنهنجو اجورو جهليو، دل پليو، ويو هليو، اڄ مس مس ڪري هن شهزادي جي پيرن جي اڏامندڙ خاڪ جي بدولت توکي صحت ۽ اسان مڙني کي مُسرت ڪامل حاصل ٿي آهي، جو تنهنجي ديدار کان هر ڪو مثل گل جي ٽڙيل، منهن کُليل آهي.واه واه، چڱو انصاف ڪيو اٿيئي! قسم آهي، اهڙو به ڪو ماڻهو هٺ ڌرم، ۽ احسان فراموش ٿئي ڇا!“ آرام جان ٻڌي هوش ۾ ائي، کڻي ماٺ ڪائين ۽ ڪنڌ هيٺ ڪيائين، ڪي ڪين ڪڇيائين. هڪ جيڏين ۽ سرتين چيوته ”پري ٿيو، مايون چريون ته ڪين ٿيون آهيو! اهو به ڪو انصاف آهي ڇا؟ هاڻي معاف ڪريو، ڇانو ۾ ويٺي ويٺي اڇا مٿا ٿيا اٿوَ! ڪنوار جي واتان اقرار ڪرائڻ، بار بار تڪرار ڪرڻ، ۽ ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ مان ڇا حاصل آهي؟ اهو به ڪو عقل آهي! ماءُ پيءُ جي جدائيءَ ته ڪنهن ناقابل کي به پسند ڪين آهي، ۽ عقلمند ته ضرور انهن جي حڪم جو پائبندآهي. تقدير جي تحرير کان انسان بي  تدبير ۽ لاچار آهي، ان ۾ اختيار جو تڪرار بيڪار آهي.“ اها گفتار ٻڌي، مڙني بس ڪئي. آرام جان شرم کان بيوس ٿي، اُٿي، ٻئي طرف هلي ويئي. دائيءَنذرانو پيش ڪيو، ساري محل ۾ مبارڪ سلامت جي صدا پئجي ويئي، خواجه سرا خوشيءَکان کلندو، ڊوڙندو ڪچهريءَ ۾ آيو، ۽ بادشاهه کي منظوريءَ جي خوشخبري ڏنائين. چوڌاري مبارڪباديءَ جي صدا بلند ٿي، ساري شهر ۾ خبر عام مشهور ٿي، نوبتون خوشيءَ شادماني جون وڳيون، ڪئين مجلسون جشن جون لڳيون، درٻاري، هفت هزاري، شهري توڻي بازاري، خوشين ۽ تماشن ۾ محو ٿيا. اندر توڻي ٻاهر اُن ڏينهن جي بيان لکڻ کان قلم قاصر آهي. بادشاهه وزيرن اميرن کي خلعتون پهرايون، ۽ اڳيون پوشاڪون لهرايون. جان نثار کي خلعت فاخره بازر قاصره مرحمت فرمايائين، ۽ انجام شاديءَ جو ٻڌي، رخصت ڪيائين. جان نثار فتح ۽ نصرت  سان پوئتي پير موٽايو. ديو زاد کيس کڻي آڻي راحت جان جي خذمت ۾ رسايو. والله اعلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org