سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :10

غزل

آفت جان اهو احوال، پر ملال، آرام جان جو ڏسي، زبان حال ۽ ڀريل دل سان هي غزل پڙهيو:

غزل –

آرامجان اهو آواز سوز گداز جو ٻڌي، هيڪاري وهلور ٿي،  هيڏي هوڏي نهاريائين، ڪجهه به نه ڏٺائين. آواز ڏنائين، ”اي خوشنوا! اهو ڪهڙو سوز گداز آهي، جنهن کان روح پرواز آهي! توکي قسم بينياز جو آهي، جلد ڪر، ظاهر ٿي، هن بيتاب کي شاد ناب ڪر!“ آفت جان وڌيڪ ترسڻ ۽ آرام جان کي تڪليف ڏيڻ مناسب نه ڄاتو، يڪدم وڻ تان هيٺ لهي، زمين تي ليٽي، اصل شڪل ۾ ظاهرٿي، آرام جان کي ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لاتائين.  ٻيئي ڄڻيون زار زار روئڻ لڳيون. جڏهن دل جو بخار روئڻ جي رستي هلڪو ٿيو، تڏهن ٻيئي گڏجي محل ۾ آيون، هڪ ٻئي کي وڇڙڻ ۽ بند ٿيڻ جو احوال ڏنائون. آفتجان آرام جان کي دلداري ڏيئي  چيو ته ”ڪو به فڪر نه آهي، ڪريم ڪارساز آهي، ان جي درٻار ۾ نياز سان عاجزي ڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نه آهي. اُو بينيازُ پنهنجي رحم سان وڇڙيا مُحب ملائيندو، دک مٽيندو!“

الغرض، هي ٻيئي ڄڻيون،  هڪ ٻئي جي دلداري ڪنديون، اُتي دم گذارڻ لڳيون. هوڏانهن ويچارو وزير زادو جان نثار، پيرين پيادو، افتادو، وڳر کان وڇڙيل، مصيبتن جو ماريل، آرام جان کي به وڃائي جهنگل ۾ بلڪل پريشان حال، پُرملال رلندو، ڳوليندو، اچي ڪنهن بيابان ۾ نڪتو، سج جي تپش کان رنجور، بدن چڪناچور، خشڪيءَ کان وهلور، تڪليفن جو سامان، وڇوڙي جو ارمان- جيڏانهن نهار تيڏانهن  تتل واري، چوطرف چوڌاري- پنڌ ڪندو هلندو رهيو. پريان هڪ سفيد گنبذ سربفلڪ ۽ زمين پيوند نظر آيس. اُميد ۽ آسري منهن پسايس- اوڏانهن هليو، ۽ قريب شام جي اچي پهتو. ڏسي ته هڪ سفيد گنبذ آهي، جنهن کي ڪو به در دروازو ناهي. چوڌاري چڱيءَ طور جاچيائين، آخر قريب شام جي انهيءَ گنبذ جي ديوار تي هڪ نقش نگار ڏٺائين، ٻيو ڪو به آثار نمودار نه ٿيو. لاچار ساري رات اُتي رهيو، ۽ ڌڻي تعاليٰ جي درٻار ۾ التجا ڪيائين ته ”اي سٻاجها سائين! مون کي هنن مشڪلاتن، ڏکن ڏولاون تمام تنگ ڪيو آهي، جن جي سهڻ جي طاقت ناهي. آءُ بندو، گنهگار  گندو آهيان، تو ستر پوش ستار، مالڪ مهربان آهين، پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان هن ڳجهه کي ظاهر ڪر، ۽ هن راز کان مون کي ماهر ڪر!“ سڄي رات، مناجات بدرگاه، قاضي الحاجات ڪندو رهيو. قريب فجر جي اک لڳي ويس، ننڊ ۾ هڪ مرد بزرگ ڏٺائين. سلام ڪيائين. مرد بزرگ فرمايو ته ”اي بندا خدا جا، تو کي ڇا منطور آهي؟“ جان نثار عرض ڪيو ته ”اي راهنما رهبر،  اگر منهنجي مدد ضروري آهي، ته عرض بيدستور آهي.“ پير مرد مشڪي فرمايو ”هن گنبذجي ڀت تي جا تصوير آهي، سا فجر کان پوءِ گم ٿي ويندي. تون فجر کان اڳ اُٿي، اُن تصوير جي سامهون ڏائيءَ  اکجي تاري تي ٿورو زور ڏيندين ته دروازو ٿي پوندو. اندر جيڪي ڏسندين، تنهن مان تنهنجو مقصد بر ايندو.“ ائين چئي، پير بزرگ غائب ٿي ويو. جان نثارڇرڪ ڀري اٿيو. ڏٺائين ته فجر ٿيڻ کان آهي. يڪدم اٿي گنبذ جي ويجهو آيو. پير مرد جي چوڻ موجب تصوير جي اک تي آڱر رکي، زور ڏنائين، ته گڙگڙاهٽ جو آواز ٿيو، دروازو کليو، جان نثار انر داخل ٿيو، ڏٺائين ته وچ گنبذ ۾ هڪ حوض ننڍو، صاف شفاف پاڻيءَ جو آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍو چمن آهي. هٿ منهن ڌوتائين،نفل دوگانه شڪر جو بجا آندائين. ڪجهه ميوا کائي، پاڻي پي، تازو توانو ٿيو. گنبذ اندر چوڌاري، مثل آسمان جي نقش نگاري ڏسڻ ۾ آيس. ٻارهن برج، ٻارهن خانا، ست ستارن جا- مثل سچ چنڊ ستارن جي، پوري گردش جي مڪمل، ڪنهن عامل اڪمل جا جوڙيل. جان نثار اڳ ئي ان فن ۾ ماهر هو. يڪدم خانا ڳولي، زائچو کولي، اول حساب شهزادي راحت جان جو دريافت ڪيائين. واه واه، عجب راز کليو! هي ڏَسُ مليو ته راحت جان کي هڪ ديوڻي ننڊ مان کڻي ويئي آهي، جنهن جي هڪ سڪيلڌي ڌيءِ نوجوان ٿي آهي، ان جي لاءِ وَرَ جي ضرورت آهي: ڳوليندي شهزادو ڏٺائين، پسند آيس، دل خورسند ٿيس، افسوس پڙهي، شهزادي کي بيهوش ڪري، کڻي ويئي. ان جي قيد ۾ بند، دل دردمند آهي. تقدير شامل حال آهي، هڪ ديو جي مدد سان شهزادي کي ڇوٽڪارو ملندو،  وڇوڙو لهندو. وري جان نثار آفت جان ۽ آرام جان جو حساب ڪري، زائچو ڪڍيو. ظاهر ٿيو ته ٻيئي سلامت آهن. هڪ هنڌ گڏ آهن. تقدير جو ڪم آهي ڪو به غم ناهي، عنقريب ملنديون، ڳولڻ سان هٿ اينديون.

اهو احوال ڏسي، جان نثا، ٻيهر شڪرانو بجا آندو. ٻاهر نڪتو، هڪ طرف روانو ٿيو. ٻه ٽي ڏينهن پنڌ ڪندو اچي هڪ سبزه زار ۾ پهتو. هڪ حوض ڏسي ترسيو، پاڻي پيتائين، هٿ منهن ڌوتائين، ڪجهه ميوا کائي آرام ڪيائين. ان سبزه زار، گلزار ۾ هڪ ديو، مهيب صورت عفريت نالي رهندو هو. ان ڏينهن شڪار جي بهاني ڪيڏانهن نڪري ويو هو. جڏهن موٽي آيو، عجب تماشو ڏٺائين. هڪ آدمزاد تلاءَ جي ڪپ تي ستل ڏٺائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته خداوند ابليس، پراڻي خبيث تي اڄ راضي ٿيو آهي، جنهن گهڻي مدت بعد، آمزاد موڪليو آهي. تمام خوش ٿيو ۽ جان نثار ڏانهن وڌيو. وزير زادو ننڊ ۾ هو. ديو جي هلڻ جي آواز سان سجاڳ ٿيو. ڏسي ته مار! هڪ ديو جبل جيڏو اچي رهيو آهي. هشيار ٿي هڪل ڪيائين ته ”خبردار اڳتي قدم نه وڌايو! ترسو، خبر چار ٻڌايو.“ ديو کليو، چيائين، ”اي آدمزاد، اڄ خداوند ابليس، ڏاڍو راضي ٿي مون ڏانهن تو جهڙو چرب لقمو موڪليو آهي، هاڻي آءُ اکيون پوري ۽ وات پٽي ٿو ڇڏيان، منهنجي وات ۾ ٽپو ڏي، تو کي ڪا به تڪليف ڪا نه ڏيندس. نه ڏند لڳائيندس نه ڏاٺ، ائين ئي ڳڙڪائي ويندس.“ جان نثار وري به هڪل ڪري، ديو تي تلوار جو وار ڪيو. ديو کي ٽنگ ۾ ٿورو زخم ٿيو، جنهن کان ڇرڪ ڀري، هٿ وڌائي جان نثارکي قابو ڪيائين ۽ کڻي پنهنجي آستاني تي آندائين. ۽ چيائين ته ”تون اڃا ضعيف آهين، ڪجهه کاءُ پيءُ ٿلهو متارو ٿيءُ، ته پوءِ تو ۾ وڌيڪ لذت ٿيندي.“ ائين چئي تلوار وغيره کانئس کسي، پرزا پرزا ڪري، چيائين ته ”توکي جيڪي گهرجي سو  سڀئي موجود آهي، کاءُ پيءُ، هتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندين، ته يڪدم کائي ڇڏيندو سانءِ.“ ائين چئي، آندل شڪار ڪچوئي ڪچو کائي، سمهي پيو. جان نثار ويچارو، مصيبتن جو ماريو، هي حال ڏسي ڏڪي ويو. سمجهيائين ته هتي شايد موت کڻي آيو آهي، ڇٽڻ جي واه ناهي، جهنگ مان ڪجهه ڪاٺيون آڻي، چمڪ  پهڻ سان باهه ٻاري، هڪ ٽڪر گوشت جو پچائي کاڌائين. پاڻي پي هڪ درخت جي ڇانوَ ۾ ويهي ويچار ڪرڻ لڳو ته هن موذيءَ کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي؟ سوچيندي، ڪجهه تدبير سُجهي آيس، قسمت ڀڙايس. ٽن ڏينهن بعد ديو ننڊ مان سجاڳ ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، جان نثار کي ننڊ ۾ سُتل ڏٺائين، اطمينان ٿيس ۽ حوض تي آيو هٿ منهن ڌوتائين، وري جان نثار کي جاڳايائين، پڇيائين ته ”اي آدمزاد! خوراڪ تنهنجي ڪهڙي آهي؟ ٻڌاءِ ته حاضر ڪريان.“ وزير زادي ٻڌايس ته ”انسان جي خوراڪ اٽو، ميدو، گيهه کنڊ، لوڻ مرچ، قند، بصر، ڀاڄي گجر، بند گوبي، گلقند آهي.“ ديو جان نثارجو مڪرفند سمجهي نه سگهيو، چيائين ته ”اي آمزاد، تنهنجي طلب جي تڪرار کان منهنجي مت لاچار آهي.“ ائين چئي، وٺي اُڏاڻو. هڪ طرف زمين تي انسانن جو اجتماع ڏٺائين: ڪو قافلو هو جو واپار سان هيڏانهن هوڏانهن، ملڪ بملڪ هلندو هو،  ۽ ان وقت هڪ سبزه زار گلزار ڏسي، منزل انداز ٿيو هو. اڃا سامان نه لاٿو هئائون. ڪَٿ ڪَٿان پئي ڪيائون ته اوچتو مٿان آفت ايندي ڏٺائون. ويچارا وائڙا ٿي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪي ڇُپي ويا. ديو عفريت مٿان لامارو ڏيئي ٻه چار اُٺ سيدي سامان جا کڻي، جان نثار اڳيان آندا. ۽ چيائين ته ”اي آدمزاد نامراد، ڏس ته هي تنهنجي هم جنس کان کڻي آيو آهيان. تنهنجي طبيعت موجب بحال آهي، ڪين اڃا به ٻيو خيال آهي؟، وزير زادي مال ڏٺو، خوشحال ٿيو. عفريت کيآاکيائين ته ”سڀ ڪجهه موجود آه، دل خوشنود آهي. اچ توکي به اهو طعام لذت ڀريو کارائيندس.“ ائين چئي، هڪ وڏي کڏ کوٽيائين، جنهن ۾ ٻه چار ٻوريون ميدي جون ڇنڊيائين، گهه اوتيائين، ۽ کنڊ وڌائين. ديو کان هيءُ ڪم ورتائين، جو هڪ وڏي پٿر جي ڇِپ آڻي. ڪاٺيون، ڇيڻاان تي ڍڳ ڪري ٻاريائين. جڏهن ڪم تيار ٿيو، وزيرزادو برسرِ ڪار ٿيو، ڳوهت کي لتن سان ڳوٿائين، جهاڳوري ٺاهيائين: تتل ڇپ تي وڏا وڏا چاڻا ڪري، ماني پچايائين. ديو حيرت سان ڏسندو، چپ چٽيندو رهيو، جڏهن ڪم تيار ٿيو، تڏهن ديو جي اڳيان آڻي رکيائين. ديو هٿ وڌو، کاڄ کاڌو. تمام  خوش ٿيو، نچيو، ٽپيو، جان نثار تي تمام راضي ٿيو. چيائين ته ”اي آدمزاد! تنهنجي طعام ۾ ڏاڍو سواد آهي! هاڻي آئون توکي تمام خوش رکندس، جيڪي تو کي گهربو، سو موجود ڪري ڏيندس. مگر تون مون کان ڀڄندين ته سزا لهندين.“ ائين چئي، ديو شڪار جي ڳولا ۾ اڏاڻو، گهمندي ڦرندي، هڪ هنڌ ماڻهن جوميڙ ڏٺائين. لهي پيو. اتفاق جي ڳالهه آهي، ڪا شادي هئي، تنهن جي سرانجاميءَ لاءِ سڀ سامان تيار هو. ديو لٿو، ماڻهن جو ڏٺو سو ڊپ کان ڪو ڪيڏانهن، ڪو ڪيڏانهن ڀڳو- هل هُليو ته ”ڀڄو ڀائي، ڪا آفت آئي!“ ڊڪ ڊوڙ پيئي سوڙهه سنگهوڙ ٿي، جنهن ۾ ڪو ٿڙيو ڪو ٿاٻڙيو، ڪنهن جي ٽنگ ٽٽي، ڪنهن جي ٻانهن، ڪنهن جو ڀڳو مٿو، ته ڪنهن جو رهجي ويو کٿو، ڪو ڪريو،  ڪو ڊٺو. شاديءَ مان ويچارن لاءِ بيدادي بنجي پيئي. سيڌو سامان، مرچ مصالحا سڀ موجود هئا، فقط طعام تيار ڪرڻ جي دير هئي. ديو اهو رنگ ۽ ڍنگ ڏسي، ڄاتو، اڳتي  پير پاتو. سڀ سامان  کنيائين ۽ آڻي جان نثار وٽ لاٿائين. سلام ڪيائين. وري هي چيائين ته ”اي آدمزاد! تو جيڪي چاهيو ٿي، سو شايد هٿ آيو آهي. ڏس، ٿيءُ خوش، هاڻي ڪا ڪار ڪر، جلد طعام تيار ڪر، کائي وش ٿيان. پوءِ جيئن چَوين تيئن ڪريان.“ جان نثار حڪم مڃيو: ڪاٺيون آندائين، چرون کوٽيائين، ديڳيون چاڙهيائين، طعام تيار ڪيائين، گلم فرش وڇائي. ان تي ديڳيون ليٽائي، ديوکي سڏ ڪيائين ته هاڻي طعام  تمام ڪر، هوش ڌر، ديو کاڌو، ڏسي، چپ چٽيندو اچي ڪِريو: کاڌو کاڌائين، ڪنڌ ڌوڻيائين. ڪلها لوڏيائين ۽ جان نثار کي ڪلهي تي چاڙهي، نچيو، ٽپو زوردار راضي ٿيو. سلام ڪيائينس، پڇيائينس ته .اي آدمزاد! آئون تو کي بلڪل اداس، نراس ٿو ڏسان، ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“ وزير زادي ديو کي بلڪل راضي ڏسي، راحت جان جي گم ٿيڻ ۽ پنهنجي ڏکن ڏاکڙن سهڻ جو قصو سڻايو. ديو اهو احوال ٻڌي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڳچ مدت گذرڻ بعد، ڪنڌ مٿي کڻي، وزير زادي ڏي نهاريائين، پڇيائين ته ”اي آدمزاد! تنهنجي انهيءَ ساٿيءَ جو ڇا نالو آهي“ وزير زادي بيڌڙڪ، بي کٽڪ، شهزادي جو نالو ٻڌايس، ديو نالو ٻڌي، خبردار ٿيو. نالو دل سان لڳل  ڄاتائين ۽ وزيرزادي کي چيائين ته ”اي مُحسن! منهنجي هڪ ڀيڻ ڏيهَن جي ڏيڻ آهي، ڪوه قاف ۾ رهندي آهي. ان کي هڪ ڌيءُ، سهڻي شڪل، من موهڻي مورت آهي. سونهن ۾ سرس، حسن  بي ترس اَٿس. هينئر ان جوشباب مثل ماهتاب آهي. آءُ اُتي پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ ويندو آهيان، ۽ هفتو رهندو آهيان. هن دفعي منهنجو اُتي وڃڻ ٿيو، ڀيڻ سان ملڻ ٿيو. ڀاڻيجي نه ڏٺم، پڇا ڪيم. هن ڏيڻ ڏند شيڪي چيو ته خبردار، جي وري ان جو پڇيو اٿيئي!، ان جي ڪاوڙ ڏسي، ڏڪي ويس ۽ وري  پڇڻ جو خيال لاهي ڇڏيم، دل ۾ چيم ته ڪجهه دال ۾ ڪارو ته آهي. هڪ ڏينهن گهمندي ڦرندي، هڪ طرف وڃي نڪتس: هڪ باغ  شاداب ڏسڻ ۾ آيم، دل سير ڪرڻ لا ڀڙڪايم، اڳتي وڌيس، ديوار تائين رسيس، دروازو ڏسڻ ۾ نه آيم، ڳولا ڪيم نه لڌم،لاچار هڪ وڻ هيٺ ويهي آرام ورتم، اندر پنهنجي ڀاڻيجيءَجو آواز ٻڌم، ڏاڍي سوز گداز سان ڪي اشعار ڳائي رهي هئي. بار بار راحت جان، راحت جان، جو اکر زبان تي هوس، جو چٽو ٻڌم، فڪر ٿيم ته الاجي بيمار آهي، يا ڪنهن درد کان لاچار آهي، يا ڪنهن ماهروءَ جي عشق ۾ گرفتار آهي، جنهن کان دلفگار آهي. دل ۾ چيم ته اڏامي، ڀت ٽپي وڃي ڏسان، دل کي تسلي ڏيان،. ايتري ۾ هوءَ ڏيڻ، حرامزادي ڀيڻ اچي نڪتي- هڪل ڪيائين، ڏند کڙڪايائين. ڏڪي ويس، ڀڄي پري ٿيس. چوڻ لڳي، خبدار، هن طرف رخ ڪيو اٿئي، ڪچومر ڪڍي ڇڏينديسانءِ“. مون کي هراس ورتو، احوال کان نراس ٿي، آس لاٿيم، ساڻس گڏجي جا تي آيس. ڪيئي دفعا خيال ٿيم، ڪوشش ڪيم، ليڪن همت جواب ڏنم. هفتو پورو ٿيو، مون موڪلايو. پنهنجي آستاني تي آيس. وقت گذري ويو، اهو خيال لهي ويو. اڄ تنهنجي زباني ٻڌم، اُها ڳالهه ياد آيم. منهنجي ڀاڻيجي، جنهن جو نالو زرنگار آهي، سونهن جي سردار، آفت روزگار آهي. هوءَ متان جوانيءَ جي جوش ۾، ڪنهن جي عشق ۾ مدهوش، دلفگار، چشم اشڪبار آهي، متان سندس زبان تي راحت جان جو نالو بي اختيار آشڪار آهي، يا ان معشوق گلفام کي پيارجي سبب انهيءَ نالي سان بي تڪرار يادگار آهي.“

جان نثار اهو اذڪار، عفريت کان ٻڌي، سرهو ٿيو. چيائين ته ”اي شاهه، اگر تنهنجو وس هلي، ته اهو راز کلي، مطلوب جو پتو ملي. بندو لاچار قسمت جي اختيار آهي.“ ديو جواب ڏنو ته ”منهنجو مقدور نه آهي، سمجهه کان دور آهي. فقط ايترو ضرور آهي ته توکي ڪنهن رنگ، ڍنگ سان اُتي پهچائيندس.“ وزيرزادو اها خوش خبر ٻڌي، بي اختيار هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ديو وزيرزادي کي ڪلهن تي چاڙهي، آسمان تي اڏاڻو، اک ڇنڀ ۾ منزل مقصود تي پهتو، جان نثار کي لاهي هڪ وڻ هيٺ ويهاريائين، لڪايائين، ڇپايائين، ۽ پاڻ سڌو ڀيڻ جي آستاني تي آيو. ڀيڻ کي غمناڪ، گريبان چاڪ ڏٺائين،  ڀاڪر پائي، احوال پڇيائين. هُن ڏيڻ روئي حال بيان ڪيو. هي احوال ڪيو ته ”اي برادر جاني، زرنگار جي ڏٺيم جواني، سونهن ۾ لاثاني، وڱَرَ جي ڳولا ڪيم: پرستان ۾ ڪو پريزادو يا ڪو شهزادو سندس لائق ڪو نه لڌم، پردي دنيا جي تي پُريس، اوڏاهين لڙيس. ڳوليندي هڪ محلات، شب برات وانگر سينگاريل ڏٺيم، اندر داخل ٿيس. رات هئي، ليڪن شب برات- پلنگ تي مشتري ۽ زهري جي وچ ۾ هڪ ماه ڏٺم، پسند پيم، افسون پڙهي، دم ڪري، پورو ڪم ڪري، اُن کي بيهوش بنائي، اُتان اُڏائي، هتي آيس. آڻي زرنگار اڳيان رکيم. زرنگار جو ڏٺو، سو عشق جو تير ڇٽو ؛ طبيعت مائل ٿيس، هڪ ئي گهور گهائل ڪيس- صبر ڪيائين، ڪي ڪين ڪڇيائين. آءُ خوش ٿيس ته جوڙو سجوڙو ٿيو، منهنجو ڪم پورو ٿيو. گهڙيءَ کان پوءِ، شهزادو سجاڳ ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين،  آواز ڏنائين، زرنگار سندس خدمت ۾ حاضر ٿي. اُن ڏٺو، نظر ڦيرائي پڇيو ته آءٌ ڪٿي آهيان! ڪنهن بدبخت، دل سخت بيگاني، مون کي پنهنجي محبوب يگاني کان وڇوڙي هتي آندو آهي؟“ زرنگار عرض ڪيو ته ”اي سرتاج، هي تخت و تاج حاضر آهي، ۽ هيءَ ٻانهي، ديواني، اوهان جي محبت ۾ مستاني چاڪريءَ ۽ خذمتگاريءَ لاءِ حاضر آهي. شهزادو ٻڌي، گهڻو رنج ٿيو، هڪ دلخراش آه ڪيائين، زرنگار کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ ڪو به توجهه ڪو نه ڪيائين. زرنگار شهزادي جي عشق ۾ معمور، دل چڪناچور، ورهه کان وهلور، خواب خوراڪ ڇٽي ويو، حُسن جو جلوو مِٽي ويو. دل پر درد، لبن تي آه سرد، ديوانن وانگر نه رات جو آرام، نه ڏينهن جو طعام- ٻنهي کي انهيءَ باغ ۾ بند رکيو اٿم، جنهن کان تو کي ٿي روڪيم. اهو ملال دل تي آهي، جنهن کان هي حال آهي، ٻيو ڪو وبال ناهي. منجهي پيئي آهيان ته هاڻ ڇا ڪريان؟ اهڙو ڪو وسيلو ٿئي، جو حيلو ڪري ته ڪم راس ٿئي، پوري  آس ٿئي.“ عفريت اهو مذڪور ٻڌي، هن طور چيو ته ”اي ڀيڻ، مون هڪ آدمزاد آندو آهي، ڏاڍو هوشيار خوش گفتار آهي- چالاڪ، بيباڪ، هرفن ۾ طاق، شُهرءِ آفاق آهي. اگر ان جي مدد درڪار ٿئي ته ڪم تيار ٿئي- تنهنجي مرضيءَ تي منحصر آهي، قصو مختصر آهي.“ ديوڻي ٻڌي مسرور ٿي، چيائين ته ”اي برادر، اڃا پيو دل ۾ ڳالهه رکين، جهٽ ڪر، دير نه ڪر! زرنگار به ته تنهنجو اولاد آهي. ان آدمزاد، بامراد کي آڻ، اگر منهنجي دل شاد ڪيائين، ته آءُ به سندس مراد پوري ڪرڻ ۾ قصور نه ڪنديس.“  عفريت انهيءَ دم جان نثار وٽ آيو، سلام ڪيائين، ۽ سموريءَ حقيقت کان واقف ڪيائين. چيائين ته ”هاڻ جلد ڪر!“ جان نثار هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ديو  سان گڏجي اُن ديوڻيءَ وٽ آيو، جا ڏسي تمام خوش... هٿ ٻڌائين، پير چميائين، خوشامد ڪيائين، ۽ احوال ٻڌايائين، وزير زادي چيو ته ”اي ملڪھ، مون کي ڏيکار، ڏسڻ تي مدار آهي! جي سمجهيم سماچار ته ڪندس وس ويچار، نه ته بندو آهي بيوس لاچار، هاڻي اهي تنهنجي اختيار.“ ديوڻي هڪدم ”حاضر!“ چئي، جان نثار کي ساڻ وٺي، باغ ۾ آئي. شهزادو پري کان ڏيکاريائينس. جان نثار شهزادي کي ڏٺو، دل ۾ خوش ٿيو. باري تعاليٰ جو شڪر ڪيائين، ۽ ديوڻيءَ کي چيائين ته ”شهزادي ۽ زرنگار کي جدا جدا ڪر، ته آءٌ ٻنهي تي ڌار ڌار منتر پڙهندس، تنهنجو مطلب پورو ڪندس.“ ديو زاديءَ حرامزاديءَ، منتر پڙهيو،  واچوڙو وريو- ٻنهي جي وچ ۾ ديوار ظاهر ٿي ۽ هوءَ وزير زادي کي اُتي ڇڏي، ٻاهرٿي جان نثار اڳتي وڌيو، شهزادي کي ويجهو اچي سلام ڪيائين. شهزادي ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو، جان نثار کي بيٺل ڏٺائين- اُٿيو، ڀاڪر پائي مليو، هڪٻئي کي حال ڏنائون، ۽ اورڻ اوريائون. وزير زادي هٿ ٻڌي، عرض ڪيو ته ”اي شهريار، عالي وقار، هتان ڇٽڻ جي  فقط هڪ تدبير آهي، حڪم هجي ته  ظاهر ڪجي.“ شهزادي فرمايو ته ”اي وزير، باتدبير، پنهنجي تقرير اظهار ڪر، مون کي فقط محبوبن جي وڇڙڻ جو غم آهي، منهنجو ٻئي ڪنهن سان ڪم ناهي.“ جان نثار عرض ڪيو ته ”حضور، هيءَ ديوزادي وڏي حرامزادي آهي. اُن جي ڌيءُ اوهان جي رخ اَنور تي دل ۽ جان سان مفتون آهي، جنهن کان پريشان حال، مجنون آهي. جيتوڻيڪ آرام جان ۽ آفت جان جو مٽ نه آهي، پر تڏهن به سونهن ۾ گهٽ نه آهي. ان کان سواءِ، عشق جي اُساٽ، برهه جي برسات اهڙو حال بنايو اٿس، جو ڏسڻ سان دل جهلڻ مشڪل آهي. انهيءَ ڪري هوءَ بيقصور آهي- اها ڳالهه مروت کان دور آهي، جو ان جي دلبري نه ڪجي، ۽ ان کان ڀڄڻ جو گهاٽ گهڙجي. منهنجي ناقص عقل ۾ ڇوٽڪاري جو سبب به هيئن آهي، جو زرنگار جي دستگيري ڪجي، ته هن جي به قسمت کلي، ۽ عشق جي واديءَ ۾ اوهان جو هُل هُلي، ۽ ڇوٽڪارو به ملي.“ راحت جان وزيرزادي جو بيان ٻڌو، بادل ناخواسته منطور ڪيو. وزير زادو خوش ٿيو ۽ ان دم ٻاهرآيو. ديوڻيءَ کي خوشخبري ٻڌايائين، ۽ چائين ته ”جلد شاديءَ جي تياري ڪريو، دير مدار نه ڪريو.“ ديوڻيءَ جان نثار کان گفتگو خوشگوار ٻڌي، گهڻو خوش ٿي، وزيرزادي جا ٿورا مڃيائين، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي گهرائي، چيائين ته ”هي آدمزاد جيڪو تو آندو آهي، تنهن ڪو اهڙو منتر پڙهيو، جو بگڙيل ڪم جڙيو، هاڻي جلد تياري ڪجي، دير مدار نه ڪجي.“ ائين چئي، شاديءَ جي تياري ڪيائون. شام تائين سڀ ڪجهه تيار ٿي ويو. گهوٽ ڪنوار کي عمدو لباس پهرايائون، خوشبوءِ عطر مکيائون. جان نثارشهزادي جو نڪاح پڙهيو. ٻنهي گهوٽ ڪنوار کي ساڳئي خلاصي محل ۾ اندائون. ٻيئي عاشق معشوق اڪيلا ٿيا. راحت جان پنهنجي دلدارن کان دور، ۽ وڇڙيلن جي ياد ۾ مهجور، انهن جي  محبت ۾ مدهوش، بي سرت، بيهوش هو. لبن تي آه سرد، دل بردرد، غمگين، بيچين، پاسا ورائيندو رهيو. زرنگار پنهنجي دلدار جي اها  حالت ڏسي، بيقرار ٿي، معشوقانو ماڻهو ڇڏي، بيحجاب ٿي، شهزادي جي نزديڪ ٿي. هٿ ٻڌي، عرض ڪيائين ته ”اي جان من، قربان تو تان جان ۽ تن! ڇا سبب آهي، جنهن کان هيءَ بيقراري، آه زاري آهي؟ خدا جي واسطي هن ڪنيز کان حال نه لڪايو، منهنجو ساهه نه سڪايو. آءٌ هر  طرح تابعدار، فرمانبردار، حاضر آهيان. منهنجو انتظار دور ڪريو، دل مسرور ڪريو.“ شهزادي زرنگار کي پنهنجو سمورو قصو سڻايو، ۽ فرمايو ته .اي زرنگار، آئون پنهنجي محبوبن کان وڇڙيل، ۽ انهن جي ياد ۾ بيتاب آهيان. انهن کان سواءِ هيءَ زندگي بيڪار آهي، ۽ جيئڻ کان بيزار آهيان.“ زرنگار شهزادي کان اها  خبر، وحشت اثر ٻڌي، ڏاڍي دلگير ٿي، تدبير سوچيائين، شهزادي کي دلاسو ڏنائين، ۽ چيائين ته ”جيتوڻيڪ منهنجي ماءُ تمام دل سخت ۽ بي مروت آهي، ان کي منهنجي جدائي هرگز منظور نه آهي. مگر آءٌ ان جو بندوبست ڪنديس، تو کي خورسند ڏسنديس. جڏهن هوءَ اوهان کان پڇي ته اوهان کي ڇا گهرجي، ته پوءِ کانئس انجام اقرار وٺي، پوءِ فقط ٻه شيون گهرجوس: جن مان هڪ اڏامندڙ غاليچو آهي، جنهن جو ڪم هي آهي ته جتي به حڪم  ڪجيس، اُتي سواري پڄائيندو، ٻي شيءِ آهي لٺ، ان جو ڪم هي آهي جو جيڪڏهن اُن سان جاءِ، باغ يا پنهنجي رهڻ لاءِ محل، گلزار چمن، باغيچي وغيره جو زمين تي نقش ڪڍي، حڪم ڪجي ته رات وچ ۾ اُهو  تيار. ٻيو لڙائيءَ جي ميدان ۾، وچ ۾ کوڙي ڇڏجي، ته دشمن تي  هر حالت۾ فتح نصيب ٿيندي، ۽ هو خوار خراب ٿي شڪست کائيندو.“ اهڙي دستور هڪ ٻئي سان اقرار ڪيائون، ۽ زرنگار شهزادي سان هلڻ لاءِ تيار ٿي. صبح جو سويل اُٿي غسل ڪيائون، نوان عمداڪپڙا پهريائون. ديوڻي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ ۽ کين ڏسڻ آئي، زرنگار کي ملول خاطر ڏسي، ڌيءُ کان غمگينيءَ جو سبب پڇيائين، ۽ چيائين ته ”اي جان من، گهڻين مصيبتن سهڻ ۽ ڏکن ڏولاون ڪرڻ بعد، تنهنجي لاءِ خوشيءَ جو سامان هٿ آيم، مگر توکي غمگين ڏسي، آءُ بلڪل ناخوش آهيان. ڪهڙو باعث آهي، جو خوشيءَ جي موقع تي تو کي رنج ۽ ملال آهي“ زرنگار شهزاي جو سڄو احوال ڪري ٻڌايس، ۽ چيائينس ته ”جنهن سان منهنجو ناتوهميشھ لاءِ ٿيو آهي، اُهو پنهجي محبوبن ۽ ماءُ پيءُ جي ملڻ لاءِ اُداس ۽ آتو آهي. ان کان اندوهگين ڏسي، مون کي ڪهڙي خوشي حاصل ٿيندي؟ جي تون ماءُ آهين، ۽ مون کي خوش ڏسڻ ٿي چاهين، ته اسان کي موڪل ڏي. شهزادو پنهنجن محبوبن ۽ ماءُ پيءُ سان ملي، غمن جي آفت کان ڇُٽي، ۽ مون کي به ان کي خوش ڏسي، راحت ملي، جي نه، ته هو ۽ ان جي پٺيان آءُ – هتي تنهنجي قيد ۾ بند، دل دردمند رهي، ڳري، مري وينداسين.- تو کي ڇا حاصل ٿيندو!“ ديوڻيءَ اهو احوال ٻڌو، جدائيءَ جو ملال ٿيس. وري ڌيءُ جي خوشنوديءَ جو خيال ڪري، صبر ڪيائين ۽ دل تي جبر ڪري، ڌيءَ کي چيائين ته ”جيتوڻيڪ مون کي تنهنجي جدائي نامنظور آهي، مگر مجبور اِهو سور سهڻو پيو،  توکي خوش رکڻو ٿيو.“ ائين  چئي، شهزادي وٽ آئي. گهڻي آزي نيازي ڪيائين، ۽ ڪيل قصور کان معافي گهريائين، ۽ راحت جان کي رخصت ڏنائين. ۽ چيائين ته ”اي شهزادا! زرنگار هن ندوريءَ جي اکين جو نور آهي، دل جو سرور آهي، ان جي جدائي جيتوڻيڪ منظور نه آهي، مگر ان کي خوش رکڻ ضرور آهي. مون توکي امانَ ۾ ڏني آهي- مون کي فقط اها هڪ سڪيلڌي ڌيءُ آهي، ان جي پرداخت ڪجانءِ، کيس دلداري ڏجانءِ. آءٌ توکي جيڪي گهرين، سو ڏيان.“ راحت جان دلداري ڏيئي، چيس ته ”زرنگار منهنجي گلي جو هار آهي، ان لاءِ ڪنهن به فڪر ڪرڻ جو تو تي بار ناهي. مون کي ڪنهن به شيءِ سان سروڪار نه آهي، فقط محبوبن ۽ ماءُپيءُ جي ملڻ جي درڪار آهي! ان لاءِ گهڻو انتظار آهي، جي تنهنجو اصرار آهي ته مون کي جنهن شيءِ جي گهرج آهي، سا جي تو وٽ موجود نه آهي، ته پوءِ اهڙو سوال ڪرڻ بيسود آهي.“ ديوڻيءَ چيو، ”اي راحت جان! مون کي اوهان کان وڌ ٻي ڪا به شيءِ مٺي نه آهي. اوهان کي منهنجي جان درڪار آهي، ته اُهابه اوهان جي اختيار اهي. مون کي قسم آهي پنهنجي پروردگار جو، اگر منهنجي وس ۾ هوندي ته هڪدم حاضر ڪنديس ۽ هڪ پل ۾ پهچائينديس.“ حضرت سليمان جو قسم کڻي چيائين ته ”اظهار ڪريو. اوهان کي ڇا درڪار آهي؟“ راحت جان ان تي خوش ٿي، غاليچي ۽ لٺ جي گهر ڪئي. ديوڻي ٻڌي، سناٽي ۾ اچي ويئي، ۽ سمجهيائين ته هي فتنو اُن مردار زرنگارجو اُٿاريل آهي. لاچار، بي اختيار ٿي هلي ويئي. ڪجهه دير گذرڻ بعد، گهڻي ئي سوکڙيون سوغاتون آندائين ۽ پڻ لٺ ۽ غاليچو حوالي ڪيائين. چيائين ته ”اي راحت جان هي ٻيئي شيون اسان جي وڏن جو  يادگار آهن، اِهي انهن کي حضرت سليمان کان سندس تابعداري ۽ فرمانبرداريءَ سبب مليون هيون“. پوءِ اُهي راحت جان جي حوالي ڪري، کين رخصت ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org