سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

 

صفحو :15

باب ٻٽيهون

آئندي جي بهتريءَ جو امڪان

”ڪئمفرڊ“ ۾ جولئَن جو ٽيون سال خوشيءَ سان نه گذريو، ڇا لاءِ جو ڪئنيڊيءَ ۽ ڊي وين جي وڃڻ ڪري سندس دوستن جي مجلس ۾ انهن جي خالي ٿيل جاءِ آسانيءَ سان ڀرجي نه سگهي. پر اهو ئي پڇاڙيءَ جو سال هو، جنهن ۾ هو اتي نالو ڪڍي ٿي سگهيو. انعام پٺيان انعام کٽندو ويو. ڪاليج جي امتحانن ۾ هميشه  پهرئين ڪلاس ۾ پئي پاس ٿيو. لئٽن ۽ انگريزي شعر ۾ وڏو تمغو يا ٻلو کٽيائين. رڳو پاڻ ۽ اوئن مٿي پئي آيا. سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه ته هن ”آئرفرڊ“ يونيورسٽيءَ جي اسڪالرشپ به کٽي، جا اڳئين سال اوئن کٽي هئي. مطلب ته انهيءَ سال جي شاگردن مان هو ئي هڪڙو هو، جنهن کي سڀني مان ٿي ڏنو، ۽ جنهن جي سڀني تعريف ٿي ڪئي. اها سڀ ناموري هن جڳائيندي نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ سان ٿي کنئي، ۽ انهيءَ ڪري هو هر دلعزيز هو، ۽ ڪنهن کي به مٿس ريس نٿي ٿي، جيئن ڪ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن وقتن تي ٿيندو آهي. سڀ کان وڌيڪ ضروري ڳالهه هيءَ هئي ته هن پنهنجو گهڻو خيال مذهب جي ڪتابن ڏانهن ڪيو، ۽ الاهي علم مان زياده واقف ٿيڻ لڳو. پوئين ڏينهن ۾ هو انهيءَ ڳالهه ڪري ڏاڍو شڪر گذار ٿي رهيو ته اهو شوق هن کي اهڙي وقت ٿيو، جڏهن هن موچاري چڱي علميت پرائي هئي، ۽ عقل ۽ هوش ڪامل ۽ پڪي بنياد تي بيٺل هوس. هميشه اها خواهش رکندو ايندو هو ته پادرين واري کاتي ۾ ڪا آبروءَ جهڙي جاءِ وٺي نالو ڪڍان؛ تنهنڪري هن اهو فرض ٿي سمجهيو ته ”بائبل“ کي ڏاڍي خيال ۽ غور، چڪاس ۽ ايمانداريءَ سان مطالعو ڪري. انهيءَ ڪم کي هو ننڍڙو ٻار ٿي لڳو. هن جي مدعا هئي ته نسورو سچ يا مغز معلوم ڪريان، ۽ رواجي قديمي خيالن ۽ ڏند ڪٿائن جو به خيال نه ڪريان، انهيءَ لاءِ هن کي ڪيتريون ڳالهيون، جي ننڍي هوندي کان وٺي ٻڌيون ۽ وسهيون هئائين، سي وسارڻيون پيون، معلوم ٿي رهيس ته جيڪڏهن آءٌ ڊپ کان سواءِ اهڙيون جانچون ڪندس ته عام جاهل ماڻهن جو اعتقاد سندس نسبت ۾ خراب ٿيندو، ۽ پوءِ هو دنيا ۾ چڱو پادري يا مذهبي عالم چوڻ ۾ ڪين ايندو؛ پر هن کي خبر هئي ته اهو پاڪ ڌنڌو آهي، ۽ هو سڀاءَ جي ڪري بهادر ۽ بيڊپو ماڻهو هو، تنهنڪري پڪو ارادو ڪيائين ته ڪيئن به ڪري حقيقت يا نج سچ معلوم ڪريان، ۽ ايمانداريءَ سان عقل ۽ سمجهه جي شاهديءَ تي هلان. انهيءَ عمر ۾ انهن ڳالهين ڪري هن جي برخلاف چؤ پچوُ ٿيڻ لڳي – خاص انهن ماڻهن جي واتان، جي علم جي ڪري اڃا ڪچا هئا، پر پوءِ ته ضرور سندس برخلاف وڏا طوفان اٿڻا هئا. هو پنهنجا ڪي به خيال يا رايا جي عام خيالن جي برخلاف هوندا هئا، سي لڪائي نه ڇڏيندو هو، سواءِ انهن جي جن جي نسبت ۾ اهڙو گمان پوندو هوس ته متان انهن مان ڪا ڪپتيائي يا خوف پيدا ٿئي. جيڪي سندس حجت دليل نه سمجهندا هئا، تن جي دل کي ڪنهن به طرح ڏکوئيندو نه هو، اگرچ اهڙن وقتن تي هو لاجواب به ٿي ويندا هئا. هو ڄاڻندو هو ته جيڪو ويساهه هنن ۾ ننڍي هوندي کان ڄمي ويو آهي، سو آسانيءَ سان هنن مان نڪري نٿو سگهي. هئزليٽ جهڙن، اڳي هوڏي پر هاڻ سڌريل خيال وارن ماڻهن سان هو فقط انهن ڳالهين تي بحث ڪندو هو، جن جي نسبت ۾ پڪ هوندي هيس ته هو راءِ ۾ ساڻس شامل ٿيندا؛ يا جي سوالن پڇڻ تي هن کي پنهنجي ڪا ٻي مخالف راءِ ٻڌائڻي ٿيندي هئي، ته ڏاڍي سنڀال ۽ ويچار سان اُها ظاهر ڪندو هو. شوخي ۽ ٺٺولي، هجو ۽ ڪاوڙ سان رڳو اهڙن ماڻهن سان بحث ڪندو هو، جي ڪج بحث، هوڏي، بڪبڪيا ۽ بدزبان هوندا هئا. هو اهڙو شخص نه هو جو ڪنهن بيعقل ۽ زبان دراز ماڻهوءَ جي بڪبڪ کان ڊڄي کڻي ڪنڌ جهڪائي. هڪ دفعي جي پاڪ ڪتاب مان ڪنهن حقيقت تي پورو ويساهه ٿي ويندو هوس ته انهيءَ کي نهايت قيمتي سمجهندو هو، ۽ پوءِ انهيءَ سچ ظاهر ڪرڻ ۾ هر طرح جو زور لڳائيندو هو ۽ ڊڄندو مور نه هو؛ ڇا لاءِ جو ڄاڻندو هو ته سچ ضرور چوڻ کپي، انهيءَ مان ضرور خلق کي فائدو ۽ آزادي حاصل ٿيندي.

هن زماني ۾ اهڙن ماڻهن جي گهڻي گهرج آهي، جي مذهب بابت پوريءَ طرح، ڊپ کان سواءِ، انصاف جي رستي ڪي لکن. جيڪي لکڻ جهڙا آهن، تن کي همت نٿي ٿئي؛ ۽ جن کي همت آهي، تن کي لکڻ جي قابليت ڪانهي. چوڻ ۾ ائين پيو اچي ته اڃا انهيءَ بابت ڪِي لکبو ته رواجي مذهبي اعتقاد وارا چڙي پوندا، ته ائين برابر آهي؛ پر...، الائي ڇو، مطلب جي ڳالهه تان نڪري اچي هنن ڳالهين ۾ پيو آهيان!

سَندَ وٺڻ کان اڳ ۾ جولئَن جو وقت اهڙي عزت آبروءَ سان گذريو، جهڙي آئندي جي اُميد تمام چڱي ٿي معلوم ٿي. هو پهرئين ڪلاس ۾ پاس ٿيو، ۽ اوئن جيتريون ئي مارڪون مليس – خاص قديم ٻولين ۾.... ليلسٽن به پنهنجو نالو ڪڍيو هو، ۽ ٽنهي صلاح ڪئي ته فيلو ٿيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪن. پوري عرصي گذرڻ کانپوءِ، هو ٽيئي فيلو ٿيا.

انهيءَ وچ ۾ هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهن ڪئنيڊيءَ جا ارادا ڦيرائي ڇڏيا. وايوليٽ سان جيڪا پوئين گفتگو ڪئي هئائين، تنهن کان پوءِ هن پنهنجي آئندي بابت پئي ويچار ڪيو ۽ ڏانهس پئي لکيائين. آخر اهو ٺهراءُ ڪيائين ته موٽي ”ڪئمفرڊ“ ۾ اچي، ۽ آئندي جو ڌنڌو به چونڊي اختيار ڪري. انهيءَ ۾ البت مونجهارو ٿيس. پادري ٿيڻ جو ته اصل ارادو ڪو نه هوس، ۽ هاڻ ته اصل پاڻ کي انهيءَ عهدي جو لائق نٿي سمجهائين. قاعدو به پسند نه هوس، جو انهيءَ ۾ گهڻو وقت ٿي لڳو، ۽ شهر ۾ ڪوٺين منجهه بند رهڻو ٿي ٿيو - ۽ سندس دل سمنڊ ۽ کليل ملڪ ڏانهن گهڻي مائل هئي. لشڪر ۾ جنگ جي وقت کان سواءِ داخل ٿيڻ نٿي گهريائين؛ جن جنگي عملدارن جو واقف هو، سي سندس دل وٽان نه هئا. مطلب ته هن جي دل مزن ماڻڻ ۽ سست رهڻ تي ٿي ٿي، ۽ تنهنڪري اهڙي ڌنڌي کي ويجهو ٿي ويو، جنهن مان اهي ڳالهيون پيدا ٿين. پر في الحال انهيءَ بابت فيصلي ڪرڻ جو ضرور به ڪو نه هو. في الحال ته رٿ ڪيائين ته ڪاليج ۾ پڙهي سَند وٺي، پوءِ فيلو ٿئي؛ مگر آخر طبابت جو ڪم نظر ۾ هوس، جو ڄاتائين ته اهو زياده ڪمائتو آهي، ۽ شايد انهيءَ ۾ فتحياب به ٿيندو. بيماري انسان جو دشمن هئي، تنهن جو علاج ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ خلق کي ڪمائتو ٿيڻ هن کي زياده پسند آيو. وايوليٽ به انهيءَ راءِ ۾ هن سان شامل ٿي. ٻنهي في الحال ارادو ڪيو ته پهرين هو بي اي پاس ڪري سَنَد وٺي، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ.

پر انهيءَ وقت ڌاري هندستان جي سول سروس جو کاتو کلي پيو، ۽ جوان انگريز انهيءَ پاسي لڙڻ لڳا. اهو هڪڙو چڱو آبروءَ ۽ فائدي وارو ڌنڌو نڪري پيو، جنهن مان اڀرندي ۾ انگريزي شهنشاهت کي گهڻي مدد ٿي ملي. تنهنڪري، امتحان جي نتيجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، ڪئنيڊي، پنهنجي ۽ جولئَن جي ڪٽنب جي اجازت سان، انهيءَ نوڪريءَ جو وڃي اميدوار ٿيو. البت انهيءَ ۾ گهڻن ڏينهن جي جدائيءَ جو درد هو، مگر سڀني ڏٺو ته هن جي انهيءَ پاسي ڏاڍي خواهش هئي - ۽ هن جي خواهش، وايوليٽ جي خواهش هئي.

انهيءَ طرح ڪئنيڊي سول سروس جي امتحان ۾ وڃي سڀني اميدوارن کان مٿي آيو، ۽ حڪم مليس ته هڪدم انگلنڊ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيءُ. سال جي اندر جولئَن به فيلو چونڊيو ويو، ۽ ”ايلسٽان“ جي جاءِ آڇي وئيس، جنهن جي لاءِ سال ۾ ٻه سئو پائونڊ ملڻا هئا. جيڪي جهونا فيلو هئا، تن سڀني اها جاءِ قبول نه ڪئي، تنهنڪري اُها جولئَن جي پلئه اچي پيئي، ۽ انهيءَ ڪري سندس سڀ دوست حيران ٿي ويا. بنا دير جي هن اُها کڻي قبول ڪئي، ۽ ”ڪئمفرڊ“ ڇڏي هليو ويو. مسٽر ائڊمر چوڻ لڳس ته ”آءٌ حيران آهيان ته تون اهڙو ديوانو ڪيئن ٿو ٿين، جو ههڙيءَ ننڍيءَ وهيءَ ۾ ”ايلسٽان“ جهڙيءَ گمنام جاءِ جي پادريءَ جي عهدي تي وڃي، جيئري ئي پاڻ کي دفن ڪري ٿو ڇڏين؟“ هن چيو ته ”ايلسٽان“ ڏاڍي مزي جهڙي جاءِ آهي. قبول ڪرڻ کان اڳي آءٌ اها جاءِ وڃي ڏسي آيو هوس. ڏاڍو مزي جهڙو ڳوٺ آهي، ۽ منجهس مزي جهڙيون سايون پوکون آهن. رهڻ جو گهر به ڏاڍو سهڻو آهي، ۽ اُتي جا ماڻهو به چڱا آهن. جنهن جي جاءِ تي آءٌ ٿو وڃان، سو به ڏاڍو نيڪ ماڻهو هو. هزار کن ماڻهو اتي رهن ٿا، جن جي چڱي سنڀال ۽ خذمت چاڪري ڪري سگهبي.“ مسٽر ائڊمر چيو ته ”برابر، اها مون کي به خبر آهي؛ پر هڪ دفعي جي تون اتي وئين ته پوءِ تنهنجو ڪير وري نالو ٻڌندو؟“ جولئَن چيو ته ”تڏهن اوهان جي مرضي ڇا آهي ته ڇا ڪريان؟“ مسٽر ائڊمر چيو ته ”هتي رهي پؤ. ڪو يوناني ناٽڪ، يا ڪو ٻيو اهڙو ڪتاب لک. يونيورسٽيءَ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ چونڊ ۾ اميدوار ٿيءُ. ڪوشش ڪندين ته ”بشپ“ يا ڪو ٻيو وڏو پادري ٿي ويندين – انهيءَ جي آءٌ تو کي اڳواٽ خاطري ڏيئي ٿو سگهان. يا ڪنهن لنڊن جي ديول ۾ وڃ. جهڙا وعظ تون ڪندو آهين، اهڙن سان سارو لنڊن جلد اچي تو وٽ گڏ ٿيندو؛ پوءِ جيئن تنهنجي علميت زياده ٿيندي ويندي، تيئن پڪ آهي ته نصيب چڱو ٿيندءَ ۽ پيدائش به زياده ٿينديئه.“

انهيءَ ڳالهه مان نااميدي ۽ شڪ معلوم ٿي ٿيو، تنهنڪري جولئَن کي البت ارمان ٿيو. چوڻ لڳو ته ”اهڙن خيالن جي مون کي پرواهه ڪانهي. آءٌ رواجي واعظ ٿيڻ نٿو گهران. نوڪري مون تي تعلق نٿي رهي، پر اتفاقي سببن تي منحصر ٿي رهي. في الحال منهنجو مطلب آهي ته آءٌ ڪنهن طرح خوش ۽ ڪمائتو ٿيان. آءٌ فتحياب ٿيان يا نه ٿيان، سا ڳالهه، جهڙو حقيقت ڪري آهيان، تنهن کان مون کي ڦيرائي ٻيو نه ڪري سگهندي.“ هن چيو ته ”تڏهن ٻيو نه ڪرين، من ڪو ڪتاب لکين، جنهن ڪري ماڻهو تو کي ياد پيا ڪن!“ جولئَن چيو ته ”مون کي انهيءَ جي به خواهش ڪانهي. دنيا ۾ اڳي ئي بيشمار ڪتاب آهن ۽ مون کي ڪا ٻي خاص ڳالهه ٻڌائڻي ڪانهي. تنهن کان سواءِ، ڪتاب لکندڙ کي بيعقل ماڻهن جون ٺٺوليون ۽ هجون سهڻيون ٿيون ٿين، جنهن ڪري هو پاڻ خفي ۾ ٿو رهي ۽ سندس نالو به بد ٿو ٿئي. نه، في الحال آءٌ ماٺ ڪري آرام ۾ گذاريندس.“ هن چيو ته .جي تو کي ڪا به طمع ڪانهي، ته تڏهن دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو ڪم ڪندين؟“ جولئَن چيو ته ”ائين نه ڄاڻ ته آءٌ ڪو بي طمع يا خفقاني ماڻهو آهيان. منهنجي ڏاڍي خوشي آهي ته آءٌ اهڙيءَ طرح گذاريان جو ايندڙ پيڙهيءَ کي هاڻي کان زياده سچائيءَ ۽ ڏاهپ لاءِ تيار ڪري سگهان. جي منهنجي قسمت اهڙي ٿي جو ايلسٽان کان ٻاهر ڪمائتو ٿي نه سگهيس ته حرڪت ڪانهي، آءٌ انهيءَ ۾ خوش ۽ راضي پيو رهندس.“ مسٽر ائڊمر پڇيو ته ”پنهنجو فرصت جو وقت تڏهن ڪهڙيءَ مشغوليءَ ۾ گذاريندين؟“ هن چيو ته ”انهيءَ جو فڪر نه ڪريو. پنهنجي ڌنڌي مان ئي مون کي گهڻو ڪم مشغول رهڻ لاءِ ملندو. تنهن کان سواءِ، تعليم جي معنى ڪهڙي ٿي، جي ڪو ماڻهو نڪمو رهي سگهي؟ مون کي ڪنهن به ننڍڙي شهر جي مسافر خاني ۾ يا ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي گاڏيءَ لاءِ 3 ڪلاڪ ترسڻ ڏيو، پوءِ ڏسو ته آءٌ ڪهڙو نه خوش ٿو گذاريان – ميلن تائين ڪو ڪتاب نه لڀندو هوندو، ته به حرڪت ڪانهي.“ هن چيو ته ”جي تنهنجي ايلسٽان ڏانهن ڀڄي وڃڻ جي اهڙي مرضي آهي ته ڀلي وڃ. ايترو سو ڪجئين ته پنهنجن ”ڪئمفرڊ“ جي دوستن کي ياد پيو ڪجئين. هڪ سال تائين فيلو ٿي ته ضرور گذاريندين نه؟“ جولئَن چيو ته ”نه، منهنجي مرضي آهي ته جلد پرڻبس. پوءِ اوهين اچي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اسان جو محبت ڀريو گذران ڏسجو!“ مسٽر ائڊمر ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”هاڻي مون کي حقيقت معلوم ٿي!“ جولئَن کلي چيو ته ”ٿڌو ساهه ڇو ٿا کڻو؟ مون تي افسوس نه ڪريو، بلڪ مون کي مبارڪ ڏيو. منهنجا سڀ حياتيءَ جا ڏک ڏوجهرا ۽ فڪر ڳڻتيون، منهنجي زال مٺيون ڪري ڇڏيندي. اڪيلائيءَ ۾ گهر کان سواءِ پنهنجي جواني وڃائڻ جي بدران، آءٌ ڏاڍو خوش ۽ آسودو گذاريندس. اوهان جي خيال موجب شايد حياتيءَ مان ڪا به محبت ۽ خوشي حاصل ٿيڻي ناهي.“

انهيءَ طرح جولئَن ايلسٽان جي جاءِ قبول ڪئي، ۽ لليسٽن هن کي لنڊن تائين پهچائڻ ويو؛ ۽ جڏهن هن کي اتي جلد پنهنجي ڪنوار به آڻڻي هئي، تنهنڪري ضروري سامان وٺڻ ۾ مدد ڪرڻ جو به ارادو ڪيائين. لليسٽن پڇيس ته ”سچ پچ سالياني ٻن سون پائونڊن جي تنخواهه تي تون شادي ڪرڻ گهرين ٿو ڇا؟“ جولئَن چيو ته ”مون کي ٻيو ڪي وڌيڪ پنهنجو به آهي. تو کي ياد ناهي ته مسٽر ڪارڊن پنهنجو مال مون کي ورثي ۾ ڏنو هو؟ پر جي کڻي وڌيڪ مون وٽ نه به هجي، ته به هڪ سئو پائونڊ سالياني تي به جيڪر آءٌ ضرور شادي ڪريان، بشرطيڪ منهنجيءَ زال جي به اهڙي مرضي هجي.“ هن چيو ته ”جيڪر ضرور پوءِ پڇتائين.“ هن چيو ته ”هرگز نه. جي آءٌ اهڙو ماڻهو هجان جو عمدي پوشاڪ ۽ ٺاهه ٺوهه، خوشبويون ۽ ٻيون عيش عشرت جون شيون ضروري ڄاڻندو هجي، ته پوءِ بيشڪ اهڙو خيال ڪرڻ بيعقلي آهي؛ پر جي ڪو ماڻهو بهادر ۽ همت ڀريو هوندو ۽ خلق جي راءِ کان ڊڄندو نه هوندو، سو ڀلي شادي ڪري؛ دير ڪرڻ سان، پنهنجي حياتي ڪڙي ۽ پنهنجي محبت سرد ٿيڻ نه ڏئي.“ هن چيو ته ”سو ته چڱو، پر ٻار جيڪي پيدا ٿيندا تن جو ڪو خيال ڪرين ٿو يا نه؟“ جولئَن چيو ته ”توڪل تي ڏاها ماڻهو کلندا هوندا، مگر منهنجيءَ سمجهه ۾ آهي ته خدا تعالى ڪو به روح دنيا ۾ نٿو آڻي سواءِ پهرين انهيءَ جي روزيءَ جي بندوبست ڪرڻ جي؛ البت ايترو ضرور آهي ته ايمانداري ۽ محبت سان پورا اُپاءَ وٺجن. مون کي يقين آهي ته جي ماڻهوءَ جو اعتقاد سچو هوندو، دل مضبوط هونديس، ۽ رواجي عقل هوش چڱو هوندس، ته انهيءَ کي پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته سندس ٻار ٻچا بک ڪين مرندا. وڏن وڏن ڪٽنبن وارا پادري ٻهراڙيءَ جي شهرن ۾ ڪهڙا نه خوش پيا گذارين! تنهن کان سواءِ، اڪثر ٻار حياتيءَ ۾ فتحياب ٿين ٿا، ۽ پيءُ جي جائداد وڌائين ۽ سڌارين ٿا. مون کي ذري جو به شڪ ڪونهي ته جيڪي آءٌ ڪريان ٿو سو چڱو ٿو ڪريان. مگر، هيو، منهنجي رڳي خواهش اها آهي ته تون به مون وانگي ڪرين!“ لليسٽن چيو ته شايد ڪنهن ڏينهن آءٌ به ائين ڪريان.“ هن چيو ته شاديءَ مهل منهنجو آهنُر ته ٿيندين يا نه؟“ هن چيو ته ”خوشيءَ سان، من انهيءَ بهاني تي مس ڪئنيڊيءَ جو منهن وري ڏسان!“ جولئَن پڇيس ته ”تو کي خبر آهي يا نه، ته انهيءَ ساڳئي ڏينهن ڪئنيڊي به وايوليٽ سان پرڻجڻو آهي؟“ هن چيو ته ”ائين ڇا؟ هو ڏاڍو ڪو نصيب وارو ٿو ڏسجي! باقي آءٌ سو پنهنجي فيلوشپ ڇڏي ٿو ڏيان، ۽ ”لليسٽن ڪورٽ“ ۾، پاڻ کي ڪمائتو ٿو ڪريان. اها شادي ڪڏهن ٿيڻي آهي؟“ هن چيو ته ”اهي ٻئي شاديون ايندڙ جون مهيني ۾، سمنڊ جي ڪناري واري شهر آرٽن ۾ ٿيڻيون آهن. انهيءَ شهر جهڙو سهڻو ۽ وڻندڙ ٻيو ڪو دنيا ۾ نه هوندو.“

انهيءَ طرح، جڏهن اهو وقت آيو، تڏهن جولئَن پنهنجا ٽپڙ ٻڌا، ۽ پنهنجا ڪتاب ۽ جيڪي شيون انعام ۾ مليون هيس، سي سڀ ٻڌي، يارن دوستن کان موڪلائي. ”ڪئمفرڊ“ مان روانو ٿيو. جيئن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ مهل دل ۾ هڪڙي قسم جو جوش پيدا ٿيندو آهي تيئن ڪاليج ڇڏڻ مهل به ٿيندو آهي: سو جڏهن ريل گاڏي ايلسٽان ڏانهن رواني ٿي، تڏهن جولئَن جي اکين ۾ پاڻي نڪري آيو. البت هن کي سبب هو ته ”ڪئمفرڊ“ ڏانهن ارمان ۽ پيار سان نهاري. هن اتي ڏاڍو چڱو ۽ خوش گذاريو هو. ”خيراتي شاگرد“ ٿي ڪاليج ۾ گهڙيو، ۽ ”فيلو“ ٿي نڪتو! سندس صبر ۽ تحمل، همت ۽ ڏاهپ – سڀ وڌي ويا هئا. ڪيترائي حياتيءَ جا سبق سکيو هو. نوان دوست ڪيا هئائين، پر اڳوڻا وڃائي ڪين ڇڏيا هئائين. سڀني ماڻهن کي عزت آبرو ڏيڻ ۽ سچ کان نه ڊڄڻ سکيو هو. هن جي دل هن جي اختيار ۾ هئي، ۽ هڪڙي چڱي هٿيار وانگي هئي، جنهن کي هو ڪنهن به ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو – خيال ڪرڻ ۾، يا ڪنهن نئينءَ شي ڳولي ڪڍڻ ۾، يا ويچار ۽ غور ۽ آزمودي ڪرڻ ۾ هو هينئر اڳي کان ڏاهو، چڱو ۽ بهادر هو، ۽ روشنائيءَ کي ويجهو هو. مطلب ته هو همدردي ۽ محبت سکيو هو، جي دنيا جي حياتيءَ لاءِ وڏيون شيون آهن، ۽ ايمانداريءَ ۽ نماڻائيءَ جي ڪري هو جهڙو انسانذات کي فائدي پهچائڻ جي خواهش رکندو هو، تهڙو خدا تعالى جي جلال ۽ تعريف جو شوق رکندو هو. انهن مان گهڻا سبق هو ڪاليج جي چڱيءَ صحبت، ۽ ڪتابن پڙهڻ ۽ ٻين ڳالهين جي اثر ڪري سکيو هو. مطلب حقيقت ڏانهن ظاهرداريءَ کان وڌيڪ مائل هو، ۽ بقا وارين شين ڏانهن فاني ۽ بي بقا شين کان زياده لاڙو رکندو هو. مرڻ گهڻيءَ تائين ”سينٽ ورنر“ جي نالي مان جولئن کي دنيائي ڪمن ۾ شرافت، عزت ۽ همت حاصل ٿيندي هئي. انهيءَ ڏانهن هو پاڻ تي اهڙي طرح ڪي خاص فرض ضروري سمجهندو هو، جهڙيءَ طرح ڪو جوان ڪنهن قديم خاندان جي نالي ناموس جي قائم رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جنهن جي اولاد مان پاڻ به هجي ۽ جنهن جي عزت کيس ورثي ۾ ملي هجي.

جولئَن جي شاديءَ کان اڳي جيڪي ٿورا مهينا گذريا سي هن پنهنجيءَ ڪنوار جي لاءِ جاءِ تيار ڪرڻ ۾ لڳايا. سڀ مناسب ۽ ضروري شيون هن اتي آڻي گڏ ڪيون هيون، ۽ سچو پچو گهر بڻائي ڇڏيائين. گهڙڻ سان سڀ ڪنهن کي معلوم ٿي سگهيو ٿي ته انهيءَ جو مالڪ اتي ڏاڍيءَ فرحت ۽ محبت سان پنهنجي حياتيءَ جو وقت گذارڻ وارو هو. هن جي دل آرام ۽ صبر واري هئي؛ ڦير گهير جي شائق ۽ بي آرامي ٿيندڙ نه هئي. جهڙو حال هوس، تنهن تي راضي ۽ قانع رهڻ وارو هو. هميشه ڪوشش ڪري ٻين سان ڀلائي ڪندو هو. پوکن جي ساوڪ ۽ فصلن جي ڦير گهير مان هو خوشي حاصل ڪري، پنهنجيون ضروري گهرجون پليندو هو. جڏهن سارو ڏينهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۽ ڀونگين ۾ گهمي، بيمارن جي بسترن جي ويجهو خدا جو پاڪ ڪلام پڙهي، ٻاراڻن اسڪولن جي ٻارن جون ٻوليون ٻڌي، ۽ ڪم ڪندڙن پورهيتن سان ساهيءَ جي وقت ڳالهيون ڪري بس ڪندو هو، تڏهن اڪيلو آرام سان ميدانن تي يا پنهنجي باغيچي ۾ هوا کائيندو هو ۽ پسار ڪندو هو، ۽ دل ۾ ڄاڻندو ته آءٌ بلڪل خوش ۽ راضي ٿو گذاريان.

 

باب ٽيٽيهون

موڪلاڻي

نيٺ سمنڊ ڪناري واري شهر ”آرٽن“ جي ديول ۾ خوشيءَ جا گهنڊ وڄڻ لڳا، جنهن جي ٻڌندي سڀ ڪنهن جي دل ۾ خوشي پئي پيدا ٿي. ساري شهر ۾ خوشيءَ جو جوش پکڙي پيو هو. مسٽر ڪئنيڊي انهيءَ ديهه جو زميندار هو، ۽ هارين نارين جي هن سان ڏاڍي محبت هئي. هن جي پٽ ۽ ڌيءَ جي ساڳئي ڏينهن شادي ٿيڻي هئي. اهڙو خوشيءَ جو ڏينهن ذري ذري ڪين ايندو آهي. شام جو مانيءَ جي عام مجلس ۽ خوشيءَ جو ناچ ٿيڻو هو. ايوا ۽ ايڊورڊ کي سڀ ڳوٺاڻا سڃاڻندا هئا ۽ پيار ڪندا هئا.

سڀ ماڻهو اچي گهر جي صفي ۾ توڙي ڳوٺ جي مهمانسرا ۾ گڏ ٿيا هئا. ٻنهي ڪٽنبن جا عزيز خويش ۽ دوست اچي مهمان ٿيا هئا، ۽ سڀني جي پوريءَ طرح مهمان نوازي پئي ٿي. اهڙو ڏينهن ”آرٽن“ اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو. ايترا گهوڙا ۽ ايتريون گاڏيون اچي گڏ ٿيون هيون، جو طبيلا پورا نه پئي ٿيا. ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج وارا به گهڻا دعوت تي آيا هئا. لليسٽن ۽ وِلي، جو ڪئنيڊيءَ جو يتيم سؤٽ هو، تن ٻنهي، ماڻهن کي گڏ ڪري، قطارون ٻڌرائي، ٻيٽ تي پئي گهمايو. اتان موٽي اچڻ تي شاديءَ جو ٺهرايل وقت به اچي پهتو. تڏهن لليسٽن اوئن کي چوڻ لڳو ته ”ڊي وين هتي هجي ها ته ڪهڙو نه چڱو!“ اوئن چيو ته ”هو فلارينس ۾ آهي نه؟“ ائين ڪندي، هڪڙي وڏي شاهي گاڏي ڏاڍي تجمل سان مهمانسرا ۾ گهڙي آئي. هڪڙو جوان ماڻهو انهيءَ مان لهي پيو، ۽ هڪڙي ليڊيءَ کي لاهي سراءِ ۾ گهڙي ويو. سَٽن ڊوڙ پائي نڪري اچي چيو ته ”ضرور اهو ڊي وين هوندو!“ اهو جوان ماڻهو سگهو ئي سراءِ مان نڪري، مسٽر هوم يا مسٽر ڪئنيڊيءَ جي پڇا ڪندو، صفي ۾ لنگهي آيو، جتي هو ويٺا هئا. اهي ٻئي هن کي ڏسي حيرت ۾ چوڻ لڳا ته ”هان، ڊي وين!“ هن خوشيءَ سان ورندي ڏني ته ”هائو، جولئَن. فلارينس مان آئي مون کي ٻه ڏينهن مس ٿيا هئا ته اِلڊائون جي ماڻهن کان تنهنجي شاديءَ جو ٻڌم، ۽ ارادو ڪيم ته پنهنجيءَ ماءُ کي وٺي تو وٽ اڻ سڏيو اچان. ڪئنيڊيءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”تون ڪو ٻيو خيال دل ۾ متان ڪرين. نااميدي ۾ ارمان ڪرڻ بيهودو آهي. ڪئنيڊي، منهنجي وايوليٽ سان سچي پچي محبت آهي، پر ڀيڻ وانگي. شاديءَ کان پوءِ جي آءٌ هن کي ڀاءُ ٿي چمي ڏيان ته تون دل ۾ متان ڪرين. ڪنهن ڏينهن خود تو کي به منهنجي نسبت ۾ اهڙو دستوري خوشيءَ جو فرض ادا ڪرڻو ٿيندو.“

ڪئنيڊيءَ ڏاڍي پيار سان سندس هٿ لوڏي چيو ته ”تنهنجي اچڻ جي ڪري آءٌ نهايت خوش ٿيو آهيان. آءٌ هڪدم وڃي وايوليٽ کي اها ڳالهه ٻڌايان ٿو، متان تو کي نه ڏسي سندس دل پريشان ۽ بي آرام ٿئي.“ هن کلي چيو ته ”چڱو؛ ۽ هي به ٻڌائجئينس ته فلارينس جي هڪڙي ڪارين اکين، ڪارن وارن ۽ مٺي آواز واريءَ ڇوڪريءَ انجام ڪيو آهي ته ورهيه جي اندر پنهنجو وطن ڇڏي ”اٿرهال“ ۾ اچي رهندي – انهيءَ جي شاهدي امان به ڏيندي؛ انهيءَ ڪري هاڻي وايوليٽ کي پڪ هئڻ گهرجي ته اڳتي اسين دوست ٿي رهي سگهنداسين.“

پوءِ هو کيس مجلس ۾ وٺي ويا، جتي ٻيا هن کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا. سهگو ئي شاديءَ جو وقت اچي پهتو، ۽ ڪنواريون گاڏين ۾ چڙهي ديول ڏانهن روانيون ٿيون ته اوچتو هڪڙو ٻيو به مهمان اچي نڪتو، جنهن جي اچڻ جي ڪنهن کي اميد ڪانه هئي.

اڳي ئي اها رٿ ڪئي ويئي هئي ته سئرل ۽ فرئنڪ شادي ٿيڻ واري ڏينهن صبح جو ”آرٽن“ ۾ اچن، جو بروقت هنن کي ٻين سان گڏ اچڻ جو چڱو بندوبست ٿي نه سگهيو هو. هنن اچڻ ۾ تمام دير ڪئي، تنهنڪري سڀني ڄاتو ته هنن کان ريل گاڏي نڪري ويئي آهي، سو شاديءَ کانپوءِ مس پهچن. پر خبر تڏهن پيئي جڏهن اهي ٻئي هڪڙي گهوڙي گاڏيءَ ۾، ليڊي ونسيئر سان گڏجي، ”آرٽن“ ۾ اچي پهتا.

اهي ڇوڪرا ”الڊائون“ ۾ اڪيلا رهجي ويا هئا، ۽ ٻيا سڀ ”آرٽن“ ڏانهن هليا ويا هئا. سئرل ڏاڍي بهادريءَ سان پنهنجي ڀاءُ فرئنڪ سان صلاح ڪئي ته جڏهن اسان جي ئي سبب ليڊي ونسيئر جولئَن سان ڪاوڙجي هن کي لاوارث ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن ڇو نه پاڻ انهيءَ ٻڍيءَ ليڊيءَ وٽ هلون، ۽ ڏسون ته اسان کي پاڻ وٽ اچڻ ڏئي ٿي يا نه، يا ٺاهه ۾ اچي ٿي يا نه. اهو خيال اوچتو ئي اوچتو سئرل جي مغز ۾ اچي ويو، جو هن کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻو ڪو نه هو. سجهيس ته ليڊي ونسيئر اهڙي بدطبيعت ۽ چيڙاڪ به ڪين هوندي، ضرور سندن پيءُ جهڙي هوندي، سو ضرور ساڻن پرچي ويندي؛ پر جي کڻي نه ئي پرتي، ته وڃڻ ۾ حرڪت ته ڪانه هئي.

انهيءَ طرح هي ڇوڪرا گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي ”لانسٽيڊائبي“ ڏانهن ويا، ۽ در کڙڪائي پڇيائون ته ليڊي ونسيئر گهر آهي يا نه ٻڍي نوڪر اکيون ڦاڙي ڇوڪرن کي ڏسي، حيران ٿي چيو ته ”آهي.“ هنن چيو ته ”تڏهن پڇينس ته مسٽر سئرل ۽ ماسٽر فرئنڪ هوم آيا آهن. انهن کي ڏسڻ گهرين ٿي يا نه. پر بيهه، ٻڌاءِ ته سهي ته مس اسپرانگ به آهي يا نه؟“ هن چيو ته ”نه اها ڪانهي. اها جونس زميندار سان شادي ڪري هتان نڪري ويئي آهي.“ هن چيو ته ”ائين آهي؟ تڏهن ڀلي وڃي اهو پيغام ڏي.“

هو ڏاڍي چڱي وقت تي آيا هئا. ليڊي انهيءَ مهل صفي ۾ ويٺي هئي. هڪڙي غريب يتيم ڇوڪري، جا هُن پاڻ وٽ پرورش لاءِ رکي هئي، سا انهيءَ مهل وٽس ويٺي هئي، ۽ باهه جي پاسي ۾ انهيءَ ويٺي تصويرن جو ڪتاب ڏٺو. جڏهن مِس اسپرانگ ٿي پرڻِي، تڏهن ليڊي ونسيئر هن کي ڏاج چڱو ڏنو، مگر انجام ڪيائين ته کيس وري ڪڏهن به نه ڏسندي. حقيقت ڪري هن جي خوشامد ۽ بدطبيعتيءَ کان ڪڪ ٿي پيئي هئي، ۽ انهيءَ جي معرفت جو هن جي ۽ ڀاڻس جي ڪٽنب جي وچ ۾ نفاق پئجي ويو هو، تنهن ڪري هن تي خفي هئي. جولئَن سان تڪرار ڪرڻ کانپوءِ ليڊي اڪثر پشيمان ٿيندي هئي ته ڇو شوخ ٿي پنهنجن عزيزن کان پاڻ ڌار ٿي، جي ٻڍاپي ۾ کيس ڪم اچي سگهن ها. انهيءَ ڪري جيئن هوءَ عُمر ۾ وڌندي ويئي، تيئن زياده غمگين ٿيندي ويئي، ۽ اڪيلائيءَ جي ڪري اڪثر اُٻاڻڪي رهندي هئي. انهيءَ هوندي به مغرور ۽ بحثڻ اهڙي هئي، جو پنهنجي هٺ ۽ ارادي کان هيٺ نٿي لٿي، ۽ ڪَڏ ڪري پاڻيهي جولئَن تي وري مهربان ٿيڻ نٿي گهريائين.

انهيءَ مهل هن به انهيءَ يتيم ڇوڪريءَ کي ڏسي جولئَن جي اتي رکيل تصوير ڏسي انهيءَ جي ننڍي هوندي جي وهي ياد ڪري ويٺي خيال پچايا، ۽ تڪرار واري اتفاق جي ڪري ارمان ويٺي کاڌائين ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون هيس. ايتري ۾ جيمس نوڪر اچي ٻڌايس ته ”سئرل ۽ فرئنڪ هوم آيا آهن. اندر اچن يا نه؟“ پهريائين ته ڄاتائين ته ڪو خواب ٿي لهي. اکيون ملي هن کان پڇڻ لڳي ته ”جيمس، آءٌ ڇا ٿي ڏسان؟ تون جيمس آهين يا آءٌ ڪو خواب ٿي ڏسان؟“ هن چيو ته ”بيبي صاحب، آءٌ جيمس آهيان“. وري پڇائينس ته ”تون سچ ٿو چوين ته منهنجا ڀائٽيا آيا آهن ۽ ٻاهر بيٺا آهن؟“ هن چيو ته ”هائو، بيبي، سچ پچ بيٺا آهن.“

ليڊيءَ چيو ته ”تڏهن وڌيڪ نه ترسائين، وٺي اچينِ.“ ۽ ڇوڪريءَ کي به چوڻ لڳي ته ”ائني، هاڻ تون به وڃ، وڃي سمهي رهه؛ سمهڻ جو وقت آهي.“ ائني به اٿي ويئي ته ڇوڪرا به اندر لنگهي آيا. ويچارن کي اها ڳڻتي هئي ته الائي ڪهڙي قسم جو آڌر ڀاءُ ملندوسين. پر ليڊي ونسيئر هڪدم ٽپ ڏئي اٿي، ۽ ڏاڍي پيار سان وڃي ڀاڪر پائي ملين. چمي ڏيئي چوڻ لڳي ته ”منهنجا پيارا سئرل، تون ڪهڙو نه ڊگهو ۽ سهڻو ٿي پيو آهين! ۽، فرئنڪي، تون ته ساڳيو جولئَن پيو ڀانئجين، جڏهن هو تو جيڏو هو!“

ڇوڪرا ته پنهنجي پڦيءَ جو آڌر ڀاءُ ڏسي حيران ٿي ويا، جو ڄڻ ته هوءَ اصل ساڻن رُٺُل ئي نه هئي. ماني کارائي، پوءِ چوڻ لڳين ته ”هاڻي، ٻچا، آءٌ ڏسان ٿي ته اوهين مون کي ڏسي حيران ٿي ويا آهيو، جيڪي ٿي گذريو، تنهن کي وساري ڇڏيو؛ اڳتي پاڻ سڀ ٺهي گذارينداسون. هاڻ مون کي جولئَن جو سمورو احوال ٻڌايو.“ پر ڇوڪرن کي معلوم ٿيو ته هن کي جولئَن جي ڪاليج واري احوال جي سندس پاڙيسريءَ، لارڊ ڊي وين کان اڳ ئي خبر پئي هئي، جنهن هن جي امتحانن پاس ڪرڻ ۽ عزت حاصل ڪرڻ جو سمورو احوال ٻڌايو هوس، پر جنهن وقت کان وٺي اهو لارڊ ”اٿرهال“ ڇڏي هليو ويو هو، تنهن وقت کان پوءِ جي احوال جي هن کي خبر ڪا نه هئي – نه هن جي ”فيلو“ ٿيڻ جي خبر هيس، نه سندس ايندڙ شاديءَ جي خبر هيس، ۽ نه نوڪريءَ ملڻ جي خبر هيس. اهو احوال هنن ٻڌايس، ۽ اهو هن ڌيان ڏيئي ويٺي ٻڌو. پوءِ پڇيائين ته ”جولئَن کي اوهان جي هتي اچڻ جي خبر آهي يا نه؟“ سئرل کلي چيو ته ”نه؛ جولئَن کي ته خبر ڪانهي، پر ٻئي به ڪنهن کي انهيءَ جي خبر ڪانهي. پر، پڦي ونسيئر، تون هڪڙي ڀلائي اسان سان ڪندينءَ؟ وايوليٽ جي شادي به جولئَن جي شاديءَ سان گڏ هڪڙي ئي ڏينهن ”آرٽن“ ۾ ٿيڻي آهي: ڇو نه اسان سان گڏجي هلين ته هو تو کي ڏسي حيران ٿين! جي پهرين ويندڙ ريل گاڏيءَ ۾ نڪرندينءَ، ۽ پنهنجي گهوڙي گاڏي پاڻ سان کنيو هلنديءَ، ته لَهڻ شرط چڙهي هلي شاديءَ جي وچ ۾ ويهنداسين. سڀني کي چرچو لڳندو، ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا!“

ٻڍيءَ ليڊيءَ کي اها رٿ ڏاڍي وڻي، جو اهڙي وقت سڀڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول هوندو، ۽ ڪنهن ڏک ڏوراپي ڪڍڻ يا ڏک ڪرڻ جو وجهه ڪو نه ملندو. نيون خوشيون، نيون اميدون ۽ نوان خيال سندس دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳا. هن ڇوڪرن کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، جيسين ڪ ٺهرايل شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو. اها ئي دل جي خواهش هيس ته جولئَن خوش ٿيندو، ۽ انهيءَ ڪري پاڻ خوش ٿيندي. اهڙي خوشيءَ جي وقت لاءِ هوءَ ڪيترن ورهين کان پئي سِڪي.

انهيءَ طرح، سئرل ۽ فرئنڪ، ليڊي ونسيئر سان گڏ گاڏيءَ ۾ چڙهي، ”آرٽن“ جي مهمانسراءِ ۾ اچي سهڙيا. در تي بيهي پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿين ته جولئَن ديول ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، تڏهن گهوڙن کي اڇا سهر ٻڌارائي، ڪاهي ديول ڏانهن هليا. اڃا ڪنواريون اُتي ڪين آيون هيون، ۽ ٻيا سڀئي انهن جي لاءِ منتظر ويٺا هئا. مسٽر ويئر، جنهن کي نڪاح پڙهڻو هو، تنهن پنهنجو جُبو پئي ڍڪيو؛ ۽ جولئَن، ڪئنيڊي، اوئن، لليسٽن ۽ ڊي وين ديول جي پٺيان پئي هيڏانهن هوڏانهن گهميا، ته هي ڇوڪرا پنهنجي پڦيءَ کي وٺي وڃي هنن جي مٿان پيا، جو هو به سڀ سنڀري ديول ۾ گهڙڻ تي هئا.

ڊي وين دانهن ڪري چيو ته ”هان، ليڊي ونسيئر!“ ليڊيءَ چيس ته ”چپ، چپ! جولئَن، اوري آءُ، اچي پنهنجيءَ ڪراڙيءَ پڦيءَ کي چمي ڏي، ۽ پنهنجي شاديءَ جي ڏينهن انهيءَ جي مرحبا ڪر. گذريون ڳالهيون وساري ڇڏ. بابا، تو کي ڏسي آءٌ ڏاڍي خوش ٿي آهيان، ۽ تو تي فخر ٿي ڪريان.“ جولئَن ڊوڙي وڃي پڦيءَ کي گڏيو، ۽ هن کيس چمي ڏني. سندس اکين مان ڳوڙها ڪِري وڃي جولئَن جي ڳل تي پيا. پوءِ چيائينس ته ”بابا، منهنجي اچڻ جو ڪنهن کي متان ٻڌائين، جيسين شادي ٿي رهي. اوجها، گاڏيون ٿيون اچن. مون کي ڪنهن ويجهيءَ جاءِ تي کڻي ڪنڊ ۾ لڪائي ويهار ته آءٌ تنهنجيءَ ڪنوار ۽ وايوليٽ جي گهوٽ کي چتائي ڏسان.“

اڃا هوءَ مس اهڙي جاءِ وٺي ويٺي ته ڪنواريتيون گاڏيون اچي نڪتيون، ۽ پٺيان وايوليٽ ۽ ايوا پنهنجين ساهيڙين سميت، هارن ۽ زيورن ۽ نقابن سان سينگاريل، لنگهي وڃي پادريءَ جي ويجهو پنهنجيون جايون وٺي ويٺيون. ڏاڍيون سهڻيون ٿي لڳيون. سڀئي ڪنواريون سهڻيون لڳنديون آهن، پر هي حد کان وڌيڪ سهڻيون ٿي لڳيون. ائين چوڻ مشڪل هو ته ٻنهي مان ڪهڙي وڌيڪ سهڻي هئي. ٻنهي جو حسن جمال ڏسڻ واري کي موهي ڇڏڻ جهڙو هو. هرهڪ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. اهڙين ڪنوارين جي گهوٽن جي دل ۾ انهيءَ مهل ڪيتري نه خوشي هوندي! دل ۾ چوندا هوندا ته جن سان سندن هيتري محبت آهي ۽ جي سندن گهرن جو سينگار ۽ سندن ٻارن جون مائرون ٿيڻ واريون آهن، تن کي انهيءَ گهڙيءَ پاڻ سان وٺي گهر ويندا. اِها خوشي انهيءَ کي معلوم ٿي سگهندي، جنهن پاڻ اهڙي خوشي ڏٺي هوندي.

سگهو ئي نڪاح پورو ٿيو، ۽ لحظي ۾ چار ڄڻا ڄڻ ته جيئري بهشت ۾ وڃي داخل ٿيا. وايوليٽ جي خوشيءَ ۾، ڊي وين جي حاضر هئڻ ڪري جيڪا ٿوري گهڻي ناخوشي هئي، اُها به لهي ويئي؛ ۽ جڏهن هن سندس هٿ کي چمي ڏني، تڏهن انهيءَ کي ائين چيائين به. ساڳئي وقت ۾ ليڊي ڊي وين به هن کي پيار مان ڀاڪر پائي ملي. ديول مان موٽندي، ڳوٺ جي سڀني ماڻهن ۽ ٻارن رستي تي مٿن گل اڇلايا. ديول جا گهنڊ وڄي ويا. گهوٽ ۽ ڪنواريون پنهنجين گاڏين ۾ چڙهي پنهنجي پنهنجي گهر ڏانهن روانيون ٿيون. ميدان تي هڪڙو تنبو کتل هو، انهيءَ ۾ شاديءَ جي مجلس هئي. تنبوءَ کي گلن سان کڻي سينگاريو هئائون. اُتي جي هوا خوشبودار ٿي پيئي هئي. ميز تي گلدستا، ۽ عمدا طعام ۽ ميوا رکيا هئا. چوڌاري کِل جو ٽهڪو هو، ۽ چرچا گهٻا پئي ٿيا. مسٽر ويئر هڪڙي خوشيءَ جي تقرير ڪئي، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوارين کي چيائين ته ”سچي محبت اُها آهي جا ڏک سان پاڪ ٿي ٿئي؛ پر شل خدا ڪري ته اوهين اُهو ڏک نه ڏسو، ۽ هميشه خوش رهو!“ جولئَن، ڪئنيڊيءَ ۽ ڊي وين به پنهنجي پنهنجي واري تي مناسب جواب ڏنا. نيٺ موڪلائڻ جو وقت آيو. رسم موجب، گاڏيون روانيون ٿيون ۽ پٺيان پراڻيءَ جتيءَ جو پادر اڇلايو ويو. گهوٽ ۽ ڪنواريون ڍنڍن واري ملڪ ڏانهن گشت ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا، ۽ ڳوٺ جا ماڻهو اُتي ميدانن تي نچندا ٽپندا ۽ ڳائيندا رهجي ويا.

شاديءَ کان ڇهه هفتا پوءِ، ڪئنيڊي ۽ وايوليٽ ڪلڪتي ڏانهن روانا ٿيا. ايوا ۽ جولئَن سان پڇاڙيءَ جي موڪلاڻي ڪيائون. بندر تي انهن جدائيءَ جي ڏک کان بيٺي رنو. هنن جي ڏسندي، جهاز لنگر کڻي روانو ٿيو. جڏهن هنن جي نظر کان نڪري ويو، تڏهن هو موٽي گهر آيا. اُتي به ڪيستائين پئي رُنائون ۽ پاڻ ۾ ڳالهايائون. هوڏانهن وايوليٽ ۽ ڪئنيڊيءَ، جهاز جي ڪوٺيءَ ۾ گوڏا کوڙي خدا کان خير جي دعا گهري. ٻنهي جوڙن انهيءَ کان پوءِ هميشه خوش ۽ سک ۾ پئي گذاريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org