سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

 

صفحو :12

باب ڇويهون

هئزليٽ

اسڪالر شپ کان اڳي ٻيو ننڍو وچ وارو امتحان اچي نڪتو، جنهن کي ”لِٽل گو“ چوندا آهن: اُهو پهرين سڀني کي پاس ڪرڻ ضرور آهي. انهيءَ ۾ هلڪا هلڪا ڪم آهن – جيئن ته يوناني انجيل، پاڪ ڪتابن جي تاريخ، ٿورو انگي حساب، ۽ آلجبرا. شاگرد انهيءَ امتحان کي اجايو ۽ وچ ۾ روڪ ڪندڙ سمجهندا آهن، مگر عقل وارا انهيءَ کي ڪمائتو ۽ ضروري ڄاڻندا آهن. سُست ۽ موڳن شاگردن جي لاءِ اهو ”لِٽل گو“ امتحان ڏاڍو خوف وارو آهي. ٻئي سال جي شروع کان وٺي انهيءَ جو خوف هنن جي دل ۾ پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهن ته انهيءَ ۾ هو ناپاس نه ٿين، متان شرمندا ٿين ۽ اڳتي هلڻ کان روڪيا وڃن. انهيءَ چاڙهه تان چاڙهڻ لاءِ خاص ماستر مقرر آهن، جي ضروري ضروري ڪم، مضمون ۽ ڪتابن جا ڀاڱا شاگردن کي ياد ڪرائيندا آهن ته في الحال وقت ٽپائي ڇڏين، ۽ امتحان ۾ نالي طور پاس ٿين – مگر انهيءَ مان ڪابه قابليت يا علميت حاصل نه ٿيندي اٿن.

هئزليٽ کي به انهيءَ ”لٽل گو“ جو ڊپ ٻئي سال جي شروع کان اچي جاڳيو – يعنى ٻئي آڪٽوبر مهيني جي شروعات کان. هن جي ماءُ کي خبر هئي ته امتحان ويجهو پوندو وڃي، ۽ اهڙو شڪ ڪونه هوس ته ممتحن سختي ۽ بدنيتي ڪري سندس صالح ۽ قابل پٽ کي ناپاس ڪري ڇڏيندا، پر هئزليٽ پاڻ ائين نٿي ڄاتو. اهي ڏينهن گذري ويا هئا، جڏهن هن کي قديم بيدين مصنفن جي راين تي چِڙ لڳندي هئي. هينئر امتحان جي ويجهي اچڻ ڪري هن کي اچي ٿڙڪڻي لڳي هئي، جو پوريءَ طرح تيار نه هو. مغروري، ڪم فهمي ۽ بيعقلي هن کي آڏو آيون. انهن چُوڪن ڪري هن پاڻ کي نقصان رسايو، ۽ پُٺتي رهجي ويو. امتحان بلڪل سولو ٿيو، ۽ ممتحن به سخت ڪين هئا، ته به هئزليٽ پاس ڪين ٿيو. ناپاس به ”انجيل“ جي تاريخ ۾ ٿيو، جنهنڪري سڀڪنهن کي حيراني لڳي. اهڙا اونڌا ۽ بيعلقيءَ جهڙا جواب ڏنا هئائين جو سڀني ۾ مشهور ٿي ويا، ۽ سڀئي انهن تي پئي کليا.

ناپاس ٿيڻ ڪري ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. شايد انهيءَ شاگرد محنت ڪئي هوندي ۽ ناپاس ٿيڻ ڪري وري ساڳئي عرصي تائين دوباري محنت ڪرڻي پونديس، ۽ شايد وري به ناپاس ٿي پوي؛ پر جيسين ”لٽل گو“ پاس نه ڪندا، تيسين اڳتي هلڻ مشڪل ٿيندن؛ انهيءَ ڪري شاگرد انهيءَ امتحان کان ڊڄندا آهن. ناپاس ٿيڻ ڪري نهايت گهڻو ڏک ٿو ٿئي، ۽ ڪي ڪي ته اهڙي خبر ٻڌي، ساڻا ۽ ماندا ٿي ويندا آهن.

هئزليٽ جي ناپاس ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ۽ سو به ”بائبل“ جي تاريخ، ۾ سڀني شاگردن ۾ کل پئجي ويئي، جو هن جا خيال کل جهڙا هوندا هئا، مگر اها خبر ڪانه هين ته هن ويچاري جي دل ۾ ڪيترو ڏک ۽ ارمان هو.

انهيءَ وقت هو انهن ڏاڪڻ وارين جاين ۾ رهندو هو، جن ۾ لليسٽن رهندو هو، جو هن جي جاءِ جي هيٺان رهندو هو. اهو هڪڙي ڏينهن هن جي جاءِ مان ڪي آواز ايندا ٻڌي حيران ٿيو. اهڙا آواز هئا، جهڙا ڪنهن درد يا سور واري جانور جا ٿيندا آهن. پوءِ وري ڏاڍيءَ ڊوڙ جو دٻڪو ٿيو، جيئن ڪو پنهنجي رستي تان سامان کڻي اڇلائيندو وڃي. لليسٽن به سماءُ لهڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ تي هو ته هنڌن وڇائڻ واري نوڪرياڻي، سهڪندي، اچي هن جي در جي اڳيان بيٺي، ۽ چوڻ لڳي ته ”مسٽر لليسٽن، ڀلائي ڪري هلي مسٽر هئزليٽ جو ته حال ڏسو، هن کي الائي ڇا ٿيو آهي!“ هن پڇيو ته ”ڇا ٿي پيو اٿس؟“ مائيءَ چيو ته ”هو ”لِٽل گو“ ۾ ناپاس ٿيو آهي، تنهنڪري تمام غمگين ۽ ملول ٿي پيو هو. سو، جڏهن مون وڃي پڇيومانس ته چانهه جو سامان آڻي ڏيانءِ ته پين، ته هو اٿي ڪرسيون اڇلائڻ لڳو!“

لليسٽن هڪدم ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ هن جو ڇهه ٿورو گهٽ ٿيو هو، ۽ لليسٽن کي ڏسي ماٺ ڪري ويهڻ لڳو. ليڪن هن جي خوفناڪ ۽ شور واري صورت ڏسي، لليسٽن کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. ڪپڙا به پورا بت تي نه هئس. هٿ هيڏانهن هوڏانهن پئي چريس. منهن بلڪل زرد هوس. سندس شڪل بلڪل چرين يا مستانن جهڙي هئي. آڀرائي، پڇڻ لڳس ته ”يار هئزليٽ، ٻيو ته خير آهي؟“ هئزليٽ ڏڪي ويو ۽ ڪو ڀڻڪو ڪيائين، جنهن ۾ ڪتي جو نالو ورتائين. شايد ڪاليج مان امتحان جو نتيجو ٻڌي جيئن هو پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ٿي آيو، تيئن هڪڙو وڏو ڪتو اچي ساڻس ٺهڪيو هو – انهيءَ جو خيال انهيءَ مهل دماغ ۾ هوس، جو ديوانگيءَ جي حالت ۾ ٻين خيالن سان گڏجي پيو هو. لليسٽن چوڻ لڳو ته ”ڇا ڪتو؟ يار، ڪتو ته هتي ڪونه آهي!“ هئزليٽ، جو وڃي ڪنڊ ۾ لِڪو هو، سو وڌيڪ سوڙهو ٿيندو، لڪندو ويو. لليسٽن وري به پڇيس ته ”چانهه پيئندين؟“ بيهه ته توکي جوڙي ڏيان. آءُ، اچي مون کي مدد ڪر ته ٺاهي ڏيئين.“

اتي لليسٽن چانهه جو سامان ٺاهڻ ۽ روٽي ڪپڻ لڳو، ۽ هئزليٽ کي ڪيٽليءَ مان پاڻي اوتي وجهڻ لاءِ چيائين. پر هئزليٽ ذري ذري ڊپ مان هن ڏانهن پئي نهاريو، ڄڻ ته ڊنو ٿي ته متان هو ماريس. نيٺ لليسٽن ماٺ ڪري ويهاريس، ۽ هڪڙي چانهه جي پيالي ۽ روٽيءَ جو ٽُڪر ڏنائينس. هن ويهي اهو کاڌو ۽ پيتو؛ رڳو ڪڏهن ڪڏهن ڪتي وانگي اونايائين پئي ۽ لليسٽن ڏانهن پئي نهاريائين. لليسٽن کي هن جي صورت نه وڻي، ڇا لاءِ جو انهيءَ دم هن ڇري کڻي چيو ته ”آءٌ تنهنجون مُڇون وڍي ڇڏيندس!“ لليسٽن سمجهي نه سگهيو ته ڇو اهڙو خيال اچي دل ۾ پيو اٿس – شايد بروس اڳين حرڪت ڪرڻ مهل هن کي ائين ڪيو هو، ۽ سندس منهن کي رنگ لڳايو هئائين، سا ڳالهه هن مهل اچي ياد پيئي هيس. اتي هئزليٽ ڇري کڻي ڪاهي هن تي آيو، ۽ اکين ۾ شور وجهي هن ڏانهن نهارڻ لڳو. اڳيان لليسٽن به هن کي روڪڻ لاءِ تيار ٿيو. ٻه – ٽي ڀيرا جاءِ ۾ ڊوڙي، هن کان گسائي، اوچتو جهٽ ڏيئي هن جي ڪرائيءَ ۾ کڻي هٿ وڌائين. هن کان زور وارو هو، تنهنڪري هن کي سُڪ ڪري جهليائين، ۽ کٻي هٿ سان ڇري هن جي هٿ مان ڇڏائي ورتائين. هئزليٽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گهڻا مٿا هنيا، پر ڀڄي نه سگهيو. لليسٽن زور ڪري هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي هن کي ويهاري ڇڏيو، ۽ چيائينس ته ”هئزليٽ، اهڙي حرڪت نه ڪر، ائين ڪرڻ توکي ڪين ڏينداسين. هاڻ اُٿ، هلي هنڌ تي سمهي رهه.“

هن جي قوت ۽ حشمت ڏسي، هئزليٽ هن جو حڪم مڃڻ لڳو. ٿورو رنائين سهي، مگر پوءِ ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ لليسٽن کيس وٺي سندس جاءِ ۾ ويو، ۽ اتي سندس هنڌ تي سمهاري ڇڏيائينس – سندس پاڪي سا جاءِ مان ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ در بند ڪري، ڊاڪٽر جي علاج موجود ڪرڻ لاءِ ڀڳو. ڊاڪٽر آيو، تنهن ڏسي چيو ته ”هن کي وقتي ديوانگي آهي؛ هن کي فقط آرام ۽ کليل هوا گهرجي، ٻيو علاج ڪونه اٿس.“ ٻيو گهڻو مدامي خوف هن ڪو نه بتايو.

ٻئي ڏينهن صبح جو لليسٽن جولئن کي چيو ته ”ويچاري هئزليٽ جو امتحان ۾ ناپاس ٿيڻ ڪري مٿو ڦري ويو آهي، ۽ دماغ ۾ خلل پئجي ويو اٿس؛ هلي مون کي مدد ڪر ته هن جو ڪو بلو ڪريون.“ جولئن ساڻس گڏجي ويو. هو هئزليٽ جي جاءِ ۾ ويٺا هئا، جيسين ڪ هن کي ناشتو کارايائون. هو البت آرام ۾ ڏسڻ ۾ آيو، تنهنڪري لليسٽن جولئن کي صبح جو پهر اتي ترسڻ لاءِ ڇڏي پاڻ هليو ويو، ۽ ٻنپهرن ۽ شام جو  جو وري اچي هن جي سنڀال ڪرڻ جو ذمو کنيائين. ضروري هو ته ڪو ماڻهو هن جي سنڀال پيو ڪري، تنهنڪري هنن ٻنهي اهو ڪم ورهائي پاڻ تي کنيو. جولئن کي البت وقت وڃڻ جي ڳڻتي رهي، جو اسڪالرشپ جو امتحان تمام ويجهو هوس. سڀڪو ڪلاڪ، سڀڪو منٽ هن جي لاءِ قيمتي هو. ”ڪلار ڪلنڊ“ اسڪالرشپ هٿان وڃائڻ کان پوءِ هن ”سينٽ ورنر“ جي اسڪالرشپ کٽڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. انهيءَ هوندي به، هن پنهنجي هڪڙي دوست جي سنڀال جو فرض پاڻ تي ضروري سمجهيو. اهو صبح وارو سارو وقت هن هئزليٽ کي وندرائڻ ۾ لڳايو. هن جي دماغ مان ڪتي جو ڊپ لٿو ئي نٿي، تنهنڪري ٻين ڳالهين ڪرڻ سان هن جو خيال مٽائڻ ضروري هو، جيئن ڪنهن ٻار کي ٺڳاربو آهي. جڏهن جولئن اهي پنج ڪلاڪ پورا ڪيا، جي صبح پهر جا هن اتي ويهڻا ڪيا، تڏهن  هو ڏاڍو ٿڪجي پيو. چرئي سان گڏ ڪو وقت گذارڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي. جولئن هن کي شطرنج ۽ ٻين راندين ۾ مشغول ڪرڻ لڳو هو؛ مگر هئزليٽ ساريون پوريءَ طرح هلائي نه سگهيو، ۽ ذري ذري اکيون پئي ڦرڙايائين. وري جولئن هن کي نقش ڪڍي وندرائڻ لڳو. هڪڙي شڪل ڪڍي، هن کي چيائين ته ”هئزليٽ، هاڻ ههڙي شڪل مون کي ڪڍي ڏيکار.“ هئزليٽ پينسل کڻي ڪاغذ تي ڪي منڊا ٽنڊا اکر لکيا، جي هن ڳالهايا هئا – يعني ”شڪل مون کي ڪڍي ڏيکار.“ پوءِ جولئن ڄاتو ته هن کي ٻاهر ڪڍي گهمائجي، پر هئزليٽ جي دماغ ۾ اڃا ڪتي جو خيال ويٺل هو، سو ڊپ کان ٻاهر نه نڪتو. نڪي جولئن زور ڪيس، ته متان زياده ديوانگي ظاهر ڪري. انهيءَ وقت ڌاري براگٽن به اچي نڪتو، ۽ ان خواهش ڏيکاري ته هئزليٽ جي سنڀال ڪري. چوڻ لڳو ته ”هوم، تنهنجو وقت ته هينئر قيمتي آهي، منهنجو اهڙو قيمتي ناهي. تو وانگي مون کي في الحال ڪو خاص ڪم ڪرڻو ڪونهي، سو آءٌ هن ويچاري هئزليٽ جي چڱي سنڀال ڪري سگهندس.“ جولئن ورندي ڏني ته ”ائين هرگز نه ٿيندو. جيڪو فرضي ڪم مون خوشيءَ سان پاڻ تي کنيو آهي، سو ڪين ڇڏيندس. تنهن کان سواءِ، هي ڪم توکي گهڻو پسند نه ايندو.“ براگٽن چيو ته ”منهنجو هڪڙو مستانو ڀاءُ هوندو هو، جو مري ويو آهي؛ مون کي خبر آهي ته ڪيئن ههڙي حالت وارن جي سنڀال ڪجي. تنهن کان سواءِ هن کي به ٻين ڪيترن سان گڏ مون نقصان رسايو آهي، سو مون کي هن جي خدمت ڪرڻ جو حق آهي.“ جولئن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته توکي اها خدمت ڪرڻ گهڻي پسند نه ايندي.“ هن چيو ته ”هوم، ائين نه چئه، منهنجي دل جي خوشي آهي ته ائين ڪريان. تنهن کان سواءِ منهنجي اها به مرضي آهي ته هن ڀيري ضرور توکي اسڪالرشپ ملي. ڀلائي ڪري، ڇڏ ته آءٌ توکي ايتري مدد ڏيان.“

تڏهن جولئن لاچار براگٽن کي اُتي ڇڏي پاڻ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن ويو، ۽ پڪ هيس ته هو پنهنجو فرض تمام چڱيءَ طرح خوشيءَ سان ادا ڪندو. ٻنپهرن ڌاري هن وري به اچي سماءُ لڌو ته ڪيئن بيمار جي سنڀال ٿي ٿئي. ڏسي ته براگٽن هن کي ٺڳاري سمهاري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته جڏهن وري جاڳي تڏهن بهتر حال ۾ هجي. ٿيو به ائين: ٻئي ڏينهن هئزليٽ بهتر ٿيو، ۽ ايسٽر واريءَ موڪل تي ڳوٺ هليو ويو. اگرچ تندرست هو، ته به گذريل اتفاق ۽ ڪمبختيءَ ڪري دل يا دماغ جي ڪري بهتر ڪين ٿيو هو. ٿوريءَ ڳالهه تي چڙي پوڻ جي عادت پئجي وئيس. تنهنڪري جڏهن وري ڪاليج ۾ آيو، تڏهن وري به بيمار ٿي پيو. انهيءَ هوندي به جيڪي هڪ ڀيري خراب عادتون بدچاليءَ جون پئجي ويئون هيس، سي ڇڏي ڪين سگهيو؛ ۽ جيتوڻيڪ دوزخ جي جسماني عذابن جو گهڻو ڊپ رهندو هوس، ته به گناهن ڪرڻ کان بس نٿي ڪيائين.

هڪڙيءَ رات تمام دير سان خراب جاين تان گهمي موٽيو هو ته پنهنجيءَ خراب حالت جو خيال اچي دل تي چڙهيس. آسمان ۾ جهڙ هو، ۽ ڪاليج جا در بند ٿي ويا هئا. هوا زور سان پئي لڳي، تنهنڪري منهن مٽيءَ سان ڀرجي پيو هوس. رات اونداهي هئي؛ ٿاٻا کائيندو ڀڄي ڀت ٿي، اچي ڪاليج کان نڪتو. رستو ڀلجي ويو هو؛ گهڻين خراب گهٽين مان ۽ خوفناڪ جاين وٽان لنگهندو آيو، تنهنڪري دير ٿي وئيس. اهڙي بڇڙي حالت ۾ ڪاليج جي وڏي صفي جي بتيءَ جي چمڪندڙ روشنائي جا هن جي منهن ۾ پيئي، تنهن منجهائي وڌس، اڳڀرو هلي، ڏاڪڻ تان اونداهيءَ ۾ ٿاٻا کائيندو، پنهنجيءَ جاءِ تائين آيو، ۽ در پٽي اندر لنگهيو.

لليسٽن به اوڏيءَ مهل پڙهي پڙهي بس ڪئي هئي، ۽ سمهڻ ٿي ويو. ڏاڪڻ تي هن جي پيرن جو دٻڪو ٻڌي، ارمان ٿيس ته هن پنهنجي چال نه سڌاري. ٻڌائين ته هو در پٽي پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويو، ۽ ڌڪاءُ ٿيو ۽ دانهن ٿي. لليسٽن ۽ ٻيا پاسي وارا شاگرد به دانهن تي ڊوڙي آيا. انهيءَ وچ ۾ لليسٽن به هئزليٽ جي جاءِ جو در لنگهي اندر ٿيو ته ڪنهن شيءِ تي آٿڙجي وڃي ڪريو. ڏسي ته اها شي خود هئزليٽ پاڻ هو، جو بيهوش ٿي اُتي ڪري پيو هو. جاءِ ۾ اونداهي هئي. بخاري ۾ ڦلهر هيٺ ڪي ٿورا ٽانڊا پيا هئا، تن جي ٿوري گهڻي سوجهري ۾ ڀتين تي ٽنگيل ڪوٽ ۽ ٻيو جاءِ جو سامان خوف جهڙين صورتن ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو. لليسٽن بتي ٻاري کڻي ميز تي رکي. هئزليٽ کي کڻي هنڌ تي ليٽايائين. چتائي ڏسڻ سان جيڪو گمان پهريندي پيو هوس، ته هن زهر کائي ڇڏيو هو يا ڪنهن ٻيءَ طرح پاڻ آپگهات ڪيو هئائين، سو برابر نه هو؛ مگر في الحال ته هو رڳو ماندو ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو هو، ۽ ٻي ڪا نشاني معلوم ٿي نه سگهي.

جيڪي ٻيا شاگرد دانهن ۽ دٻڪي تي آيا هئا، تن مان، نوئل جي مدد سان، لليسٽن هئزليٽ کي هوش ۾ آڻي هنڌ تي چڱيءَ طرح وڃي سمهاري ڇڏيو. اگرچ هو هوش ۾ آيو هو، مگر ٻيو پنهنجو حال ڪو نه ٻڌايائين، ۽ نه مرضي هيس ته کانئس پڇن. ٻئي ڏينهن صبح جو هو تمام بيمار هو. مغز جو تپ ٿي پيس، جنهنڪري هفتن جا هفتا پيو هو. نيٺ اِلڊائون ۾ نيائونس، جتي هو گهڻو وقت رهيو. انهيءَ ڪري هو ٽرم رکي نه سگهيو، ۽ سندس نالو لاهي هيٺئين ڪلاس ۾ وڌائون. وري آڪٽوبر واري مهيني ۾ ڪاليج ۾ موٽي آيو، ۽ اهڙو گمنام رهڻ لڳو جو وري سندس ڪا به خبر ڪنهن کي نه پئي.

جولئن ۽ لليسٽن، جيئن اڳي ڪوڙيءَ دينداريءَ ۽ خدا پرستيءَ جي حالت ۾ گوشو نه ڪندا هئا، تيئن هاڻوڪيءَ نيچائيءَ ۽ ڪمبختيءَ جي حالت ۾ به هن کان پاسو نه ڪندا هئا. هنن کي اهڙن ماڻهن جي حالت تي به قياس ايندو هو، جي گمراهه ٿي ويندا آهن، مگر جن کي اڃا خدا ڇڏي نه ڏنو آهي، جيسين هئزليٽ هن جي صحبت جو خواهان هوندو هو، تيسين هو به سندس صحبت ۾ گذاريندا هئا، اگرچ اها هنن کي پسند نه هوندي هئي. انهيءَ حال ۾ هو هن کي دوستاڻي نصيحت ڪندا رهندا هئا. جڏهن هن جو اهڙو خراب حال ٿيو هو جو سندس صحبت ۾ رهڻ بدنامي هوندي هئي، تڏهن به، هو به خوشيءَ سان جيڪر هن جي سنگت کان عار ڪين ڪن ها ۽ هن سان گڏ هوا کائڻ وڃن ها، بشرطيڪ هو اهڙي خواهش ڏيکاري ها. پر ايترو هو ته جڏهن هن پاڻ سنڀاليو ۽ بهتر هلت ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻئي کيس گهڻو گڏبا هئا، ۽ ڪمبختيءَ مان هن جي سبق سکڻ جي ڪري هو خوش ٿيندا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جو هئزليٽ پنهنجن انهن سنگتين وٽ ويٺو هو، ته قدرتي غيبي ڏيکائن جو اچي ذڪر نڪتو. جولئن ۽ اوئن جي راءِ هئي ته اهڙيون ڳالهيون ممڪن آهن، مگر لليسٽن انهيءَ راءِ جي برخلاف هو ۽ انهن تي پئي کليو. رڳو هئزليٽ ماٺ ڪري ويٺو هو، پر نيٺ هن چيو ته ”مون سان هڪڙي حالت ٿي گذري هئي، تنهن جي هيستائين مون ڪنهن سان ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. لليسٽن، توکي ياد هوندو ته انهيءَ رات مون رڙ ڪئي هئي، جنهن تي تون ڊوڙي اچي نڪتو هئين؟“ لليسٽن چيو ته ”هائو، مون کي ياد آهي. پوءِ ڇا ٿيو هو؟“ هن چيو ته ”انهيءَ رات آءٌ اهڙن خراب ۽ خوفناڪ هنڌن تان ٿيندو موٽيو هوس، جو جيڪڏهن خدا جي مهرباني شامل نه ٿئي ها ته آءٌ چٽ ٿي وڃان ها. آءٌ نهايت پريشانيءَ ۽ پشيمانيءَ جي حالت ۾ موٽيو هوس. مينهن واچ ۾ پُسي، اونداهيءَ رات جو اچي پنهنجيءَ جاءِ تي پهتس. منهنجيءَ جاءِ جي ڇت ۾ هڪڙي ڊگهي ڪام آهي. جڏهن در پٽي اندر لنگهيس، تڏهن انهيءَ ڪام تي مون بلڪل صاف ۽ چٽن، ٻرندڙن اکرن ۾ ڪي لکيل ڏٺو. اهڙو چٽو ڏٺم، جهڙو هينئر به نٿو ڏسان. آءٌ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس ته مون ڇا لکيل ڏٺو. آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويس. آءٌ ڊپ مان اکيون ڦاڙي اهو لکيو ڏسڻ لڳس. اکر ويا ٻرندا ۽ ڳاڙها ٿيندا، ڄڻ ته ويا مون تي ڪاوڙبا. منهنجي انهيءَ حيرانيءَ ۽ ڊپ ۽ موڳائي جي حال ۾ اوچتو مون هڪڙو ڪارو ڳرو هٿ ڏٺو، جنهن تي هڪڙي وڏي ڪاري چُغي جي آستين پيل هئي؛ اهو آهستي آهستي ٿي، پوئين لکيل تان نڪري ويو. الائي آءٌ وڌيڪ ڇا ڏسان ها، پر آءٌ انهيءَ وقت بيهوش ٿي ويس ۽ دانهن ڪري ڪِري پيس، جنهن تي ڏاڪڻ وٽ رهڻ وارا اچي نڪتا.

هئزليٽ اها ڳالهه اهڙي ڊول سان ڪئي جو ٻڌندڙن ماٺ ڪري ويٺي ٻڌي. ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ لليسٽن چيو ته ”انهيءَ هوندي به جي ويچار ڪري ڏسبو ته ڳالهه ۾ ڪي به ڪينهي. تون انهيءَ رات دل جي ڏاڍي جوش ۾ هوئين، ۽ ڀت به ڀڳل هئي، ۽ سارو ڀِنو پيو هوئين: اونداهيءَ مان نڪري اوچتو پنهنجي جاءِ جي روشنائيءَ ۾ آئين، سو تنهنجي دماغ تي پنهنجن اندرين خيالن جو اثر ٿيو، ۽ اجهاڻل باهه جي سوجهري ۾ جاءِ جو سامان، تنهنجا ڪارا ڪپڙا، ۽ دريءَ جا ڳاڙها پردا اهڙا خوف جهڙا  ڏسڻ ۾ ٿي آيا جو جيڪڏهن آءٌ به ڀورڙو هجان ها ۽ اهڙين ڳالهين تي  ويساهه ڪندڙ هجان ها، ته ضرور آءٌ پاڻ به ڪو غيبي عالم جو ماڻهو ڏسان ها.“

هئزليٽ چيو ته ”برابر، پر تون اندر جا خيال ٿو چوين، سو مون کي انهيءَ مهل اندر جو ڪو به خيال ڪو نه هو؛ اُٽلندو جيڪي ڏٺم، سو گويا اوچتو قدرتي طرح ڏٺم، جنهن جو مون کي اڳي ڪو به خواب خيال ڪو نه هو. پهريون ئي ڀيرو مون کي انهيءَ مهل اهو خيال آيو ته گناهگاريءَ جي حالت هڪڙي دوزخيءَ حالت آهي. اها حالت جا مون ڏٺي، سا ٻاهران آيل هئي، نه اندران. ايترو يقين اٿم ته جيڪي انهيءَ رات ڏٺم، ۽ جيڪو اخلاقي ۽ ديني سبق انهيءَ مان سکيس سو اڳي ڪڏهن نه سکيو هوس. انهيءَ سبق ڪري منهنجي حالت ڦري اصل ٻي ٿي پيئي.“

ٻئي ڪنهن انهيءَ ذڪر بابت وڌيڪ چوڻ نه گهريو. جولئن چيو ته ”هيُو، اهو ڏيکاءُ سچو پچو جسماني هجي يا فقط خيالي هجي تنهن جي ڪا گهڻي حرڪت ڪانهي: ٻنهي طاقتن ۾ نتيجو يا اثر ساڳيو ٿو نڪري – ڄڻ ته جن يا ڀوت يا روحاني عالم وارن کي جسم ۽ جان آهي، يا هوا مان ڳالهائڻ نڪتو، يا اکر لکجي ظاهر ٿيا. مون کي چڙ فقط انهيءَ ڳالهه تان ٿي لڳي ته ڪو انهن حقيقتن کان انڪاري ٿئي.“ اوئن چيو ته ”جولئن، انهيءَ راءِ ۾ آءٌ توسان شامل آهيان. اهڙا بيشمارمثال معلوم ٿين ٿا، جن ۾ ڪنهن مائٽ يا دوست جي موت وقت انهيءَ جي صورت ڪنهن غير حاضر يا پرديس ۾ رهندڙ مائٽ يا دوست کي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن جو هن کي اڳي ڪو خيال به ڪو نه هو. اهڙين ڳالهين جي نسبت چئن قسمن جا رايا ڏيئي ٿا سگهجن. پهرين اها ته اهڙين ڳالهين تي اصل اعتبار نه ڪجي؛ پر اها ته ڪج بحثي ۽ هوڏ چئبي، جنهنڪري سچي ۽ پڪي ثابتي رد ڪري ٿي ڇڏجي. ٻي اها ته اهي چشم بنديءَ يا نظر جي ڀل جا مثال آهن، جي اتفاقي ۽ اوچتو ٿيو ٿا پون؛ پر اهو ڄڻ ته اتفاقي وارداتن جي قانون کان انڪار ڪرڻ آهي. ٽين اها ته هڪڙي عجب طاقت هستيءَ ۾ آهي، جا هڪڙن ماڻهن جي دماغ تي اثر ڪري ٿي ۽ ٻين تي نه، جنهنڪري قدرتي نماءَ سچ پچ جسماني صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن؛ ڀلي ڪي حڪيم ۽ فيلسوف اهڙين ڳالهين تي کلن ۽ ٺٺوليون ڪن، جو هنن جو خيال اهو آهي ته جيسين ڪنهن شي کي هٿ لائي خاطري نه ڪندا، تيسين انهيءَ تي اعتبار نه ڪندا. چوٿين اها آهي ته روحاني عالم جي روحن کي اها طاقت آهي ته پاڻ کي ٻين ماڻهن جي نظر ۾ ظاهر ڪري سگهن.“ جولئن چيو ته ”يا ائين چئجي ته اهي ماڻهن جي حواسن تي اهڙي قسم جو اثر پيدا ٿا ڪن، جنهنڪري ماڻهن جون اکيون هنن کي ڏسي سگهن ٿين.“ اوئن چيو ته ”لليسٽن، انهيءَ رات مون سان جيڪي ٿي گذريو، تنهن مان معلوم ٿيندو ته جيڪي طبعي سبب اهڙين ڳالهين جا آهن، اهي اعتبار جا لائق ناهن. هيئن ٿيو ته مون پنهنجي سمهڻ جي جاءِ ۾ اڃا شمع اُجهائي، ته پنهنجي مٿي جي مٿان ڀت تي ٻرندڙ اکرن ۾ ڪي لکيل ڏٺم. آءٌ هنڌ مان ٽپ ڏيئي اٿيس، ۽ لحظو کن سمجهيم ته اکر پڙهي ٿو سگهان. ڄاتم ته ڪنهن مون سان فاسفورس سان اکر لکي چرچو ڪيو آهي، جيئن ٻارڻ جي تيلين سان اونداهيءَ ۾ سوجهري جهڙا ليڪا ڪڍبا آهن؛ پر پوءِ سگهوئي حقيقت معلوم ڪيم. دريءَ جي پردن مان چانڊوڪي لنگهيو پئي آئي؛ پر پردن جا تهه هڪٻئي تي اهڙا پورا ۽ رٿائتا چڙهيل هئا، جو ڀت تي جيڪي سوجهري جا عڪس پئي پيا، سي بلڪل اکرن وانگي ڏسڻ ۾ ٿي آيا.“ لليسٽن چيو ته ”برابر. هاڻ انهي مان ئي ماڻهو جن يا ڀوت جي ڳالهه بنائي ٿا سگهن. پر ائين اهي ڪندا يا وسهندا، جي ڀورڙا ۽ خيالي ۽ نازڪ طبع هوندا آهن. انهيءَ سان گڏ جيڪڏهن نظر جي ڪا غلط فهمي يا ڀُل به شامل هجي، ته پوءِ ته اهڙيءَ ڳالهه جي جيڪر بلڪل پڪ ٿئي.“ هئزليٽ چيو ته منهجيءَ حالت ۾ انهي جو اثر هڪجهڙو هو – اکر ماڻهوءَ جي هٿ سان لکيل هئا يا روحاني عالم دماغ جي پردن تي پيدا ڪيا – ايتري مون کي پڪ ٿي ته اکر مون کي اتي لکيل نظر آيا؛ ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان.“

باب ستاويهون

جولئَن ۽ ڪئنيڊي

ڪاليج جي ٽاور ٻه وڄايا. ديول جي در وٽ ڪيترا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. ڪاليج جا وڏا ننڍا شاگرد هئا، پڙهائڻ وارا ها، پٽيوالا هئا، هنڌ وڇائڻ واريون هيون – انهن سڀني گڏجي ڇلنگيون ڇلنگيون ٿي ڳالهيون بيٺي ڪيون. ڪبوتر مٿانئن پئي اُڏاڻا ۽ ٻوليون پئي ڪيائون، ڄڻ ته ايترا ماڻهو اُتي آهن ئي ڪين. سڀني کي ڪو انتظار ٿي ڏٺو،جنهن ڪري هو ماٺ ڪري به ٿي بيٺا. سڀ دريون پٽيون پيئون هيون، ۽ ڪيترن ماڻهن درين جي پردن مان جهاتيون پئي پاتيون. اڃا موڪل جو وقت هو، ۽ فقط ڪي ٿورا ماڻهو حاضر هئا.

اوچتو در کليو، ۽ وڏا شاگرد وڏي فخر سان لنگهي آيا. ريشم جا چغا پيا هئن. اُهي سڀ ديول ۾ انهيءَ لاءِ آيا هئا ته ”سينٽ ورنر“ جي اسڪالرشپ کٽڻ وارا چونڊي ڪڍن. نيٺ ياداشت پڙهڻ ۾ آئي، جنهن مان خبر پوڻي هئي ته ڪير پاس ٿيا، ۽ ڪير نه ڪلارڪ جي هٿ ۾ ڪاغذ هو: جو هن ديول جي ڏاڪڻ تي بيهي پڙهيو پئي سڀني جو خيال انهيءَ ڏانهن ٿيو. مڙئي نوَ اسڪالرشپون خالي هيون، جن مان پنج ٽن سالن وارن شاگردن کي ملڻيون هيون، ۽ چار ٻن سالن وارن جولئَن جي سنگتين کي. پهرين پنجن سالن وارن جا نالا پڙهيا ويا. جيئن جيئن نالو وٺندو ويو، تيئن تيئن هڪڙو نه ٻيو قاصد ڊوڙيو انهن کي خوشخبري ٻڌائڻ ٿي ويو، ۽ ڪي خبرون ته تارن جي رستي انهن کي ڏنيون ٿي ويون، جي غير حاضر هئا.

تنهن کان پوءِ ٻن سالن وارن چئن شاگردن جا نالا پڙهيا ويا. تن مان به جن کي پهرئين ئي ڪوشش سان اسڪالرشپون مليون، سي ٻڌي ماڻهو تعريف ڪرڻ لڳا. انهن جا نالا ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي وقت موجب اڳي پوءِ پڙهڻ ۾ آيا. اُهي هي هئا: ڊڊلي چارلس اوئن، جولئن هوم، آلبرٽ هينري سٽن، ۽ چوٿون، جنهن جي نالي تي گهڻن کي عجب لڳو، سو هو هُيو جيمس لليسٽن. سڀني کي اوئن ۽ هوم جي پڪ هئي، جيتوڻيڪ هنن جي اها پهرين ڪوشش هئي، ۽ سٽن جي موچاري پڪ هين ته پاس ٿيندو؛ پر چوٿين اسڪالرشپ ڪئنيڊيءَ کي نه ملي، پر لليسٽن کي ملي؛ تنهن جي سڀني کي حيراني لڳي. مگر انهيءَ جو امڪان ڏسڻ ۾ آيو، ڇا لاءِ جو سڀني کي سجهيو ٿي ته ڪئنيڊي سستيءَ ۾ وقت پئي گذاريو،۽ لليسٽن، جنهن گهڻي محنت ڪئي هئي، تنهن جي سڀ ڪنهن کي خبر هئي ته هارٽن ۾ قديم ٻولين جي ڪتابن ۾ ته اڳي ئي تمام هشيار هو، مگر هاڻ حسابي ڪمن ۾ به هشياري پيدا ڪئي هئائين: انهيءَ هن کي گهڻي مدد ڪئي، تنهنڪري هو امتحان ۾ فتحياب ٿيو.

انهيءَ نتيجي ٻڌڻ ڪري، جولئَن کي ڪئنيڊيءَ جي ناپاس ٿيڻ سبب پنهنجي جند جي خوشي بلڪل وسري ويئي. هن کي اڌ پڪ هئي ته پاس ٿيندو، تنهن ڪري انهيءَ ڏينهن هو سويرو اوئن سان گڏجي آيو هو. اچڻ سان دربان کان ئي خوشخبري ٻڌائين. ڪئنيڊي ۽ لليسٽن اڃا ڪين آيا هئا. هن کي انتظار هو ته ڪئنيڊي اچي ته کيس نااميديءَ جي خبر ٻڌايان، ۽ دلاسو ڏيان، جيئن ڪنهن کي خوشخبريءَ ٻڌائڻ جو انتظار هوس. سگهو ئي هن جي گاڏي آئي، ۽ ٻنهي سنگتين کي هو گڏيو. ٻنهي کي ڏسي هن کي خوشي به ٿي ۽ ڏک به ٿيو. دل پئي هنيائين ته هنن کي ڇا چوان ڀانيائين ٿي ته هرهڪ کيس ڌار ملي ته ساڻس ڳالهايان. لليسٽن کي ته اعتبار ئي ڪين ٿي آيو ته آءٌ ڪو پاس ٿيو آهيان. چوڻ لڳو ته ائين ڪين هوندو، ضرور ڪا چوڪ هوندي. جڏهن اکين سان پنهنجو نالو ڏٺائين، تڏهن خاطري ٿيس. ٻئي ڏينهن صبح جو اُتي موٽي آيو – ڄڻ ته اوچتو کيس ڏسي، دستوري قسم کڻائي، کڻي اسڪالر ڪيائونس. ڪئنيڊي ويچارو ڏک جي ڪري ماٺ ڪري بيٺو هو؛ زور ڪري پنهنجي انهيءَ دوست جي فتحيابيءَ تي، توڙي ٻين دوستن جي فتحيابيءَ تي خوش ٿيڻ ۽ هنن کي مبارڪ ڏيڻ لڳو. مگر جڏهن موٽي پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ اڪيلو ٿيو، ته ڪنڌ هٿن تي رکي، ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ ويهي رهيو. دنيا ۾ ڪي ڪي اهڙا وقت ايندا آهن، جڏهن تمام بهادر مڙس به ننڍڙي ٻار وانگي هلت ڪندو آهي – جڏهن ماءُ – پيءُ ڪنهن حرڪت تان ڪاوڙ ڪندا اٿس، ته ڏاڍي ڏک مان ويهي روئندو آهي. ڪئنيڊي اڃا ننڍو هو، ۽ جيڪا سستي ۽ ناداني ڪئي هئائين. تنهن جي سزا نااميديءَ ۽ ڏک جي صورت ۾ ٿي ڀوڳيائين. ظاهر ڪري ماڻهن ۾ ناپاس ٿيڻ ڪري ڏک ظاهر نٿي ڪيائين، مگر اڪيلائيءَ ۾ خوب دل کولي ارمان ٿي ڪيائين – نه رڳو پنهنجيءَ جند ڪري، پر وايوليٽ جي ڪري به.

انهيءَ ڏک وسارڻ تي هو ته هن کي ڊي وين جو خط پهتو، جو کولي هن طرح پڙهڻ لڳو: ”منهنجا پيارا ڪئنيڊي، گهڻا ڏينهن گذري ويا ته پاڻ هڪٻئي ڏانهن نه لکيو آهي. آءٌ هاڻي پوريءَ طرح بهتر ٿيندو وڃان. فرصت جي وقت پنهنجن جهونن دوستن سان لکپڙهه جو رستو وري شروع ڪيو اٿم. توڏانهن به ٿو لکان، جو تو کي به پنهنجن آبروءَ وارن دوستن مان هڪڙو ٿو سمجهان. آءٌ ڀانيان ٿو ته گذرئي دفعي جڏهن پاڻ چڱا ڀلا گڏيا هئاسين، تڏهن جيڪي تنهنجي جاءِ ۾ ٿي گذريو هو ۽ جنهن جي ڪري تون به بدنام ٿيو هئين، تنهنڪري مون پنهنجي دوستي تو کان ڇني ڇڏي هوندي، پر جي اهڙو خيال ڪڏهن تنهنجيءَ دل ۾ آيو هجي، ته اهو ڪڍي ڇڏج. مون کي گهڻا ڏينهن پڪ ٿي ويئي هئي ته مون تي اهڙي قسم جي ظلم روا رکڻ جي بدران جيڪر تون پاڻ تي ڪهڙي به تڪليف سهي وڃين ها. پيارا ڪئنيڊي، آءٌ جهڙو اڳي تهڙو هينئر تو کي پنهجو سچو ۽ پيارو دوست ٿو ڄاڻان. تنهن کان سواءِ ٻي به هڪڙي ڳالهه آهي، جنهن ڪري مون کي تنهنجي خير خواهيءَ جي زياده ڳڻتي ٿي رهي. شايد تو کي خبر ناهي ته منهنجي به وايوليٽ سان محبت هوندي هئي، جا هاڻي تنهنجي مڱيندي آهي. ڪيتريقدر منهنجي هن سان محبت هئي، سو آءٌ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ٻڌائيندس. مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته هن جي دل تو هٿ ڪئي آهي. جڏهن مون کي اها خبر پيئي، تڏهن آءٌ نهايت گهڻو نااميد ٿيس. پر هاڻي مون صبر ڪري ڪري اُهو ڏک سهسايو آهي. هاڻي آءٌ اها ڳالهه معلوم ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان ته هن جي محبت تو جهڙي ماڻهوءَ سان آهي، جنهن جي چڱين عادتن ۽ اخلاقن ۽ گڻن تي آئيندي جو سک تعلق ٿو رهي. هي خط آءٌ تو ڏي موڪلاڻيءَ جو به ٿو لکان ٻن هفتن جي اندر آءٌ ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وارو آهيان؛ ۽ تيسين نه موٽندس، جيسين آءٌ وري پورو تندرست نه ٿيندس ۽ رسيل صدمو نه وساريندس. منهنجي موڪلاڻي ساري پياري ”ڪئمفرڊ“ جي لاءِ آهي. مون کي خيال ۾ به ڪين هو ته منهنجو واسطو انهيءَ سان اهڙو جلد ٽٽندو، پر مون کي يقين آهي ته خدا تعالى جيڪي ڪري ٿو، سو چڱو ٿو ڪري. وري به منهنجي موڪلاڻي آهي. جڏهن آءٌ موٽندس، تڏهن اميد اٿم ته هڪڙي خوبصورت جوان ڪنوار تنهنجيءَ ٻانهن تي ٽيڪ ڏيندي ڏسندس. تنهنجو پيارو دوست، - ڊي وين.“

ڪئنيڊيءَ اڳي ئي گهر لکيو هو ته ”سينٽ ورنر“ اسڪالرن واريءَ ياداشت ۾ سندس نالو ڪونهي. انهيءَ خبر ٻڌڻ ڪري هن جي پيءُ کي ڏاڍو خفو لڳو. هو پاڻ هڪڙو جهونو ”سينٽ ورنر“ جو اسڪالر هو، ۽ انهيءَ ڪاليج سان ڏاڍي محبت هوندي هيس. ايڊورڊ اڃا ننڍڙو ٻار هوندو هو ۽ صفي ۾ پيو راند ڪندو هو، ته هن کي اها خواهش رهندي هئي ته هو پهرينءَ ئي ڪوشش سان ”سينٽ ورنر“ جو اسڪالر ٿئي. سجهين ٿي ته سندس پٽ ذهين ۽ چالاڪ آهي. پڪ ٿيس ته ”ڪئمفرڊ“ ۾ جيڪو وقت هن گذاريو آهي، تنهن ۾ ضرور هن ڪي حرڪتون يا خرابيون ڪيون آهن، تڏهن هو هڪٻئي پٺيان ناپاس پئي ٿيو آهي. ايڊورڊ جي خطن مان هن کي پوري خبر پئجي نٿي سگهي، تنهنڪري پڪو ارادو ڪيائين ته جيڪي ماستر هنن کي قديم ٻوليون ۽ حسابي ڪم سيکاريندا هئا، تن کان لکي پڇي ته ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين ۾ هو تمام گهٽ آهي، جو ذري ذري ناپاس پئي ٿيو آهي. قديم ٻولين سيکاريندڙ، مسٽر ڊالٽن، جواب ۾ لکيو ته ”ڪئنيڊي رڳو سستيءَ جي ڪري ناپاس پئي ٿيو آهي، نه ته ڏاڍو ذهين ۽ هشيار آهي. پر جهڙو ”ڪئمفرڊ“ ۾ تهڙو ٻئي هنڌ، محنت کان سواءِ سڀ ڪوڙ آهي. شايد اوهين وسهو ٿا ته هن گذريل ٽرم ۾ مون وٽ ٻِٽو وقت پئي پڙهيو آهي، پر ائين نه آهي. ناتال واري ٽرم کان وٺي هن مون وٽ اصل پڙهيو ئي ناهي؛ انهيءَ ڪري مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو. جي ڪفايت جي ڪري ئي ائين ڪيو ويو هو، ته به جيڪر اهڙي هشيار ڇوڪر کي آءٌ خوشيءَ سان مفت به پڙهايان ها.“

حساب سيکارڻ واري، مسٽر بيئر، به اهڙي ئي مضمون جو خط لکيو. لکيائين ته ”اوهان جي پٽ جي نسبت ۾ مون کي فقط ناتال کان اڳ واري ٽرم جي خبر آهي، انهيءَ کان پوءِ هو مون وٽ اصل نه پڙهيو آهي.“

مسٽر ڊالٽن جي خط ملڻ تي مسٽر ڪئنيڊي ڳالهه سمجهي نه سگهيو، ۽ ڀانيائين ته ڪا چوڪ ٿي آهي. هن کي اعتبار ئي نٿي آيو ته پٽس ڪوڙ ڳالهائي پئسا گهرايا هوندا پر مسٽر بيئر جي خط مان هن جو سڀ شڪ لٿو. پڪ ٿيس ته پٽس گذريل سماهيءَ ۾ ڪنهن به ماستر وٽ نه پئي پڙهيو آهي، تڏهن هن کي حد کان گهڻو ڏک ٿيو. انهيءَ ڳڻتيءَ کان ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو زياده ٻڍو ڏسڻ ۾ آيو ۽ سندس وار اڇا ٿيڻ لڳا. هن کي پٽ ئي اهو هڪڙو هو، ۽ انهيءَ سان ڏاڍو پيار هوندو هوس: انهيءَ به فقط پنهنجو وقت خراب صحبت ۾ اجايو وڃايو هو، پر ضرور ڪي تمام وڏا قصور ڪيا هوندائين، انهيءَ ڪري ڏک مان ڦري ڪاوڙ آيس. پهريائين ته دل ئي نٿي چيس ته هن ڏانهن ڪو خط لکي، متان ڪاوڙ مان دلشڪنيءَ جهڙا لفظ لکي ويهي. ماٺ ئي ماٺ ۾ پئي اندر جا ڌڪ سٺائين. پنهنجي ڌيءَ ايوا کي به انهيءَ بابت ڪي ڪين ٻڌايائين. اڳي هو پنهنجي پٽ کي ڏسي هميشه دل ۾ چوندو هو ته هي منهنجي جوانيءَ جو فخر ۽ ٻڍاپي جي لٺ ٿيندو، پر هاڻ اهي سڀ اميدون هوا وانگي اڏامي وئيس. آخر هن ڏانهن خط لکيائين: ”پيارا ايڊورڊ، مون تو کي ڏاڍي لاچاريءَ کان ”پيارو“ لکيو آهي – انهيءَ مان تون معلوم ڪري سگهندين ته مون کي تو تي ڪيتري نه ڪاوڙ هوندي. منهنجي دل نٿي چوي ته توڏانهن وڌيڪ ڪي لکان. هيترو لکڻ بس آهي ته تنهنجي اتي جي بيشرميءَ جي هلت مون کي معلوم ٿي آهي، ۽ جيڪي اپاءَ تو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ سان مون کان پئسن وٺڻ جا پئي ڪيا آهن، سي به مون کي معلوم ٿيا آهن. تنهنجي کرڻ جو سبب اهو ٿيو آهي ته مون تو کي گهڻو پئسو پئي پهچايو آهي؛ انهيءَ ڪري تون سست ۽ بد چال ٿيو آهين، ۽ خبر ناهي ته ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه پئي ڪيا اٿئي. جي تنهنجو اهڙو حال آهي ته يقين آهي ته تون سمجهائڻ کان ٻاهر هوندين، ۽ ڪو به شرم نه ايندو هوندءِ. مون کي ۽ پاڻ کي خوار ڪرڻ ۾ تو وس پڄندي ڪين گهٽايو آهي. ٻڍاپي ۾ ڏک ڏيئي مون کي آڻي قبر ڀيڙو ڪيو اٿئي. اڙي ايڊورڊ، ايڊورڊ تنهنجي ننڍيءَ وهيءَ ۾ جي مون کي ههڙي خبر پوي ها ته آءٌ جيڪر تنهنجي مرڻ ۾ زياده خوش ٿيان ها! هاڻ تون مون کي گهڻي وقت کان پوءِ ڏسي سگهندين؛ ايندڙ موڪل جي ڏينهن ۾ آءٌ تو کي ڏسڻ نٿو گهران خرچ جي لاءِ به جيڪو ماهيانو آءٌ تو کي ڏيندو آهيان، تنهن جو اڳتي تو کي اڌ موڪليندس. منهنجي مرضي ناهي ته آءٌ تو کي ايترو پئسو موڪليان جو تون اجاين ۽ بيعقليءَ جي ڪمن ۾ پيو خرچين. ڪوڙن عذرن تي به اڳتي آءٌ پاڻ کي ڪين ڦرائيندس؛ انهيءَ جي خبر هجيئي! تنهنجو ڪاوڙيل ۽ گهڻي ڏک وارو پيءُ، - ٽ. ڪئنيڊي.“

اهو خط ڪنيڊيءَ وري وري پڙهيو، ۽ پوءِ مانيءَ جي ميز تي کڻي رکيائين. ماني به وسري وئيس. هو ڏاڍو غمگين ۽ شرمندو ٿيو. پنهنجي پيءُ ڏانهن ڪي به لکي نه سگهيو. ڀلا هو ڇا لکي؟ سندس چوري ظاهر ٿي هئي، ۽ جوڳي سزا مليس. انهيءَ جو پاڻ اڪيلو جوابدار هو. وايوليٽ جي خيال پاڻ کي زياده غمگين ڪيس، ڇا لاءِ جو هن سهي ڪيو هو ته انهيءَ جا خط به اڳي وانگي پيار ڀريل نه هئا. سجهيس ٿي ته قصور سندس آهي. سندس ئي خطن مان هن کي به معلوم ٿيو ته هن جي دل هڪ ٽڪاڻي ناهي، جيئن ڪ ڀڳل آرسي خراب شڪل ڏيکاريندي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org