سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: خودياوري

صفحو :10

’فريڊ رڪ آگسٽس‘ هاڻي پڪو ارادو ڪيو ته زور ڪري ’باٽگھر‘ کان اهو ڪيميا جو راز معلوم ڪريان، نه ته انهيءَ کان سواءِ خرچ جي تنگيءَ ۽ پيسي جي منجھاري کان ڇٽڻ جو ٻيو ڪو رستو ڪونهي. جڏهن ڪيمياگر کي انهيءَ ارادي جي خبر پيئي، تڏهن وري به هن ڀڄي وڃڻ جو پڪو پهه پچايو. هو پهري وارن کان تجويز ڪري گسائي نڪتو، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪري، آسٽريا ڏيهه جي ’اينس‘ شهر ۾ پهتو، جتي اچي ساهه پٽيائين. پر بادشاهه جا چاري پٺيان لڳا آيس. اهي، پيرو کڻي، شهر جي هڪڙي مهمانخاني تي اچي بيٺا، جنهن جو نالو ۽ نشان ’سونوهرڻ‘ هو. اهي انهيءَ جاءِ کي چوداري ڦري ويا، ۽ ’باٽگھر‘ کي سُتي پئي هنڌ ۾ وڃي پڪڙيائون. جيتوڻيڪ هن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گھڻوئي زور لاتو، ۽ آسٽريا جي سرڪاري ماڻهن جي مدد گھري، تڏهن به هو کيس زور زبردستيءَ سان کڻي ’ڊريسڊن‘ ۾ آيا. انهيءَ وقت کان پوءِ هن تي اڳي کان سخت پهرو بهاريو ويو، ۽ سگھوئي اتان ڪڍي، ’ڪاننگسٽين‘ جي مضبوط قلعي ۾ آڻي رکيائون. اتي سڌ ڏنائونس ته شاهي خزانو بلڪل خالي آهي، پولنڊ جي ڏهن پلٽڻن کي اڃا گذريا پگھار نه مليا آهن، ۽ اهي سڀ سندس سون لاءِ منتظر ويٺا آهن. بادشاهه پاڻ وٽس آيو، ۽ ڪاوڙ مان چيائينس ته ’جي تون هڪدم سون جوڙي نه ڏيندين، ته آءٌ تو کي ڦاسيءَ چاڙهائي ڇڏيندس!‘

ورهين جا ورهيه لنگھي ويا، ته به ’باٽگھر‘ سون نه جوڙيو؛ پر تڏهن به هن کي ڦاسي نه آئي: شايد هن جي قسمت ۾ ائين هو ته هو ٽامي مان سون جوڙڻ کان به زياده ڪمائتو هنر ڳولي ڪڍي، يعني مٽيءَ مان چينيءَ ٺاهڻ جو هنر! انهيءَ جا ڪي عجيب نمونا پورچوگيز ماڻهن چين مان آندا هئا، جي سون جي تور کان به وڌيڪ ملهه تي وڪاڻا هئا. پهرين پهرين ’باٽگھر‘ کي هڪڙي ڪيمياگر ۽ اکين جي اوزارن جوڙيندڙ، ’والٽروهان شرنهاس‘ نالي، چينيءَ ٺاهڻ جي ترغيب ڏني. شرنهاس‘ مشهور پڙهيل ماڻهو هو، ۽ بادشاهه توڙي شاهزادو ’فرسٽنبرگ‘ ٻئي کيس گھڻو مان ڏيندا هئا. ’باٽگھر‘ کي ته اڃا به ڦاسيءَ جو ڊپ هو، تنهن کي هن ڏاڍي عقل جي هيءَ صلاح ڏني ته ”جيڪڏهن تون ’سون‘ جوڙي نٿو سگھين، ته مٿو هڻي ڪو ٻيو ڪم ڪر- کڻي ’چيني‘ جوڙ“.

ڪيمياگر انهيءَ اشاري تي عمل ڪيو، ۽ رات ڏينهن محنت ڪري، آزمودا ڪرڻ لڳو. ڪيترن ڏينهن تائين، ڏاڍي ڪشالي سان، هن انهيءَ تحقيقات ڪرڻ ۾ مٿو هنيو، پر حاصل ڪي ڪين ٿيس. نيٺ ڪنهن ماڻهوءَ ڪوٺارين جوڙڻ لاءِ ڳاڙهي مٽي آڻي ڏنيس، تنهن هن کي سنئينءَ راهه تي آندو. هن آزمودي سان معلوم ڪيو ته جي انهيءَ مٽيءَ کي تمام گھڻو تؤ ڏجي ٿو، ته شيشي جھڙي ٿيو پوي، ۽ پنهنجي اصلوڪي شڪل وٺيو اچي؛ بناوت ۾ چينيءَ جھڙي آهي، مگر رنگ اٿس، ۽ منجھانئس آرپار به ڏسي نٿو سگھجي. حقيقت ڪري اها ڳاڙهي چيني هئي، جا هن کي اوچتو هٿ اچي ويئي. پوءِ ته هو انهيءَ مان ٿانوَ جوڙي، چيني ڪري، وڪڻڻ لڳو. پر، ’باٽگھر‘ کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته سچيءَ چينيءَ جي مُک خاصيت آهي ’اڇورنگ‘؛ تنهنڪري انهيءَ ڳجھ ڳولي ڪڍڻ جي اميد تي، هو تجربا ڪرڻ لڳو. انهيءَ طرح ڪيترائي سال لنگھي ويا، ته به مطلب حاصل نه ٿيس. نيٺ وري به نصيب ساڻس مدد ڪئي، ۽ اتفاق سان هن کي اڇيءَ چينيءَ جوڙڻ جو هنر اچي ويو. هڪڙي ڏينهن، 1808ع ۾، هو پنهنجي ٽوپيءَ کي هٿ لائي ڏسي، ته تمام ڳري پئي ڳلي؛ تڏهن نوڪر کان ان جو سبب پڇيائين. هن چيس ته ’شايد ٽوپيءَ جي وارن ۾ سرهو اٽو پيل آهي‘- جنهن ۾ هڪڙي قسم جي مٽي وجھندا هئا، جا انهيءَ زماني ۾ وارن کي لائڻ جي ڪم ۾ ايندي هئي. ’باٽگھر‘ نهايت تيزفهم آدمي هو، تنهن ويچار ڪري سهي ڪيو ته شايد اهو ’اٽو‘ اهائي مٽي آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ حيران آهيان. ڪنهن به طرح هن جي دل نه چيو ته ان جي ماهيت ۽ خاصيت معلوم ڪرڻ کان سواءِ اهو وجھ هٿان وڃائي. آخر هن کي پنهنجي ڪشالي ۽ خبرداريءَ جو انعام مليو: آزمودي ڪرڻ کان پوءِ، هن معلوم ڪيو ته انهيءَ وارن واري اٽي ۾ ’ڪولن‘ نالي هڪڙي شي پيل آهي، جنهن جي هٿ نه اچڻ ڪري هيترا ڏينهن هن کي تحقيقات ڪرڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات ٿي هئي. هيءُ هنر جو ’باٽگھر‘ جھڙي هوشيار ماڻهوءَ جي هٿ لڳي ويو، تنهن مان وڏا وڏا نتيجا نڪتا؛ ۽ جيترو ڪيميا يا اڪسير مان فائدو نڪري ها، تنهن کان گھڻو هن مان نڪتو. سن1808ع جي آڪٽوبر مهيني ۾، هن چينيءَ جو پهريون ٿانءُ جوڙي بادشاهه کي ڏنو، جنهن کي اهو ڏاڍو وڻيو. بادشاهه ٺهراءُ ڪيو ته ’باٽگھر‘ کي سڀ ضروري سامان موجود ڪري ڏجي، ته انهيءَ هنر ۾ ڪماليت حاصل ڪري. هن ’ڊيلفٽ‘ شهر مان هڪڙو هوشيار ڪاريگر هٿ ڪيو، جنهن جيءَ واهر سان، ڪيميا جي اصل دعوا ڇڏي، هاڻي هو ٿانون جوڙڻ جي ڪم کي لڳو، ۽ پنهنجي دوڪان جي در جي مٿان هن هيءُ بيت لکي ڇڏيو:

”حق تعاليٰ، خالق ۽ پرورگار،
ڪيمياگر کي ڪيو آهي ڪنڀار!“

’باٽگھر‘ تي اڃا به سخت پهرو رهندو هو ته متان هو پنهنجو ڳجھو هنر ٻين کي ڏسي، يا بادشاهه جي پهچ کان نڪري ڀڄي وڃي. سندس لاءِ جي نوان دوڪان ۽ کُورا جوڙيا ويا هئا، تن تي رات ڏينهن سپاهي پيا پهرو ڏيندا هئا، ۽ ڇهه وڏا عملدار انهيءَ ڪنڀار جي سنڀال ۽ سلامتيءَ جا ذميدار ڪيا ويا هئا.

’باٽگھر‘ پنهنجن نوَن کُورن سان جي تجربا ڪيا، سي تمام چڱا ۽ خاطريءَ جھڙا نڪتا؛ ۽ جيڪا چيني جوڙيائين ٿي، تنهن گھڻو ملهه ٿي ڪيو؛ تنهنڪري بادشاهه وري اها رٿ ڪئي ته چينيءَ جوڙڻ جو هڪڙو شاهي ڪارخانو قائم ڪجي. اها مشهور ڳالهه هئي ته ’ڊيلفٽ‘ جي ڪارخاني جي ٿانَون مان هالنڊ ڏيهه ۾ ڏاڍي دولت گڏ ٿي آهي؛ انهيءَ ڪري بادشاهه خيال ڪيو ته آءٌ ڇو نه چينيءَ جي ڪارخاني مان مايا ميڙيان، ته منهنجو ملڪ به پيسي وارو ٿئي. ان موجب، سن 1810ع ۾، جنوري مهيني جي 23 تاريخ، شاهي فرمان صادر ٿيو ته ’ميسن‘ پرڳڻي جي ’البريڪٽس برگ‘ شهر ۾ چينيءَ جو وڏو ڪارخانو جڙي. اهو فرمان لئٽن، فرينچ ۽ ڊچ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، ۽ انهيءَ جا نقل بادشاهه جي ايلچين ۽ وڪيلن ڏي موڪليا ويا، جي يورپ جي جدا جدا شاهي درٻارين ۾ مقرر هئا. انهيءَ فرمان ۾ بادشاهه ’فريڊرڪ آگسٽس‘ هيئن لکايو ته ”سيئڊن جي ماڻهن جي ڪاهن ڪري ’سئڪسني‘ جي ملڪ کي گھڻو نقصان پهتو آهي؛ تنهنڪري، ان جي حالت سڌارڻ لاءِ، زمين جي پيٽ ۾ جيڪو خزانو آهي، تنهن ڏي اسان پنهنجو ڌيان لڳايو آهي: انهيءَ تحقيقات لاءِ اسان ڪي هوشيار ماڻهو رکيا آهن، جي هڪڙي قسم جا ڳاڙها ٿانو جوڙين ٿا، جي اصلوڪن چين ۽ جپان جي ٿانوَن کان گھڻو چڱا آهن؛ رنگ رنگ جون رڪابيون ۽ ٻيون شيون به اتي جڙن ٿيون، جي جدا جدا نمونن ٿي وڍي، گِهِي ۽ اُجاري سگھجن ٿيون، ۽ بلڪل اصلوڪن چينيءَ جي ٿانون جھڙيون ٿين ٿيون. اڇيءَ چينيءَ جا نمونا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ اميد آهي ته انهيءَ جا ٿانو به سگھوئي هتي جڙي تيار ٿيندا“. انهيءَ شاهي فرمان جي آخر ۾ لکيل هو ته ”ٻين ملڪن جا جيڪي ڪاريگر ۽ هنر وارا ماڻهو ’سئڪسني‘ ۾ ايندا ۽ نئين ڪارخاني ۾ نوڪر بيهندا، تن کي چڱو پگھار ملندو، ۽ تنهن کان سواءِ بادشاهه پاڻ مٿن گھڻي مهرباني ۽ الطاف ڪندو“. هن شاهي فرمان يا اشتهار مان چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگھندو ته انهيءَ وقت ۾ ’باٽگھر‘ جي نئين ڪڍيل هنر جو سچ پچ ڪيترو قدر هو.

جرمنيءَ ۾ ڇاپيل ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ’باٽگھر‘ جيڪي خدمتون ’سئڪسني‘ ڏيهه ۾ اُن جي بادشاهه جي ڪاڻ ڪيون، تن جي ڪري هو چينيءَ جي شاهي ڪارخاني جو ناظم مقرر ٿيو؛ انهيءَ کان وڌيڪ، ’بئرن‘ جي درجي تي اضافو مليس. بيشڪ هو ايتري مان ۽ شان جي لائق هو؛ پر جيڪا هلت هن سان ٿي، سا نالائقيءَ، ظالم ۽ بيمروتيءَ جھڙي هئي: ’ماٿيوُ‘ ۽ نمٽز‘ نالي ٻه شاهي عملدار، ڪارخاني جا هلائيندڙ ڪري، سندس مٿان مقرر ڪيا ويا؛ هو پاڻ رڳو ڪنڀرن جو جمعدار هو، ۽ ساڳئي وقت ۾ بادشاهه جو نظر بند قيدي پڻ. جيسين ’ميسن‘ ۾ ڪارخانو پئي جڙيو ۽ ’باٽگھر‘ جي مدد جو گھڻو کپ هو، تيسين سپاهي هن کي ڊريسڊن مان آڻيندا ۽ نيندا هئا؛ جڏهن اهو ڪم پورو ٿيو، تڏهن پڻ هو رات جو ڪوٺيءَ ۾ بند ۽ ڪلف هيٺ رهندو هو. هنن سڀني جٺين ڪري، هو دلشڪستو ۽ ڏکويل رهندو هو. ڪيترائي خط بادشاهه ڏي لکيائين، جن ۾ اهو ئي عرض هوس ته ’منهنجيءَ سزا ۾ تخفيف ٿئي‘. ڪي خط ته ڏاڍن دُکارن لفظن ۾ لکيل آهن. هڪڙي ۾ هو لکي ٿو ته ”آئون پنهنجي سڄي جان ۽ دل سان چينيءَ جوڙڻ ۾ مشغول رهندس- ايترو ڪم ڪندس جيترو ڪنهن به ٻئي نئين هنر واري اُستاد اڳي نه ڪيو هوندو- رڳو مون کي بند مان آزاد ڪريو!“ پر هنن عرضن ڏي بادشاهه ڪن ئي ڪونه ڏنو. هو ڪيترن به پيسن خرچڻ ۽ مهربانين ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر هن کي آزاد ڪرڻ جي مور مرضي ڪانه هيس. هن ’باٽگھر‘ کي پنهنجو غلام ٿي سمجھيو. انهيءَ حال ۾، هو ويچارو ڪيترن ڏينهن تائين ڪم ۾ پئي هڄيو، پر ورهيه ٻن کان پوءِ هو ڪم ۾ ڍرائي ۽ غفلت ڪرڻ لڳو. جھڙو جھان مان ڪڪ هو، تهڙو هو پنهنجي بت کان بيزار؛ تنهن ڪري اچي شراب کي لڳو. صحبت جو اثر زور ڀريو آهي، سو جڏهن ’ميسن‘ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي خبر پيئي ته ’باٽگھر‘ کي شرابخوريءَ جي عادت پيئي آهي، تڏهن سگھوئي منجھانئن ڪيترائي شرابي ٿي پيا. انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو، جو منجھن بيحد جھيڙا ۽ جھڳڙا ٿيڻ لڳا- ايتريقدر جو اڪثر لشڪر جا سپاهي سڏبا هئا، جي اچي اُنهن ’چينيءَ جي ڪنڀرن‘ کي بس ڪرائيندا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڪارخاني جا سڀ ماڻهو، جي ٽن سون کان وڌيڪ هئا، تن کي ’آلبريڪٽس برگه‘ ۾ کڻي بند ڪيائون، ۽ هنن سان قيدين واري هلت ڪرڻ لڳا.

نيٺ ’باٽگھر‘ اچي سخت بيمار ٿيو؛ ۽ سن 1813ع جي مي مهيني ۾ اهڙو حال ٿيس، جو هر گھڙيءَ ائين پئي ڀانيو ته اجھو ٿو مري. بادشاهه کي جو اچي ڊپ ٿيو ته منهنجو ڪمائتو ٻانهو ٿو هٿان وڃي، تنهن هاڻي اجازت ڏنيس ته ڀلي، پهري هيٺ، گاڏيءَ ۾ چڙهي هوا کائي؛ ۽ جڏهن ٿورو ساهه پٽيائين، تڏهن ڪنهن ڪنهن مهل ’ڊريسڊن‘ ڏي وڃڻ جي به موڪل مليس. سن 1814ع جي اپريل مهيني ۾ بادشاهه جيڪو خط ڏانهن لکيو، تنهن ۾ کيس اصل آزاد ڪرڻ جو ساڻس انجام ڪيائين؛ پر اهو انجام بيوقتو ٿيو. ’باٽگھر‘ بلڪل دلشڪستو ۽ بيمار ٿي پيو. واري سان؛ ڪم به ڪندو هو، ۽ نشو به پيئندو هو. جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن مهل، اک پٽي، ڪنهن عالي همتيءَ جھڙي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو هو؛ پر زور زبرستيءَ جي بند ڪري اڪثر بيمار گذاريندو هو، ۽ ٻيا به ٿورا ورهيه پئي چُڙيو. نيٺ، سن 1719ع ۾، مارچ مهيني جي 13 تاريخ، 35 ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو- ڏکن عذابن کان ڇٽي پيو. هن کي، ’ميسن‘ شهر جي ’جوهانس‘ واري قبرستان ۾، راتو رات پوري ڇڏيائون- ڄڻ ته ڪو ڪتو هو! اجها اهڙي خراب هلت انهيءَ ماڻهوءَ سان ٿي، ۽ اهڙي بڇڙي پڄاڻي اُنهيءَ ماڻهوءَ جي ٿي، جو ’سئڪسني‘ جي تمام وڏن خبرن خواهن ۽ فيض پهچائڻ وارن مان هڪڙو هو!

چينيءَ جي ڪارخاني مان سگهو ئي ڳچ جيترو سرڪاري پيسو پيدا ٿيڻ لڳو، ۽ انهيءَ مان ’سئڪسني‘ جي بادشاهه کي ايترو فائدو پيو جو يورپ جي ٻين گهڻن بادشاهن به ستت ئي هن جي مثال جي پيروي ڪئي. جيتوڻيڪ ’باٽگهر‘ جي انهيءَ هنر ڪڍڻ کان چوڏهن ورهيه اڳي ’سينٽ ڪلائوڊ‘ ۾ نرم چيني جڙندي هئي، تڏهن به سگهوئي سڀ ڪنهن کي معلوم ٿي ويو ته سخت چيني وڌيڪ عمدي ٿي ٿئي. ان جو ڪارخانو، سنه 1770ع ۾، ’سيو هريز‘ شهر ۾ شروع ٿيو. انهن ڏينهن کان وٺي، انهيءَ سخت چينيءَ ڪم اچڻ ڪري، نرم چيني بلڪل بند ٿي ويئي آهي. اهو هنر هينئر فرانس جي تمام فائدي وارن ڌنڌن مان هڪڙو آهي. جيڪي شيون اُتي جڙن ٿيون، تن جي اُچائيءَ ۽ عمدگيءَ ۾ ذرو به شڪ نه آهي.

’جوشيا ويج ووڊ‘، انگريزي ڪنڀر، جي حياتيءَ جو احوال ’پالسي‘ توڙي ’باٽگهر‘ جي احوال کان گهٽ مختلف، رنگ آميز، ۽ وڌيڪ سک ۽ سلڀڳ وارو هو. هو وڌيڪ سک واري زماني ۾ پيدا ٿيو هو، تنهنڪري بهتر نصيب وارو هو. گذريل صديءَ جي وچ تائين، ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ جي ڪمن ۾، انگلنڊ، يورپ جي ڪيترن ئي وڏن وڏن ملڪن ۽ قومن کان پٺتي پيل هو. جيتوڻيڪ ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ گهڻا ئي ڪنڀر هوندا هئا، ۽ ’ويج ووڊ‘ پاڻ به انهيءَ قسم جي ڪنڀرن جي عام قوم مان هو، تڏهن به جيڪي شيون هو جوڙيندا هئا، سي تمام ساديون ۽ ڄٽڪيون هونديون هيون؛ اڪثر لسيون ڀوري رنگ جون هونديون هيون، ۽ اڃا مٽي آلي هوندي هئي، ته مٿن نموني نموني جا گل ۽ چٽ اُڪري ڇڏيندا هئا. مٽيءَ جون خاصيون ۽ عمديون شيون گهڻو ڪري هالنڊ جي ’ڊيلفٽ‘ شهر مان اينديون هيون، ۽ پهڻ جا پيالا ۽ پاڻي پيئڻ جا ٿانو ’ڪلون‘ شهر مان ايندا هئا. ٻاهر جا ٻه ڪنڀر- جي ’ايلر‘ ڪٽنب جا هئا، ۽ ٻئي ڀائر هئا- ’نريمبرگ‘ مان لڏي، ٿورن ڏينهن تائين اچي ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ ويٺا، ۽ سڌريل ڪارخانو آڻي جاري ڪيائون؛ پر وري سگهوئي هو لڏي وڃي ’چيلسيءَ‘ ۾ ويٺا، جتي هو رڳو جاءِ جي سينگار جون نقش واريون شيون جوڙيندا هئا. اهڙي سخت چيني اڃا انگلنڊ ۾ ڪانه جڙي هئي، جنهن کي ڪنهن ڏاڍي نوڪدار اوزار سان اُڪري يا کرڙي نه سگهجي. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ’اسٽئفرڊشائر‘ ۾ جي ٿانو جڙندا هئا، ۽ اڇيءَ چينيءَ جا سڏبا هئا، سي اڇا ڪين هئا، پر ميرانجهڙي رنگ جا هوندا هئا. مطلب ته سنه 1830ع ۾، جڏهن ’جوشيا ويج ووڊ‘ ’برسليم‘ شهر ۾ ڄائو تڏهن، ڪنڀارڪي ڪارخاني جو اهو حال هو؛ ۽ چوهٺ ورهين کان پوءِ هو مري ويو، انهيءَ عرصي ۾ انهيءَ هنر جو حال اصلي ڦري ٻيو ٿي ويو. هن پنهنجيءَ همت، قابليت ۽ تيز طبعيءَ جي زور سان، انهيءَ ڌنڌي جو نئون ۽ پڪو بنياد وڌو. جيئن سندس قبر تي اُڪري ڇڏيو هئائون، تيئن برابر هو ته ”هن هڪڙي ڪين جهڙي ڄٽڪي ڌنڌي کي ڦيرائي، هڪڙو خوشنما هنر ۽ ڪمائتو قومي واپار ڪري وڌو“. ’جوشياويج ووڊ‘ انهن محنتي ۽ اڻورچ ماڻهن مان هو، جي عام ماڻهن جي درجي مان پيدا ٿيندا آهن، ۽ پوءِ، پنهنجيءَ همت ۽ لياقت سان، نه رڳو پورهئي ڪندڙن کي هنري رستا ۽ محنت جون عادتون سيکاريندا آهن، پر پاڻ اهڙو ڪشالو ۽ اُدم ڪندا آهن، جن کي ڏسي چوڌاري ٻيا به چالاڪ ۽ محنتي ٿيندا آهن. انهيءَ طرح، هو پنهنجيءَ ساريءَ قوم جي لياقت ۽ چال سڌاري ڇڏيندا آهن. ’آرڪ رائيٽ‘ وانگي، هو به پنهنجي پيءُ- ماءُ جي تيرهن ٻارن مان سڀ کان ننڍو هو. هن جو ڏاڏو، ۽ ڏاڏس جو ڀاءُ- ٻئي ڪنڀر هئا؛ سندس پيءُ به ڪنڀر هو. هيءُ اڃا ننڍو ٻار هو، ته پڻس ويهن پائونڊن جو ورثو ڇڏي مري ويو. هو هڪڙي ننڍي ڳوٺ جي مڪتب ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو هو؛ پر پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن کي اتان اُٺاري آڻي سندس وڏي ڀاءُ جي مختصر ڪنڀارڪي ڪارخاني ۾ رکيائون، جتي هو مٽيءَ اُڇلائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ هنڌ، يارهن ورهين جي ڄمار ۾، هن پنهنجي گذران لاءِ ڪمائي شروع ڪئي. انهيءَ بابت هو پاڻ لکي ٿو ته ”آءٌ ڏاڪڻ جي اصل سڀ کان هيٺئين ڏاڪي کان ٿي چڙهڻ لڳس“. سگهوئي پوءِ، هن کي ماتا جو اهڙو سخت اثر اچي ٿيو، ۽ ان ۾ ايتري تڪليف سٺي، جو سڄي حياتي هو انهيءَ کان پئي ڪڙهيو؛ ڇا لاءِ جو ماتا کان ڇٽڻ کان پوءِ هن کي سڄي گوڏي ۾ ڪو مرض ٿيو، جو تڪڙو تڪڙو وارا ڏيو پيو ٿيندو هوس، ۽ نيٺ ڪن ورهين کان پوءِ، جڏهن گوڏي وٽان ٽنگ ڪپايائين، تڏهن آرام آيس. ’گلئڊسٽن‘ صاحب، برسليم ۾، ’ويج ووڊ‘ بابت جيڪا تقرير ڪئي، تنهن ۾ هن چڱيءَ طرح ڏيکاريو ته جنهن مرض ۾ هو هلاڪ هو، نيٺ سوئي شايد هن جي قابليت ۽ هوشياريءَ جو سبب ٿيو: هن چيو ته ”انهيءَ مرض ڪري هو چست ۽ چالاڪ ڪنڀر نه ٿي سگهيو، جيئن اڪثر انگلنڊ جو ڪاسبي ٿيندو آهي، جنهن جا سڀ عضوا سلامت هوندا آهن ۽ هو انهن کي چڱيءَ طرح هلائي سگهندو آهي؛ پر، انهيءَ مرض ڪري، هن کي دل ۾ آيو ته جڏهن هاڻ آءٌ اهڙو چالاڪ ڪنڀر نٿو ٿي سگهان، تڏهن ڇونه اهڙو ڪو ٻيو ڪم ڪريان، جنهن ڪري اُنهيءَ کان به بهتر ماڻهو ٿي پوان: انهيءَ ڪري، هو دل ۾ پهه پچائڻ ۽ ويچار ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي هنر جي مخفي خاصيتن ۽ قانونن تي خيال ڪرڻ لڳو. انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو، جو هن کي اُنهن ڳجهين ڳالهين جي اهڙي خبر پيئي، ۽ هو پنهنجي هنر ۾ اهڙو قابل ٿيو، جو جيڪر قديم يونان جي ’اٿينس‘ شهر جو ڪاريگر به هن تي رشڪ آڻي ها. پر جي انهيءَ کان بهتر نه هو، ته انهيءَ جو مَٽ ته بيشڪ هو.

جڏهين ’جوشيا‘ پنهنجي ڀاءُ وٽ ڳچ ڏينهن تائين شاگرد ٿي ڪم ڪري نيٺ قابل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻئي ڪاريگر سان وڃي ڀائيوار ٿيو، ۽ ان سان گڏ ڪپن جي ڳنن، پيتين ۽ ٻين ڪيترين گهر جي ڪم لاءِ شين جوڙڻ جو مختصر ڌنڌو هلايائين. سگهوئي وري وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان ڀائيوار ٿيو، ۽ گدرن کائڻ جون رڪابيون، ڪچي ميوي جي آچار رکڻ جون پنن جي صورت جون رڪابيون، شمعدان ۽ ناس جون دٻليون، ۽ اهڙيون ٻيون شيون جوڙڻ لڳو؛ پر انهيءَ مان هن کي ڪو گهڻو فائدو نٿي ٿيو، جيسين ڪ هو، 1799ع ۾، ’برسليم‘ شهر ۾ پنهنجي منهن ڌار ڪم ڪرڻ لڳو. اُتي هو ڏاڍي محنت ۽ ڪشالي سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو. نئين نئين نموني جون شيون جوڙڻ لڳو، ۽ ٿورو ٿورو ڪري پنهنجو ڌنڌو وڌائيندو ويو. هن جو خاص مطلب اهو هو ته اُنهن ڏينهن ۾ جو ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ ميرانجهڙي رنگ جا ٿانو جڙندا هئا، اُنهن جهڙا ڪوشش ڪري جوڙيان، ليڪن شڪل ۽ رنگ، اوجر ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اُنهن کان وڌيڪ هجن. انهيءَ ڪم کي پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ، هن پنهنجو فراغت جو وقت ڪيميا جي علم پڙهڻ ۾ لڳايو، ۽ پگهارڻ ۽ اجارڻ جي ڪم جا، مٽيءَ جي ڪيترن قسمن تي، بيشمار آزمودا ڪرڻ لڳو. هو گهڻي ڌيان، پوريءَ چڪاس ۽ جانچ ڪرڻ وارو ماڻهو هو، تنهن تجربي سان معلوم ڪيو ته هڪڙي قسم جي مٽي، جنهن ۾ ’سليڪا‘ نالي شي جو جزو آهي، سا سُڪي ٺوٺ ٿيڻ کان اڳي ڪاري ٿي ٿئي، مگر کوري ۾ باهه جي ڏاڍي تَو کان پوءِ اڇي ٿيو پوي. انهيءَ ڳالهه تي جڏهن هن گهڻو ڌيان ڏنو ۽ ويچار ڪيو، تڏهن هن کي خيال ۾ آيو ته جي ’سليڪا‘ کي ڪنڀرن واري ڳاڙهي آٽي سان گڏي باهه ۾ وجهبو ته هڪڙي اڇي رنگ جي شي ٿي پوندي. انهيءَ شي تي باقي فقط شيشي جهڙو چمڪندڙ اوجر چڙهڻو هو- پوءِ انهيءَ مان اهڙي هڪڙي ڪمائتي چيز جڙي پيئي، جا مٽيءَ جي هنر سان اڳي ڪڏهن نه جڙي هئي؛ ۽ جا پوءِ انگريزي چينيءَ جي نالي سان مشهور ٿيڻي هئي، ۽ واپارين وٽ وڏي قدر ۽ گهڻي ڪم جي شمار ٿيڻي هئي.

ڳچ وقت تائين ته ’ويج ووڊ‘ کي کورن جي ڪري ڏاڍي تڪليف ۽ هلاڪي پهتي- پر ايتري نه، جيتري ’پالسي‘ کي پهتي هئي. اهي مشڪلاتون هن ساڳيءَ طرح، وري وري تجربن ڪرڻ ۽ اڻورچ ٿي ڪم کي لڳڻ سان، پاسي ڪيون. طعام رکڻ جي چينيءَ جوڙڻ لاءِ شروع ۾ جي هن هڪٻئي پٺيان ڪوششون ڪيون، تن مان ڪي ڪين ٿي حاصل ٿيو؛ اٽلندو نقصان پئي پهتس، ۽ اڪثر ڪري مهينن جو پورهيو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ برباد ٿيو پئي ويس. هن جا گهڻا تجربا ڪيا، جن ۾ هن پنهنجو وقت ناڻو ۽ پورهيو وڃايو؛ تنهن کان پوءِ مس هن کي پورو اوجر هٿ لڳو. نيٺ هو، تحمل ۽ اورچائيءَ ڪري، فتحياب ٿيو ۽ اٽڪي نه رهيو. هن کي ڪنڀارڪي ڪم سڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ هڪ گهڙي به هن جي دل تان اهو خيال نٿي لٿو. جن ڏينهن ۾ هو سڀ مشڪلاتون ڪاٽي مٿي چڙهيو هو، آسائش ۽ سک ۾ رهندو هو، ۽ پنهنجي ملڪ توڙي ٻين ملڪن لاءِ پٿر جو اڇو سامان ۽ ميرانجهڙي رنگ جا ٿانو جوڙيندڙ هو، انهن ڏينهن ۾ به هو پنهنجن ڪارخانن کي ويو سڌاريندو- تان جو، هن کي ڏسي، هر ڪنهن طرف انهيءَ ضلعي جي ماڻهن ۾ ساڳيوئي شوق پيدا ٿيو، ۽ آخر انگلنڊ جي ڪارخانن مان هڪڙو ڪارخانو تمام پڪي بنياد تي قائم ٿي ويو. هن کي سدائين اها طمع هوندي هئي ته پنهنجي هنر کي سڌاري ڪماليت کي پهچايان. هو چوندو هو ته ”ڪهڙي به سادي شي جوڙي هنر جو مان گهٽ ڪجي، تنهن کان بهتر آهي ته ڪا شي نه جوڙجي.“

’ويج ووڊ‘ کي گهڻن وڏن ۽ زور وارن ماڻهن دليؤن جانؤن واهر ڏني. هو سچائيءَ ۽ ايمان سان ڪم ڪندو هو، تنهنڪري ٻيا سچا ۽ ايماندار ماڻهو هن کي خوشيءَ سان مدد ڏيندا هئا، ۽ همتائيندا هئا. راڻيءَ ’شارلٽ‘ جي لاءِ هن پهريائين انگريزي چينيءَ مان تمام عمدا کاڌي جا ٿانو جوڙيا. انهيءَ قسم جي ٿانون کي پوءِ ”راڻيءَ جي چيني“ جو نالو پئجي ويو، ۽ هو ’بادشاهي ڪنڀر‘ مقرر ٿيو. اهو خطاب اهڙو عزت وارو هو، جو هن کي ’بئرن‘ يا بهادريءَ ۽ اميريءَ جي خطاب کان به واڌو پسند ٿي آيو. هن کي تمام قيمتي چينيءَ جا نمونا، سٿن جا سٿا، ڏيو ٿي ڇڏيائون ته انهن کي ڏسي ٻيا جوڙي. اهو ڪم هن ڏاڍيءَ هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ٿي ڪيو. ’سر وليم هئملٽن‘ هن کي ’هرڪيوليم‘ مان قديم زماني جا نمونا آڻي ڏنا هئا. انهن کي ڏسي، هن نهايت سهڻا ۽ پورا ٿانو جوڙي ڏنا. هڪڙي ڀيري ’باربريني‘ جو هڪ گلدان ٿي وڪاڻو، تنهن جي لاءِ هن پورٽ لئنڊ جي ڊيُوڪ جي زال کان به وڌيڪ واڪ ڏنو. هن انهيءَ لاءِ سترهن سؤ گنيون ٿي ڏنيون، پر ڊيوڪ جي زال ارڙهن سؤ گنيون ڏيئي، اها رڪابي هٿ ڪئي. راڻيءَ کي جڏهن ’ويج ووڊ‘ جي مطلب جي خبر پيئي. تڏهن مهرباني ڪري اهو گلدان کيس نموني جي لاءِ اڌارو ڏنائين. انهيءَ کي ڏسي هن، پنجويهه هزار پائونڊ خرچ ڪري، پنجاهه گلدان جوڙيا؛ پر انهن جي وڪري مان ايترا به پيسا نه نڪتا. مگر، هن جي من جي مدعا پوري ٿي، جا اها هئي ته ثابت ڪري ڏيکاريان ته جيڪو به ڪم اڳي ڪنهن ڪيو آهي، اهڙو ساڳيو انگريز ماڻهو پنهنجيءَ همت ۽ هنرمنديءَ سان ڪري سگهندو، ۽ ڪري ڏيکاريندو.

’ويج ووڊ‘ پنهنجي هنر هلائڻ لاءِ ڪيمياگر واري ڪوٺاري، قديم شين جي عالم واري علميت، ۽ اُستاد ڪاريگر واري هنرمندي ڪم ۾ آندي. اڃا ننڍو هو ته هن ’فئلڪسمن‘، مشهور ڪاريگر، جو ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو. جيئن اُن جي مطالعي مان هو قابليت حاصل ڪندو ويو، تيئن انهيءَ منجهان مٽيءَ ۽ چينيءَ جي سامان جوڙڻ لاءِ ڪيترائي سهڻا نمونا ۽ نقش چونڊي ڪڍندو ويو، ۽ پنهنجي هنر جي زور سان انهن کي ڦيرائي عمدا ۽ ڊولائتا ٽول ڪندو ويو. انهيءَ طرح هو، انهن جي وسيلي، ماڻهن ۾ قديم زماني جو هنر پکيڙيندو ويو. ڌيان ڏيئي آزمودي ۽ اڀياس ڪرڻ سان هن کي اهڙي قابليت حاصل ٿي، جو مٽيءَ يا چينيءَ جي گلدستن ۽ اهڙين ٻين شين تي نقش ڪڍڻ جو هنر هن ورائي ڳولي ڪڍيو، جو اڳئين زماني ۾ ’ايٽرسڪن‘ ماڻهو ڪم آڻيندا هئا، پر جو ’پاٽني‘ جي وقت کان پوءِ گم ٿي ويو هو. هن طبعي ۽ عقلي علم وڌائڻ ۾ گهڻي مدد ڏني؛ ۽ هڪڙو اوزار ’بئراميٽر‘ (يعني ’مقياس النّار‘ يا باهه ماپڻ جو اوزار) جوڙيائين، جو اڃا تائين سندس نالي سان سڏبو آهي. هو عام فائدي جي سڀني رٿن ۽ ڪمن ۾ دل و جان سان مدد ڏيندو هو. ’ٽرينٽ‘ ۽ ’مرسي‘ ندين واري نهر- جنهن جي ڪري گريٽ برٽن جي ٻيٽ جي اُڀرندي ۽ اُلهندي پاسن جي وچ ۾ جهازن جي آمد رفت جو رستو جاري ٿيو- خاص ’ويج ووڊ‘ جي ڪوشش ۽ عام خيرخواهيءَ، ۽ ’برنڊلي‘ جي انجنيئريءَ، هنر ۽ اُستاديءَ سان جڙي راس ٿي: انهيءَ ضلعي جون سڙڪون خراب حالت ۾ هونديون هيون، تنهن ڪري هن رٿ ڪري ڏهه ميل ڊگهو هڪڙو ڦاٽڪن وارو رستو جوڙيو، جو سندس ڪنڀارڪن ڪارخانن مان لنگهي ٿي ويو. هن اهڙو نالو ڪڍيو جو ’برسليم‘ ۾ توڙي ’ايٽروريا‘ ۾ جي ڪارخانا پوءِ هن جوڙيا ۽ جاري ڪيا، تن جي ڏسڻ لاءِ يورپ جي سڀني ڀاڱن مان سکر سکر ماڻهو ڪڏ ڪري ايندا هئا. ’ويج ووڊ‘ جي محنت ۽ ڪشالي مان نتيجو اهو نڪتو ته ڪنڀارڪو ڌنڌو، جو پهريائين تمام خراب ۽ ساديءَ حالت ۾ هو، سو انگلنڊ جي وڏن ۽ مکيه ڌنڌن مان هڪڙو ٿي پيو: اڳي جو ٻين ملڪن مان اُتي جو گهرو ڪمن لاءِ گهربل سامان آڻبو هو، تنهن جي بدران هينئر پاڻ گهڻو مال ٻاهر وڃڻ لڳو؛ ۽ جيتوڻيڪ انگريزي ڪارخانن وارين شين تي ٻين ملڪن ۾ قهر جا محصول به ٻڌل هوندا هئا. انهيءَ لاءِ ته انهن کي ڪا روڪ ٿئي- تڏهن به مٽيءَ جو سامان جام ٻاهر پيو ويندو هو. ’ويج ووڊ‘ پنهنجي ڪم جاري ڪرڻ کان ٽيهه ورهيه پوءِ، سنه 1885ع ۾، پارليامينٽ جي اڳيان پنهنجن ڪارخانن بابت شاهدي ڏني، جنهن مان معلوم ٿيو ته اڳي جو ڪن ٿورن اڻڄاڻ پورهيتن کي ڪڏهن ڪڏهن نالي جي مزوري ملندي هئي، تنهن جي بدران هاڻي ويهه هزار پورهئي ڪندڙ ماڻهو مٽيءَ جي ٿانون واري ڪارخاني مان خلاصو پيٽ پاريندا هئا. انهيءَ کان سواءِ، گهڻائي ماڻهو انهيءَ ڪارخاني جي لاءِ اڱرن جي کاڻين کوٽڻ ۽ سڪيءَ ۽ پاڻيءَ جي رستي واپار هلائڻ ۾ مشغول هئا. ملڪ جي گهڻن ڀاڱن ۾، ڪيترين ئي طرحن سان پورهيو ۽ ڪمائي وڌي ويئي هئي. اگرچ ’ويج ووڊ‘ جي ڏينهن ۾ هيترو سڀ سڌارو ٿيو، تڏهن به هن جي راءِ هئي ته اڃا اهو ڌنڌو صغيريءَ جي حالت ۾ آهي، ۽ اهي جيڪي سڌارا هن ڪيا هئا، سي گريٽ برٽن جي ملڪي فائدن ۽ طبيعي سهوليتن جي نظر تي، توڙي ڪارخاني وارن ۽ ڪاريگرن جي سخت محنت ۽ وڌندڙ قابليت جي وسيلي سان، جيتري سڌاري ٿيڻ جو امڪان هو، تنهن جي نسبت ڪي ڪين هئا. انهيءَ راءِ جي سچائيءَ جي ثابتي اها آهي، ته اُنهن ڏينهن کان وٺي هن ڪمائتي ڌنڌي ۾ گهڻو سڌارو ٿيندو آيو آهي. سنه 1852ع ۾، سڄا اٺ ڪروڙ چار لک مٽيءَ يا چينيءَ جا ٿانو وغيره انگلنڊ مان ٻين ملڪن ڏي وڪري لاءِ موڪليا ويا؛ تنهن کان سواءِ ٻيو ايترو سامان جڙيو، جو ملڪ جي اندر کتو. پر رڳو سامان جي گهڻائيءَ ۽ قيمت تي ڌيان ڏيڻو ناهي: جي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ لڳل هئا، تن جي حالت گهڻي سڌري ويئي، اها ڳالهه تحسين جهڙي آهي. جڏهن ’ويج ووڊ‘ پهريندي پنهنجو ڪم شروع ڪيو، تڏهن ’اسٽئفرڊشائر‘ جو ضلعو اڌ سڌريل حالت ۾ هو. ماڻهو ٿورا ڪنگال ۽ اڻ پڙهيل ڄٽ هئا. جڏهن ’ويج ووڊ‘ جو ڪارخانو پڪيءَ طرح جاري ٿيو، تڏهن اڳي کان ٽيڻا ماڻهو وڌي ويا، جن کي پورهيو به ججهو لڳو، ۽ ڪمائي به چڱي ٿي ملي؛ ۽ جهڙي سندن ظاهري دنيائي حالت سڌري ويئي، تهڙي سندن باطني اخلاقي حالت به سڌري ويئي هئي.

اهڙن شخصن کي، سڌريل ملڪ ۽ زماني ۾، محنت جي پهلوانن يا جوانمردن جو لقب ڏيڻ هر طرح مناسب آهي. تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي مهل هنن جو صبر ۽ تحمل، ۽ چڱن ڪمن جي پٺيان هنن جي همت ۽ جانفشاني، اهڙي پهلواني ۽ جوانمردي آهي، جهڙي خشڪي ۽ دريائي لشڪر جي سپاهيءَ جي بهادري ۽ جان نثاري- جن جو اهو فرض ۽ فخر آهي ته جيڪي هي محنت جا مهندار همت ۽ ڪشالو ڪري جوڙين، سو هو بهادريءَ سان بچائين ۽ سنڀالين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org